سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :14

تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن بدبخت نيزه باز، پنهنجي سفاڪي جي مظاهري ڪندي حضرت خبيب جي دل ۾ نيزو هنيو، تڏهن کيس چيائين:

”اي خبيب! هن حالت ۾ تنهنجي آرزو اها ئي هوندي ته ڪاش تنهنجي هن حال ۾ هن جڳهه تي، محمد صلي الله عليہ وسلم هجي ها! ۽ مان هن عذاب کان بچيل هجان ها!“

حضرت خبيب ايتري ڪاري ضرب کي برداشت ڪري، نيزه باز کي جواب فرمايو:

”خدا تعاليٰ نيتن ۽ دلين کان آگاهه آهي. مان اهو نٿو چاهيان ته منهنجي جان بچي وڃي ۽ ان جي جاءِ تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن هجن! مان ته اهوئي ٿو چاهيان ته منهنجي زندگي ڀلي قربان ٿي وڃي، پر رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن مبارڪ پيرن ۾ ڪو ڪنڊو به نه لڳي!“

قرآن جي هن فرمان جو ڪيڏو نه والهانه انداز ۾ عملي تفسير آهي: النبي اوليٰ بالمومنين من انفسهم.“

يعني: ”نبي اڪرم مومنن کي پنهنجي جان کان زياده عزيز آهي.“

ان جو تفسير ممبر تي بيٺي يا درس جي مسند تي ويٺي تمام سهڻي انداز ۽ فيصح ۽ بليغ الفاظ ۾ ڪري سگهجي ٿو. ليڪن ڇا شان آهي اُن تفسير جو، جيڪو تخةء دار تي جگر پاش پاش هوندي حضرت خبيب دنيا جي سامهون پيش ڪيو.

حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي هڪ حديث آهي:

لايؤمن احد ڪم حتيٰ اڪون احب اليہ ولدهِ وَ والدهَ الناس اجمعين

”توهان مان ڪوئي به شخص سچو مومن ٿي نٿو سگهي، جيستائين مان کيس پنهنجي اولاد، پنهنجي والدين ۽ دنيا جي سڀني انسانن کان زياده موجب نه هجان.“

ان حڪم موجب صحابہ ڪرام جي پوري جماعت حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي ذات اقدس تي سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي هئي.

في البديہ اشعار:

حضرت خبيب کي جڏهن تختِ دار تي چاڙهيو ويو، تڏهن چند في البديہ شهر چيائين. جڏهن ته عرب هڪ سخن شناس قوم آهي، تڏهن انهن شعرن کي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اهي شعر دشمنن جي ذريعي سان روايت ٿيندي ڦهليا ۽ مشهور ٿيا، ۽ انهن دشمنن مان اڳتي هلي ڪيئي فرد دائرهء اسلام ۾ داخل ٿيا. انهن شعرن ۾ ان وقت جي سنگين لمحات جي منظرڪشيءَ سان گڏوگڏ انهتا درجي جي جرئت ۽ همّت موجود آهي، ان سان خيالات جي پختگي، تخيل جي ندرت ۽ مقصد جي صداقت تي يقين ڪامل اظهار ۽ اعلان آهي. حضرت خبيب فرمايو:

”ماڻهو گروه در گروه منهنجي چوڌاري جمع ٿي چڪا آهن. انهن موت ۽ حيات کي هڪ تماشو قرار ڏنو آهي. منهنجي هن جانثاري سرفروشيءَ کي تماشو سمجهي دور درزا شهرن مان ڪيترن قبيلن کي سڏيو ويو آهي. منهنجي اڳيان تماشبينن جو عظيم هجوم جمع ٿي چڪو آهي. ۽ شاهد ۽ قتل هلاڪتگاهه ۾ چؤکنبو ٻڌو ويو آهيان.

”انهن ماڻهن پنهنجين عورتن ۽ پنهنجي معصوم ٻارن کي به آندو آهي ۽ مون کي هڪ مضبوط ۽ بلند تخةء دار وٽ وٺي هليا آهن.

”انهن مون کي آزاد ڪرڻ لاءِ اهو شرط وڌو آهي ته مان باطل کي پسند ڪريان ۽ دوباره ڪفر اختيار ڪريان. ليڪن ان کان ته موت نهايت لذيذ ۽ آسان آهي. منهنجون اکيون اشڪبار آهن، مگر ياد رهي ته ڪنهن خوف جي ڪري نه، هي خوشيءَ جي جذبات جي فراوانيءَ جا ڳوڙها آهن.

”مان باطل جي اڳيان ڪڏهن به نه جهُڪندس، ڇو ته حق ۽ صداقت باطل جي اڳيان ڪڏهن به عاجز ٿي نٿا سگهن. آءُ خوشيءَ جي ڳوڙهن کي ڳاڙيندي خدا جي طرف وڃي رهيو آهيان.

”مون کي موت ڪوبه خوف نه آهي، ڇو ته موت برحق آهي. هر انسان موت جو اچڻ لازم آهي، فقط طريقئه ڪار جو فرق آهي.

”عرش عظيم جي مالڪ هن ساري ابتلا ۽ آزمائش ۾ مون کي صبر ۽ استقلال عطا فرمايو آهي. دشمنن منهنجي گوشت جو قيمو بنائي ڇڏيو آهي ۽ اميد حيات ختم ٿي چڪي آهي.

”مان بيوطنيءَ ۽ بيڪسيءَ جي عالم ۾ پنهنجي درد ۽ آزمائش جي شڪايت فقط الله تعاليٰ جي اڳيان پيش ڪريان ٿو. اهو سڀڪجهه کيس معلوم آهي جو دشمنَ منهنجي جان جي نڪرڻ کان پوءِ ڪرڻ وارا آهن.“

پنهنجي آخري آرزو يعني قبله ڏانهن رخ ڪري ڦاسيءَ تي چڙهڻ وقت مخالفن کي چيائين: ”جڏهن مان مومن جي صورت ۾ شهيد ٿي رهيو آهيان، تڏهن مون کي ان ڳالهه جي قطعاً ڪا پرواهه ناهي ته مان خدا جي راه ۾ شهيد ٿيندي تخةء دار تان ڪهڙي پهلوءَ تي ڪِرندس“.

”الله جي ذات سان اميد واسبته اٿم ته مون شهيد جي گوشت جو هر ٽڪرو باطل جي خلاف هميشه جي لاءِ اعلان جنگ ڪندو رهندو.“

سعيد بن عامر صحابي جو واقعو:

حضرت سعيد بن عامر هڪ صحابي هو. اُن مڪي جي فتح واري زماني ۾ اسلام قبول ڪيو هو. ڏاڍو عقلمند ۽ صاحب بصيرت نوجوان هو. حضرت عمر رضه الله تعاليٰ عنه جي خلافت جي زماني ۾ کيس گورنر بنايو ويو. سندس حالت اها هئي جو ڪڏهن ڪڏهن اوچتو بيهوش ٿي ڪِري پوندو هو. جڏهن حضرت عمر کي ان واردات جو پتو پيو، تڏهن کيس فڪر دامنگير ٿيو. حضرت سعيد کي پاڻ وٽ گهرائي پڇيائين ته ”ڇا اوهان کي ڪا بيماري پيدا ٿي آهي؟“ حضرت سعيد جواب ۾ چيو ”نه، اميرالمومنين! مون کي ڪابه بيماري نه ٿي آهي، اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن مڪي کان ٻاهر تنعيم جي مقام تي حضرت خبيب کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو، تڏهن مان به اُن تماشبين گروه ۾ موجود هوس. اڄ به جڏهن اهو خونچڪان واقعو ۽ دلگداز منظر منهنجي اکين جي سامهون اچي ٿو، تڏهن بيهوش ٿي ڪِري پوان ٿو.“

درد ۽ اَذيت جو اهو ڪهڙو نه دلگداز منظر هوندو، جنهن جو اثر ورهين کان پوءِ به هڪ ڏسندڙ کي بيهوش ڪري سگهي ٿو. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسلام ۽ ان جي انقلابي نصب العين کي دنيا تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ قدم قدم تي هن منزل جي راهيءَ کي هن دشوار گذار وادين مان گذرڻو پوي ٿو، ان جو هڪ مثال حضرت خبيب جي روح جو اهو پيغام آهي، جو لطيف جي زبان ۾:

عاشق زهر پياڪ، وِهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشہ هيراڪ،
توڙي  چڪنـن چاڪ، ته به آهه نه سَلن عالم سين.

مولانا نذير حسين جتوئي

حضرت مولانا الحاج علامہ

خادم حسين جتوئي رح

سنڌ جي مردم خيز سرزمين اسلام ۽ اسلامي علوم و فنون جي عروج جي دؤر ۾ جيڪي علمي شخصيتون پيدا ڪيون، تاريخ شاهد آهي ته انهن جي غير معمولي علمي ڪارنامن، اَفتاءَ ۽ اجتهاد جي صلاحيتن ۽ معقول ۾ انتها درجي جي مهارت عرب ۽ عجم کان خراج تحسين حاصل ڪيو. انهن مان هر شخصيت پنهنجي پنهنجي دؤر جي برگزيده شخصيت هئي، ۽ اسلامي علوم و فنون جي هر شعبي تي آخري سنَدَ.

هن آخري دؤر ۾ سنڌ جي اندر اهڙيون عظيم شخصيتون پيدا ٿيون، جي پنهنجن پيش رَون جون صحيح جانشين بڻيون، جن جي دم سان اسلام ۾ اسلامي علوم و فنون جي شمع روشن رهي ۽ جن جي ذڪر خير کان سواءِ هن سر زمين جي علمي تاريخ ڪڏهن به مڪمل ٿي نه سگهندي.

هي اُمت محمدءَ جا اُهي عظيم المرتبت افراد هئا، جن جي متعلق سرور ڪونين سيدالثقلين حضور پُر نور محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليہ وسلم جو ارشاد گرامي آهي ته هو ”نبين جا وارث ۽ بني اسرائيل جي نبين جيترو درجو رکندڙ آهن.“ هي اُهي جليل القدر علماء اڪرام هئا، جن پنهنجي سڄي زندگيءَ قال الله ۽ قال الرسول جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ وقف ڪئي. گهر ٻار ڇڏي، سفر جون صعوبتون برداشت ڪري، رُکو سُڪو ٽڪر کائي، تڏن تي ويهي، ڪؤڙي تيل جا ڏِيا ٻاري، اول پاڻ علم حاصل ڪيائون ۽ پوءِ حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين بي لوثي ۽ بي غرضيءَ سان الله جي مخلوق کي فيض ڏنائون.

حضرت مولانا خادم حسين جتوئي رحمة الله عليہ جو شمار به آخري دؤر جي انهن فقيدالمثال نقيبن ۽ عظيم ترين علمي شخصيتن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن اسلامي علوم و فنون ۾ ڪمايت حاصل ڪئي. هزارها انسانن کي پنهنجي علم و فضل جي سرچشمي مان سيراب ڪيائون ۽ تاريخ جي صفحن تي پنهنجي غير معمولي عظمت ۽ بي لوث علمي خدمت جا اهڙا آڻ مٽجندڙ آثار ڇڏيائون، جي هميشہ جي لاءِ يادگار رهندا ۽ ايندڙ نسلن کي صدين تائين مشعل راهه جو ڪم ڏيندا.

هتي مرحوم و مغفور جي سوانح حيات جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو، جنهن مان سندن شخصيت جي همه گيرءَ جو اندازو لڳائي سگهبو.

ابتدائي حالات:

مولانا خادم حسين جن بلوچ قوم جي جتوئي قبيلي مان هئا. سندن والد ماجد جو نالو فقير محمد جيئل هو. سندن نسبي تعلق سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبيءَ جي سپہ سالار ۽ معتمد خاص ڌڱاڻي خان سان آهي، جنهن سان سندن شجرو چوٿين پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو. مولانا صاحب جي ولادت 68-1867ع ڌاري بلوچن جي هڪ ڳوٺ شاهپور ۾ ٿي، جو سکر ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي. مولانا جو خاندان خوشحال هو ۽ مولانا پنهنجي خاندان جو سڪيلڌو فرزند هو، جنهنڪري ننڍپڻ ۾ سندن پرورش نهايت ئي خاطر خواه طريقي تي ڪئي ويئي. سندن والد ماجد ۽ جدامجد شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار انسان هئا. مولانا ننڍپڻ کان ئي کين نماز پڙهندي ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي ڏسندو هو ۽ وڏن جي ڪردار ۽ گهر جي ماحول کان متاثر ٿيندو رهندو. هو ان ڪري شروع کان ئي سندن طبيعت جو لاڙو دينداريءَ ڏانهن رهيو. يارهن- ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سندن خواهش ۽ اصرار تي کين پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ميل کن جي مفاصلي تي جنده ديري تي مولانا جان محمد صاحب ڀٽي جي مدرسن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي قرآن مجيد ۽ سڪندرنامہ تائين فارسيءَ جو درسي نصاب پڙهي پورو ڪيائون.

عربيءَ جي ابتدائي تعليم ۽ حج جي ادائگي:

ان کان پوءِ شاهپور کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي ترائي ۾ مولانا قاضي عبدالرزاق صاحب جن جي مدرسي ۾ داخل ٿيا، جتي صرف، نحو ۽ فقهه جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائون ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي استاد سان گڏجي حرمين شريف وڃي حج جي ادائگي جي سعادت به حاصل ڪيائون.

درس نظاميءَ جي تڪميل:

حرمين شريفن کان واپسيءَ تي رتيديري ۾ آيا ۽ حضرت عبدالله صاحب نوناريءَ جي مدرسي ۾ درس نظاميءَ جي تڪميل لاءِ داخل ٿيا. اهو ماحول مولانا جن جي مزاج جي عين مطابق هو ۽ استاد بي انتها شفيق ۽ خليق. مولانا عبدالله صاحب پنهنجي لائق ۽ فائق شاگرد جي خداداد ذهانت کان ڪافي متاثر هو ۽ ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت تي غير معمولي توجہ ڏيندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ مولانا خادم حسين جن پنهنجي استاد جي اجازت سان انهيءَ دؤر جي مشهور فلسفي حضرت مولانا محمد اسماعيل صاحب (تلميذ رشيد حضرت علامہ فضل الحق خيرآبادي رحمة الله عليہ) جي خدمت (ڳوٺ ابڙو تعلقو قنبر) ۾ حاضر ٿيا ۽ کانئن هڪ مهيني جي مختصر عرصي جي اندر فلسفي جو مشهور ڪتاب ”ميبذي“ پڙهي، رتيديري ۾ مولانا نوناري صاحب جن جي خدمت ۾ واپس آيا، ۽ اتي مستقبل طور رهي، درس نظامي مڪمل ڪري فارغ التحصيل ٿيا.

اعليٰ تعليم لاءِ سفر:

مولانا جن ”اطلبوا العلم من المهد اليٰ اللحد“ جا قائل هئا، ۽ مروجہ نصاب جي تڪميل جي باوجود علم جي تشنگي محسوس ڪري رهيا هئا، جنهنڪري دستاربنديءَ ڪرڻ بعد انتهائي خاموشيءَ سان رياست بهاولپور جي مشهور ۽ قديم علمي مرڪز ڀُنگ ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ ان دؤر جي شهرهء  آفاق منطقي ۽ فلسفي حضرت علامہ نذر محمد صاحب اِنڍڙ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ متواتر تي سال رهي، کانئن علم الڪلام، فلسفہ ۽ منطق ڪبريٰ جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيائون.

تعليم ۽ تدريس:

ڀُنگ کان واپسيءَ تي وري به پنهنجي استاد مولانا عبدالله صاحب نوناريءَ جي خدمت ۾ رتيديري اچي حاضر ٿيا، جتي مولانا عبدالله صاحب جن سندن غير معمولي قابليت ۽ علمي ڪماليت کان متاثر ٿي، نه فقط کين پنهنجو جانشين يعني پنهنجي مدرسي جو مدرس اول مقرر ڪيو، پر پاڻ به تعليم ۽ تدريس جي دوران کانئن علم الڪلام، فلسفہ ۽ منطق ڪبريٰ جو استفاده ڪندا رهيا.

ڀليڏني آباد ۾:

مولانا خادم حسين جن رتيديري ۾ ٽي سال رهي درس ڏنو، ان کان پوءِ سال 1900ع ۾ عارف ڪامل قاضي القضاة حضرت عبدالغفور صاحب همايوني رحمة الله عليہ (جي سندن استاد جا استاد زاده هئا) جي ارشاد مطابق ڀليڏني آباد تعلقي جيڪب آباد جي ديني درسي جا صدر مدرس مقرر ٿيا، جو ڀليڏني آباد جي ممتاز زميندار الحاج اوسته ڪريمڏني خان قائم ڪيو هو.

نئون دؤر:

مولانا صاحب جي اڃا رتيديري ۾ ئي هئا، ته سندن غير معمولي عام و فضل ۽ بي انتها ذهانت جي شهرت پري پري تائين پکڙجي چڪي هئي. جڏهن ڀليڏني آباد آيا ته سنڌ جي دوردراز حصن جا بيشمار طالب الملم ”حواليہ من ڪل فج عميق“ جي مصداق سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ پنهنجي استعداد آهر سندن سر چشمہء فيض مان سيراب ٿيندا رهيا. جيئن مولانا خادم حسين جي انهيءَ دؤر جي برگزيده علماء ڪرام ۾ پنهنجي بي پناهه قابليت ۽ صلاحيت جي ڪري امتيازي شان جا مالڪ هئا، تيئن سندن مدرسو به هڪ علمي ۽ ديني مرڪز جي حيثيت سان سنڌ جا سڀني مدرسن ۾ امتيازي درجو حاصل ڪري چڪو هو.

وري ديار حبيب ڏانهن:

مولانا جن طالب العلميءَ جي زماني ۾ اگرچ حج جي فرض کان شڪدوش ٿي چڪا هئا، مگر حرمين شريف کان واپسيءَ تي پنهنجو جسم هيڏانهن کڻي آيا ۽ روح اتي ڇڏي آيا هئا. جيڪڏهن ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ خلق کي فيض جو خيال نه هجي ها ته شايد وطن واپس نه موٽن ها، پر جنهن ڏينهن هتي پهتا، انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي دروباره ديار حبيب ڏانهن وڃڻ لاءِ بيتاب رهڻ لڳا. عشق، رسول، جو سندن سر مايہء حيات ۽ سرمايہ ايمان هو، کين هميشہ بيقرار ڪندو رهيو، جنهنڪري رات ڏينهن اها اُڻتڻ رهندي هُين ته:

ڪي بود يا رب که رو در يثرب و بطحا کنم،

گہ به مکہ  منزل  و  گہ  در  مدينہ  جا  کنم.

آخر سندن دل جي تڙپ ۽ روح جي پڪار اثر ڪيو ۽ 1904ع ۾ دوباره ديار حبيب ڏانهن حاضر ٿي بيت ربي ۽ محبوب مدنيءَ جي آستان بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائون.

بيعت:

1909ع ۾ اعليٰ حضرت شيخ طريقت جناب محمد عمر خان چشموي نقشبندي ڀليڏني آباد ۾ تشريف فرما ٿيا. انهيءَ موقعي تي هڪ محيرالعقول واقعي جي ظهور پذير ٿيڻ سبب مولانا جن حضرت چشموي صاحب جن جي هٿ تي بيعت ڪري، سندن حلقہء ارادت ۾ شامل ٿيا ۽ ان ڏينهن کان وٺي تعليم ۽ تدريس سان گڏ طريقہء عاليہ نقشبديہ جي دستور موجب روحاني رياضت ۽ تذڪيہ نفس ۾ به مشغول رهڻ لڳا.

جيڪب آباد ۾:

1910ع ۾ مدرسي جي انتظامي معاملات تي مدرسي جي بانيءَ سان اختلاف پيدا ٿي پوڻ سبب ڀليڏني آباد کان جيڪب آباد ۾ وارد ٿيا ۽ مخلص دوستن ۽ معتقدن جي اصرار تي جامع مسجد جي مدرسي ۾ قيام ڪري، تعليم ۽ تدريس شروع ڪيائون. هاڻي اها شهرت ۽ عظمت جا چند ڏينهن اڳ ۾ ڀليڏني آباد کي حاصل هئي، سا جيڪب آباد جي قسمت ۾ لکجي وئي ۽ علم و فضل جي جي هن سرچشمي مان سيراب ٿيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ٻاهر جي دوردراز علائقن کان منتهي طالب العلم سوَن جي تعداد ۾ اچڻ لڳا ۽ درس وٺندا رهيا.

خرقہء خلافت:

1914ع جو زمانو هو ۽ شعبان جو آخري ڏهاڪو، جڏهن سندن پير طريقت کين چشمہ اچڻ جو حڪم ڪيو. پاڻ هڪدم روانا ٿيا ۽ رمضان شريف اتي رهيا آخري ڏهو اعتڪاف ۾ ويٺا، ۽ عيدالفطر جي موقعي تي خلافت جي خدمت سان سرفراز ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com