سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :10

پر ايترو چئبو ته چالو  زماني جي ناول نويسيءَ جي اصولن موجب، اهي عشق ۽ جانبازيءَ جا ڪرامتي قصا، نؤخيز ۽ سنسيءَ جي شوقينن پڙهندڙن کي دلچسپي ڏيئي سگهن ٿا، پر رنگين عبارت کان سواءِ، موضوع جي مدنظر کان انهن جو ادبي درجو گهٽ آهي. تنهن هوندي به ناول جي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر ضروري آهي، ڇو جو انهن جي ذريعي سنڌ جي عام ماڻهن ۾ ناولن پڙهڻ جو خوب شوق پيدا ٿيو هو.

1910ع ڌاري حيدرآباد ۾ مکي سيرومل ساگراڻيءَ هڪ لنبي چوڙي هندي ناول جو  ترجمو اٺاويهن ڀاڱن ۾ ڪيو هو، جنهن جو نالو ”هر دل لذيذ“ عرف ”چندري شاباسنتتي“ هو، ۽ ديوڪي نندلا کتريءَ جي مشهور ناول تان ترجمو ڪيل  هو. هيءُ ناول عياريءَ ۽ طلسم وارن  عجائب ۽ اڌڀت حادثن سان ٽمٽار هو، ۽ عام پڙهندڙن ۾ ايترو اتساهه پيدا ڪيو هئائين، جو ٻئي ٻئي هفتي جڏهن نئون ڀاڱو نڪرڻو هوندو هو، تڏهن پرينءَ بزار ۾، مکي صاحب جي پريس ٻاهران، اٺ اَنا ڪٿان نه ڪٿان پٽي سٽي وڃي ڳاهٽ ٿيندا هئاسون. هيءُ ناول اهڙو ته گرماگرم نانختاين وانگر وڪاڻو جو جلدئي مکي سيرومل ساڳئي سلسلي کي قائم رکندي ؟ڀوتناٿ جي جيوني“ جا چوويهه ڀاڱا به ڪڍيا هئا. هنن ناولن ۾ به جيتوڻيڪ ناشدني ۽ سنسيءَ وارا هزارين واقعا آندل هئا، تنهن هوندي به منجهن آکاڻيءَ جو پورو سلسلو بهاريل هو، ۽ رٿا جي ايڪتا رکيل هئي. منجهن ادبي لياقت اها هئي جو ڪن ڪردارن-مردن توڙي زالن-جي شخصيت اهڙي ته چٽي اُڀاريل هئي جو اهي وسرڻ جا نه آهن ۽ مثالي ڪردار ٿي پيا آهن. جهڙوڪ تيج سنگهه، ڀوتناٿ، ڪماسني ۽ ماياراڻي، جيتوڻيڪ خيالي پرش ۽ ناريون آهن ته به شيڪسپيئر ۽ ڊڪسن جي ڪن ڪردارن وانگر امر ٿي پيا آهن. ٻي علمي خوبي هنن ناولن ۾ اها هئي ته مکي سيرومل، منهنجي خيال ۾، پهريون لکندڙ هو جنهن ڪيترا سولا ۽ سهڻا هندي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ڪري ڇڏيا، ۽ ان جو خزانو وڌايو. تنهن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ اسين فارسي لفظ گهڻا ڪتب آڻيندا هئاسون ۽ هنديءَ ڏانهن پورو ڌيان نه ڏيندا هئاسون.منجهن خاص  ادبي خامي اها هئي جو بيهڪ جون نشانيون عدم پيدا  هيون.“ هر دل لذيذ“ جي پنجويهين ڀاڱي مان مکي صاحب هي هنديءَ-گاڏڙ لکڻيءَ جو نمونو،بيهڪ جي نشانين بنان هن طور آهي:

”پڙهندڙ مهاشيه! توهان کي هن اُپنياس پڙهڻ مان معلوم ٿيو هوندو ته ’هاڻي هيءُ اپنياس سماپتيءَ جي طرف هليو ٿو وڃي‘...هن اپنياس ۾ جيڪي طلسمي ڳالهيون لکيليون آهن، جيتوڻيڪ اُهي ناممڪن نه آهن ۽ وگيان ويتا يا سائنس ڄاڻڻ وارا ضرور چوندا ته ’هاڻ اهڙيون شيون تيار ٿي سگهن ٿيون‘ تنهن هوندي به گهڻا اڻڄاڻ ماڻهو اهڙا آهن جو هن کي بلڪل کيل ئي کيل سمجهن ٿا، ۽ ڪيترا هن جي  ديکاديکيءَ ۾ پنهنجن لکيل انوکن ڪتابن ۾ ناممڪن  ڳالهيون لکي طلسم جي نالي کي بدنام ڪرڻ لڳي ويا آهن. انهيءَ ڪري منهنجو ڌيان هاڻي طلسم لکڻ جي طرف نٿو جُهڪي، پر ڇا ڪيو وڃي لاچار  آهي،  هڪ ته پڙهندڙن جي رُچيءَ طرف ڌيان ڏيڻو ٿو پوي، ٻيو چنارگير جي چبوتري واري طلسم جي ڪيفيت لکئي بنا ڪم نٿو هلي، جنهن کي هن اُپنياس جو بنياد چوڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ چندرڪانتا جي قصي ۾ واعدو ڪري چڪو آهيان، تنهنڪري هاڻي هن هنڌ چنارگير جي چبوتري واري ڪيفيت لکي انهيءَ پکيه کي پورو ڪريان ٿو. انهيءَ کان پوءِ ٻنهي ڪمارن جي شادي ۽ قيدين جي مقدمي طرف ڌيان ڏيئي هيءُ اُپنياس پورو ڪندس“.

پنگتي ناولن  جا ترجما

1901ع کان وٺي ڪراچيءَ کان ”سناتن ڌرم سڀا، وارن پنهنجي ”پرچارڪ پتر“ (دوران) ڪي هندو سماجي ناول ڪڍيا، جن تي اگهاڙپ جو الزام لڳايو ويندو هو، پر حقيقت ۾ انهن جو مقصد درسي ۽ اخلاقي پرچار هوندو هو، ۽ منجهن عام هليءَ چليءَ بابت وڻندڙ آکاڻين ذريعي سماجي ۽ گرهستي اُڻاين جي اوگهڙ ڪري انهن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪيل هوندي هئي. اهي ناول ٻين هندستاني ٻولين تان ترجمو ڪيل هوندا هئا، ۽ منجهن ڪي هندي لفظ ڪم آندل هوندا هئا، جي تن ڏينهن ڏکيا هئا. انهن مان هيٺيان مکيه هئا:-

تيجورام شرما ”هندو ڪٽنب“ (هنديءَ تان ورتل) 1902

”  ”        -نٿئون يا ”چنڊالن جي چونڪڙي“_

”  ”        -ڇڙواڳ رما ۽ پروس سندري“ (هنديءَ تان ورتل)

”   ”        -نول لڪشمي“ (گجراتيءَ مان ورتل)

”  ”         -سندري“ ”پتورت ناري وغيره.

ويرومل ملاڻي_ ”گنگا جو ڪٽنب“ (گجراتيءَ تان_ سکر سڌار سڀا جو ڇپايل)_1915

”      ”    _”ليلان؛ وجئه وسنت“ وغيره.

ڄيٺانند رتني _”اشميل جمنا“ (گجراتيءَ تان ورتل) _ٽيون  ڇاپو 1904.

هنن ناولن جو مکيه ليکڪ مهاراج تيجورام پڇاڙيءَ تائين اهڙا پنگتي سڌارڪ ناول لکندو وهيو، مثلاً ”آدرش آتمارام“، ”پتورت ليلا“ وغيره.

”هندو ڪٽنب“  جو ديونا گريءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب ”هندو گرهست“ تان ترجمو ڪيل هو. ۽ جهن ۾ وئشيا ناچ جي ڪڪرم جا نقصان ڏيکاريل هئا، ۽ جو ڪٽنبي قصو اهڙو لوڪ-پسند پيو هو، جو ان جو ٽيون ڇاپو 1922 ۾ نڪتو هو، تنهن مان مهاراج تيجورام جي هالو چالو ۽ سليس عبارت جو هي مثال ڏجي ٿو:-

”بس! پوءِ  ته سيٺ جو حڪم ٻڌي هڪدم ڳائڻ شروع ٿيو. نيڻونءَ تي هڪ ٻئي پٺيان برهه جون بڻڇيون اڇليندي ڪيترائي غزل ۽ ڪافيون چوڻ لڳي جن مان نموني طور هڪ ڪافي هنريت آهي.

اچ آءٌ منهنجا مٺا، ڀاڳ ڀلا ٿي ڀانيان،

ڀاڳ ڀلا ٿي ڀانيان، باس پيرن جي وراهيان...

شڪاريءَ جي ٻاڻ کان جيئن هرڻ گهايل ٿي، اتيئي ٿم ٿي پوندو آهي، تئن اسان جي نيڻوءَ جو به، معشوق جان جي ڪافين ۽ غزلن اهڙوئي حال ڪيو. هن جي پيار ۾ هو ديوانو ٿي ويو. جيڏانهن ٿي اک کنيائين اوڏنهن معشوق جان ئي معشوق جان ٿي ڏٺائين، ۽ ٻيو ڪجهه نه. جڏهن دل کي قابو نه رکي سگهيو، تڏهن هنريت پڪاري چياءِ ته ”پياري معشوق! دلدار معشوق!!  تنهنجي اکين مان جادوءَ جي برسات پئي وسي آهي. بس! مو کي ته پنهنجو نوڪر کڻي بناءِ پڙهڻ لکڻ سان هاڻي منهنجو ڪو ضرور ڪونهي. مان نه پڙهندس! نه پڙهندس!! ۽ نه پرهندس!!!“

”معشوق جان-پيارا بس! مان جنهن جي تلاش ۾ هيس، سو اڄ مون کي ملي ويو. جنهن جي ڳولا ۾ وڏن وڏن سيٺين کي مون ڪين جهڙو ٿي لکيو، سوئي جانب اڄ ملي ويم. بس! يار! مون کي گلي سان لڳاءِ، ۽ ٻيو ڪجهه به نه گهرجيم!“

سڌريل اصوڪا پنگتي ناول

ميرزا قليچ بيگ جي ”زنيت“ ۽ ديوان پرتيمداس جي”عجيب ڀيٽ“ کان پوءِ، ٽيون نمبر سڌريل ناول هو لعلچند امر ڏنيمل جو ”چوٿ جو چنڊ“ يا ”ڀرم جي ڀلائي“، جو 1905- 1906ع ۾ ’سرسوتي‘ مخزن ۾ ڇپيو هو ۽ 1921ع ڌاري ”سنڌي ساهت سوسائٽيءَ“ جي ماهوار رسالن ۾  ڇپيو هو. هن دليان جوڙيل ناول جو مسئلو غير رواجي هو: تن ڏينهن جڏهن زال ذات اڃا پردي مان نڪري مرد سان لڙهه وچڙ ۾ نه آئي هئي؛ تڏهن ويچارا نوجوان پنهنجي دل جي اُڀرندڙ محبت همجنس دوستن سان ئي ونڊيندا هئا؛ ۽ اهڙن ٻن نوجوان دوستن جي وچ ۾ سليس ۽ بي طمع سڪ جو ورنن هن ناول ۾ نهايت نفيس نموني ۾ ڪيل هو. تنهن کان سواءِ، منجهس حيدرآبادي هندو سماج جا ڀرم، سنسا ۽ ٻيون ڪُريتيون ڀليءَ ڀت چٽيل هيون. جيتوڻيڪ آخر ۾ هن ناول جو پلاٽ مُنجهيل سُنجهيل ٿي پيو، پر لعلچند صاحب جي عبارت، سندس  دستور موجب، گهروُ اصطلاحن سان ٽمٽار ۽ ڳردار هئي. ناول جي شروعاتي باب ۾ ئي نجي ۽ چيدي سنڌيءَ ۾، تُز ۽ سڌريل دم جي نشانين، ٻن دوستن جي نازڪ پريت ۽ قدرت جي نظارن بيان ڪرڻ جي طاقت جو مثال ملي ٿو وڃي:

”لوڏ جن لک لهي، جن سان جڙيو شل جيءُ رهي!

هئا  هتي حاضر هزار، جان ۽ جيءَ جيار يار.“

واهيري جي وير. سورج پنهجي روشن سواريءَ جو نشان شفق جي صورت ۾ ڪري ڇڏيو هو. اسان جي تازي مڱيل نوجوان کي ٽهڪندو اڇو وڳو ڍڪيل هو، ۽ پنهنجي پريتم سان گڏ درياءَ جو رستو ڏيو پئي ويو. اُنهيءَ رستي جي ٻنهي ڪپن تي ڳچ سُرهيون نمون ۽ ساوا گهاٽا ٻٻر، شاهي بڙ ۽ سهڻا پپر- ڪٿي ڪٿي سنوان سرهه به- هڪٻئي سان لاڳيتا اُڀا آهن، جن  جا جهٽ هڪٻئي ۾ بلڪل ڳتيا پيا آهن، ۽ هڪ شاهي ڇٽي ڪري ٻڌي اٿن. اُنهن وڻن ۾ سڀاوي سڳنڌ ٿئي ٿي. اُنهيءَ ڏهاڙي پوڄارين جو-، سيتل هير به پئي لڳي، سو اُتان لنگهندي ڏينهن وارو ٿڪ وسري ٿي ويو. جوت ٻري ۽ سنجها ٽري ته هي سنگتي اچي گندوبندر کي قابو پيا.

اوچتوئي اُن ٽاڻي اسان جي تازي مڱيل نوجوان جون اکيون وڃي اُڀ ۾ کتيون، ۽ ڏائي شڪل چنڊ تي نظر پئجي ويس... سندس ڳڀرو يار هن جو چهرو ڏسي، وائڙو ٿي ويو. ۽ ڳراٽڙي پائي، منهن ۾ نهاري، سڻڀي آواز پڇڻ لڳس: ڇو موتي، چپ ڪري ڀيڙيا اٿيئي! مون سان رٺو ته ڪين آهين؟ تنهن تي امالڪ هن کي ورندو ڀاڪر پائي، ورندي ڏنائين: هيرا! توسان ر...ٺو...! وات مان ٻيو ڪي اُڪليس ئي ڪين؛ جو هيٺئين چپ سندس ٽپ ٽپ لائي ڏني، ۽ بدن ۾ سياٽو وٺي ويس...

آسمان ۾ تارن جهرمر لائي ڏني، ۽ هنن ٻن پريتمن کي محبت ۾ مائل ڏسي ڄن مرڪيائون پئي. چنڊ تنهن ويل نظر ڪونه ٿي آيو. گهر پوري ڏهين بجي پهتا. انهي ڏينهن بڊي جي چوٿ هئي.“

هن ناول جو ٻيو ڇاپو 1947ع ۾ نڪتو هو جنهن ۾ لالچند آکاڻيءَ کي سنواريو هو، ۽ اُن جي منڍ ۾ لکيو هئائين: ناول جي ٻئي ڀاڳي ۾، جنهن جي رٿا، اڃا ڪلپنا جي سنسار مان نڪري، اکرن جا ويس  وڳا پهري، پڌري ٿي نه آئي آهي، حياتيءَ وفا ڪئي، ته اُنهي ۾ ملڪ ۾ هيڏي جا سماجڪ ۽ سياسي اُٿل پٿل ٿي ويئي آهي، تنهنجا ڪي ڌڌڪي وارا وستار قلم بند ڪبا.“ پر افسوس جو اوچتوئي سنڌ ملڪ کي الوداع ڪري آيو ۽ ٻئي ڀاڳي ڪڍڻ جي اُميد بمبئيءَ ۾ پوري ڪري ته سگهيو، نڪا حياتيءَ ئي وفا ڪيس.

هن دؤر جا وڌيڪ من-گهڙت هئا؛ ڀيرومل مهرچند جو ٻن ناولن جو سلسلو، هڪڙو غمناڪ ”آنند سندري“ (شمار 1910ع) ۽ ٻيو سک-انت ”موهني ٻائي“ (1917ع)، جن ۾ پڻ هندو گهُرو جيوت جون رسمون رواج ۽ سماجڪ مسئلا کنيل هئا، مثلا گهُرو ڪفايت، زناني تعليم، ڏيتي ليتي، جيئري تي جيئري شادي وغيره. تنهن کان سواءِ، حيدرآبادين ۽ ٻهراڙيءَ وارن جي وچ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سلوڪ پيدا ڪرڻ تي به زور ڏنل هو. ”موهني ٻائي“ جي منڍ ۾ ڀيرومل صاحب لکيو هو:

”هنن ناولن ۾ آکاڻي ٿوري ۽ سادي سودي هئي، باقي پنگتي پرچار ۽ بحث مباحئو نهايت گهڻو  هو، جنهنڪري واقع ڪاريءَ ۽ ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان اهي ادبي ناول نه آهن، ليڪن تنهن زماني جي هڪ اختياريءَ واري پنگتي تاريخ جو ڪم ٿا ڏين“-اُستاد ڀيرومل جي لکڻي، اُستاد لالچند جي اصطلاحي عبارت کان بنهه نرالي، سرلي ۽ مٺي، پر پختي ۽ روانيءَ واري آهي، جنهن جو مثال ”موهني ٻائي“ مان ملي ٿو، توڻي دم جون نشانيون ڪچيون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن.

پر ”موهني ٻائيءَ کي نند ڪين آئي. هوءَ جيئري تي جيئري پرڻجڻ بابت خيال ڪرڻ لڳي. جي ٻين قومن ۾ جيڪي شاديون ٿين ٿيون سي ”پريم، وواهه“ آهن، پر اسان وٽ وواهه يا وهانءُ هڪ ڌرمي  ڳالهه آهي. پوءِ اسان وٽ هي اونڌا رواج ڪيئن قائم ڪيا ٿان.  ڏيتيءَ نيتيءَ ۾ چئبو ته لوڀ جي ڪري ماڻهن جي اکين تي پردا چڙهيا آهن، پر جيڪي جيئري تي جيئري ٿا پرڻجڻ تن کي ته ڳؤرو لڌو ڪونه ٿو ملي پوءِ هنن کي ڪهڙو لَٽُ اکين تي ٿو چڙهي، جو هو قهر جا ڪم ٿا ڪن؟ پاڻ ٿي چيائين ته استري چٽ چري، هجي، ۽ هن جي سنئين ٿيڻ جي اميد ئي نه هجي ته سندس مرد ٻي استري پرڻجي سگهي ٿو... پو ڪوبه قاعدو ۽ ڪو به رواج صحيح تڏهن سمجهبو جڏهن هيٺ مٿي پورو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن جو پتي وڃي چرين جي اسپتال ۾ پوي ته سندس استريءَ کي سندس ساهرا پئنچ جيڪر ٻيو گهوٽ ڪرڻ ڏين؟ بلڪل نه. تڏهن استريءَ جي حق ۾ اهڙو رواج  ڪيئن قائم ڪيو اٿن سا ڳالهه آءٌ ته سمجهي نٿي سگهان. جنهن  جو نالو ئي ”قاعدو“ آهي، سو استريءَ توڙي پرش لاءِ هڪجهڙو هئڻ گهرجي پر هتي ته ٻيائي جا ٻنا لڳا پيا آهن.“

 هي آڳاٽي دور جو آخرين ناول هو ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو ”نورجهان“ (1915ع) جو سنڌيءَ ۾ پهريون تاريخ تي ٻڌل ناول هو، ۽ لکيل به ڊاڪٽر صاحب جي عاليشان ادبي عبارت ۾ هو جنهن ۾ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو جوڳو ميزان رکيل هو. منجهس مکيه ڪردارن جي سيرت نگاري نهايت زوردار  ڪيل هئي ۽ محبت ۽ جنگ جا چتر خوب رنگين چٽيل هئا، پر ڪن واقعن جي بيانن ۾ ذرا مبالغي کان ڪم ورتل هو. ”نورجهان“ مان، اڪبر جي موت ۽ جهانگير جي تاجپوشيءَ واري باب ۾ هيٺئين بيان مان، ڊاڪٽر صاحب جي شاندار درٻاري عبارت جو؛ جنهن ۾ باقاعدي بيهڪ جون نشانيون ڏنل هيون،اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ”اڃا ماڻهن پنهنجي پياري بادشاهه جوماتم ئي پئي ڪيو ته آگري ۾ تاجپوشيءَ جا سانباها پئي ٿيا. سليم ماتم جي مقرر ڪيل مدي تائين به  ترسي نه سگهيو. پيءُ جي قضئي پڄاڻا ٿوري ئي عرصي ۾ تخت تي ويٺو... هن اڃا تخت تي پير رکيوئي ڪين، ته توبن جي ٺڪا ٺوڪي ٿي، ۽ نغارن ۽ شرناين جو غلغلو مچي ويو. امير ۽ وزير جي قطارون ڪيو بيٺا هئا، تن نئڙي سلام ڪيو ۽ هڪڙي نقيب اڳتي وڌي بلند آواز سان پڪاري چيو ته ”اڄ شهنشاهه نورالدين جهانگير يعني اسلام جي روشنائي ۽ دنيا جو فتح ڪندڙ تخت نشين ٿيو آهي. هي اهو صاحب قـِران آهي جنهن جو زحل دربان آهي ۽ آسمان آستان، چنڊ سندس پيغام رسائيندڙ آهي، زهره راڳيندڙ؛ قضا سندس نگهبان آهي ۽ قدر ثناخوان؛ تجمل ۽ توانائيءَ جو مايو آهي، ۽ شان ۽ شوڪت جو پايو؛ سخا جو بحر آهي ۽عطا جو ڪڪر؛... امير اصل آهي ۽ امير نسل آهي؛ ملائڪ روءِ آهي ۽ ملائڪ خوءِ آهي. شل جهان هميشہ سندس بنده هجي ۽ سندس زندگاني پائنده هجي.“

مترجم: مولا بخش اي. سومرو، پاسدي

ڪوٽ ڏيجي— آثار قديمه جو هڪ نشان

خيرپور کان پندرهن ميل ڏکڻ طرف ۽ حيدرآباد ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڪوٽ ڏيجي، هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي— هتي سڀ کان پهريائين نومبر 1955ع تي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو ويوهو: ۽ هڪ مهينو سانده جاري رهيو.قديم سنڌ جي مٿين حصي ۾ نه صرف ’هڙپا‘ جهڙي ننڍي شهرجي زندگيءَ جو تهذيب ۽ تمدن جا آثار نظر اچن ٿا، پر هيٺين حصي ۾ پڻ هڪ نئينءَ تمدن جا آثار دريافت ڪيا ويا آهن کوٽائيءَ جوپهريون ڪم جيتوڻيڪ محدود نوعيت جو هو، تنهنڪري هن نئين تمدن ۽ هڙپا  تهذيب جي درميان ڪهڙو تعلق ٿي سگهي ٿو؟ انهيءَ تي ڪافي روشني پئجي نه سگهي آهي چنانچه سال 1957ع جي ماه آڪٽوبر جي وچ ۾ دوباره کوٽائيءَ جو ڪم شروع ٿيو. انهيءَ نئين کوٽائي سان هينئر هي امر پايه تڪميل تي پهچي چڪو آهي، ته هن علائقي ۾ ’موهن جي دڙي‘ جي تهذيب کان تقريباً ’ست سؤ سال‘ پهريائين هڪ تهذيب موجود هئي، جا ”موهن جي دڙي“ جي پيش روبه هئي ۽ انهيءَ کان ڪجهه مختلف به هئي. عالمن ۽ آثار قديمه جي ماهرن کي دعوت فـِڪر آهي. _غ. م، گـِرامي.

1920 ع ۾ ’واديِ سنڌ‘ ۾ هڙپا ۽ ’موهن جو دڙو‘ جي جڳهن تي کوٽائي شروع ٿي، ته هيءُ ثابت ٿيو ته هندستان ۾ آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ هنن علائقن ۾ قديم زماني کان ’تهذيب‘ موجود هئي. هتان جا ماڻهو آرٽ ۽ دستڪاريءَ ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا؛ ۽ هڪ ترقيءَ  يافته ’رسم الخط‘ به ڄاڻندا هئا. هن جي خلاف اتر مغربي پاڪستان ۾ آرين حمله آورن جي تاريخي آثارن جي نه وري شناخت ٿي سگهي آهي ۽ نه انهن علائقن ۾ سندن اچڻ جي ڪا تاريخ اڄ تائين ملي ٿي.

آرين جي اچڻ کان پهريائين ’هڙپا ۽ موهن جو دڙو‘ ۾ جا قوم رهندڙ هئي، تنهنجا تمام گهڻا تاريخي آثار اسان کي حاصل ٿي چڪا آهن. انهيءَ قوم جي تهذيب، ڪيترن خيالن کان انفرادي؛ ۽ ترقي يافته هئي ۽ ڪيتريءَ حد تائين ميسوپوٽيما، جي انهيءَ تهذيب سان همعصر پئي لڳي، جنهن جو زمانو 2300 ورهيه انهن کان اڳ موهن جي دڙي جي تهذيب  جي ابتدائي دورن جي آثارن جو پتو پئجي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سم سبب، انهيءَ علائقي جي زياده هيٺ تائين کوٽائي ٿي نه سگهي. بهرحال انهيءَ تهذيب جو آغاز جنهن زماني ۾ ٿيو هو، کوٽائيءَ مان هيءُ ثابت ٿي چڪو آهي ته ’وادي-سنڌ‘ ۾ هيءَ تهذيب تمام گهڻي عرصي کان موجود هئي. هنن ’دور آفرين‘ دريافتن بعد ’هڙپا‘، ’موهن جي دڙي‘ ۽ ٻين  جڳهن تي گذريل ٽيهن سالن ۾ ڪيترا دفعا  دوباره کوٽائي ڪرائي ويئي، ليڪن هن آخري دلچسپ ۽ ترقي يافته تهذيب جي متعلق اسان جا معلومات حاصل ٿي آهي. تنهن ۾ ڪجهه به وڌيڪ اهم ۽ نمايان اضافو نه ٿي سگهيو. البته ان معلومات ۾ ڪجهه ٻيا به تفصيلات اسان کي حاصل ٿيا.

تازو ڪوٽ ڏيجي‘ ۾ جيڪا کوٽائي ڪئي ويئي هئي، تنهن جي نتيجي ۾ پهريون دفعو ’هڙپا‘ جي تهذيب ۽ انهيءَ وقت جي ’ڪوزه گري‘ جا نمونا ۽ ٻيون شيون دريافت ٿيون آهن.ڪوزه گريءَ جا هيءُ نمونا وڏي اهميت رکن ٿا. انهن مان هيءُ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت ۾ ’هڙپا‘ جي تهذيب ابتدائي دور ۾ هئي ۽ مٽيءَ جي ٿانون تي عام پينٽنگ ڪئي ويندي هئي. ليڪن ڳاڙهي رنگ تي ڪاري رنگ جي سجاوٽ ڪرڻ رائج نه  هئي. انهيءَ وقت جي ٿانون تي دائرا ۽ پير جي پنن جا نمونا، جيڪي ’هڙپا تهذيب‘ جي ترقي يافته وقت جي نمونن مان ملن ٿا؛ سي موجود نه آهن. شروعاتي وقت جي ٿانون تي ’مور‘ جون تصويرون يا ’مڇيءَ‘ جا نمونا بڻايا ويندا هئا. صاف طور تي واضح آهي ته هيءُ ٿانو، هڙپا تهذيب جي سڀ کان قديم وقت سان تعلق رکندا هئا. ’ڪوزه گري‘ جا هيءُ نمونا ’موهن جي دڙي‘ جي  سم زده علاقي ۽ ’هڙپا تهذيب‘ جهڙين ٻين جڳهن تان کوٽائي  ڪري ڪونه ڪڍيا ويا. خوش قسمتيءَ سان ’ڪوٽ ڏيجي‘ ۾ هيءُ دشواريون درپيش ڪونه آهن. کوٽائيءَ مان واضح طور تي هيءُ ثابت ٿي سگهيو آهي، ته هڙپا تهذيب جي شروعاتي آبادي ’ڪوٽ ڏيجي‘ جي انهن کنڊرن مان ملي ٿي، جيڪا هن جو هيءُ ابتدائي دور، ان جي ترقي يافته عهد يعني 2300، قبل مسيح کان، ٻه سؤ سال اڳ يعني 2500، قبل مسيح ۾ رهيو هوندو، ۽ انهيءَ زماني کي ’هڙپا تهذيب‘ جي ابتدا قرار ڏني پئي وڃي. مذڪوربالا کوٽاين  جي اهميت هيءُ آهي ته ان جي نتيجي ۾ ’ڪوٽ ڏيجي‘ جي جڳهه تان ’هڙپا ۽ موهن‘ جي دڙي جي تهذيب کان اڳ جا آثار دريافت ڪيا ويا آهن، جيڪي انهن کان به قديم تهذيب سان تعلق رکن ٿا؛ ۽ اهي اوترائي دلچسپ آهن، جيترا هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جا آثار آهن. هن خيال جي جواز ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، ته ’ڪو ڏيجي‘ جي پراڻن باشندن جي ثقافت تمام اعليٰ هئي ۽ ’هڙپا ۽ موهن جي دڙي‘ وارن باشندن کانئن ڪيتريون، فني نظرياتي ۽ ٻيون شيون حاصل ڪيون هيون، جن ۾ شهرن جي تعمير ۽ فصيل بندي (شهري پناهه) جا طريقا به شامل آهن. ’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ جا ٻه حصا آهن. هڪ ’ڳڙهيءَ‘ جو حصو آهي، جيڪو پنج سؤ فوٽ ڊگهو، ساڍا ٽي سؤ فوٽ ويڪرو ۽ چاليهه فوٽ بلند آهي. ٻيو حصو اهو آهي ، جنهن ۾ انهيءَ آباديءَ جو ’دستڪار طبقو‘  رهندو هو- ڳڙهيءَ جي مٿين حصن ۾ ڪشادا ڪمرا دريافت ڪيا ويا آهن. جنهن جا بنياد پٿر جا جڙيل آهن، پر مٿيان حصا مٽيءَ جي سرن سان بڻايل آهن، سندن ڇتيون چٽيل هيون ۽ انهن تي مٽيءَ جي لنبائي ٿيل هئي- جيڪي شيون هٿ ڪيون ويون آهن، تن ۾ هيءُ به شامل آهن. مٽيءَ جي سرن جو بڻايل فرش، مٽيءَ جا  ٿانو، ٻارن جي کيڏڻ جون گاڏيون، کينهون، سنگ مرمر جا ٽڪرا ۽ چوڙيون؛ پر سڀ کان وڏيون مٽيءَ جون ٺهيل ديويءَ جون تصويرون، جانور، تير ۽ پٿرن جا اوزار.

چند گهرن مان گهرو استعمال لاءِ وڏا چلها مليا آهن، جنهن مان هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن جي زندگي منظم هئي ۽ ڪم ڪار جي تقسيم ظابطي تحت هئي. هيٺاين هنڌن تي بلڪل سرن جون ٿلهيون ٿلهيون ديواريون مليون آهن. چنڊ ڀتين جي ٿلهائپ پنجن فوٽن کان به وڌيڪ هئي.

’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ ۾ جا شيءَ سڀ کان زياده متاثر ڪري ٿي، سا ’هڙپا‘ جي زماني کان اڳ جو ’ڪوٽ‘ آهي. جنهن جي اوچائي ۽ ٿولهه ڪافي آهي. هيءُ ڪوٽ هڪ ٽڪر تي تعمير ڪيو ويو هو ۽ ٿوري ٿوري مفاصلي تي مورچا تعمير ڪيا ويا هئا. هيءُ حڪومت جو مرڪز حڪمران طبقي لاءِ سڪونت گاهه هو.

هن برصغير ۾ هيءُ سڀ کان پهريون پناهه دار شهر چئي سگهجي ٿو. هن جي تعمير ڪرڻ وارو معاشرو يقيناً منظم ۽ خوش حال هوندو. ٻيءَ حالت ۾ ايتريءَ زبردست محنت وارو ڪم پايه تڪميل تي ڪيئن پهچي سگهي ها. شهر جي مٿين حصن ۾ سڙي  ويل جاين جي سامان جو هڪ وڏو ڍير پٿريو پيو آهي. خيال ڪجي ٿو ته هيءُ سڙيل سامان اتفاقي باهه لڳڻ جو باعث آهي، پر هڪ زبردست باهه  لڳڻ جو ثبوت آهي، جنهن ڪوٽ ڏيجيءَ کي تباهه ڪيو ۽ هڙپا تهذيب واسطي رستو هموار ڪيو.

ڪوٽ ڏيجيءَ جي باشندن نهايت خوبصورت ۽ دلڪش ٿانوَ بڻايا آهن. مٽيءَ جا هيءَ ٿانوَ چاڪ مان بڻايا ويا هئا. انهن جو رنگ گلابي ۽ ڳاڙهو آهي. ٿانون تي ڳاڙهي، ڀوري ۽ ٻين رنگن جون ڌارون نڪتل آهن؛ ۽ ڪيترن ٿانون تي هڪ سينگدار ديوتا جي شڪل بنايل آهي، ڪوٽ ڏيجيءَ جا هيءُ ٿانو نهايت نادر ۽ اعليٰ قسم جا آهن ۽ برصغير پاڪ و هند جي ٻين قديم تهذيبن ۾ نٿا ملن، ڪوزه گريءَ جي سامان ۾ مکيه شيون هي آهن؛ کليل منهن سان جڳ، صراحيون، ٿالهيون، ننڍيون رڪيبيون ۽ پيالا وغيره.

’هڙپا ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ‘ جي برتن سازيءَ ۾ چند شين کان سواءِ ٻي ڪا به اهم طرز مشترڪه نه آهي، سڀ کان وڏو فرق فني آهي. ڪوٽ ڏيجيءَ‘ وارن جي مصنوعات تمام هلڪي ۽ سنهڙي آهي. پر هڙپا وارن جي ٿلهي ۽ ڳوري، ٻنهي جي مصنوعات ۾ ايتريءَ حد تائين نمايان فرق آهي. انهيءَ مان سندن ڪوزه گريءَ جي صنعت جي بنيادي فرق جو پتو پوي ٿو. حالانڪ ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڪوزه گري، هڙپا جي برتن سازيءَ کان مختلف آهي، ليڪن پنهنجي طرز ۾ ڪافي ترقي يافته معلوم ٿئي ٿي.

وڌيڪ مطالعو ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهيءَ متعلق ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي، ته ’هڙپا‘ وارا ’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ وارن جي دلڪش فن ڪوزه گريءَ جي خوبين کان ڪيتريقدر متاثر  ٿيا هئا. ليڪن هن ڳالهه جو پورو ثبوت ٿو ملي ته هن نئين طرز جي ڪوزه گريءَ جا موجد، ڪيترن خيالن ۾ ’هڙپا‘ وارن کان پيش پيش هئا. اگرچ شڪل و فن جي لحاظ کان هو مختلف هئا، مگر انهن جي مصنوعات هڙپا وارن جي مصنوعات کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هئي. ’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ ۾ برتن سازيءَ جون اهي صورتون ملن ٿيون، جيڪي هڙپا جي عهد ۾ ڪافي مقبول هيون.

هڪ نئين قسم جي برتن سازي دريافت ڪئي ويئي آهي؛ جنهن تي  نادر نقش ونگار ٿيل آهي. انهيءَ دريافت مان اسان جو هيءُ خيال مستحڪم ٿئي ٿو ته هن جو تعلق اهڙيءَ تمدن سان هو، جيڪا ’هڙپا‘ جي تمدن جي پيس روهئي ۽ ان جي مخالف به هئي. ٿانون تي سندن ’خطوط‘ هڙپا وارن جي خطن کان ڪافي نمايان آهن.

ڪوٽ ڏيجي جا باشندا پٿر جا نهايت عمدا اوزار استعمال ڪندا هئا. هو پٿر جي بنياد تي آس ۾ سڪايل سرن جي بڻايل جاين ۾ رهندا هئا. سندن عورتون چوڙيون پائينديون هيون، ۽ انهن جي ٻارن کي پٿر ۽ مٽيءَ جا کينهون ۽ مختلف مٽيءَ جا رانديڪا هوندا هئا.

کوٽائيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته پُر امن حالتن ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ وارا نهايت عمدا ٿانو ٺاهيندا هئا ۽ سرن جون جايون تعمير ڪندا هئا. اڄ تائين هن ڳالهه جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته ڪوٽ ڏيجيءَ وارا ’وادي-سنڌ‘ ۾ ڪهڙي  علائقي کان آيا هئا. ليڪن هيءُ يقين سان چئجي ٿو ته سندن ’مصنوعات‘ جي ڪافي شهرت ٿي.

 هتان ڪافي التعداد ۾ پٿر جا اوزار مليا آهن، جيڪي تمام اعليٰ قسم جا آهن. پٿر جي ٽڪرن مان ڇريون، تير ۽ ڏاٽا وغيره بنايا ويا آهن. اڪثر اوزار استعمال جي قابل نظر اچن ٿا. انهن ۾ خاص طور  تي بتيءَ جي شڪل وانگر هڪ خوبصورت تير قابل ذڪر آهي. هن قسم جا صرف ٽي تير، هن کان اڳ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ دريافت ٿيا هئا، برصغير ۾ وادي-سنڌ، کان ٻاهر اهڙو ڪو به تير دريافت نه ٿي سگهيو آهي.

’ڏاند‘ جي خوبصورت تصوير به دريافت ڪئي ويئي آهي، جيڪا پڪيءَ مٽيءَ جي جڙيل آهي. هيءَ تصوير پنهنجي اسٽائيل جي خيال کان انهن تصويرن کان مختلف آهي. جيڪي هن کان پهريائين ’وادي-سنڌ‘ ۽ بلوچستان جي علائقن مان مليون هيون. ڏاند  جي هيءَ شڪل، انهيءَ ڏاند  جي مشابهت رکي ٿي، جنهن جي تصوير جنوب مغربي ايران ۾ دريافت ڪيل ’2700‘ کان 2800‘ سال قبل مسيح جي ’ڳاڙهن ٿانون‘ ۾ موجود آهي. ڪوٽ ڏيجيءَ جي هيءَ تصوير پلاسٽڪ آرٽ ۾ مجسمه سازيءَ جو هڪ بهترين ۽ قديم ترين نمونو آهي.

ڪوٽ ڏيجيءَ مان جيڪي شيون هٿ آيون آهن، تن ۾ ساديون ۽ رنگين ’چوڙيون‘ ’ گوليون‘، ’کينهون‘ ۽ مٽيءَ جون ’تختيون‘ به شامل آهن. چوڙيون مٽيءَ ۽ سپ جون جڙيل آهن. ٻارن جي کيڏڻ لاءِ کينهون پڪيءَ مٽيءَ جا آهن. ڪي بال اهڙا خوبصورت آهن، جيڪي غالباً ٻارن جي لاءِ نه هئا. تنهن کان سواءِ هتان مخروطي شڪل جون شيون به هٿ آيون آهن. ان متعلق هيءُ چوڻ مشڪل آهي ته انهن جو ڪهڙيءَ طرح استعمال ٿيندو هو.

ڪوٽ ڏيجيءَ ها باشندا غالباً ڪافي عرصي تائين پنهجي هن قلعه بند شهر تي قابض رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو انهن ٿَلهين ۽ پُرسڪون جاين مان ظاهر پيو لڳي،جن ۾ هو  پنج-ڇهه سؤ ورهين تائين رهيا هوندا. بلڪل اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح  ’هڙپا ۽ موهن جي دڙي‘ ۾ 2500 سال قبل مسيح جي سڪونت جون جايون، ڇهن صدين جون قديم چيون پيون وڃن. اهڙيءَ طرح يقيناً ڪوٽ ڏيجي. انهن ٻنهي مذڪور بالا جڳهين کان به قديم تر آهي، يعني تقريبا 3000 سال قبل مسيح جو هيءُ علائقو آهي.

مرحوم ايم. آر. ڪياني

مترجم: غلام محمد ”ساغر“ ميمڻ

زندگيءَ جون ناقابل فراموش  گهڙيون

مون کي عجب ٿو لڳي ته ماڻهو، ڪو به هڪڙو موضوع کڻي، ان تي ڪيئن ٿا لکن! مثلاً هڪڙي رسالي جي ايڊيٽر 17-سيپٽمبر تي هڪ ’جرنيلي‘ خط جاري ڪيو ته ”حياتيءَ جي اڻ  وسرندڙ گهڙين“ جي عنوان سان، هر اهو لکندڙ، جيڪو واندو ويٺل هجي، سو ”خامه- فرسائي“ ڪري. وڌيڪ سهوليت لاءِ هن زندگيءَ جون اهي گهڙيون پنجن ڀاڱن ۾ ورهائي ڏنيون. پوءِ اهو انهن جي مرضيءَ تي ڇڏيائين  ته انهن مان ڪنهن به هڪ تي، جيڪا کين دلچسپ لڳي ۽ جيڪا سندن خيال ۾ اهم هجي، ان تي طبع آزمائي ڪن. پر اهو نه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دلچسپي نه هجي، يا دلچسپي به هجي پر اهميت سمجهه ۾ نه اچي، ته هُو خاموش رهن!

جرنيلي خط کان پوءِ هن ٽيليفون ڪئي. جنهن جو حاصل مقصد هي هو ته دلچسپي ۽ اهميت پوي کڏ ۾... دلچسپي ۽ اهميت پيدا ڪريو. اهي لفظ هن ته ڪونه استعمال ڪيا، پر جڏهن مون چيومانس ته منهنجي زندگيءَ ۾ ڪابه اهڙي دلچسپ گهڙي آهي ئي ڪا نه؛ جنهن ۾ ٻئي ڪنهن کي ڪا دلچسپي ٿئي، ته هن ’لاحول ولا‘ يا ’نعوذ بالله‘ يا ڪجهه ان قسم جو جملو استعمال ڪيو، جو مون ٽيليفون جي ڪري پورو ته نه ٻڌو؛ پر اندازي مان سمجهيم ته ڪجهه ان طرح ئي هو.

ڪيتريون ئي زندگيون آهن،جيڪي ائين ئي گذرن ٿيون، نه انهن ۾ ڪي ’گهڙيون‘ هونديون آهن، ۽ نه ئي اهڙين گهڙين جي اهميت ٿيندي آهي. جڏهن انهن مان ڪا به هڪ زندگي، ڪنهن بزرگ مقام تي يعني ’مقام اقتدار‘ تي پهچي ويندي آهي، تڏهن ايڊيٽر صاحب پڇا ڪرڻ لڳندا، ته اها ڪهڙي سڀاڳي ساعت هئي، جنهن توهان کي هن اقتدار تي آندو؟ اهڙي سوال تي هو ’صاحب اقتدار‘ اها سڀاڳي ساعت ڳولڻ لڳي ٿو. ضرور ڪا اهڙي ساعت هوندي، جيڪا ايڊيٽر صاحب کي، سندس دفتر جي ڇت تان نظر آئي؛  نه ته، آءٌ ڊپٽي اسسٽنٽ ڪلچرل اطاشي ڪيئن ٿيس!...ها، ياد آيو: آءٌ بانس بريليءَ جي جهنگلن ۾ گهمي رهيو هئس، بجلين جي جـِهرمر لڳي پئي هئي، معطر ساڙهين  جي ڪري فصا بيتاب ٿيندي پئي وئي، ته مون کي  هڪ سنياسي گڏيو...غور ڪري ڏٺم ته آءٌ انارڪليءَ ۾ آهيان. بانس بريليءَ جو خيال ان ڪري آيم، جو ان قسم جون گهڙيون اهڙن ئي جهنگلن ۾  ملنديون آهن ۽ ڪنهن سنياسيءَ جي هٿان، جڏهن اهو تجّليءَ جو عالم گذريو، تڏهن اهو سنياسي به سنياسي نه هو، هڪ ’حسينه‘ هئي، انارڪليءَ ۾ ملي، هڪ دوڪان ۾ ويئي، آءٌ به ان دڪان ۾ ويس؛ مون کي ان دوڪان تي وڃڻو ڪونه هو، پر هن جي خاطر رخ بدلائي ڇڏيم.

هاڻي انهن پنجن ڀاڱن مان، جن ۾ مذڪورا ايڊيٽر، زندگيءَ جي لمحن کي ورهايو آهي، هڪ جو بيان هن ريت ڪيو اٿس: اهي گهڙيون جن اوهان جي زندگيءَ جو رُخ موڙي ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ اُن ڏينهن انارڪليءَ ۾ ته ان حسين گهڙيءَ منهنجو رخ ڦيري ڇڏيو هو.مگر اقتدار جا صاحب، اهڙي صاف گوئيءَ کان ڊڄن ٿا... ماڻهو ڇا چوندا؟ ان ڪري  هو ٻي گهڙي ڳولين ٿا. ها، ياد آيو: آءٌ طالب علميءَ جي زماني ۾ تمام مايوس رهندو هئس، ڪتابن کي به گهڻئي پڙهندو هئس پر ياد  نه ٿيندا هئا، مٿي ۾ چورس چتي ڪرائي، ان تي مکڻ جون  پنيون رکندو هئس، ۽ سڀ مکڻ مغز ۾ جذب ٿي ويندو هو. جڏهن مکڻ جي رکيل ٽڪيءَ کي جذب ٿيڻ ۾ دير لڳندي هئي، ته کڻي وات ۾ وجهندو هئس، ان هوندي به دماغ تيز نه ٿيو. هڪ رات هڪڙو بزرگ، سائو نقاب ۽ ڪاري عينڪ پيل، خواب ۾ آيو... چيائين: اُٿ رستما! توکي اڃا گهڻا ڪم ڪرڻا آهن...پهرين ’بي-اي‘ ڪرڻي آهي، پوءِ ’ايم-اي‘ ڪرڻي آهي، پوءِ ايف-سي، ڪاليج سان فٽ-بال ميچ کيڏڻي آهي ۽ هارائڻو آهي، پوءِ ولايت وڃڻو آهي، ۽  واپس به اچڻو آهي؛ پوءِ چوٽيهه سال نَو مهينا ۽ ٽيويهه ڏينهن (اڄ 28-سيپٽمبر تائين) نوڪري ڪرڻي آهي، ۽ ڌِڪا کائڻا آهن، ۽ اُن عمر ۾ پهچي زندگيءَ جون حسين يا ڪار آمد يا رخ موڙيندڙ گهڙيون ڳولڻيون آهن.

آءٌ جاڳيس  ته نه منهنجي مٿي ۾ پاڪيءَ سان ڪُوريل چَتـِي هئي، نه وات ۾ مکڻ. مگر انهن گهڙين جي تلاش منهنجي ذهني ڪوفت ختم ڪري ڇڏي. منهنجو  دماغ تيز ٿي ويو،  منهنجي ساهه جي رفتار تيز ٿي ويئي، مون  ڪيترن ئي قسمن جون گهڙيون ڏٺيون ۽ آخرڪار ان آخرين گهڙيءَ تي پهتس، جنهن واضح ڪري ڇڏيو ته هي سڀ گهڙيون خودساخته آهن. اسين پنهنجون گهڙيون پاڻ ٺاهيون، ۽ خود ئي بگاڙيون ٿا... جنهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو، اُن کي خوديءَ جو احساس ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com