سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :6

·                   آذر ”ناياب“

اڄوڪي ماحول ۾ عزيزو! اجل جي ڪڇ ۾ حيات آهي،

مُنهنجي ويو آهي ساهه سهڪو، ڏکن جي تاريڪ رات آهي.

حيات فاني آ موت باقي، فنا ۾ پنهان ثبات آهي،

حيات بعدالممات يعني حيات اندر حيات آهي.

هي پنهنجو پنهنجو نصيب آهي مون کي مليو غم توکي مسرّت،

ورهاست آ ظرف جي مطابق، اصول سان رب جي ڏات آهي.

اسين شرابي قسم جا ماڻهو، اسين ته اوگڻ به گُڻ ٿا ڄاڻون،

هي شيخ صاحب وڏو فرشته صفت ۽ والاصفات آهي.

·                   ”منير“ سولنگي

تون ۽ مان آدم جا ٻچڙا،

پو به همالي جيڏا ويڇا!

هڪڙي دلڙي سور هزارين، ساگر وانگر گهرا گهرا.

درد جا حملا ڪير قبولي، هلڪا هلڪا، ڳورا ڳورا.

واءِ ترقّي انسان تنهنجي، ايٽم بڙڇون تير ۽ ڀالا.

هاءِ چڪورا، چنڊ نه پهتين، ماڻهو توکان اڳ ۾ پهتا.

ڇو نه رهي خاموش ”منير“ اڄ، محفل ۾ اڄ سوچ تي پهرا.

·                   سومرو محمد اسحاق ”راهي“

نگاهن جي تير و ڪمانن کان بچجي،

حسينن جي ناز و ادائن کان بچجي.

وڃي اضطرابِ محبت هٿن کان، چڱو آ ته اهڙين دعائن کان بچجي.

ڪرم جي دعا ڇو گهران دلربا کان، محبت ۾ اهڙين خطائن کان بچجي.

قدم جو جتي ڪو به احساس ناهي، انهن بت پرست آستانن کان بچجي.

ٿي سوزِ نظر بنجي تصوير بيهي، دغاباز تن دلربائن کان بچجي.

وڏو حوصلو گهرجي راهِ وفا ۾، اجاين وفائن، جفائن کان بچجي.

بيان محبت، فريبانه انداز، وفاڪوش تن مهلقائن کان بچجي.

خلل بنجي بادِ صبا پيئي آهي، هينئر اختلافي هوائن کان بچجي.

شفا ڪين بيمار الفت کي گهرجي، حڪيمن جي نسخن دوائن کان بچجي.

ستم جو نشانو بنائن جي ”راهي“،انهن قهر وارين نگاهن کان بچجي.

·                 ”خادم“ سنڌي

بيهڻ ڏي مون کي بتخاني ۾، تون پنهنجي حرم کي قابو ڪر،

اصنام پرست آهيان مان اگر، تون پنهنجي صنم کي قابو ڪر.

تون هيڻو آن هٿيارن سان، مان مست، الست جي موجن ۾،

مان گهوٽ سڏايان گهاوَن ۾، تون پنهنجي ستم کي قابو ڪر.

مان غيرت کي نه غلام ڏسان، تون ناز وتين نيلام ڪندو،

مان غيرتمند غريب ڀلو، تون پنهنجي ڀرم کي قابو ڪر.

مان لوئيءَ م ٿي لال لڪان، تون ريشم جي راهن تي رسين.

مون لڄ جهلي آ ليڙن ۾، تون پنهنجي پشم کي قابو ڪر.

مان مست ٿيان ميدان ڏسي، تون ماندو آن منصوبن ۾،

مان جهوٽن ۾ جونجهار چڱو، تون پنهنجي عَلم کي قابو ڪر.

بي خوف و خطر بيباڪ سدا، بي لوث محبت آ جن جي،

هي سيس نه جهڪندا، سونَ مٿان، تون پنهنجي ڪرم کي قابو ڪر.

مان راهِ وفا جو راهي هان، تون روهه وڇائين راهن ۾،

هي پير نه جهلبا پٿرن کان، تون پنهنجي قدم کي قابو ڪر.

سڀ خواب ڦريا، تعبير ڦري، تدبير ڦري، تقدير ڦري،

لرزش ۾ اچي ويا لوح وقلم، تون پنهنجي ڌرم کي قابو ڪر.

مون نفس نهوڙيو نيرن سان، تون خادم آن خوراڪن جو،

هي پيٽ نه ڀربو پاپن سان، تون پنهنجي شڪم کي قابو ڪر.

·       ”نظير ٽکڙائي

پيو رازِ دل بي نقاب ٿي،

جڏهن تو سڏيو بي حجاب ٿي.

پنهنجي طالبن سان وري وري، تنهنجي بيرخي اي جناب ٿي.

هتي وصلِ شب جي اميد تي، پيو هجر روز بي آب ٿي.

مان سراپا غم ئي ته آهيان، منهنجي هر خوشي جي خراب ٿي.

رڳي داد، داد جي دانهن آهه، تون انهن جو سوال و جواب ٿي.

ڪو ڪٿي رنو، ڪو ڪٿي پُنو، تنهنجي جستجو ته عذاب ٿي.

آءٌ نفرتن جي خزان سهي، تون ڀلي بهار گلاب ٿي.

جا نظر نظير‘ نياز ڪئي، سا گناهه ٿي يا ثواب ٿي.

·                   ”سائل“ آزاد           

غبارِ ڪاروان مون ساڻ آهي،

فريبِ دوستان مون ساڻ آهي.

فقط مان ئي اسيرِ غم نه آهيان، هجوم مئيڪشان مون ساڻ آهي

 

خزان جي يورشن ۾ آ تسلسل، چمن ۽ آشيان مون ساڻ آهي.

تصور جي ڪرشمه سازين ۾، عجب رنگين جهان مون ساڻ آهي.

گلن تي دسترس ناهي ته ڇا ٿيو، بهارِ گلستان مون ساڻ آهي.

اُڏامي پنهنجي پستيءَ کان نهاريم، قمر ۽ ڪهڪشان مون ساڻ آَهي.

ميسر آهي ٿي ’آزاد فطرت، سڪونِ قلب وجان مون ساڻ آهي.

·                   ”بيوس“ بازيدپوري            

اٿم محب تنهنجا هي ماڻا اکين تي،

اهي ناز نخرا نماڻا اکين تي.

عجب تنهنجي صورت، عجب تنهنجي سيرت،

عجب تنهنجي رفتار راڻا اکين تي.

جتي قرب واريون ڪيونسين ڪچهريون،

چمي سي رکيم، ٿاڪ ٿاڻا اکين تي.

آڏايو مون محلات تو لاءِ دل ۾،

اچي ويهه تون، رک وهاڻا اکين تي.

نه آ ذات تي ڏات، او سوچ شاعر!

تماچيءَ رکيا ڪيئن مهاڻا اکين تي.

ڪنڊا ڪرڙ تنهنجي وطن جا وڻن ٿا،

وطن جا رکان ڇو نه لاڻا اکين تي.

جنم سنڌ جيجل جي جهوليءَ ۾ جنهن جو،

سٻاجها سي سنڌي سياڻا اکين تي.

ڪري مست محزون، عاشق هزارين،

ڪرين ٿو تون ”بيوس“ اياڻا اکين تي.

قطعا

·       نقاش

(1)

اسان دل کي ڌُتاريندا رهياسين،

عجيبن کي پُڪاريندا رهياسين:

ملڻ جي آس ۾ هر هر وِڇوڙو،

حياتي بس گذاريندا رهياسين.

(2)

صراحي، جام مينا، دستِ ساقي،

انهن چئني جو چڪر ڪين کُٽندو:

اوهان جي زلف جو زنجير قابو،

اسيرِ عشق هرگز ڪين ڇُٽندو.

(3)

پيارڻ ۽ پيڻ جي ڳالهه ڪر ڪا،

وساري گردش ايام کي دوست!

صبحاڻي ڇا ٿئي تنهن کي ڇڏي ڏي،

ڪڍي ڇڏ هن خيالِ خام کي دوست!

(4)

دليون درد آگاهه بنجي پون،

اکيون مشعلِ راهه بنجي پون:

روان ٿئي رڳن ۾ جي خونِ اياز،

گدا ڀِي شهنشاهه بنجي پون.

(5)

دل کي هر وقت رخِ يار جون ڳالهيون گهرجن،

سونهن جون، ساهه جي سينگار جون ڳالهيون گهرجن؛

زر،زمين جون نه ڪي واپار جون ڳالهيون گهرجن،

پريت وارن کي فقط پيار جون ڳالهيون گهرجن.

(6)

ڳاڙهاڻ گُلن جي هجي يا رت ڦُڙي جي،

ڳاڙهاڻ ته هر روپ ۾ انعام آ پيارا؛

پيلاڻ پنن جي هجي يا ڪنهن جي چپن جي،

پيلاڻ پڄاڻيءَ سندو پيغام آ پيارا.

·       ”نشتر“ ناٿنشاهي

(1)

سياڻن کئون ٿا سوڀ گهرو ۽ چرين کئون ٿا سوچ گهرو،

مرشد کئون ٿا ڏن گهرو ۽ خادم کئون ٿا ڏاڻ گهرو:

ڪيڏا سادا ماڻهو آهيو، ڪيڏا ٿا اڻڄاڻ ٿيو،

گلڙن کان چڀڪار گهرو، ٿا خارن کان سرهاڻ گهرو،

(2)

هر قدم تي ڪربلا، هر ڪربلا ۾ لک يزيد،

ڪربلا هڪڙي هجي، ماتم ڪجي، اي مومنو؛

ڪنڌ هڪڙو، ڪاتيون بي انتها آهن رکيون،

هڪ حُسين ۽ لک يزيد آهن مِڙيل اي دوستو.

(3)

 فرحتون ڀل ماڻ تون فردوس جون،

جنتون توکي هجن زاهد! مباح؛

پاڻ جيئن ڄاواسين، دوزخ ٿيو نصيب،

پاڻ اُن ۾ ٿا ڪيون سنجهه ۽ صباح .

(4)

شل نه ڪو بي مؤج دريا ٿي پوي،

ڇو ته طوفان تي اچي ويندو عتاب؛

ڪشمڪش ئي همتن جي پرک آهه،

زندگي جو حُسن آهي انقلاب.

”هدايت“ بلوچ

(1)

مان اُميدن جا رکان ٿو گُل مگر،

بيرُخيءَ سان تون اُجاڙي ٿو وجهين؛

تون نٿو ڄاڻين مگر الله سُنهن ،

هر قدم سان دل لتاڙي ٿو وجهين!

(2)

ڏنا جي داغ تو دل کي، انهيءَ جو حال ٻُڌ هيڪر،

چَوان ڇا، زندگيءَ منهنجي وئي برباد، ڪافي آ؛

پگهارڻ لوهه جي لئه جئن کپن ٿا باهه جا شعلا،

اسان جي دل پگهارڻ لئه اوهان جي ياد ڪافي آ.    

(3)

مون کي ڪانهي ڪا شڪايت ڪنهن به هڪ محبوب کان،

زندگيءَ ۾ هر قدم تي تير سَهَڻا ٿا پون ؛

ڪنهن کي ڪنهن کي نيٺ پنهنجي آڻجي آغوش ۾،

بس اُنهن لئَه رات جو ئي خواب لهڻا ٿا پون.

(4)

اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،

توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛

ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،

اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!

پرڏيهي شاعري

·                   ويٽنامي شاعر  __ ٿان هائي

·                   سڌيڪار: رسول بخش پليجو

رات آءٌ سرحد ٽپي آيس!

( ويٽنام جي دشمنن اُن کي ڪاٽي، ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. ڏکڻ واري اڍ ۾ جدوجهد جاري آهي. ڏکڻ جا مانجهي مرد لڪڇپ ۾ سرحد ٽپي وطن جي اترئين آزاد حصي ۾ وڃي فوجي تربيت وٺندا آهن. پويان سندن مائٽن ۽ ٻچن ٻارن کي دشمن عذاب ڏيندو آهي. سندن زالن کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته هو ٻيا مڙس ڪن. اهي عورتون پٺيان ڏکن ۾ سالن جا سال دشمن جا سور سهنديون آهن، گهر ۽ ٻنيون سنڀالينديون آهن، جدوجهد ڪنديون آهن ۽ پنهنجن وَرن جو اوسئيڙو ڪنديون آهن. هيءُ نظم هڪ اهڙي ئي سريوچ عورت جو آهي، جنهن جو مڙس اُتر ويل آهي

_ر.ب. پ )

توسان اُتر ۾ اچي ملڻ لاءِ،

رات آءُ سرحد ٽپي آيس!

تو لاءِ سِڪندي سال ٿي ويا هئا،

مينهن واچ ڪندي، اُڏامندي آيس.

سارين جي سهڻين ساين ٻنين مان ڊوڙندي.

آءٌ نيٺ تنهنجي شهر ۾ اچي پهتيس.

توکي شهر جي گهٽين ۾ پئي ڳوليم،

ته پري کان ڪو ماڻهو نظر چڙهيم،

ساڳيو جهڙو تون، جاني!

اڙي، سچي! تون ئي هئين، تون، تون،

ها جانب! تون ئي هئين،

مون وٺي ڊوڙ پاتي، ۽

رڙ ڪري چيم: ”جاني بيهه!

”آءٌ اچي ويئي آهيان!“

تون بيهي رهئين،

منهنجي صورت پري کان سڃاڻي وئين.

مون کي خبر آهي ته سَون هزارن زالن جي وچان به

تون مون کي پريان ئي سڃاڻي وٺين ها.

۽ تنهنجي ٻانهن جي هنج ۾ مون دانهن ڪري چيو،

”سڄا  سارا پنج سال گذري ويا.“

تو مون کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ورتو،

پاڻ کي ڪيتريون نه ڳالهيون ڪرڻيون هيون!

تو مون کان ٻنين جون خبرون پُڇيون،

ڳوٺ راڄ جون ڳالهيون پُڇيون،

الا!اُهي سال ڪهڙا نه ڏکيا گذريا هئا،

آءٌ توکي پنهنجا ڪهڙا سُور ٻڌائي ڪهڙا بُڌايان ها!

تان جو منهنجي گول گول ٻانهن،

جنهن تي تون مٿو رکي سمهندو هئين،

تنهن کي ڇُهيو ۽ دانهن ڪري پُڇيو،

”تنهنجي گوشت ۾ هي زخم ڇا جو آهي؟“

”هي گَهرو گهاءُ توکي ڪنهن ڏنو؟“

مون وراڻيو:

”هي سڀ سال مون تنهنجو اوسيئڙو ڪيو،

”آءٌ دشمنن سان ملي ڪانه ويئي آهيان.

”مون ٻئي مڙس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،

”مون توسان نينهن جي ناتي ٽوڙڻ کان انڪار نه ڪيو،

”تنهنڪري دشمن منهنجي پٺيان پئجي ويا،

”نيٺ مون کي جهلي قيد ڪري، اِهي گهاوَ ڏنائون....“

منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪجهه اٽڪي پيو،

منهنجي نيڻن مان نار وهي اُٿي هليا،

مون پنهنجو منهن تنهنجي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو،

تنهنجي ڇاتيءَ ۾ غصو ٽهڪڻ لڳو....

پوءِ الائي ڪهڙي پاسي کان ڪڪڙ ٻانگ ڏني،

آءٌ ڇرڪ ڀري جاڳي پيس،

جيڪي خواب ۾ ڏٺم، سو وري ياد آيم،

۽ دل مان درد جي دانهن نڪري ويم.

منهنجا پرين! خبر اٿيئي،

وطن جي رت ٻُڏل شهيد ٿيل ڏکڻ کان،

هر رات، منهنجي دل،

سرحد ٽپي توسان ملڻ ايندي آهي.

”ڪيترن ئي ماڻهن جي حياتي هن ڌرتيءَ جي هانوَ تي هڪ

بار کان وڌيڪ  حيثيت نٿي رکي، ليڪن هڪڙو سٺو ڪتاب،

هڪ ڪامل شخصيت جي جگر جو اُهو املهه خون آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي. ڇا، اسان کي اُن

جگري خون جي محفوظ سرمايي جو ڪو احساس آهي؟“

_ملٽن

2

افسانا

”انساني تاريخ ۾، ڪافي زماني تائين، ماڻهو انساني تاريخ جي حقيقت کي، ان جي ارتقائي منصب آهر سمجهي نه سگهيو آهي. انهيءَ حقيقت جا به وڏا بنيادي سبب هئا:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com