سمنڊ جي وير جو پاڻي انهن دڙن جي چوڌاري ڦري ويندي
آهي. وير لهڻ کان پوءِ به ڳچ جيترو پاڻي آسپاس
بيٺل هوندو آهي، جنهن کي جهاڳي، پوءِ اتي پهچبو
آهي. سمنڊ جون لهرون به انهن دڙن کي ڪٿان کولي
وجهنديون آهن جتان سڙيل لاشن جا هڏا ٻاهر نڪري
دنيا وارن لاءِ عبرت جو سامان بنبا آهن. اهي هڏا
اڄڪلهه جي ماڻهن جي بُت- قد کان گهڻو وڏي ماپ جا
ڏسجن ٿا. ٻه- ٽي سال اڳي جرمنيءَ جي ڪنهن
يونيورسٽيءَ جا ٻه پروفيسر (جن ۾ هڪ عورت به هئي)
جاتي تعلقي ۾ جَت قوم جي ريسرچ لاءِ آيل هئا، جن
جَتن جون ريتون رسمون، قمومي گيت، مرڻي پرڻي جا
رواج، رهڻي ڪرڻ، گهرن اڏڻ جو نمونو، پوشاڪ وغيره
جا ڦوٽو به پئي ورتا ۽ آواز به ٽيپ رڪارڊ ذريعي
محفوظ پئي ڪيا. اهي هنن دڙن تي به آيا هئا ۽ ڪيترا
هڏا پاڻ سان کڻي ويا هئا.([1])
(7) خواجن جون ڇٽڙيون: ڇڇ گولو کان ٻن- ٽن ميلن جي
مفاصلي تي هي ننڍا قُبا ٺهيل آهن، جن انهيءَ فرقي
جي سنڌ ۾ تبليغ ڪئي هئي. گهڻو وقت مرمت نه ٿيڻ
سبب هاڻي ڪاراٽجي ”ڪاراقبا“ پيا سڏجن.
(8) شاهه يقيق جي درگاه: هيءَ مشهور درگاه چوهڙ
جماليءَ کان لاڏيون ويندڙ رستي تي چوهڙ جماليءَ
کان ٽن ميلن کن پنڌ تي آهي. هن درگاهه تي نه رڳو
آسپاس يا سنڌ مان ماڻهو ايندا آهن، پر ڪراچي،
ملبار، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ڪيترا تعند اچي سلامتي
ٿيندا آهن. هنن ماڻهن جو عقيدو هوندو آهي ته
درگاهه تان هر ڪنهنن سواليءَ کي سندس مشڪلات جو حل
خواب ۾ سمجهايو وڃي ٿو. بزرگ لاءِ موجوده سجاده
نشين (خليفه حاجي محمد، جو پيرسن ۽ نهايت خليق ۽
مهمانواز آهي) کان معلوم ٿيو ته اهو بزرگ اصل اُچ
جي پاسي جي بخاري ساداتن مان آهي، پنهنجن ٻين
ڀائرن سان گڏجي اسلام جي تبليغ لاءِ هن پاسآيو هو.
پنهنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد هو. ڪنهن مظلوم جي
حمايت ڪرڻ سبب ظالمن جي ظلم جو شڪار ٿي شهيد ٿيل
آهي. هيءُ خدا جو بزگزيدو شخص به ميين عثمان جو
همعصر هو. سندس ٻيا ڀائر به درگاهه جي ڀرسان دفن
ٿيل آهن. هن درگاهه تي هر مهيني ماه پهرين آچر تي
ميلو لڳندو آهي ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو چيٽ ۾ مهيني ۾ وڏو
ميلو لڳندو آهي. (وڌيڪ ڏسو تحفةالڪرام ص. 440).
(9) ابن (اڀن) شاه ۽ راڄن شاه جا ٽڪر: هي اٽڪل
چاليهه- پنجاهه ننڍيون ٽڪريون هڪٻئي کان ٿوري ٿوري
مفاصلي تي آهن. هيٺ زمين به اڪثر ڪري ٽڪرائتي آهي.
ٻڌايو ويو ته هر ڏيندي، جي چوني ٿورو ئي وڌيڪ هيٺ
ويندي ته وڃي ڪنهن پٿر جي ڇپ تي لڳندي. ٽڪرين تي
گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن بزرگ جي مزار آهي. اتر پاسي
وارين ٽڪرين تي ڪڪراله جي اڳين حڪمن جا قبا آهن،
انهن جي هيٺان عام قبرستان آهي. هڪ ٽڪيءَ تي مٿي
ابن شاهه (اڀن شاه) جي مزار آهي. ان جي ڏکڻ پاسي
ٻين ٽڪرين تي ڪنهن تي اڳئين زماني جي ٺهرايل
عيدگاهه آهي ته ڪنهن تي مسجد شريف آهي. هڪ ٽڪريءَ
تي راڄن شاهه جي مزار آهي. ادبي بورڊ پاران ڇپايل
تحفةالڪرام جي صفحي 437 کان 440 تي ڪڪراله جي
قاضين، عالمن ۽ بزرگن بابت گهڻو احوال لکيل آهي.
راڄن شاه لاءِ (صفحي 437 تي) ۽ ابن شاه لاءِ (صفحي
440 تي) ليکل آهي ته شيخ بهاء الين زڪريا ملتانيءَ
جي اولاد مان آهن. مسجد ۽ عيدگاهه ۾ اڄ تائين جمعي
نماز ۽ عيد نمازون ٿينديون آهن ان وقت تي آس پاس
ڳوٺن جا تمام گهڻا مسلمان گڏ ٿي عبادت جو فرض ادا
ڪندا اهن. ڪن قبن تي پٿر جون ڇٽيون ٺيهل آهن ۽
قبرن جي چوڌاري سهڻو ڪٽهرو ڏنل آهي. انهيءَ سڄي
پٿر تي سهڻي سنگتراشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. مگر انهن
سڀني قبرن، قبن، عيدگاهه يا مسجد وغيره مان ڪنهن
تي به ڪو ڪتبو يا سن لڳل نه آهي، جنهن مان خبر پوي
ته اهي ڪهڙي وقت ٺهيا ڪنهن ٺهرايا، فقط خاموش زبان
سان پنهنجي اڏائيندڙن تي مرثيا پڙهي رهيا آهن. ڪن
ٽڪرين تي ڪي نالا به آهن. جهڙوڪ ابن شاه، راڄن
شاهه، لال ڇتو، چراخ جو ٽڪرو وغيره ڪنهن هنڌ ڪو
وڏو غار به ٻڌجي ٿو، جنهن ۾ اڳي چور رهندو هو، جو
آسپاس ڳوٺن ۽ شهرن کي ڦري اچي هتي لڪندو هو. ائين
به ٻڌو ويو ته اڳئين وقت ۾ هتي ڪو وڏو شهر هو جو
پوءِ وقت جي حاڪم جي ظلم سان تباهه ٿي ويو.
ملڪي انتظام:
هيءُ تعلقو ملڪي انتظام لاءِ ٽن سرڪلن ۾ ورهايل
آهي: (1) کارو ڇاڻ (2) لاڏيون ۽ (3) چوهڙجمالي.
تعلقي جو تنظام مختيارڪار صاحب پنهنجي عملي جي مدد
رسان رکندو آهي. تعلقي جو هيڊ ڪواٽر هن وقت لاڏيون
آهي، پر مختيار ڪار صاحب اڪثر ڪري چوهڙ جماليءَ ۾
رهندو آهي. کارو ڇاڻ سرڪل محالڪاري آهي، جنهن تي
محالڪاري مقرر ڪيل آهي. محاڪاريِءَ کي مختيار ڪار
کان گهٽ ۽ هيڊ منشيءَ کان ڪجهه وڌيڪ اختيار هوندا
آهن ۽ هو مختيارڪار جو زبردست هوندو آهي. کارو ڇاڻ
۾ ٽي تپا آهن: ٻاٻيهو، جوشواري ۽ ننڊ. تعلقي جا
ٻيا مکيه تپا هي آهن: چوهڙ جمالي، گونگاڻي، جنگو
جلباڻي، مگسي جيئند زنگيجو، ڇڇ جهان خان ۽
شاهبندر. هن تعلقي ۾ جملي تيرهن تپا ۽ چار يونين
ڪائونسلون لحاظ کان لاڏيون ۽ پيدائش جي خيال کان
چوهڙ جمالي پهريون نمبر آهي.
تعليمي ۽ اقتصادي حالت:
هن تعلقي جا رهاڪو تعليم ۽ مالي حالت ۾ ڏاڍو گهٽ
آهن سڄي تعلقي ۾ ڪوبه اهڙو هنر يا ڌنڌو نه آهي،
جنهن جي ذريعي چئن پئسن جي اُپت ٿي سگهي لابت چوهڙ
جماليءَ ۾ ڪي ڪٽنب کٽين جا آهن جي ڪپڙي تي ڇُر جو
ڪم ڪندا آهن پر اهو به ڪو ايڏي وڏي پيماني تي ڪونه
ٿئي جو ڏيساور ۾ به وڃي، ويچارا پيٽ پيا پالين.
عام ماڻهو مڇي مارين، جنهن مان هنن جو خرچ به مس
نڪري. پيٽ ڀرين ته انگ اگهاڙو، انگ ڍڪين ته پيٽ
بکيو. ڪٿي ڪٿي ڍنڍن جي پن ۽ سَر مان تئونريون ۽
پکا ٺاهين، سي به ڪي خاص انداز ۾. غربت سبب عوام
۾ تعليم جو چاهه تمام گهٽ آهي. زميندار ۽ سکيا
ماڻهو رڳو انهيءَ خيال ۾ مست آهن: ”اسان جهيا ملڪن
جي ڪي هوندا قليل“ رڳو پاڻ کي عقل وارو سمجهن،
ٻارهين دنيا سان گهٽ واهپي سبب پاڻ کي ٻاهرين دنيا
جي معيار تي آڻڻ جو شوق ڪونه اٿن. زميندار رڳو
زمين جي ڪمائيءَ تي هٿ رکيو ويٺا آهن، سو به ”جيڪي
مليو، سو اسان جو حق ايترو هو، وڌيڪ اسان جي قسمت
۾ ڪونه هو“ وانگر آهي. زمين کي موجوده زماني جي
سڌاريل ملڪن ۾ وڌيڪ فائدو ٿئي، ائين نه آهي. اهو
ابي- ڏاڏي وارو ڪاٺ جو چونيءَ وارو هر يا رڪ جي ٻن
آڱرين جيتري چونيءَ وارو هر، ٻه- ٽي اوڙون آڏيون
ابتيون نه آئي جهڙيون، وجهو ٻج، ٻيو ٿيو خير. جهنگ
به رڳو مٿاڇرو وڍبو جو وري به سارين کان اڳي ڦٽي
ويندو. زميندارن ۾ واپار جو شوق اصل نه آهي. هن
وقت البت ڳوٺن ۾ سڪولن کلڻ سبب ڪجهه ٻار پڙهن به
ٿا، پر اڃا سنڌ جي اندرين تعلقن سان برابري ڪرڻ ۾
هن تعلقي کي شايد ڪي ورهيه لڳندا. چوهڙ جماليءَ ۾
ڪجهه رائيس فيڪٽريون آهن، جن ۾ ڪي غريب مزوري ڪري
پيٽ پاليندا آهن.
مکيه شهر:
(1) لاڏيون:
تعلقي جو هيڊڪواٽر آهي. منجهس هڪ عاليشان انجنيري
باغ آهي، جو هن بيانان ۾ خيابان مثل آهي. انهيءَ
باغ ۾ هڪ کوهه آهي، جنهن جو پاڻي نهايت شفاف ۽
شيرين آهي، سجاول جا وڏا ڪامورا اڪثر پيئڻ جي
پاڻيءَ لاءِ هن کوهه جي پاڻيءَ جا ڊم ڀرائي لارين
جي رستي گهرائيندا آهن. هتي اصل لاڏڪ قوم جا ماڻهو
رهندا هئا. جنهن تان ڳوٺ تي اهو نالو پيو، مگر هن
وقت ان قوم جو نه فقط ڳوٺ ۾ پر آسپاس به نشان نه
آهي. شهر جي مکيه آبادي سرڪاري ڪامورن تي مشتمل
آهي: مختيارڪار سندس سٽاف، پوليس جو سب انسپيڪٽر،
سندس سب پوسٽ ماستر، ڊاڪٽر، داروغو مڊل ۽ پرائمري
سڪولن جا استاد وغيره. سرڪاري بلڊنگن تي به ڪَلر
جو سخت حملو ٿيل ڏسجي ٿو. مسجد به چڱي وسيع ۽
ويڪري ٺهيل آهي. ڪامورن کان سواءِ ڳوٺ ۾ مستقل
رهندڙ ماڻهو تمام ٿورا آهن، باقي ڀرپاسي ۾ ننڍا
ننڍا ڳوٺ تمام گهڻا اٿس. ڪيترا دڪاندار انهن
ڀروارين بستين جا آهن، جيڪي صبح جو دڪانن تي اچي
ڌنڌو ڪريو، شام جو دڪانن کي تالال لڳايو الله جي
امن ۾ ڇڏيو وڃن. ڳوٺ ۾ هڪ چڱو دڪان هڪ اوترادي
هندوءَ جو آهي، ٻيا سڀ ننڍڙا ڳوٺاڻا- هٽ آهن. رئيس
محمد يوسف خان چانڊيي جو ڳوٺ به هتان نزيڪ ستاهه
جي ڪپ تي آهي. ستاهه واهه ڄڻ لاڏيون ڳوٺ جي وچ مان
پيو وهي، مگر هاءِ ڙي قسمت! ڳوٺ وارن کي ڀاڄي به
پنهنجي ڳوٺ يا ڀرپاسي ۾ پوکيل نصيب ڪانه ٿئي ڪلر
سبب اهڙي پوک تمام گهٽ ٿئي. گورنمينٽ جا ملازم به
ڀاڄي ترڪاري ٻاهران گهرائين. البت مڇي جام اچي،
صبح کان شام تائين پيئي وڪامندي. اڪثر ڪري ڏسبو
آهي ته پوليس جا سپاهي ڪاٺين جون ڀريون به چوهڙ
جماليءَ مان خريد ڪريو لارين جي مٿان رکيو کنيو
پيا ويندا آهن.
(2) چوهڙ جمالي:
آبادي ۽ واپار جي لحاظ کان هيءُ ڳوٺ تعلقي جو وڏو
شهر آهي. جيترو واپار هتي ٿو هلي اوترو شايد سجاول
، جاتي يا ٻين آسپاس شهرن ۾ مشڪل هلندو هوندو سڄو
ڏينهن بزار ۾ ۽ بس اسٽينڊ تي ماڻهن جا گپاگيهه لڳي
پيئي هوندي آهي. هتي هرڪو ڌنڌو سٺو ٿو هلي. چاءِ
جا ڦيري ڪندڙ به سٺو روزگار ڪمايو وٺن. هتي ٽي
وڏيون رائيس فيڪٽريون آهن، جن ۾ ڪيترائي پورهيت
پيٽ قوت ڪمائين ٿا. ستاهه واهه ڳوٺ جي اولهه ۽ ڏکڻ
مان وهي ٿو. واهه جي ڏکڻ پاسي وري غريبن جي بستي
آهي. ستاهه جي ڪپ تي ننڍا ننڍا باغ ۽ ميويدار وڻن
جا جهڳٽا گهڻين جاين تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. شهر جي
اتر طرف عاليشان انجينري باغ آهن، جتي ڊويزن يا
ضلعي جا وڏا آفيسر گشت وقت اچي منزل انداز ٿيندا
آهن. شهر ۾ هڪ وڏو پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول،
اسپتال ۽ تپيدارن جو ديرو پڻ آهي. مختيارڪار به
گهڻو ڪري هتي رهندو آهي.
شهر جي ڪن دين جي درد رکندڙ نوجوانن هت ڪري هڪ
ديني مدرسو پڻ کوليو آهي. هتي جي جامع مسجد به ڏسڻ
جهڙي آهي.
(3) شاهبندر:
مرزاقليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب ”قديم سند ۽ ان جا
مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ لکيل آهي ته سن 1759ع ۾ ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي ٻڌايو ۽ اورنگزيب جا سڀ ماڻهو
لڏائي اتي آڻي ويهاريائين. هتي سنڌ جي حاڪمن جا
جهاز بيهندا هئا. 1819ع ۾ زمين ڌٻڻ سبب درياءُ پيٽ
ڦيرائي ويو ۽ بندر ڦٽي ويو. اڪٿر ڪڇي ڀاٽيا رهندا
هئا، جن جو مسقط ۽ ٻين ڏيساورن سان واپار هلندو
هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته 1947ع جي لڏ پلاڻ وقت ٽنڊيو
محمد خان کان ڏکڻ طرف گوني تعلقي ۽ ڪراچي ضلعي جي
شاهبندر ڊويزن جا سڀ هندو گهڻو ڪري ٻيڙين ذريعي هن
ئي بندر تان ڪڇ ۽ ملبار ڪناري کان هندستان ويا
هئا.
هن بندر رستي هندستان سان گهڻو واپار هلندو هو،
خاص ڪري اناج، اڱر ۽ جلائو ڪاڍيون هندستان وينديون
هيون ۽ اتان ٻِڙين جا پن، پانَ، مسالو وغيره ايندا
هئا، مگر هن وقت بندر ڦٽي ويو آهي، سڄي شهر ۾ (جو
حقيقت ۾ ڳوٺ سڏڻ جي لائق به نه آهي) سَٺ- سَتر
ماڻهو به مشڪل رهندا هوندا. شهر جا نسان ملين ۾
لڀن ٿا. هتي جو آخوند خاندان پنهنجي علميت سبب
مشهور هو. هنيئر رڳو آخوند ابوبڪر شهر وسايو ويٺو
آهي، جو ساڳئي وقت ڳوٺ ۽ آسپاس جو دڪاندار به آهي
ته برانڌچ پوسٽ آفيس جو انچارج به آهي. هن غريب،
ڳوٺ جي سڌارڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ورتي آهي، سندس ڪوشش
سان هن وقت چوهڙ جمالي شاهبندر تائين هڪ کليل لاري
ويندي آهي. حيدرآباد جو مشهور وڪيل آخوند آفتاب
احمد شاهبندر جي آخوند خاندان جو فرد آهي. شاهبندر
ڪيترن عالمن ۽ الله وارن جي رهائشگاهه هو، جن مان
ڪيترن جا آخري آرامگاهه هينئر به اتي آهن.
هن وقت ٻيلي کاتي وارن پاران سمنڊ جي ٻيٽارين ۾
تروڻ جو ٻيلو رکاريو پيو وڃي هن وڻ جا پن ڄمون جي
پنن جهڙا ۽ قد هلڪي ٻٻر جيڏو ٿئي ٿو. ماڻهن ڳالهه
ڪئي ته اُٺ تمروڻ جا پن ۽ ٻور ڏاڍو چاهه مان
کائيندا آهن. جن اٺن هڪ سال اڳي ڪٿي تمرن ۾ چريو
هوندو ته ٻئي سال ساڳئي وقت تي اهي اٺ جتن کان
زوريءَ به ڇڏائي اوڏانهن ڀڄي ويندا آهن. شاهبندر ۾
هن وقت رڳو هڪرو گهر آخوند ابوبڪر جو، هڪڙو مسٽر
محمد عثمان ميمڻ (پرائمري اسڪول جو هيڊماستر) هڪ
گهر سيدّ جو، ۽ ٻه- ٽي گهر ميربحرن جا آهنم پيو
ٿيو خير. پوليس ٿاڻو به آهي، مگر سپاهي اڪثر ڪري
جانچ جونچ جي خيال سان ٻاهر رهن لئنڊ ڪسٽمس ۽ ٻيلي
کاتي وارن جي هلڪي هلڪي آفيس به آهي. آسپاس ۾
سرواڻن، اپلاڻن ۽ مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندڙن جا ننڍا ڳوٺ
تمام گهڻا آهن. سمنڊ جي وير تي سانا ۽ ٻي مڇي گهڻي
مرندي آهي، جنهن جي واپار لاءِ ڪراچيءَ جا واپاري
ٻيڙين ۾ چڙهي ايندا آهن، ٻيو ٿيو خير. پوليس ٿاڻو
به آهي، مگر سپاهي اڪثر ڪري جانچ جونچ جي خيال سان
ٻاهر رهن. لئنڊ ڪسٽمس ۽ ٻيلي کاتي وارن جي هلڪي
سلڪي آفيس به آهي. آسپاس ۾ سرواڻن، اپلاڻن ۽ ٻين
مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندڙن جا ننڍا ننڍا ڳوٺ تمام گهڻا
آهن. سمند جي وير تي سانا ۽ ٻي مڇي گهڻي مرندي
آهي، جنهن جي واپار لاءِ ڪراچيءَ جا واپار ٻيڙين ۾
چڙهي ايندا آهن.
(4) ڇڇ جهان خان يا ڇڇ گولو:
هتي هڪ وڏي کڏ يا ننڍي ڍنڍ آهي. گولو خواجن جي
ڪنهن مکيءَ جو نالو آهي، جو اڳئين وقت ۾ هتي ٿي
گذريو آهي. جهان خان لغاري ميرن جي حڪومت ۾ هن
ڀاڱي تي ڪاردار هو. هينئر به لغارين جا ننڍا ننڍا
ڳوٺ ڀرپاسي ۾ گهڻيئي آهن. خواجا گهڻو ڪري سڀ
جاتيءَ طرف لڏي ويل آهن، نه ته اڳي هتي خواجا قوم
جي چڱي وسندي هئي. ڇڇ تي خواجن جا نار هوندا هئا
جن تي ڪمند، مرچ ۽ ٻيون ڀاڄيون ٿينديون هيون. ڪن
هنڌن ته انبن جا باغ به ڏسبا آهن. ڇڇ مان مڇي به
گهڻي مرندي آهي!.
انهن وڏن ڳوٺن کان سواءِ جيئند زنگيجو، جنگو
جلباڻي، گونگاڻي، باگاڻي ۽ ڪي ٻيا به چڱيرا ڳوٺ
آهن، جتي سارين ۽ ٻيءَ جنس جو واپار هلندو آهي.
اصولڪا وڏا ڳوٺ (جي هينئر ڦٽي ويا آهن):
(1) قائم جلباڻي:
لاڏين کان باگاڻا ڏي ويندڙ رستي تي وڏو ڳوٺ هو.
پاڪستان ٿيڻ کان ٿورو اڳي ملڪ ۾ بدامنيءَ سبب هندو
لڏي شهرن ۾ هليا ويا، پوءِ مسلمان به سهولت سان
ٻين ڳوٺن ۾ لڏي ويا، هنيئر باقي ڪي ٿورا گهر وڃي
بچيا آهن.
(2) ميگهراج:
هيءُ ڳوٺ به ساڳئي رستي تي جيئند زنگيجو کي ويجهو
هندن جي لڏي وڃڻ سبب صفا ڦٽي ويو، هينئر رڳو نقشي
تي ميگهراج جو نالو ڏسي سگهبو.
(3) ڪيسا هندو:
ڪوڏاريو واهه جي ڪنڌيءَ تي شاهبندر کي ويجهو هندن
جو وڏو ڳوٺ هو. هتي جي هندن جو شاهبندر ۾ وڏيون
ڪوٺيون هونديون هيون، جتان ڏيسارو سان واپار ڪندا
هئا. هن وقت رڳو ڪي ٿورا گهر مسلمانن جا آهن. هن
ڳوٺ جي ڀرسان ڪوڏاريو واهه جي ڪپ تي بڙ جا وڏا
شاهي وڻ تنبوءَ مثل بيٺل آهن.
(4) قدرڏنو شاه:
درياءَ جي ڪپ تي مشهور پتڻ هو، جو درياءَ جي کاڌ ۽
پائڻ سبب ڦٽي ويو. ڪي ماڻهو لڏي وڃي چوهڙ جمالي
ويٺا، پر ڪي ته وري ڳوٺ کان هٽي اڀرندي طرف بند جي
ٻاهران ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا آهن.
اصلوڪا ڦٽل رستا:
تعلقي جي چڪر لڳائڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو ته
شاهبندر ان وقت سنڌ جي سڀني اندرين شهرن سان
خشڪيءَ جي رستي ڳنڍيل هو، جن مان ڪيترا رستا هنيئر
به ڪم اچي رهيا آهن ۽ ڪي مرمت نه هئڻ سبب صفا ڦٽي
بيڪار ٿي ويا آهن، رڳو ڪي نشان وڃي رهيا آهن. مکيه
رستا هي ڏسڻ ۾ ايندا:
(1) الهندي ۾ درياءَ جي ڪپ تان باگانا ڳوٺ کان
سمنڊ جو ڪنارو ڏيندو، شاهبندر کان ٿيندو، ڇڇ گولو
کان پوءِ جاتيءَ هليو ويندو. هن رستي تان لاڏين
طرف به گهارو واهه جي پڇڙيءَ تان وڃي سگهبو آهي.
هن رستي تي ٽپالي رستو چئبو آهي، شايد اڳين حاڪمن
جي ٽپال انهيءَ رستي تان ايندي ويندي هئي.
(2) لاڏين کان قادر ڌني شاهه پتڻ ڏي، جتان پوءِ
گهوڙاٻاڙي، ساڪرو ۽ ڪراچيءَ ڏي وڃبو آهي.
(3) شاهبندر کان چوهڙ جماليءَ ڏي، جتان پوءِ
سجاول، بٺوري کان ٽنڊي محمد خان ڏي وڃبو آهي.
(4) لاڏين کان جنگو جلباڻيءَ مان ٿيندو باگاڻا،
جتان پوءِ کاروڇاڻ به وڃي سگهبو آهي، وغيره.
تعلقي تي عام آفتون يا تڪليفون:
هن پسانده ايراضيءَ کي ڪيترين آفتن يا تڪليفن کي
به منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن مان ڪي هي آهن:
(1) ڪُئو:
سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ آفت آهي ڪئو. فصل پوکڻ سان
هيءَ آفت منهن ٿي ڪڍي . جيئن جيئن ساريو وڃي
وڌنديون، تيئن تيئن ڪئا به وڃن گهڻا ٿيندا الائي
ڪٿان ٿا اچن! پاڻيءَ ۾ به نٿا ٻڏن! بيٺل فصل کي
اهڙيءَ طرح ڪتري ويندا، جو ڀانئبو ته ڪو ڏاٽي سان
لُڻي ويو آهي. تڪ چت ڪري ڇڏيندا. شام جو واهي،
هاري، زميندار ۽ آيو ويو پوک ڏسي خوش ٿي ويندا.
صبح جو جيڪو اچي ڏسندو، تنهن کي ڏندين آڱريون اچي
وينديون. ڌڻيءَ جو ته هانءُ ئي سڙي ويندو. رڳو
گاهه جو ڍير پيو هوندو ڪئن کي ناس ڪرڻ لاءِ وڏا وس
ٿا ڪجن، پر الاهي آفت کي انسان ڇا ختم ڪري سگهندو!
هڪ ٻيو مرد ڳالهه ڪئي ته اڳي هر سال ڪُئن جا ولر
ٿر کان هلي رحمڪي بزار کان ٿيندا اچيو هتي ڪڙڪندا
هئا. فصل کايو، چت ڪريو، اسان کي ڳڻتين ۾ ڳاريو
هليا ويندا هئا.
ڪئن جا به ڪيترائي قسم ڏسبا آهن: سفيد، خاڪي،
نيرا، ميٽانئيان
(2) نانگ، بلائون:
پاڻيءَ جي گهڻي ٿيڻ سبب نانگ بلائون به نڪريو ٻاهر
ٿين، جن جي چڪ سبب ڪئين اجل جي چنبي ۾ اچيو وڃن.
(3) مڇر: گهڻي پاڻي ۽ پوسل سبب مڇر به جام
ٿئي. جنهنڪري هن ڀاڱي ۾ مليريا به عام هوندي آهي.
(4) ڪارڙو ۽ منگهڻ:
گهم سبب منگهڻ به گهڻو ٿئي. رات جو ننڊ به ڪنهن
نصيب واري کي ايندي. ماڻهو ويچارا ڏينهن جو کٽون
اس ۾ تپائي، ڇنڊي منگهڻ ڪڍي مارين يا ڪو ٻيو حيلو
ڪن، تڏهن رات جو آرام جي ننڊ ڪن. ڪارڙو وري منگهڻ
کان به اُتر لهي. خاص ڪري سياري ۾ ته ڪارڙو رڙ
ڪڍايو ڇڏي مڇر کان ته مڇرداني به گهڻي ڀاڱي بچاءَ
ڪري، پر ڪارڙو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ٿئي به تمام
ننڍڙو جهڙو ڪڻڪ جو سُرو؛ پر جي ٽپ ڏيئي ڪٿي ڪپڙن ۾
لڪي ويو ته پوءِ سڄي رات ننڊ حرام.
ڪي ماڻهو انهن جي سوران ڪپڙا لاهي رڳو سوڙ يا رلين
۾ ويڙهجي سمهن.
(5) سمنڊ جون لهرون:
ڪڏهن ڪڏهن طوفان يا تکي هوا سبب سمنڊ جون لهرون
ڏاڍيون اتانهيون ٿينديون آهن ۽ زور سان زمين تي
گهڻو اندر ڪاهي اينديون آهن. جهڙو تڪڙو اچن، اهڙو
ئي تڪڙو واپس وڃن؛ پر ان ٿوري وقت اندر ڪناري جي
ڀر وارن ڳوٺن کي تباهه ڪيو ڇڏين. ماڻهو ويچارا رڳو
سَرَ به مشڪل سان بچائي سگهن. لهر جو پاڻي موٽندي
ماڻهو، ڍور، ڍڳو، سامان سڙو جيڪي منهن سامهون
اچيس، تنهن کي کنيو وڃيو سمنڊ داخل ڪري.
تعلقي جي ترقيءَ لاءِ ڪي رٿون:
(1) ڪنهن به علائقي جي ترقيءَ لاءِ سڀ کان پهرين
ضروري ڳالهه آهي آمدرفت جو سهنج . جيڪڏهن اڳئين
وانگر شاهبندر کي سڌاري بندر بنايو وڃي ۽ کيس
اندرين شهرن مان ڪنهن به ويجهي شهر سان ريلوي
ذريعي ملايو وڃي ته پوءِ جيڪر نه رڳو هيءَ تعلقو
پر سڄو لاڙ وسي وڃي. سڄي بيابان جي ڪايا پلٽ ٿي
پوي.
(2) سجاول کان چوهڙ جمالي لاڏيون تائين ۽ چوهڙ
جماليءَ کان شاهبندر تائين رستا پڪا ڪرايا وڃن،
جيئن بارش ۾ به سهولت سان آمدرفت چالو رهي.
(3) خاص مشڪلات آهي آباديءَ لاءِ پاڻي.
هن وقت بارش ۾ ڪو پاسو صفا ٻڏيو ناس ٿيو وڃي. رستا
به ٻڏيو بند ٿيو وڃن ته ڪنهن پاسي اها خشڪي لڳي
پيئي آهي جو پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي به ڏکيو هٿ اچي،
جنهنڪري آبادي پوريءَ طرح نٿي ٿي سگهي. هاڻي ماڇڪي
مئنر وهڻ لڳي آهي، جنهن سان هن تعلقي جي آباديءَ
جون گهڻيون اميدون آهن. اهڙي هڪ ٻي شاخ جنگو
جلباڻيءَ کان به وهائي اچجي ۽ اڳوڻن واهن کي سڌاري
ويڪرو ۽ اونهو ڪجي، جيئن واهن جي پڇڙيءَ تائين به
پوک ٿي سگهي.
(4) مڇيءَ جي واپار کي همتائجي. مڇي سائنٽيفڪ
نموني سڪائي، ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلجي. مڇيءَ جي تيل
جا ڪارخانا کولجن.
(5) لوڻ ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کي همتائجي، جيئن شاهبندر
۽ زنگيجو تپن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ مان لوڻ ٺهي ۽ ٻاهر
وڃي.
(6) ) تعليم جي واڌاري لاءِ چوهڙ جماليءَ ۾ هڪ
هاءِ اسڪول، ۽ لاڏيون، شاهبندر ۽ جيئند زنگيجو ۾
مڊل اسڪول کوليا وڃن.
(7) ڍنڍن جي اجائي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٻن-ٽن
جاين تان ڇنڊڻيون تيار ڪجن، جي وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي
سمنڊ ۾ اڇلائين.
(8) ڪُئن ناس ڪرڻ لاءِ اپريل ۽ مَئي مهينن ۾ جڏهن
پاڻي سڪي وڃي ڍنڍن جي تر ۾ رهندو آهي ۽ ڪئا ڍنڍن
جي تر ۾ هڪ جاءِ گڏ ٿيندا آهن، تڏهن انهن کي ناس
ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺجن.
(9) زميندار طبقي کي همتائجي ته سڌريل نموني جا
اوزار ٽريڪٽر وغيره ڪم آڻي زمين کي سڌارين ۽ نئين
نموني آبادي ڪن. هارين جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪوشش
وٺن. واپار سان شوق رکن. گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ ۾ ڪو
آپريشن نموني اهڙو ڪو دڪان کولائين، جتان ڳوٺ جي
رهاڪن کي ضرورت جي سڀڪا شئي آسانيءَ سان ملي سگهي.
حيدرآباد ۾ ايراني شهنشاهيت جو اڍائي هزار ساله
جشن
خميس 14- آڪٽوبر 1971ع
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب صدر شعبه تعليم سنڌ
يونيورسٽي ۽ ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، پاڪستان
ڪائونسل ۾، فارسي ڪتابن ۽ قلمي نسخن جي نمائش جو
افتتاح ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب ۽ ٻيا مهمان فارسي ڪتاب ۽ قلمي نسخا
ڏسي رهيا آهن.
حيدرآباد ۾ ايراني شهنشاهيت جو اڍائي هزار ساله
جشن
جمع 15- آڪٽوبر 1971ع
عاليجناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ميمبر
قومي اسيمبلي پاڪستان ۽ چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ،
ايران ۽ سنڌ جي ثقافتي لاڳاپن بابت منعقد ڪيل مجلس
مذاڪره ۾، آقاي رشيد فرزانه، ڊئريڪٽر ايران ڪلچرل
سينٽر، حيدرآباد کي بورڊ جو شايع ڪيل فارسي ڪتاب
”تحفة الڪرام“ تحفي طور ڏيئي رهيو آهي.
آقاي رشيد فرزانه، اعليٰ حضرت شهنشاهه ايران جي
زندگيءَ ۽ ڪارنامن بابت تعارفي تقرير ڪري رهيو
آهي.
ادارو
[ثقافتي سرگرميون]
حيدرآباد ۾، شهنشاهيت جو
اڍائي هزار ساله جشن
پاڪستان ۽ ايران جا تعلقات هميشہ نهايت دوستانه ۽
قريبي رهيا آهن. برصغير جي مسلم ثقافت تي فارسي ۽
زبان ۽ ايراني تهذيب و تمدن جو وڏو اثر رهيو آهي.
تازو، ايران پنهنجي اڍائي هزار ساله شهنشاهيت جو
يادگار جشن ملهايو. پاڪستان، ايراني عوام ۽ حڪومت
سان انهيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيو. پاڪستان جو اعليٰ
سطح تي هڪ سرڪاري وفد جشن جي تقريبات ۾ شرڪت ڪرڻ
لاءِ ايران ويو، ۽ خود پاڪستان ۾ ان موقعي تي جشن
ملهائڻ لاءِ مرڪزي حڪومت طرفان هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي
ويئي، جنهن جشن جو پروگرام مرتب ڪيو. مذڪور
ڪاميٽيءَ جي هدايتن هيٺ، پاڪستان جي ممتاز علمي ۽
ثقافتي ادارن شاندار جلسن ۽ جلوسن جو بندوست ڪيو،
۽ ايران ۽ پاڪستان جي تعلقات بنسبت خاص ڪتاب شايع
ڪيا. سنڌ جي ممتاز ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ،
مرڪزي حڪومت جي جشن ڪاميٽءَ جي مشوري موجب، ان
موقعي تي، سنڌ جي تاريخ جي اهم فارسي ڪتاب ”تحفة
الڪرام“ شايع ڪيو، جنهن جي تصحيح ۽ ترتيب جو ڪم
سيد حسام الدين راشدي صاحب سر انجام ڏنو آهي.
خميس ڏينهن، 14- آڪٽوبر 1971ع تي، پاڪستان ڪائونسل
۾، مذڪور ڪائونسل، مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي
بورڊ بورڊ جي گڏيل ڪوششن سان فارسي ڪتابن ۽ قلعي
نسخن جي هڪ نمائش منعقد ٿي، جنهن جو افتاح سنڌي
ادبي بورڊ جا قلعي ڪتاب پڻ رکيا ويا هئا.
جمعي ڏينهن، تاريخ 15- آڪٽوبر 1971ع تي، مهراڻ
آرٽس ڪائونسل ۾، ايران ۽ سنڌ جي ثقافتي لاڳاپن
بابت هڪ مجلس مذاڪره منعقد ٿي، جنهن جي صدارت
عاليجناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ چيئرمين
سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڪرڻ فرمائي.
مذاڪري ۾، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، محترم ناظمہ سميع ۽ آفاي رشيد
فرزانه عالمانه تقريرون ڪيون، جن ۾ هن سنڌ،
پاڪستان ۽ ايران جي تاريخي لاڳاپن تي تفصيل سان
روشني وڌي. آخر ۾ جناب مخدوم صاحب صدارتي تقرير
ڪئي، جنهن ۾ فرمايائون ته ”سنڌ ۽ ايران جي وچ ۾،
صدين کان وٺي، نهايت قريبي تعلقات رهيا آهن. ايران
مان ڪيترائي برگزيده اولياء، ۽ شعراء هجرت ڪري،
سنڌ ۾ اچي رهيا، جن هن سر زمين کي پنهنجي روحاني
فيض غ علم سان نوازيو. کين سنڌ جي سرزمين کي
پنهنجي روحاني ۽ علم سان نوازيو. کين سنڌ جي سر
زمين سان ايتري ته محبت ٿي ويئي، جو وري واپس وطن
ڪين ويا ۽ وصال بعد سنڌ جي خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيا.
اهڙين اعليٰ هستين ۾ حضرت مخدوم عثمان مروندي عرف
قلندر لال شهباز جو اسم مبارڪ سرفهرست آهي. فارسي
سيوين سال سنڌ جي حاڪمن، اُمراء شرفاء، شعراء ۽
دانشورن جي زبان ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جي سرزمين
ڪيترائي اهڙا باڪمال ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن فارسي
زبان ۽ ان جي ادب ۾ گرانقدر اضافو ڪيو آهي. انهن
عالمن ۾، تنها مير علي شير قانع فارسي ۾ تقريباً
پنجاهه ڪتاب تاريخ، تذڪري، شعر ۽ ادب تي لکيا.
برصغير ۾ قرآن مجيد جو پهريون فارسي ترجمو منهنجي
جد امجد مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح هالائي رحمة
الله عليہ ڪيو، جو عنقريب سنڌي ادبي بورڊ طرفان
شايع ڪيو ويندو.“
سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي مطبوعات جو ذڪر ڪندي جناب
مخدوم صاحب فرمايو ته ”سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي
مطلوعات جو ذڪر ڪندي جناب مخدوم صاحب فرمايو ته
”سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي عالمن جا تاريخ، تذڪري،
شعر و ادب تي فارسي زبان ۾ لکيل ڇويهه (26) ڪتاب
شايع ڪري چڪو آهي، جن کي ايران جي علمي حلقن ۾،
وڏي قدر ۽ تحسين جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ايران جي
جديد دؤر جي هاڪاري عالم مرحوم علامہ سعيد نفيسيءَ
انهن ڪتابن جي اشاعت تي بورڊ کي مبارڪباد موڪلي
آهي، جنهن تي اسان کي بجا طور خوشي ۽ فطر آهي.“
جناب مخدوم صاحب تقرير جي آخر ۾ فرمايو ته ”ايران
۽ پاڪستان جا شروع کان دوستانه تعلقات رهيا آهن ۽
جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن خدا جي فضل ۽ رحم
سان باهمي دوستيءَ ۽ محبت جو هي رشتو وڌيڪ مضبوط
ٿيندو وڃي ٿو. اعليٰ حضرت محمد رضا شاهه پهلوي،
شهنشاهه، ايران جي پاڪستان جي فلاح ۽ بهبوديءَ ۾
دلچسپي اسان لاءِ باعث مسرت آهي. چناچه ايراني
شهنشاهيت جي 2500 سالہ جشن جي موقعي تي، اسان
حيدرآباد شهر ۾ ايران سرڪار ۽ ايراني عوام جي
نمائندي، اَقاي رشيد فرزانه، ۽ سندس خانم محترمہ
کي دل جي گهراين مان مبارڪباد ڏيون ٿا.“
جناب مخدوم صاحب پنهنجي تقرير جي اختتام تي، سنڌ ۾
اڃا تائين فارسي زبان جو اثر ڏيکارڻ لاءِ هيٺان ٻه
فارسي اشتعار سامعين کي پڙهي ٻڌايا، جن ۾ هڪ
مولانا خير محمد پاٽائيءَ جو آهي ۽ ٻيو سندن هڪ
فارسي غزل جو مطلع آهي:
جناب مخدوم صاحب پنهنجي تقرير جي اختتام تي، سنڌ ۾
اڃا تائين فارسي زبان جو اثر ڏيکارڻ جو آهي ۽ ٻيو
سندن هڪ فارسي غزل جو مطلع آهي:
حسن او با ماه سنجيدم به ميزان قياس،
پَلئه اين بر زمين فتاد، او بر آسـمان.
(مولانا خير محمد مرحوم پاٽائي)
جو لعبّت بادل- من، همچو طفلان باختي رفتي
شڪستي اينّ عروسڪ را بَه خاڪ انداختي رفتي
(طالب الموليٰ)
هن تقريب جي آخر ۾ مجلس موسيقي منعقد ٿي ۽ پوءِ
سامعين کي شهنشاهه ايران جي تاجپوشيءَ بابت ٻه
رنگين فلمون ڏيکاريون ويون.
قوم کي خطاب
جناب ذوالفقار علي ڀٽو
- صدر مملڪت پاڪستان-
[عوام جي چونڊل، پاڪستان جي پهرين صدر جناب
ذوالفقار علي ڀُٽي، 20- ڊسمبر 1971ع تي، حڪومت جي
واڳن وٺڻ کان پوءِ، شام، جو ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان
قوم کي خطاب ڪرڻ فرمايو صدر مملڪت جي انهيءَ
تاريخ- ساز ولوله انگيز تقرير جو سنڌيءَ ۾ مڪمل
متن پيش ڪجي ٿو.- ادارو]
”مون کي اهو فخر آهي ته مون سياسي تربيت پنهنجي
ديس جي با اخلاق ۽ محب وطن عوام کان حاصل ڪئي آهي.
عوام ئي منهنجا ’اُستاد‘ آهن، اهو ئي سبب آهي جو
منهنجي مزاج ۾ شرافت به آهي ته عوامي سياست به!“
منهنجا عزيز هموطنو، عزيز شاگردؤ، مزورو، هاريؤ،
نوجونو، پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارئو، بهادر
سپاهيو ۽ پنهنجي هٿ سان محنت ڪندڙئو!
اڄ آءٌ توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آءٌ توهان
جي خدمت ۾ تمام دير سان آيو آهيان. آءٌ قومي
زندگيءَ جي هڪ اهڙي لمحي ۾ آيو آهيان، جڏهن
پاڪستان جي تاريخ بنان شڪ شبهي جي هڪ فيصله ڪن موڙ
تي پهچي چڪي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هڪ خطرناڪ بلڪ
تباه ڪُن بحران اچي چڪو آهي.
هڪ نئون پاڪستان:
اسان کي ننڍا ننڍا ٽڪرا گڏ ڪري هڪ نئون پاڪستان،
ترقي پذير پاڪستان ۽ هڪ اهڙو خوشحال پاڪستان
بڻائڻو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو استعمال نه
هجي، ۽ جو قائداعظم جي نظر ۾ رهيو هو. اهو منهنجو
يقين آهي ته اهو پاڪستان ضرور قائم ٿيندو جنهن
لاءِ برصغير جي مسلمانن عزت آبرو ۽ پنهنجون جانيون
ڏنيون، بشرطيڪ پاڪستان بڻجندو ۽ اهو منهنجو ايمان
آهي ۽ مون کي ڀروسو آهي ته عوام جي صبر، تحميل،
مفاهمت ۽ ساٿ سان اسين هن ملڪ کي هڪ مضبوط تر ۽
عظيم تر مملڪت بڻائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. مون
کي انهيءَ ۾ ذرو به شڪ شهبو نه آهي.
زباني تقرير:
آءٌ اڄ ڪابه اڳ لکيل يا پهرين کان تيار ڪيل تقرير
نه پڙهي رهيو آهيان. آءٌ اڄ هر ڳالهه زباني ۽ دل
جي گهراين سان چئي رهيو آهيان. مون کي توهان سان
دل کولي ڳالهيون ڪرڻيون آهن. مون کي توهان جي مدد
درڪار آهي. مون کي توهان جو تعاون گهرجي اڄوڪي
تقرير لاءِ مون ڪوبه مسودو انهيءَ ڪري تيار نه
ڪيو آهي جو مون کي مختلف مسئلن تي گفتگو ڪرڻي آهي.
منهنجي آڏو فقط چند نڪتا آهن ۽ ٻيا نڪتا ايندا
رهندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪي نڪتا وري دهرايا وڃن.
آءٌ ڪو جادوگر نه آهيان. توهان جي مدد کان سواءِ
آءٌ ڪامياب ٿي نٿو سگهان ۽ جيڪڏهن توهان جو تعاون
مون سان شامل حال رهيو ته پوءِ آءٌ هماليه کان به
بلند آهيان.
ڪجهه وقت ڏيو، آءٌ سڀڪجهه ڪندس. مون کي ڪجهه وقت
ڏيو. آءٌ توهان لاءِ سڀڪجهه ڪندس. مون کي اشتراڪ ۽
تعاون جي بيحد ضرورت آهي. جنهن وقت به مون کي جنهن
جي ڳالهه جو خيال آيو آءٌ انتهائي صافدليءَ سان
توهان جي آڏو پيش ڪندو رهندس مون کي روزانه ريڊيو
ٽيليويزن تي اچي تقرير ڪرڻ جو شوق نه آهي ۽ آءٌ
توهان کي وقت بوقت زحمت نه ڏيندس. جڏهن به ڪا
اهڙِي ڳالهه ٿي، جنهن جي باري ۾ مون کي پنهنجي
هموطن سان مشوري ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. آءٌ ريڊيو
۽ ٽيليويزن ذريعي ۽ ممڪن آهي ته پروگرام روڪي به
توهان تائين پهچڻو پوي ۽ آءٌ هرڳالهه لاءِ توهان
جي منظوري حاصل ڪندس. سڀڪجهه عوام جي منظوري سان!
آءٌ توهان جي مرضيءَ کان سواءِ پنهنجي روءِ سوءِ
ڪوبه فيصلو ته ڪندس. آءُ توهان جي رضامنديءَ لاءِ
سواءِ هڪ قدم به نه کڻندس. ايندڙ وقت جو هڪ- هڪ
منٽ قيمتي آهي. توهان جي تعاون کان سواءِ ڪابه
ڪاميابي نٿي ٿي سگهي. آءٌ هڪ انسان آهيان ۽ انسان
خطا جو پتلو ٿيندو آهي.
منهنجا عزيز هموطنو! مون کي ڪجهه مهلت درڪار آهي
ته جيئن آءٌ سمورن مسئلن تي سوچي ويچاري سگهان ۽
انهن جي حل لاِءِ ڀرپور ڪوشش ڪري سگهان. وطن واپسن
موٽڻ کان پوءِ آءٌ مسلسل طور معصروف رهيو آهيان ۽
انهيءَ ڪري ئي پنهنجي تقرير جو ڪوبه مسودو تيار
ڪري نه سگهيو آهيان.
انگريزيءَ ۾ تقرير ڇو؟
آءٌ اردوءَ ۾ تقرير ڪري سگهان ٿو، پر هيءَ منهنجي
پهرين تقرير آهي ۽ اها سڄي دنيا ٻڌي رهي آهي.
منهنجي مرضي آهي ته اها سڄي دنيا سمجهي سگهي، ته
آءٌ ڇا چئي رهيو آهيان. انگريزي اسان جي پنهنجي
زبان ناهي. مون کي ان تي تمام افسوس آهي! آءٌ
مجبورن هڪ غير ملڪي زبان ۾ تقرير ڪري رهيو آهيان.
ان جو ڪو اهو مطلب ناهي ته مون کي اردو نٿي اچي.
آءٌ پنهنجي جلسن ۾ هميشہ اردوءَ ۾ تقريرون ڪندو
آهيان، حالانڪ مون کي ان ۾ اردو نٿي اچي. آءٌ
پنهنجي جلسن ۾ هميشہ اردوءَ ۾ تقريرون ڪندو آهيان،
حالانڪ مون کي ان ۾ مهارت حاصل ناهي، جنهنڪري ڪڏهن
منهنجي ڪن لفظن تي ماڻهو کِلندا به سمجهي ويندا
آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته ڪاش آءٌ اردوءَ ۾ روانيءَ
سان تقرير ڪري سگهان انشاءَ الله آڻينده آءٌ
اردوءَ يعني پنهنجي قومي زبان ۾ تقريرون ڪندس.
اسان هينئر ڪجهه به وقت ضايع ڪري نٿا سگهون. هيل
تائين وقت اسان جي مخالفت ۾ پئي رهيو آهي. بهرحال
هن وقت به جتي مون ضرورت سمجهي اُتي اردوءَ ۾ عرض
ڪندو رهندس. في الحال مون کي انگريزيءَ ۾ تقرير
ڪرڻي پئي آهي، جنهن جو توهان اردوءَ ۾ ترجمو
ٻڌاندا. هن وقت دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن ۽
هو ٻڌڻ چاهين ٿا ته آءٌ ڇا چوان، انهيءَ ڪري اميد
ته مون کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ معاف ڪيو ويندو.
ڪاش اڄ جيئرو نه هجان ها!
ڪاش! آءٌ اڄ زنده نه هجان ها ۽ پاڪستان کي موجوده
شڪل ۽ صورت ۾ نه ڏسان ها! آءُ اها ڳالهه انهيءَ
ڪري نه رهيو آهيان جو ڪم مشڪل آهي، پر انهيءَ ڪري
جو گذريل ڏينهن ۾ اسان جن حالتن مان گذريا آهيون،
انهن جا اهڙا نتيجا نڪتا آهن جو اڄ اسان کي ڀارت
جي وزير دفاع مسٽر جڳجيون رام جون اهڙيون ڳالهيون
ٻڌڻيون پيون آهن. جي هو چئي رهيو آهي. مسٽر جڳجيون
رام کي هئڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه ٿيو اهو ڪو دنيا جو
آخري فصيلو ناهي، هيءَ ته اڃا شروعات آهي. کيس
انهن عارضي ڪاميابين تي ڦونڊجي وڃڻ نه گهرجي. هيءَ
ته ابتدا آهي، انتها نه آهي. اسان کي بلاشڪ
ناڪامين جو منهن ڏسڻو پيو آهي، ليڪن اسان ان مان
ڪافي سبق پرايا آهن. اسان کي هڪ نئين نظام ۽ نين
حالتن جو آغاز ڪرڻو آهي.
بر عظيم جي پوري تاريخ ۾ اهڙين حالتن جو مثال نه
ملندو ۽ جهڙين حالتن کي هتي جي مسلمانن کي هنيئر
منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهين کان وٺي مسلمانن هن
برعظيم تي قدم رکيو آهي، محمد بن قاسم واري وقت
کان وٺي مسلمانن ڪڏهين به شڪست قبول نه ڪئي آهي هن
ملڪ جي قيمتي ورثي جا مالڪ مسلمان ئي رهندا آيا
آهن.
منهنجا عزيز دوستو، ڀينرون ۽ ڀائرو.
مان اوهان کي صاف صاف چوڻ چاهيان ٿو، کليءَ دل سان
چوڻ چاهيان ٿو. ته مان ڪنهن بدنيتيءَ سان ۽ نه
ڪنهن تلخيءَ سان چئي رهيو آهيان. ماضي ته خدا جي
سپرد آهي، مستقبل جو مالڪ به خدا آهي. مان هڪ عام
ڳالهه چئي رهيو آهيان. مان هيءَ ڳالهه هڪ فرد جي
حيثيت سان نه بلڪ هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت سان چئي
رهيو آهيان، جو هڪ عظيم تصور ۽ عظيم نصب العين تي
يقين ٿو رکي. مان لفاظي به نه ڪندس، اهڙي لفاظي
سان اسان جو گهڻو ئي واسطو پئجي چڪو آهي. مون کي
قوم اهڙي نازڪ وقت ۾ طلب ڪيو آهي، جڏهين اسين
پنهنجي تباهيءَ جي اٿاهه گهراين جي ڪناري تي پهچي
چڪا هئاسون ته جيئن آءٌ جيئن هتي اچي صدر ۽ چيف
مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان قوم جي قيادت
ڪريان. پر انهيءَ فرق سان ته آءٌ عوام جو چونڊيل
نمائندو آهيان. مان ڪنهن ذاتي لالچ جي ڪري اعوام
تي مسلط ڪونه ڪيو ويو آهيان. منهنجو آواز پاڪستان
جي عوام جو مستند آواز آهي. صرف هن عهدي جي ڪري نه
بلڪ اوهان جي ان فيصلي جي ڪري جنهن سان توهان مون
کي گذريل عام چونڊيو هو. اهو ئي واضح فرق آهي.
منهنجا مخالف چون ٿا ته ”آءٌ اقتدار جو بکيو
آهيان.“ مان اقتدار جو بکيو هجان ها ته تاشقند ۾
ئي ٺاهه ڪري وٺان ها، ۽ وري پنهنجي عوام ڏانهن
موٽي نه اچان ها. مان جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ
ساڍن پنجن سالن تائين جدوجهد ڪندو رهيو آهيان ۽
اها ڪا معمولي جدوجهد ڪانه هئي. مون جيل ڪاٽيا،
منهنجي پٺن تي لاٺي- چارج جي لٺين جا نشان اڃا
موجود آهن، مان انسوگيس جو نشانو ٿيس ۽ ان جو به
شڪار ٿيس جو منهنجي زندگي ختم ڪرڻ لاءِ پنج خطرناڪ
حملا به مون کي سهڻا پيا. ليڪن مان هر حالت ۾ ۽
هميشہ پنهنجي عوام سان گڏ رهيس. مون کي حڪمران
طبقي، افسرشاهي ۽ ملڪي اهم شخصيتن کان هميشہ پري
رکيو ويو. اخبارن منهنجي خلاف طرح طرح جون غلط
فهميون ڦهلايون. منهنجي بيانن کي غلط انداز ۾ پيش
ڪيو ويو. منهنجي ۽ منهنجي پارٽيءَ جي خلافت
باقاعده مهم هلائي ويئي، محض انهيءَ جو اسين
جمهوريت جي بحالي ۽ سماجي انصاف جي قائم ڪرڻ لاءِ
جدوجهد ڪري رهيا هئاسين.
هڪ مسلمان جي حيثيت سان:
مفاد پرست عناصر مون تي پنهنجي ترڪش جو هرڪو تير
هنيو. اسان کي ’ڪافر‘ به چيو ويو، جيڪا هڪ مسلمان
جي بد ترين بيعزتي ٿي سگهي ٿي ۽ اڄ آءٌ توهان سان
فقط هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت سان نه پر هڪ مسلمان
جي حيثيت سان به مخاطب آهيان. هي سڀ ڪجهه انهيءَ
لاءِ ڪيو ويو هو جو اسان اصلاح آڻڻ ٿي گهري. اسان
حالتن کي سڌارڻ ٿي چاهيو ۽ ٿورڙن ماڻهن جي انهيءَ
ناپائدار ۽ قابل نفرت ٺڪيداريءَ کي ختم ڪرڻ ٿي
چاهيوسين، جيڪا عوام جي ترقيءَ جي راه ۾ رنڊيون
پيدا ڪري رهي هئي ۽ اوهان مهراباني ڪري غور سان
ڏسو ته اڄ اسين ڪيتريءَ حد تي پهتا آهيون. اڄ
انهيءَ جو نتيجو خود ڏسي رهيا آهيو. ڇا ان ئي
نتيجي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي جنگيون ڪرڻيون پيون؟
ڇا انهيءَ حقيقت کي هٿ ڪرڻ لاءِ، جيڪا اڄ نه سڀاڻي
هر حال ۾ ظاهر ٿي رهي ها.
([1])
ان متعلق هڪ تفصيلي مضمون، مهراڻ نمبر، جلد،
سال ۾ آيل آهي.
|