خطاب عام-مسٽر اي-ڪي بروهي صاحب
شام جو 30-6 بجه عام اجلاس ۾ مسٽر اي-ڪي بروهيءَ
عام خطاب ڪيو. سندس خطاب علامه آءِ-آءِ قاضي صاحب
جي خيالات تي مشتمل هو. دلائل، مباحث، آيات قرآنيه
سڀ ساڳيا هئا.
اول ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ تقرير ڪئي ۽ ٻڌايو
ته-
(”مشڪل سي مسٽر بروهي کو يهان لاني مين کاميابي
هوئي، آپ تقرير کي بعد، کسي کيس کي کاغذات بنائين
گي اور صبح کو لاهور تشريف لي جاني والي هين.“)
بروهي فرمايو:
”دنيا ۾ شروعات کان هڪ دين رهندو آيو آهي. اسلام،
هنن جي ڪامل ۽ مڪمل صورت آهي. جنهن بعد ڪنهن به
نئين رسول جي اچڻ جي ڪا ضورت نه رهي آهي.“
فرمايائين:
”اسلام هڪ عالمگير دين آهي، جنهن تمام نسلي ۽ ملڪي
رشتا ختم ڪري، تمام انسانن جي درميان روحاني
برادريءَ جي رشتي قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، ۽
فريضه حج جو اصل مقصد آهي ته دنيا جي هر حصي جا
انسان بغير ڪنهن نسلي ۽ عصبي امتياز جي، هڪ هنڌ
اچي گڏ ٿي وڃن، ۽ پنهنجي هڪ هجڻ جو عملي مظاهرو
ڪن.“
”اهو غلط آهي ته دنيا ۾ ڪيترا ’دين‘ آهن. دين صرف
هڪ آهي جو آدم عليه السلام کان هلندو ٿو اچي. ۽
رسول ڪريم جي آمد سان ان کي پايهء تڪميل تي پهچايو
ويو ۽ ان جي مڪمل هجڻ جو اعلان ڪيو ويو.“
مسٽر بروهيءَ چيو:
”هن وقت دنيا ۾ ٽن بتن کي خدا بنايو ويو آهي، جي
آهن قوم، وطن ۽ دولت! ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو
اڄ دنيا ۾، عالمي برادريءَ جي جڳهه تي، 102 ملڪ
قائم ٿي ويا آهن حالانڪ الله صرف هڪ آدم پيدا ڪيو
آهي.“
باقي ساري تقرير علامه آءِ، آءِ، قاضي جي ڪالهوڪي
تقرير وانگر هئي.
آخر ۾ جناب رضي الدين صديقيءَ، وائس چانسيلر سنڌ
يونيورسٽيءَ، نهايت ماثر ۽ دلسوز انداز ۾ اختتامي
تقرير ڪئي، ۽ چيائين.
”چيو ويو آهي ته ’ان من الشعر الحڪمة و ان
منالبيان السحرآ‘ بعض اشعار حڪمت ٿين ٿا، ۽ بعض
بيان جادو. بروهي صاحب جي طرز بيان تي مٿيون قول
صادق آهي. سندن بيان ۾ سحرانگيزي ۽ جادو بياني
موجود آهي. آءٌ دوباره متمنّي آهيان، ته وري ڪو
جلد موقعو ملي، جيئن بروهي صاحب جي بيان ۽ خيالات
کان مستفيد ٿيون. ان کان پوءِ هڪ اردو شعر
پڙهيائين، جنهن جو مفهوم اهو هو ته ڪو ڪلام، حسن
۽حق جو آئينو ٿئي ٿو.“
ان کان پوءِ اجلاس پورو ٿيو.
14-جنوري 63ع
14-جنوري 63ع تي مند و بين، شاهه لطيف رحه جي
زيارت لاءِ ڀٽ شاهه، روانا ٿيا، ان سلسلي ۾ پير
جهنڊي جو مشهور عالم ڪتبخانو به ڏٺائون، افسوس اهو
آهي ته اهو ڪتبخانو، جو ڪڏهن ته دنيا جي وڏن وڏن
ڪتبخانن ۾ شمار ٿيندو هو، اڄ خسته حال ۽ پائمال ٿي
چڪو آهي، بزرگن جي باهمي اختلاف، ڪتبخانه کي به
تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو ڪنهن ڪتاب جا
پاٺي سميت پنجاهه صفحا، هڪ هنڌ محفوظ آهن ته ٻيا
چار سؤ صفحا ۽ پويون پاٺو، ٻئ ڪتبخاني ۾ پوين
پساهن ۾ آهي! هي اهو ڪتبخانو آهي، جنهن جي تعريف
سيد سلمان ندويءَ، مولانا سنڌيءَ، مولانا ٿانويءَ
پارن ڪئي آهي، جنهن مان ’طبقات ابن سعد‘ جو نسخو
مليو جو برلن ۾ ڇپيو آهي. ان جو قلمي نسخو،
دارالمعارف عثمانيه دکن ۾ آهي، ان طرح تازو علامه
عبدالبر جو هڪ فن حديث جو ڪتاب جو پوري دنيا ۾
ناياب هو، اهو فقط جهنڊي ۾ لڌو، ان لاءِ تيونس
مان هڪ وفد آيو هو، جي نقل ڪري پاڻ سان کڻي ويا،
ان قسم جي ’نوادرات‘ کان پير جهنڊه لئبرري پوري
دنيا ۾ مشهور هئي، اڄ ان جي حالت تي افسوس ٿو ٿئي.
واپس ورندي، هالا ۾، حضرت مخدوم زمان طالب الوليٰ،
وٽ مند و بينن 30-1 بجي پر تڪلف دعوت ۾ شرڪت ڪئي.
چند تقريرن جو اقتباس
مٿينءَ ڪار گذاريءَ ۾، اختصار سان ڪن بزرگن جي
تقريرن جا اقتباس آهن ته ڪن جا فقط حوالا آهن.
مناسب ائين سمجهيو ويو ته تقريرن جا ڪجهه مفصل نوٽ
پڻ ناظرين ’مهراڻ‘ اڳيان آڻيون، جيئن هو سمجهي
سگهن ته موجوده دور ۾ علماء اسلام، اسلام جي تعبير
متعلق ڇا چئي رهيا آهن. اسلام، جو ’دين الفطرت‘
آهي؛ ان جي ترجماني ڪهڙي نموني ٿي رهي آهي، ان کان
سواءِ اهل-فڪر حضرات پڻ جا چين ته اسان جي علماء
ڪرام جي فڪري ۽ نظري صحت جو ڇا حال آهي.
ان سلسلي ۾ چند اهم ۽ مخصوص تقريرن جا اقتباس پيش
ڪجن ٿا.
خطبه صدارت، مطالع حديث
مولانا عبدالحامد صاحب بدايوني قادري، پنهنجي خطبه
۾ فن حديث متعلق فرمايو:
”’علم حديث‘ اسان وٽ ٻن طرحن سان قابل توجهه آهي؛
هڪ اعتقادي، ۽ ٻيو اصولي. مان اعتقاد تي زياده زور
ڏيندي، عرض ڪندس ته اعتقاد ۽ عقيدو دنيا جي مذهبن
لاءِ بنياد جو حڪم رکن ٿا...
”جن ماڻهن قرآن ۽ حيات نبويه کي غور سان مطالع ڪيو
آهي، اهي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته جيئن قرآن پاڪ
زندگيءَ جي لاءِ ڪامل ’صحيفه حيات‘ آهي. بلڪل ان
طرح حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جو موجود گرامي
ئي آهي، جو قرآن ڪريم جي هڪ هڪ لفظ جو شارح به آهي
۽ مفسر به.“
”اگر حضور جي شخصيت ۽ حديث کي قرآن کان جدا ڪيو
ويندو يا ائين چيو ويندو ته قرآن کان پوءِ حديث جي
ضرورت ئي ڪانه آهي، ته پوءِ معاني- قرآن ۽ شريعت
مطهره جا سڀ مسئلا، عبادات، معاملات، ۽ اخلاقيات،
وجود باري تعاليٰ، اعمال ۽ افعال مان ڪهڙو ڪو هڪ
اڌ مسئلو آهي؛ جو حضور ڪريم جن جي ارشادات عاليه
کان سواءِ مڪمل چئي سگهجي، يا سمجهه ۾ اچي سگهي.“
”قرآن تي، ۽ ان جي علوم تي، سنت ۽ حديث جي فهم و
بصيرت، ۽ حضور جي هدايت ۽ ارشادات کان سواءِ، عبور
حاصل ٿي نٿو سگهي.“
”حديث جي منڪرن مان ڪوبه اهڙي جرات ڪري نٿو سگهي،
ته صحابه ڪرام تائين رڳو قرآن پهچايو ويو آهي، ۽
قرآن جي معاني ۽ مطالب کي، حضور جي ٻڌايل معاني
کان سواءِ پنهنجي عقل ۽ فهم جي مطابق اخذ ڪندا
هئا. حضور جي ذات ئي قرآن جي معاني ۽ اسرار جي
حامل هئي. ۽ سڀ صحابه حضور جي ارشادات ۽ عمل جي
هدايت ۾، قرآني علوم ۽ احڪام کان مستفيد ٿيندا
هئا.“
”اهاديث و سنت جو اهوئي درجو هو جو محدثن، شارحن
۽ محققن قرآن سان گڏ حديث کي به فقهي احڪامات جي
اخذ ڪرڻ لاءِ بنياد قرار ڏنو ۽ مسئلن کي ترتيب
ڏئي، اسان جي دين جا سڀ ابواب ۽ فصل مرتب ڪيا.“
”علم حديث، هڪ اهڙي تاريخ آهي، جنهن جو سلسلو،
حضور تائين روايات صحيح سان ملي ٿو.“
”رازي، غزالي، امام ابو حنيفه، شيخ عبدالحق دهلوي،
حضرت شاهه ولي الله دهلوي، اڄ کان صديون اڳ،
پنهنجي ايمان ۽ معتقدات جي پختگيءَ سان گڏ، عقلي
فلسفي اعتبار سان به عبور رکندڙ هئا. انهن ۽ ٻين
محدثن هڪ هڪ حديث جي تلاش ۽ جستجو، تحقيق ۽ تنقيد
لاءِ سخت جدوجهد ڪئي. ’ضعيف‘ کي ’قويءَ‘ کان جدا
ڪرڻ لاءِ جدا جدا فن بنايائون، ۽ ’موضوعات جوزي‘
جا نالي موضوع حديثون گڏ ڪيائون. ماڻهو ريسرچ جو
نالو ته وٺن ٿا، پر محدثن کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي
ماڻهوءَ ڪهڙي ريسرچ ڪئي آهي؟“
خطبه صدارت، علوم القرآن
قاضي نورالحق ندوي، ڊين آف اسلاميات پشاور
يونيورسٽيءَ چيو:
”عهد نبويءَ ۾ علم دور ان حد تي هو، جنهن جو مثال
نٿو ملي سگهي. چنانچه ’صفا‘ جي ڀرسان، بيت ارقم ۾
سڀ کان پهرين اسلامي درسگاهه قائم ڪئي وئي. حضور
ان دانشڪده جا معلم هئا. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي
سڀ کان وڏي امي معلم صلي الله عليه وسلم جن ’آمين‘
جي هڪ وڏي قوم ٽيويهن سالن ۾ بنائي، جا مهذب ۽
تعليم يافته هئي.“
”مديني ۾ سڀ کان وڏي درسگاهه خود مسجد نبوي هئي،
جنهن جو صُفہ (چبوتڙو) علمي جامعيت جي حيثيت سان،
ڪمالات جي بلنديءَ جي چوٽين تي هئي. ان ئي درسگاهه
مان صحابه ڪرام جي وڏي جماعت مستفيد ٿي، جن مان ڪي
عالم، عابد، مجاهد، غازي، منتظم، سياستدان ۽ حاڪم
ٿيا. ۽ انهن زنگيءَ جي هر شعبي ۾ وڏيون خدمتون
ڪيون آهن.“
”قرآن، انسانيت جي لاءِ دين ۽ دنيا جي فلاح لاءِ
دائمي دستور العمل آهي.“
”ان دور ۾ قرآن جي علمي ۽ عملي تشريح، حضور جي قول
۽ عمل سان ڪئي ويندي هئي.“
”قرآن حضور ذات گراميءَ ۾ متشڪل ٿي چڪو هو، ۽
حضور جي ذات سراپا قرآن بنجي چڪي هئي. حضور جي ذات
قرآن جي انوار جي زنده تصوير هئي.“
”ان طرح خلفائي راشدين جي دور ۾ قرآن ۽ سنت موجب
تعليم جو بندوبست هو. حضرت عمر جي وقت ۾، مفتوح
ممالڪ ۾ مدرسا قائم ٿيا. ان دور ۾ هر مسجد کي
’درسگاهه‘ هجڻ جوپڻ شرف حاصل هو. ان دور ۾ معلمن ۽
شاگردن کي باقاعده وظيفا ملندا هئا.“
”هن وقت هزار سالن کان پوءِ نظر ٿو اچي ته دين ۽
دنيا جي تعليم کي جدا جدا ڪيو ويو آهي، حالانڪ اڳ
ائين نه هو. اسلام جامع نطام آهي، ان ۾ دين ۽ دنيا
جي ڪابه دئي ڪانه آهي.“
”اڄ ضرورت آهي ته ثانوي ۽ اعليٰ تعليمي مرحلن ۾
ديني علوم کي اختياري ۽ لازمي قرار ڏنو وڃي، ۽
ٻنهين حيثيتن تي مشتمل نظام ۽ نصاب بنايو وڃي،
جيئن ملڪ جا زياده کان زياده ماڻهو، علم دين کان
مستفيد ٿي سگهن.“
اسلام ۽ ٻيا مذهب
علامه علاءالدين صديقيءَ پنهنجي صدارتي تقرير ۾
فرمايو ته:
اسلام امن ۽ سلامتيءَ جو دين آهي. عربي جي اِن لفظ
سان صلح ۽ سلامتيءَ جو بنيادي تصور وابسته آهي.
سندس مطلب ’اطاعت و فرمابرداري‘ پڻ آهي. اصطلاحي
طور اسلام، مشيت الاهي آڏو چون چرا کان سواءِ، سر
تسليم خم ڪرڻ ۽ مخلوقات سان امن و اصلاح سان
تعلقات نباهڻ کي چئجي ٿو.
”اَمن“، قرآن مطابق ”الله رحيم جو پيغام آهي“-(
58،36) اسلام، جيئن سندس دعويٰ ۽ اعتقاد آهي، پوري
انسانذات جو مذهب آهي. سڀيئي پيغمبر اسلام جا مبلغ
هئا. قرآن انهن کي هادي ٿو چوي. انهن خدا جي
منشاء مطابق انسانن جي مختلف گروهن کي ’امن و
سلامتي‘ جي تلقين ڪئي ۽ کين برائيءَ کان بچڻ جي
هدايت ڪئي.
”تحقيق اسان هر قوم ڏانهن پنهنجو هادي ان ئي پيغام
سان موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ برائي کان
بچو“ (قرآن 16:36)
اهڙيءَ طرح اِسلام مطابق زندگيءَ جو صحيح طريقو
اهوئي قرار ڏنو ويو ته انسان، الله جي موڪليل
هدايت موجب زندگي جي هر تحريڪ ۾ سندس تابعداري
ڪندو رهي، اهائي انسانيت ۽ مذهب جي اصليت جي تقاضا
آهي. قرآن جون هي آيتون به ان ئي نقطهء نظر کي
ظاهر ڪن ٿيون: ”بلاشڪ الله جو پسنديده دين اسلام
آهي“ (31:8) ”۽ ڪو به اسلام کان سواءِ ٻئي ڪنهن
طريقي جي تلاش ڪندو ته اُهو هرگز هُن کان قبول نه
ڪيو ويندو ۽ هو آخرت ۾ خساري ۾ ويندو.“ (3،84)
اهڙيءَ طرح اسلام مطابق حضرت مُحَمـَّد صلي الله
عليه وسلم جو دين ڪو نئون دين نه آهي، اهو عالمگير
دين، انسانذات جي عين ضرورتن ۽ تقاضائن مطابق آهي
۽ اهوئي دين فطرت پڻ آهي.“
”ڇا پوءِ هو الله جي دين کان سواءِ ٻئي ڪنهن دين
جي تلاش ڪن ٿا؟ (ياد رکو) آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي
ڪجهه آهي، سو ارادي يا غير ارادي طور سندس ئي
تابعداري ۾ آهي، ۽ سڀڪجهه هُن ڏانهن ئي موٽايو
ويندو.“ (قرآن 3:82)
مذهب اسلام جو بنياد، انساني فطرت جي بنيادي
ضرورتن ۽ تقاضائن ۽ قوانين فطرت تي آهي. ان حيثيت
سان اسلام، عالمگير فطري ۽ انساني مذهب آهي، ۽
سندس تحريڪ جو بنيادي مقصد اِهوئي آهي ته هڪ طرف
خدا ۽ انسان ۽ ٻئي طرف انسان ۽ انسان جي باهمي
تعلقات ۾ اعتدال، اَمُن ۽ اصلاح پيدا ڪيو وڃي.
جان (Jhon)
چوي ٿو ته موسيٰ عليه السلام پاڻ سان قانون کڻي
آيو، عيسيٰ عليه اسلام حُسن سلوڪ (احسان) جو
علمبردار ٿي آيو، يعني سندن تعليم ۾ ’قرآن ۽ احسان
کي نمايان حيثيت ڏني ويئي ۽ ساڳيءَ طرح جيڪڏهن
اسان مطالع اسلام بنا تي ڪنهن اَهڙي راءِ قائم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪنداسون ته اُها هن طرح ٿيندي:
’موسي ’قانون‘ کي اهميت ڏني. عيسيٰ ’احسان‘ تي زور
ڏنو ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ’قانون ۽
تحسين‘ کان سواءِ ’امن ۽ صلح‘ کي زندگيءَ جي نصب
العين جي حيثيت سان اهم قرار ڏنو. زندگي جي قدرن ((Velues
۾ اسلام جنهن اَهميت سان ’اَمن‘
جي قدر کي اُتم ۽ اهم قرار ٿو ڏئي ۽ ان کي
’انساني‘ ضرورت ٿو سڏي، ان جي حيثيت، سلامتيءَ جي
ان دعا مان نمايان آهي، جيڪا هر مسلمان هر روز پنج
ڀيرا دهرائي ٿو:
”اي رب تون امن جو سرچشمو آهين. تو وٽان ئي
سلامتيءَ جو نزوُل ٿئي ٿو ۽ تو ڏانهن سلامتي جي
موٽ ٿئي ٿي. اسان کي سلامتيءَ ۾“ رک ۽ اسان کي
سلامتيءَ جي ابدي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي صلاحيت
عطا ڪري.“
اسلام ۽ ٻيا مذهب
”اسلام جو ’نظريه هدايت خصوصي طرح ”وحدت تخليق
ڪائنات“ جي افهام ۽ تفهيم ۽ استدلال جي بنياد تي
قائم آهي ۽ ان سان گڏ انسانذات جي وحدت ۽ هدايت
الاهيءَ جي وحدت سان به ان جو ڳُوڙهو تعلق آهي.“
”اسلام انسانذات کي هڪ ’ڪليه‘ جي حيثيت ٿو ڏئي يا
پيغمبر عليه الصوات والسلام جي قول مطابق
’انسانذات، الله واحد جو هڪ ڪٽنب آهي.‘ هن جي
تخليق هڪ آهي، ان جي فطرت هڪ آهي، ۽ ان جي ڪائنات
به هڪ آهي، ان جون تقاضائون هڪجهڙيون ۽ انهن جا حل
هڪجهڙا آهن. ان جا حاصل ساڳيا، ان جا لاحاصل به
ساڳيا. اُن جا مسئلا ۽ مشڪلاتون ساڳيون، مصيبتون ۽
تڪليفون به ساڳيون، ۽ اهڙيءَ طرح انهن سڀني جو
آخري ۽ واحد حل به ساڳيوئي هئڻ گهرجي. ان جو
اجتماعي طريقهء زندگي به ساڳيو هئڻ کپي، يعني هڪ
مسلسل ۽ موزون پروگرام جنهن جو بنياد سڀني جي
ترقيءَ ۽ سلامتيءَ تي آهي.“
’تصور ڪائنات ۽ مسائل زندگي‘ براه راست قرآني
بنياد تي آهي-الله جي هن پاڪ ڪتاب مطابق، هن پوري
ڪائنات ۽ انسانذات ٻنهين جو خالق ۽ پروردگار
’الله‘ آهي.
”عظمت ۽ پاڪائي بيان ڪر اُن رب جي، جو سڀ کان
مٿاهون آهي۽ جو تخليق ۽ تڪميل جو صاحب آهي ۽ جنهن
توازن قائم ڪيو آهي ۽ سڀني کي هدايت ڪئي آهي.“
(قرآن 1-3؛87)
”الله انسان کي بهترين نوع تي خلقيو.“ (قرآن 4،
95) ۽ سندس نسل کي وڏي تعداد ۾ پکيڙي ڇڏيو جيئن هو
سندس حڪمن موجب پنهنجا فرض بجا آڻين.“
”دنيان جا انسانو، پنهنجي رب جي فرضن کي ياد رکو،
جنهن اوهان کي هڪ ئي وجود مان پيدا ڪيو، ۽ سندس
مادي کي به ان ساڳيءَ جنس مان خلقيو، ۽ انهن ٻن
مان ٻين گهڻن مردن ۽ عورتن کي پيدا ڪيو.“ (قرآن
4،1)
”ڪيڏي نه وضاحت سان انسان جي هيڪڙائيءَ ۽ وحدت تي
هت زور ڏنو ويو آهي، انسانذات جي واحد اصليت کي
سمجهڻ، اسلام جي تحريڪ کي سمجهڻ، جي گويا ابتدا
آهي.“
”اڳتي هلي قرآن اسان جي رهنمائي لاءِ فقط هڪ ئي
’ذريعهء هدايت‘ بيان ڪيو آهي ته صحيح ۽ غلط جي پرک
جي بنيادي ۽ اصولي ڪسوٽي سڄي انساني نسل جي عام
ملڪيت آهي.“
”عقل ۽ بصيرت ڪنهن ڌر يا ڪنهن هڪ قوم جي ملڪيت نه
آهي، ۽ هت هڪ هَٽـِي آهي ئي ڪانه_سڀني لاءِ، سندن
ضرورتن موجب ان ۾ هڪجهڙو حصو آهي. انسان جتي به
’قوت هدايت‘ جي صحيح استعمال ۾ ناڪامياب ٿي ٿيو،
اتي رهبرن، هادين ۽ پيغمبرن ان کي ان جي صحيح عمل
ٿي سيکاريو ۽ شناس جي اصولن ڏانهن کيس رجوع ٿي
ڪيو. اسلامي تعليمات مطابق اهو هڪ عالمگير پهلو
آهي.“
”اهڙي ڪا قوم نه آهي جنهن ڏي ڊيڄاريندڙ نه موڪليو
ويو هجي.“
(قرآن 24، 25)
”هر قوم لاءِ هادي آهي.“ (قرآن 47، 10)
اسلام راه، هدايت جي لاءِ گويا اِلاهي روشني آهي،
جا مشرق يا مغرب لاءِ محدود ڪانه آهي.ڇاڪاڻ ته:
”الله مشرق ۽ مغرب ٻنهين جو رب آهي.“_ هُن سڀني
لاءِ هدايت کي عام ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اسلام اها
تقاضا ٿو ڪري، هن امر تي يقين رکڻ جي ته گذريل وقت
جي سڀني پيغمبرن لاءِ سندس هدايت جاري هئي، پوءِ
انهن مان ڪن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن ته ڪن جا
نه.“
”اسلام جي اها هڪ خاص خصوصيت آهي ته هن نه فقط
رواداريءَ ۽ بي تعصبيءَ جي تبليغ ڪئي آهي؛ پر
گذريل سڀني پيغمبرن ۽ نبين جي احترام ڪرڻ، ۽ انهن
جي تعليم کي بر حق تسليم ڪرڻ کي پڻ لازمي قرار ڏنو
آهي.“
بين المذاهب جي تعلقات جواهو هڪ بنيادي پٿر آهي
جنهن کي اسلام ۽ فقط اسلام ئي نمايان ڪيو آهي.“
انسان جو مرتبو
”انسان بحيثيت هڪ انسان جي قابل ِ احترام آهي؛ ۽
اهو درجو کيس آدم جي اولاد جي حيثيت ۾ ڏنو ويو
آهي. اسان سڀئي آدم جو اولاد آهيون، اهڙيءَ طرح
سڄي انسانذات ان مرتبي ۾ برابر حصو رکي ٿي.“
”تحقيق اسان انسان کي بهترين طريقي تي خلقيو آهي.“
(قرآن 14: 95)
” ۽ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي مرتبو عطا ڪيو
آهي.“ (قرآن 70: 17)
مساوات انساني
سڀئي انسان هڪ ئي اصليت سان وابستگيءَ سبب پاڻ ۾
برابر آهن. ”انسانو! پنهنجي پروردگار جا فرائض بجا
آڻيو، جنهن اوهان کي هڪ ئي وجود مان خلقيو آهي.“
(قرآن 4:1)
عالمگير هدايت
”سڀني انسانن کي هدايت جي ضرورت آهي، جا سڀني کي
جدا جدا مذهبن ذريعي ڏني ويئي آهي. اسلامي عقيدن ۾
اها ڳالهه (جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي) شامل آهي،
ته الاهي هدايت ڪل عالم کي موڪلي ويئي آهي،
تنهنڪري ان ’آفاقي هدايت‘ کي حاصل ڪندڙ جي حيثيت ۾
دنيا جون سڀئي قومون قابل احترام آهن. انهن کي
درجهء قبوليت کي ان ’هدايت مان ورتل ’تاثر‘ جي بنا
تي پر کڻ گهرجي.“
”اُهي جن ايمان آندو (توڙي) يهودي ۽ نصارا ۽ ستاره
پرست؛ (انهن مان) جيڪو به الله ۽ آخرت تي ايمان
آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، انهن لاءِ سندن پروردگار
وٽان اَجرُ آهي. ۽ انهن لاءِ نه ڪو خوف آهي ۽ نه
اُنهن مان ڪو غمگين ٿيندو.“ (قرآن 2:62)
آخري تحريڪ
اسلام کي مٿئين دليلن جي آڌار تي ئي آخري ۽ مڪمل
مذهب هئڻ جي دعويٰ آهي. ”اڄ جي ڏينهن مون اوهان
لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪيو ۽ پنهنجو فضل اوهان تي
پورو ڪيو ۽ اوهان لاءِ دين اسلام کي منتخب ڪيو.“
(قرآن 8:3)
اها آهي اسلام جي عالمگير اصولن جي مختصر تشريح.
ڊاڪٽر قاضي نبي بخش جي سيمينار ۾ تقرير
تقرير جي شورع ۾ ڊاڪٽر قاضيءَ هيءَ آيت پڙهي: ”يا
ايها الذين آمنوا من يرتدّ منکم عن دينہ فسوف يا
تي الله بقوم يحبّهم و يحبونہ اذلَّة علي
المومنين اعزّة علي الڪافرين يجاهدون في سبيل الله
ولايخافون لومة لائم-ذالڪ فضل الله يؤتيہ من يشاء
والله واسع عليم.“
قرآن حڪيم جي آيت کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش صاحب (
صدر شعبهء فارسي، سنڌ يونيورسٽي) تمهيد طور چيو ته
هينئر توهان يورپ تي اسلام جي (misinfluence)
يا غلط ۽ الٽي اثر (!) بابت تقرير ٻڌي آهي (جنهن
جو حقيقت ۾ موضوع سان ڪو تعلق ڪو نه هو) پر آءٌ
اها ڳالهه ڪونه ڪرڻ آيو آهيان-آءٌ اهو ڏيکارڻ آيو
آهيان ته اسلام يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ ڪهڙو
انقلاب پيدا ڪيو. سو ٻڌايان( ’عيبش گفتي هنرش
نيزبگو.‘ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب يورپ تي اسلام
جي اثر بابت تقرير ڪندي چيو ته:
”اسلام، جرمن قوم ۾ هڪ ذهني ۽ روحاني انقلاب آندو_
جنهن جا مثال جرمن علم ادب ۾ ڪيترا ملندا. مثلاً،
فريڊرش فروئبيل (1782-1852ع) جو ڪنڊرگارٽن تحريڪ
جو باني هو، تنهن تصنيف ”انسان جي تعليم و تربيت“((Menschener
Zichung
۾ توحيد تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي_ڊاڪٽر صاحب ان
ڪتاب مان جرمن زبان ۾ اقتباس پڙهي ٻڌايا ۽ چيائين
ته انهن جو عربي لفظن ۾ هي ترجمو ٿيندو: ’هوالاول
والآخر والظاهر والباطن ومن يؤت الحکمة فقد اوتي
خيراً کثيراً- من عرف نفسہ فقد عرف ربہ هڪ ٽڪري جو
ترجمو لطيف جي لفظن ۾ ڪيائين: ’ وحد تان ڪثرت ٿي،
ڪثرت وحدت ڪُلّ‘.“
ان کان پوءِ جرمني جي مشهور ڊرامانويس، مصّنف ۽
شاعر گوئٽي (1749_ 1832م) جو ذڪر ڪيائين ۽ سندس
”الديوان الشرقي للمولف الغربي“ مان چند شعر پڙهي
ٻڌايائين جن جو ترجمو هنن لفظن ۾ ڪيائين: ”للہ
المشرق والمغرب“_ ”۽اتر ۽ ڏکڻ وارا ملڪ سندس هٿن ۾
سلامتي ماڻين ٿا“- ”جنهن شخص کي پنهنجي ۽ ٻين جي
شناس آهي تنهن کي يقين آهي ته مشرق ۽ مغرب هڪٻئي
کان جدا نٿا ٿي سگهن“_هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي
دوست ايڪرمن کي چيو ته: ”بهترين تربيت جو سرشتو
اسلام جو آهي.“_”آنحضرت صلعم متعلق گوئٽي هڪ ڊگهو
نظم لکيو جو ’Mahomet's
Gesang‘
جي نالي سان مشهور آهي. ان نظم ۾ گوئٽي آنحضرت صلي
الله عليہ آولہ وسلم جي چهري مبارڪ جي هڪ محبت ڀري
تصوير چٽي آهي هن نظم جي ڪن بندن جو ترجمو ڪري
ٻڌايائين جن ۾ گوئيٽي آخر ۾ چوي ٿو: ”آنحضرت جنجي
چهري مبارڪ تي نظر پوڻ سان انسان سندن مفتون ٿي
پوندو.“ اڳتي هلي چوي ٿو ته ”آنحضرت صلعم جي هڪ
نظر مون کي تندرست ڪري ٿي.“
جرمن فيلسوف لائبنز (Leibniz)
(1646-1716ع) متعلق پروفيسر اشپيز جو اقتباس پڙهي
ٻڌايائين ته هو آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي
’دين الفطره‘ جو باني سمجهندو هو. ڊاڪٽر ڪرت
ايئرڊمن جو هڪ ڪتاب ڏيکاري چيائين ته: جرمني،
فرانس ۽ انگلنڊ ۾ يارهين، ٻارهين، تيرهين ۽ چوڏهين
صدين ۾ ديولين ۾ ”الله“ جو لفظ ڀتين تي اڪريل آهي
۽ تصويرن ۾ چٽيل آهي.
تقرير جي آخر ۾ ڊاڪٽر قاضي چيو ته:
”اڄ اسان مسلمانن ۾ هڪ قسم جي ذهني ’لااليٰ
هــٰؤلاء ولااليٰ هـٰوُلاء‘ جي ڪيفيت آهي. جنهن
متعلق قرآن چوي ٿو ته ”نه زندهه آهن نه مرن ٿا“ جي
اسلام عالمي مذهب آهي ۽ هر وقت ۽ هر ملڪ لاءِ آهي
ته پوءِ اسان کي گهرجي ته ان ۾ يقيني ايمان رکي ان
کي مضبوط جهليون ۽ ڪڏهن به ان کي ترڪ نه ڪريون. پر
جي اسلام قابل عمل مذهب نه آهي ته ڇڏيون. حقيقت
هيئن آهي ته اسان جو ايمان ڪمزور آهي ۽ اسان کي
پورو يقين ناهي، يقين کي قرآن ايمان سڏيو.
جيستائين ايمان نه پوندو، تيستائين ان مطابق عمل
ظاهر نه ٿيندو. ان ڪري شروع ۾ قرآن ڪريم جي آيت
پڙهي هئائين، جنهن جي معنيٰ آهي ته ”اي ايمان
وارو! جيڪو توهان مان دين کان منهن موڙيندو ته
الله ٻي قوم آڻيندو جنهن کي هو پيار ڪندو ۽ جيڪي
هن کي پيار ڪندا الخ.“ |