سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :8

فقير سندس پٺيءَ تي شفقت جو هٿ ڦيريو. ”آءٌ سمجهان ٿو، پٽ!“ ۽ گارشا کي لفظ ”پٽ“ ڏاڍو وڻيو. فقير وڌيڪ چيو: ”آءٌ ته توکي منڍ ۾ ئي چئي رهيو هوس، ته ڪنهن به قسم جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت  نه آهي. سونو سِڪو هر حالت  ۾ توهان جو آهي.“

”جناب، اهو آءٌ ڪڏهن به واپس نه وٺان ها، ليڪن مجبور آهيان. حقيقت آءٌ  توهان کان ڪو نه لڪائيندس. سچ پچ ته اهائي منهنجي ڪل موڙي آهي. آءٌ ڪيترن  ويلن کان بکيو آهيان، ۽ صراف بازار ۾ بيهي، هن کي وڪڻڻ جو ويچار ڪري رهيو هوس، ته ان مان جيڪا رقم ملندي، ان مان پيٽ جي باهه وسائيندس ۽ باقي ضرورتون  به پوريون ڪندس، ته ايتري ۾ توهان اچي ويا ۽ مون کي چيو ته توهان ڪيترن ويلن کان بکيا  آهيو. منهنجي  کيسي ۾، انهيءَ سوني سِڪي کان سواءِ هڪ ٻيو به معمولي ننڍڙو سِڪو موجود هو. هيءُ ڏسو گارشا پنهنجي کيسي مان اهو سِڪو ٻاهر ڪڍيو ۽ ڏيکاريو: ”مون هيءُ سِڪو اوهان کي ڏيڻ گهريو ٿي، پر غلطيءَ سبب، سونو سِڪو ڏئي ويٺس. هي ننڍڙو سِڪو اوهان خيرات وٺڻ چاهيو ته حاضر آهي.“

”نه، نه، پٽ!“ فقير سِڪو هن ڏانهن موٽائيندي چيو. ”مون کان وڌيڪ ، هن سِڪي جي توکي ضرورت آهي.“

”توهان جي مرضي.“

”ها ، ته تون ڪيترن ئي ويلن کان بکيو آهين؟“

”هائو، سچ ڳالهائڻ ۾ ڪو به حرج ڪو نه آهي.آءٌ ٻن هفتن کان هڪ جڳهه تي ملازم آهيان، پر پگهار ملڻ ۾ اڃا دير آهي. پر، مون هاڻي عهد ڪيو آهي ته خواهه بکيو ئي مري وڃان، پر ڪنهن کي به هن سِڪي جي ڪوڙي ڪهاڻي ٻڌائي، بيوقوف ڪو نه بڻائيندس. هاڻي، آءٌ محنت ڪري کائيندس. توهان جي شخصيت مون کي نئون رستوڏيکاريو....“

”ٺيڪ آهي منهنجا دوست، هرهڪ کي محنت ڪري ئي پنهنجي روزي ڪمائڻ گهرجي. مون ڏانهن نهار، صبح ڇهين بجي کان شام جو ڇهين بجي تائين، وڏي جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان ۽ پنهنجين ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪنهن جو محتاج ڪو نه آهيان توکي به گهرجي ته باقاعدي محنت ڪري کائين.“

ٻنهي هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ۽ ٽاڙهيون ڏئي روئڻ لڳا، فقير پنهنجو پهريون جملو وري دهرايو ” ته پوءِ ڪيترن ويلن کان بکيو آهين؟“

گارشا ڪنڌ سان هاڪار ڪئي. ”هلدا“ فقير نوڪرياڻيءَ کي سڏيو، جا جلديءَ ۾ آئي. هن، هنن ٻنهي جي اکين مان ڳوڙهن جون قطارون وهندي، ڪوبه عجب ڪونه کاڌو. گارشا جو اندازو هو ته هوءَ ڀر پاسي ۾ بيٺي، هنن جو تماشو ڏسي رهي هئي، ”هلدا، ميز تي هن همراهه لاءِ کاڌو به رک ۽ هڪ بوتل به آڻ“

ڇوڪريءَ جلديءَ کاڌو رکيو ۽ بکايل گارشا کاڌي تي ڪِري پيو. شراب جي ڪيترن ئي گلاسن، هن  جي بک کي وڌيڪ تيزڪري وڌو. کاڌي کائڻ کان پوءِ هنن ٻنهي گڏجي شراب پيتو.

پورچوگالي شراب پنهنجو اثر ڏيکاريو ته گارشا کي پنهنجو دوست ڊان جل ياد آيو، جنهن اڌ پگهار جي عيوض، کيس نوڪري وٺي ڏني هئي. شراب جي نشي هوندي به، هن اهو محسوس ڪيو ته ڊان جل هن سان وڏي ڪميڻائي ڪئي هئي. هن جو رت ٽهڪڻ لڳو، ۽ بي اختيار ٻڙڪيو: ”جيڪڏهن پوليس کي هن ڪميڻي حرڪت جو علم ٿي وڃي....“لارينو پنهنجي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اُٿيو، ۽ جلدي هن وٽ پهتو. گارشا ڏٺو ته هو منڊو نه آهي. پوليس جو فڪر نه ڪر، تو وٽ ته هن وقت ڪجهه به نه آهي. اسين ته ٻيئي هڪ ئي جرم جا مجرم آهيون.

”توهان ڇا چيو؟“

”منهنجو مطلب آهي ته تون ٺڳ آهين ۽ آءٌ‎‎.......“

”هاڻي آءٌ ٺڳ نه آهيان. آءٌ هن سوني سِڪي کي وڪڻي، پنهنجو ڪم هلائيندس“

”وڪڻي !“فقير حيرت مان ورجايو.”نه، پٽ، ائين نه ڪج.“

”ڇو؟“

”ڇا، توکي ياد نه آهي ته هيءُ سِڪو توکي تنهنجي ماءُ ڏنو هو. تنهنجي ڏهين سالگره تي، ۽ ان جي ٻئي ڏينهن هوءَ ڪنهن حادثي ۾ مري وئي.“

”ها، پر هاڻي مون فيصلو ڪري ڇڏيوآهي ته هاڻي آءٌ پوليس جي ....“

”تون پوليس جو پرواهه نه ڪر، نوجوان. تون اهو ته سوچ ته تنهنجي ۽ اسان جي هڪ ئي ته ماءُ هوندي آهي. صرف هڪ. سو، ان جي نشانيءَ کي سنڀالي رکج.“ ائين چئي، فقير پنهنجي کيسي مان هڪ ٻٽڻون ڪڍيو ۽ ان مان نوٽن جي دستي ڪڍي، هن ڏانهن وڌائي ۽ چيائين : ”وٺ پٽ، هن سان پنهنجو ڪم هلاءِ. هن کان پوءِ، جڏهن به ضرورت پويئي، ته بيڌڙڪ هت هليو اچج.“

نوٽ کڻڻ کان پوءِ، گارشا احسانمنديءَ وارين اکين سان هن ڏانهن نهاريو.

”چڱو، هاڻي اجازت ڏيو.“ هن چيو فقير دروازي تائين هن کي ڇڏڻ آيو.

گارشا وري چيو: ”جناب، آءٌ هن سِڪي واپس وٺڻ تي نهايت شرمسار آهي پر هن کانسواءِ، ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو“

”پرواهه نه آهي. ڪاڳالهه نه آهي. تون مون لاءِ پٽ وانگر آهين.“

” پر جيڪڏهن پوليس کي هن ڳالهه جو ذرو به....“

”ڇڏ پوليس کي. اسان ماڻهن جي هڪ ئي ته ماءِ آهي. توهانجي به، منهنجي به ۽ پوليس جي به!“

·       سنڌيڪار: لعل شاهه

زيورن جودَٻو

چندر پرڪاش کي بي. اي . پاس ڪرڻ کان پوءِ، هڪ ٽيوشن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪم مليو، سندس ماءُ اڳ ئي فوت ٿي ويئي هئي، انهيءَ ئي سال سندس والد به وفات ڪري ويو. هن جو پيءُ اعليٰ آفيسر هو. پرڪاش پنهنجي مستقبل جا جيڪي خوبصورت خواب ڏسندو هو، اهي سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويس. هن کي اها اميد هئي ته تعليم پوري ڪرڻ بعد، کيس چڱي نوڪري ملي ويندي، پر اهي سمورا منصوبا پورا ٿي ڪين سگهيس، ۽ تقدير اڳيان ڪابه تدبير هلي نه سگهي. هينئر سندس گذران لاءِ فقط ڏهه رپيا ماهيانو ٽيوشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو؛ ڇاڪاڻ جو سندس پيءُ ٻي ڪا به ملڪيت نه ڇڏي ويو هو. ان سان گڏ سندس زال به پڙهيل ۽ شوقين هئي، جنهن لاءِ سٺي کائڻ ۽ خوبصورت ڪپڙن پهرڻ کان سواءِ مري وڃڻ بهتر هو. پرڪاش لاءِ ٽيهه رپيا ماهوار پگهار تي نوڪري ڪرڻ ڪٺن هئي، پر ٺاڪر صاحب کيس رهڻ لاءِ جڳهه ڏيئي، سندس همت افزائي ڪئي. اها جڳهه ٺاڪر صاحب جي گهر سان بلڪل گڏ هئي. هوادار، ڪشادي ۽ ضروري سامان سان سينگاريل جهڳهه ويهن روپين مسواڙ کان گهٽ ملڻ ناممڪن هئي. کيس ڪم فقط ٻه ڪلاڪ ڪرڻو پوندو هو. ڇوڪرو به لڳ ڀڳ پاڻ جيڏو هوس، پر بلڪل ڪندفهم ۽ ڪمچور هو. انهيءِڪري اڃا تائين نائين درجي ۾ پڙهندو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي  ته ٺاڪر صاحب ۽ ٺاڪراڻي سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا، کيس ملازم نه بلڪ پنهنجو پٽ سمجهندا هئا ۽ گهر جي هر معاملي ۾ کائنس صلاح مشورو وٺندا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جو وقت هو ۽ پرڪاش پنهنجي شاگرد وير اندر کي پڙهائڻ لاءِ تياري ٿي ڪئي، ته ٺاڪراڻيءَ کيس چيو، ته ”پٽ! هينئر نه وڃ ۽ هيڏانهن اچ جو توسان ڪجهه ڳالهائڻو اٿم.“

پرڪاش دل ۾ سوچيوته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ٺاڪراڻي ويراندرجي سامهون چوڻ نٿي گهري! پرڪاش کي پرڀرو وٺي، اما ديوي چيس، ته”ويروءَ جي شاديءَ لاءِ چڱي گهر کان مائٽي آئي آهي، ان لاءِ تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي، سندس شادي ڪريون يا نه؟“

پرڪاش کلي، کيس جواب ڏنو،  ته ”اهو ته ويرو بابوءَ کان ئي معلوم ڪريو!“ ”نه، توکان پڇنديس“ اماديويءَ کيس وراڻيو.

پرڪاش پريشان ٿي کيس جواب ڏنو، ته ”انهيءِ ۾ ڪهڙي صلاح ڏيندس، هو ويهن سالن جو ته هينئر آهي، باقي ائين سمجهيو ته شاديءَ کان پوءِ سندس پڙهڻ ڇٽو “ ”ته هاڻي شادي نه ڪرايونس، جيڪڏهن تنهنجي به اها صلاح آهي،“ اماديويءَ کيس چيو ”جيئن توهان جو خيال هجي، مون ته ٻيئي ڳالهيون توهان کي ٻڌائي ڇڏيون.“ پرڪاش جواب ۾ چيو. ”ته پوءِ هانءُ ڪرايونس؟ مون کي ته اهو به خيال ٿو ٿئي ته ڇوڪرو ڪٿي کٰري نه پوي! پوءِ اسان کي پڇتائڻو پوندو!“

”ڇو؟“ پرڪاش چيو ” منهنجي هوندي ته سندس ڪو به فڪر نه ڪريو، ها !جيڪڏهن توهان جي خواهش آهي ته کيس شادي ڪرايو، انهيءِ ۾ ڪو نقصان به ڪونهي.“

”پر سموري تياري توکي ڪرڻي پوندي!“ ٺاڪراڻي وراڻيو.

”پر مون ڪڏهن انڪار به ڪيو آهي ڇا!“

روزگار جي خير گهرندڙ پڙهلين ۾ هڪڙي ڪمزوري هوندي آهي، جيڪا ڪڙي سچائي ظاهر ڪرڻ کان ڪنهن وقت کين روڪيندي آهي، پرڪاش ۾ به اهڙي ڪمزوري موجود هئي. ڳالهيون پڪيون ٿي ويون ۽ شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون.

ٺاڪر صاحب انهن ماڻهن مان هو، جن کي پاڻ تي اعتماد نه هوندو آهي، سندس نظرن ۾ پنهنجي سٺ سالن جي تجربي کان، پرڪاش جي ڊگري وڌيڪ هئي، انڪري شادي سمورو انتظام سندس حوالي ڪري ڇڏيائين. ڏهه_ ٻارهن هزار رپيا خرچ ڪرڻ ڪا ٿورڙي ڳالهه نه هئي، اک ڇنب ۾ هڪ زبون حال نوجوان، ذميدار مئنيجر بڻجي ويو. ڪنهن وقت بجاءِ جي کيس سلام ڪرڻ پئي آيو، ته ڪنهن وقت سوناري پئي سندس خوشامدي ڪئي، ڪڏهن وري شاميانن وارن پئي کيس يادگيري ڏياري. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن هو ڪجهه رقم ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري ها، ته آسانيءَ سان ائين ڪري ٿي سگهيو، پر ايترو ذليل نه هو. هن سوچيو ٿي ته انهيءَ سان ڪيئن دغا ڪجي، جنهن سڀڪجهه سندس حوالي ڪري ڇڏيو هو! پر جنهن ڏينهن هن پنجين هزارن جا زيور خريد ڪيا، انهيءَ ڏينهن سندس اندر ۾ ڪئنچيون پوڻ لڳيون.

گهر اچڻ سان چمپا کي چيائين ته ”اسين فقط مانيءَ لاءِ محتاج آهيون ۽ دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي هزارن رپين جا ته فقط زيور ٿا ٺهرائين! ٺاڪر صاحب پنهنجي نهن لاءِ اڄ پنج هزارن جا زيور خريد ڪيا آهن، جيڪي سهڻا هئا“ ” ته پوءِ اسين ڇا ڪنداسون، جنهن کي ايشورڏنا آهن، اهيئي پائين!“ چمپا بيپرواهيءَ سان وراڻيو، ”اهيئي ماڻهو مزا ماڻي رهيا آهن، جيڪي نه ڪمائين نه ڪرتين ۽ پيءِ ڏاڏيءَ جي ڇڏيل ملڪيت تي عيش ڪري رهيا آهن. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته ايشور وٽ به انصاف ڪونهي.“ چندر پرڪاش چيو. چمپا چيو ته ”پنهنجو نصيب آهي، ايشور جو ڪهڙو ڏوهه تنهنجو پيءُ ڏاڏو به ملڪيت ڇڏي وڃي ها ته تون به مزا ماڻين ها، هتي ته پيٽ قوت به ڪشادگيءَ سان نصيب ڪونهي، باقي ڪپڙن ۽ زيورن جو ڪهڙو ماتم ڪجي! فقط چڱي  ساڙهي به ڍڪڻ لاءِ ڪانهي: جو ڪنهن چڱي گهر پائي وڃجي: جيڪر بيمار ٿي پوان ته جند ڇٽي پوي!“

ائين چوندي ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي آيون. پرڪاش کيس دلداري ڏيندي چيو، ته ”آءٌ تنهنجي لاءِ ساڙهي ضرور آڻيندس، اهي ڏکن  جا ڏينهن هميشه نه رهندا هڪڙي ڏينهن آءٌ توکي زيورن سان ڀري ڇڏيندس!“

”چڱو اهڙا وات جا چشڪا مون کي نه وٺراءِ! گذران ٿي وڃي، اهو ئي ڪافي آهي.“ چمپا کلي چيو.

پرڪاش چمپا جي ڳالهه ٻڌي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ سمجهائين ته چمپا کيس ڪيڏو نه سست ۽ بيڪار ٿي سمجهي.

رات جو جڏهن ٻيئي ماني کائي ستا، ته پرڪاش  وري زيورن جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو، ته ”هن شهر ۾ ايڏا اعلي! قسم جا ڳهڻا به تيار ڪيا وڃن ٿا. مون کي ايتري اميد نه هئي!“ ”زيورن جي ڳالهه ڇڏي ٻي ڪا ڳالهه ڪريو! اها ڳالهه ٻڌائي  ناحق چاڪ نه چڪايو.“ چمپا چيو. ”اهي زيور جيڪڏهن توکي پهرائجن ته تون بلڪل راڻي بڻجي وڃين.“ ”زيورن  سان ڪهڙي خوبصورتي وڌندي آهي، مون ڪيتريون  ئي عورتون ڏٺيون آهن، جيڪي ڳهڻن پائڻ کان پوءِ بلڪل  ڪوجهيون معلوم ٿينديون آهن.“

”ٺاڪر صاحب به مطلب يار آهي، ائين نه چائين ، ته هنن مان ڪا شئي چمپا لاءِ به کڻي وڃو!“ ”توهين به ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.“  چمپا وراڻيو. ”انهي ۾ ٻاراڻين ڳالهين جو ڪهڙو سوال آهي، ڪو به فراخ دل ماڻهو  ايتري ڪنجوسائي نه ڪندو  آهي.“ پر ڪاش چيو.  ”مان  ته ڪڏهن به اهڙو سخي ڪونه ڏٺو آهي، جيڪو پنهنجي ننهن جا زيور ڪنهن ڌاريءَ کي ڏيئي ڇڏي، پر ڪاش!“

”اسين  ڌاريا ته نه آهيون، هڪ ئي گهر ۾ رهون ٿا، مان سندس پٽ کي پڙهايان ٿو ۽ پٽس جي شاديءَ جو سمورو انتظام به مان ئي ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن سئو ٻن جي شئي ڏيئي ڇڏي ها، ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوي ها! مگر  دولت جي بار سان دولتمند ماڻهن جي دل دٻجي ۽ سسي ويندي آهي، جنهنڪري منجهن ڪشادگي ۽ سخاوت جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي.“

رات جا ٻارهن لڳا آهن، مگر پرڪاش کي ننڊ اصل ڪانه ٿي اچي، سندس اکين آڏو گهڙيءَ گهڙيءَ اهي زيور ڦري رهيا آهن. آسمان ۾ ڪڪر ڇانيل آهن ۽ وقتي  وقتي وڄ به چمڪا ڪري رهي آهي. اهڙا ويچار ڪندي پرڪاش هڪدم پنهنجي هنڌ تان اٿيو ۽ هڪ نظر سان چمپا ڏانهن ڏسي خيال ڪيائين، ته افسوس!  چمپا جي جسم تي هڪڙو زيور به ڪونهي، تنهن هوندي به هوءَ  ڪيترو نه صبر ۽ شڪر ڪندڙ آهي. پرڪاش کي مٿس رحم اچڻ لڳو. ائين سوچڻ لڳو، ته سندس کائڻ پيئڻ جي عمر به ته اهائي آهي، مگر افسوس ! جو کيس ڪا به شئي مرضيءَ موجب ملي نٿي سگهي. اهو خيال ڪري آهستي آهستي ڪمري کان ٻاهر نڪري ڇت  تي آيو ۽ انهيءَ تان هوريان هوريان ٺاڪر صاحب جي ڪوٺي ءَ جي ڇت تي لهي ويو، گهر ۾ بلڪل خاموشي هئي.

هن خيال ڪيو ته ڏاڪڻ تان لهي ڪمري ۾ وڃجي، جيڪڏهن هو جاڳي پيا ته کين کلي چوندس، ته ”منهنجي ڪوٺي  تان ڪو ماڻهو هيڏانهن آيو، انڪري آءٌ سندس پٺيان آيس ته جيئن کيس ڏسان ، ته هو ڇالاءِ هيڏانهن آيو آهي؟  ائين ڪرڻ ڪري ڪو به شڪ  شبهو نه ڪندو ۽ جيڪڏهن پيتيءَ جي ڪنجي ملي ويئي، ته پوءِ پنئون ٻارهن آهي! باقي هنن سڀني جو شڪ نوڪرن تي ويندو مان به چوندس ته انهن نوڪرن کان سواءِ ٻيو ڪير چوري ڪري نه سگهندو ۽ آءُ بلڪل  لڪي ويندس. شاديءَ کان پوءِ ٻيو ڪو گهر وٺندس ۽ آهستي  آهستي انهن زيورن  مان هڪ هڪ زيور  ڪري چمپا کي  ڏيندس، اهڙيءَ ريت ڪنهن جو به شڪ نه پوندو. پوءِ هو جڏهن ڏاڪڻ کان لهڻ لڳو، تڏهن سندس دل ڌڙڪڻ لڳي.

اس اچي ويئي هئي ۽ اڃا تائين پرڪاش سوچي رهيو هو، ته چمپا کيس جاڳائي چيو، ”قهر ٿي ويو، رات ٺاڪر صاحب جي گهر مان چوري ٿي ويئي آهي، ۽ چور زيورن جو دٻو چوري ڪري ويو آهي.“

پرڪاش ستي ئي کانئس پڇيو، ”ڪنهن چور کي پڪڙيو ڪونه“؟ ”ڪنهن کي خبر ئي نه پيئي، ۽ ساڳيو ئي دٻو کڻي ويو، جنهن ۾ شاديءَ جا زيور هئا. خبر نه آهي، ته ڪيئن چاٻي  کنيائين  ۽ اها خبر الائجي ڪيئن پيس ته انهيءَ  صندوق ۾ زيور رکيل آهن نوڪرن جو ڪم هوندو، ٻاهرين ماڻهوءَ  جو اهو ڪم نه آهي.“ پر ڪاش چيو ”نوڪر ته ٽيئي پراڻا اٿن.“

”نيت بدلجڻ ۾ ڪا دير لڳندي آهي ڇا؟ اڄ جڏهن موقعو ڏٺائون ته پنهنجو وار ڪري ورتائون.“

چمپا چيس ، ته ”تون وڃي کين آتٿ ڏي، ٺاڪرياڻيءَ ويچاريءَ ڏاڍو پئي رنو ۽ تنهنجو نالو و‎ٺي چئي رهي هئي، ته ويچارو ڪيترا ڏينهن انهن ڳهڻن لاءِ ڊڪيو ڊوڙيو، هر هڪ شئي پاڻ ويهي ٺهرايائين، ۽ ڪنڌ لٿي چور سندس سموري محنت برباد ڪري ڇڏي!“ پرڪاش يڪدم اٿيو ۽ گهٻرائيندي وڃي ٺاڪرياڻيءَ کي چيائين ته هي ته غضب ٿي ويو، مون کي به هينئر چمپا ٻڌايو.“

ٺاڪر صاحب مٿي تي هٿ رکيو ويٺو هو ۽ چيائين ٿي، ته ڪو ڪلف به ڪونه ڀڳو آهي، نه وري ڪا دروازي جي چوڙ ئي نڪتل آهي! سمجهه ۾ نٿو اچي ته چور ڪٿان اندر داخل ٿيو؟“

ٺاڪرياڻيءَ روئي چيو، .ادا! مان لٽجي ويس، وهانءَ سر تي آهي، ڀڳوان! هاڻي ڇا ٿيندو! تو ڪيتري ڊڪ ڊوڙ ڪئي هئي، تڏهن ته وڃي شيون تيار ٿيون هيون، الائي ڪهڙيءَ نڀاڳيءَ ساعت ۾ تيار ڪرايون ويون هيون.“

پرڪاش، ٺاڪر صاحب جي ڪن ۾ چيو، ”مون کي ته ڪنهن نوڪر جي حرڪت معلوم ٿي رهي آهي.“

ٺاڪرياڻيءَ  سندس مخالفت ڪندي چيو، ”اڙي نه ادا! نوڪرن ۾ اهڙو ڪو به ڪونهي، ڏهه ڏهه هزار رپيا ٻاهر پيا هوندا آهن، ڪڏهن هڪ پائيءَ  جو به نقصان ڪو نه ٿيو آهي.،

ٺاڪر صاحب منهن گهنجائي چيو، ”توکي ڪهڙي خبر ته ماڻهوءَ  جي نيت ڪيترو جلد بدلجي ويندي آهي؟ جنهن هن وقت تائين  چوري نه ڪئي آهي، اهو چوري اصل نه ڪندو، ائين ڪو به چئي نٿو سگهي. اءُ پوليس ۾ فرياد ڪندس ۽ هر هڪ نوڪر جي تلاشي ڪرائيندس. ڪيڏانهن مال ويو هوندو!  جڏهن موچڙا ملندن ته پاڻهي ڏوهه قبول ڪندا.“

پرڪاش پوليس جو گهر ۾ اچڻ  سٺو نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندس گهر جي تلاشي وٺن ته پوءِ  ظلم ٿي ويندو، انڪري ٺاڪر صاحب کي چيائين، ته ”فرياد ڪرڻ بلڪل اجائي ڳالهه آهي.“

 ‎ٺاڪر صاحب ناراض ٿي کيس چيو، ته ”پرڪاش بابو! تون به ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين، ڀلا چور پنهنجو ڏوهه پاڻ به قبول ڪندو آهي ڇا؟“ تون کين مار به ڏياري ڪين سگهندين.“ پرڪاش چيو: ”پر پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ مون کي به بيفائدي ٿي نظر اچي، ڇاڪاڻ ته مال جيڪو هليو ويو، اهو هينئر ڪونه ملندو.“ ‎ٺاڪر وراڻيو.

پرڪاش ”پر تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه  ته ضرور ڪرڻو پوندو.“

ٺاڪر: ”ڪجهه به فائدو نه ٿيندو! ها جيڪڏهن ڪو پوليس  جو ماڻهو ڳجهيءَ طرح جانچ  ڪري ته مال ملي سگهي ٿو: پر هتي اهڙا پوليس وارا ڪٿي آهن؟ پنهنجي نصيب تي ماتم ڪري خاموش  رهڻو پوندو.“

پرڪاش : ”توهان سدائين ويهي رهو. پر آءٌ ته چپ ڪري ڪين ويهندس ۽ انهن نوڪرن جي روبرو ضرور چور جو نالو ظاهر ڪرائيندس.“

ٺاڪرياڻي: ”نوڪرن تي مون کي پورو پورو ڀروسو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو نالو نڪري، تڏهن به مون کي اهو يقين آهي، ته هو ڪم ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ  جو ئي هوندو، پوءِ اهو کڻي ڪٿان به آيو هجي. خاطري آهي، ته چور آيو ٻاهران ئي آهي ۽ اهو توهان جي ڪوٺيءَ تان به ته اچي سگهي ٿو!“

‎‎‎‎‎ٺاڪر: هائو! پنهنجي ڪوٺي تي ته ڏسو، شايد ڪجهه نشان ملي وڃن. توهان جي پاسي وارو دروازو ڪالهه کليل ته رهجي نه ويو هو؟“

پرڪاش جي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ چيائين ته ”آءٌ ته روزانو ڏهين بجي دروازو بند ڪري ڇڏيندو آهيان. پر هڪڙي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوير ئي موقعو  ڏسي ٽپي آيو هجي، ته اها ٻي ڳالهه آهي.“

جنهن وقت ٽيئي ڄڻا  ڪوٺي تي چڙهي ويا، ته وچينءَ  ڀت تي ڪنهن جي پيرن جا نشان ڏٺائون . جتي پرڪاش جوپير پيو هو، اتي چوني لڳڻ ڪري سندس پير جو نشان چٽيءَ طرح ظاهر هو. پرڪاش جي ڪوٺي  تي وڃي  ڀت جي پرينءَ ڀر ڏنائون ته ساڳيا ئي نشان ڏسڻ ۾ آيا. ٺاڪر صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو ۽ حضور شرميءَ کان ڪجهه به چئي نه سگهيو.

”هينئر ته ڪو به شڪ باقي ڪونه رهيو.“ پرڪاش سندس دل وٽان ڳالهايو.

”هائو، آءٌ به ائين ئي ٿو سمجهان ،پر ايتري خبر پوڻ مان ڪجهه حاصل ته ڪونه ٿيندو، مال جيڪو وڃڻو هو، اهو ته ويو ، هاڻي چپ ڪري ويهڻو پوندو.“ ٺاڪر صاحب چيو. ”مان هي گهر اڄ ئي ڇڏيندس.“ پرڪاش وراڻيو.

”ڇو انهيءَ ۾ تنهنجو ڪهڙو قصور آهي؟“ ٺاڪر صاحب پرڪاش کي چيو.

”تون  ڀلي جان ڪجهه به نه چئو ، پر مان ته ايترو سمجهان ٿو ته مون تي به وڏي جوابداري اچي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته چور منهنجو دروازو به ڏٺو آهي ۽ ٿي سگهي  ٿو ته ڏينهن ٻن ۾ وري اچي، ۽ ڪو منهنجو نقصان ڪري وڃي! گهر ۾ اڪيلي  زائفان ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندي؟ پاڻ جيڪڏهن بورچيخاني ۾ هجي ۽ مون کي به شاديءَ  جي ڪري روزانو دير ته لازمي ٿيندي ئي رهندي، پوءِ اهڙي موقعي ۾ جيڪڏهن چور مٿي چڙهي اچي ڪو نقصان ڪري وڃي ته ڪو سندس پير جو کڙڪو به ٻڌي ڪونه سگهندو. مٿيون رستو يا ته بند ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اها سموري جوابداري  نه ته منهنجي سر تي آهي.“

”دا! تون هليو ويندين ته پوءِ هي ڪشادو گهر ته اسان کي کائڻ ايندو.“ ٺاڪرياڻيءَ   کيس چيو” امان،  ڪجهه به ٿي پوي هينئر مان هن گهر ۾ رهي ڪونه سگهندس، ڇاڪاڻ ته منهنجي غفلت  جي ڪري اوهان جي چوري ٿي ويئي آهي.“ پرڪاش ورندي  ڏني.

جڏهن پرڪاش هليو ويو، تڏهن ٺاڪر صاحب کي سندس زال چيو ته پرڪاش  تمام لائق ماڻهو آهي، فقط چور سندس گهر کان ٽپي آيو آهي تنهنڪري اهو ئي مرم کيس ماري رهيو آهي. جيڪڏهن چور پڪڙجي پيو ته هي کيس ڪَچو کائي ڇڏيندو. کيس هينئر ڪيترو به سمجهايو، پر هن گهر  ۾ هو هرگز نه رهندو، اسين به کيس جاءِ جي مسواڙ جا  ويهه رپيا ضرور ڏينداسيون. جيئن ته پرڪاش نمڪ حلال  آهي. تنهنڪري هي چوريءَ  موٽائڻ  لاءِ به ڏهن ئي آڱرين جا زور ڏيندو. اهڙي ماڻهوءَ  لاءِ غم کائڻو ئي پوندو ۽ کيس مسواڙ  ضرور ڏيڻي پوندي. مان سجهان ٿي، ته مسواڙ به مشڪل وٺندو ۽ ٽيهن رپين مان سندس گذران به ڪونه ٿي سگهندو!“

پرڪاش انهيءَ ڏينهن ئي گهر ڇڏي ويو، پر شاديءَ  جي ڌوم ڌام هجڻ ڪري هي ڪجهه وقت اتي به رهندو هو. ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ پرڪاش چمپا کي چيو، ”پنجاهه رپيا مهيني تي هڪڙي سيٺ وٽ نوڪري ملي ويئي آهي، ۽ اهي سمورا پئسا آءٌ تنهنجي زيورن لاءِ  جمع ڪندو ويندس ۽ گهر جي خرچ لاءِ انهن مان ڪجهه به ڪين کپائيندس.“ مڙس جي ايتريقدر محبت ڏسي چمپا کي بيحد خوشي ٿي ۽ ديوتائن ۾ اڃا سندس عقيدو وڌيڪ پختو ٿي ويو.

پرڪاش جي ڪا به چيز ان وقت  تائين چمپا کان لڪل ڪانه هئي، وٽس جيڪي ڪجهه هو، اهو چمپا جو هو، پيتيون، الماريون، مطلب ته گهر  جون سموريون چاٻيون سندس ئي  حوالي هيون،: پر هينئر پرڪاش جي هڪڙي صندوق هميشه بند رهندي هئي ۽ ان جي چاٻيءَ جي چمپا کي ڪا به خبر نه هئي. کيس اها به خبر نه هئي، ته انهيءَ  پيتيءَ ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن  ڪنهن وقت پرڪاش کان پڇا ٿي ڪيائين، ته هو پراڻن ڪتابن جو بهانو ڏيئي  کانئس لنوائي  ڇڏيندو هو: ۽ چمپا کي ڪو به شڪ شبهو ڪونه رهندو هو.

هڪڙي ڏينهن چمپا جيئن کيس پان ڏيڻ ويئي، ته پرڪاش صندوق کولي ڪجهه ڏسي رهيو هو. ان کان اڳ چمپا پرڪاش کان اهڙي ڳجهه جو ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. جنهن مان ڪو شڪ پيدا ٿي پوي،پر پنجين هزارين رپين جي ملڪيت  ائين بيڌيانيءَ سان ڇڏي ڏيڻ ۽ ڏانهس  ڪو به خيال نه ڪرڻ، پر ڪاش لاءِ به ته ناممڪن هو. انڪري هو جڏهن به ٻاهر ويندو هو، تڏهن صندوق کي هڪ نظر ضرور ڏسندو هو.

هڪڙي ڏينهن پاڙي مان چوري ٿي ويئي، انهيءَ کان وٺي پرڪاش ڪمري ۾ سمهڻ لڳو، حالانڪ جون جو مهينو هو ۽ سخت گرمي هئي. چمپا کيس ڪيترا ڀيرا چيو، ته سخت گرميءَ ۾ اندر نه سمهو، تڏهن به پرڪاش سندس ٻڌي اڻٻڌي  ڪري ڇڏيندو هو.

چمپا کيس چيو، ته ”چوري به خوشحال گهرن جي ٿيندي آهي، ۽ چور  به ضرور  ڪجهه نه ڪجهه ڏسي جان خطري ۾ وجهندا آهن، اسان وٽ ڇا رکيو آهي، جو چور ايندا.“

”ٻيو ڪجهه نه آهي، پر ٿانو ٿپا ته آهن، غريب لاءِ اهي به قيمتي آهن. “ پرڪاش ڪاوڙ مان کيس چيو.

هڪ ڀيري  ٻهاري ڏيندي چمپا صندوق کي سيري ٻيءَ  جاءِ تي ڪري رکيو ته پرڪاش کانئس  ان لاءِ پڇا ڪئي ته ”اها ڪنهن اتي رکي آهي؟“  ائين ٻهاري  ڏيڻ وقت  لاشعوري  طور ٿي ويندو آهي، انهيءَ ڪري چمپا  کيس چيو، ”مان ته ان کي هٿ ڪونه لاتو آهي.“

”پوءِ ، ڪنهن سوري آهي؟“پرڪاش ڪاوڙ مان چيو ”مون کي خبر نه آهي.“  چمپا  وراڻيو. ”گهر ۾ تون ٿي رهين ۽ خبر به توکي نه آهي!“  پرڪاش ”چڱو، جيڪڏهن مان سوري  آهي،  ته اها به ڪا پڇڻ جهڙي ڳالهه آهي.“ چمپا چيو .”مان ته ائين ٿي پڇيو.“پرڪاش چيس. پر جيستائين صندوق کولي ۽ سڀ ڪجهه اکين سان نه ڏسي، تيستائين کيس دلجاءِ ڪيئن ٿئي. انڪري جيئن ئي چمپا رڌپچاءَ ڪرڻ لاءِ بورچيخاني ڏانهن ويئي، ته هو صندوق  کولي ڏسڻ لڳو.

اڄ چمپا پڪوڙا تريا هئا، ۽ جيئن ته گرم پڪوڙا مزو ڏيندا آهن!  تنهنڪري هوءَ انهن مان ڪجهه پڪوڙا پرڪاش ڏانهن کڻي آئي پرڪاش کي به پڪوڙا بيحد پسند هئا، هن جيئن چمپا کي ايندي ڏٺو ، تيئن هڪدم صندوق بند ڪري، کيس ريجهائڻ لاءِ پڇا  ڪيائين، ”ڇا آندواٿيئي؟ مون کي اڄ اصل طلب ڪانه آهي ۽ پيٽ تي به بار آهي، پرڇا؟ پڪوڙا آهن؟“

اهڙي روش ڏسي، چمپا جي دل ۾ شڪ پيدا ٿيو، ته انهيءَ  صندوق ۾ آخر  ڇا آهي کيس ان جي ڏسڻ جو بيحد اشتياق پيدا ٿيو ۽ سندس دل بيقرار ٿيڻ لڳي. پرڪاش انهيءَ  صندوق جي ڪنجي لڪائي رکندو هو.

هڪڙي ڏينهن پراڻين  چاٻين واري کان ڪنجي خريد ڪري، چمپا صندوق کولي  ۽ منجهس زيور پيل ڏسي ، کيس عجب وٺي  ويو، ته انهن متعلق  پرڪاش ته ڪڏهن به ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ڪئي! اهي زيور ڪٿان آيا، اهي شايد ٺاڪر صاحب وارا زيور آهن! ڳهڻا به اهي ئي آهن، جن جو ذڪر پرڪاش پهريائين ڪيو هو، کيس هاڻي خاطري ٿي، هن هڪدم صندوق بند ڪئي ۽ پلنگ  تي ويهي ڪجهه سوچڻ لڳي، ”کيس ايتري همت  ڪيئن ٿي ۽ اهڙي گندي پر جيڪڏهن ڪجهه کيس چوان به ها، ته ان جو مطلب  ڪو نه هو، ته هو چوري ڪري اچي!  انهيءَ معاملي ۾ سندس ضمير ايترو ڪمزور ڇو ٿي ويو!“

انهيءَ ڏينهن کان وٺي چمپا اُداس رهڻ لڳي. پرڪاش سان نه سندس اها محبت رهي! ۽ نه وري اهو عزت جو جذبو!  ٿوريءَ گهڻيءَ تي منجهن تڪرار ٿي پوندو هو. اڳ هڪٻئي سان دلي ڳالهيون ڪندا هئا، مگرهينئر نه وٽن اها همدردي هئي ۽ نه اها چس ئي هين ڪيترو  وقت ته هڪٻئي  سان سنئين منهن ڳالهائيندا به نه هئا.

ڪيترا مهينا ائين گذري ويا. هڪڙيءَ بنئڪ ۾ اسسٽنٽ  مئنيجر جي جاءِ خالي هئي، پرڪاش اڪائونٽنٽ جو امتحان پاس ڪيل هو: پر نوڪري ملڻ لاءِ اهو به شرط هو، ته ڏهه هزار رپيا روڪڙا ضمانت طور رکيا وڃن. ايتري وڏي رقم ڪٿان اچي ٿي سگهي انڪري پرڪاش خاموش ٿي ٿي ويو.

هڪڙي ڏينهن انهيءِ معاملي متعلق ٺاڪر صاحب سان ڳالهه نڪتي، تنهن کيس چيو،”تون درخواست ڇو نٿوڪرين؟“ پرڪاش ڪنڌ هيٺ ڪري چيو ” روڪڙ ڏهه هزار رپيا ضمانت لاءِ ڏيڻا  ٿا پون ۽ مون وٽ ايتري رقم ڪا نه آهي ”توهان درخواست ته ڏيئي ڇڏيو، باقي رهي ضمانت، اها به کين ڏيئي سگهنداسون.“ پرڪاش تعجب مان کيس چيو ، ته ” توهين نقد ضمانت ڏيئي سگهندو؟“  ”هائو، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“پرڪاش جڏهن گهر واپس  موٽيو، ته ڏاڍو اداس هو، کيس نوڪريءَ ملڻ جي ته پڪ هئي، پر پوءِ به هو ايترو خوش نه هو. ٺاڪر صاحب جي صافدني ۽ مٿس ايتري اعتماد هجڻ ڪري پرڪاش کي دلي صدمو پئي ٿيو. پنهنجي گندي روش کيس پشيمان ڪري رهي هئي. هن گهر پهچي اها خبر  چمپا کي ٻڌائي، جنهن اها ڳالهه ٻڌي  منهن ڦيرائي ڇڏيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ کيس چيائين، ته ”تو ٺاڪر صاحب جي ضمانت ڇو ڏني؟ نوڪري نه به ملي، پرماني ته ملي ٿي وڃي نه؟ هي پئسن جو معاملو آهي، ڪڏهن ڪا ڀُل چڪ ٿي وڃي  ته ٺاڪر صاحب جا پئسا به تباهه ٿي ويندا!“

”تون اهو ڪيئن ٿي سمجهين ته ڀل چڪ  ٿي ويندي؟ ڇا آءٌ ايترو بي سمجهه آهيان؟ “ ”اسان جي نيت هر وقت هڪ جهڙي  ڪين رهندي آهي.“ چمپا چيو. پرڪاش خاموش ٿي ويو ۽ ترڇي نظرن سان چمپا ڏانهن ڏ‎‎ٺائين، پر هن منهن ڦيرائي ڇڏيو. پرڪاش اهري روش ڏسي به سندس دلي راز معلوم ڪري نه سگهيو. پر اهڙي چڱي خبر ٻڌائڻ کان  پوءِ به چمپا جو اداس رهڻ کيس اوکو لڳو . سندس اندر ۾ اهو خدشو پيدا ٿيو، ته چمپا پيتي ته نه کولي  آهي؟ آخر اهڙي قسم جا خيال سندس اندر ۾ ڪئين  پيدا ٿيڻ لڳا.

ماني کائڻ  وقت پرڪاش چمپا کان پڇيو، ته ”تون ڪيئن چيو ته ماڻهو جي نيت هميشه هڪ جهڙي نه رهندي آهي؟ ڄڻڪ اهو سوال سندس زندگيءَ ۽ موت جو هو!چمپا نهٺائيءَ سان کيس چيو، ته ”ڪجهه به نه آهي مون ائين ئي زماني جي ڳالهه ڪئي هئي.“

”جيڪي به ماڻهو بئنڪ ۾ ملازم آهن، انهن سڀني جي نيت بدلبي رهندي آهي ڇا؟“ چمپا جند ڇڏائڻ لاءِ کيس چيو، ”ٺاڪر صاحب جي شاديءَ وقت ئي تون پنهنجي نيت ٺيڪ نه رکي سگهئين ۽ آخرڪار سئو ڏيڍ جي شئي پنهنجي گهر ۾ آڻي رکيئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com