ڪنول
’ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاش‘
(شاهه)
معراج النّبي صلي الله عليہ وسلم
نـِرتـِي تند نـِيازسين، ٻُرائي ٻيجَلَ، |
راجا رتولن ۾، اُونائي اَمُلَ، |
راز ڪيائين راءِ سين، |
ڪنهن موچاريءَ مَهَلِ، |
اَنا آحمدُ بِلامـِيمِ، |
سين هنئين سائلَ، |
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪَلَ، ته هَم_ دوئي، هيڪ ٿيا.
(لطيف)
پيغمبر اسلام، حضرت ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي
ذات بابرڪات، جامعيت ۽ ڪامليت جي حيثيت سان، اسان
جي فهم ۽ علم کان بالا آهي. سندن اَسوهء حيات کي
انساني زندگيءَ لاءِ ’بهترين مثال‘ قرار ڏنو ويو
آهي. سندن حيات طيبه، جو هر هڪ واقعو، انساني فڪر
۽ عمل لاءِ هڪ عظيم ۽ عبرت انگيز سبق رکي ٿو.
’معراج‘ سندن عملي ۽ فڪري، اخلاقي ۽ عملي، بزرگين
۽ بلندين جي انتها آهي. سندن ان عظيم ۽ بلند درجي
واري ارتقاءِ ’معراج‘، انسان تي اهو راز کوليو آهي
ته
که عالم، بشريت کي زد زمين هئي گردون.
’معراج‘ اهو ثابت ڪيو آهي، ته ’تسخير ڪائنات‘
’بشر‘ جي گرفت کان بچي نه ٿي سگهي. ۽ ’ڪائنات‘ جي
تسخير مقصد حيات آهي.
حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو ’معراج‘ انساني
تاريخ ۾ هڪ اهڙو فڪر انگيز، ۽ نادرالوجود واقعو
آهي، جنهن کي مطالع ڪرڻ ۽ سمجهي سگهڻ، کان اسان جو
علم و فڪر، خيال ۽ قياس، دليل ۽ استدلال، وهم ۽
ادراڪ سڀ عاجز ۽ قاصر آهي. اهو هڪ اهڙو انفرادي
واقعو آهي؛ جو فقط هڪ ئي ذات والاصفات، (صلي الله
عليہ وسلم) سان وابسته رهيو.
’انسان‘ جو نشوونما ۽ ارتقاءِ جي ’معراج‘ ۽ ڪمال
جي نه ڪا آهي انتها نه ڪا آهي حد. ان معراج ۽
ڪمال، جو بلند ترين مثال، حضور جو معراج آهي.
بمقامي که رسيدي، نه رسد هيچ نبي؟
اهڙو ’معراج‘ ڪنهن ’بشر‘ ته ڇا ڪنهن پيغمبر کي به
نصيب نه ٿيو. حضرت ابراهيم عليہ السلام کي آفاق،
جو سير ڪرايو ويو، ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام صفت
ڪلام سان ’هم ڪلام ‘ ٿيو.
موسيٰ زهوش رفت، به يڪ جلوهُ صفات
تو عين ذات مي نگري، در تبّسمي!
صلواة ۽ سلام، ان پيغمبر ڪريم تي، جو ’جامعيت‘ جو
صاحب آهي.
آنچه خوبان همه دار ند تو تنهاداري.
’معراج‘ متعلق اسان جي قصور-فهم؛ ۽ ’وحي ۽ نبوت‘
جي مقابلي ۾ اسان جي علم جي ترجماني، هن طرح ڪئي
وئي آهي:
اکنون کرا دماغ کـِــ پرسہ ز باغبان
بلبل چه گفت، گل چه شنيد و صبا چه کرد.
-غ،
م،گ
مرحوم علامه اسد الله شاهه ’فدا‘ ٽکڙائي
شب – معراج
پردو نه رهيو وچ ۾ ڪو حائل، شب معراج.
هو قرب محمد کي هي حاصل، شب- معراج.
دل، طاعتِ، معبود ۾ شاغل، شب معراج،
لب، بخشش امت جي لئي سائل، شب- معراج.
ٿي رحمتِ خالق سندي نازل، شب معراج،
امت کي ڪيئين پاڻ سان شامل، شب-معراج.
جز نُور جي آيو نه نظر، فرش کان تا عرش،
خالق سين جڏهن پاڻ ٿيا واصل، شب-معراج.
هڪ لحظي ۾ ’قوسين‘ جي مسند تي مڪين ٿيا،
’ادنيٰ‘ هي سندن لاءِ ٿي منزل، شب-معراج.
موسيٰ کي نه ٿئو، طور تي مقصد اُوميسّر،
حضرت کي هو، جيڪي ٿئو حاصل، شب معراج.
روزن جو، نمازن جو، عبادت جو، خطا جو،
امت سندو آسان ٿئو مشڪل، شب-معراج.
سوزان ٿئا، جتي ’طائر-سدره‘ جا پروبال،
محبوب خدا ات ٿئو، داخل، شب معراج.
ٿي عرش کان تا فرش ندا ’صل على‘ جي،
ٿئا حورو ملڪ، نعت ۾ شاغل، شب معراج.
هن ڳالهه ۾ ڪو شبهو نه شڪ آهه ’فدا‘ ٿئو،
ابليس ٿئو پابند- سلاسل، شط معراج.
بانيء پاڪستان
انسان جي تاريخ، آزاديءَ ۽ غلاميءَ جي ڪشمڪش ۽
جدوجهد جو هڪ عظيم داستان آهي. جڏهن کان وٺي انسان
جنم ورتو آهي، تڏهن کان وٺي، زندگيءَ جي سنوارڻ ۾،
بتدريج ارتقا ڪري رهيو آهي. انسانيت جو قافلو،
پنهنجي منزل مقصود ڏانهن تيز گام ۽ روان دوان آهي.
·
محمد علي جناح ’سرزمين سنڌ‘ جو ’سپوت‘ آهي، جنهن
هندستان جي تاريخ ۾ عظيم انقلاب پيدا ڪيو. جنهن
سلطان ٽيپو، ۽ سراج الدوله، بهادر شاهه ظفر ۽ حيدر
علي جي خواب جو تعبير عملي صورت ۾ ڏيکاريو. جنهن
هڪ اهڙيءَ قوم کي آزادي ۽ جدوجهد لاءِ تيار ڪيو،
جا قوم هرنڪته نظر سان مري چڪي هئي. جنهن اسلامي
نظام جي نفاذ لاءِ هڪ مستقل ۽ مضبوط خطو حاصلو
ڪيو. جنهن پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وسلم جي
اسوؤحسنه جي اشاعت لاءِ هڪ جڳهه تلاش ڪئي. جنهن هڪ
افسرده ۽ مرده قوم ۾، حدت ۽ حرارت پيدا ڪئي. جنهن
هڪ ڀٽڪيل قافلي کي سنئين دڳ لاتو. جنهن جي آتش
نوائي، هڪ بي زبان قوم کي زبان ڏني. جنهن سؤسالن
جي غلاميءَ واريءَ زنجير کي ٽوڙي وڌو. جنهن فڪر و
نظر جي جولانگاهين لاءِ هڪ ’مرڪز‘ پيدا ڪري ڏنو.
جنهن منتشر عناصر کي ’وحدت‘ جي ڏوريءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ،
هڪ گُر سيکاريو. جنهن قوم کي هڪ درخشان ۽ خوشگوار
زندگيءَ گذارڻ لاءِ؛ وسيلا پيدا ڪري ڏنا. جنهن
مسلمانن کي ذلت جي غارن مان ڪڍي ’تخت ۽ تاج‘
جووارث بنايو. هڪ آزاد سر زمين جو قبصو ڏياريو. ۽
بلند ترين نصب العين آڏو رکيو. جنهن شيخ الهند ۽
علي برادران، عيد الله سنڌي ۽ شاهه ولي الله جي
عبيد خيالات ۽ جهاد کي عملي طرح سان جامو پهرايو.
هڪ ’عظيم مملڪت‘ ۽ وسيع ترين، خطي جي بنياد کي
مضبوط بنايو.
·
مگر اڄ ان خسته حال ۽ درمانده قوم جي حالت زار
ٻڌائي رهي آهي ته هن قوم پنهنجي سربراه ۽ سندس نصب
العين کي عملي طرح نه هلايو آهي. هي نمائشي
ڪاروبار، هي زندگيءَ جو پيچ وخم، هي اخلاقي ۽
معاشرتي نطام، هي فلڪ بوس محلاتون ۽ هي ڪارخانا،
فيڪٽريون، بينڪون ۽ ڀڀڪيدار جايون، ان نصب العين
جي خلاف آهن ۽ روح جو موت ٿي چڪو آهي، الله شل رحم
ڪري.
·
باني پاڪستان جي پيدائش 25-ڊسمبر تي ٿي. ان ڏينهن
تي هر هنڌ چراغان آهي، مسجدن ۾ دعائون آهن، جلسن
۾ تقريرون آهن، وڏن ماڻهن جا بيان آهن، اخبارن جا
خاص نمبر آهن، پر ان ساري هنگامي ۾ ولوله حيات
مفقود، عمل ۽ جدوجهد مفقود! مساوات ۽ اخوت مفقود!
هيڻن جي همراهيءَ جو نه نالو نه نشان! اخلاق ۽
شعور، ايمان ۽ امن، انسان دوستيءَ ۾ حق پسنديءَ جا
جذبا لاموجود!
·
نه اسان وٽ اسلام رهيو آهي ۽ نه اسلامي نظام ۽
عمل. نه اسان جي قومي خصائل جو وجود، نه اسان جي
ماضيءَ جي شاندار ورثي جي حفاظت ۽ اشاعت، نه اسان
جي درخشان روايت ۽ تاريخ جو سونهري دور وري موٽي
آيو! نه اسان جي زندگيءَ کي سنوارڻ جي ڪا ڪوشش رهي
آهي، ۽ نه ڪو صحتمند نشو و نما جي ڪا آرزو. نه ڪو
جدوجهد نه جهاد.”اندهير هو رهاهي، بجلي کي روشني
مين.“
·
اڄوڪو ڏينهن؛ اسان کي جائزي وٺڻ لاءِ مجبور ڪري
رهيو آهي، اسان سوچون، ته اسان ڇا ڇا ڪيو آهي؟
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها! ۽ هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ
گهرجي. اسان جي سربلندي ۽ سرافرازي جا اسباب ڪهڙا
آهن. اهو آهي باني پاڪستان جو پيغام!__غ،م، گرامي
گذارش
تاريخ هڪ ڀيرو لکي ويندي آهي؛ هزار دفعا ورجائي
ويندي آهي، پر هر ڀيري وساري ويندي آهي!
·
’سڪندر‘ وڏي جدوجهد کان پوءِ ايران کي فتح ڪيو ۽
’ڪسريٰ‘ جي عظمت جو نالو نشان مٽائي ڇڏيائين....
فوجون قتل ٿي ويون،.... رعايا ڏولاون ۾ اچي
وئي،.... سر به فلڪ محلاتون مٽيءَ جو ڍير بنجي
ويون،.... امير امراءِ ۽ وزيروزراءِ، سڀ قيد ڪيا
ويا،.... اطلس ۽ ڪيمخواب جا پردا،.... محلات جا
بيش بها غاليچا،چاڪ ڪيا ويا،.... شراب نوشيءَ
جا،جام بلورين، ۽ گردن دراز نفيس ۽ منقش صراحيون
ٽوڙيون ويون،.... ڌن ۽ دولت جا انبار، بي درديءَ
سان لٽيا ويا.... ڪسريٰ جي اولاد کي پابه زنجير،
گـِهِلي سڪندر جي درٻار ۾ آندو ويو،.... ٻانهان ۽
ٻانهيون، قطار در قطار، رَسَن ۾ جڪڙي اچي
بيهاريائون.... سڀني جون نماڻيون نگاهون، سڪندر
جي پرجلال چهري ڏانهن تڪي رهيون هيون،.... سڪندر
نشي ۾ چُور،.... زمين تي ليٽندي؛ اشارن سان حڪم
هلائي رهيو هو.... سندس اکين مان آگ جا الا، نڪري
رهيا هئا.... ڪنهن محل اوچتو رڙ ڪري چيائين:
’هن محلات، کي باهه لڳايو‘000!
سڪندر جا ساٿي ۽ فوجي آفيسر، ششدر ۽ حيران، هڪٻئي
جي منهن ڏانهن نهارڻ لڳاءُ..........ان تردد ۽
تذبذب جي عالم ۾، ..... سڪندر گرجدار آواز ۾ رڙ
ڪري چيو.........’فوراً باهه لڳايو‘!.....سناٽو
ڇانئجي ويو! ڪسريٰ جي اولاد جون ملتجي نگاهون
کڙيون ٿيون،.....خموشيءَ جي زبان ۾؛.... رحم ۽ عفو
جون التجائون، سڪندر ڏانهن سَڃون ويون..... سڪندر
جا علمدار بي جان بُت وانگر...... سڪندر ڏانهن تڪڻ
لڳا.
.......هنگامه خيز ۽ پرشور دربار ۾، موت جي خاموشي
طاري ٿي ويئي... ڪير ڪڇي! وري سڪندر منهن کوليو، ۽
دهشت انگيز ۽ ولولہ خيز انداز ۾ للڪاريائين:....
’فوراً باهه، آڻيو!..... سندس اهلڪارن ۽ عملدارن ۾
ڪابه جنبش ڪانه آئي.... جو جتي هو اتي خاموش ۽ نيم
بيهوش.....!
.....هڪ اڌڙوٽ عورت...
...سندس منهن تي پوڙهپ جون جهريون نمايان...
....سندس ڳل سڪل... پيشاني ويٺل... نڪ ڏنگو...
اکيون چُچيون... بيد لرزان وانگر سندس هٿ ڏڪي
رهيا هئا...
... ڏڪندڙ هٿن سان ... باهه جي مچ مان هڪ اُماڙي
کڻي،...سڪندر جي ويجهو آڻي،...سڪندر جي هٿ ۾
ڏنائين.
سڪندر، اماڙي وٺي... لوڏيندي... بي روح ۽ بي جان،
پابه زنجير ۽ مُهر به لب گروه ڏانهن، آتش فشان
اکين سان گهوريندي،... اماڙي محلات ڏانهن اڇلائي!
...باهه جا شعلا، آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ
لڳا،...... ’محلات‘ جون ڇتيون ۽ ڀتيون، ڀُرڻ
لڳيون،......در ۽ دروازا ٿنڀا ۽ منقش جهلا،...
ٽانڊن جو ڍير ٿي ڪرڻ شروع ٿيا.............محلات
جا سونا ۽ روپا ٿانوَ ۽ منقش جواهرن سان جڙيل
پيالا ۽ مٽڪا، رجڻ لڳا،..... ريشم ۽ اطلس، ڪيمخواب
۽ زريءَ سان جنجهيل پڙدا ۽ بادشاهن ۽ راڻين جا
ڪپڙا، شعلن جي لپيٽ ۾ اچي، رنگن جي انڊلٺ ٺاهي...
باهه جي شعلن تي رقص ڪرڻ لڳا!.... باهه زور وٺندي
وئي.....
.....’سڪندر‘ ۽’ڪسريٰ‘ جي ماڻهن جون نظرون مايوس
ٿينديون ويون....
...سڪندر جو منهن لوساٽجي ڪارو ٿي ويو!...باهه
پنهنجو ڪم پورو ڪيو...شور شر آهستي آهستي جهڪو
ٿيندو ويو...
...محلات، جهٽ کـِنَ ۾ ڇار ۽ سڙيل پٿرن جو ڍير ٿي
ويو...
سڪندر جي دماغ تان نشي جون هلڪيون هلڪيون لهرون
.... لَهَڻ لڳيون،... سندس اکيون ڦاٽي ويون،..
سڙيل محلات جي ڍير، جي... پس منظر ۾،... ڪسريٰ جي
ان محلات کي ڳولڻ لڳو... جا پنهنجي حسين ۽ پيش
بها بادشاهي ساز و سامان سان آراسته پيراسته
هئي،... جنهن ۾ ڪسريٰ،... جلال ۽ احتشام سان،...
حڪم هلائيندو هو،... جتي بيش بها ۽ جواهردار
تلوارونِ لٽڪايون،... هزارين ٻانهان ۽ گولا،...
حفاظت لاءِ پيا ايندا ويندا هئا.... جتي حسين ۽
مهه جبين، راڻيون ۽ سندن ٻانهيون،... پيون گلن
وانگر ٽڙنديون ۽ کلنديون هيون... سڪندر،... عالم
تخيل ۾ محلات جي دور گزشته جي هڪ هڪ مسرت انگيز
گهڙيءَ، عالم کي،.... محسوس ڪرڻ لڳو،.... دردناڪ ۽
دلدوز آوازن سان، سندس ڪَنَ وڄڻ لڳا... وائڙن
وانگر هيڏي هوڏي نهاري... مايوس ۽ وقت انگيز لهجي
۾... آهستي آهستي، چپ چوريائين... ۽ پڇا ڪيائين...
هي ڇا ٿي ويو!... نگاهن ۾ خاموشي... بي جان
ڍانچا،... بي زبان گنگا،... سندس منهن ڏانهن گهور
ڪري نهاريندا رهيا!...
سڪندر...دوباره پڇيو:... هي ڇا ٿي ويو؟...
...ٻڍڙي اڌڙوٽ،... پنهنجي ڌڪندڙ ڪنڌ کي موڙو
ڏئي... ٽڙندي ٿاٻڙندي،... سڪندر جي ويجهو آئي!...
خون ريز ۽ شعله انگيز اکيون ڦاڙي... سڪندر کي
چيائين:... اهو سڀ ڪجهه مون ڪيو، جهان پناهه!!
سڪندر:- ڇو؟
ٻڍڙي:- جهان پناهه،... چند صديون،... هن ڪسريٰ جي
وڏن... منهنجي ابن ڏاڏن جي ملڪ کي تاراج ڪيو
هو،... ۽ محلات کي جلائي خاڪ ڪيو هو،... ها،...
چند سؤ سال اڳ!
سڪندر:- تنهنجو ملڪ ڪهڙو هو؟
ٻڍڙي:- جهان پناهه! جنت نشان، فرشتن جو مسڪن، اسان
جي جنم ڀومي، منهنجي ابن ڏاڏن جو... پيارووطن...!
اسان جي تهذيب جو مرڪز... اها پاڪ خاڪ،جنهن ۾
اسان جي خاندان، اسان جي قوم، ۽ وڏڙن جون پر جلال
’هڏيون‘ مدفون آهن..!
سڪندر:- تو ڇو ائين ڪيو؟
ٻڍڙي:- منهنجي خون جي قطري قطري ۾... پنهنجي پياري
وطن جي اڪير لهرون هڻي رهي هئي؛ هن ڪسريٰ جي محلات
۾ رهندي به،... اهي انتقامي لهرون،... صدين
کان...اسان جو خاندان؛... پنهنجن فاتحن خلاف
سانڍيندو ٿي آيو!...اڄ... اهو... پورو ٿيو!! (ائين
چئي سندس زبان خشڪ ٿي وئي).
سڪندر:- ( پر جلال لهجي ۾)... نمڪحرام... غلام
زادي!!
ٻڍڙي:-ها... ها...، نمڪخوار،... غلام زادي،...
فاتح جي غدار،... پنهنجي وطن جي سڪ جي
امانتدار...! پنهنجي وڏڙن جي انتقام وٺندي سرفراز
۽ باوقار...
سڪندر:-تو وڏو ظلم ڪيو آهي او بدنهاد!... تنهنجي
سزا!
ٻڍڙي:-جهان پناهه!... پنهنجي ’وطن‘ جي خاڪ جي
صدقي... پنهنجي فاتح جي جوش و جلال سان اک
ملائڻ،... ان جي مسرت انگيز جلال کي ساڙي ناس ڪرڻ،
اگر غداري آهي، ته پوءِ آءٌ بيشڪ غدار،.......
منهنجا ابا ڏاڏا غدار،...... منهنجون ارڙهن
پيڙهيون غدار،.... منهنجي سزا... مو...ت...
سڪندر جي پيشانيءَ تي پريشاني جا ليڪا، ڪسريٰ جي
محلات جي اڏامندڙ رک جي مَسُ سان لکجڻ لڳا. ...
سندس زبان خاموش ٿي ويئي... سندس دل جي دڪ دڪ کيس
ٻڌائي رهي هئي ته:
”پنهنجي وطن جي خاڪ جي صدقي. ... پنهنجي فاتح سان
اک ملائڻ،
... ان جي مسرت انگيز جلال کي ساڙي ناس ڪرڻ، اگر
غداري آهي، ته پوءِ آءٌ بيشڪ غدار... منهنجا ابا
ڏاڏا غدار...“
سڪندر، ٻڍڙيءَ کي نڪري وڃڻ جو اشارو ڪيو... ۽ پاڻ
زمين تي ... ٻانهن ڪنڌ هيٺان ڪري... ليٽي پيو!...
اڄ ان ’محلات‘ جو هڪ ’طاق‘ اڃا تائين موجود آهي.
جنهن کي ’طاق ڪسريٰ‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جون
تصويرون دنيا ۾ موجود آهن، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر
چيو آهي:
’بوم بانگي مي زند، بر گنبد افراسياب‘
يعني: چٻرا، افراسياب جي گنبد (طاقِ ڪسريٰ) تي
چرڙاٽ پيا ڪن! ... ته ڪٿي آهي اهو شوڪت و جلال؟
... ڪٿي آهي، ڪسريٰ جو دٻدٻو ۽ ڪروفر...! هي آهي
تاريخ، ۽ ان جي هڪ واقعي جي اصليت...۽ اهميت!
هر دور ۾ ’ڪسريٰ‘ ظلم ڪري ٿو،... هر دور ۾ ’فرشتن
جو مَسّڪن‘ برباد ڪيو وڃي ٿو، ۽ هر دور ۾ ڪا
’ٻُڍڙي‘ ’ڪسريٰ‘ جي محل ۾ تربيت وٺندي رهي ٿي. هر
دور ۾ ڪو نه ڪو ڌاريو، ’سڪندر‘ اچي ٿو، ۽ پرائي
ملڪ کي لٽي به ٿو ۽ باهيون به لڳائي ٿو... ۽ ڪانه
ڪا ’وطن دوست ٻڍڙي‘، باهه جي اَماڙي کڻي، ’سڪندر‘
جي هٿ ۾ ڏئي ٿي... ۽ آخرڪار ان نمڪ پرورده ’ٻڍڙي
عورت‘ کي ’غدار‘ به سڏيو وڃي ٿو... پر هر حال ۾ سر
به فلڪ ’محلات‘ ته سڙي رک جو ڍير ٿي ويو.
آيا ٻڌڙي عورت غدار آهي؟..... ۽ ان جو ’انتقام‘
... عداوت!
يا ’ظلم ۽ ظالم ۽ مظلوم‘ جي هڪ مسلسل تثليث آهي،
جا هلندي اچي ٿي؛ ايامن کان! ...۽ هلندي رهندي
ايامن تائين ...! جيستائين انسان، انسان بنجي. ٻين
جو حق غصب نه ڪري، ڪَسُ کائيءِ انتقام جا اسباب
۽حيلا حوالا وساري ڇڏي.
آخر ’فرشتن جي ملڪ‘ جي حاڪم به ته ڪنهن جو جهڳو
جلايو هوندو يا نه؟ ...۽ ’ڪسريٰ‘ جي وڏن به ته
ڪنهن جو گهر جلايو هوندو يا نه؟ ... جي هائو ...
ته ’ڪسريٰ‘ جي ڪارگذاري به غلط نه چئبي.- ۽
’سڪندر‘ جي ڪارگذاري به غلط نه!... ۽ ’ٻڍڙي‘ جي
وطن دوستي ۽ موقع پرستي به غلط نه!- ڇو؟- ان کي
فرض شناسي نه سڏجي!- البت جي ڪو ڀرپور وارُ،
بروقت، کيس ڪيرائي وجهي ها، ته پوءِ تاريخ جو
داستان ئي ٻيو هجي ها!
اهو هڪ تسلسل آهي؛ ايامن کان- هليو آهي؛ هلي پيو؛
۽ هلندو رهندو! ستجڳ هجي يا ڪلجڳ،-اهو سلسلو،
رهندو ۽ پيو هلندو؛ جيستائين ’انسان‘ سڌري، صلح
پسند ٿئي، پرائو حق غصب نه ڪري، ذاتي مفاد کي نظر
انداز ڪري سگهي، پنهنجي هٿن کي روڪي... ظلم کان ۽
استبداد کان!-
نه ته، تيستائين جيڪي ڪو پوکيندو، سو اَوَس لڻندو،
يا اُنَ جا پويان لڻندا، ۽ ٻڍڙي به جيستائين جيئري
آهي، تيستائين ’سڪندر‘ کي بيهوش ڏسي، پئي
’اماڙيون‘ ڏيندي.- ۽ ڪسريٰ جي محلات کي
ساڙائيندي!-
جو اڄ ظلم ڪندو... سڀاڻي ان جو حساب ڏيندو، زماني
جي خاموش تلوار جو وارُ کيس به ختم ڪندو، ۽ سندس
ٻچن کي به رلائيندو!- ۽ پوءِ سندس ٻچن تي ڪو به
ٻاجهه جو هٿ نه ڌريندو.
تاريخ پنهنجي پاڻ کي دهرائيندي اچي ’ٻڍڙي‘ به
هلندي اچي، سڪندر به هلندو اچي، ڪسريٰ به هليو
اچي!- تلڪ الايام ند اولهابين الناس!-
ڇا؟- اسان جي ادب ۽ ثقافت، تهذيب ۽ تمدن، سرمائيه
حيات، ۽ ذخيرہ بزرگان کي به ڪا ’ٻڍڙي‘ ... اسان
جي نظر کان گسائي، سڪندر کي مدهوش ڏسي؛ ڪا ’اماڙي‘
ته نه ڏئي چڪي آهي!، جنهنڪري، اسان جي ۽ اسان جي
وڏڙن جي پاداش ۾،... باهه جا شعلا، اسان جي اڳئين
۽ موجود ورثي کي جلائي،... آسمان تائين پهچي چڪا
آهن!- ۽ اسان جي بلندين جو محلات، سڙي، کامي،
’طاق، بنجي چڪو آهي،- ۽ جنهن تي ’چٻرا‘ پيا چرڙاٽ
ڪن!- اف! تاريخ ۽ ان جو دهراءُ ۽ و رجاءُ ... آهي
ڪو سمجهڻ وارو! افلاتعقلون، افلايتد بــّرون!-
سچل سرمست (وفات 14-رمضان 1242هه).
·
سچل سرمست، سنڌ جهڙي مردم خيز سرزمين جو اهو در
بي بها آهي، جنهن جي ڪلام ۽ پيغام ۾ روحاني حقائق
۽ انسانيت عامه جو عالمگير اصول ملي ٿو. تصوف جا
ٻه مڪتب فڪر آهن. هڪ نوفلاطوني، اشراقي ۽ اطلاقي،
جنهن جو تعلق يوناني فلسفه ۽ ويدانيت سان آهي. ان
مڪتب فڪر جا شارح منصور، شيخ فريد الدين عطار ۽
رومي آهن. جن جو اصول ’وحدت الوجود‘ آهي. ان نظريي
کي فلسفيانه انداز ۾، ملت مسلمه ۾، شيخ ابن العربي
محي الدين اندلسي بيان ڪيو. جنهن جي شاگرد علامه
قونويءَ کان جلال الدين رومي مستفيد ٿيو. ٻيو مڪتب
فڪر ’وحدت الشهود‘وارن جو آهي، جنهن جو سربراهه
امام رباني مجد د الف ثاني آهي ۽ ان جو مقلد
علامه اقبال آهي. انهن ٻنهين جي فڪرن کي اعتدال تي
آڻڻ وارو شاهه ولي الله محدث دهلوي آهي. جو دراصل
آهي ته وحدت الوجود جو قائل؛ پر ان سان گڏ شطحيات
۽ خرافات، غيرشرعيه عملن ۽ دعواڻن کان پري آهي.
سچل، منصور ۽ عطار جو مداح به آهي، ۽ پوئلڳ به
آهي. ’عطار‘ لاءِ ته ايتري قدر به چوي ٿو ته ”عطار
نه بود آن که خدا بود خدا ٻود! خير.
سنڌ جي جاگيردارانه نظام ۽ مذهبي پيشوائيت يعني
ٿياڪريسيءَ جي سنگم ۽ اتحاد کان پوءِ جا ذهني ۽
فڪري بغاوت پيدا ٿي، انهن باغين مان سچل به هڪ
آهي. افسوس اهو آهي ته سنڌي زبان ۾ سچل جي نظريي ۽
فلسفي جي تشريح لاءِ ڪو به جامع ڪتاب موجود نه
آهي. سچل جو ڪلام عربي، فارسي، هندي، سرائيڪي،
سنڌي ۽ لتاني ۾ موجود آهي. ۽ سندس ڪلام، دنيا جي
وڏن وڏن شاعرن فردوسي، هومر ۽ ڪاليداس ٻارن جي
بيتن کان به ججهو آهي. سندس ڪلام جا بيت 9 لک 36
هزار 6 سو ۽ 6 آهن!
سچل پنهنجي دور جي بي روح مذهب ۽ بي مغز نظام جي
خلاف بغاوت ڪئي، ورنه هو قرآن جو حافظ به هو ۽ صوم
و صلواة جو پابند به هو، ۽ ويحدانيت ۽ رسالت جو
قائل به. افسوس آهي ته بي مغز ۽ تهي دست سارحن سچل
کي لامذهب سڏيندي نه معلوم ڇا ڇا لکيو آهي.سچل
ايڪڊمي ۽ سنڌي ادبي بورڊ تي فرض آهي ته هو محققانه
ريسرچ ڪن. سچل فرمائي ٿو:
صورت سڀ انسان جي اٿئي عشق اصل،
خلق ال آدم علي صورتہء جز و جهڙو ڪُل،
الانسان سري وَانا سرہ، سچ سچل پيو سل،
ٻول نه ٻي ڪنهن ڀل، هـتي هُتي هڪ ٿئي.
سچل سرمست جو ميڙو ۽ فقراءَ جو اجتماع درازن ۾
1-رمضان کان شروع آهي. رحمتہ الله عليه.
تمغه پاڪستان.
·
سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن کي ٻڌي خوشي ٿيندي ته:
جناب مخدوم زمان صاحب، ’طالب الموليٰ‘ سجاده نشين
، غوث الحق مخدوم نوح رحه، ۽ چيئرمين ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ سنڌ، جي علمي، ادبي، تهذيبي، ۽ ثقافتي خدمتن
جي سلسلي ۾، صدر مملڪت محمد ايوب خان، کين ’تمغهء
پاڪستان‘، جو اعزاز بخشيو آهي، ۽ هرکه خدمت کرد او
مخدوم شد! جو صحيح مثال قائم ڪيو آهي.
پاڪستان، پنهنجي آباديءَ جي لحاظ سان، دنيائي
اسلام، ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي، پر صحيح الخيال ۽
دانشمند ماڻهن جي حيثيت سان، هتي قحط الرجال آهي،
مخدوم صاحب جن اگرچه ’نو لک گودڙيءَ‘ جا مالڪ آهن
۽به ظاهر هڪ ’سجاده نشين ۽ پير‘ آهن، ۽ اهڙا ٻيا
ڪيئي پير اسان جي ملڪ ۾ موجود به آهن. پر عملي ۽
ادبي، قومي ۽ ملڪي تعليمي ۽تهذيبي خدمتن جي سلسلي
۾، مخدوم صاحب جن، ’دامي، درمي، ۽ قدمي‘ جا جدوجهد
ڪئي آهي، اها وسارڻ جهڙي نه آهي، سنڌ جا اديب ۽
عالم، ديني علوم جا مدرسا ۽ ادارا، اسپتالون ۽
اسڪول، ڪاليج ۽ طبي مرڪز، سندن توجهات کان ڪڏهن به
محروم نه رهيا آهن. سنڌ جون ادبي جماعتون، ادبي ۽
ثقافتي مرڪز، سندن سرپرستيءَ ۾ هلي رهيا آهن. سندن
علمي ۽ ادبي خدمتن کي اڳيان رکي، سرڪار کين، سنڌي
ادبي بورڊ جي واڳ سونپي آهي.
اسان سندن هن اعزاز تي کين مبارڪباد چئون ٿا. ۽ ان
سان گڏ کين اهو به عرض ٿا ڪريون ته پاڻ کين مهراڻ
جي لاءِ خاص توجهه ڪرڻ فرمائين. جيئن ’بورڊ‘ جو
هي رسالو سندن رشحات- قلم کان ڪڏهن به محروم نه
رهي. سندن ’ڪلام‘ ۽ مقالي کان ڪو به پرچو محروم نه
رهڻ گهرجي.
پير حسام الدين راشديءَ کي نشان سپاس.
·
پير حسام الدين راشدي صاحب، اسان جي سنڌ جو، بقول
سيد سلمان ندوي؛ ”قابل فخر مورّخ“ آهي، سندس علمي
۽ تاريخي، تاليفات ۽ تصنيفات کي علمي ۽ محققانه
حلقن ۾ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
·
پير صاحب جي ڪتابن ۾؛ فارسي ڪتابن جي ايڊٽ ۽ ترتيب
کي امتيازي خصوصيت حاصل آهي. مقالات الشعرء،
مثنوي چنيسر نامه، تڪمله مقالات الشعرء، مثنوي
مظهر الاثار، قصائد فانع، مظهر شاهجهاني، تذڪره
اميرخاني، پنهنجي مواد، فن، ترتيب ۽ طباعت جي لحاظ
سان، بيروني ممالڪ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا
آهن. وڏن وڏن متبحر مستشرقين ۽ ايراني عالمن، انهن
ڪتابن لاءِ؛ پير صاحب راشديءَ ۽ ’سنڌي ادبي بورڊ‘
کي اعتراف ۽ تحسين جا خط لکيا آهن. اسان پنهنجي هڪ
سنڌي دوست، محقق ۽ مورخ جي ان عظيم علمي ڪارنامي
تي، پنهنجي طرفان دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
دراصل اهو اعتراف، ان علمي جدوجهد، مطالع، انتخاب
ڪُتب، ۽ متنوع موضوعات جو آهي جو پير صاحب جي
پوري عمر جو ’سرمايه حيات‘ ۽ باقيات الصّالحات‘
منجهان آهي. |