·
قمر شهباز
اڄ ڏيئڙو ڏيئڙو ڏاههَ، ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
جا واٽ سڄي مون ورجائي، سا سٽ بني سوداءُ، ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
جي جاڳ اسان جي واڳ وٺي، پوءِ گهوريو سڌ سماءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ ميان!
مون پيار ڏنو، پرڀاءُ ڏنو، تون پيڙا ۽ پڇتاءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ،ميان!
مون موت کي جوت بنايو آ، ڇا تِکَ هجي، ڇا تاءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
هي درد مليو دل وارن کان،مون در در لاتو داءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
هي نيڻ اُڃايل آسوَندا، ڄڻ ساوڻ جو سوداءُ، ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
هي سمنڊ مٿان ڪي سونهن پکي، هُو ڦيڻ ڀريو ڦهلاءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
هن چنگ جو ڏنگ ڏهوڻو هو، جيئن گهورن جو گهراءُ،
ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
·
”خاڪي“ جويو
ٻاٽ منجهان ڪا لاٽَ لکائي،
ڳولي وٺبي واٽ.
ٽانڊاڻي جان ٽمڪي ٽمڪي، چوڏس ٿي چمڪاٽ،
ڳولي وٺبي واٽ.
ظلم ستم جي زور اڳيان ڀي اوچارکبا ڳاٽ،
ڳولي وٺبي واٽ.
مارڻ لاءِ مرونءَ جي ڪيئي گهاتن جهليا گهاٽ.
ڳولي وٺبي واٽ.
”خاڪي“ نيٺ ته کائينداسون. ڦٿڪي ڦٿڪي ڦاٽ،
ڳولي وٺبي واٽ.
·
حافظ ”محمد ”احسن“چنا
اُڏر پکي تون لنو ڪا لات،
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
ويلو وچ تي ڪين تون وجهجان، مور نه رهجان ڪاٿي
رات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
لونءَ ۾ لوري، جيءَ ۾ جهوري، وائي نه آهي ٻي ڪا وات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
آب اکين مان ائين ٿو هاريان، جيئن بوند وَسي
برسات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
جلدي ورجانءِ ورندي ورائي، تن ۾ منهنجي تاري تات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
دلبر جو ڪو آڻ دلاسو، سونُ ڏيانءِ سوغات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
دوست جي در تي دم ٿئي پورو، هوت هميشه هوندو حيات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
”احسن “ کي هي اُڻ تُڻ آهي، ٿئي نه ملڻ ري منهنجي
ممات:
ڪانگا! آڻ پيام پرينءَ جو.
·
عبدالقيوم ”صائب“
ڪنهن ۾ آهي آلَ،
سڌڙين ڪهڙي ڪَلَ.
محب نه سولا ملندا، ٿيندي ايڏي جهَلَ
سڌڙين ڪهڙي ڪَلَ.
پاڻي سيرَ کان اڪري، ڏيندو اهڙي اُڇل:
سڌڙين ڪهڙي ڪَل.
پنهنجن جي هيئن ڀر ۾، سهندو ڪير سُتل:
سڌڙين ڪهڙي ڪَل.
هيءَ ڪاوڙ ڪيئن لٿي، پرتا ڪيئن رُٺل:
سڌڙين ڪهڙي ڪَل.
نانگن سان ئي نانگا، آهن يار ٻَڌل:
سڌڙين ڪهڙي ڪَل.
سهڻا پاڻهي ٿيندا، حامي ساڻ هڪل:
سڌڙين ڪهڙي ڪَل.
”صائب“ ڇڏيا آهن، ميڙا ڪيئن مَتل:
سڌڙين ڪهڙي ڪل.
·
رحيم بخش ”قمر“
خوب ٿي سونهي کَٽ ّ ، او يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
ويس وسڻ جا پائي ڪڪرين، مهرئون کنيڙا مَٽ ّ او
يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
واحد جي اڄ وسڪاري سان، ڀريا پائر پَٽ ّ، او يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
نرمل نوري آهه نظارو، ڪڪرن، ڪنگرا، ڪَٽ ّ او يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
ڪيڙا کيل خوشيءَ مان کنوڻين، نينهن نشيلا نٽُ، او
يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
’قمر‘
چئي ٿو پاڻ ڪريمن، لاٿا لُڙ ۽ لَٽ، او يار!
سارنگ چڙهيو سيج تي آهي.
·
”راز“ ناٿنشاهي
سوريءَ چڙهندين، تون ئي رئندين،
چارڻ چنگ نه چور هاڻي.
هن دنيا جي وکري سڀ کان، آهي ماپ ۽ تور هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور هاڻي.
هيرا چاهين جهول ڀَري ڏيان، سر جو سودو زور، هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور هاڻي.
ڪافر سڏ بين، ملحد ٿيندين، سورَ نه ڪنهن سان اور،
هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور هاڻي.
صدين جي کلندڙ زخمن جي، ڪهڙي ٽهل ٽڪور، هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور هاڻي.
تنهنجي لونءَ لونءَ منجهه وسي ٿو، تنهنجي مَنَ جو
چور، هاڻي،
چارڻ چنگ نه چورهاڻي.
ڪٻرين جشنِ مرگ ملهايو، رات مري ويو مور، هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور، هاڻي.
ڪاٿي سچ مون
’راز‘
چيو آ، منهنجو ڪنڌ نه ڪور، هاڻي،
چارڻ چنگ نه چور، هاڻي.
·
”تاج“ جويو
وڻ وڻ ورتو واسُ،
راوت! تنهنجي رَت جو،
مانجهي مڙس مهانُ تون،
اَمُل،
تنهنجو ماس،
راوت!تنهنجي رت جو.
ڀوميءَ ڀاڪر کوليو، ڇانو بڻيو آڪاس،
راوت! تنهنجي رت جو.
هو جو سپنو سچ جو، ڄاڻ ته ٿيندو راس،
راوت! تنهنجي رت جو.
·
”عاجز“ اُڄڻ
پيچ پرين سان پايان ڙي، ڪيئن ساهيان ڙي.
سهڻي يار سڄڻ سان سينو.
پير پڻي جا ڪيچ ڌڻين جي، لال لڱن کي لايان ڙي:
ڪيئن ساهيان ڙي.
قرب ڪري ويا ڏير ڏکيءَ سان، ڳُڻ سندن ٿي ڳايان ڙي:
ڪيئن ساهيان ڙي.
هردم
’عاجز‘
هو ت پنهونءَ جي، ٻانهي گولي آهيان ڙي:
ڪيئن ساهيان ڙي.
·
”ڀون“ سنڌي
جنم جنم کان توکي چاهيان، سيني منجهه سمايان:
سائين! آءٌ ته تنهنجو آهيان.
تنهنجي ڪارڻ منهنجا سپرين! پڇيو پنڌ پڇايان،
سائين! آءٌ ته تنهنجو آهيان.
اوري آءُ تون منهنجا سانول! توکي سيني لايان،
سائين! آءٌ ته تنهنجو آهيان.
دشمن جو پاڇو
نه
پوئي شل، اندر منجهه لڪايان،
سائين! آءٌ ته تنهنجو آهيان.
·
”مشتاق“ باگاڻي
سرنهن جي ڦولاڙ ۾،
تتر ڪئي آ ٻولڙي.
جهر مر جهرمر ٽاريون، اڄ ڏٺيون مون لاڙ ۾:
تتر ڪئي آ ٻولڙي.
عزت اُن جي خطري ۾ آ، آهس ڪوئي تاڙ ۾:
تتر ڪئي آ ٻولڙي.
هاري سڀ هوشيار ٿيو، ڪيئن جيئو ٿا جاڙ ۾ :
تتر ڪئي آ ٻولڙي :
·
محمد عثمان سولنگي
مر پيا مرڪن، ماروئڙا ته ملير ۾.
جهانگيڙا جهنگل ۾، جهر مر پيا جهرڪن:
ماروئڙا ته ملير ۾.
انگ اوڍي انبلکيون، اڱڻ اُجر ڪن:
ماروئڙا ته ملير ۾.
اڇا اُجرا الحمد جهڙا، ويس ڪيو وَرڪن:
ماروئڙا ته ملير ۾.
پکن ۾ پنوهار ٿا، ڇانگ ڪيو ڇرڪن،
ماروئڙا ته ملير ۾.
پاڻ پرچي پاڻ ۾، پنهنجي ٿا پر ڪن:
ماروئڙا ته ملير ۾.
قيدياڻيءَ جي ڪڏهين مَن قربئون ڪا ڪَر ڪن:
ماروئڙا ته ملير ۾.
گيت
·
شيخ اياز
گهرَ گهرَ جوت جَلائِي،
سانجهي آئي.
تُنهنجو ديپُ وساڻَل ڇو آ؟
تُنهنجو مُنهن ڪوماڻل ڇو آ؟
هَر ڪنهن سيجَ سجائي!
سانجهي آئي.
هُو جو مُور نه وَرڻو آهي،
تنهنجي پريت اُنهيءَ کي چاهي،
ڪَهڙي گت ّ بڻائي!
سانجهي آئي!
هاءِ اکين وَٽ ڏورا تنهنجا،
هَئه هَئه نيڻ ڪَٽورا تنهنجا،
جن ۾ بوند نه ڪائي!
سانجهي آئي.
ڪنهن سان پريت لڳايئه پڳلي،
جو اڄ راس نه آيئه پڳلي،
ساوڻَ-
رات سُهائي!
سانجهي آئي!
·
سروپچندر ”شاد“
لوڪ گيت
ڇَم ڇَم ڇَمڪي ڇير پَئي،
مان ڪيئن اچان؟
ڪِٿي هِي سارو ڀيدنه کولي، تُنهنجو نِرمل نانءُ
چئي:
مان ڪيئن اچان؟
پنهنجي پيار جي آڌي ويلي، چنڊ تارن پئي ڳالهه
ڪَئي،
مان ڪيئن اچان؟
اُڀ مَڌ ماتو، جوڀن آتو، جاڳي دنيا ٿي نِردَ ئي:
مان ڪيئن اچان؟
رات چيو : ”آ عِشق ڪاريهر، ڇو ٿِي مَرين بي موت
هَئي:“
مان ڪيئن اچان؟
پَل پَل تي آ لڳو پهرو، وِرهه ويو آ واڪ ڏئي:
مان ڪيئن اچان؟
اوسيڙي ئي اوسِيڙي ۾، گُذري، هاءِ رات وئي:
مان ڪيئن اچان؟
·
”نياز“ عاقلاڻي
اوپرديسي!
سانوڻ آيو،
تنهنجي ياد ستايو:
ڪر ڪو ملڻ جو سعيو،
او پرديسي!
ڀٽڪان پيئي بادل وانگي،
آنسو ٽپڪن جل ٿل وانگي:
تنهنجي اوسيئڙي ۾ پيارا، نيڻن نير وهايو_
او پرديسي!
برساتين جون ڪاريون راتيون.
ڏُسڪي ڪاٽيان ساريون راتيون:
تڪيان ويٺي چانئٺ هردم، ڄاڻ ته ڪوئي آيو_
او پرديسي!
هرڪا پنهنجي ورسان سرهي،
هن موسم ۾ مان ئي آرهي:
سوچيان ويٺي، ڇا مون سچ پچ پريت ڪري پڇتايو_
او پرديسي!
·
”ڀون“ سنڌي
خواهشون
هڪ تون ئي هجين، گڏ توسان هجان،
هڪ ڳالهه ٻڌان، هڪ ڳالهه ڪيان.
منزل تون هجين، مان واٽهڙو،
سئو زخم ملن ته به راهه رمان.
هڪ تون ئي هجين.
تون لاٽ هجين، مان پروانو،
سئو جنم هجن، مان مرندو رهان.
هڪ تون ئي هجين.
تون بين هجين، مان دانهن هجان،
گم تو ۾ ٿيان، ٿي گيت وڃان.
هڪ تون ئي هجين.
تون مکڙي هجين، گل توکي ڪيان.
توکي خون جگر جو ڏيئي ڇڏيان.
هڪ تون ئي هجين.
تون ديوي هجين، مان پوڄاري،
مان توکي جپيان، قدمن تي ڪِران.
هڪ تون ئي هجين.
تون سوچ هجين ۽ مان شاعر،
مان سچ سراپا بنجي وڃان.
هڪ تون ئي هجين.
تون تار هجين، مان طلب هجان،
تون دور نه ٿين، مان دور نه ٿيان.
هڪ تون ئي هجين.
تون سنڌ هجين، مان جند هجان،
جو وار ڪري، ٻلهار وڃان.
هڪ تون ئي هجين.
تون سڀڪي هجين، مان تڇ هجان،
تون پريت هجين، مان تو لئه سڪان.
هڪ تون ئي هجين.
سڀ حاصل ٿئي جي حاصل ٿين،
مان هر شئي کان باغي ٿي وڃان.
هڪ تون ئي هجين.
·
”نعيم“ تقوي
غم جا نغما ڳايان
غم جا نغما ڳايان ويٺو، غم جا نغما ڳايان،
توريءَ جڳ م سُور ئي آهن، غم جا نغما ڳايان.
جانب جاني دل سان چاهيم، سڏڪي سج اڀاريم،
رئندي رڙندي راه تڪيندي وياڪل رات گذاريم،
ايندين هڪ ڏينهن آس اٿم هي منڙي کي سمجهايان.
غم جا نغما ڳايان.
مُند ملڻ جي ايندي هڪ ڏينهن، لهندا ڏکڙا سارا،
لڙڪ وهائيندس مان خوشيءَ جا تنهنجي ڳلن تي پيارا،
نينهن جو پڻ سوڳند ڏيان ٿو هر هر ٿو پرچايان.
غم جا نغما ڳايان.
مهڻا سهندي عمر وئي آ، آهيان برهه جو ماريل،
مرڪ ۽ سرڪ هجن جي باهم ٺري هي روح اڃايل،
واٽ هي آهي بنهه اڙانگي، ڪنهن کي حال ٻڌايان؟
غم جا نغما ڳايان.
نظم
·
”تنوير“ عباسي
راڳي ناهيان، آهيان راڳ،
ڏيئو ناهيان،آهيان جوت:
سسئي ناهيان، آهيان هوت،
راهي ناهيان، آهيان ماڳ.
امرت ناهيان، آهيان حيات،
پرين ناهيان، آهيان پريت:
جنگ نه آهيان، آهيان جيت،
موت به منهنجي آڏو مات،
امرت ناهيان، آهيان حيات.
·
عبدالڪريم ”گدائي“
ڀٽائيءَ جي حضور ۾
تنهنجي ڌرتيءَ ساڻ ڀٽائي، پنهنجو نينهن نڀايون
ويٺا،
پنهنجو نُور نچوئي ڀي اڄ، تنهنجي جوت جڳايون ويٺا.
ٻارن جيان واريءَ تي گهرڙا، هٿڙن سان اڄ ٺاهيون
ويٺا،
هڪڙا ٺاهي هڪڙاڊاهي، دل پنهنجي پرڀايون ويٺا.
ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن جيڪي، سُور ڏنا هِت سانگين کي.
رويو
رويو
تن تي هَرهَر ، نيڻين نير وهايون ويٺا.
ٻوليءَ جي جنهن جوت تي هَر هَر حملا ها پرمارن جا،
لاٽ انهيءَ جي لال لهوءَ سان، جَر جَر جَرجرڪايون
ويٺا.
ڏيهه ڏڪارين ڏاڍ ڪري، جن پيتو رت انسانن جو،
موذي مات ٿين سي سائين، رات ڏينهان ٻاڏايون ويٺا.
بلبل گل جا گيت ترانا، پنهنجي دل کي ڪين وڻيا پَر،
سانگيئڙن جو سُور سموئي، واين ۾ ورجايون ويٺا.
”سيڻ مٽائڻ سون رُپي تي، ريت نه آهي مارن جي،“
قول اهو گيتن ۾ پنهنجي سانگين کي سمجهايون ويٺا.
نيٺ ته ڪوئي راءُبه ريجهي، سِرُپنهنجو قربان ڪندو،
ٻيجل بڻجي وستيءَ وستيءَ، سِرَ جي سئن لڳايون
ويٺا.
آگهنديون شال دعائون منهنجون، ورندو واءُ سُڪارن
جو،
آس انهيءَ تي گهوٽ ڀٽائي، اڄ ڀي من پرچايون ويٺا.
ڪير ٿو ڄاڻي يار
’گدائي‘
تنهنجي سورن پورن کي،
ديس سڄي جو درد ڀري جو، ونجهليءَ منجهه وڄايون
ويٺا.
·
سروپچندر ”شاد“
احساس
ڪالهه بُکايل هڪڙي پينو، سيٺ ڏي هٿ کي ائن ڦهلايو،
پٿر دل انسان جي در تي، ٻاجهاري ڄڻ پئي ٻاڏايو.
سيٺ ڀَري نفرت نظرن ۾، تڙي ڪڍيو اينءَ پينوءَ کي،
رونشي خاطر، راند جي خاطر، ٿُڏبو آ جئن کينهونءَ
کي.
ڊِنل ڊِنل ۽ هيسَل پينو، آب اکين ۾ آڻي
آکيو،
’سيٺ
جي سِر جو خير هُجي!‘
سدا رهين تُون سائين سُکيو.،
سيٺ آپِي کان ٻاهر نِڪري، چيو نوڪر کي ”ڇورا وٺ“،
پينوءَ تي ائن مُڪون برسيُون، ڌوٻي گهاٽ تي جئن
سَٽ سَٽ.
ٿيڙ کائي جو پينو ڪِريو، سيٺ کِلي پيو ها! ها! ها!
نوڪر بود ۾ ڀرجي مُرڪيو، سڀ ڪنهن چيو: وه، وا، وا!
ڪنجهندو ڪنجهندو ، رئندو رئندو، ڏکيائيءَ سان پينو
اُٿيو،
منڊڪائيندو منڊڪائيندو، نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
مون سوچيو اڄڪلهه جو ماڻهو، ڪيڏو ويٺو پاڻ پڏائي،
پاڻ کي اشرف افضل سمجهي، ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي ٺُڪرائي.
ويهين صديءَ ۾ سڀ ڪجهه آهي، ماس به آهي، ساس به
آهي،
تاس به آهي، واس به آهي ليڪن هئه احساس نه آهي.
سونو، چاندي، موتِي مَڻيا، زيان وقت جو ۽ بڪواس،
همدردي ماڻهوءَ جي دولت، ماڻهوءَ جو معراج احساس.
آ احساس هڪ سج_ ڪرڻو جو ذري ذري کي چمڪائي ٿو،
آ احساس هڪ بادل جيڪو پڳ پڳ ڦُول کِلائي ٿو.
ماڻهو بِن احساس جي ڪهڙو؟ جيئري ڄڻ ڪو مُردو آهي،
هيج بنان ڄڻ آهِه هندورو، سُربِنان ڄڻ سُرندو
آهي.
ماڻهو جيئرو ماس سان ناهي، ماڻهو جيئرو ساس سان
ناهي،
دل جو درد آ سونهن ماڻهوءَ جي، جيئرو هُو احساس
سان آهي.
واس رهي ٿو ساس کان پوءِ،
ڪجهه ناهي احساس کان پوءِ. |