سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :11

هن وقت توکي معاف ڪرڻو ئي پوندو. ڇو ته منهنجو پٽ، تنهنجو پٽ بتيءَ جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ هميشه لاءِ ننڊ ۾ محو آهي.... هو هاڻي هميشه جي لاءِ خاموش ٿي چڪو آهي. انهيءَ موت جي صدمي کان مان پنهنجي هوش ۾ نه آهيان. جيڪڏهن ڪا شڪايت هجي ته مون کي معاف ڪجانءِ مون کي خبر آهي ته تون ڏاڍو رحمدل آهين. تون هميشه ٻين جي مدد لاءِ تيار رهندو هئين. جيڪڏهن تنهنجي اها رحمدلي عجيب و غريب  قسم جي آهي. اها بلڪل لامحدود آهي. دنيا ۾ ڪو به شخص تو وٽان ايترو ڪجهه حاصل ڪري سگهيو ٿي جيتروسندس ٻئي هٿ سنڀالي سگهن. مگر وري به مان سمجهان ٿي ته تنهنجي رحمدلي بلڪل محدود ۽ خود غرض  آهي. توکي ضرورت هوندي آهي ته ڪو توکان سوالي بنجي گهري. تون انهن جي ئي مدد ڪندو آهين، جي جهولي جهلي توکان خير گهرندا آهن. تون پنهنجي شرم ۽ ڪمزوريءَ  جي ڪري ٻين جي مدد ڪندو  آهين، جا راحت ازخود توکي ٻين جي مدد ۾ ملي ٿي، اها انهيءَ نموني نٿي ملي. مان صاف چئي سگهان ٿي ته جي ماڻهو مشڪلاتن ۽ مصيبتن  جو شڪار رهندا  آهن، اهي تنهنجي لاءِ ايترو احترام جي قابل نه آهن جيترا آرام ۽ آرائش  ۾ رهڻ وارا، هاڻي ٻڌاءِ  ته ڪيترو نه ڏکيو آهي تو جهڙي رحمدل  شخص کان ڪجهه گهرڻ... هڪ دفعي  جڏهن مان ننڍي هئس ته مون دروازي  جي سوراخ مان ڏٺو هو ته تو هڪ پينو فقير کي جنهن تنهنجي گهنٽي وڄائي هئي، خيرات ۾ ڪيترو ڪجهه ڏنو هو. سندس ڪجهه ڪُڇڻ کان اڳ  ۾ ئي تو يڪدم هن کي ڏئي ڇڏيو  هو. ته پو هڪ پينو فقير کي جنهن تنهنجي گهنٽي  وڄائي  هئي، خيرات ۾ ڪيترو ڪجهه ڏنو هو تنهنجي انهيءَ  روئي ۾ ڏاڍي گهٻراهٽ هئي. ڄڻ ته تو جلد از جلد انهيءَ مصيبت  مان پنهنجي جان ڇڏائڻ چاهي ٿي. ته کيس شڪريه  جو موقعو به نه ڏنو. مان تنهنجي انهيءَ حالت کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. اهوئي سبب آهي جو مان پنهنجي مصيبت  جي ڏينهن ۾ تنهنجي اڳيان سوال نه بنيس. تو وٽ امداد  جي لاءِ اچڻ  کان گريز ڪيم، حالانڪ منهنجو پٽ به هو. مون کي جيتري به مدد جي ضرورت ٿئي ها ته تون يڪدم  مدد ڪرين ها تون پنهنجي پئسن جو سڄو ڍير منهنجي حوالي ڪري ڇڏين ها ۽ مون کي آٿت ۽ دلداري  ڏين ها. مگر انهيءَ  امداد جي پٺيان تنهنجي اها گهٻراهٽ، مايوسي ۽  بيچيني ضرور  موجود رهي ها. آخرڪار تون انهيءَ  نئين مصيبت کان آزاد ٿيڻ لاءِ انتهائي ڪوشش ڪرين ها.

مون کي خبر آهي ته تون اها صلاح به ڏين ها ته مان پيدا ٿيڻ واري ٻار کي ختم ڪري ڇڏيان، ۽ انهيءَ مصيبت کان پاڻ کي آزاد  ڪيان. اهائي ڳالهه هئي جيڪا مون کي ڊيڄاري رهي هئي. مون کي خبر هئي ته جيڪي تون چوين ها مون کي مجبوراً ائين ڪرڻو پوي ها.  مگر در حقيقت  اهو ٻار منهنجي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو تحفو هو. اهو تنهنجو پٽ هو. تو انهيءَ جي صورت ۾ وري جنم ورتو هو، مگر تو جهڙي خوش طبع ۽ بي فڪر  روپ نه اهڙي شخص  کي مان پاڻ وٽ هرگز  نه رکان ها. پر اهو تون ئي هئين جو منهنجي ئي جسم ۽ رت ۾ ٺهيو هئين، جنهن جو منهنجي زندگيءَ سان نهايت  گهرو تعلق هو. تون ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه هئين. مان اهو ڪيئن وساري  سگهان ٿي ته تنهنجو رت منهنجي رڳن ۾ به ڊوڙندو رهيو هو. جڏهن به منهنجي روح جيترو به گهريو ٿي اوترو توکي پيار ۽ حفاظت  سان رکندي هيس. توکي سيني سان لڳائيندي هيس، توکي چمندي هيس. جڏهن مون کي پهريون دفعو خبر پيئي ته مان تنهنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آهيان تڏهن ته منهنجي خوشيءَ  جي حد ئي نه رهي. مون انهيءَ  راز کي هميشه پنهنجي سيني  ۾ لڪائي رکيو. مگر هاڻي تون مونکان پري ٿي نٿي سگهئين، ڇو ته تون مڪمل طور منهنجو ٿي چڪو هئين.

مگر تون اهو نه سمجهجانءِ ته پويان ڏينهن، جي انتظار ۾ گذريا  اهي ڏاڍي راحت خوشيءَ جا هئا . اهي ڏينهن منهنجي لاءِ ڏاڍي فڪر ۽ مصيبت جا ڏينهن گذريا. مان اهي ڏينهن وڏين مصيبتن جو شڪار رهيس، ٻار جي ڄمڻ کان ڪيترائي  ميهنا  اڳ مون ڪم تي وڃڻ  ڦِٽو  ڪيو، ڇو ته اهي منهنجي پيءُ جا عزيز انهيءَڳالهه کي پرکي سگهيا ٿي ۽ اهي گهر ٻڌائي به سگهيا ٿي ۽ نه وري مان پنهنجي ماءُ کان پيسا گهرائي سگهيس ٿي. انهيءَ ڪري جيستائين پيدائش  جو وقت نه آيو تيستائين مان گهر جون سنهيون  ٿلهيون شيون وڪڻي ڪم هلائيندي هيس. ٻار جي ڄمڻ لاءِ  ويم گهر ۾ وڃڻو پيو. انهيءَ گنديءَ اسپتال ۾ پينو فقيرن ۽ يتيمن جي وچ ۾ تنهنجو پُٽ ڄائو. ڏاڍي  خوفناڪ جڳهه هئي اها  اتي هر شئي عجيب  ۽ غريب هئي. بلڪل  عجيب ڍنگ  جي اسان عورتون سڀ هڪٻئي  جي لاءِ اڻواقف  هيونسون سڀ اتي اڪيليون  بي سهاري پيون هيون.  اسان سڀني  کي هڪٻئي  جي لاءِ ڪاوڙ  ۽ نفرت هئي. اسان جو پاڻ ۾ صرف هڪ ئي رشتو هو ۽ اهو هو غريبي ۽ ڏک  جو. سڀني کي انهيءَ ڀريل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڪلورو فارم ۽ بدبوءِ جي ڌپ  چوڌاري فضا ۾ پکڙيل هئي، ۽ چؤطرف فضا ۾ ناقابل  برداشت ريهن ۽ ڪيهن جو شور ۽ غل پکڙيل هو. انهن عام وارڊن ۾ داخل ٿيڻ واري هر مريض  جي حيثيت  ۽ شخصيت  ختم ٿي ٿي  ويئي، باقي جيڪي ڪجهه بچيو ٿي اهو اسپتال  جي رڪارڊ ۾ رهجي  ويو ٿي. بستري تي جو ڪجهه پيل نظر ايندو هو_ اهو خراب گوشت جو ٽڪر_ اهو خاص ڪري هڪ مشاهدي جي شئي هوندو هو.

انهن سڀني ڳالهين  چوڻ لاءِ مان توکان معافي گهران ٿي، آئنده ڪڏهن به مان انهن جو ذڪر نه ڪنديس. يارهن سالن تائين مان بلڪل خاموش  رهي آهيان ۽ هينئر  جلدي هميشه جي لاءِ  خاموش ٿي وينديس. آخر هڪ دفعو  مون کي زوردار دانهن ڪرڻي ئي هئي، ته جيئن توکي خبر پوي ته هي ٻار جيڪو منهنجي خوشيءَ جو مرڪز هو ۽ هينئر موت سان هم آغوش ٿي چڪو  آهي، انهيءَ جي لاءِ  مون کي ڪيڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي آهي. انهن خطرناڪ گهڙين کي مان هردم ٻار جي معصوم مُرڪ ۽ سندس پيارين ٻولين ۾ وساري ويهندي هيس. انهيءَ عظيم خوشيءَ ۾ مون کي انهن ڏکن جو ذور به خيال نه رهيو ، ۽ هينئر جڏهن هو هميشه جي لاءِ مون کان منهن موڙي چڪو آهي، تڏهن منهنجي زندگي وري مصيبتن  سان ڀرپور ٿي چڪي آهي. انهن مصيبتن جي ڪري هڪ دفعو  مون کي ظاهر ڪرڻو ئي هو، مگر انهيءَ جي لاءِ مان توکي ڏووهاري هرگز  نٿي چوان. انهيءَ معاملي  ۾ مان پنهنجي تقدير کي ڏوهاري ٺهرايا ٿي. صرف انهيءِ کي جيڪا اهڙيون بي انتها مصيبتون عطا ڪرڻ واري آهي. تنهنجي لاءِ منهنجي دل ۾ ڪڏهن به غم ۽ غصو پيدا نه ٿيو. پنهنجي پٽ کي جنم وقت نه، جڏهن مون کي ناقابلِ برداشت سور ٿي رهيو هو، تنهنجي خلاف مون کي ڪو به رنج ۽ ڪاوڙ نه ٿي. مان ڪڏهن به توکي پيار ڪرڻ نه وساريو، ۽ وري انهيءِ گهڙيءَ کي مون خراب سمجهيو. جڏهن تون پهريون دفعو منهنجي زندگيءَ ۾ آيو هُئين، مستقبل ۾ جو ڪجهه ٿيڻ وارو هو،  اگرچ انهيءِ جي مون کي خبر هوندي به اهو ضروري هو ته مان جهنم ۾ رهندي به راحت ۽ مزي سان ڏينهن گذريان، ٻڌايانءِ ته مان هڪ دفعو نه هزار دفعا ان جهنم ۾ وڃڻ لاءِ تيارهيس.

 3

مقالا

”سچا اديب ۽ شاعر جڏهن ساهه کڻن ٿا، تڏهن خود غرض ماڻهن جي زندگي ئي  زهر بنجيو پوي، ۽ جڏهن اهي پنهنجي قلم کي جنبش ڏين ٿا. تڏهن ته اهڙو شور مچيو وڃي. جو مئل به جاڳيو اٿَنُ.

                                                          لوئي اراگائون

·       آغا عبدالنبي خان عليگ

امير خسرو دهلويءَ جي فارسي شاعريءَ تي هڪ نظر

قسط  (2)

جڏهن سلطان ناصرالدين بندا خان ۽ سندس فرزند ڪيقباد شاهه، دهلي پاڻ ۾ پرچي صلح ڪري ويٺا  ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو، تڏهن خسرو حسب ذيل اشعار لکيا:

زهه ملک خوش چون دو سلطان يکهه شد،

زهه عهد خوش چون دو سلطان يکهه شد.

پسربادشاهه و پدر نيز رسطان،

کنون ملڪ بين چون دو سلطان يکه شد. (قِران السعدين)

جڏهن سڪندر چيني حسينه ڪِنيفوي کي ميدان جنگ مان گرفتار ڪري پنهنجي حرم ۾ وٺي  آيو تڏهن ات هن سڪندر کي پنهنجي دام حسن ۾ گرفتارڪرڻ بعد  جيڪي چيو سو امير اشعاري ذيل ۾ قلمبند ڪيو آهي، ڪلام جي نازڪ خيالي ۽ سادگي قابل داد آهن:

گر اندازد اوشيرو آهو به تير،

من اَن آهوم کُو بود شير گير.

او يعني هُو، اشارو آهي سڪندر ڏي، ”جڏهن سڪندر شينهن ۽ هرڻ تير سان ماريندو آهي ته مان اها هرڻي آهيان جا شينهن ڦاسائيندي آهي.“ (آئينه سڪندري)

اڳتي وڌي وري اها حسينه ڇا ٿي  ٻولي، سو امير جي الفاظن ۾ ٻڌڻ فرمايو:

گر او پيل بندد به خم، کمند،

من ازتار موئي کنم پيل بنده.

گر او گيتي از لشڪر آرد بدام.

خيانم به تنها بگيرد تمام. (آئينه سڪندري)

مٿين شعرن  ۾ بزميه خوبيءَ سان گڏ رزميه جولان ۽ شاعراڻي تعلي پڻ آندل آهي. ڪلام جي  رواني ۽ سادگي به قابل  داد آهي ۽ بندش پڻ لاجواب.

ز حاجت بيش در دنيا مجو چيز،

وگر ناجسته يابي رو مکن نيز،

چو گرد د ابردولت بر تو دُر بار،

فروتن باش همچو شاخ گلنار. (شيرين خسرو)

زن که درکوچها بتگ باشد،

زن نه باشد که ماده سگ باشه.

زن نه باشد که ماده سک باشه.

مرد کردار خوب را سبب است،

خوب کرداري از زنان عجب است. (هشت بهشت)

ازانسواءِ اميرجي ٻي مشهور مثنوي”خضرخان ودول راڻي“ به قابل ذڪر آهي، هن مثنويءَ ۾ علاءَ الدين خلجيءَ جي پٽ شهزادي امير خسرو مجنون جي حالت، فراق ليليٰ  ۾ دشت وڪهسار اندر جا بيان ڪئي آهي، سا هيٺئين شعر مان ظاهر آهي. ڪهڙي نه سادگي ۽ خوبيءَ  سان هڪ محبت  جي ماريل، فرقت جي ستايل ۽ حسن  جي ديواني جي اکين جي حالت جي تصوير ڪڍيل آهي.

ديده ش چو چراغ مرده بي نور،

دور از من وتوخويشتن دور، (مثنوي مجنون ليليٰ)

جڏهن ليليٰ کي خبر پيئي ته قيس خديجه سان شادي رچائي آهي، تڏهن هن قيس کي هڪ خط لکيو، ان خط جي حقيقت  خسرو جي لفظن ۾ دل ڏاريندڙ آهي. ليليٰ جي درد و غم جي حالت  جي تصوير  جا امير ڪڍي آهي سا اهل ذوق اصحاب لاءِ قابل قدر ٿيندي، چند اشعار پيش ڪجن ٿا:

بگداخت زسوز دل وجودم وز اوج فلک گذشت دودم،

تا بستر تو زمين شنيدم من نيز  همان زمين گزيدم.

تنهائي و گوشه و درديه  وزآب روديده اب خورديه

اکنون که بوصل خفتهء شاد هم خوابهء نومبارکباد.

هن خط جي جواب ۾ قيس جيڪي لکيو آهي سو به اميربيان ڪيو آهي، ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ ان بيان کي قلمبند  ڪرڻ وقت امير جي دل ۽ دماغ ۾ مجنون جو روح واسو ڪري رهيو هو، ملاحظه، فرمايو:

باجز تو ڇه کار، تا توهستي، در کعبه خطا است پت پرستي.

جان رفت زسينه دلبرشد دير نه بود به يکه ميان دوشمشير.

در سينهءَ من که هي کند سير انديشهءِ تست نه غم غير.

جاله ست به موئي تو گرفتار خواهيش به بند و خواهي بگذار.

(مثنوي مجنون ليلي)

ليليٰ مجنونءَ جي جدائيءَ ۾ بيحال چار ديواريءَ ۾ بند بيبسيءَ ۽ بيڪسيءَ جي حالت ۾ آهي وفغان ڪري رهي آهي. ليليٰ جي دل جون امنگون حضرت امير خسرو جنهن طرح بيان ڪيون آهن، سي ٻڌڻ جهڙيون آهن. ائين  پيو لڳي ڄڻ ليليٰ جي دل جهڙي ڪيفيت سندس مٿان به گذري آهي، ڪلام جي چستي ۽ ان سان گڏ  سلامت ۽ نزاڪت جو اندازو اهل ذوق ڪرڻ فرمائين:

آنرا که دورنه چاک باشد،  از پرده دري چه باک باشد.

دست من و آستين يارم، گر خلق کند سنگسارم.

کاغذ چو شود نشانءَ  تير،  جُزخوردن زخم چيست تدبير..

کنجه وغمي به سينه چو کوهه، زندانيءَ تنگناءِاندوه.

(مثنوي مجنون ليلي)

شهزادي خضرخان ۽ گجرات جي راجا ڪرن جي ڌيءَ دول راڻيءَ جي عشق ۽ محبت جو سچو قصو قلمبند ڪيل آهي. انهيءَ  مثنويءَ جا چند اشعار پيش خدمت آهن:

مرگ است اين که عمر آيد بپايان،

وله مرگ است دوري ز آشنايان.

چو عشق  رانه بود جانگدازي،

هوس بازي بود نه عشق بازي،

_

هميشه بازنخ بود ست کارم،

سراسر در زلخ روزگارم،

_

زپرده مَهِو شان بيرون فتادند،

چوخورشيد از شفق در خون فتادند.

فساد وفتنه رندان را جمال است،

به کوئه شاهدان تقويٰ وبال ست،

پنداري که اين آفسانه سازي ست.

به عبرت بين که رمز عشق بازي ست.

 

(مثنوي خضرخان و دول راني)

امير خسروءَ جي مثنوي ”نه سپهر“  کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. هن مثنويءَ  ۾ سلطان قطب الدين  مبارڪ شاهه جو علاءُ الدين کانپوءِ تخت دهلي جو وارث بنيو، تنهن جي دور حڪومت جو خسرو ءَ احوال قلمبند ڪيو آهي. هن مثنويءَ ۾ امير هندستان جي هندوعورتن جي وفاداريءَ جي حد کان زياده تعريف ڪئي آهي ۽ ساڳي وقت هندستاني حڪمراني جون وصفون ۽ اميرن لاءِ نصيحتون رَقُم ڪيون آهن، چند اشعار پيش ڪجن ٿا:

حکمت و دانائي و علم و هنر،

و آنچه در هند معانيست دگر.

_

فلک گفت هرچه از زمين کشور آمد،

ازان جمله هندوستان برتر آمد،

هست عجب مُردن هندو به وفا،

مُردنش از تيغ و زآتش به جفا.

زن زپته مرد بسوزد به هوس،

مرد ز بُهريت  يا منعم و بس.

گر به شريعت  بود اين نوع روا،

جان بدهند آهل سعادت به هوا.

_

(مثنوي نه سپهر)

بود ني را هميشه بود از تو،

بُود و نابُود را وجود از تو.

آمدم بر در تو بي خود وار،

يا خودم  دار بي خودم نه گذار،

در قيامت  که حشر  کار شود،

عاصي از کرده شرمسار شود.

چون به صحرا همين نهان همه،

شرمسارم مُکن ميان همه.

مثنوي هشت بهشت)

هن وقت تائين جو ڪجهه بيان ڪيل آهي سو آهي امير خسروءَ جي فن مثنوي نويسيءَ بابت. هن باري ۾ باخير رهم ون علم جو چوڻ آهي ته ”رودڪيءَ مثنوي جو سڀ کان اول بنياد رکيو، ”فردوسيءَ“ اُن بنياد تي شاندا عمارت  قائم ڪئي. ”نظامي“ اُنهي عمارت کي سينگاريو ۽ سنواريو مگر ”امير خسرو“ انهيءَ محل تي هڪ سئو سال نظاميءَ کان پوءِ اهڙي ته نظرافروز قلعي چاڙهي اُن کي خوشگوار بڻايو جو هن کان پوءِ ڪيترن ئي شعراءِ ڪرام اها ڪوشش ڪئي ته انهيءَ محل ۾ سندن ڪمال فن به آويزن رهي، مگر اهي سندن  تمنائون صرف تمنائون ئي رهيون خسروءَ جي لکڻيءَ ۽ ڪهڻيءَ  ۾ هڪ عجيب قسم جو تاثير موجزن آهي جو هُن جي گهريل دعا جو نتيجو آهي. ٻي ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ اهڙو اثر شايد ئي ملي اها دعا هيٺ  ڏجي ٿي.

اِلاهي رنگ تاثيري کرامت کن فغالم(1)

به موج آشک، بلبل آبده تيغ زبالم را.

(خسرو)

هاڻي ڏسڻو آهي ته سواءِ مثويءَ جي امير کي شعر جي ٻين صنفن تي به دسترس هئي يا نه آربابان فن شاعري شعر جا هيٺيان مکيه قسم مقررڪيا آهن: 1  غزل2 قصيده 3 مثنوي 4 مرثيه 5 رباعي6 قطع. انهن ۾ وري تنوعات گوناگون ملنديون مثلا ناصحانه حڪيمانه، عشقيه بزميه، رزميه، سياسي ۽ اخلاقي جذبات جي مصوري ۽ مناظر نقاشي وغيره. انهن قسمن جي ڪلام ۾ شاعر جي طبيعت  جو اصل جوهر ۽ رغبت  ظاهر ٿين ٿا. امير خسروءَ  جو اهو ڪمال آهي جو شعر جو ڪوئي قسم اهڙو نه آهي جنهن ۾ هن جي قلم جي رواني  درياهه جي موجن وانگر لهرون ۽ ڇوليون پيدا نه ڪيون هجن. هن جي ڪلام ۾ هر دور جا محاسن موجود  آهن، مثلاً  سادگي، سنگيني ۽ استواري جا دور اول جي شاعريءَ جي ممتاز خصوصيت آهي، سا خسروءَ  جي ڪلام به ڪثرت  سان ملي ٿي. رنگيني،لطافت ۽ ملائمت جي دور ثانيءَ جي شاعريءَ جا ڪمال هنر آهن، اُنهن کان به خسروءَ  جو ڪلام خالي نه آهي. دورثانيءَ جي شاعري  جا ڪمال هنر آهن، اُنهن کان به خسروءَ  جو ڪلام خالي نه آهي.  دور ٽيون جو خسروءَ جو دور هو، اُن وقت نظم پوري آرائش سان آراسته ۽ پيراسته  ٿي چڪو هو. ٻولي به صنايع  و بدايع سان مُرصع هئي. گويا شعر و شاعري جي هر صنف بام ڪماليت تي پڄي چڪي هئي. جنهن کي رواجي طرح سان اُن کي وڌيڪ  سينگارڻ ۽ سجائڻ جي چنڊان گنجائش ڪانه هئي. بقول خسرو

در محفل  وصالت دريا کشند مستان،

چون دور خسروآمد مئي در سبونه ماند.

اهڙي دور ۾ به خسرو نهايت قادرالڪلاميءَ سان اهڙو ته گلستان سخن  برپا ڪيا، جن جي خوشبوئه جاودانيءَ سان هر ارباب ذوق تا قيامت پنهنجو دماغ معطر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن خسروءَ جي شاعريءَ  جون خوبيون تفصيلي  طرح بيان ڪيون وڃن ته هوند هڪ سفيد  ڪتاب جڙي  پوي ڇو ته هر انواع شاعريءَ  تي هن جو ئي قلم آهي، جنهن نهايت  لاجواب  طور تي حسن و لطافت ۽ زور و قوت سان سيرڪيو آهي. هن جي انهيءَ همه گيريءَ  کي نظر ۾ رکندي هڪ سخن شناس  جڏهن هن جي مجموعه  ڪلام کي خيال و خوض  سان پڙهندو،  تڏهن اِنهيءَ نتيجي  تي پهچندو  ته خسرو رڳو شاعر نه هو، مگر هڪ ”شاعر گر“ هو . جيڪڏهن خسرو پنهنجي ڪلام جي هر پڙهندڙ کي شاعر  بڻائي نٿو سگهي، تڏهن به انهيءَ  ۾ شڪ نه آهي ته جنهن شخص جي فطرت  ۾ شاعريءَ  جو مادو موجود  هوندو انهيءَ مادي ۾ هڪ زبردست حرڪت ڪري سگهي ٿو. ازان سواءِ نظم جي هر صنف خسرو جي ڪلام ۾ ايتريقدر موجود آهي جو هر طبيعت  جو آدمي پنهنجي مناسب ۽ ڄاڻ آهر اُن مان فيض وٺي فن شاعريءَ  ۾ رهبري حاصل ڪري سگهي ٿو.

اهڙي صورت ۾ بيجا نه ٿيندو جيڪڏهن خسروءَ کي شاعر جي بجائي ”شاعر گر“ يعني ”شاعر جوڙيندڙ  چئجي .خسرو جي ڪلام ۾ تواضع ۽ خاڪساري ، هنر انهن رغبت، ڪاهليءَ  کان نفرت ، بلندي همت ، پستي، حرص عبادت ۽ شرافت جي تلقين به موجود آهي، هو اتحاد قوم ۽ وطن پرستيءَ جو حامي شاعر هو. هن هندستان  جي اصلي رهاڪن يعني هندن ۽ مسلمانن کي هڪٻئي جي نزديڪ آڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ ڪارگر مهم شروع ڪئي، جنهن جو مقصد هڪ نئين اهڙي زبان جو ملڪ ۾ قائم ڪرڻ هو جنهن جي ذريعي  ٻئي  قومون جن جون ٻوليون  جدا جدا هيون، هڪٻئي کي سمجهي سگهن. انهيءَ مراد سان خسروءَ هڪ لاجواب  لغت  نظم ۾ تيار ڪئي، جنهن موجب هن فارسي، عربي ۽ ترڪي  لفظن ۽ محاورن جو مروج هندي ڀاشا ۽ سنسڪرت جي لفظن ۽ محاورن ۾ معنيٰ ۽ مطلب ظاهر ڪيو. انهيءَ لغت جا هن وقت اسان وٽ رڳو 215 اشعار موجود آهن، باقي ذخيرو خسرو  جي ٻين جواهر  ريز تصانيف وانگر نذردست و برد روزگار ٿي ويل ٿو ڏسجي، دراصل انهيءَ  تحريڪ کان ئي موجود اردوءَ  جنم ورتو جنهن جو سنگ بنياد خسرو ئي رکيو. انهيءَ  علمي خزاني يعني ”خالق باري“ مان چند اشعار نموني طورپيش ڪجن ٿا.

خالق باري سرجنهار، واحد ، ايک بَدا،کرتار،

اسم الله خدا کا ناؤن، گرما،دهوپ.سايه هئي چهائون.

 

سَسُ هي مَه نيّر خورشيد،کالا  سيه اُجلا سفيد.

مَرد منش  زن هي استري، قحط آکال وبا هي مري.

مولوي صاحب سرن پناهه، گدا، بکهاري،خسروشاه.

صاحبان قلم وفهم شعر کي هيٺ ڏنل  ٻن جزن، ٻن لوازمن ۽ ٻن شرائط جو جوڙ چيو آهي. محاڪات ۽ تخيل ٻه آجزا آهن. لفظن جي ڪثرت ۽ مطالع صحيفه ڪائنات  جا ٻه لوازم آهن ۽  وزن ۽ قافيه ٻه شرط آهن.

محاڪات جي معنيٰ نقالي يعني نقل ڪرڻ، مطلب ته هر واقعو  جنهن طرح ڏٺو يا ٻڌو وڃي يا جو اثر  ۽ ڪيف دل تي گذري ، اُنهيءَ  کي اهڙيءَ طرح سان ادا ڪيو وڃي، جو غائب اُنهيءَ کي ٻڌي پاڻ کي حاضر سمجهي، مگر اهورڳو به شعر لاءِ ڪافي نه آهي.

ان سان گڏ تخيل جوهئڻ به لازمي جُز آهي تاڪ شعر رڳو تڪبنديءَ جو مصداق ٿي نه پوي.

محاڪات ۽ تخيل پنهنجو فرض انهيءَ وقت تائين پورو ڪري نٿا سگهن، جيسين اُنهن سان گڏ شاعر وٽ لفظن جو ڪافي ذخيرو نه هجي، ڇو ته لفظن جي فراوانيءَ بغير شاعر  پنهنجا جذبات موزونيت سان اظهار ڪري نه سگهندو.ڏٺو ويو آهي ته قلت الفاظ سبب ڪڏهن ڪڏهن بلندپايه جي شاعرن جو ڪلام به ڦڪو ٿي پوندو آهي ۽ اُن جو لطيف جذبو، موزون الفاظ جي ڪميءَ  سبب پوريءَ  پر ظاهر ٿي نه سگهندو آهي. ساڳئي وقت مطالع صحيفهءَ فطرت به ضروري آهي.

مثلاً جيڪڏهن شاعر وٽ لفظن جي ڪثرت ۽ حالات جي مطالع جي ڪمي يا عدم موجود آهي ته پوءِ هو ڪنهن به منظر جو يا دلي جذبات جو پورو پورو نقشو ڪڍي، سامعين جي اڳيان پيش ڪري نه سگهندو. موسم بهار کان ناواقف موسم بهار ڪيئن بيان ڪري سگهندو؟ درد دل کان ناواقف، ، درد، دل جو نقشو ڪهڙيءَ طرح ڪڍندو يا ڏيکاري سگهندو؟ جڏهن ڪلام ۽ محاڪات ۽ تخيل ۽ مطالع صحيفه ءِ فطرت جون خوبيون موجود هجن، تڏهن قافيي ۽ وزن سان شعر کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ۽ نظام ۾ آڻڻ لاءِ لفظن جي ڪثرت لازمي آهن. ورنه ڪلام صرف نثر  جي جامي ۾ ئي رهندو .

امير خسروءَ  جي ڪلام ۾ اهي آجزا موجود آهن ۽ اُن سان گڏ شعر کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ جن خوبين  جي ضرورت  آهي سي به منجهس سڀ موجود آهن، جيئن بلاغت، سلامت اصليت جوش.

بلاغت جو مطلب آهي، ڪلام وقت ۽ حال مطابق چيل هجي ۽ جنهن ڪيفيت جو بيان ڪري، اُنهيءَ  ڪيفيت جي رنگ ۾ ٻڏل هجي، ايتريقدر جو ٻڌڻ وارا ائين سمجهن  ته مٿن گويا ساڳي ڪيفيت طاري ٿي رهي آهي. جيڪڏهن مستي بيان ڪئي وڃي ته اهڙيءَ  طرح  جو سامعين به مست ٿي وڃن. جيڪڏهن غم جي ڪيفيت بيان ڪئي وڃي ته غم جي رنگ  ۾ ڪلام ايترو ته ٻڏل هجي جو ٻڌڻ ساڻ مغموم ٿي وڃن. تفصيل جي جاءِ  تي وضاحت ۽ اجمال جي جاءِ تي اختصار بلاغت جون نشانيون آهن. ان طرح سلامت جو مطلب  اهو آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفط ڪم ۾ آندل هجن، جي علم فهم کان  ٻاهر  نه هجن ۽ هر ڪس و ناڪس ڪلام ٻڌڻ سان سمجهي سگهي ۽ داد ڏئي. بقول غالب.

ديکنا تقرير کي لذت  که جو اُس له کها،

مين نه يه جانا که گويايه بهي ميري دل مين هي.

زهير ابن سلميٰ جو چوڻ آهي ته بهترين شعر اُهو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ٻڌڻ وارا بي اختيار داد ڏين ۽ چون ته اهو سچ آهي. ابن رشيق جي چوڻ مطابق بهترين شعر اهو آهي جنهن جي سلامت ۽ سادگيءَ کي ڏسندي، ٻڌندڙ سمجهي ته هو اهڙو ڪلام چئي سگهندو مگر متواتر ڪوششن بعد به اهڙو ڪلام چئي نه سگهي.

اصليت جو مطلب اهو آهي ته جو واقعو بيان ڪيو وڃي سو بااعتبار واقع هئڻ گهرجي، يا ڪم از ڪم شاعر جي عقيدي ۾ اهڙو ئي هجي جهڙو هن بيان ڪيو آهي، ورنه ڪلام بي اثر ثابت ٿيندو.

ڪلام ۾ جوش هئڻ جو مطلب  اهو آهي ته شعر ٻڌڻ سان دل تي اهو اثر پيدا ٿئي ته بيان ڪيل واقعات شاعر کي جوش ۽ جذبي ۾ آندو آهي، ۽ نه ته شاعر ڪو خود ساخته  مضمون پيش ڪيو آهي، جنهن ڪلام ۾ هڪ ئي وقت  مٿيون سڀ خوبيون موجود هجن، سو ڪلام ڪامل آهي ۽ اهڙوئي ڪلام ٻڌندڙن جي دل کي ڏارڻ جو اثر رکي ٿو.

حضرت امير خسرو جي سموي ڪلام شروع کان آخر تائين اهي سڀيئي  خوبيون موجود آهن. هن جو دماغ گويا ايجاد مضامين  جو طلسم خانه هو. سندس ڪلام گويا صنايع لفظن جو عجائب گهر هو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي:

حريفان بادها خوردند و رفتند،

تهي خم خانها کردند ورفتند.

غزل سرائيءَ ۾ خسرو به سعديءَ جو مقلد هو. ٻيئي رڳا شاعر نه پر عالم  ۽ ولي ڪامل به هئا. سعدي غزل ۾ تصوف  جي آميزش ڪئي ۽ نهايت لطيف نموني ۾ حقائق  ۽ واردات قلبيه کي ظاهر ڪرڻ شروع ڪيائين. عشق وحسن جا راز  نياز، اُنهن تي تصوف  جي چاشني، زبان  جي صفائي ۽ ڪلام جي روانيءَ  ۽ پختگيءَ، سعديءَ کي غزل  جو امام بڻائي ڇڏيو. خسرو به انهيءَ دور  ۾  مسند  شاعريءَ  تي جلوه افروز ٿيو. سعديءَ جي عهد پيريءَ ۾ خسروءَ  جي شاعريءَ جوان ٿي. غزل  جون صنفون جي سعدي ءَ ايجاد ڪيون سي غزل لاءِ به ضروري قرار ڏنيون ويون انهيءَ هوندي به امير خسرو صنف، غزل ۾ ڪيئي اضافا ڪيا، جي خاص سندس دماغ جا مرهون آهن. مثلاً

بحرن جي موزوني، تشبيهن ۽ محاورات جي جدت، بيان جو عجيب  آسلوب، بندش جي چستي۽ لفظن جي فراواني وغيره، جن جي استعمال سان غزل ۾ جان پوي ٿي. غزل جي ڪمال لاءِ جن ڳالهين جي ضرورت آهي جهڙوڪ، درد سوز ۽ گداز، ناز ۽ نياز، عشق جي هنگامه آرائي، حسن جي دلڪشي ۽ دلربائي، زبان جي سادگي ۽ رواني، اسلوب بيان جو دل تي اثر ڪري، ۽ منظر نگاري وغيره سي سڀ خسروءَ جي غزل ۾ موجود آهن.

خسروءَ جا قصيدا به لاجواب ليکيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به حالت  ۾ خاقاني، انوري، عُرفي يا جاميءَ کان گهٽ نه آهن . قصيده گوئيءَ لاءِ علمي  مسئلا، حڪمت جا مقدمات، سلوڪ ۽ تصوف جا دقيق خيالات، صنائع ۽ بدايع، لفظي ۽ معنوي جذبات ، تجنيس ۽ ترصيع، بلند پروازي ۽ مبالغه آرائي ضروري آهن. اهي خوبيون به بيحد ڪمال حضرت  امير خسروءَ  جي قيصدن ۾ موجود آهن ان طرح رباعيات ۽ قطعات ۾ جي عشقيه بزميه، اخلاقيه ۽ تصوف جي راز بابت اشارا بيان ڪيا آهن، سي به هر انسان لاءِ چراغ راهه جي ڪم ڏيڻ جي قابل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com