هن سال وارين ٻوڏن ماڻهن جا روح کائي پئي ڇڏيا. پوري سنڌڙي هن
الاهي آفت جي مضبوط ٻانهن ۾ جڪڙجي چڪي هئي.
آرائين وٽ کنڊن پوڻ سبب باگڙجيءَ جو ڀريو ڀاڳيو
شهر حرف غلط وانگر مٽجي ويو، نه رهيو بانس ۽
نه بنسري . نوابشاهه ۽ دادو ضلعن جي ماڻهن جي روح
تان هيءَ قيامت به پئي گذري. ٻڍا پور جو شهر پڻ
هن ناگهاني شامت کان بچي نه سگهيو.
مورو،حيدرآباد، هالا، مٽياري ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سدا بهار شهر
هن ٻوسٽ ۾ ٻُٽبا رهيا. ٺٽي ضلعي ۾ قادر ڏني شاهه
جي ڳوٺ سان نسور ناحق ٿي ويو.
شاهپور جهانيان ورو کنڊ جو ڪارخانو به سيلاب جي سُورن ۾ سوگهو
ٿيندو رهيو. مگرالله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي زمين
کي پاند پناهه جو ڏيئي بچائي رکيو هو.
مرزاپور جي ڳوٺڙي ۾ هاڻي خير مهر جون وايون پئي هليون .
پاڻيءَ جو زور ٽُٽي چڪو هو. وڏو وڏن واهن جي
ڪنارن تي ويٺلن ٻوڏ جي ستايلن کي حڪومت طرفان
ان ۽ لَٽي جون امدادون پئي ڏنيون ويون. ماڻهن جي
سڙيل ۽ سڪلن چهرن تي تازگيءَ ۽ تسڪين جا آثار
اُٿندا رهيا... لٽيل ڪٽيل روح اڇا ۽ اُجرا پئي
ٿيندا ويا. مرزاپور جي ڳوٺ ماتمي لباس لاهي
بهارن جي چنڙي ڍڪي، ماڻهن ڏانهن مُرڪي پئي
نهاريو. آ هُن دانهن ۽ سُڏڪن جي ڍيرن مان مُرڪون
۽ ٽهڪ پئي نڪتا. هي معجزو چئجي يا قادر جي عين
عنايت، جو ڳڙهي ياسين تعلقي جو وڏو حصو هن قيامت
خيز ٻوڏ جي قهر کان بچي ويو.
اُهي ئي راڳ، آهي ئي روپ.. ساڳيون محفلون، ساڳيا ميلا. ماڻهن
حقيقيءَ جا احسان ڳايا، ۽ هنن شڪراني جون نمازون
پڙهيون... ماسي سڀائي پوتيءَ جي پَلو ۾ سوارپئي
جا پتاشا وٺي ٻارڙن جو وات مِٺو ڪرايو...ملان
الهورائي منبر تي چڙهي وڏي آواز ۽ ڪنهن خاص ڍنگ
سان صبح جي آذان ڏني. هن ڪاريءَ رات کٽڻ جو سنيهو
ڏنو.. هن سُکن جي سج اُڀرڻ جو اعلان ڪيو.
جعفر شاهه جي ملنگن سُلفين مان سوٽا ڪڍي پنهنجين خوشين کي سڏ
ڏنو.. رکيل فقير پنهنجي ويڙهيل سيڙهيل يڪتاري کي
صفا ڪري ٻاهر ڪڍي رکيو. گلڻ پنهنجي کريل آواز کي
سرڙي سڌي ڪرڻ لاءِ ڪارن مرچن جون ڦڪيون هڻڻ شروع
ڪيون. الهداداڻي اسٽيشن تي ريل گاڏين ڪوڪون ڪري
خاطريءَ ۽ خوشيءَ جا پيغام ڏنا. پکن ۽ پنن ۾ نئين
ساهه جي سرهاڻ پيهي: ڳلين ۽ ڳوٺڙن ۾ پکڙجي ويئي.
علڻ اڄ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ماڻهن جي
ڊگهيءَ قطار ۾ بيٺل پئي نظر آيو. سندس منهن تي سُڪ
۽ تَر جا سڌا سَنوان ليڪا پئي ڊوڙيا. هو اڄ اسپتال
کي آخري سلام ڏيئي ڳوٺ اچڻ لاءِ اسٽيشن تي پهتو.
هو سوچي رهيو هو:خدا ته هرجاءِ تي حاضر ناظر آهي. هو هت به
ڏِئي ٿو ته هُت به ڏئي ٿو. هن جا خزانا ته هر
انسان لاءِ هروقت کليل هوندا آهن ته پوءِ هو
پنهنجي اباڻو وطن ڇڏي حيدرآباد ڇو آيو؟ پيٽ جي
آتش اُجهائڻ لاءِ ڪا هڪ جاءِ ته مقرر ڪانهي؟
جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته ڪم از ڪم پنهنجي ڳوٺ
جو هو آخري ديدار ته ڪري سگهي ها؟ هاڻي هو دڙن ۽
کنڊرن جي مٿان بيهي ڇا سوچيندو؟ .. هن جو ته جسم
۾ خون ٻَري ويندو؟ .. هن ڌرتيءَ جي ڪهڙي حصي تي
هو رهندو؟.... هي جهان ته هن لا جهنم ٿي پوندو.
مسافرن ۾ چئو پچئو پئجي ويئي. وٺ وٺاڙو لڳي ويو.. چناب
ايڪسپريس پنهنجي روايتي شان سان نچندي ڪڏندي اچي
پليٽفارم تي بيٺي . زمين تي بجليءَ جي بلبن ۽
آسمان تي ستارن جڳمڳاهٽ لائي ڏني هئي. خلق خدا جي
گهڻائي اڄ زور تي پئي نظر آئي. علڻ به پنهنجي
ڪپڙن جي ڳنڍڙي ڪلهي تي رکيو ڪنهن گاڏي ۾ ٽپي پيو.
الله مالڪ آهي مڙيو ئي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهڻ جي جاءِ
ملي ويس.
پليٽفارم تي مسافرن جي ڀڄُ ڊڪ اڃا جاري هئي ته گاڏيءَ هڪ وڏي
رنڀ ڪئي. هن فضائن جو سينو چيرڻ شروع ڪيو. علڻ جي
دماغ جي گاڏيءَ پڻ رينگٽ ڪندي چناپ ايڪسپريس سان
ساٿ ڏيندي رهي. اها ئي جهوري، اهوئي
جهوراڻو......اهائي اڻ تڻ اهو ئي اوسيڙو....
مسافرن جي گفتگو جو موضوع پڻ ٻوڏ هو. هر ڪنهن پئي اهو روئڻو
رنو. ڪنهن پئي چيو ؛ ادا!شڪر ڪريو نوان ڄاوا
آهيون. ڪنهن پيرسن ڪنڌڙو ڏڪائي پئي چيو ؛ابا! ههڙي
قهري ٻوڏ مون عمر نه ٻڌي نه ڏٺي. مطلب ته هر ڪنهن
انسان جي دل هن دهشت ڀريءَ ٻوڏ کان هيسيل ۽ هڄيل
هئي. هر ڪنهن جي اکين ۾ هراس۽ ڊپ جي ڳاڙهاڻ پئي
بکي. علڻ دل جو دل ۾ پئي ڳريو. ڳوٺ جي جي برباد
ٿيڻ واري خيال جو راوڻ هن جي سامهون پئي ڦِريو.
سندس دکيءَ دل مان دعائن جا دونهان پئي نڪتا.
شل منهنجو ڳوٺ سلامت هجي... ۽ پوءِ هن باسون باسڻ شروع ڪيون
...سائين جعفر شاهه جي درگاهه جي نمن هيٺيان مٺيءَ
ديڳ لاهڻ جون ... ٻنهي جهانن جي سردارن کي پوتين
پهرائڻ جون، نياڻين سياڻين کي مٿي ڍڪائڻ
جون...معصومن ۾ مٺائي ورهائڻ جون...
ساڍن چئن ڪلاڪن جي ذهني جنگ کان پوءِ هن کي روهڙيءَ جا ڪي اٰڻ
لکا آثار ڏسڻ ۾ آيا...بيدل سائينءَ جي روضي جو
گنبذ ... ننڍين ننڍين پهاڙين جون ڊگهيون
قطارون...کجيءَ جا وڻ...
هن پنهنجون اکيون هٿن سان مهٽيون، هن سوچيو؛ هو گاڏيءَ مان لهي
ڪنهن سيبتي کان پنهنجي ڳوٺ جي خيريت جي خبر پڇندو.
گاڏي پليٽفارم تي کڙي ٿي چُڪي هئي، هن هڪ کان ڇا مگر ڪيترن کان
ئي پنهنجي وطن جي خيريت تي پُڇي؛ مگرهر ڪنهن
لاعلميءَ جواظهار پئي ڪيو.
ڪنهن چيس؛ ميان مرزاپور پهرين لڙهي ۾ لُڙهي وئي. تون اڃا پيوان
جو خير گهرين؟
علڻ جي ٿڪل ۽ ٽٽل جسم تي هماليه ڪِري چڪو هو. هن جون ٽنگون
ڳوريون ٿينديون پئي ويون ، هو پنهنجي ڳوٺ وڃڻ
واريءَ گاڏيءَ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ رڙهيو، ۽ هن
ٽڪيٽ وٺي قميص جي کاٻي پاسي واري کيسي ۾ سوگهي
ڪري ڇڏي، هو زنده لاش جي صورت ۾ لڙکڙائيندووڃي
گاڏيءَ ۾ ويٺو. سکر اسٽيشن تي هن جي نگاهه پنهنجي
ڳوٺاڻي ربن تي پئجي ويئي، هن جي اندر ۾ ڏکڻ جي
هوائن جهڙا ٿڌڙا جهونڪا گُهلندا ويا...هن جي سڪلن
چپن تي مرڪن جا جام ڇلڪي پيا... هن زور رور سان
ربن کي سڏ ۽ واڪا ڪيا...
اکيون چار ٿيون... سينا مليا... دليون ڳنڍيون. ڏي خبر ادا ربن،
بچا آهيون نه؟ هن اتاوليءَ سان ربن کان پڇيو.
الله ڍڪيو آهي ڍولڻ! اصل ست خير لڳا پيا آهن... اسان جو وار به
ونگو نه ٿيو آهي. لک شڪرڌڻيءَ جا، علڻ پنهنجا ٻئي
هٿ مٿي کڻي رب جا ٿورا ڳايا ، هن جي اکين مان
خوشيءَ جا ٻه گرم لڙڪ ڳڙي پيا.
گاڏي ڌڙ ڌڙاهٽ سان اڳتي ڌوڪيندي رهي. حال احوال به انهيءِ رفتار
سان هلندا رهيا، ايڪسيڊنٽ جا آزار...وطن جو
ورهه... جدائيءَ جا جنجال...قسمت جون
ڪهاڻيون...ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا... هاڻي الهداداڻي اچڻ
واري هئي. ها اهائي الهداداڻي جتان گاڏيءَ مان لهي
هو پنهنجي ڳوٺ ويندو هو... اهائي الهداداڻي جتي
ننڍپڻ کي هن مٺڙيون لوليون ڏنيون هيون .... گاڏي
هڪ وڏو جهٽڪو کائي بيهي رهي. بچل ٽانگي واري کي
ڏسي، هن جي روح تي ڇانءَ اچي ويئي...هن جي ڳلن تي
ڳاڙهاڻ اچي ويئي.
ٻه دليو ٻکجي ويون....
اوسيڙن جو ڀٽڪيل مسافر پنهنجي منزل تي قدم رکي رهيوهيو. هن
چؤطرف پنهنجون ڀرپور نگاهون اڇلائي هڪ ڊگهو ۽ ٿڌو
ساهه کنيو.
۽ پوءِ هو بچل جي ٽانگي تي چڙهي پنهجي ڳوٺ ويو، چيهن چتن مٺڙيون
لاتيون پئي ڪيون...هرطرف کان خيريت ۽ خوشيءَ جا
آواز پئي اٿيا.... دور کان ڪو راهگير ڳائيندو پئي
ويو.
منهنجي سنڌڙيءَ جا شل ڳو ٺ وسن ،
مارو کلن ڪڏُن، سکيا سهنجا هجن !
سنڌيڪار نجم عباسي
روسي
ڪهاڻي
ليکڪ
:
چيريڪوف
جادوگر
شهر ۾ سخت بدامني هئي. هڙتال مٿان هڙتال پئي ٿي. هيءَ هلچل
ڪارخانن کان شروع ٿي ۽ هلندي هلندي باهه وانگر شهر
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي وئي. هن هلچل کي ختم ڪرڻ لا
پوليس هرممڪن ڪوشش ڪئي، پر بيسود. هيءَ هلچل ختم
ٿيڻ واري نه هئي.
ظاهر ظهور ته شهر دستور موجب دلچسپين جو مرڪز هو. بازار ۾
اهائي رونق هئي. خريد فروخت به ڏوهاڙي وانگر ٿي
رهي هئي، تنهن هوندي به ڪو به شخص ائين چوڻ کان
رهي نٿي سگهيو ته شهر ۾ بي آراميءَ جي لهر ڊوڙي
رهي آهي. معموليءَ کان معمولي واقعو به ڏاڍو
هيجان برپا ڪري ٿو ڇڏي.
سيٽيءَ جي آواز ٻڌڻ سان گهڻن ماڻهن جي دلين تي هيبت ڇانئجي
ٿي وئي. ڪي ماڻهو اهو آواز ٻڌندي ئي ڊوڙندي ٿي
آيا ته ڏسو ته ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڪي وري دڪانن ۾
لڪي ٿي ويا، هو ڪنهن کان لڪي رهيا هئا؟ ڪهڙي شئي
تي ايتريقدر خوفزدہ ٿي بنايو؟ اها ڪنهن کي به خبر
ڪانه هئي، پر تڏهن به هر شخص کي ڊپ هو ته ضرور
ڪا خوفناڪ گهٽنا ٿيڻ واري آهي.
عام طرح ليڙون ٿيل ڪپڙن وارا مزور بازار ۾ بيٺي بيٺي، سُس
پُس ڪندي نظر ٿي آيا. رستي تي هلندي هو
شاهوڪارن ۽ امير ماڻهن ڏانهن نفرت جي نگاهه سان
نهاري رهيا هئا. پر اميرن ته هنن زرد ۽ غليظ چهرن
طف اک کڻي به نٿي نهاريو.
اهڙا شخص، پنهنجي بدصورت چهرن ۽ گندي لباس سان، ڪنوار وانگر
سينگاريل بازار ۾ بدنما داغ بڻجي رهيا هئا. هي
عجيب انسان،اڻ گهربل مهمانن وانگر شهر جي با
رونق بازارين ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا هئا. هنن
سان ڪنهن ڳالهايو به نٿي، شايد انڪري ته متان
ويجهي وڃڻ تي سندن جسم به هنن جي جسم جهڙو غليظ
نه ٿي وڃي.
پر جيئن ئي هنن مزورن مٿان ڪنهن پوليس واري جي نگاهه ٿي پيئي،
تيئن ئي هو ماڻهن جي دلين ۾ ڊ پ جي ڏڪڻي پيدا
ڪري، جدا جدا طرفن ڏانهن ڀڄي ٿي ويا.
(2)
”امان، هي مزور آهن ڇا؟“
”ها، ها، پر تون هلندو هل ۽ پٺيان نه نهار“.
”پر امان، هي ڀڄي ڇو رهيا آهن؟“
”پوليس کان.... ڏس، هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“
”پر ڇو؟..... ڇا هنن کي رستي تي هلڻ جي اجازت ناهي؟“
”نه، انهن کي اجازت ڪانهي.“
”اجازت ڇو نه آهي؟“
”خدا جي واسطي مون کي تنگ نه ڪر. پنهنجو هٿ مون کي ڏي ۽ جلدي
جلدي هلڻ جي ڪوشش ڪر.. نه ته اسان کي ڪنهن پوليس
واري جون لٺيون...“
سارنگ پنهنجي ماءُ جو هٿ پڪڙيو ۽ هن سان گڏ ڊوڙڻ شروع ڪيو.
مزورن جي هڪ ميڙ ڇڙوڇڙ ٿيڻ ڪري، ماءُ سخت پريشان ٿي ويئي. هن
ڪنهن به طرح جلد کان جلد پنهنجي گهر پهچي وڃڻ ٿي
چاهيو.
”ڇا هي مزور ڏنگا ماڻهو آهن، امان!
”ڪير ؟ ڪير؟“
”مزور!“
”مون کي خبرناهي .. هوچڱا به آهن ۽ خراب به ...پر هو ڪم ئي نٿا
ڪن.“
”ڇا هو چريا آهن؟“
”ها، ها. پر تون بيهه نه... ۽ هنن وانگر چريو نه ٿيءُ.“
”امان ، ڇا هو وڏا ماڻهو آهن؟“
هوءَ جواب ڏئي ئي ڏئي، تنهن کان اڳ ڪي گهوڙيسوار سپاهي بازار
۾ اچي ڪڙڪيا. هنن مان هڪ پنهنجي گهوڙي کي زور سان
چهبڪ هنيو. چهبڪ جو آواز سارنگ جي ماءُ جي ڪنن
۾ بندوق جي ٺڪاءُ وانگر اچي گونجيو.
هن جي وات مان چيٽ نڪتي ۽ ڀاڙي طئي ڪرڻ کان سواءِ ئي، تڪڙو
تڪڙو ڀرسان بيٺل هڪڙي ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي ۽
ٽانگي واري ڏي نهاري، ڊنل لهجي ۾ چيائين ”جلدي
هل... جيترو جلدي ٿي سگهئي جلدي...“
”پر سانئڻ ڪيڏانهن؟“ٽانگي واري ادب سان پڇيو.
”تون سڌوئي سڌو هل ...او خدايا... جلدي هل!“
”سانئڻ توهين گهٻرايو نه. هو اسان جو وار به ونگو نه ڪندا.“
جڏهن گاڏي ، بازار جو پهريون موڙ مُڙي، تڏهن مس مس وڃي سارنگ جي
ماءُ جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ اطمينان جو ساهه کڻي
چيائين:
”ٻڌ ٽانگي ورا، مان توکي رپئي کان وڌيڪ ڀاڙو نه ڏينديس.“
”پر سانئڻ ، اهو ته گهٽ آهي.“
” ته پوءِ گاڏي روڪ... اسين ٽرام ۾ گهر هليا وينداسين.“
”چڱو سانئڻ. پرمون کي انديشو آهي ته توهان کي هروڀرو وقت ضايع
ڪرڻو پوندو. اڄ ٽرامون ڪونه هلنديون.“
”ڪير ٿو چوي.“
”مون ڪالهه ٻڌو هو ته ٽرامون هلائيندڙ مزور هڙتال ڪري رهي
آهن.“
ان وچ ۾ ، مزورن جو هڪڙو ٽولو گاڏيءَ وٽان اچي لنگهيو . سارنگ
جي ماءُ وري ڊڄي وئي. هن ٽانگي واري کي اشارو ڪيو
ته گاڏي وري هلائي. سارنگ، ماءُ جي هنج ۾ ويهي،
خوف ۾ ٻڏل نگاهن سان ان ٽولي کي ڏسي رهيو هو.
”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر پوليس ڇو هنن ماڻهن پٺيان
حيران پريشان ٿي رهي آهي.جي هو ڪم نٿا ڪن، ته نه
ڪن. پاڻهي ٿورن ڏينهن کان پوءِ بک مرندا ته مغز
جاءِ ايندن!“
”توهان سچ چئي رهيا آهيو، سانئڻ، توهان هڪ جانورکي بک مارڻ سان
فرمانبردار بنائي سگهو ٿا. ساڳيو نسخو انسانن تي
به استعمال ٿي سگهي ٿو. پر هڪ غريب انسان کي ان
ريت پيڙڻ گناهه آهي.هڪ وڏو گناهه !“ ٽانگي
واري،پنهنجي چاپئين ڏاڙهي کنهندي چيو.
”ڏسو توهانکي هڪڙو قيمتي چوغو پهريل آهي ۽ مون کي هڪ بيڊولو ڪوٽ
پر اهو ٻڌايو ته انهن ٻنهي شين کي تيار ڪرڻ وارو
ڪير آهي؟“
”ان باري ۾ وڌيڪ بحث جي ضرورت ئي ڪانهي، تو وٽ پئسا آهن
ته تون به ههڙو ملهائتو ڪپڙو پهري سگهين ٿو.
جيڪڏهن اسان جا ماڻهو ڪم نه ڪندا ته ڇا ٻين
ملڪن مان هي چيزون گهرائي نٿيون سگهجن؟“
”پر جيڪڏهن اچ وڃ جا رستا بند ٿي وڃن ته پوءِ؟ يعني جي ريلوي
جا مزدور پڻ هڙتال ڪن ته پوءِ توهين اهي شيون
ڪٿان گهرائيندا؟“
”اهڙو خيال ڪرڻ ئي بيوقوفي آهي. ڀلا حڪومت ائين ڪرڻ جي
اجازت ڏيندي؟ .پتو ناهي، سانئڻ. پر مون ٻڌو آهي
ته ريلوي وارابه سگهوئي هڙتال ڪرڻ وارا آهن.“
سارنگ، ماءُ ۽ ٽانگي واري جي گفتگو ڏاڍي غور
سان ٻڌي رهيو هو. هو ان ڳالهه تي سخت حيران هو ته
اهي ماڻهو، جي ٻين واسطي ڪپڙا ۽ ٻيو شيون تيار ڪن
ٿا، سي بازار ۾ پوليس کان ائين ڀڄندا لڪندا ڇو
ٿا وتن.
هن جي ماءُ هن کي اڃا هينئر هينئر نئون ڪوٽ ڳنهي ڏنو هو،
جو هن وقت پني ۾ ويڙهيل هن جي گوڏن تي رکيو هو.
سارنگ اهو سوچي خوش ٿي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو
ڪپڙن تيار ٿيڻ جي بند ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هن جو ڪوٽ
خريد ڪيو ويو.
”اما، ڇا مون وارو نئون ڪوٽ به انهن ئي تيار ڪيو آهي؟“
”ننڍڙا سائين! هر هڪ شئي هنن جي ئي تيار ڪيل آهي. تنهنجي بت تي
ڪا به اهڙي چيز ڪانهي جا هنن تيار نه ڪئي هجي.“
ماءُ جي بدران، ٽانگي واري وراڻيو.
ماءُ سارنگ کي ڇڙٻ ڏئي چيو:
”سارنگ! گهڻي بڪ بڪ نه ڪر. ٽانگي واري سان به نه ڳالهاءِ !“
پر ٽانگي وارو چُپ نه رهيو، ۽ دير تائين ان موضوع تي پنهنجا
ويچار پڌرا ڪندو رهيو. .خبر ناهي، توکي گرفتارڇو
نٿا ڪن!“ سارنگ جي ماءُ ، ٽانگي واري ڏي مهڙ ڪري
چيو. ان تي ٽانگي وارو خاموش ٿي ويو ۽ وري سڄي واٽ
ان باري ۾ ڪجهه به نه چيائين. سارنگ خيالن جي هجوم
سان ڀريل، گهر ۾ گهڙيو. اڃا تائين هو اهو چئي نٿي
سگهيو ته مزور خراب آهن يا سٺا.
”سولي! اڄ اسان مزور ڏٺا... مزور“ سارنگ، پنهنجي ڀيڻ کي
رازداريءَ واري لهجي ۾ ٻڌايو.
”هو ڪهڙي شڪل جا آهن؟ سارنگ!“
”هو... هُو، منهنجي خيال ۾ هارين جهڙا آهن.“
گهر ۾، انهن شخصيتن بابت، جن فئڪٽريون بند ڪيون هيون ۽ ڪم ڪرڻ
کان انڪار ڪيو هو، ڏهاڙي گفتگو ٿيندي هئي. پر
سارنگ ان گفتگوءَ مان به ڪو نتيجو ڪڍي ڪونه
سگهيو هو، ۽ پڪ سان چئي نٿي سگهيو ته اهي ماڻهو
چڱا آهن يا برا.
هڪ ڏينهن هن پنهنجي نوڪر بخشڻ کان پڇيو:” ڇا هي ماڻهو ڪارخانا
بند ڪري سگهن ٿا؟“
”ڏاڍي سولائيءَ سان ننڍڙا سائين.“
”پر ڪهڙيءَ طرح ؟“
”بس هو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڇڏين.“
.ڇا هنن کانسواءِ ڪارخانو هلي ئي نٿو سگهي؟“
”ڪارخانا ڪيئن هلي سگهندا ، ننڍڙا سائين: جڏهن هنن کانسواءِ ڪو
ڪم ئي ٿي نٿو سگهي.“
”هان! ته ائين آهي؟ اهڙيءَ طرح، هنن کانسواءِ منهنجو نئون
ڪوٽ پڻ تيار ٿي نه سگهي ها!“
”ها، ننڍڙا سائين.“
”منهنجو واسڪوٽ ڀي؟
”واسڪوٽ ڀي، پاجومو ڀي، قميص ڀي. جيڪڏهن هو اهي سڀ شيون تيار نه
ڪن ها، ته تون ائين ئي هجين ها، جيئن قدرت توکي
پيدا ڪيو هو.“
”صفا اگهاڙو بيوقوف ماڻهو.... مگر امڙ مون کي ٻي ديس مان ڪپڙا
گهرائي ڏئي ها.“ ”پر اهڙيءَ طرح توکي ڏاڍو انتظار
ڪرڻ پوي ها. پر جي اتي به هڙتال هجي، يا اچ وڃ جا
رستا بند هجن ته پوءِ؟“
”ريل گاڏيون به بند ٿي وينديون ڇا؟“
”افواهه ته آهن.“
”پوءِ منهنجو بابو ڪيئن ايندو؟ مان هن سان ڪهڙي نموني گڏجي
سگهندس؟“
.اهڙي حالت ۾ هن کي پيدل سفر ڪرڻو پوندو.“
”سنڀالي ڳالهاءِ، مان اما کي چوندس ته تون بابي بابت گٿا اکر
استعمال ڪري رهيو هئين.“
ائين چئي، سارنگ ڪا مهل چپ ٿي ويو، ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو پوءِ
پنهنجي ڪوٽ جي ٻانهن پڪڙي چوڻ لڳو:
”۽ تون چوندين ته هيءَ سلائي به انهن ڪئي آهي؟“
”ڇو نه تنهنجي ماءُ توکي فقط ڄڻيو آهي باقي...“
ٻن ڏينهن کان پوءِ ٽرامون هلڻ بند ٿي ويون، اخبارون شايع ڪونه
ٿيون. اهي بازاريون، جي بجليءَ جي روشنيءَ ۾
وهنتل هونديون هيون، سي غار جهڙيون اونداهيون نظر
اچڻ لڳيون. ان کان به ٻه ڏينهن پوءِ هڪدم ريل
گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي، جنهنڪري شهر ۾ ڏاڍو
تاءُ پکڙجي ويو، ۽ ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن جي
خطن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳا.
سارنگ جو پيءُ به گهر پهچي وڃي ها، پر ريل گاڏين جي بند ٿي
وڃڻ ڪري، گهر اچي ڪونه سگهيو. انڪري گهر ۾ اداسائي
ڇانئجي وئي. سارنگ کي ٻاهر اڱڻ ۾ کيڏڻ جي موڪل
نه هئي. انڪري دريءَ وٽ ويٺو بازار جو حال چال
ڏسندو هو.
”ڇا بابو گهر ڪو نه ايندو، اما؟“
”هو مجبور آهي سارنگ . گاڏيون بند آهن.“
”امان هي مزور ماڻهو جو به چاهين، سو ڪري سگهن ٿا؟“
”ڇا؟“
”منهنجو مطلب آهي ته ڇا، هي ماڻهو گاڏين جي اچ وڃ به بند ڪري
سگهن ٿا؟
”ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي پر تون هاڻي. مون کي نه ستاءَ! “ ائين
چوندي ماءُ جي نيڻن ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
اهو ڏسي، سارنگ سانت ٿي ويو ۽ دريءَ مان بازار کي حيران پريشان
نگاهن سان ڏسڻ لڳو. ”جي منهنجي وس ۾ هجي ته انهن
مان هڪ هڪ کي ماري ڇڏيان.“ هن پنهنجيءَ دل ۾ چيو.
جيئن پوءِ تيئن شهرجي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وئي. اڳ جي ڀيٽ
۾ حالتون بدلجي رهيون هيون. هاڻي بزارين ۾ اڳوڻي
رونق نه رهي هئي. گهڻن دڪانن تي تالا لڳل هئا. رات
جو هٿياربند پوليس پهرو ڏيندي هئي، جيئن ڪو دنگو
فساد نه ٿئي.
هڪ دفعي، اڌ رات ڌاري، ويجهو بزار ۾ ايڏو شور ٿيو جو سارنگ،
هنڌ ڇڏي، اگهاڙين پيرن، ڊوڙي دريءَ وٽ آيو. ڇا
ٿو ڏسي ته بازار ۾ باهه جو ڀڀڙ ٻري رهيو آهي، ۽
ماڻهو وحشين وانگر ان جي چوڌاري هلي چلي رهيا
آهن.
سارنگ سوچيو ته هاڻي شايد ڪا ڀيانڪ شئي پيدا ٿيڻ واري آهي.ان
خيال ايندي هن جي رڳن ۾ رت سڪي ويو. اهو يچاريندي
ته هو جنن ڀوتن وانگرباهه تي ڀُڃي هن کي ڳڙڪائي
ويندا، هو ايتريقدر ڊنو، جو رڙ ڪري چيائين:
”اما! اما! مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي.“ ائين چوندي، هو ڀڄندو ماءُ
وٽ ويو. ”سارنگ ، تون سمهين ڇو نٿو وڃ پنهنجي
بستري تي سمهه.“ ماءُ ننڊ مان سجاڳ ٿيندي
چيو.
”امان، ڏس، هتي بزار ۾ باهه پئي ٻري . مون کي ان
ڳالهه کان ڊڄ ٿو ٿئي!
”وڃ پٽ، وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽ. هيءَ باهه ٻاهه
ڪجهه به ڪونهي. ڪاش! تنهنجو پيءُ هتي موجود هجي
ها!
”اما....“
”جيءُ منهنجا ٻچڙا.“
”مان توسان سمهان؟ مون کي ڊپ ٿو لڳي.
” ڪنهن کان؟ مان قربان ٿيان.“
جادوگر کان، اما.“
”ڪهڙو جادوگر؟“
”گهڻائي جادوگر آهن، اما جدا جدا قسمن جا جادوگر.“
” ته پوءِ هلي آ منهنجي پاسي ۾“.
سارنگ خوش ٿيندو، وڃي ماءُ جي پهلوءَ ۾ ليٽيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي
سوڙ ۾ لڪائي چوڻ لڳو:
”امان، هي ماڻهو سڀڪجهه ڪري سگهن ٿا؟“
هن جي ماءُ کي ٿوري دير ۾ ننڊ اچي وئي .پر سارنگ، سوڙ مان منهن
ڪڍي سوچڻ لڳو ته هي شخص سٺا آهن يا خراب پر ڪو به
خاطريءَ جهڙو نتيجو ڪڍي ڪونه سگهيو.
ٻئي ڏينهن ، صبح جو، هو پنهنجي نيرن ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. گرم
گرم بسڪوٽن بدران هن کي پاروٿي روٽيءَ جا ٽڪرا
مليا هئا.
”مون کي بسڪوٽ آڻي ڏيومانهي پاروٿيوننه کائيندس. توهان بسڪوٽ ڇو
نٿا وٺي اچو؟ “ سارنگ روٽيءَ جا ٽڪرا هٽائيندي
چيو.
”ننڍڙا سائين، توهان کي خدا جو شڪر ڪرڻ گهرجي،جو پاروٿي روٽيءَ
جا هي ٽڪر به موجود آهن.“ نوڪر، سارنگ کي
سمجهائيندي چيو.
”ڇا چيئي ؟ وڃ، وڃ، هي هتان کڻي وڃ. اما، او اما مون کي بسڪوٽ
گهرائي ڏي.“ ”سارنگ پيارا، مان توکي بسڪوٽ ڪٿان
آڻي ڏيان. بسڪوٽن بنائڻ وارا ڪارخانا ئي بند
آهن.“
”اهي ڇو؟“
”ڪارخاني جي مزورن هڙتال ڪئي آهي.“
وري اهي ئي مزور! هڙتال ڪئي آهي.“
وري اهي ئي مزور! سارنگ هنن جي حرڪتن کان بيزار ٿي چڪو هو.
تنگ ٿي چيائين “ ”پر بسڪوٽن کان سواءِ نيرن ڪيئن
ٿيندي؟“
”چڱو مان تنهنجي بسڪوٽن لاءِ ڪوشش ڪريان ٿي.“
”ڇاگورنر هنن کي مجبور نٿو ڪري سگهي ته هو بسڪوٽ تيار ڪن؟“
”سارنگ پيارا، ويچارو گورنر ڇا ڪري. هو ته ڪنهن جو به حڪم نٿا
مڃين.“
”گورنر جو ڀي نه؟“
”گورنر ڇا، هو ڪنهن جو به حڪم نٿا مڃين.“
”ته پوءِ هو گورنر کان به وڏا ٿيا نه؟“
”سارنگ، انهن ڳالهين کي ڇڏ، ۽ خدا جو شڪر ڪري هيءَ روٽي ئي
کاءُ .“ ”مان ته اهڙي پاروٿي ۽ بيسوادي روٽي ڪو نه
کائيندس.“
”پرتوکي مجبور ٿي کائڻي پوندي.“ ”ڇو ڀلا؟“
جيئن پوءِ تيئن سارنگ جي حيرت وڌندي ٿي ويئي. هو حيران هو ته
هي ماڻهو، جي اک ڇنڀ ۾ ڪارخانا بند ڪري سگهن ٿا ۽
جي گورنر جو حڪم به نٿا مڃين، سي پوليس کان ڇو
اهڙي نموني ۾ ڀڄندا ۽ لڪندا ٿا وتن!
هن ويچاريو ته هي ماڻهو به اهڙا ئي آهن، جن جو احوال هو عام طرح
آکاڻين ۾ پڙهندورهندو آهي: ۽ اهو به ته، انهن
جادوگرن وٽ اهڙيون ٽوپيون هونديون، جن جي پائڻ سان
هو غائب ٿي ويندا هوندا. جڏهن گورنر هنن کي ڪم
چوندو هوندو، تڏهن هو جهٽ پٽ ۾ ٽوپي پائي، گورنر
جي اکين کان گم ٿي ويندا هوندا.
بيچينيءَ جي لهر ، بازارين مان ٿيندي آهستي آهستي اوچن اوچن
بنگلن ۽ محلن ۾ به داخل ٿي وئي. هتي جا رهاڪو اهي
هئا، جن اڄ ڏينهن تائين مصيبت ۽ تڪليف جو منهن نه
ڏٺو هو.
هاڻي انهن بنگلن ۾ اڳوڻو شان و شوڪت ۽ شور غوغاءُ نه رهيو هو.
خوشيءَ جا گيت ۽ ٽهڪ، جن سان اهي ڀتيون گونجيل
رهنديون هيون، سي آهستي آهستي غائب ٿيڻ لڳا. هاڻي
ان جي جاءِ هڪ اڻڄاتل خوف ورتي. اهي، جن جا ڪن،
ڪڏهن به خوف سان آشنا ڪو نه ٿيا هئا، سي هاڻي
هروقت، ڪنهن اڻڄاتل خوف جي ڪري هراسيل رهڻ لڳا.
اهي شخص، جي نازن ۽ نعمتن تي هريل هئا، سي لاچار
ٿي رُکي سُڪي روٽيءَ تي ويلو ٽارڻ لڳا. اهڙن شخصن
۾ سارنگ جي ماءُ جو به شمار هو.
هڪ ڏينهن سانجهيءَ ڌاري، سارنگ جي گهر جي بجلي بند ٿي وئي. هن
پنهنجي ماءُ کي چيو:
”اما ، ڏسجي ٿو ته بجلي گهر جي مشين خراب ٿي پئي آهي!“
”ملاقاتي ڪمري جون بتيون ته ٻاري ڏس.“
”اما، نه رڳو اهي پر ٻي ڪا به پتي ڪانه ٿي ٻري.“
”ڇا بجلي گهر ۾ به هڙتال ته نه ٿي ويئي؟“
نوڪر بخشڻ چيو ”هائو . مون ٻڌو آهي ته بجلي گهر وارن ڪم ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو آهي.“
”بخشڻ! ڏس، گهر ۾ ميڻ بتيون آهن؟“
”ها آهن ته سهي، پرتمام ٿوريون.“
ٻه گهڙيون اڳ، جو گهر روشنين ۾ ٻهڪي رهيو هو، سو هاڻي
ڊيڄاريندڙ تاريڪيءَ ۾ ويڙهجي ويو. صفي ۾ بجلي بلبن
بدران، جيڪڏهن لفظ ميڻ استعمال ڪجي ته اڃا بهتر
رهندو. بتيءَ جي ڦڪي روشني ٽمڪي رهي هئي. ماءُ ۽
سارنگ، ان روشنيءَ ڀرسان ويهي ڏينهن وارن واقعن
تي سوچي رهيا هئا ته رڌڻي مان نوڪرن اچي تازي خبر
ٻڌائي ته ٻن چئن ڏينهن ۾ نلڪن ۾ پاڻي اچڻ ۽ گوشت
جو ملڻ بند ٿي ويندا.
سارنگ ، حيرت جي تصوير بنيو، اهي هوش اڏائيندڙ خبرون ٻڌندو
رهيو. هاڻي هن جي ننڍڙي دماغ ۾ اهو خيال پختي
نموني ۾ ويهي ويو هو ته مزور ماڻهو ضرور جادوگر
آهن، تمام وڏا جادوگر، جي فقط علاءُ الدين جي ڏِئي
سان فرمانبردار بنائي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن هي جادوگر چاهين ته هڪ اشاري سان ريل گاڏيون هلڻ شروع
ٿي سگهن ٿيون. هن جو پيءُ بنا دير جي گهر پهچي
سگهي ٿو. هنن جي حڪم سان بجليءَ جو وهڪرو اچي سگهي
ٿو ۽ صفو وري اڳئين وانگر روشن ٿي سگهي ٿو....۽
جيڪڏهن هو چاهين ته هن کي ڏهاڙي صبح جو، نيرن تي
گرم گرم بسڪوٽ ملي سگهن ٿا.
پندرهن ڏينهن کانپوءِ اوچتو، سارنگ واسطي معجزا پڌرا ٿيڻ لڳا.
ٽرامون هلڻ لڳيون، بجلي اچي وئي،اخبارون نئي نسر
ڇپجڻ لڳيون، نيرن تي بسڪوٽ ملڻ لڳا، ۽ هن جو پيءُ
گهر اچي ويو. مطلب ته هڙئي سٺيون ڳالهيون هڪ ئي
وقت ٿي ويون.
هڪ ڏينهن، جڏهن هو پنهنجي پيءُ سان گڏ بزار گهمڻ ويوته اميد جي
ابتڙ گهڻن ”جادوگردن“کي آزاديءَ سان هلندي چلندي
ڏٺائين. هو هٿن ۾ جهنڊا پڪڙي، جدا جدا قسمن جا
راڳ ڳائيندا، بزار ۾ ڦيريون پائي رهيا هئا.
هينئرنه پوليس هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪي رهي هئي ۽
نه هوپاڻ خوفيل جڏهن گهر واپس آيو ته سارنگ چاهيو
ته هن دفعي هو اڪيلو وڃي بزار ۾ انهن ”جادوگرن“جو
تماشو ڏسي.
”اما، منهنجي مٺڙي اما، بزار مان جادوگر لنگهي رهيا آهن، مان
انهن کي ڏسڻ وڃان؟“ ” هر گز نه.“
”اما، هو ايترو خراب ته نه آهن.“
اهڙيءَ طرح ڳپل مهينا گذري ويا. هاڻي اڳي وانگر صلح سانت هئي.
ڪنهن به قسم جو گوڙشور يا هڙتال ظاهر نه ٿي. گهرن
۾ وري خوشيءَ جا ٽهڪ ۽ گيت گونجڻ لڳا، ۽
اهواڻڄاتل خوف، جو ماڻهن جي دلين تي ڇانيل هو، سو
رفتي رفتي صفا غائب ٿي ويو.
هڪ ڏينهن، سارنگ ڏاڍو اُداس ٿي پيو. هن جا پيءُ ماءُ ٻيئي
سئنيما تي ويل هئا. گهر جي نوڪرياڻي ڪنهن ڪم ۾
رڌل هئي ۽ هن جي ڀيڻ گڏين سان کيڏي رهي هئي.
سارنگ حيران ۽ پريشان، هڪڙي ڪوٺيءَ مان ٻيءَ
ڪوٺيءَ ۾ اچ وڃ ڪندي، سوچي رهيو هو ته وقت ڪاٽڻ
لاءِ ڇا ڪري؟
”ڏاڏي! ٻڌاٰءِ مان ڇا ڪريان؟“
”اچي منهنجي پيرن کي زور ڏي.“
”مان زور نه ڏيندس. مون کي زورن ڏيڻ جو ڪو شوق ڪونهي.“
ائين چئي خيالن ۾ ٻڏل، هو ٻئي ڪمري ۾ ويو. اتي پنهنجي ڀيڻ جي
نئين گُڏي ڀڃي وڌائين . انهيءَ ڪري، نوڪرياڻي هن
تي ڏاڍو خفا ٿي ۽ هن کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي
ڇڏيائين. هاڻي هن رڌڻي ۾ وڃڻ چاهيو، پر نوڪرياڻيءَ
چيس ته مان توکي اوڏانهن هرگز وڃڻ نه ڏيندس.
سارنگ تنگ ٿي چيو ”پوءِ ڀلا مان ڇا ڪريان؟ مان اڪيلو آهيان.“
نوڪرياڻيءَ سارنگ کان پڇيو، ”ڇا تو واسطي ڪا ٻي دلچسپي آهي ئي
ڪانه؟“
اتي رڌڻي مان ڳالهائڻ جو آواز آيو.
”هي ڪير پيو ڳالهائي؟“ سارنگ دريافت ڪيو.
”بورچيائيءَ جو مڙس آيو آهي. هُوئي ڳالهائيندو هوندو.“
”اها دلچسپ خبر ناهي ته ٻيو ڇا هي؟“
”هو دلچسپ ڪيئن ٿيو. هو ته معمولي ماڻهو آهي. هڪ غريب مزور“.
”بورچياڻيءَ جو مڙس هڪ مزور!“ ”ڇو؟“
”هڪ جادوگر. هاڻي ته مان ضرور اندرويندس.“
”سارنگ، جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته مان تنهنجي ماءُ کي ٻڌائيندس ته
تون هن جي نافرماني ڪئي.“
”تون چغلخور به آهين؟... چغلخور،چئي ڏسجان، مان به هن کي
ٻڌائيندس ته توکيرمٿان ملائي لاهي کاڌي هئي.
”اها سراسر غلط آهي. مان ته کير مان مک ٿي ڪڍي “.
ڪافي دير تائين سارنگ نوڪرياڻيءَ سان جهڳڙو ڪندو رهيو.پر هن
رڌڻي ۾ وڃڻ جي موڪل نه ڏنيس.
جڏهن نوڪرياڻي هلي وئي، تڏهن سارنگ اطمينان جو ساهه کنيو. هو
رڌڻي جي دروازي جي ويجهو ويو ۽ آهستي آهستي در
کولڻ شروع ڪيائين. سارنگ ۾ ايتري همت نه هئي جو
هڪدم دروازو کولي. انڪري ڪجهه ساعتون ساهه روڪي،
هو دروازي سان لڳو بيٺو رهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ
جرئت ڪري، هن رڌڻي اندر ليئو پاتو. هڪ بيڊولو
ماڻهو ميز تي ويهي ڪجهه کائي رهيو هو. هن جي چرپر
مان معلوم ٿي ٿيو ڄڻ ته هو ڊڄي رهيو آهي ته متان
ڪو ماڻهو اچي هن جي هٿ وارو کاڌو نه کسي وڃي.
شايد انڪري ئي هن ٻئي هٿ سان ٿالهيءَ کي مضبوط
پڪڙي جهليوهو. |