سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :13

محمد حسين ”ڪاشف“

سوري آ سينگار

حضرت خبيب بن عديءَ جي شهادت

حضرت خبيب بن عدي اسلامي تاريخ جو اهو بهادر ۽ جانباز ڪردار آهي، جو پوري اسلامي تاريخ ۾ سڀ کان اول، حق جي راه ۾، تخةءِ دار جي منزل کان گذري، شهادت سان همڪنار ٿيو. خبيب، حق جي شيداين جو سالار ۽ مقصد سان والهانه عشق رکندڙن جو مير ڪاروان آهي. حضرت خبيب اهو جليل قدر صحابي آهي، جنهن ايمان جي روشنيءَ ۽ عزم جي بلنديءَ سان باطل جي اڳيان جهڪڻ تي جان قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني. بيشڪ سرفروشي ۽ سپردگي، جان نثاري ۽ جان فروشي جي راهه جو پهريون پانڌيئڙو حضرت خبيب ئي هو.

سازش:

حضرت خبيب جي ابتدائي حالات متعلق ڪابه تاريخي معلومات ملي نه سگهي آهي. فقط ايترو معلوم ٿيو آهي ته سندس شمار قديم الاسلام صحابہ ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ سندس شهرت جو سبب سندس شهادت جو جانگداز واقعو آهي.

جنگ احد کان پوءِ ٽي هجريءَ ۾ مڪي جي ڪافرن مسلمانن سان هڪ شديد قسم جي بدديانتي ڪئي. انهن عرب جي ٻن قبيلن، عضل ۽ رقاره کي برغلائي پاڻ سان ملائي، انهن جو هڪ وفد مدينہ شريف ڏانهن روانو ڪيو، جن نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان ملاقات ڪئي ۽ کين درخواست ڪئي ته انهن جا قبيلا اسلام کي قبول ڪرڻ لاءِ دل سان آماده ٿي چڪا آهن؛ انهن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ مبلغن جو انتظام ڪيو وڃي، جي کين اسلام جي تعليم جي تفصيلات ۽ حڪمت کان واقف ڪري سگهن. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن، سندن معروضاف کي پيش نظر رکندي حضرت عاصم بن ثابت مشهور صحابيءَ جي سرڪردگيءَ ۾ ڇهن اصحابن جو هڪ وفد تيار ڪرايو، انهن ۾ حضرت خببيب بن عدي به هو.

واقع رجيع:

صحابہ ڪرام جو هي پاڪباز ۽ امن پسند وفد جڏهن مقام رجيع تي پهتو، تڏهن اوچتو ٻن سون هٿيار بند باغين مٿن حملو ڪيو. ان واقعي کي تاريخ ۾ واقع رجيع چيو ويو آهي ۽ جي صحابہ انهن حمله آورن جو هدف بنيا، تن کي اَصحاب الرجيع چيو ويو آهي. هن بد عهديءَ ۽ بي ايمانيءَ واري اوچتي حملي ۾ چار اصحابي شهيد ڪيا ويا ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن صحابہ ۾ حضرت خبيب بن عدي ۽ زيد بن دشنہ هئا، جن کي مڪي ڏانهن پاڻ سان وٺي ويا.

مڪہ ۾:

ان مڪر ۽ فريب جي ڪارگذاريءَ تي، مڪي جي ڪافرن جشن ملهايو ۽ ائين تصور ٿي ڪيائون ڄڻ ته ڪو ميدان ماري آيا آهن. مڪي جي سڀني مردن ۽ عورتن ٻڍن ۽ ٻارن، ٻنهي جي گرفتار ٿيل قيدين کي ڏسي، فخر کان ڳاٽ اوچو ڪيو، ۽ اهڙيون نازبيان حرڪتون ڪيون، جن تي تاريخ، ديانت ۽ انسانيت اڄ سوڌو ماتم ڪري رهيون آهن.

هن موقعي تي عقبہ بن حارث، وڏي رقم پيش ڪري، حضرت خبيب کي حاصل ڪري روتو. جيئن پنهنجي پيءُ حارث بن عامر جي بدلي ۾ کيس قتل ڪري، انتقام جي باهه تي ٿڌو ڇنڊو هڻي سگهي. ان طرح حضرت زيد کي صفوان بن اميہ خريد ڪيو، اهو به کيس پنهنجي پيءُ اميد بن خلف جي بدلي ۾، انتقامي طور تي قتل ڪرڻ تي آماده هو، ڇا لاءِ ته حارث ۽ اميد، ميدان جنگ ۾ مسلمانن جي هٿان جهنم ۾ پهچي چڪا هئا.

هڪ ماءُ ۽ هڪ قيدي

اول ٻنهي جليل القدر مظلوم صاحبن کي هڪ تاريڪ ۽ تنگ مڪان ۾ بند ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ کين کاڌي ۽ پاڻيءَ کان آّخري گهڙيءَ  تائين محروم رکيائون. اهو تنگ ۽ تاريڪ مڪان حجر بن ابي رباب جو هو. ان مڪان ۾ هڪ ٻانهي ماويہ اسلام کي قبول ڪرڻ کان پوءِ هن طرح بيان ٿي ڪري:

خبيب بن عديءَ کي منهنجي سامهون پڪڙي، هڪ تاريڪ ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪري رکيو ويو. کيس کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن مون سندس هٿن ۾ انگورن جو هڪ تازو ڇڳو ڏٺو، اُهو ڇڳو ايترو ته خوبصورت ۽ ترو تازه هو، جو مون ڀانيو ته ڄڻ بلڪل هاڻي ڪنهن باغ مان آندو ويو آهي. خبيب ان ڇڳي مان انگور پٽي کائي رهيو هو، مون ڀانيو ته اِن الله يَرزق مَن يَشاء بِغَير حِساب، هن جهڙن واقعن لاءِ ئي آهي. اڳتي بيان ڪندي چوي ٿي:

”قتل کان اڳ، مون کان حضرت خبيب هڪ پاڪي طلب ڪيو، جو مون پنهنجي ابهم ۽ مصعوم پٽ جي هٿان کيس موڪلي ڏنو. جڏهن ٻار روانو ٿيو، تڏهن ان جي وڃڻ کان پوءِ، مون کي اوچتو خيال آيو ته مون پنهنجي لختِ جگر کي، هڪ تيز اوزارن سان، هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڏانهن روانو ڪيو آهي، جنهن کي اسان قيد ڪيو آهي ۽ سندس قتل جو فيصلو پڻ ٿي چڪو آهي. ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اهو قيدي، منهنجي معصوم لخت جگر کي ان تيز اوزار سان قتل ڪري ڇڏي! اهو سوچي، مان گهٻراهٽ ۾ پريشانيءَ وچان، ڊوڙندي سندس ڪمري ۾ لنگهي ويس. مان جڏهن اتي پهتيس، تڏهن اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته خبيب ان ابهم ۽ معصوم ٻار کي پنهنجي گوڏي تي ويهاري، کيس پيار ۽ پاٻوهه وچان انگور کارائي رهيو هو. مون کي ان سراسيمگيءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ ڏسي، خبيب منهنجي لختِ جگر کي چيو ته تنهنجي معصوميت جو قسم! تنهنجي ماءُ وسوسي ۽ غلط خيال ۾ مبتلا ٿي آئي آهي، کيس اهو اجايو گمان پيدا ٿيو آهي ته مبادا مان توکي قتل نه ڪري ڇڏيان!- حالانڪ مان هڪ خدا ترس مسلمان آهيان ۽ ڪنهن به حال ۾ ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪرڻ کي اسلام جي خلاف ٿو سمجهان. ائين چئي خبيب، ڏاڍي پيار سان ٻار کي گوڏي تان کڻي منهنجي حوالي ڪيو ۽ مرڪندي چيو ته ’هي ابهم ۽ معصوم تنهنجي امانت آهي ۽ توکي پرتي! شال الله تعاليٰ اوهان کي هدايت ڏئي.“

مقتل ڏانهن روانگي:

اها ٻانهي ٻڌائي ٿي ته ان کان پوءِ مڪي جي ڪفار ناهنجار ٻنهي قيدين کي مقام تنعيم تي پهچايو، جتي تماشين ماڻهن جو ڄڻ ته ميلو متل هو. کين اُن ميلي ۾ قتل ڪرڻ لاءِ ڦاهي پڻ تيار ڪيل هئي.

آخري سجدو:

شمع حق جي پروانن کي پابجو لان شمع حق تي قربان ڪرڻ لاءِ ميلي ۾ پهچايو ويو، تماشبين ماڻهن، ڏاڍي بيدرديءَ ۽ ناهنجاريءَ سان سندن استقبال ڪيو. مٿن چٿرون ڪيون ويون ۽ غليظ قسم جا فقرا چست ڪيا ويا، ۽ کين گارگند ڪيائون. حضرت خبيب نهايت اطمينان ۽ روحاني آسودگيءَ کي محسوس ڪندي، سڀني تماشبينن ڏانهن نظر ڪئي ۽ چيو ته دعوني اصلي رڪعتين! يعني مون کي ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ لاءِ مهلت ڏيو. تماشبين ڪافرن کيس اجازت ڏني. نماز جي تياري وقت سندس چهري تي عجيب قسم جي پشاشت ۽ رونق پيدا ٿي، سارو هجوم ڏسي رهيو هو ۽ خبيب ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري رهيو هو، جا سندس آخري نماز هئي. ڏاڍي خوشوع ۽ خضوع، نياز ۽ ادب سان ٻن رڪعتن کي ادا ڪرڻ کان پوءِ، تماشبينن کي مخاطب ٿي چيائين:

”هيءَ منهنجي آخري سجده زيري آهي، جا خالق ڪائنات جي حضور ۾ ادا ڪيم. منهنجي دل چاهيو ته اڄ هن آخري نيازمندانه حاضريءَ کي طول طويل قيام ۽ سجدن سان سينگاريان، ليڪن مون کي اهو خيال آيو ته مبادا اوهان اهو تصور ڪيو ته مان موت کان ڊڄان ٿو ۽ ان کان چند گهڙين جي آزاديءَ لاءِ، طول طويل سجدا ڪري رهيو آهيان- اهو سوچي مون هن آخري نماز کي تمام مختصر انداز ۾ ادا ڪيو آهي، جيئن اوهان کي منهنجي متعلق ڪابه غلط فهمي پيدا نه ٿئي.“

ان خطاب کان پوءِ، حضرت خبيب، ساري هنگامه خيز ۽ تماشين گروه تي نظر ڦيرائي، جن مان هر هڪ وحشي ۽ سفاڪ اڄ سندس خون هارڻ جو آروزومند هو. هزارن مان ڪو هڪ به اهڙو چهرو نه هو، جنهن ۾ سندس بيگناهيءَ ۽ مظلوميت تي ڪي همدرديءَ جا جذبات پيدا ٿيل هجن. هر ڪنهن جي جهولي پٿرن سان ڀريل هئي، جي اشاري ملڻ تي مٿس مينهن وانگر وَسائڻ لاءِ بيقرار هئا ڪي لٺين وارا هئا، جي مٿس لٺين سان وار ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. ڪن جي هٿ ۾ نيزا هئا، جي سندس بدن ۾ چڀڻ لاءِ حڪم ملڻ جا منتظر هئا. اهو وحشت انگيز خوني نظارو ڏسي، حضرت خبيب فرمايو:

”خدا جو قسم! مان هن ميدان ۾ هر شخص کي بدترين ۽ خون آشام دشمن جي روپ ۾ ڏسي رهيو آهيان.“

ائين چئي، دعا گهڻ شروع ڪيائين:

اللهم ليس هناڪ يبلغ رسولڪ عني السلام فبلغ رسولڪ و اصحابہ عني السلام.

يعني: ”اي رب ذوالجلال، هت اهڙو ڪوبه ماڻهو موجود ناهي، جو تنهنجي پيغمبر کي منهنجا سلام ۽ نياز پهچائي. بس تون ئي منهنجا سلام پنهنجي پيغمبر ۽ ان جي صحابه کي پهچائج تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن مڪي کان ٻاهر مقام تنعيم ۾ هن عاشق صادق، الله تعاليٰ کي اها درخواست ڪئي تڏهن مديني ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وسلم جن ممبر تي رونق افروز ٿي، صحابہ کي خطاب فرمائي رهيا هئا. پنهنجي خطاب جي سلسلي کي روڪي اول خبيب جا سلام، صحابہ کي پهچايائون ۽ پوءِ پاڻ قبول ڪندي وعليڪم السلام فرمايائون.

ڦاسيءَ تي:

عتبہ بن حارث ۽ ابوهبره العدري ٻيئي ڄڻا اڳتي وڌي حضرت خبيب کي ڦاسيءَ تائين وٺي آيا. حضرت خبيب نهايت اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ڦاسيءَ جي تختي تي قدم رکيا. موت جي هن وحشت انگيز ۽ حشر خيز منظر کي ڏسي، مُرڪي ڏنائين. ان موقعي تي چيائين:

اللهم قد بلغنا رسالة رسولڪ فَبلغہَ مايصنع

يعني: ”اي باري تعاليٰ! اسان تنهنجي رسول جو پيغام پهچايو آهي، هاڻي تون پنهنجي رسول کي هن واردات کان واقف ڪر، جنهن سان مُنهن مقابل ٿي زندگي نثار ڪري رهيا آهيون.“

آخري آرزو:

ان خطاب ۽ دعا کان پوءِ حضرت خبيب والهانه ۽ عاشقانه انداز ۾ تختِ دار تي بيٺي پنهنجي آخري آروزوءَ جو اظهار ڪيو. اها آخري آرزو ڪهڙي هئي؟ جا کيس جان بچائڻ جي خواهش هئي، يا پنهنجن ٻچن ٻارن جي سلسلي ۾ ڪو خطرو کيس محسوس ٿي رهيو هو؟ نه بلڪل نه! پنهنجي زندگي ته هن کان اول الله جي راه ۾ وقف ڪري چڪو هو ۽ ٻارن ٻچن کي الله جي سپرد ڪري چڪو هو. سندس ايمان هو ته اهو ئي رزاق آهي ۽ اهو ئي حاجت روا آهي ته پوءِ اها آخري آرزو ڪهڙي هئي؟ ڪفار ناهنجار جي چوڻ تي حضرت خبيب پنهنجي آخري آرزو هن طرح ظاهر ڪئي فرمايائين.

”مون کي قبلہ رخ ڪري تخةء دار تي بيهاريو وڃي جيئن روح کان آزاديءَ کان پوءِ منهنجو جسم ان حالت ۾ ڪِري ۽ منهنجو منهن قبله رخ هجي، ۽ ڪِرندي سجده نياز کان مستنير هجي.“

تاريخ ٻڌائي ٿي ته دشمنن حضرت خبيب جي اها آخري آروزو پوري نه ڪئي. سندس آرزوءَ جي برعڪس سندن رخ قبلي جي اُبتڙ رکيو ويو ۽ سوريءَ ڏيڻ وقت سندس پٺي ڪعبي ڏانهن ڪئي وئي. پر هڪ عاشق صادق جي آخري آرزو بهرحال پوري ٿي. ڦاهيءَ جي وٽيل رسيءَ ۾ جيئن خبيب جي گردن فراز ڪئي وئي، تيئن وٽيل رسيءَ بار پوڻ جي ڪري ڦيرو کاڌو ۽ خبيب قبله رخ ٿي ويو،  اهو ئي ٿي گذريو جنهن جي کيس آرزو هئي.

محبت جو مظاهرو:

تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن وقت حضرت خبيب ۽ حضرت زيد کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو، تڏهن نيزن وارن کي حڪم مليو ته انهن جي جسمن کي نيزن جي چوڪن ۽ ضربن سان زخمي ڪيو وڃي. ان حڪم موجب حق جي بيگناهه پرستارن کي نيزن سان زخمي ڪيو ويو، پر حق پسند ۽ حَق پرست عاشقن اُف به نه ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com