سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1968ع

مضمون:

صفحو :11

ماريا- بي بيءَ کي ڇا ٿيو آهي سائين؟

نڪولاس- ڪجهه به نه، تون هن وٽ ويهه ... آءٌ ٿورو ٻاهران ٿي ٿو اچان.

ماريا- چڱو سائين.

نڪولاس- مون کي هي محل هڪدم ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ايلزبيٿ کي هوا بدلائڻ جي ضرورت آهي- ڇو نه اسين ڪجهه ڏينهن فرانس برنارڊ وٽ وڃون- ۽ پوءِ ڪٿي ٻئي هنڌ گهر ڪري وڃي رهون. (وقفو)

ماريا- جناب، بي بي جاڳي آهي.

نڪولاس- اڇا اڇا، مان اچان پيو. (قدمن جو آواز) ايلزبيٿ! هاڻ ٺيڪ آهين نه!

ايلزبيٿ - اوهو، نڪولاس ...

نڪولاس- پاڻ پهرين هليا هلنداسين. ڊاڪٽر چارلس کي به گڏ وٺي هلنداسين. بس هاڻ پاڻ هن محل ۾ ڪونه رهنداسين.

نڪولاس- چارلس! آءٌ ڀانيان ٿو ته سفر ڏاڍو خوشگوار گذرندو.

چارلس- اهو ته پاڻ تي منحصر آهي ته خوشگوار ڪري گذاريون، يا ناخوشگوار ڪري. سفر ته بهرحال سفر آهي.

نڪولاس- هلڻ جو وقت اچي ويو آهي. سامان گاڏيءَ ۾ رکجي چڪو آهي. بس چانهه پي وٺو ته هلون. (رڙ جو آواز مسلسل).

چارلس- نڪولاس! هي ڇا آهي؟

نڪولاس- خدايا، خدايا، (ڊوڙڻ جو آواز) اُف هيءَ رڙ ڪٿان آئي... اوهه... ڊاڪٽر منهنجي پٺيان اچ- ايلزبيٿ.

چارلس- ايلزبيٿ ته پنهنجي ڪمري ۾ هئي نه!

نڪولاس- تون منهنجي پٺيان اچ ڊاڪٽر، (ڏاڪڻ لهڻ جو آواز)اُف هي در کليو پيو آهي!

ڊاڪٽر- اوهه! تون مون کي ڪٿي وٺي آيو آهين؟

نڪولاس- اوهه، هوءَ ڪيڏانهن وئي. منهنجا خدا!

ڊاڪٽر- هي عذاب خانو ڇا جو آهي نڪولاس؟ نڪولاس، منهنجو دم ٿو گهٽجي.

نڪولاس- ايلزبيٿ تون ڪٿي آهين؟ اڙي هيءَ لوهي پيتي بند ڪيئن ٿي وئي، ڊاڪٽر هيءَ  پيتي کولاءِ جلدي ڪر، هيءَ پيتي کولاءِ...( انهيءَ جي زور جو آواز).

نڪولاس- ايلزبيٿ! اوهه منهنجا خدا...

ڊاڪٽر- اُف هي آءٌ ڇا ڏسي رهيو آهيان، هن کي ٻاهر ڪڍ.

نڪولاس- مون کي مدد ڪر ڊاڪٽر... ايلز بيٿ؟

ايلزبيٿ- (سرگوشي ڪندي) نواب، نواب، نواب...

نڪولاس- اُف... تون مون کي اڪيلو ڇڏي وئينءَ! اوهه! شيطان! تنهنجو جادو هن کي کائي ويو!

ڊاڪٽر- هوش ڪر نڪولاس، ته لاش مٿي کڻي هلون.

نڪولاس- هوءَ مري وئي ۽ آءٌ هن کي پنهنجين ٻانهن ۾ کڻي مٿي آيو هوس. هنن ٻانهن ۾...

نڪولاس- توهان ٻڌو مسٽر برنارڊ! اهو آهي راز جيڪو مون راز رکڻ ٿي چاهيو، پر مجبور ٿي ظاهر ڪرڻو پيو. هن کي منهنجي پيءُ جي شيطاني عذاب ختم ڪري ڇڏيو. هوءَ ان پيتيءَ ۾ پورجي وئي هئي ۽ آخر ڊپ کان سندس دل بيهي رهي، ايلزبيٿ جي دل بيهي رهي...

فرانس- (پنهنجي مُنهن) انهيءَ جو مطلب هي ٿيو ته منهنجو شڪ غلط هو. ايلزبيٿ پنهنجي موت مئي آهي.

نڪولاس- آهه نڪولاس، ڪيترو نه ڏک آهي ويچاري کي، مون کي افسوس ٿو ٿئي ته مون هن تي خواهمخواهه شڪ ڪيو. ويچاري کي ڪيترو نه پيار هو ايلزبيٿ سان، نه ته امير ماڻهو هو! جي چاهي ها ته چئي ڇڏين ها، وڃ ميان وڃ، هتي ڪا به ايلزبيٿ ڪانهي. ويچاري ايلزبيٿ جهٽ ٿي ويئي. هن منحوس محل جي نحوست آخر سندس زندگي ورتي. پر آخر مون کي خبر ڇو نه ڪئي وئي؟ جي نڪولاس پريشان هو ته ڊاڪٽر ۽ ڪيٿرئن جو فرض هو ته مون کي خبر ڪن ها! ۽ جي مون کي شروع ۾ سموري ڳالهه ٻڌائين به ها، ڇا ٿئي ها! بهرحال سڀاڻي مون کي واپس وڃڻ کپي. منهنجو سڄو ڪاروبار هيٺ مٿي ٿيو پيو آهي- هاءِ، هوا ڪهڙي نه ٿڌي ۽ فرحت بخش آهي، ويچاري اينا کي منهنجو انتظار هوندو. رابرٽ به ته منجهندو هوندو. (در جي چرچراهٽ جو آواز).

ڪيٿرئن- ماسٽر برنارڊ!

فرانس- ڪير! اوهين! ڪيٿرئن، معاف ڪجو. مون اوهان کي ڏٺو ڪونه.

ڪيٿرئن- مان آهيان، ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏا پيا آهيو؟

فرانس- ائين ئي وطن پئي ياد آيو.

ڪيٿرئن- آءٌ اوهان جي اجازت کانسواءِ اندر آئي آهيان، اميد آهي ته اوهين دل ۾ نه ڪندؤ!

فرانس- ڪا ڳالهه نه آهي، اوهان جو پنهنجو گهر آهي، ويهو، - پر اوهان هيڏيءَ م هل، آڌيءَ رات جو ڪيئن تڪليف ڪئي؟

ڪيٿرئين- آءٌ،... آءٌ...

فرانس- گهٻرايو نه، خير اوهان جو ڀاءُ نواب ڪيئن آهي؟

ڪيٿرئن- هينئر بهتر آهي. ڊاڪٽر چارلس گڏ آهيس... آءٌ...آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ آئي آهيان ته نڪولاس اوهان کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو، اهو سچ هو، بلڪل سچ!

فرانس- واقعي اهو سچ هو؟

ڪيٿرئن- ها بلڪل سچ.

فرانس- ته پوءِ هُن پهرين اهو ڇو نه ٻڌايو؟

ڪيٿرئن- صرف ان ڪري جو هُن اوهان کي ڏکوئڻ نٿي چاهيو. يقين ڪريو هو تمام سٺو ماڻهو آهي، هُن کي اوهان جي ڀيڻ سان بيحد پيار هو.

فرانس- مون کي پاڻ هن جي ڳالهين تي اعتبار آهي، مون تي اعتبار ڪريو آءٌ پاڻ هُن تي اعتبار ڪرڻ ٿو چاهيان. پر الاجي ڇو دل کي اطمينان نٿو اچي. الائي ڇو مون کي هن محل جي ذري ذري کان خوف ٿو اچي ۽ منهنجو ڀاءُ مون کي عجيب قسم جوماڻهو پيو لڳي!

ڪيٿرئن- عجيب قسم جو ته هو واقعي آهي.

منهنجي پيءُ جي يادگيري ئي منهنجي ڀاءُ جهڙي جذباتي انسان کي مارڻ لاءِ ڪافي آهي، ۽ هاڻ ته وري سندس پياري زال به انهيءَ آسيب جي نذر ٿي وئي آهي. اوهين ٿورو غور ڪريو مسٽر برنارڊ، آءٌ اوهان کي ڪيئن ٻڌايان... منهنجي التجا آهي ته اوهين هن تي اعتبار ڪريو.

فرانس- آءٌ هن تي اعتبار ڪريان ٿو، ڪيٿرئن. تنهنجو چوڻ ئي مون لاءِ ڪافي آهي، مون کي تو تي ڀروسو آهي.

ڪيٿرئن- مسٽر فرانس.

فرانس- چئو...

ڪيٿرئن- اوهه فرانس، مون کي اوهان جي ڀيڻ جي مرڻ جو دلي افسوس آهي!

فرانس- وڃين ڪيڏانهن پئي ...!

ڪيٿرئن- بس توهين آرام ڪريو...توهان کي آرام جي ضرورت آهي.

(در بند ٿيڻ جو آواز)

(موسيقيءَ جو آواز ۽ اوٻاسيءَ جو آواز)

فرانس- اوهه! اڃا ته رات پئي آهي. چنڊ لهي ويو آهي. هي موسيقيءَ جو آواز ڪٿان پيو اچي! ڪير وڄائيندو هوندو. هن وقت آڌيءَ رات جو اهڙو ڪهڙو جنوني آهي. هي وقت ته شريف ماڻهن جي ننڊ ڪرڻ جو وقت آهي. هن محل جي ته هر ڳالهه پراسرار آهي. (اٿي هلڻ جو آواز ۽ در کلڻ جو ۽ موسيقي ڪي قدر تيز ٿيڻ جو آواز خبر نٿي پوي ته هي آهي ڇا؟- (ڊپ جي هلڪي رڙ) ڪڪ ڪير! ڪير آهي؟

ڪيٿرئن- تون ڪير آهين؟

فرانس- آءٌ- آءٌ  آهيان. هي ساز ڪير پيو وڄائي.

ڪيٿرئن- ترس...

(در جي چرچر جو آواز)

ڪيٿرئن- اوهه ڊاڪٽر توهين!

ڊاڪٽر- نڪولاس ڪٿي آهي؟

ڪيٿرئن- هو پنهنجي ڪمري ۾ به ڪونهي.

فرانس- پر جي نواب ساز پيو وڄائي ته انهيءَ ۾ آخر حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي.

ڪيٿرئن- هن اڄ تائين ڪڏهن به ڪجهه وڄايو ڪينهي. اچو هيٺ اچو...

(ڏاڪڻ لهڻ جو ۽ موسيقي بند ٿيڻ جو آواز)

(در جو آواز)

ڊاڪٽر- ڪير! ڪير؟ تون ڪير آهين؟

ماريا- آءٌ آهيان ماريا! مون موسيقي ٻڌي ۽ ڊپ کان هيڏانهن هلي آئي آهيان.

ڊاڪٽر- تون ڊپ نه ڪر. پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر.

(قدمن جو آواز)

ڪيٿرئن- (سرگوشي) نڪولاس!

نڪولاس- (پنهنجي منهن) ها، هوءَ ايلزبيٿ هئي.

ڊاڪٽر- تو ڏٺو هو ڇا؟

نڪولاس- اونهون. نه، مون هن کي ڏٺو ته ڪونه، پر اها وڄت هُن جي ئي آهي. آءٌ هت هن جو ڇهاءُ پيو محسوس ڪريان. مون کي ائين پيو لڳي ڄڻ هوءَ اجهو هاڻ هتان لنگهي وئي آهي، گلن جو واس اڃا تائين هن ڪمري مان پيو اچي. اها هُن جي خاص مهڪ آهي.

ڊاڪٽر- هتي ٻيو ڪو در ته ڪونهي؟

نڪولاس- اونهون- اوهه! هي ڏس، هي ڏسو ايلزبيٿ جي منڊي! مون ڪونه ٿي چيو؟ هي ڏس- منهنجي ايلزبيٿ جي منڊي!

ڊاڪٽر- نڪولاس، ٻانهن ڏي، توکي مٿي هلي سمهاريان.

(هلڻ جو آواز- هاڻ سمهي رهو)

نڪولاس- هوءَ آئي هئي، توهان ٻڌو، هوءَ آئي هئي...

ڊاڪٽر- تون سمهي رهه، اهو تنهنجو وهم آهي. آرام ڪر- هي دوا جو وزن پي- سڀاڻي تون ٺيڪ ٿي ويندين.

(دوا پيئڻ جو آواز)

ڊاڪٽر- هاڻ هن کي ننڊ اچي ويندي. توهين هلو، آءٌ اوستائين هتي هوندس، جيستائين دوا جو اثر ٿئيس.

فرانس- خدا حافظ- ايلزبيٿ! ڊاڪٽر- خدا حافظ.

(در بند ڪري هلڻ جو آواز)

فرانس- (پنهنجي منهن) يا خدا! هي ڪهڙي ڀوت خاني ۾ اچي ويو آهيان. مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ منڊي- ايلزبيٿ جي منڊي- واقعي هيءَ ايلزبيٿ جي منڊي آهي؟

ڪيٿرئن- ها! اها هن جي ئي منڊي آهي؟

(در آهستي بند ڪرڻ جو آواز)

ڊاڪٽر- هاڻ هو صبح توڻين ستو پيو هوندو.

ڪيٿرئن- پر توهان کي هتي رهڻو پوندو.

ڊاڪٽر- ها ها ضرور- آئون صبح توڻين هتي رهندس.

ڪيٿرئن- ڏسو ڊاڪٽر! هيءَ ايلزبيٿ جي منڊي آهي نه!

ڊاڪٽر- سو فيصدي ايلزبيٿ جي.

ڪيٿرئن- ۽ هيءَ اُن وقت به سندس آڱر ۾ هئي، جنهن مهل...

ڊاڪٽر- ها ها- اُن وقت به هن جي آڱرين ۾ هئي- خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي. آئون ڀانيان ٿو ته هاڻ توهان کي ٻڌائڻ کي بهتر ٿيندو.

فرانس- ڇا: اڃا باقي ڪجهه رهيو آهي؟ ڊاڪٽر! جلدي ٻڌايو اوهين ڇا ٿا ٻڌائڻ گهرو؟

ڊاڪٽر- هتي نه، اوهان جي ڪمري ۾ هلون.

فرانس- هلو هلو- اتي ئي هلو.

(قدمن جو آواز- در کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو آواز)

ڊاڪٽر-هينئر هاڻ آءٌ جيڪي ڪجهه توهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، ان جي خبر هن دنيا ۾ يا ته مون کي آهي يا نڪولاس کي.

فرانس-جلدي ٻڌايو، ڊاڪٽر، جلدي ڪريو.

ڊاڪٽر- نڪولاس جو خيال آهي ته ايلزبيٿ کي مرڻ کان اڳ ئي مقبري ۾ پوريو ويو هو.

فرانس- (رڙ ڪري) ڇا ڇا ! اوهان جو مطلب آهي ته...

ڊاڪٽر- مسٽر بارنارڊ، مون اوهان کي اڳ ئي ٻڌايو آهي ته هوءَ بلڪل مري چڪي هئي. آخر آءٌ به ڊاڪٽر آهيان.

فرانس- ته پوءِ آخر ڇو؟

ڊاڪٽر- نڪولاس کي اهو اعتبار ان ڪري نٿو اچي جو اڄ کان ڪئين سال اڳ سندس ماءُ سان به ساڳوڻي حالت ٿي هئي.

ڪيٿرئن- ها، پر هن کي ته ماريو ويو هو.

ڊاڪٽر- ڇا؟ توکي ته غلط ٻڌايو ويو هو. توهان جي ماءُ کي عذاب ته ضرور ڏنا ويا هئا پر هوءَ مئي نه هئي، هاڻ سمجهيؤ؟

ڪيٿرئن- ڇا مطلب!

ڊاڪٽر- تنهنجي ماءُ کي جيئري ئي دفن ڪرايو ويو هو.

ڪيٿرئن- ڇا؟ نه نه ائين ته نه ٿيو هوندو. ائين بلڪ نه ٿيو هوندو.

(سڏڪن جو آواز)

ڊاڪٽر- ها! ۽ انهيءَ واقعي کانپوءِ اها ڳالهه تنهنجي ڀاءُ جي ذهن تي نقش ٿي وئي هئي. تان جو وري هي واقع پيش آيو. هو انهيءَ ڳالهه کان ايترو ته متاثر هو جو توکي به نه ٻڌائي سگهيو- ۽ هاڻ ته مون کي خيال پيو ٿئي ته ڪٿي هن جو دماغ نه خراب ٿي وڃي. هو چوي ٿو ته کيس ايلزبيٿ جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. هوءَ بار بار کيس پڪاري ٿي- ۽ اڄ ته اوهان پاڻ ڏٺو.

ڪيٿرئن- اوهه منهنجا خدا- (سڏڪن جو آواز)

فرانس- پر ڊاڪٽر! موسيقي اوهان به ٻڌي، ڇا اها وسري ويو.

ڊاڪٽر- نه سائين اها مون کي ياد آهي- پر مون اوهان کي ٻڌايو نه ته اهو رڳو ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته ان ڳالهه کان رڳو آءٌ ۽ نڪولاس ئي واقف آهيون.

فرانس- آءٌ اوهان جو مطلب سمجهي نه سگهيو آهيان!

ڊاڪٽر- شايد نڪولاس جي انهيءَ خوف جي ڪنهن کي خبر پئجي وئي آهي ۽ هو ان طرح نڪولاس کي تنگ ڪري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو نوڪر هجي.

ڪيٿرئن- پر نوڪر ته سڀ ادا جا وفادار آهن؟

ڊاڪٽر- اها ته مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي.

ڪيٿرئن- مون کي پاڻ انهيءَ ڳالهه تي اعتبار اچي ٿو ته...

ڊاڪٽر- ته ڇا؟

ڪيٿرئن- ڪجهه به نه، مون ائين ئي چيو. آءٌ ٻي ڳالهه سوچي رهي هيس.

فرانس- ڊاڪٽر آءٌ اوهان کان ڪجهه پڇڻ ٿو گهران.

ڊاڪٽر- فرمايو، فرمايو.

فرانس- ڇا توهان اهو سچ ٿا چئو ته نڪولاس جو خوف اڳ ۾ ئي رٿيل اسڪيم نه آهي؟

ڊاڪٽر- مسٽر برنارڊ!اهو نه وساريو ته اوهان جي ڀيڻ مري چڪي هئي، جي ايلزبيٿ هن محل جي ورانڊي ۾ هلي پئي ته اهو هُن جو جسم نه بلڪ روح آهي.

فرانس- ڊاڪٽر! اوهان کي جنن ڀوتن ۾ اعتبار آهي؟

ڊاڪٽر- مسٽر برنارڊ مون اوهان جي ڳالهه ڪانه سمجهي.

 فرانس- منهنجو مطلب آهي ڀوت، ٻيءَ دنيا جا ماڻهو، بيچين روح، قيدي روح.

ڊاڪٽر- ڪيٿرئن، خدا حافظ مسٽر برنارڊ، صبح جو وري گڏ آهيون.

(در بند ٿيڻ جو آواز ۽ اوٻاسيءَ جو آواز)

(گهڙيال جا اٺ ڌڪ)

فرانس- اوهه اٺ وڄي ويا- (اٿڻ ۽ سامان ريڙهڻ جو آواز) مون کي جلدي ناشتي تي پهچڻ گهرجي. (در کولڻ جو آواز) هي ڪير آهن؟

ڪيٿرئن- مون کي خبر آهي ڊاڪٽر! ۽ مون کي چوڻ ته نه کپي پر- اُف منهنجا خدا آءٌ ڇا ڪريان! توهان کي ڪيئن ٻڌايان ته نڪولاس ايلزبيٿ کي بلڪل نه ڏٺو آهي.

ڊاڪٽر- آءٌ تنهنجي سموري ڳالهه سمجهان پيو ڪيٿرئن. اها فطري ڳالهه آهي، اهو تنهنجو پيار آهي جو سمجهي پيو ته نڪولاس ڪڏهن به اهڙي عورت سان ڪونه مليو هوندو، جنهن جو موت کيس پاڳل بنائي ڇڏي. پر توکي اها خبر ڪانهي ته هنن ۾ ڪيترو پيار هو. ڇا تون هن جي يادگيريءَ کان انڪار ٿي ڪرين؟ جذباتي نه ٿي، مون کي خبر آهي ته تون اهو چوڻ نٿي چاهين.

ڪيٿرئن- پر آءٌ اهو ئي ٿي چوڻ گهران. مون کي ايلزبيٿ ڪڏهن به ڪين وڻي.

ڊاڪٽر- آءٌ چونديس. مون کي ايلزبيٿ ۾ هميشه پراسراريت نظر آئي، پر مون کي ڪڏهن اها خبر ڪانه پئجي سگهي ته اها ڇا آهي، ڪجهه نه ڪجهه هو ضرور، ۽ جي هاڻي هن جو روح منهنجي ڀاءُ کي تنگ ٿو ڪري ته ان ۾ مون کي ڪو به تعجب ڪونه ٿو ٿئي.

ڊاڪٽر- مون کي خبر آهي، ڪيٿرئن!

فرانس- (ڪاوڙ ۾) ڪيٿرئن توکي ذاتي ڳالهين ڪرڻ وقت در بند رکڻ جو ضرور خيال رکڻ کپي.

ڪيٿرئن- ضرور ضرور، اهو اوهان جو رواج هوندو!

فرانس- اسان جو رواج آهي يا نه، باقي رات واري حالت کانپوءِ مون کي اسان جي ۽ اوهان جي رواجن جي وچ ۾ فرق جو پتو پئجي ويو- وقفو- آءٌ جنهن مهل کان هن محل ۾ گهڙيو آهيان، رڳو ڪوڙ ٻڌا اٿم. ڪوڙيون آنهون ۽ دانهون، ۽ رحم جون درخواستون، همدرديءَ لاءِ ٻاڏائڻ، سڀ ڪوڙ، ڪوڙ. (قدمن جو آواز).

ڪيٿرئن- مسٽر برنارڊ! (قدمن جو آواز) وقفو. مسٽر برنارڊ ...اوچتي چيخ زناني.

ڊاڪٽر- (قدمن جو آواز) ڇا آهي؟ ڇا آهي، ڪير هو، اهو آواز ڪٿان آيو؟

ڪيٿرئن- ايلزبيٿ جي ڪمري منجهان- هي ڪير آهي؟ ماريا، ماريا ڇو، تو رڙ ڇو ڪئي؟

ماريا- (رڳو سهڪڻ جو آواز).

ڪيٿرئن- ڇا آهي ماريا!

فرانس- ڪمري ۾ ته ڪير به ڪونهي.

ڊاڪٽر- ڇا ٿيو ماريا! ڇا ٿيو؟

ماريا- مون ... مون... هن جو آواز ٻڌو.

ڪيٿرئن- ڇا؟ آواز!

ماريا- ها! مون غاليچو صاف پئي ڪيو ته، ته هن مون کي سڏ ڪيو. مالڪڻ، منهنجي نالي سان، هن چيو: ماريا ڪمري مان نڪري وڃ! نڪري وڃ.

نڪولاس- (پري کان ايندي) اڄ کانپوءِ ان ڪمري ۾ ڪير به اندر نه گهڙي- ڪير به اندر نه وڃي، ڪير به اندر نه وڃي.

ڊاڪٽر- تون خيال نه ڪر مسٽر برنارڊ کي خبر آهي- ڪيٿرئن تون ڇوڪريءَ جو خيال رک، آءٌ نڪولاس جي پٺيان ٿو وڃان.

فرانس- جي اوهين به ڀاءُ جي پٺيان وڃڻ چاهيو ته وڃو. هن جو خيال آءٌ پاڻهي رکندس.

(در بني ٿيڻ جو آواز)

ڪيٿرئن- مهرباني. (قدمن جو آواز)

فرانس- آءٌ ماريا! مان توکي ڏاڪڻ تان لهڻ ۾ مدد ڏيان.

ماريا- سائين، منهنجو بدن اڃا تائين ڏڪي رهيو آهي.

فرانس- پنهنجو هٿ مون کي ڏي. شاباس، ٻيو قدم آهستي آهستي...

(آواز فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو)

(هلڪو هلڪو زنانو آواز) نڪولاس، نڪولاس هيڏانهن اچ نڪولاس، نڪولاس هيڏانهن اچ.

فرانس- هي ڪنهن جو آواز آهي. (اٿڻ ۽ در کولڻ جو آواز) اوهه نڪولاس جو ڪمرو کليو پيو آهي- ايلزبيٿ جو ڪمرو به کليو پيو آهي. (آواز) آءٌ اچان پيو ايلزبيٿ، منهنجي راڻي آءٌ اچان پيو.

(زنانو) نڪولاس... اچ نڪولاس... هليو اچ.

(آواز) اچان پيو- اچان پيو.

ڪيٿرئن-اوهه فرانس، منهنجو ڀاءُ ڪمري ۾ به ڪونهي. (ڊوڙڻ جو آواز) تون ڪيڏانهن ترس ته سهي، ترس-ترس- نه وڃ.

فرانس- منهنجي پويان نه اچ- اف خدا، ته هي ايلزبيٿ جو آواز هو، ڇا ايلزبيٿ اڃا جيئري آهي؟ نه نه – آخر هي سڀ ڪجهه ڇا آهي... اف عذابن جو ڪمرو کليو پيو آهي، اوهه نواب اندر پيو وڃي- هن مهل...(در کلڻ جو آواز) اف منهنجا خدا، نڪولاس پٽ تي سهڪي پيو، هي ڪير آهي...ڊاڪٽر، ڊاڪٽر هتي ڇا پيو ڪري... ها... هوءَ ته ايلزبيٿ آهي. هو ڇا پيا چون!

ڊاڪٽر- اوهه ايلزبيٿ...نڪولاس ته اڌ  مئو ٿي چڪو آهي... هاڻ ٻڌاءِ...شڪر آهي هاڻي ته ڪو راهه ۾ پٿر ڪونه بچيو... پنهنجو ڊرامو ڪامياب رهيو.

ايلزبيٿ-پر منهنجو ڀاءُ، سو ته اڃا هتي آهي... هو ڏاڍو خطرناڪ آهي ننڍپڻ کان ئي شڪي طبيعت جو مالڪ آهي.

ڊاڪٽر- هو سڀاڻي وڃي پيو... هن جو خيال نه ڪر.

ايلزبيٿ- نه ... هن کي هتان زندهه وڃڻ نه گهرجي... هتي جي راز کي هتي ئي دفن ٿيڻ گهرجي.

ڊاڪٽر- جيئن تنهنجي مرضي، اڄ تائين تنهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪو ڪم ٿيو آهي... آهه نڪولاس، هن کي سڌو ڪري وهار ته سهي.

فرانس- اوهه منهنجا خدا... هي آءٌ ڇا پيو ڏسان... ايلزبيٿ... ويچارو نواب.

ايلزبيٿ- آءٌ ڪيڏي نه خوشنصيب آهيان- نڪولاس ... هاڻ تون ڪيڏو نه مجبور آهين... هاڻ تنهنجي ملڪيت جي سنڀال تنهنجو جگري يار ڊاڪٽر ڪندو- تون ڪو به خيال نه ڪر...

فرانس- ڪاش آءٌ هن ڏائڻ جو گلو گهٽي سگهان!

ايلزبيٿ- آهه منهنجو مڙس... ڊاڪٽر توکي اهو فقيرياڻيءَ جو لاش ياد آهي، جنهن کي منهنجو لاش بنائي ظاهر ڪيو هيئي! ويچارو نڪولاس ان تي اعتبار ڪري ويو.

ڊاڪٽر- هاڻ ماٺ ڪر ايلزبيٿ هاڻ ماٺ ڪر.

ايلزبيٿ- مون کي خوش ٿيڻ ڏي. آءٌ ڏاڍي خوش آهيان (ٽهڪن جو آواز)

ڊاڪٽر- ماٺ ڪر، مون کي يقين آهي ته ڀاڻين ڏهن منٽن جي اندر اڌ درجن نوڪرن سميت هتي اچي پهچندو.

نواب- ٽهڪ ڏيندي) ڪير ايندو... هتي ڪير ايندو؟ ... منهنجا دوست... منهنجي پياري زال- ڏس ته منهنجا ڪهڙا حال ٿيا آهن(ٽهڪ)

ڊاڪٽر- اوهه، هي ڇا پيو ڪري... هي ڇا پيو ڪري...

ايلزبيٿ- نڪولاس، نڪولاس هي ڇا پيو ڪرين.

نواب- اوهان کي تماشو ٿو ڏيکاريان، منهنجي ملڪيت ۾ هي عذابن جو ڪمرو به ته شامل آهي، پوءِ توهان ان کان محروم ڇو ٿيو! (ٽهڪ)

ڊاڪٽر- اوهه- خدا جي واسطي (ڊوڙ جو آواز)

ايلزبيٿ- ڊاڪٽر.

فرانس- خدايا ... هي ڇا پيو ٿئي. نواب ته صفا چريو ٿي پيو آهي- شايد هو ٻنهي کي ماريندو- آءٌ ڇا ڪريان؟

نواب- اچ منهنجي پياري زال ۽ پيارا دوست، آءٌ اوهان کي اهڙو مزيدار عذاب ڏيندس جو اوهين مون کان موت جي بيک گهرندئو... پر اوهان وٽ موت نه ايندئو- ٽهڪ... اوهان تي موت نه ايندو. (رڙ جو تيز آواز)

فرانس- (رڙ ڪري) نواب صاحب...هٿ کي روڪ نواب صاحب.

(رڙين جو آواز تيز ٿيندو ٿو وڃي)

نواب- بيوقوف عورت، منهنجي سموري دولت هوندي به دولت جي هوس توکي انڌو ڪري ڇڏيو- (ٽهڪ ۽ رڙيون) اوهه بدبخت تون ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ،

نواب- ڪير، تون ڪير آهين؟

فرانس- (رڙ ڪري) نواب صاحب توهان کي آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي- آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نواب- اوهه... ها... مون کي آرام جي ضرورت آهي. آرام جي.

(قدمن جي آواز)

فرانس- هو اچي پيو... نواب صاحب- نواب صاحب.

(قدمن جا تيز آواز ۽ در جي چرچراهٽ)

فرانس- (رڙ ڪري) نواب صاحب.نواب صاحب (ڌڪ جو ٺڪاءُ ۽ فرانس جي(زور سان آهه جو آواز)

نواب- ٽهڪ ڏئي ٿو.

فرانس- اوهه منهنجا خدا... مٿو ڦٽي پيو...

اوف آءٌ ته ٻڌو پيو آهيان... ۽ هي مٿان ڇا اٿم...

اوهه هي ته ڪات ٽنگيو پيو آهي...خدايا... هي ڪات منهنجي مٿان ڪرندو ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻه اڌ ڪري ڇڏيندم...اوف...هي نواب...

نواب- هوش ۾ اچي وئين پيارا انسان، هاڻ تون منهنجا رانديڪا ڏس. هنن سان آءٌ ماڻهن کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيندو آهيان. توکي ته هن ڪوڪن واري پيتيءَ ۾ وجهان ها ، پر اتي تون موت کي گهڻي دير تائين پنهنجي مٿان ڇڪ ڏيندي محسوس نه ڪري سگهين ها. (ٽهڪ) بهادر انسان اڄ تنهنجو اهو امتحان به ٿي ويندو. اڄ هن ڪمري جون ديوارون وري هڪ دفعو عجيب آوازن جي منظرن کي چيٺينديون. (ٽهڪ)

(فرانس جي سهڪڻ جو آواز)

نواب- ڊاڪٽر هوش ۾ اچي وئين ڪيئن؟

فرانس- آءٌ فرانس برنارڊ آهيان نواب- آءٌ ڊاڪٽر ڪونه آهيان، ٻڌين پيو.

نواب- نه تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. ڇا اڃا مون کي بيوقوف بنائيندين! (ٽهڪ)

(در تي ٺڪ ٺڪ)

ڪيٿرئن- در کول- ادا در کول...نڪولاس.

فرانس- ڪيٿرئن مون کي بچاءِ... ڪيٿرئن... ڪيٿرئن...

ڪيٿرئن- در کول نڪولاس- فرانس فرانس... نڪولاس.

نواب- هاڻ ڏس اهو ڪات ڪهڙي مزي سان هيٺ ٿو لهي. (ڇڪ جو آواز)

فرانس- ان کي روڪ نواب صاحب، اوهه خدا، ڪات هيٺ پيو اچي... نواب صاحب ان کي روڪ... ڪيٿرئن، مئڪملن... اوف خدا.

ڪيٿرئن- نڪولاس در کول... درکول نڪولاس... (ٺڪاءَ) نڪولاس فرانس... خير ته آهي...فرانس.

فرانس- اوهه موت قريب ايندو پيو وڃي. خدا حافظ ڪيٿرئن...آءٌ مران پيو ڪيٿرئن، ڪات منهنجي جسم کان چند انچ پري آهي، موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ صرف چند گهڙين جو فاصلو آهي.

(نواب جا ٽهڪ ۽ ڪيٿرئن جون رڙيون)

هن آخري وقت ۾ منهنجي خواهش آهي ته توکي ٻڌائي ڇڏيان ته مون خوابن ۾ توکي پاڻ سان گڏ لنڊن ۾ ڏٺو هو. مون توکي منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي محسوس ڪيو هو.  آهه...ڪاش هي لفظ آءٌ دير سان چوان ها... ڪات منهنجي ڇاتيءَ تي آهي.

ڪيٿرئن- نڪولاس در کول، در کول نڪولاس اوهه فرانس...فرانس...

نواب- (ٽهڪ) هاڻ هي ڪات آهستي آهستي تنهنجي جسم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندو. (ٽهڪ)

ڪيٿرئن- اوهه مئڪملن، در کي ڌڪو ڏئي ڀڄ... جلدي ڪر.

نواب- در کان هٽي وڃ بيوقوف ڇوڪري.

در جا ٺڪاءَ ۽ ڀڄڻ جو آواز

ڪيٿرئن-فرانس...فرانس- اوهه بيهوش ٿي ويو. ڪات کي روڪ...قاتل...خوني...ڪات کي روڪ- مئڪملن، نڪولاس کي روڪ آءٌ چڪر کي ٿي گهمايان.

مئڪملن- بهتر بي بي .(وڙهڻ جو آواز)

نواب- هٽي وڃ حرامخور...هٽي وڃ.

مئڪملن- (زور سان ڪيرائيندي) معاف ڪجؤ نواب صاحب. بي بي اوهان چڪر گهمايو- نواب صاحب سوگهو آهي.

ڪيٿرئن- (سهڪندي) اف منهنجا خدا، فرانس جي سيني مان رت پيو وهي... نواب جا هٿ ٻڌي جلدي اچ ته هن کي آزاد ڪري مٿي کڻي هلون.

(سهڪڻ جو آواز)

مئڪملن- بهتر آهي بي بي.

ڪيٿرئن- اوهه، فرانس جيئرو آهي... خدايا تنهنجو شڪر آهي.

فرانس- (ڪنجهندي) آهه...ڪيٿرئن...ڇا آءٌ واقعي جيئرو آهيان.

ڪيٿرئن- هاڻي اهي ڳالهيون ڇڏيو. خدا ڪيو آءٌ وقت تي پهچي ويس. نه ته ڪات توکي اڌو اڌ ڪري ڇڏي ها.

مئڪملن- اوهان ٺيڪ آهيو نه جناب، شڪر آهي. بي بي کي ڏاڍو خيال هو اوهان جو!

فرانس- نواب صاحب...

ڪيٿرئن- هن جو ذڪر نه ڪريو... هو پنهنجي زال ۽ ڊاڪٽر سميت عذاب گهر جي نانگن واري گڏ ۾ پورجي چڪو آهي... اوهه منهنجا خدا.

(سڏڪا)

فرانس- ڪيٿرئن اسين جيڪو ڪجهه سوچيندا آهيون، هميشه ان جي ابتڙ اسان سان حالات پيش ايندا آهن. ڪاش آءٌ توسان سٺين حالتن ۾ ملان ها... بهرحال مئڪملن.

مئڪملن- جي سائين حڪم.

فرانس- منهنجو سامان تيار ڪري ڇڏ. آءٌ صبح جو لنڊن واپس ويندس.

ڪيٿرئن- مئڪملن، فرانس جي سامان سان منهنجو سامان به گڏي ڇڏجانءِ، آءٌ هاڻي هتي ڇا ڪنديس.

فرانس- سچ... اوهه ڪيٿرئن... ڪيٿرئن تو مون کي واقعي نئين زندگي ڏئي ڇڏي... سڀاڻي پاڻ زندگيءَ جو نئون سفر شروع ڪنداسين. هن پراسرار دنيا مان نڪري کليل فضا ۾ ساهه کڻنداسين...ڪيٿرئن منهنجي زندگي.......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com