گيت
·
قيوم ”طراز“
پلڪ پروڪا
هي پلڪ پروڪا جيءَ ۾ جاني، اندر اُساٽ اڃا،
جوت جهَڪي آهي جڳ جي وو! ٻري نه لاٽ اڃا.
ڪهڙا سور ڪهڙيون سوريون مون کي ڄاڻ نه ڪا،
رت ۾ آهي ٻوڙيل چولو، چٿيل منهن مٿا،
ڪٿي به ناهي سج ڪو اڀريو، ٿا ڳچجن ڳاٽ اڃا.
مون وٽ آهي سک جو سڏڙو جاني! تو وٽ قهرين ڪوٽ،
سر تي رکندين سِر ئي ميان، ڪاريءَ رات جي اوٽ،
ڪاڪ جي آڏو ڪاڪ ئي ٺهندي سوچين ڪين سماٽ اڃا .
تنهنجي دان ۾ داڻو ناهي، اؤکو آهي اهڃاڻ،
پيرين توکي لال لِڦُون پن روح آهي رتوڇاڻ،
صبح جي جوڳڻ وهنتي ناهي، پرهه نه کاڌا ڦاٽ اڃا،
·
مهسير ”خادم“ رفيقي
محبوب مٺا، منٺار سڄڻ ڏس حال تون پنهنجي
ديواني جو،
تئن هال ٿيوآ منهنجو پرين جئن شمع بنا پرواني جو.
هي قرب اوهان جو ڀانيان ٿو، جو درد ڏنو تو تحفوآ،
احساس ذرا ڪو ڪر اي مٺا، هن ڌارئي جو بيگاني جو. اکڙين تي رکيم
۽ دل ۾رکيم، جي سور ڏنا ٿي بسم الله، دل آهي سا
قدمن ۾ رکيم، ڪجهه قدر ڪجان نذراني جو.
ڇڏ رنج رسامي کي سهڻا، ٿو سينا ساهين ”خادم“ سان،
ايندين جي اڱڻ
تي قرب ڪري، پوءِ نقل پڙهان شڪراني جو.
·
نصير شاد مرزا
منهنجي پريت پرائي پونَم،
تون راهي، هڪ رات؛
جو آهين:
او سائين..
ڪنهن لاءِ بن ۾ نيڻ وڇائين،
جَهرڻا جهَر ِڻا جهاتيون پائين،
جي ٿو ڀائين..
توسان ڳَهلا پريت ُ لڳايان،
پلُ پلُ پنهنجو جيءُ جلايان.
توسان:..
پانده ُ نه اٽڪائيندس مان،
۽ جي چاهين...
منهنجو پريت ُ پيامي ٿي تون،
منهنجو پريتم ڳولي ڏي تون،
ان جي بدلي...
توکي پنهنجا گيت مان ڏيندس،
توکي پنهنجا گيت مان ڏيندس.
نظم
·
عبدالڪريم ”گدائي“
للڪار
اي همسفرو، آواز ٻڌو!
اي همسفرو آواز ٻڌو!
هيءَ ڌرتي ماءُ پڪاري ٿي.
اڄ سانگيڙن جا سور ڏسي،
هيءَ لڙڪ اکين مان هاري ٿي.
هت ڏاڍن جا ڏهڪاءُ ڏسي،
هيءَ پنهنجا سوره ساري ٿي
هن ڌرتيءَ تي ڌاڙيل ڏسي،
اڄ ڳڻتي هن کي ڳاري ٿي.
اي گهوٽ اُٿو، اڻموٽ اُٿو!
هن ڪوڙ جا ڊاهيو ڪوٽ اُٿو!
هيءُ ٺاهه ٺڳيءَ جو ڪاڪ محل،
۽ سرمائي جو رنگ محل!
سڀ ڊانواڊول ٿي ڊهڻو آ،
هن ماتا مٺڙيءَ جي خاطر.
ڪجهه خون ته آخر وهڻو آ،
اي شاگردو،اي مزدورو!
هن پاڪ وطن جا فرزندو!
سڀ گڏجي هڪڙو وار ڪيو!
هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن جون،
اڄ سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيو!
سڀ هوشو ۽ دودا بڻجي،
اڄ هڪٻئي جا دمساز ٿيو.
هن خاڪ کي رت جو ريج ڏيو،
۽ ملڪن ۾ ممتاز ٿيو.
[1970ع دوران لکيو ويو)
·
سرويچ سجاولي
او مارن جا منٺار وطن، تون ڇو ٿو ٿئين دلگير
پرين!
هي تنهنجي مٽّيءَ مان پيا پلجن، مورن ڪيهر ڪيهر ٻار سوين،
هي تُنهنجي پاڻيءَ تي پيا پلجن، ڀُونگر ڀونگر ٻار سوين،
هي ڏاڍائي جا ڏاري وجهندا، ڏونگر ڏونگر ٻار
سوين،
هي توتان ڏيندا ڪنڌڙا ڪوري، ڪونڌر ڪونڌر ٻار سوين؛
هي دليون تنهنجا ديوانا، او! دودن جا دلدار وطن!
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين
هي ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو ڳڀرو، مرد هلن پيا مولهين
سان،
هي رندي رانا روزانو پيا، کيڏن رت جي هولين سان،
هيڏا هيڏا ٽانڊا آهن، ٽولين، ٽولين، ٽولين سان،
ڪو ڪين دٻائي سگهيو آهي، تن کي گُرزن گولين سان؛
هي گولين تي ٿا گيت چَون هي جنگين جا جونجهار وطن!
آباد هُجين آزاد هجين، او ! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
هي ڳاٽ اُچي سان ڳائين ٿا، ڏس ڳالهيون تنهنجون ڳوٺن ۾، هي
پِڙ جا پاڏا پير نه هٽندا، پلجن پيا جي پوٺن ۾،
ڪو ، ڪيڏا ڀي تِن سور ڏئي، ۽ ساڙ سختين سوٺن ۾؛
هي ڪيڏاري کي ڪُڇندا رهندا، قيد هُجن ڀل ڪوٺن ۾؛
هي چَنگن ۾ ڏس رنگ ڀريا، سڀ تحريرون تلوار وطن!
آباد هُجين آزاد هُجين،او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
هي لاٽون ٻاري واٽون ڪڍندا، چوڌاري چمڪاٽ
ڪندا،
هي ڪوڏيا تنهنجي قاتل تي، بس! ڪاتن جا
ڪڙ ڪاٽ ڪندا،
جي دشمن گوليون ڇڙيندا، هي بمن جا ڀڙڪاٽ ڪندا،
جو تنهنجو ويري هوندو تنهن تي، گولين جا گو گهاٽ ڪندا،
هي سرڙا ڏيندا سوڀن تي، سڀ ساٿيئڙا سالار وطن!
آباد هُجين آزاد هُجين او! مارن جا منٺار وطن !
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، سوڍين سوڍا پُٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ، لئه، ٻاگهين دودا پُٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، جيڏين جوڌا پٽ ڄڻيا،
هي ڏس تنهنجي ساک رکڻ لئه، ادڙينا ارڏا پُٽ ڄڻيا.
هي پينگهن ۾ ئي پُٽڙن سان، ڪن گولين جي گُفتار وطن!
آباد هجين آزاد هجين، او! مارن جا منٺار وطن!
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
هي ڏس هيڏيون هيڏيون لاٽون، ٻلوانن جون ٻاريل سڀ،
هي ڏس هيڏيون هيڏيون ڇِپون، ڳوٺاڻن جون ڳاريل سڀ،
هي ڏس هيڏا هيڏا آمِر، ماروئڙن جا ماريل سڀ،
هي ڏس هيڏيون هيڏيون ڇِپون، ڳوٺاڻن جون ڳاريل سڀ، هي ڏس هيڏا
هيڏا ڏونگر، ڏانگيئڙن جا ڏاريل سڀ،
هي ڏس تنهنجي ڏوٿيئڙن جا، ڏيهن ۾ ڏهڪار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
هي ڏس هيڏو سارو آهي، شهبازن جو شور ئي شور،
هي ڏس هيڏي ساري آهي، جهانگيئڙن ۾ جهوران جهور،
هي ڏس هيڏو سارو آهي، زور زبر تي زوران زور،
هي ڏس ڀاڳيا جاڳيا جاني، پَڪ ته مرندا تنهنجا چور،
ها! پَڪ مرندا تنهنجا چور، ۽ مرندا چوڪيدار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين.
تون شاه ڀٽائي سچل جو آن ۡ، ديس به دلبر ديس الا،
تون جهڙو آهين ديس دلارو، تهڙو وڻندڙ ويس الا،
ها! تهڙو وڻندڙ ويس الا، هي اجرڪ لُنگي کيس الا،
هي اجرڪ لُنگي کيس الا، بس! اوڍيو گهوٽ گُهميس الا،
تون ”سرويچن“ سرمستن، جهڙن باغي جو ڀنڊار وطن،
آباد هُجين آزاد هُجين، او! مارن جا منٺار وطن،
تون ڇو ٿو ٿئين دلگير پرين
·
علي محمد ”خالدي “ٺٽوي
سنڌو
سنڌوءَ جي ماٿري جي عز ّو وقار سنڌو،
درياہ خيرو برڪت، ابر ِ بهار سنڌو،
دنيا سندي ندين جي اي تاجدار سنڌو،
تهذيب ۽ تمدن جو يادگار سنڌو،
عالي جناب سنڌو، عالي تبار سنڌو.
مهرو وفا جي مورت ۽ جيءَ جيار سنڌو،
هردي جو هار سنڌو، نيڻن جي ٺار سنڌو،
ڏ ُک سُک جي يار سنڌو ۽ غمگسار سنڌو،
نينهن جي نڀار سنڌو، ۽ دوست دار سنڌو،
پاڪيزه آهي تنهنجو هر دم يار سنڌو،
هليو هماليه تان ٻي خوف ۽ خطر تون،
ڪيلاش تان ڪرين ٿي گجگوڙ سان گذر تون،
اچيو ٿي مانسرور ۾ ٺاهين پنهنجو گهر تون،
پنهنجي وهڪ تکيءَ لئه ماڻي ڊگهو سفر تون،
تيار آهين ڏسبي نيل ونهار سنڌو،
ڪشمير جي حدن ۾ مرڪي قدم رکين ٿي،
جنت نشان خطي ۾ داخل ٿي خوش ٿئين ٿي،
دلڪش مناظرن سان هم دوش ٿي وڃين ٿي،
گلگشت ۽ مصّليٰ کان وڌ حسين لڳين ٿي،
تنهنجي نه آهي مٽ ڪو نقشو نگار سنڌو،
آغوش ۾ حسينن جي تون رهڻ کان پوئي،
صحبت ۾ ناز نينن جي تون رهڻ کان پوئي،
اکين ۾ پيار ڀرين جي تون رهڻ کان پوئي،
دلين ۾ خوشنصيبن جي تون رهڻ کان پوئي،
تون ٿيو وڃين حسينن ۾ ٿي شمار سنڌو،
فردوس مثل بستي مان ناز ساڻ نڪري،
عيش وطرب جي سامان ۽ ساز ساڻ نڪري.
محبوب جان حجابي انداز ساڻ نڪري،
اعليٰ، عظيم، افضل اعزاز ساڻ نڪري،
باقي سفر ڪرين ٿي تون اختيار سنڌو،
پنجاب ٿو پٽن تي پنهنجيون اکيون وڇائي،
سِڪ ساڻ توکي پنهنجي سيني سان ٿو لڳائي،
نو روز مثل خوشيون ۽ عيد ٿو ملهائي،
شڪرانه آڻي رب جا لک ٿو بجا ۽ ڳائي،
نغما خوشيءَ مسرّت جا بار بار سنڌو.
ڪابل ٿئي اٽڪ وٽ توسان ٿو هم ڪلامي،
چرنن ۾ تنهنجي ارپڻ سرکي ڪري مدامي،
دل، جان سان هميشه تنهنجي مڃي غلامي،
قلعو ڏئي اٽڪ جو توکي جهُڪي سلامي،
شيدا رهن ٿا تنهنجا ڪوه و هسار سنڌو،
جبلن جي وچ مان نڪري اڳتي سفر ڪرين ٿي،
لانگا ۽ لَڪ اڙانگا همت سان سرڪرين ٿي.
پلٽيو پٽن تي پر تون پٽ خشڪ تر ڪرين ٿي،
مٽيءَ کي مان بخشي تون سيم وزر ڪرين ٿي،
جادو نگاهه سنڌو، اي زرنگار سنڌو،
ميدان ڪن ٿا تنهنجي خوش آمديد دل سان،
تنهنجا وڃن ٿا ٿي چڳ وڍيا مريد دل سان،
تنهنجي اچڻ تي ڪن ٿا عيد سعيد دل سان،
دليون ڪري ڇڏين ٿي تن جون خريد دل سان،
مد ّاح تُنهنجا آهن ٿيا بيشمار سنڌو.
تنهنجيون پيار واريون توسان اچيو ملن ٿيون،
جهلم، چناب توکي پيرين اچيو پون ٿيون،
ستلج، بياس، راوي توساڻ هڪ ٿين ٿيون،
روهن سنديون جدايون لحظي اندر لهن ٿيون،
توسان رکن ٿيون بيحد نديون پيار سنڌو.
گينوار مثل گجندي تون سنڌ ۾ اچين ٿي،
ڏهڪاءُ سان گڊو ۽ سکر وٽان مٽَين ٿي،
دهشت سان سيوهڻ ۽ سن، ڪوٽڙي لنگهين ٿي،
جهرڪ ۽ ٺٽي کان ٿيندي منزل طرف وڃين ٿي،
اي جان ِ سنڌ سنڌو، اي جيءَ جيار سنڌو،
تون سنڌ کي ٿي بخشين آسودگي ۽ عزت،
پاڻي ۾ تنهنجي پنهان آهي خدا جي رحمت،
تنهنجي ڪري وڌي ٿو ٻنين جو قدر و قيمت،
فصلن ۾ تنهنجي باعث بيحد پوي ٿي برڪت،
توکي رکي سلامت پروردگار سنڌو.
·
نظير ٽکڙائي
”جاڳيا“
لطيف جاڳيو ته سنڌ جاڳي، معنيٰ ته سنڌي ضمير
جاڳيا،
وڄائي واٽن تي نينهن نادون جا، سچل ۽ سامي فقير
جاڳيا.
هئا جي طوفان دولتن جا، هئا جي ارمان ظلمتن جا،
لتاڙي ڏاڍن جي ڏيهه کي اڄ، جوان پوڙها صغير
جاڳيا.
نه تاب دڙڪن جي توکي موڪل، نه ڪوس ڪڙڪن نجي توکي
موڪل،
ٻُڌي ڏِسي ڇڏ اي محل وارا، هي غم جا ماريل
اسير جاڳيا.
جي لوڪ نيزي ٿيا نشانبر، سي آزمائي ڀلي ستمگر،
ڪهي ڇڏيندين تون ڪيترن کي، هتي ته آهن ڪثير
جاڳيا.
اسان ته هجر ِ وفا به ڄاڻون، اسا ته وصل ِ جفا به
ڄاڻون،
مگر حسينن جاپيارپرکي، هي چنڊ جهڙا سفير جاڳيا.
اتر ۽ اولهه ڏکڻ ۽ اوڀر، هي ڪارونجهر ۽ هي ڪاڪ
ڪينجهر،
سهي ستم تي ستم زياده، مندائتا مارو ملير جاڳيا.
اسين شجاعت جا شاهه آهيون، ۽ حق ّ جا سربراهه
آهيون،
ڪنداسين حاصل ضرور منزل، ”نظير “ اڄ بي نظير
جاڳيا.
·
سروپچندر ”شاد“
ڪِريل لُڙڪ
هيءُ آ هِڪڙو لُڙڪ ڪِريل:
ڪجل - گاڏڙهي پاڻيءَ جو،
هِڪڙو آهي فقط ڦڙو؛
جنهن جو ناهي ڪوئِي مُل.
جڏهن اهو ٿي لُڙڪ لُڏيو،
پلڪن جي هندوري ۾؛
بِندرابَن جي ڳلين ۾،
ميرا جو ڄڻ من هُيو.
اک - ڪٽوري ۾ لڙڪيل،
ايئن لڳو ٿي لُڙڪ اِهو:
نٿ جو ڄڻ هو هُو موتي،
ارمانن جو تاج محل.
اکڙين مان هي لُڙڪ ڪِري،
ايئن ملي ويو مِٽيءَ ۾؛
جيجل ماءُ کان جيئن هجي،
هن جو لال ويو وِڇڙي.
جنهن جو ناهي جيءُ جَڙيل،
ساهه سيباڻي ساڻيهه سان؛
پنهنجي سرتيءَ ڌرتيءَ سان،
سو آ هِڪڙو لُڙڪِ ڪِريل.
اهڙو ماڻهو هر ڪنهن جي،
نظرن ۾ ٿو وڃي ڪِري؛
هن کي ڪو به پُڇي نٿو،
جيئري ڄڻ ويو هُجي مري.
جنهن جي ساڻيهه سان آ پريت،
گُلڙن منجهه هُو آهي گلاب؛
تارن منجهه هُو آ مهتاب،
هر ڪنهن من جو آهي ميت.
جنهن جو وطن سان جيءُ جڙيل،
هُو هر اک جو آ تارو؛
هر دل ۾ هُو ايئن ر َهي،
نٿ ۾ لعل آ جيئن لٽڪيل.
جنهن جو ناهه ساڻيهه سان پيار،
هُو آ اک ۾ ڄڻ پٿر؛
هُن جو موت خواري آ،
جيئڻ هن جو آهي ڌڪار.
جنهن جي ساڻيهه سان ناهه دل،
بيٺل پاڻي جي هُو بانس:
سڙيل ميوي جي بدبوءِ،
هُو آ هِڪڙو
لُڙڪ ڪِريل:
هيءُ آ هڪڙو لُڙڪ ڪِريل.
·
نقاش
شطرنج
شطرنج جو تختو آ حياتيءَ جو مثال،
ڪاري ۽ اڇي رنگ تي ڊوڙاءِ خيال!
غم ساڻ خوشيءَ جي آهي ڳنڍيل دامن،
ٻٽيهه (1) خوشيون سمجهه ته ٻٽيهه ملال.
شطرنج جي ’پيادي‘ جوقدر ڄاڻ اي دوست!
مضبوط ارادي جو آ اهڃاڻ اي دوست!
توڙي ٿو ڪري پنڌ سڀن کان ٿورو،
پر پٺتي هٽڻ جي نه اٿس ڪاڻ اي دوست!
مُهرن ۾، سڀن کان آهي ننڍڙو .پيادو“
ننڍڙو آ، مگر وههُ سندو ڳنڍڙو ”پيادو“
هيڪر جي وڌي ويو، ته نه پٺتي هٽندو:
بس توڙ پُڄڻ جو آ اُڪنڍڙو ”پيادو:
’رخن‘ کان وزيرن، کان مٿي چال ۾ ’گهوڙو‘
ٿو لاهه ڪڍي راند جا هڪ چال ۾ گهوڙو،
’آنچڪ‘ (2) سان سندس وار کي روڪي نٿو سگهجي،
چوري ٿو ڇڏي ’شاهه‘ (3) کي هر حال ۾ گهوڙو.
’گهوڙي‘ جي عجب چال فقط ’گام اڍائي‘، (1)
هڪ ڌڪ ۾ ٿوچوڦير ڪري صاف صفائي،
ٽپندو ٿو وڃي، خوف خطر ڪين رکي ٿو،
’رخن‘ ۽ ’وزيرن‘ جي ڪري ڪُٽ ٿو ڪمائي.
·
هدايت بلوچ
ڪيڏو نه دلفريب نظارو ڏٺو اٿم
اڄ
عشق کي جنون کان جُدارو ڏٺو اٿم، مجنون کي مسجدن
۾ متارو ڏٺواٿم.
ڪيڏو نه دلفريب نظارو ڏٺواٿم.
لالا
جي دل تي داغ هي ڪارو ڏٺو اٿم، بلبل جو تنگ گذارو
ڏٺو اٿم،
ڪيڏو نه دلفريب نظاروڏٺو اٿم،
سالن جا سال گُهور انڌارو ڏٺو اٿم، ڀاڳن ۾ مَس
صبح جو تارو ڏٺو اٿم،
ڪيڏو نه دلفريب نظارو ڏٺو اٿم.
ظالم جو گردشن ۾ ستارو ڏٺو اٿم، مفلس کي هڻندي
حق جو نعرو ڏٺو اٿم،
ڪيڏو نه دلفريب نظارو ڏٺو اٿم،
سِنڌو جي ڪُن ۾ لُڙهندي ڪنارو ڏٺو اٿم، هن
بيوسيءَ ۾ ڪو نه سهاروڏٺو اٿم،
ڪيڏو نه دلفريب نظارو ڏٺو اٿم.
·
ملڪ نديم
سوال
جڏهن رات ايندي نه ڏيئو ڪو هوندو،
جڏهن ٻاٽ ٿيندي جڏهن ٻار رئندا،
جڏهن ديو ايندا اچي ماس گهرندا،
پنهنجا روح رڙندا پنهنجا جيءَ جھرندا،
جڏهن هي پيارا نظارا نه هوندا،
پنهنجو چنڊ نه هوندو ستارا نه هوندا،
جي ٻريو ته اُجهندو نه جي ڏينهن ٿيندو،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇاڪنداسي؟
جي ايندا ته ڪڏهن به واپس نه ويندا،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسي؟
هي پنهنجا سهارا ڪنارا نه هوندا،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسي؟
جڏهن مُنهن انڌاري ڪي راڪاس ايندا،
هو موتي ڦُريندا هو لعلون لٽيندا،
جڏهن دز ڌرتي نه ٻڪ ۾ ڪو کڻندو،
جڏهن ڪو ڳجهارت ۽ لولي نه سڻندو،
جڏهن ساز ڀريندا جڏهن گيت گهٽبا،
جڏهن سوچ سڙندي جڏهن فڪر ڦٽبا،
جڏهن راند هاري ۽ هاري موٽياسون،
۽ ايندڙ صدين لئي سمهاري موٽياسون،
جڏهن اناالحق کي وڏو ڏوهه سڏبو،
نه منصور هوندو نه نعرو ڪو ٻڌبو،
ڪٿي چيخ ٿيندي ڪٿي راڙ ٿيندا،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسي؟
نه موروئي وڻندو نه ڪلياڻ وڻندو.
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسي؟
جڏهن لات لئبي ۽ آواز ڪسبا،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسي؟
امنگون ۽ آسون به ماري موٽياسون،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇاڪنداسي؟
جو چوندو، سو چوندي ئي ڦاهيءَ تي ٽنگبو،
ٻڌايو ڀلا پو اسان ڇا ڪنداسين؟
·
”ساجد“ لعلپوري
وطن ۾ بهار
اچي مند تي ويئي وطن ۾ بهار،
نئون رنگ آندو چمن ۾ بهار،
سڙيا گاهه جيڪي سياري ۾ هئا،
وري آندي ساوڪ انهن ۾ بهار.
کليو آهي خيرو ۽ گونٽو،گلاب،
ڏسو آندي رونق رتن ۾ بهار.
ڪيو شوق پيدا ڏسو همنشينن!
مٺي لات جو بلبلن ۾ بهار.
نئون ٻور آندو وري آهي اڄ،
انگورن، انجيرن، انبن ۾ بهار.
ڪبوتر کنيو ڪر ٿا ڳٽڪار ڪن،
خوشي آندي ڳيرن، ڳُٽن ۾ بهار.
نئين سِر نئون چاهه چَهه چَهه سندو،
جڳايو آ چيهن، چَتُن ۾ بهار.
ڏسو خوب آندو سڄي ديس جي،
نئون رنگ پيرن، پڪن ۾ بهار.
عجب ٿا لڳن ڦوڳ، لاڻا، لُلُرَ،
عيان آهي ڪرڙن ، ڪنڊن ۾ بهار،
سهاني سمي آئي اڄ ٿا ٻُڌون،
ننڍي ۽ وڏي جي چپن ۾ بهار،
ڇڏي آئي”ساجد“ ٿڌي هير سان،
نئين تاز گي تن بدن ۾ بهار.
·
”ڀون“ سنڌي
سنڌ
هي سنڌ آ لال قلندر جي،
۽ گهوٽ ڀٽائي رهبر جي.
هي سنڌ سچل ۽ ساميءَ جي،
۽ بيدل بيڪس سانگيءَ جي.
هيءَ سنڌ آ هرهڪ شاعر جي،
هي سنڌ نه ڪوڙي ڪانئر جي.
هيءَ سنڌ ته آ فنڪارن جي،
هيءَ ناهي ڪِن ڀوتارن جي.
هيءَ سنڌ نه آ غدارن جي،
هيءَ سنڌ نه آ مڪارن جي.
هيءَ سنڌ نه چورن ڦورن جي،
هيءَ سنڌ نه آهي لٽيرن جي.
هيءَ سنڌ ته آهه دليرن جي،
۽ ناهي خانَ وڏيرن جي.
هيءَ سنڌ مجاهد مانجهين جي،
هي سنڌ آ ڏوٿين سانگين جي.
هيءَ سنڌ آمردن جوڌن جي،
هيءَ . ’هوشو‘، ’دريا‘ ’دودن‘ جي.
هيءَ سنڌ ته آ مسڪينن جي،
۽ غيرتمند غريبن جي.
هيءَ سنڌ ڏکايل هاريءَ جي،
هيءَ سنڌ ستايل ناريءَ جي.
سنڌ جي جوت سدائين جلندي،
دنيا رهندي تيسين ٻرندي.
ڪو هيئن بڪي ڪو هونئن بڪي،
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي.
پر سنڌ ڪڏهن ڀي مرڻي ناهي،
هيءَ سنڌو ڪڏهين سڪڻي ناهي.
هيءَ ڏس لاٽ اسان آ ٻاري،
جاڳيو پورهيت هاري ناري.
غزل
·
نياز همايوني
ڪڏهين غمگين گهاريون ٿا ڪڏهن خوش ٿي
گذاريون ٿا،
آلا ڪينءَ ڀي گذاريو ٿا، اوهان جا ٿي گذاريون ٿا.
اڳياڙي آهي آڻتڻ ۾، پڇاڙي آهي پورن ۾،
اسان هن زندگيءَ کي عشق ۾ پينهين اُڍاريون ٿا.
محبت لاءِ ٿا فرهاد ٿي جنجال ۾ جاليون،
مري سقراط جان آخر وفائن کي جئاريون ٿا.
اوهان وٽ بيحسي ۽ بيوفائي جي ڪمي ڪانهي،
اسان ته به عشق جي راهن تي اوسيئڙا اڀاريون ٿا.
اسان جي زندگيءَ ۾ غم ئي غم آهن خدا ڄاڻي،
وساريون ٿا جي غم پنهنجا توهان جا غم سنڀاريون ٿا.
اوهان جي ياد سان آباد تنهايون، تمنائون،
اوهان جي درد سان دل کي اجاڙيون۽ سنواريون ٿا..
اسان وٽ دوستيءَ جو بس اهو معيار قائم آهه،
ته پنهنجن دشمنن جي دوستيءَ ۾ پاڻ واريون ٿا.
ڪري برباد ميخانا جو ميخوارن کي رولي ٿو،
اسان تنهن شوم ساقي جي نوازش ڏي نهاريون ٿا.
جڏهن کان عشق وارن تي مڙهيا الزام دانائن،
تڏهن کان عقل جي دنيا ۾ ديوانا ٿي گهاريون ٿا.
زمانا عاشقن جي رمز جي توکي خبر ڪهڙي،
اسان ڪنهن راز خاطر پاڻ کي بي موت ماريون ٿا.
وري حق جي حمايت ۾ آنا الحق جي ضرورت آهه،
وَري آواز منصور ۽ بلاول جو اُٿاريون ٿا.
ڪيو جنهن عشق سرمد کي مٿاهون بادشاهن کان،
اسان تنهن عشق جي دستور کي نئين سر اجاريون ٿا.
”نياز“ آهي انهيءَ سان جو سدائين بي نياز آهي،
انهيءَ جا ڪم اهو ڄاڻي،اسان پنهنجي پچاريون ٿا. |