ڪَمرو ڳالهائڻ ۽ کِل سان پئي گونجيو. ماڻهن ٽيڪا
ٽپڻي پئي ڪئي. ”ڪاغذ تي ڪمانڊر جي صحيح آهي.“ ”سڀ
صحيح آهي.“ ”فقط هڪڙي رات، ايترو ٿورو وقت “...
سڄي گوڙ گهمسان جي مٿان پوڙهي ميٽ جو آواز گونجيو
”ها ها! ٺيڪ!“
پوڙهو ٻارن کي آهستي آهستي پاسيرو ڪري چُلهه جي
پاسي ۾ ٿوءَ جي ڀرسان اچي ويٺو. هن پنهنجي پائپ کي
چُلهه ۾ ڇنڊيو. بانس جي هڪڙي تيلي کڻي پائيپ صفا
ڪيائين، پوءِ چوڌاري گهر ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏٺائين .
هنن ڄڻ انتظار پئي ڪيو ته هو ڪڏهن ٿو ڳالهائي.
ٻاهر هلڪي بوند پئي پيئي ۽ هلڪي هوا پئي لڳي.
پوڙهي جو آواز جهيڻو هو. ”ڳوٺ جي سڀني وڏن کي هن
قصي جي خبر آهي. ننڍن مان ڪن کي آهي ڪن کي ناهي.
ٻارن کي ڪا خبر ڪانهي“ ائين چئي پوڙهي بس ڪئي ۽
ٻارن کي گهوري نهاريائين . ٻار پنهنجو وات بند
ڪريو ۽ اکيون ڦاڙيو ويٺا هئا. هن پنهنجي ڳالهه وري
شروع ڪئي.
”ٿوُ، توهان جو ڀاءُ ٿُو، اجهو هينئر موٽي آيو
آهي“ هن ائين چئي پنهنجو مضبوط هٿ نوجوان ٿوءَ جي
ڪلهي تي رکيو. پوءِ چيائين ”مون گهڻا ڀيرا اوهان
سان هن جي ڳالهه ڪئي آهي. هي آزادي ءَ جي فوج ۾
شامل ٿيو آهي. هاڻ ڳوٺ گهُمڻ آيو آهي. کيس هڪڙي
رات جي موڪل آهي. سندس موڪل جي ڪاغذ تي ڪمانڊر جي
صحيح آهي. پارٽيءَ جي سيڪريٽرياڻيءَ اها صحيح
تپاسي آهي. اجهو هي اَٿوَٿوُ . هو پنهنجي استرا
قوم جو ماڻهو آهي. هو اڃا ٻار هو ته سندس مائٽ مري
ويا. پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کيس نپائي وڏو ڪيو. هن
جي حياتي سخت هئي، پر سندس دل چشمي جي پاڻيءَ
وانگر صاف هئي. هو ڳوٺ گهمڻ آيو آهي،انهيءَ خوشيءَ
۾ آءٌ اڄ رات توهان کي سندس سڄو قصو ٿو ٻڌايان.
توهان استرا قوم جا ماڻهو جيڪي پنهنجي جبلن ۽ چشمن
سان پيار ڪريو ٿا ۽ جن وٽ ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سي
منهنجي ڳالهه ٻڌن ۽ ڪوشش ڪري اها ياد رکن. جڏهن
آءٌ مري وڃان، تڏهن پنهنجن پُٽن ۽ پوٽن کي
ٻڌائجو....“
سڀ ماٺ ۾ رهيا. ان وقت رڳو بانس جي نلڪي مان وهندڙ
پاڻيءَ جو ڏوراهون ڪڙڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو، جنهن سان
وڻن جي پنن تي مينهن جي ڦُڙن جي ڪرڻ جو دٻيل آواز
مليل هو. ٿوُ به ماٺ ۾ رهيو. هن پوڙهي ميٽ ڏانهن
نهاريو. ٽمڪندڙ باهه جو سوجهرو پوڙهي جي جانٺي بدن
تي راند ڪري رهيو هو ۽ ٿوءَ کي پراڻن داستانن جا
اُهي سورما ياد اچي ويا، جن جا قصا هو ننڍپڻ ۾
راتين جون راتيون جاڳي ٻڌندو هو. هن زيت ڏانهن
نهاريو. هو ايڏي ڊگهي ٿي ويئي هئي جيڏي ڊگهي لالي
ان ڏينهن هئي، جنهن ڏينهن هوءَ کيس ٻيلي جي مُهڙ
وٽ بيٺل وڻ جي هيٺان گڏي هئي. اهو وڻ هاڻي رستي تي
ڪِري پيو هو ۽ گوريلن ان جي چوڌاري کاهين جون
ڪوڙڪيون وڇائي ڇڏيون هيون. زيت سانتيڪين کليل ۽
سوچيندڙ اکين سان ڳالهه پئي ٻڌي.
پوڙهو ميٽ چوڻ لڳو ”پوڙهن اها ڳالهه ڪانه وساري
آهي. مئلن وساري ڇڏي آهي. جيئرن کي کپي ته اها ياد
رکن. انهن ڏينهن آمريڪا ۽ سندس ڇاڙتن جا سپاهي
ٻيلي ۾ سوئرن وانگر رُومڙ ڏيندا گهمندا هئا. سندن
سنگينون رت سان ڀريل هيون. ۽ سندن ٽوپيون رت
جهڙيون ڳاڙهيون هيون. ٿوُ اڃا ننڍڙو ٻار هو.
منهنجي چيلهه تائين مس ٿي آيو، هو نوريئڙي جهڙو
تيز هوندو هو......“
ها پوڙهن ڳالهه ڪانه وساري هئي، نڪا وري جوانن ئي
وساري هئي. ٿوءَ پاڻ به ڪانه وساري هئي. هن پنهنجي
تصور ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار ڏٺو جو هڪڙو ننڍڙو ٽوڪرو
کڻيو پئي ويو، جيڪو سندس ماءُ ڇڏي ويئي هئي. ٽوڪري
۾ ڀاڄي پيل هئي. ڀاڄيءَ جي هيٺان ٻه ڇلون چانورن
جون پيل هيون. ننڍڙو ٻار ٻيلي مان وروڪڙ کائيندو،
ڦڙتائيءَ سان هڪڙي ڇپ کان ٿيو ٻيءَ ڇپ تي پئي
چڙهيو. هو انقلابي قومي ڪارڪن لاءِ ماني کڻيو پئي
ويو. هڪڙي کانئس به ننڍڙي ڇوڪري سندس پٺيان ڊوڙندي
پئي ويئي. هن هڪڙي هٿ ۾ پنهنجو چولو ڇِڪي مٿي
جهليو هو، ڇاڪاڻ جو اهو کيس وڏو هو. هوءَ پکي
وانگر هڪڙي ڇپ کان ٽپڪڙي ڏيئي ٻيءَ ڇپ تي چڙهي ٿي
۽ واڪا ڪري ٿي چيائين ”ٿو! بيهه ته آءٌ اچان“ سندس
ساٿيءَ لئوڻو هڻي ڏانهس گهُور ڪري ٿي نهاريو ۽ کيس
دڙڪو ڏيئي چيو ٿي ”لالي! وات بند نٿي ڪرين! پاڻ
ڳجهو ڪم پيا ڪريون ۽ تون ڍڳن وانگر پئي رنڀين!“
لاليءَ ٽهڪ ڏيڻ چاهيو ٿي، پر دڙڪي جي ڊپ کان ماٺ
ڪري رهي.
ها سندس حافظي ۾ ڳالهيون اڃا جيئريون هيون، هر
شئي، هر ماڻهو ياد هوس. ٿُو، لالي، پوڙهو ميٽ،
انقلابي قومي ڪارڪن... ڄڻ ته اها ڳالهه اِجهو
ڪالهه ٿي گذري هئي.
انقلابي قومي ڪارڪن جو نالو ڪوييت هو. جڏهن کان
آمريڪي ۽ سندس ڇاڙتا سپاهي ملڪ جي هن پٽ تي آيا
هئا، تڏهن کان هو ڏينهن رات ٻيلن ۾ جهوتون پيا
ڏيندا هئا.سندن نُوس نُوس ڪندڙ جاسوس ڪتن جي ڀونڪ
۽ سندن بندوقن جي ٺڪائن جا پڙاڏا پري کان ٻڌڻ ۾
پيا ايندا هئا. پر خومان ڳوٺ جي ماڻهن کي هڪڙي
ڳالهه تي ناز هو. پنجن سالن ۾ سندن پاسي ٻيلي ۾
هڪڙو به انقلابي قومي ڪارڪن دشمن هٿان نه جهليو هو
نه شهيد ٿيو هو. پهريائين پهريائين انقلابي قومي
ڪارڪن جي ماني نوجوان پهچائيندا هئا ۽ اهي ئي سندن
پاران دشمن جي نظرداري ڪندا هئا تنهن کان پوءِ
آمريڪين ۽ سندس ڇاڙتن جي جاسوسن کي پتو پئجي ويو
۽ هنن نوجوانن تي وار ڪيو. نوجوان خوت کي ڳوٺ جي
مُنهن وٽ کجيءَ جي وڻ ۾ لٽڪائي ڦاسيءَ تي چاڙهيو
ويو. آمريڪن ۽ سندن ڇاڙتن ڳوٺ جي ماڻهن کي چتاءُ
ڏنو، ”جيڪو به هنن انقلابين کي ماني کارائيندو،
تنهن جو اهوئي حشر ٿيندو!“
تنهن کان پوءِ، هنن جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٻيلي ۾
وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي. انقلابي قومي ڪارڪن لاءِ
ماني پوڙها ۽ پوڙهيون کڻي وڃڻ لڳا. آمريڪين ۽ سندن
ڇاڙتن کي وري خبر پئجي ويئي. هنن پوڙهي مائي نان
کي پڪڙي وڌو ۽ سندس سِسي ڪُتري هن کي وارن مان
جهلي بندوق جي ناليءَ سان ٻڌي لٽڪائي ڇڏيائونس.
پوڙهن ۽ پوڙهين جي جاءِ ٻارن ورتي. ٻارن ۾ سڀني
کان وڌيڪ سچار ٿُو ۽ لالي هوندا هئا. جڏهن ٿُو
ٻيلي ۾ چوڪڙين ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن لالي انقلابي
قومي ڪارڪن ڏانهن ماني کڻي ويندي هئي. جڏهن لاليءَ
کي پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ زيت کي سنڀالڻو پوندو هو تڏهن
وري ٿوُ ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻيئي گڏجي ويندا هئا.
ڪڏهن ته رات به اتي ٽڪي پوندا هئا. انقلابي قومي
ڪارڪن کي جهنگ ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏبو؟جي دشمن پيرو کڻي
اچي مٿان پويس ته هن گجگاهه ٻيلي ۾ هو ڀڄڻ جو گس
ڪٿان لهندو؟ هڪڙي ڀيري انقلابي قومي ڪارڪن ڪوييت
کانئن پڇيو ”ڇا اوهان کي امريڪين ۽ سندن ڇاڙتن جو
ڊپ نٿو ٿئي؟ متان هو توهان کي به نوجوان خوت ۽
پوڙهي مائي نان وانگر قتل نه ڪري ڇڏين“؟ ٿُوان مهل
سُري ڪوييت جي ڀرسان ڪرونڊڙو ٿيو ليٽيو پيو هو. هو
اها ڳالهه ٻڌي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ مضبوط آواز ۾
چيائين ”پوڙهو ميٽ ٿو چوي ته انقلابي قومي ڪارڪن
پنهنجي قوم جو جنگي محاذ آهن. جيستائين پاڻ وٽ
انقلابي قومي ڪارڪن آهي، تيستائين پنهنجو قومي
جنگي محاذ پاڻ وٽ آهي ۽ جيستائين اهو محاذ سلامت
آهي تيستائين پنهنجا جبل ۽ پنهنجا چشما پنهنجا ئي
رهندا.“ جهنگ ۾ ڪوييت، ٿوُ ۽ لاليءَ کي الف، ب به
سيکاريندو هو. هن بانس جون ٻه_ ٽي شاخون وڍيون ۽
انهن کي چِپي ۽ گڏي ٻارهن آڱر ويڪرو ڪيائين. انهن
جي مٿان پهريائين ڪوئلن جي ڪاراٺ هنيائين پوءِ
کونئر جو هٿ هنيائين. پوءِ ٿوُ ٽي ڏينهن پنڌ ڪري
نگولن جبل تان اڇن پٿرن جو ٽوڪرو ڀري آيو. انهن
پٿرن مان چاڪ جو ڪم ورتائون. لالي ٿوءَ کان
پڙهائيءَ ۾ سٺي هئي. هوءَ ٽن مهينن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ
سکي ويئي. ڇهن مهينن کان پوءِ ڏهاڪن تائين ونڊ،
ضرب، ڪَٽ ۽ جوڙ سکي ويئي. ٿوُ ڪجهه موڳو هو. ٻيو
ته وري جهٽ چڙي پوندو هو. هڪڙي ڏينهن لالي کانئس
امتحان ۾ زور ٿي ويئي، تنهن تان ڪاوڙجي ٿوُ پنهنجي
بانس جي سليٽ ڀڃي چشمي ڏانهن هليو ويو. سڄو ڏينهن
ڀريو ڦوڪيو چشمي جي ڪناري تي ويٺو هو. هن ڪوييت
سان ڳالهائن کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ لاليءَ کي چيئين
ته ”مون سان ڪڇندينءَ ته اڦٽ ماريندوسئين!“پوءِ
لالي وڃي سندس پاسي ۾ ويٺي ۽ نرميءَ سان کيس
چيائين ”تون جيترو وقت اتي ويٺو هوندين آءٌ اوترو
وقت اِتي ويٺي هونديس. ٿوُ ! هل ته موٽي هلون. مون
تولاءِ نئين سليٽ ٺاهي آهي.“ پوءِ ٿوءَ سٽ ڏيئي
هڪڙو پٿر کڻي پنهنجي نراڙ ۾ هنيو نراڙ مان رت
ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو. ڪوييت کي سندس ملم پٽي ڪرڻي
پيئي.
ان رات ڪوييت ٿوءَ جي پاسي ۾ ليٽي ڀڻ ڀڻ ڪري ٿوءَ
جي ڪن ۾ چيو، ”جي دشمنن مون کي ماري ڇڏيو ته پوءِ
توکي منهنجيءَ جاءِ ڀرڻي پوندي. پر جي توکي لکڻ
پڙهڻ نه ايندو ته تون انقلابي قومي ڪارڪن جو ڪم
ڪري ڪونه سگهندين.“
ٿوءَ ائين بهانو ڪيو ڄڻ اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو.
پر سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. جڏهن صبح ٿيو
تڏهن هن لاليءَ کي سڏ ڪري ان اوٽ ۾ وهاريو جتي هو
لڪي ويٺا هوندا هئا. چيئين ”لالي! ٻڌاءِ اهو اکر
ڪهڙو آهي جيڪو گول گول آهي ۽ ڪنڍو به اٿس ۽ ٻيو
جيڪو ان جي پاسي ۾ اکر آهي جنهن جو پيٽ وڏو آهي.“
لاليءَ ڏاڍي ڪوشش ڪري پنهنجي کل روڪي، ڀڻڪو ڪري
چيائينس ”ٿوُ ! تنهنجي يادگيري ڏاڍي تيز آهي. ٿلهي
پيٽ واري اکر جو نالو آهي
B
.“
ٿُو چيو اڙي ها. مون کي ته وسري ويو!“
اکرن ياد ڪرڻ ۾ ٿوءَ افلاطون ڪونه هو، پر ٻيلي جي
واٽن جي ڄاڻ ۾ سندس ڪو مَٽ ڪونه هو. هو ڪوييت جو
سڄي ضلعي سان لاڳاپو رکندڙ عيوضي هو. هو عام پيچرن
تان ڪڏهن ڪونه هلندو هو. جڏهن دشمن سمورن گسن کي
بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، تڏهن هو وڻ جي چوٽيءَ تي
چڙهي آسپاس جو سماءُ وٺندو هو ۽ پوءِ ٻيلي مان
اهڙي هوشياريءَ سان لنگهي ويندو هو، جو ڪٿي به
ڪونه ڀلبو هو. جڏهن به کيس ڪا نئي يا ندي پار ڪرڻي
هوندي هئي، تڏهن هو اهڙو هنڌ جانچي ڪڍندو هو، جتي
وهڪرو تيز ۽ ڇتو هجي. پوءِ اتان مڇيءَ وانگر تري
ٻي پاسي ويندو هو. هو چوندو هو ”امريڪي ۽ سندن
ڇاڙتا گهٽ اتي جهليندا، جتي پاڻي ماٺو هوندو. جتي
پاڻي تيز ۽ خوفناڪ هوندو اتي ڪونه ايندا.“
پر هڪڙي ڀيري جڏهن هو ڪوييت جو وڻ جي پن ۾ ويڙهيل
خط پنهنجي وات ۾ وجهي درياهه ٽپي، پراڙ ٿي ويو
تڏهن مٿس رائفلون اُڀيون ٿي ويون. کيس خط ڳڙڪائڻ
جو وقت به مس مليو، ٽن ڏينهن کان پوءِ خومان جي
ڳوٺ وارن ڏٺو ته ٿوُ موٽي آيو. سندس هٿ پٺيان ٻڌل
هئا هو دشمن جي سپاهين جي پهري هيٺ هو. هنن دڙڪو
ڏيئي چيس ”اسان کي ٻڌائي ته ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ڪهڙا
ڪهڙا انقلابي آهن نه ته مري ويندين!“ چوڌاري ڳوٺ
جا ماڻهو بيٺا هئا. پوڙهو ميٽ ٿوءَ جي پاسي ۾ بيٺو
هو. پوڙهي کيس پنهنجي استرا قبيلي جي ٻوليءَ ۾ چيو
.خومان قوم جي ماڻهن کي متان لڄائين!“ ٿوءَ رڳو
ڏانهنس هڪ نظر اڇلي ۽ پوڙهي چيو ”ٺيڪ!“
ٿوءَ جا پٺا سڄا چاقن جي وڍن سان ڇليا پيا هئا.
سپاهين رڙ ڪري چيو ”اسان کي انقلابي ڏيکار!“ ٿوءَ
چيو منهنجا هٿ کوليو ته ڏيکاريانوَ هونئن ڪيئن
ڏيکاري سگهندس؟“ هنن سندس هٿ کوليا. هن پنهنجي
ڇاتيءَ تي هٿ رکي چيو ”هڪڙو انقلابي هي آهي!“ هڪڙي
ٻئي چهڪ سندس پٺن کي چيريو. چهڪ مان رت وهي هليو،
جو ڪجهه وقت کان پوءِ ڦري ڪارو ڳاڙهو ٿي پيو. ڄڻ
خانوءَ جي وڻ جو رس هو.
جنهن مهل سپاهي کيس وٺي ويا ٿي، تنهن مهل لاليءَ
کڻي کيس ڀاڪر پاتا ۽ اکين مان ڳوڙها وهي اٿي هليس.
ٿوءَ ڄڻ ته ڪاوڙ ۾ کيس چيو ”رو نه. نه رو!مڙس
ماڻهو ٿي پڙهه! جڏهن آءٌ مري وڃان تڏهن تون
منهنجيءَ جاءِ تي انقلابي قومي ڪارڪن ٿج...“
ٽي سال پوءِ ٿوُ ڪونتم شهر جي جيل کي ٽوڙي خومان
جي ڳوٺ موٽي آيو. سندس پٺن جا ڦٽ ڇٽي ويا هئا. هو
لاليءَ کي ٻيلي جي مُهڙ وٽ وڏي وڻ هيٺان گڏيو.
جڏهن لاليءَ سندس هٿن مان جهليو تڏهن لاليءَ جي
اکين م ڳوڙها ڀرجي آيا. ٿوءَ کي لاليءَ کي ڏسي پاڻ
عجب ٿيو. هوءَ ڪيڏي نه ڊگهي ٿي ويئي هئي! هوءَکيس
ڳوٺ وٺي ويئي ۽ ڳوٺ جا ماڻهو اڄوڪيءَ رات وانگر
پوڙهي ميٽ جي گهر گڏ ٿيا. ها بلڪل اڄوڪيءَ رات
وانگر.
پوڙهي ميٽ جو آواز گونجندو رهيو، ڄڻ ته اهو گهڻو
گهڻو اڳ جي زماني واري انهيءَ رات جو پڙاڏو هو. هن
چيو ”بنهه هن رات وانگر، ساڳئي گهر ۾. ساڳيءَ
چُلهه جي چوڌاري ڦڙ ڦڙ پئي پيئي. آءٌ هتي ويٺو
هوس. ٿوُ هتي ويٺوهو ۽ لالي اُتي ويٺي هئي، جتي
هينئر زيت ويٺي آهي... ٿُو ائين برابر آهي نه؟
ها ائين برابر هو. اڄ جهڙي ئي ساڳي رات هئي. کجيءَ
جي پَنن تي مينهن جي بوندن ان رات وانگر ئي ٺڪ ٺڪ
پئي ڪئي. چلهه ۾ اڄ وانگر خانوءَ جي وڻ جون
اُماڙيون پئي ٻريون . بانس جي نلڪي جي مُنهن مان
اهڙي ساڳئي پاڻيءَ نڪرڻ جو آواز پئي نڪتو. ماڻهو
ٿوءَ کي ڪاميابيءَ سان جيل مان ڀڄي نڪرڻ تي کيرون
مبارڪون ڏيڻ لاءِ ٻُڍي ميٽ جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا
هئا. جيئن اڄ زيت سندس اڳيان ويٺي هئي، تيئن ان
رات لالي اڳيان ويٺي هيس. لاليءَ جا ڀرون زيت
وانگر ڪارا هئا، اهڙا ته ڪارا هئا، جو سندس چمڪندڙ
اکين تي پاڇرلا پئي وڌائون. البت سندس اکيون شايد
زيت جي اکين کان گهٽ گنڀير ۽ وڌيڪ قربائيتون هيون.
پر منجهن زيت جي اکين جهڙي ساڳي سانتيڪائي ۽ محڪم
ارادو هو. ٻيو ته پوڙهي ميٽ ان ڏينهن ائين ڪونه ٿي
ڳالهايو جيئن اڄ پئي ڳالهايائين. هن فقط ايترو چيو
هو ”لالي، ڪُوييت جيڪو ڪاغذ ڇڏي ويو آهي سو ته ڏي!
ٿؤ تون اهو پڙهه!“ ٿوُ جي گرفتاريءَ کان ترت پوءِ
ڪُوييت ٻئي ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هليو ويو هو. پر
جلدئي هو دشمن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ويو ۽ جهنگ ۾
گذاري ويو. دم ڏيڻ کان اڳ ۾ هن خومان ماڻهن ڏانهن
هڪڙو پيغام لکي ڇڏيو ٿوُ ڪاغذ باهه جي اڳيان جهليو
۽ زور سان پڙهڻ لڳو. خط ۾ لکيل هو:
”پيارا ٿؤ، لالي ۽ خومان قوم وارا! آءٌ مرڻ وارو
آهيان. توهين جيڪي جيئرا آهيو تن کي کپي ته پنهنجا
نيزا، ڇُرا ۽ تير ڪمان تيار رکو. انهن کي جهنگ ۾
لڪائي رکو، جيئن دشمن ڏسي نه سگهي. اهو ڏينهن اچڻو
آهي، جڏهن توهان کي انهن مان ڪم وٺڻو پوندو. باقي
ٿُؤ!
توکي کپي ته محنت ڪري پڙهه ۽ منهنجي جاءِ تي
انقلابي قومي ڪارڪن ٿج...“
ها سڀ اتي موجود هئا. پوڙهو ٿانگ، ادا پِريو، ادي
بلوم، پوڙهي مائي پروئي ۽ ڏاڏي لينگ. هڪڙي ڳالهه
البت ٻي هئي. ان رات لالي موجود هئي. جڏهن ٿوُ
ڪوُييت
جو پيغام پڙهي پورو ڪيو، تڏهن سڄو ڳوٺ اُماڙيون
ٻاري پوڙهي ميٽ جي پُٺ وٺي ٻيلي ۾ ويو هو ۽ اتي
لِڪايل هٿيار کڻي آيو هو. ٿؤ ٽي ڏينهن پنڌ ڪري
نگولن جبل تي ويو هو پر هو اڳي وانگر چاڪ کڻڻ ڪو
نه ويو هو. هو اوزار سِرڻ جي پٿرن جو ٽوڪرو ڀرڻ
ويو هو.نگولن جبل تي اوزار سِراڻ جا پٿر ايترا ته
هئا، جو هڪڙي بغاوت ته ٺهيو سَوَن بغاوتن جي لاءِ
گهربل رڪ به انهن تي سري سگهجي ها.
خومان جا ماڻهو هر رات پنهنجا هٿيار سري تِکا ڪندا
هئا، ڏينهن جو هو پوڙهي ميٽ جي هدايت موجب ٻيلي ۾
جهنگ وڍي اتي فصل پوکيندا هئا، تان جو ٻيلي جو
هڪڙو سڄو حصو سايون ٻنيون ٿي ويو.
پوءِ دشمن جي ڊڪها نالي فوجي چوڪيءَ تي خبرون
پهتيون ته ”خومان جا ماڻهو پنهنجا نيزا ۽ ڇرا پيا
تکا ڪن!“ جڏهن لابارا پئي پيا، تڏهن دشمن جو هڪڙو
سڄو فوجي دستو اچي سهڙيو. ان کان ٿورو اڳ لاليءَ ۽
ٿوءَ جو پهريون پُٽ ڄائو هو. انهيءَ دستي جو
ڪمانڊر ذُوڪ،
جنهن کي رت جهڙي ڳاڙهي ٽوپي پيل هئي، تنهن رنڀ ڪري
چيو، ”اهو وري به ٿؤ جو ڪم آهي، ٻيو ڪنهن جو به
ڪونهي. جيسين انهيءَ چيتي کي نه ماريو اٿئون،
تيسين روز ڪانه ڪا مصيبت کڙي ڪريو بيٺو هوندو!“
پوڙهوميٽ ۽ ٿؤ ڳوٺ جي جوانن کي وٺي جهنگ ۾ هليا
ويا هئا. هو ڳوٺ جي ڀرسان ڇِپن ۽ وڻن پٺيان لِڪي
رهيا هئا ۽ اتان دشمن جي فوجين جي اچ_ وڃ پئي
ڏٺائون . دشمن چار ڏينهن چار راتيون ڳوٺ ۾ رهيو.
سندن چهبڪن کان ڪو به ڪونه بچيو. ڳوٺ دانهن ۽
اوڇنگارن سان ڀرجي ويو. ذُوڪ پنهنجي بندوق لوڏي
واڪو ڪري چيو ”جيڪو به ڳوٺ مان ڀڄندي پڪڙيو تنهن
کي اُڦٽ شوٽ ڪري ڇڏينداسين!“ ڪو به ڀڄي نه سگهيو.
فقط ننڍڙي زيت ڦڙتائي ڪري بانس جي نلڪي تان سُري
جهنگ ۾ سج لٿي مهل پوڙهي ميٽ کي ڪجهه ڀَت وڃي
ڏيندي هئي. چوٿين ڏينهن فجر جو هوءَ ٻيلي مان
موٽندي پڪڙجي پيئي. بدمعاشن کيس اڱڻ جي وچ ۾
ويهاري مٿس ٽامي گن سان لڳاتار گوليون هلايون. پر
اهڙي نموني جو اهي کانئس ٿورو گسي وڃن. گوليون
سوساٽ ڪري سندس ڪَنن وٽان لنگهيون. سندس مٿي جي
وارن کي لهسايائون ۽ سندس پتڪڙن پيرن جي هيٺان
زمين کي چيري ويون. جڏهن گوليبازي شروع ٿي، تڏهن
زيت اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. پر ڏهين يا ٻارهين گوليءَ
کان پوءِ هن پنهنجا ڳوڙها اگهي چپ ڀڪوڙي ڇڏيا.
هوءَ سپاهين جي گهيري جي وچ ۾ بيٺي هئي. جنهن وقت
گوليءَ جو ٺڪاءُ ٿي ٿيو، تنهن وقت سندس نازڪ بدن
لچڪي ٿي ويو. پر هن پنهنجي ايذاءُ ڏيندڙن کي اهڙين
سانتيڪين اکين سان ٿي ڏٺو، جهڙيون سانتيڪيون اکيون
هينئر ٿوُ جي اڳيان ويٺل پارٽي سيڪريٽرياڻي زيت
جون هيون. جڏهن دشمن جو ڪمانڊر ذوڪ ٻارڙيءَ کان
ذرڙي جيتري به خبرچار وٺي نه سگهيو، تڏهن هن
لاليءَ کي گرفتار ڪرايو. هن رنڀ ڪري چيو ”جيڪڏهن
چيتڻ ۽ سندس ٻچي کي هٿ ڪنداسين ته چيتو جلدي هٿ
چڙهي ويندو!“ ٿوءَ اهي اکر ٻڌا. ٿوُ ڳوٺ جي مُهڙ
وٽ وڏي چشمي جي ڀرسان وڻ پٺيان لڪو ويٺو هو.اتان
هو ڳوٺاڻي اوطاق جي اڱڻ ۾ جيڪي وهيو واپريو ٿي سو
چٽيءَ طرح ڏسي سگهيو ٿي. جڏهن هن ڏٺو ته دشمن جا
ڏهه سپاهي لاليءَ کي گهلي اڱڻ ۾ آيا آهن، تڏهن
سندس هٿ سختيءَ سان وڻ جي ٿڙ ۾ کُپي ويا. لاليءَ
جي پُٺن تي سندس مهيني جو ڄاول ٻار هو، جنهن لاءِ
سڄي ڳوٺ ٿي چيو ته هوبهو پيءُ جهڙو آهي. ٿوُ شهر
مان ڪپڙو وٺي نٿي سگهيو، تنهنڪري هن پنهنجي چادر
جو اڌ ڦاڙي لاليءَ کي ٻار جي ويڙهڻ لاءِ ڏنو هو.
ٻار ان چادر ۾ ويڙهيو الوٽ ننڊ ۾ ماءُ جي پٺن تي
پڇيرڻ ۾ ستو پيو هو. ذوڪ پڇيو.
”گندي انقلابڻ! مڙسهين ڪٿي آهي؟ لاليءَ جو ٻار ننڊ
۾ هڪڙي پاسي ڍرڪي پيو هو. هن پڇيرڻ کي ڇڪي ان کي
سڌو ڪيو. پوءِ پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي ذوڪ کي گهوري
نهاريائين. ذوڪ رنڀ ڪري چيو ”ڪتي! وات کي مُهر لڳي
ويئي اٿئي ڇا؟“ پوءِ سپاهين ڏانهن منهن ڪري رڙاٽ
ڪري چيائين ”ڏسو ڇا ويٺا؟“ هڪڙو ڏئوت جهڙو بدمعاش
هٿن ۾ لوهه جي ڇڙ کڻي وڌي لاليءَ ڏي آيو. بدمعاش
پنهنجي ڄڀ ڪڍي ان سان چپن کي آلو ڪيو. تنهن کان
پوءِ آهستي شيخ الاريائين. لاليءَ ڪرڪو ڪري پنهنجو
ٻار پٺن تان لاهي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو. انهيءَ
وچ ۾ لوهه جي شيخ سندس پٺن تي سٽڪو ڪيو. ”ٻڌاءِ!
ٿوُ ڪٿي آهي؟“ ٻيو ڌڪ سندس ڇاتيءَ تي لڳو، پر ان
کان اڳ هن ٻار کي سٽ ڏيئي پُٺن پاسي ڪيو. سپاهيءَ
وري به شيخ الاري ۽ لاليءَ وري ٻار کي ڌڪ کان پري
ڪيو. پر سپاهيءَ پنهنجي ڌڪن جي رفتار تيز ڪري ڇڏي.
لاليءَ جون رڙيون بند ٿي ويون. پوءِ ٻار هڪڙي ڪِيڪ
ڪئي ۽ چوطرف ماٺ ٿي ويئي. سواءِ ڌڪن جي شپڪي جي
ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪين ٿي آيو.
ٿوءِ جا هٿ وڻ جي ٿڙ مان نڪري ويا. هو ڇال ڏيئي
اٿي بيٺو. پر هڪڙي هٿ سندس ڪلهي کي پڪڙي وڌو. هن
ٻڍي ميٽ جو آواز ٻڌو. ميٽ چيو پئي ”نه ! ٿوُ! تون
نه! ڇڏ ته آءٌ ....“ ٿوُ پوڙهي کي ڌڪو ڏيئي پري
ڪيو. ٻڍي ميٽ وري چيو ”ٿوُ !“ ٿوءَ لوڻو هنيو ۽
ٻڍو سندس چهري کي سڃاڻي نه سگهيو. ٿوُ جون اکيون
ٻه ٻرندڙ ڪوئلا ٿي پيون هيون. پوڙهي ميٽ نوجوان جي
ڪلهن کي کڻي ڇڏيو. هڪڙي زبردست گجگوڙ ٿي. ٿوُ اڱڻ
جي وچ ۾ ڌوڪي پيو. هن ڏئوت جيڏي بدمعاش وڃي پٺ ڀر
ڦهڪو ڪيو ۽ ذوڪ ڳوٺ جي اوطاق ڏانهن وٺي ڀڳو. بندوق
جي بولٽن جي کٽ کٽ ٿي. پوءِ لالي پنهنجي ٻار کي
جهلي رڙهي اچي ٿوُ جي ٻانهن ۾ پيئي ۽ هن کين
پنهنجي زبردست ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ڇڏيو. ٿوُ واڪو ڪري
چيو ”آدمخورو! آءٌ موجود آهيان! ٿوُ موجود آهي!“
پر ٿوُ لاليءَ ۽ سندس ٻار کي بچائي نه سگهيو.
پوڙهي ميٽ پنهنجي گونجندڙ آواز ۾ پئي چيو ”نه! ٿوُ
نڪو لاليءَ کي بچائي سگهيو نڪو سندس ٻار کي،.
پوڙهي ڦڪو ٿي هڪڙو لُڙڪ اُگهي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ
هن پنهنجي وڏي آواز ۾ چيو ”ٿوُ نڪي پنهنجي زال کي
بچائي سگهيو ۽ نڪي ٻار کي. لالي ان رات گذاري
ويئي. ٻار ته ٿڏي تي ئي مري ويو. جنهن مهل ماڻس
ڪِري ۽ کيس بچائي نه سگهي. تنهن وقت لوهه جي شيخ
وڃي ٻارڙي جي پيٽ تي لڳي. باقي توکي، ٿوُ ! هنن
قيد ڪيو. تو وٽ خالي هٿن کان سواءِ ڪجهه ڪونه هو.
توکي ٻڌي ڇڏيئون. آءٌ وڻ جي پٺيان بيٺو هوس. مون
ڏٺو پئي ته توکي نوڙيءَ سان پئي ٻڌائون. آءٌ توکي
بچائڻ لاءِ ڊوڙي ڪونه آيس. منهنجا هٿ به سکڻا هئا.
آءٌ ڳوٺ جي ٻين جوانن کي وٺڻ لاءِ جهنگ ۾ ويس. هو
جهنگ مان پنهنجا نيزا ۽ ڇُرا کڻڻ ويا هئا. منهنجا
ٻچا! ڌيان سان ٻڌو ۽ ياد رکو! جڏهن آءٌ مران تڏهن
توهان مان جيڪي جيئرا هجن سي پنهنجي ٻارن کي
ٻڌائين ته جڏهن دشمن بندوقون کڻي اچن تڏهن اوهين
پنهنجا نيزا ۽ ڀالا ضرور کڻي اچجو.“ سپاهين ٿوءَ
کي نوڙين سان ٻڌي ڳوٺ جي اوطاق جي ڪُنڊ ۾ اُڇلائي
ڇڏيو.پوءِ هنن ادا بروهيءَ کان جيڪو ڍڳو کسيو هو
ان جي گوشت کي کائڻ لاءِ هليا ويا. |