سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :2

قائداعظم پاڪستان جي ضرورت ۽ اهميت متعلق فرمايو آهي: ”اسان پاڪستان جو مطالبو محض زمين جي هڪ ٽڪر کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هو. بلڪ اسان هڪ اهڙو تجريبگاهه حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، جتي اسان اهڙي اخلاقي نظام حيات تي هلي سگهون، جنهن جي اصولن جي روشنيءَ ۾ هڪ مثالي مملڪت بنجي سگهي.“ (اسلامي ڪاليج پشاور- 13- جنوري 1948ع)

قائداعظم مرحوم ’جمهوريت‘ متعلق فرمايو آهي: ”اسان جي مخصوص نظريات جي عالي نظريءَ ۾ ”جمهوريت“ جي تعليم موجود آهي. اسان کي مساوات ۽ برادريءَ، اخوت ۽ محبت جو سبق سيکاريو ويو آهي. اسان کي هر شخص سان حق ۽ انصاف ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. ڪنهن شخص وٽ ان جو ڪهڙو جواز آهي ته هو عوام لاءِ حق ۽ انصاف، رواداريءَ ۽ ديانتداريءَ واري اعليٰ معيار تي مبني جمهوريت، مساوات ۽ راءِ جي آزاديءَ واري حق کان بيپرواهي ڪري؟“ (ڪراچي بار ايسوسيئيشن 25- جنوري 1948ع)

ان طرح دستور متعلق قائداعظم جو چوڻ آهي: ”پاڪستان جو جيڪو دستور تشڪيل هيٺ آهي، ان لاءِ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته اهو جمهوري نوعيت وارو هوندو.“ (آمريڪي نامہ نگار کي انٽرويو- 5- فيبروري 1948ع).

قائداعظم پاڪستان جي اقتصادي نظام ۽ معيشي اصلاح لاءِ پڻ واضع طور تي روشني وڌي آهي. ان سلسلي ۾ دهليءَ ۾ مسلم ليگ جي اجلاس 14- مارچ 1943ع کي خطاب ڪندي فرمايائون: ”مان تمام ضروري ٿو سمجهان ته زميندارن ۽ سرمايه دارن کي هت تنبيهه ڪريان. اصل ۾ انهن جي خوشحاليءَ جا اسباب ۽ ذريعا سڀ عوام پيش ڪيا آهن، پر ان جو سهرو جنهن نظام جي مٿي ٻڌو ويو آهي، اهو نهايت ظالمانه ۽ شر انگيز آهي. ايتريقدر جو ان ظالمانه نظام پنهنجن پاليل عنصرن کي ان حد تائين خود غرض بنائي ڇڏيو آهي، جو هاڻ هو ڪنهن به دليل سان قائل ئي ٿي نٿا سگهن. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي قوتن ۽ محنتن جي استحصال ڪرڻ واري بدڪرداري ۽ بدخوئي سندن خون ۾ رچي ويئي آهي. اهي سرمايه دار حقيقي ۽ انصاف پسند تعليم کي ئي وساري ويٺا آهن. حرص ۽ هوَس سرمايه دارن کي ايترو ته انڌو بنائي ڇڏيو آهي، جو دولت ۽ نفعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ دشمنن جا آلہ ڪار بنجن ٿا ۽ ائين ڪندي ڪو شرم ۽ حيا محسوس ئي نٿا ڪن.“ (اجلاس مسلم ليگ دهلي، 24- مارچ 1943ع).

قائداعظم قومي مملڪيت ۽ صنعت کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ متعلق فرمايو آهي: ”منهنجو اهو ايمان آهي ته پاڪستان جي بڻجڻ تي موجوده دؤر ۾ ضروري ۽ بنيادي نوعيت جي صنعتن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻو پوندو ۽ اهو عمل عوام جي ضرورتن هيٺ ڪن ٻين اهم شعبن ۾ پڻ ڪرڻو پوندو.“ (وليڪا ٽيڪسٽائل ملز جو افتتاح: 26- سيپٽمبر 1947ع).

قائداعظم پاڪستان جي معاشي نظام متعلق جي واضع ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل متعلق گويا پيشنگوئي موجود آهي. فرمايو اٿن: ”جڏهن هي چيو وڃي ٿو ته پاڪستان کي معاشي ۽ معيشي، اقتصادي ۽ سماجي حق انصاف تي قائم ڪيو ويندو تڏهن نه صرف منهنجي پر ان سان گڏ ڪروڙها پاڪستاني باشندن جي جذبات جي ترجماني ڪئي ٿي وڃي.“

هي آهي قائداعظم جو پاڪستان جي نظام متعلق واضح تصور. اڄ اسان تي لازم آهي ته اسان ملڪ جي خوشحاليءَ ۽ عوام جي حقن جي تحفظ جي سلسلي ۾ اخلاص ۽ صداقت سان جدوجھد ڪريون، جيئن قائداعظم مرحوم جي روح کي تسڪين حاصل ٿئي. پاڪستان جي بانيءَ جو اهو حق پاڪستان جي هرشهريءَ کي محسوس ڪرڻ گھرجي.

نئين دؤر جو آغاز:

پاڪستان جي تاريخ ۾، قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي (چيئرمن پاڪستان پيپلس پارٽي) جي برسر اقتدار اچڻ (20- ڊسمبر 1971ع) سان هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو آهي. قريبي دؤر وارن ٻن فوجي سربراهن جي تيرهن سالن (1958ع- 1971ع واري مطلق العنان ۽ غير جمهوري ڊڪٽيٽرشپ کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو، عوامي ۽ جمهوري طريقي جو احترام ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت جناب ڀٽي صاحب جنهن مشڪل پسند دؤر ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون آهن، ان جو پورو جائزو، قائد عوام جي پهرين تقدير ۾ موجود آهي. ان پهرين خطاب، قوم ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو، روح ۽ عزم پيدا ڪيو آهي. اڄ پوري قوم کي يقين حاصل ٿيو آهي ته پاڪستان جا ڏکيا ڏينهن هاڻي ختم ٿيڻ وارا آهن. اميد آهي ته قائد عوام جي انقلابي ۽ مقبول عام شخصيت جي ولوله انگيز قيادت ۾ پاڪستان گذريل دؤر جي پيدا ڪيل مشڪلات ۽ بحران مان ڪاميابيءَ سان نڪرندو. قائد عوام پنهنجي پهرين تقرير ۾، پاڪستان جي جديد تعمير جي سلسلي ۾ بلڪل واضح نموني ۾ اعلان ڪيو آهي ته ”اسان هڪ نئون پاڪستان، ترقي پذير پاڪستان ۽ خوشحال پاڪستان تشڪيل ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو استحصال نه هوندو ۽ جو قائداعظم جي نظر ۾ هو. اهو منهنجو يقين آهي ته اهو پاڪستان ضرور قائم ٿيندو، شرط هي آهي ته ملڪ جا ماڻهو مون سان ساٿ ڏين ۽ دلي تعاون ڪن ۽ ان سان گڏ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن.“

حالات جي مطالع مان اهو صاف نظر ٿو اچي ته قائد عوام جي سياسي بصيرت ۽ ولوله انگيز شخصيت کي عوام جي تعاون ۽ اعتماد جي دولت سان ڪاميابي حاصل ٿيندي. ان سلسلي ۾ قائد عوام جي اها پهرين تقرير هن پرچي ۾ شايع ڪريون ٿا، جا هڪ تاريخي تقرير آهي. ان سلسلي ۾، ان خوشيءَ جو پڻ اظهار ڪريون ٿا ته اڄ سترهن سالن کان پوءِ ”سنڌ“ پنهنجي مستقبل حق ۽ اعزاز کي حاصل ڪيو آهي ۽ جمهوري نظام ۾ قدم رکيو آهي. اميد آهي ته سنڌ پنهنجي تمدني ۽ ثقافتي مستقبل کي ماڻيندي. سورن ۽ ڏکن جي اونداهي رات وڃي چڪي آهي، اميد ۽ خوشحاليءَ جي سج جي سونن ڪرڻن، سنڌ جي سرزمين کي سڀاڳي وقت تي چميو آهي. نئين گورنر جناب ممتاز علي ڀٽي جي پهرين تاريخي تقرير جي لفظن ۾:

”سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهو سنڌي آهن. سڀني کي هڪجھڙا حق ملڻ گھرجن، مان نٿو ڀانيان ته سنڌ صوبي ۾ ڪو اهڙو طبقو به آهي، جيڪو مهاجر جي نالي سان سڏجي ٿو.“ (هلال پاڪستان 24- ڊسمبر 1971ع)

ان مان ثابت آهي ته سنڌ جو گورنر، سنڌ جي تعمير جي سلسلي ۾ پراميد آهي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ لاءِ نه فقط ساڻس گذريل دؤر جي حق ناشناسي جي تلافي ڪئي ويندي، پر ان سان گڏ سنڌ علمي ۽ صنعتي، زرعي ۽ تمدني لحاظ سان سڀ حق ماڻيندي.

نئين تعمير ۽ سنڌ جو دانشور:

پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل ٻن آمريت پسند فوجي ڊڪٽيٽرن (1958ع- 1971ع) جي دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ دانشورن تي جي غير قانوني ۽ تشدد پسند ڪاروايون ڪيون ويون آهن، اهو هڪ دلگداز ۽ المناڪ داستان آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مکيه دانشورن 6- جنوري 1972ع تي، پريس پڌرائيءَ ۾ پنهنجي جذبات ۽ احساسات جي اظهار ڪندي چيو آهي ته ”ملڪ“ ۾ فوجي آمريت جي دؤر ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنهن همت ۽ حوصلي سان ظلم ۽ تشدد جي خلاف احتجاج بلند ڪيو ۽ جنهن صبر ۽ استقلال سان شهر نيڪاليون، نظربنديون ۽ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪيون، ان جو مثال پوري پاڪستان جي اديبن ۽ شاعرن ۾ نظر نٿو اچي. جڏهن سنڌ جي ڪن بيضمير سياستدانن پنهنجي ذاتي مفاد خاطر سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو، سنڌ کي ون يونٽ جي شڪنجي ۾ اڙايو ۽ بعد ۾ حڪمران فوجي ٽولي جو ساٿ ڏنو، تڏهن سنڌي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پنهنجي مظلوم عوام جو ساٿ ڏنو ۽ انصاف ۽ آزاديءَ جي سربلنديءَ لاءِ آواز اٿاريو. حڪمران فوجي ٽولي ۽ سندس همنوا رجعت پسند گروهن پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به زبان جي اديبن ۽ شاعرن تي ايترا وار ته ڪيا، جيترا سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي ڪيا. فوجي آمريت جي دؤر ۾ ضبط ٿيل ڪتابن ۽ رسالن جو وڏو تعداد سنڌي زبان ۾ آهي. سنڌي اديب ۽ شاعرن هر مرحلي تي پنهنجي جدوجھد ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پنهنجي مظلوم عوام جي رهنمائي ڪندا رهيا.“

سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز ۽ ممتاز اديبن رشيد ڀٽي ۽ غالب لطيف جي جيل مان آزاديءَ تي خوشيءَ جي اظهار ڪندي، سنڌي اديبن، عوامي حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ چيو آهي ته ”ماضيءَ جي سياه ڪارين جو ازلو ڪري، هر هڪ صوبي جي مظلوم عوام کي سندس جائز حق ڏيڻ ۽ ملڪ جي مجموعي فلاح ۽ بهبوديءَ لاءِ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي اصولن موجب معاشري جي نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ سنڌي اديب، شاعر ۽ دانشور عوام جي چونڊيل موجوده حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪندا.“

انهيءَ پريس پڌرائيءَ تي هيٺين اديبن ۽ شاعرن جون صحيحون آهن: (1) بيگم زينت عبدالله چنا، (2) سيد حسام الدين راشدي، (3) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، (4) عبدالله چنا، (5) غلام رباني، (6) مولانا غلام محمد گرامي، (7) حفيظ قريشي، (8) رسول بخش پليجو، (9) تنوير عباسي، (10) حميد سنڌي، (11) نياز همايوني، (12) فتاح ملڪ، (13) ڊاڪٽر نجم عباسي، (14) علي بابا، (15) پروانو ڀٽي، (16) شوڪت حسين، (17) مجيب پيرزادو، (18) يوسف لغاري، (19) عبدالحق عالماڻي، (20) مدد علي سنڌي، (21) يار محمد پهنو ۽ (22) غلام دستگير ڀٽي.

شڪريو:

اداره ”مهراڻ“ سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن، محققن ۽ عالمن جو شڪر گذار آهي، جن پنهنجو مواد پئي موڪليو آهي. اصل ۾ انهن دانشورن جو دلي تعاون ئي آهي، جنهن جي ڪري ”مهراڻ“ پنهنجي دستوري اعليٰ ۽ علمي معيار تي قائم رهندو اچي ٿو. اميد آهي ته اسان جا مهربان قلمي معاون آئينده پڻ ”مهراڻ“ سان ساڳيو تعاون ڪري، سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهندا-                 غ. م. گ.

شعر

”اي شاعر! آخر ڪيستائين تون انهن کي شان- مانَ سان شاهي محل ٺهرائي ڏيندين، جن ڌرتيءَ جي سطح کي خون جي چنڊن سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي! آخر ڪيستائين تون ظالمن ۽ انهن جي هٿيارن ۽ آزاد انسانن کي غلام بنائڻ وارن کي نظرانداز ڪندو رهندين ۽ ڪيستائين انهن ڪمزورن ۽ مجبورن کي وساريندو رهندين، جيڪي سدائين تنهنجيءَ سوڀَ ۽ سرسيءَ لاءِ سڪندا ۽ واجهائيندا رهن ٿا!“

- خليل جبران

سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

هڻڻ، هَڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرڪ،

وِجھن تان نه فرق، رُڪ وهنديءَ راند ۾.

 

بهادر گڏيا بهادرين ته کڙڳ کل ول ڪَن،

وجھن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن،

ڪِرِن، ڪونڌ نچَن، رِڻ گَجيو راڙو ٿيو.

 

ڇپر جئن پَهون، تئن رڻ ڳجھون پيئيون،

وڪا وڪَن گڏيا، ته ڊوڙيو ڏِين ڊَهون،

مَهاين وَهون، نير مهنگو ڪنديون.

 

جھمنديون اچن، جھوليون جھونجھارن جيون،

پايو ٻُڪ ٻهار جا تن جيون وهون وانڪا ڪن،

پِٽيو پارَ ڪڍن، رڻ گجو راڙو ٿيو.

 

ڪونر ڪلي جا ڪوڏيا، جانڪيتان تون جيءُ،

متان آڻين اُسرين، رُڪ پيالو پيءُ،

ڳاهُه ڳِجھُن جو ٿيءُ، ويٺي جن ورهه ٿيا.

ڳائو ڳجھ نه کاءِ، مهي ماس نه هير تَن،

ويٺي تن واجھانءِ، ڪلنگيون جن ڪاپارَ ۾.

 

پاڪ جنين جا پير، کٽان هيٺ نه کوڙيا،

تنگ تراريين تڇيا، ڇڻيون پون ڇڳير،

ڍونڍ تنين جا ڍير، ڳجھڙين ڳَرِ لائيا.

 

ڦنگ کُسنئي ڳجھڙي، لڱين پَوئَي واءُ،

اميرن مٿانءَ، جہ تو کيہ نه ڇنڊئي.

 

سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهۡم وسارِ،

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،

مٿي تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

 

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، ڀاڪر جو پائي،

اڃا اُن کي جيءُ جو آسانگو آهي،

سورهيه سو چائي، جو رُڪ رئي رڻ گھُري.

 

چار ترارون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون،

اڳين جون آڳون، ڪونر ڪِلي ۾ واريون.

 

آيا اجارين، تَنَڇَه تاريون تِئريين،

سانکيون سائن هٿ ۾، ڪلهنِئا نه لاهين،

اُڀائي آهين، مَهائن مرڻ تي،

مَرُ مَرين، آءٌ روئيئين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ،

مَڇڻ ٿيون پئاءِ، ڪچا ڪَنمِ جيڏيون.

 

چي ماريو ته وسهان، ڀڳو آءٌ نه چوان،

ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُهان.

 

ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايئي ٻئي پار،

ويٺيون ڪن ڪُوار، منهن مٿاهان جن جا.

 

منهن مٿاهان جن جا، پٽيو کڻن پار،

جيڏيون! هي جھونجھار، اجارين آڇا ڪيو.

 

ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄائي مون سيڻ،

ويٺيون  وجھن ويڻ، منهن مٿاهان جن جا.

 

هوڏانهن هُنَن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،

سرنايون، سنڌرا، ٻنهين پار ٻُرَن،

گھوٽن ۽ گھوڙن، رِڻَ ۾ لائون لڌيون.

 

سمو تن سڏ ڪري، جن تي وڏو وير،

اُٿي ته آجي ٿيان، پاءِ پاڳوڙي پير،

توريءَ ٻيو ڪير، سرڻين جا سوٺا سهي.

 

سرڻين جا سوٺا سهي، وسيلو ولهن،

لُڏي ڪين ’لطيف‘ چئي، اڳيان لال لکن،

جت ڪوڙين ڪين ڪڇن، ات پاٻوهي پڌرو.

 

جو ڇليون پسي نه ڇڪيو، تنهن واکاڻيون وک،

لڏي ڪين ’لطيف‘ چئي، لکن اڳيان لک،

پير نه موڙي پانهنجو، تکيءَ پيئي تک،

سرڻين ڏئي نه سک، هڪل سين هالار ڌڻي.

 

اروڙ جي اُٿيو، ديمين پيس دک،

لاٿائين ’لطيف‘ چئي، عالم تان اهک،

تن سرڻين ٿيا، سک، جي اجھي آيون ابڙي.

 

علاءُ الدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير،

ڪنهين ڪين همٿيو، ڪاڻ جھليندو ڪير،

سومرن سام کنئي، ابڙي ڪيو اُٺ پير،

هو ساهو شير، پر مستوراتن مارايو.

 

سرڻين جي سک لاءِ، سام کنئي سردار،

جي آيون ابڙي آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون!

 

ابڙو، وڏ- وڙو، سوڙو جھلي سامن،

سرڻين جا سوٺا سهي، سمون سونهن سڀن،

تو در ترڪ اچن، ڪئن ڪريندين ڪڇ ڌڻي!

 

ميون شاهه عنات رضوي

ٿر ڏونگر جي وچ ۾، منهن ڪئو اچن جي،

ڪٿي سمون ابڙو، سرڻيون جنهن ڳري،

سرمر موٽائي ڏي، مڇڻ اڇل عراقين نه سهي!

 

گجي ڏي گوڙيون، درڇلين ڳر سرڻيين،

ڏسي هڏ نه ڏهسيو، ڏر ڏيسر ڏوڙيون،

سي لاکي نه لوڙيون، جي تو آجھي ابڙا.

 

سر تان سرڻيون نه ڏيان، جي هميراڻا ٻار،

مون وٽ مهائين گھڻا، تون ڪر ٺاڪر مير لهار،

ابيٺو ’عنايت‘ چئي، ڳنهي جاڙيجه يار،

رڻمل رب اهار، ٿو سمون سونهريون ڪري.

 

خليفو نبي بخش خان لغاري

مٿي آرڻ اَڄ، ڪونڌ ڪُڏندي آئيا،

پڙ ۾ پهلوانن کي، لُڏڻ ڏي نه لَڄ،

ڀيٽُو وڃن ڀَڄ، ساڻُو ٿين سامُهان.

 

پڙ ۾ پَوڙيءَ رنگ، مانجھين رتا مولهيا،

تَريا رت تُرنگ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.

 

ڪٽاري ۽ ڪات، من مرادون پُنيون،

رت ڀريائون وات، مانجھين هڏ مُڇائيا.

 

هلو ملهو مانجھيا! ويريين وٺو وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.

 

سڃاتائون سڏ، جيءُ جيءُ ڪري اُٿيا،

غازي ٿيندا گڏ، اَمُل علي شاه سين.

 

سوڀون سر گھُرن، سر ري سوڀ نه سَپجي،

سوڀ برابر سسيون، توريان تان نه تُرن،

جي هِنيڙي منجھ هُرن، سي مُل مهانگا سپرين.

 

سؤ سسيين ڏيئي، وِک وَٺجي هيڪڙي،

جنهن نيري سر نيئي، مَرڪايو ميدان ۾.

 

رڻ ۾ مَتي راند، اڄ اگھوري آئيا،

ڪونڌن ڪُلها گڏيا، پاسي ٿي پسماند،

چمڪيون چئني پاند، مٿي سر سرواهڻيون.

 

مَرڪايائون مير، پَت پاريائون پانهنجي،

اهڙو مرد منير، گھر سڀاڳي سَپججي.

 

وڙهه وڙهندن ساڻ، هيڻي هن مَ هٿڙا،

ڪُڏائي ڪيڪاڻ، غازي! مار غنيم کي.

 

مُڇن مٿي هٿڙا، رت ڀُڪليا وار،

ڇُٽا دَس دَيون ڪري، گُڙيا گُرز غبار،

اچي اُڙد امير تي، اُلٽيا انڌوڪار،

چونڊيو چئني پار، ٿو ڀاڱا ڀيچين کان وٺي.

 

ڪٽارو مَ ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان،

وڍئو ويٺو وڍ، اُنڊو وجھي آڱرا.

 

جان جان جھيڙو نه ڪري، تان تان ناهه سُک،

وڍئو ويريءَ اڱرا، ڀُڃئو لاهي بُک،

راوت هٿان رُڪ، رت ۾ راماڻا ڪري.

 

هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نه سهي،

مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجھيئي ڪن تي.

 

ڪانئر سندي ڪن تي! ولي هڏ م ٻُنڌ،

مر ته موچارو ٿئين، هيءُ نه موٽڻ مُند،

ڪڇن منجھان ڪُند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.

 

ڀڄ م ڀيچين کاء،  پاءِ پانجاري اُن سان،

مڇڻ تنهنجي ماء، منهن مٿاهون نه کڻي.

ڀڄي بچ م ڪانڌ! مر ته ماناتي ٿيان،

تو سيڱا تو سڃا، رڻ ۾ رَمن راند،

تو سر سَوڙ پاند، آءٌ ڪيئن اوڍي سُمهان!

 

جي تون ڀڄي آئيين، ته اوڏو مون نه آچ،

تو ڳل ڏيان ٻانهڙي، ڪُر کي لايان ڪچ،

مون سهائي سچ، ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون.

 

جي تون ڀڄي آئين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ،

نٿ تنهنجي نڪ ۾، وجھان ڏيئي ويڻ،

توڏي کڻان نيڻ، ته ڪر پَسان پُٽ ڏي.

 

جي تون ڀڄي آئين، تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ،

ويهه ڪوڙائي ڪوڏ سين، مادر جھوليءَ مُڇ،

جا ڏاڙهِي پکيءَ پُڇ، سا کُونڌ ته کاڏي اُجري.

 

موٽيا مادرزاد، پُٽ پِين جا رانئيا،

وئا وساري نڪري، يار نه ڪيائون ياد،

سندو سوڀ سواد، سرفروشن سپجي.

 

سُورهه سندي سر تي، سسيءَ سندو بار،

جي تُري تن ترار، ته حق ادا ٿيو اُن کان.

 

مري ذات مريءَ جي، تنهن ڪوءِ ڊڄي ڪينہ،

ظاهر بت بشر جو، سيني اندر شينہ،

تني چاڙهي چينہ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.

 

ڪلنگيون جن ڪپار ۾، پائجي تن پرک،

هڻي هٿ هاٿيءَ کي، ٻي سڀ مهندان مک،

ويا اُڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چُري.

 

مرڻ ٿئو مرڪ، جيئڻ جُٺيرو ڪري،

جي ڪندا تن تَرڪ، سوڀ سرندي تن کي.

 

پاکر اوڍ م تن کي، آڏي جھل م اوٽ،

ڪوڙين آڏا ڪوٽ، ته پڻ ڪان قضا جو نه گُسي.

 

تن توڪّل پاکرئو، پاکر هڏ م پا،

سينو سِپر سامهون، آڏو ڏيندو آ،

سندي ربّ رضا، مڃ ته مٿاهون ٿئين.

 

رڻ، راوت ۽ رُڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾،

پيتائون پُر ٿيا، منجھان سيف سُرڪ،

تيموري تُرڪ، هاڃو ڪري هليا.

 

ڳجھون ڳاڙهي وات، مون لمندي ڏٺيون،

جيڪس مانجھي ماريا، رڻ ۾ پيَين رات،

پڪارون پرڀات، ٻُڌم ٻانهيارين جون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com