جمعيت الشعراء سنڌ پنهنجي قيام 1946ع کان وٺي اڄ
تائين، سنڌ جي برگزيده صفات مذهبي پيشوا ۽ عظيم
شاعر حضرت مخدوم محمد زمان صاحب
’طالب
الموليٰ‘
جن جي سرپرستيءَ ۽ 1957ع کان سندن صدارت هيٺ،
مقبوليت ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي؛
جن جي شخصيت سنڌي ادب جي فروغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾
روح روان جي حيثيت رکي ٿي._ غ. م. گ.
شعر
”شاعريءَ جي فن ۽ ان جي دستوري ۽ رواجي عام اصولن کي اڳيان
رکندي، آءُ هي پڇڻ گهران ٿو ته
’شاعر‘
لفظ جي معنيٰ ڇا آهي، ۽ شاعر ڪير آهي، هو ڪنهن کي
خطاب ڪري ٿو ۽ هن کان ڪهڙي ٻوليءَ جي اميد رکي
سگهجي ٿي؟ ظاهر آهي ته شاعر به هڪ انسان آهي، جيڪو
ڳالهائي به انسانن سان ٿو. هڪ اهڙو انسان، جنهن
کي سچ پچ ته عام ماڻهن کان وڌيڪ زنده شعور، گهڻو
جوش ۽ بيحد نازڪ احساس مليل آهي. هن کي انساني
فطرت جو وڏو علم حاصل آهي، ۽ هن جو روح عام
انسانن کان وڌيڪ وسيع ۽ ڪشادو آهي: هڪ اهڙو انسان،
جيڪو پنهنجي غم ۽ غصي تي راضي رهي ٿو، ۽ وٽس
زندگيءَ جو جيڪو جذبو آهي، ان مان ٻين جي مقابلي ۾
وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو. هو چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات
به ساڳئي قسم جي جذبن ۽ امنگن سان ڀريل هجي، ۽ جتي
به هن کي اهي امنگ ۽ جذبا نظر نٿا اچن، اتي انهن
کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن خوبين سان گڏ،
هڪ ٻي ۽ اهم خوبي هيءَ آهي ته شاعر ۾ ٻين کان وڌيڪ
اهڙين شين کان متاثر ٿيڻ جو پڻ مادو آهي، جيڪي
سندس سامهون ڪين آهن، پر جن کان اثر وٺي هو ايترو
ته جذباتي ٿي وڃي ٿو، ڄڻ ته اهي شيون سچ پچ سندس
اڳيان موجود آهن. نه فقط ايترو، پر پاڻ ۾ اهڙن
جذبن جاڳائڻ جي قابليت پڻ اٿس. اهي اهڙا هوندا
آهن، ڄڻ ته سچ پچ ڪنهن واقعي جي ڪري پيدا ٿيا آهن.
انهيءَ قابليت جي استعمال سبب، هن ۾ پنهنجن خيالن
۽ احساسن کي ظاهر ڪرڻ جي اهڙي ته قوّت هوندي آهي،
جيڪا سواءِ ڪنهن ٻاهرينءَ تحريڪ جي سندس خواهش
مطابق اڀري ٿي.“
ووڊ سورٺ
”عنايت“ بلوچ
دلبر ديس دليرن جو
هي دلبر ديس دليرن جو،
آباد رهي، آباد رهي.
هي ديس آ دولهه دودن جو، ۽ هوشوءَ جهڙن جوڌن جو،
هِت هلندو شر نه شودن جو، آ ماڳُ هي مرد مٿيرن جو.
جِتِ سورهيه سوڍا پُٽ ڄمن، سي شير ۽ جوڌا جُنگ
جِين،
جِتِ بحري بازَ بسيرو ڪن، اُتي ڇاهي ڪانَون ڳيرن
جو؟
دشمن سان اُچائي ڀي ڄاڻون، ڪارن کي ڪنبائي ڀي
ڄاڻون،
يارن سان نباهي ڀي ڄاڻون، هي شيوو آهي شيرن جو.
سڀ ڪنهن جي پنهنجي ڌرتي آ، پر
’سنڌ‘
مون چونڊي ورتي آ.
سا پرور توکي پرتي آ، ڪو رکجان ڀَرم ڀليرن جو.
ڪافي
درشن ڪارڻ دلبر! تنهنجي، دَر تي ديرا لاياسي،
پِير پُڇائي، پنڌَ پڄائي، آخر تو وٽ آياسي.
سهڻا! تُنهنجي تانگهَه تپايو، مونجهه منجهايو، سڪ
ستايو،
بيوس تُنهنجي بِرههَ بنايو، ناتا نينهن نڀاياسي.
توريءَ ڇاهي جيون جوڀن، ٻَن دولت ڌن، مونجهوتن من،
تُنهنجي جدائيءَ ۾ او ساجن! نيڻئون نيرَ وهاياسي.
دردن دل ۾ ديرولايو، خوشين مورئون ماڳ مٽايو،
عشق اُپايو، نينهن نپايو، سورن ۾ ساماياسي.
گيت
(1)
پلپل تُنهنجو پُور،
اوڍوليا!
پلپل تُنهنجو پُور.
راحتَ اوڏي ڪين اٿم ڪا، ٽمر سراسر سُور_ او ڍوليا!
مَرهم ڪين ڇُٽائي مورئون، نينهن سندو
ناسور_اوڍليا!
دود دکائي، جان جلائي، ٿي وئين دلبر دور_ اوڍوليا!
تون بيپرواه مست مگن، مان راهُن تي رنجور_ او
ڍوليا!
نينهن لڳائڻ، ڪين نباهڻ، دنيا جو دستور_ اوڍوليا!
تو ڀي اُن دستور کي دلبر! ويتر ڪيو مشهور_
اوڍوليا!
انگ ازل جو وهيو وڇوڙو، ڪنهن جو ناهه قصور_
اوڍوليا!
ڪري
’عنايت‘
يار
’اُداسي‘،
پاڻ ٿئين
’مهجور‘ش_
اوڍوليا!
(2)
ڇو ٿو نِيرَ وهائين نادان! ٿئين افسوس، اُداس،
جان جلائي، جوت گنوائي، ڇو تو لاٿي آس.
جهرمر جهرمر چنڊ ۽ تارا، سونهن سڄو سنسار،
هيرَ هوائون، گلَ گلذاريون، وڻ ٽڻ باغ بهار:
اهڙي جڳ جنسار کان ڇو ٿئين نااميد، نراس.
ڏاڍَ ڏُکن جا اچڻا وڃڻا، غم کان نا گهٻراءِ،
داغَ دکن جا ڌوپي ويندا، دلبر ڪر دلجاءِ:
آگم ايندا، ڀيڄَ ڀنيءَ جي بَر ۾ ايندي باس.
بالا، بهتر، برتر آهين، پنهنجي رک تون ڄاڻ،
پنهنجي اندر جهاتي پائي، پنهنجو پاڻ سڃاڻ:
جانب جي نه جُدائي توکان، تنهنجو توهين پاس.
غزل
(1)
جيڪو چيئي سو ٻيهر ٻول،
هر هر پنهنجا چپڙا چول
نيڻ خماريل پسجن جيئن، گهڙي پلڪ لئه مُکڙو کول.
ڪا ڪُل، اکڙيون، ابرو، ٿيا، منهنجا ويري ٽيئي ٽول.
دل جي دنيا گهُورن ساڻ،ڍول!
ڪري وئين ڊانوان ڊول.
توڏي ايندي درشن لاءِ، ماڻهن ڪوٺيو مون کي رول.
تنهنجي منهنجي عشق جو يار،
چئني طرفن هو چوٻول.
نينهن لڪائڻ سولو ناهي. لُڙڪن ڪيا اڄ پڌرا پول
(2)
قدردان، ناقدردان بنجي ويو،
مهربان، نا مهربان بنجي ويو.
آهي ياري پر وفاداري نه آ، ڏيک جو سارو جهان بنجي ويو.
ويو چمن جو چهچٽو ۽ وئي بهار،
هر سمو دؤر خزان بنجي ويو.
هر نظر مغموم، هر چهرو اُداس،
مردوزن مشڪِ فغان بنجي ويو.
روح کي راحت نه ڪو قلبي سڪون،
مضطرب پير و جوان بنجي ويو.
عشق اڄ افسانوي صورت وٺي،
پاڻ پستيءَ جو نشان بنجي ويو.
آه! اڄ انسان جي ڪردار تي،
خنده زن خود آسمان بنجي ويو.
سخت صدمن جي سبب پنهنجو وجود،
درد جو هڪ داستان بنجي ويو.
راز محرم ويا
’عنايت‘
سڀ ڇڏي،
رازدان اشڪِ روان بنجي ويو.
(3)
سونهن جو تو وٽ سدائين سازياز،
منهنجي دنيا ۾ سراسر سوز و ساز.
روئي ڪو راهُن تي تنهنجي، تون مگر
ناز ۽ انداز سان گڏ بي نياز.
تُنهنجي اکڙين ۾ رکيل جادوگري،
يا ته تن ۾ آهي مُومَل جو مجاز.
ڪجهه نه مون وٽ سرد آهُن کان سوا، تون سدائين سُرخرو ۽ سرفراز.
منهنجي منزل تُون ۽ تولئه ڪجهه نه مان،
مون ۾ تو ۾ آ نه ڪيڏو امتياز.
(4)
حقيقت دل جي دلبر کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي،
سراسر سُونهن سامهون سربسر چئجي ته ڪيئن چئجي.
فقط هڪڙي نظر سان دل سندي دولت وئي لُٽجي،
انهيءَ تير نظر کي بي خطر چئجي ته ڪيئن چئجي.
هليو ويو هُو ته ڇاهي؟ درد دِل ۾ هُن جو آ باقي،
سراسر بيوفا هُن کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي.
چيم دِل ۾ ته ڪي ڳالهيون سڄڻ کي روبرو چوندس،
عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي.
مسيحا آخري هڏڪيءَ تي آخر ويو اچي منهنجو،
رقيبو! آههَ منهنجي بي اثر چئجي ته ڪيئن چئجي.
ڏسي دلبر جي در تي ٿي چيو ڪنهن مامَ ۾ مُرڪي،
”عنايت“ کي اجايو دربدر چئجي ته ڪيئن چئجي.
(5)
ڪَيئي منهنجو اڱڻ اُجرو، ڪري آئين ڀلي سائين،
مگر پرتي ڇو بيٺو آن، تون هيڏي آ هلي سائين.
ڏمرجڻ جو سبب ڪهڙو، يقين منهنجي قسم تي ڪر،
ته ڳجهڙي ڳالهه اڄ تائين نه مون ڪنهن سان سلي
سائين.
وسارڻ سان نٿو وسرين، سمايو ساهه م آهين،
ڪيم ڪوشش گهڻي ليڪن نه توکان دل پَلي سائين.
فقط هڪڙي نظر سان دل ڪري بيچين وئين بيحد،
ڪري سينگار ٻيهر تو وري ڇاهي ٽَلي سائين.
ڪيو آ هجر هيڻو ۽ لڳي جند جان ۾ جهوري،
وهايا نيرَ نيڻن، دل جُدائيءَ ۾ جلي سائين.
تصّور ۾ جو آئين، ويو هليو احساس خود داري،
اڳيان تنهنجي، ”عنايت“ جي نه هرگز ڪا چَلي سائين.
بيت
·
”خاڪي“ جويو
(1)
جنهن جنهن ڏنو رت، ڌرتي، تنهنجي ڌوڙ کي،
ڏاريو تنهين ڏاڍَ جو، پراڻو پربت،
پي وڃ هي امرت، هاريل منهنجيءَ هوڏ جو.
(2)
منهنجو ڪنڌ ڪريو، ڌرتي! تنهنجيءَ ڌوڙ ۾،
ڪئن ڪئن ڪنڌ ڪٽائجي، هيڻو هاڻ هريو،
ڇرڪي آههِ ڇڙيو، نيٺ دراوڙ ديس جو.
(3)
ڀينر منهنجو ڀاءُ، رڱيو ريٽي رت ۾،
موٽڻ مهڻو ڄاڻندو، ويڙهاڪن جو وياءَ،
سوڀن سندو ساءُ، وسري ڪيئن وريام کان.
(4)
ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، آرڻ ۾ آهين،
ڪوپا وچ ڪٽڪ ۾، ڪيهر جان ڪاهين،
لُوهه ڪيو لاهِين، ڪنڌ ڪلهن کان ڪرٽ سان.
(5)
ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، رڻ ۾ ڪن راماڻ،
ڪڏائي ڪيڪاڻ،راند رچائن رت سان.
(6)
ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، رت سان رانديون ڪن،
ڪڏائي ڪيڪاڻ سي، آرڻ منجهه اچن،
سينو تاڻيو سامهون، ويرين ساڻ وڙهن،
مولهاٽا مانجهين، رڱيا ريٽي رت سان.
(7)
ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، ويڙهاڪا وريام،
مائن تن ڏي موڪليا، سهسين سرخ سلام،
آزاديءَ کي عام، ڄاڻ ته ڄاتو ڄاڻَ سان.
(8)
سوڍا سرت سڄاڻ تون، اوڏو آرڻ آءُ،
آهين تون اصل کان، ڀٽ ڌڻيءَ جو ڀاءُ،
ڌرتي تنهنجي ماءُ، آزاديءَ جي آسري.
(9)
آزاديءَ جي آسري، ڌرتي تنهنجي ماءُ،
ڌاريا ڪري ڌار تون، ماڳين موٽي آءُ،
تنهنجو بڻ بڻياد آ، واسينگن وياءُ،
جيڏو تنهنجو گهاءُ، تيڏو وڙهندي ويڙهه ۾.
(10)
جيڏو توکي گهاءُ، تيڏو وڙهندي ويڙهه ۾،
دودي، درياءَ خان جو، آهين اصلئون ڀاءُ،
ڏيهَن ۾ ڏهڪاءُ، تنهنجي آ تڪرار جو.
(11)
ويڙهو پٽ وريام، وڙهندو رهجان ويڙهه ۾،
مادر توڏي موڪليا، سهسين سرخ سلام،
هر گهٽيءَ، هر گام نعرا تنهنجي نامَ جا.
(12)
وڙهڻ ويرين ساڻ آ، ڪونڌر تنهنجي ڪار،
تو وٽ آرڻ وچ مان، موٽڻ آههِ ميارَ
چيلهه ٻڌيون تو چار، ترارون تڪرار جون.
(13)
چمڪيون چوڌاري، ترارون تڪرار جون،
مانجهين جي ميدان ۾، هئي ماراماري،
وري جئن واري، سَرواهين جي سَٿَ ۾.
(14)
ويهي وَڍ وجود کي، ويرين جي هر وير،
پسجن پهلوانيءَ
جا، پڙ ۾ تنهنجا پيرَ،
متان ٿئي مُنهن-
مير، پانڌي انهيءَ پنڌ ۾.
(15)
چوڌاري چمڪن، تلوارون تڪرار جون،
وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾، مڙس مهاڏا ڏين،
ڪڏندي ڪنڌ ڪِرن، آزاديءَ جي آسري.
·
”ادل“ سومرو
(1)
چارڻ اٿي هليو، چوري پنهنجي تندُ،
ڪنڌ ڪرايو پنڌ، گويي کي گرنار ڏانهن.
(2)
ٻولي ٻي نه ٻول، ٻيجل ڪنڌ سواءِ،
جيسين مَ مڃي راءِ، تيسين سُرندو سور تون.
(3)
جنين صدا سر جي، تن جو موتي، موهن من؟
مال مڏيون ۽ ڌنُ، مِٽي ڀانئي منگتو.
(4)
منگتو جي مال جا، سي ڪيئن محب پسن،
لالچ لوڀ مَ جن، سيئي ساڻ ساجن جي.
(5)
سُرندي تي سِر، سورٺ- ڪانڌ ڪپايو،
لالڻ مَ لنوايو، منگتوءَ جي مانگ کان.
(6)
ساجهر ۽ سويل، سائينءَ کي سرچاءِ،
عرض، آزي، منتون حيلاسڀ هلاءِ،
وائي سا وراءِ، جنهن سان پرچڻ پرينءَ جو.
(7)
ساري هن سنسار کي، ساجن! سمجهه سراءِ،
آهيون هتي هاءِ! پرين ٻه- ٽي ڏينهڙا.
(8)
هيٺائين هلي هتڙي، جن پرين پرچايو،
تن جو سجايو، جانب
هيءُ جهان ٿيو.
·
”تاج “ جويو
(1)
ماڪَ ڀِنا_ ٻُوٽا، لُڏن لمن پيا پوک جا،
هواجا جهوٽا، راحت رسائن روح کي.
(2)
ماڪَ پئي پرڀات جو، ڀِني ٻاجهر ٻار،
هر هنڌ ٿي هٻڪار، واسي سنڌ سرهاڻ سان.
(3)
ماڪ پسايا وڻ، ٿڌڙي لڳي هير،
سنڌي يار سڄڻ! اچ ته سوچيون سنڌ لئه!
(4)
ماڪَ ڏوتو منهن، رات گلن جو باغ ۾،
سنڌڙي تنهنجو سنهن، تنهنجي سينڌ سنواربي.
(5)
ماڪَ ڀِنيون ٻنيون، ڪانا جهولن ڪوڏ مان،
مٺڙن ماروئڙن جون، وَسن شال ڇنيون،
سنڌين جون ونيون، سدا رهن سُهاڳڻيون،!
(6)
ماڪَ پُسايا پَٽ، ڀِنل ڀُونءِ وڻي پئي،
ولڙين جي واس تي، ڦيرا ڏين پوپٽ،
خوشبوءِ سندا مٽَ، کُلي ويڙا سنڌ ۾.
·
عباس ”ساٿي“
(1)
روئان زارو زار، لڪيو ڇپيو لوڪ کان،
نيڻن ننڊ نه اُڄهي، نڪي قلب قرار،
اٺئي پهر
’عباس‘
کي تنهنجي طلب ۽ تار،
ساجن لهو سار، ته درد سڀ دفعي ٿئي.
(2)
درد وڃي دور ٿي، ٿئي سرهائي،
ڪري ڀلائي، اچين جي اڱڻ تون.
(3)
دل کي وجهي ونگ، جانب جدائي ڪئي،
آهي لاتي جيءَ سان، سورن اچي جنگ،
ننگي مٿي ننگ، آهي مون اٻوجهه جو.
(4)
جاڳي جاڳي جن لئي، ويهي وهايم رات،
آيا ڪين عجيب سي، پلئو کنيو پرڀات،
وير نه وسريا سپرين ، ٿي ساريندي سڪرات،
سورن جي سوغات، ساٿي سڄڻن موڪلي.
·
”سوز“ هالائي
(1)
نيرو هي آڪاس، سهڻو منهنجيءَ سنڌ جو،
اونداهي، اُماس، به چوڌهين چِٽي ڀانئيان.
(2)
چوڏهين چٽي ڀانئيان، سنڌڙي تنهنجي سونهن،
او ڀٽ ڌڻي جي ڀُون ! شل ڪوسو واءُ نه سنڀرين.
(3)
چوڏهين چٽي ڀائنيان، سهڻي منهنجي سنڌ،
گهوريان پنهنجي جند، سنڌڙيءَ سندي سينڌ تان.
(4)
ڄائس تان ٻڌوم، بيت لعل لطيف جو،
امڙ سو آلاپ ۾، اولاڻو ڏنوم،
تهان پوءِ پيتوم، کير پنهن جي ماءُ جو.
(5)
مائون منهن جون ٻه ٿيون:
هڪ
’آيل‘ ٻي
‘جي
جل‘،’امڙ‘ ٿي
’آيل‘،
’جيجل‘ منهنجي
’سنڌڙي،‘
ڪافيون
·
”عارف المولا“
اندر ۾ ڇڏي عشق آتش لڳائي،
ڀلا ڪير آ جو انهيءَ کي اُجهائي.
ويو دل ۾ ٻارڻ پرين پاڻ ٻاري، بنا يارَ هي نار ٻيو
ڪير ٺاري،
فراقن جيون ڦوڪون ڏيو مچ مچائي.
ڪيو قيد ڪامل وجهي ڪيسَ ڪارا، سڪايل جا ويڙا چُڪي
سڀ سهارا،
هَلان حُڪم تي جيئن ٿو حاڪم هلائي.
هِتي حسرت وغم ۽ ارمان ايندا، مِڙي ماڻهو مهڻا ۽
طعنا به ڏيندا،
ڪو نيهي اهي سورَ سِر تي سَهائي.
وئي ننڊ نيڻن مان اصلئون اُڏامي، حڪيمن ڇڏي هاڻ
همت ۽ حامي،
ويا ويڄَ ڦَڪيون وري سڀ ورائي.
اهو
’عارفا‘ عشق آهي اڙانگو، مٿي تي ملامت جو کڻڻو آ دانگو،
انهيءَ پِڙ ۾ ڪو مرد ٿي پير پائي.
·
”سليم“ ڳاڙهوي
سياري جون ڊگهيون راتيون،
ڊگهاغم ۽ ڊگهيون باتيون.
محبت جي مريضن کي،
ڪُهن ٿيون قرب جو ڪاتيون.
جلائي عشق جي آتش،
وَسايون برهه برساتيون.
اُٿي ٿي آهَ اندر مان،
سُڻي ڪوئل سَنديون لاتيون.
وڇوڙي جا وڏا صدما،
ڏڪن ٿيون ڏيل ۾ ڇاتيون.
’سليم‘
اڪثر سنڀاليان ٿي،
حبيبن جون ملاقاتيون.
·
ولي محمد ”وفا“
ڇوٿو وڃڻ جون وايون وارين،
آءُ ته گهڙي ڪا گڏجي گهاريون.
ڪارا ڪاڪل جڏهن سنوارين، مشتاقن کي موهيو مارين،
ترس نٿو ڪو هڪ تِر ڌارين.
نيڻ کڻيو ٿو جڏهن نهارين، رستي ويندي راهي
بيهارين،
مفت مسافر مٺڙامارين.
ڪوڙا دلاسا ڏيئي ڌتارين، وعدا ڪريو، وريو وسارين،
ڪين ڪڏهن ٿو پيارل پارين.
ڏکڙا ڏيئي ڏيل ٿو ڏارين، ڪين ”وفا“ وٽ پَل به
گذارين،
هر دم دور ئي دور ٿو گهارين.
·
”نديم“ انصاري
تنهنجي اکڙين جا ته اسير ٿيا، شهمير گهڻا مهمير
گهڻا،
کسي شاهي تخت فقير ڪيا، تنهنجي ناز ڀري تصوير
گهڻا.
ڪڇي ڪاريون ڪجليون ڪانَ هڻن،
ڀري پنبڻين جا پيڪان هڻن،
گهائي گهات ڪيا ماري مات ڪيا، انهن ترڇين جي تڪبير
گهڻا.
وڃي اکڙيون اڻانگي جاءِ اڙن،
سوا دل جي ٻئي ڪنهن جي نه ٻُڌن،
ڦڪيون فرق نه ڪن، واريو ويڄ وڃن،انهيءَ اهنج سندا
اڪسير گهڻا.
ڪري ناز
’نديم‘
نوائن ٿيون،
متيون مرڪڻ ساڻ منجهائن ٿيون،
ٿين دولهه ۽ داناءَ اچي، انهيءَ در تي دامنگير
گهڻا.
·
بهاول خان لغاري
مون کي ساڻ نِيو نِيو_
ٻاروچا! ٻانهي ڪري.
هاڻي هت ڀنڀور ۾، ويهڻ وِههُ ٿِيو ٿِيو.
اوٺين اُٺَ پلاڻِيا، سنجهي ساٿ وِيو
وِيو.
وڃڻ ويلِ مُٺيءَ کي، پَرو ڪونه پِيو پِيو.
”بهاول“ چئي ڏُکيءَ سان، ڪيچن قهر ڪيو ڪيو.
·
حافظ محمد ”احسن“ چنا
پرچ پرين تون پاڻ سڃاڻ_ معاف مدايون ڪر تون
منهنجون.
لطف جي تو وٽ ڪانه ڪمي آهه، ڪا جا مون ۾ آهي ڪاڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
ڪين ڪچايون ڏس تون منهنجون، عيب نظر ۾ ڪينڪي آڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
لالڻ! ڪر تون لائق پنهنجا، اي ساٿ ڌڻي سرواڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
باقي الاجي ڇاهي حياتي، هوت هلي آءُ هيڏي هاڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
سفر حضر ۾ قبر حشر ۾، محب تون هججان مون سان ساڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
’احسن‘
کي تنهنجي وات ۾ وائي، هي تات طلب آ روح رِهاڻ،
معاف مدايون ڪر تون منهنجون.
·
خادم حسين ”خادم“ خانپوري
اسين رمز رنديءَ ۾ آهيون،
پنهنجي يارَ سان روح ريجهايون.
پهرين محبت مچڙا مچائي، منجهه پاڻ، پتنگ جئن
پچائي،
سانگو سِر ۽ ساهه جو لاهيون.
اسان عشق سان جنگڙي جوڙي، بيهون نيزا نينهن جا
کوڙي،
تِکي ڪاتَ سان ڪندڙو ڪپايون.
رکون وحدت سان روحِي رايو، ڀِت ڪوڙي ڀَرَ مَ جي
ڊاهيو،
وکَ وصل ڏي پيا وڌايون.
چڙهي عشق جي موج ۽ مستي، اها ڏاتِ مليسون الستي،
نَچي ”خادم“ نينهڙو نڀايون.
·
مير حسين
بخش ”مخفي“
ڏني دل مون توکي هي اقرار آهه،
قسم تنهنجو توسان سندم پيار آهه.
هَنيُي تير نظرن جا جيڪي مٺا، رکي مون اکين تي سي
سڀئي سٺا،
رکيل تنهنجي رخ ۾ ڪو اسرار آهه.
آڻي ساهه جي توسان وئي آ اڙي، سوا تنهنجي گذري نٿي
ڪا گهڙي،
اوهان جي ڪيو برهه بيمار آهه.
هي
’مخفي‘
جي آ آرزو اي مٺا، ٿيان دم نه توکان اي جاني جُدا،
کپي سِرُ ته حاضر، نه انڪار آهه.
وايون
·
شيخ ”اياز“
سنڌڙيءَ ساٿُ سَچوم، ڪوري ڪَنڌُ ڏنوم_
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
شال نه اڳتي اوجهَران، پَرتي پنڌُ پيوم_
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
مينديءَ گاڏڙ رَتّ سان، سارو رِڻ ّ رتوم_
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
مون وٽ ٽِم ٽِم ڏيئَڙا، ڇا جي سِج ّ ٻُڏوم!
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
ڪاري وارُ ڪَٽارُ جو، جو جو گيتُ چيوم_
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
ڍاٽي! پير ڍڪِجّو، جِي هي جيءُ ڊَٺوم_
گهوريس گهوريس سِنڌُ تي.
·
”تنوير“ عباسي
من اُڏري آڪاس_
تَن تي سَنگهر رُڪ جا.
منهنجو مذهب ماڻهپو، مرون کائن ماس،
تَن تي سَنگهر رُڪ جا.
جَڳ کي مُشڪ عنبير جو ڏيئي وڃبو واس،
تَن تي سَنگهر رُڪ جا.
جَر جَر جرڪي جوت ڏئي، منهنجو من الماس،
تَن تي سَنگهر رُڪ جا.
چوڏس ڏات مدام آ، ٿيندي ناهي اُماس،
تَن تي سَنگهر رُڪ جا. |