صدارتي تبصرو
صدارتي تصبري ڪندي، مولانا منتخب الحق چيو ته ”هي
دور واقعي تنقيد جو آهي يا نه، ان ۾ مون کي تردد
آهي. البته تنقيد جو دور شروع ٿيو آهي. اسان کي
مغربي نظريات مان افادي ۽ تعمير پسند خيالات کي
قبول ڪرڻ گهرجي.“ مولانا صاحب، پنهنجي منطقي
استدلال جي حيثيت سان مولانا شمس الحق افغانيءَ جي
’پُر خلوص ۽ وجد آور‘ انداز بيان لاءِ، ڪوبه
’ترديدي ۽ تنقيدي‘ پهلو پيدا ڪري نه سگهيو. ۽ محض
لفظي موشگافن ۽ منطقي ڳالهين ۾ ئي خطبو ختم ٿيو.
پاڻ منڪرين حديث لاءِ چيائين ته ”انهن حديث جو فن
مطالع ئي نه ڪيو آهي. ’حديث کي سمجهڻ کان پوءِ
انڪار ۽ تنقيد ڪرڻ گهرجي. محض مطالع جي بنياد تي
سندن انڪار ڪرڻ، غير علمي مفروضات مان آهي.“
ان کان پوءِ چيائين ته
”هر هڪ اسلامي ڪاليج، ۽ يونيورسٽيءَ ۾، شعبهء حديث
جاري ڪرڻ گهرجي“
”ڪراچيءَ جو مثال ڏيندي ٻڌايائين، ته اتي ’فن
حديث‘ متعلق محض تقريرون ۽ مباحثن مان ڪوبه کڙ تيل
نه نڪتو، اسان اتي باقاعده حديث جو ڪلاس کوليو
آهي. ان مان استفادي کان بعد، طلباء ۾، ڪافي
انقلاب پيدا ٿيو آهي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي آهي.“
ان کان پوءِ اهو اجلاس دعا کان پوءِ ختم ٿيو.
13-جنوري 63ع جا اجلاس، صدارتي خطبا
13- جنوري 63ع تي، 9 کان 11بجي تائين، سينيٽ هال ۾
صدارتي خطبا، ڊاڪٽر امير حسن صديقيءَ جي زير صدارت
پڙهيا ويا. ان سلسلي ۾ محمد رفيع الدين احمد،
ڊئريڪٽر اقبال اڪيڊمي پاڪستان جو فلسفيانه خطبو، ۽
قاضي نور الحق ندوي، ڊين آف اسلاميات، اسلاميه
ڪاليج پشاور جو خطبو، مولانا عبدالواحد بدايوني جو
خطبو، علامه علاءُ الدين، صدر شعبهء اسلاميات
پنجاب يونيورسٽيءَ جو خطبو، ڊاڪٽر محمد اسحاق،
ليڪچرر، اسلامي ۽ عربي علوم، ڊاڪا يونيورسٽي، قابل
ذڪر آهي. جي ڇپيل به ورهايا ويا.
علامه علاء الدين صديقي
انهن سڀني عالمن اسلاميات متعلق وسيع النظر مبصّر
جي حيثيت سان بحث ڪيو. باالخصوص علامه علا ء الدين
صديقيءَ جي دلپزير تقرير ۽ سحر انگيز اسلوب بيان،
پخته ۽ بلند مرتبه خيالات جو داد هر ڪنهن ڏنو. پاڻ
’اسلام‘ جي عالمگيريت، متعلق مدلل تقرير ڪري ثابت
ڪيائين ته ”اسلام ئي آهي، جنهن انسان ذات کي ايام
جاهليت مان ۽ ميٿالاجي مان ٻاهر ڪڍيو آهي.“
تقابل اديان
ان نشست ۾ ”تقابل اديان جي موضوع تي، علامه
علاءالدين صديقيءَ جي تقرير پنهنجي فڪر انگيز مواد
۽ اسلوب بيان جي حيثيت سان پاڻ اثرائتي رهي. پاڻ
ٻڌايائين ته
”اسلام وحدت انسانيت جو ’دين‘ آهي. اسلام صالح ۽
صحتمند قدر ڏنا آهن، اسلام سڀني مذهبن، مذهبي
ڪتابن، سڀني رسولن ۽ مذهبي پيشوائن ۽ سڀني
عبادتگاهن جو احترام سيکاري ٿو. مسلمان، مندر ۽
گرجا کي ڪڏهن به نفرت جي نگاهه سان نٿو ڏسي.
اسلام، ’عورت‘ کي صحيح مقام تي پهچايو ۽ ان جي
معاشرتي حقوق جي تشريح ڪئي آهي. ورنه ان کان اڳ
’عورت‘ متعلق ڪنهن به مذهب ۾ نه ڪو قانون هو ۽ نه
ڪو ان جي حقوق متعلق اصول موجود هئا. ’قرآن‘ سڀني
ڪتابن جو جوهر به آهي ۽ مصدق به آهي. ’قرآن‘ سڀني
مذهبي پيشوائن متعلق پيدا ٿيل خرافات ۽ بد
اعتقادات کي ختم ڪري، کين معصوم قرار ڏنو. ’رسول
ڪريم‘ دين جي جامعيت، سڀني مذهبن جي صحتمند قدرن
تي رکي. مگر مستشرقين، هميشہ غلط بياني ڪندا آيا
آهن.“
ان کان پوءِ صدر جي مختصر تقرير کان پوءِ،
مندوبين ’ڪافي‘ پيڻ لاءِ روانا ٿيا.
سيڪشنل مجالس براءِ مقالات (13-جنوري 63ع)
ان سلسلي ۾، 11 کان 3 بجي تائين، مختلف هنڌن تي،
مختلف علوم فنون متعلق آيل مقالا پڙهيا ويا ۽
تقريرون ڪيون ويون. ان حصي ۾، قرآن، حديث، فقہ، ۽
اسلامي قانون جي ماخذات متعلق، مختلف هنڌن تي
اجتماع ٿيا.
موضوعات
اسان هت ان سيڪشنل مجالس براءِ مقالات جو مختصو
خاڪو پيش ڪريون ٿا. انهن عالمن جي مباحث ۽ خيالات
کان لطف اندوز اهي ئي ٿيا، جي موجود هئا. ’مهراڻ‘
جي ضخامت جي پيش نظر افسوس آهي جو چند اهم
اقتباسات کان وڌيڪ، ڪجهه ڏئي نٿا سگهون. اميد آهي
ته اها ساري ’ڪارگذاري‘ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبهء
دينيات پاران مڪمل طرح سان شايع ٿيندي.
سيڪشن |
صدر يا مقررين |
موضوع |
تقابل اديان |
(صدر) علامه علاءالدين صديقي، صدر شعبهء
اسلاميات پنجاب يونيورسٽي، لاهور |
اسلام ۽ ٻيا مذهب. |
” |
ڊاڪٽر هاليپوٽو، صدر شعبهء اسلاميات ۽
اسلامي ڪلچر سنڌ يونيورسٽي |
اسلامي اصول ۽ وصفون. |
” |
ايس، ايم، سعيد، ٽيوٽر سنڌ يونيورسٽي |
اسلام، مسيحيت ۽ هندو ڌرم ۾ خدا جو تصور. |
” |
مولانا عبدالله، بهاولپوري |
دين اسلام ۽ قانون جي نوعيت. |
” |
مولوي عبدالقادر آزاد، بهاولپوري |
اسلام دين الفطرت. |
” |
ايس، هاشمي |
اعجاز موسوي، سرسيد جي علم ڪلام ۾. |
” |
مولوي محمد ادريس خطيب، |
اسلام، جامع ۽ بين الاقوامي دين آهي. |
|
* * * |
|
سيڪشن |
صدر يا مقررين |
موضوع |
مطالع قرآن |
(صدر) قاضي نور الحق ندوي، صدر شعبه مذهبيات
پشاور يونيورسٽي. |
سلامي علوم جي اشاعت. |
” |
خواجه احمد علي، ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي |
قرآن جو اخلاقي نظريو. |
” |
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ، صدر اردو ادبيات سنڌ
يونيورسٽي |
صوتيات ۾ تجويد جي اهميت. |
” |
مسٽر عبدالهادي سرهيو |
کائڻ پيئڻ جا قرآني آداب. |
|
مسٽر محمد مسعود احمد، ليڪچرر لطيف ڪاليج،
ميرپور خاص (سنڌ) |
ٻارهين صديءَ ۾ قرآني تفسير ۽ ترجما. |
” |
مولانا حافظ محمد ادريس |
پشتو زبان ۾ تفسيري سرمايو. |
” |
رحمت الله شيخ |
حج جو مقصد حيات تي اثر. |
|
* * * |
|
سيڪشن |
صدر يا مقررين |
موضوع |
حديث |
(صدر) مولانا عبدالحامد بدايوني، صدر جميعت
العلماء پاڪستان |
مطالع حديث |
” |
مخدوم مولانا امير احمد صاحب، پرنسپال
اورنٽيئل ڪاليج حيدرآباد |
سنڌ ۾ علم حديث. |
” |
مس-اي، ڪي، قريشي، ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي
|
امثال الحديث. |
” |
سخي احمد هاشمي، ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي |
حضور ڪريم ﷺ جن جي مسڪراهٽ. |
” |
ايس، احمد اقبال، ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي |
دور بني اميه تائين حديث جي ڪتابت. |
|
* * * |
|
سيڪشن |
صدر يا مقررين |
موضوع |
مطالع فقہ |
(صدر) ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊئريڪٽر آف سينٽرل
انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ريسرچ، ڪراچي |
فقہ. |
” |
مولانا سليمان ندوي (ابن سلمان ندوي رحه)،
ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي |
اسلامي قانون جو بنياد. |
” |
مولوي عبدالڪريم چشتي (سنڌي) |
اسلامي سياست |
” |
سيد رضوان علي رضوي، ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي |
اسلامي قانون ۽ غلامي. |
” |
مولانا فضل احمد غزنوي (سنڌي) |
اسلامي قانون جا قرآن ۽ سنت موجب ماخذات. |
” |
مولوي محمد عبدالقدوس (پشاور) |
اسلام جو قانون شفعه. |
|
* * * |
|
سيڪشن |
صدر يا مقررين |
موضوع |
فلسفه اسلام |
(صدر) ڊاڪٽر، ايم، ايم، احمد، صدر شعبه
فلاسافي |
فلسفه اسلام |
” |
مسٽر محمد اعظم خان |
اسلام جا اقتصادي اصول. |
” |
سيد ابن برڪت وارثي |
پاڪستاني قوميت جا اسلامي بنياد |
” |
مخدوم غلام احمد |
اسلامي نظريه جي سياسي، معاشرتي، نفسياتي،
اقتصادي ارتقا. |
چند تقريرون:
هت مختصر طور، چند تقريرن جو تعارف ۽ ڪجهه اقتباس
پيش ڪريون ٿا.
مولانا امير احمد صاحب
مولانا بدايوني جي صدارت ۾ جي مقالا پڙهيا ويا،
انهن ۾ اسان جي سنڌ جي مشهور عالم مخدوم مولانا
امير احمد صاحب جو مقالو، ”سنڌ جا علماء ۽ محدث“،
نهايث مؤثر بابت ٿيو. جنهن ۾ پهرينءَ صديءَ کان
وٺي، اڄ تائين، سنڌي محدثين، مفسرين، فقهاءِ علماء
جو اجمالي ذڪر ڪيو ويو، سنڌ جي بزرگن جي حالات ۽
علمي ۽ ديني خدمات ۽ سندن مختلف علوم وفنون تي
تصنيفات جو ذڪر ٻڌي، پورو اجتماع رقت انگيز نگاهن
سان نهارڻ لڳو. ۽ مجلس جي صدر مولانا بدايوني، جي
اکين مان ڳوڙها وهي هليا، ۽ پاڻ پنهنجي قلم سان،
ان مقالي تي حوصله افزا تصبره لکيائين. (انشاءالله
اهو مقالو، ’مهراڻ جي ناظرين لاءِ پيش ڪيوويندو.)
اسلامي فقہ، حديث
ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊئريڪٽر آف اسلامڪ ريسرچ
انسٽيٽيوٽ ڪراچي“ جي زير صدارت، اسلامي فقہ متعلق
مقالا پڙهيا ويا. ان ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ فاضل
سيد رضوان علي رضويءَ، ليڪچرر شعبهء سياست سنڌ
يونيورسٽيءَ ”اسلامي قانون ۽ غلامي“ تي فاضلانه
تقرير ڪئي، جا پسند آئي. ان جو اقتباس آخري حصي ۾
آيل آهي.
مولانا عبدالقدوس، پشاور
ان ئي- اجلاس ۾ ”اسلام جو قانون شفعه“ مولانا محمد
عبدالقدوس، صدر شعبهء اسلاميات پشاور، پر مغز،
جامع ۽ مدلل مقالو پڙهيو. اهو مقالو، اسلامي فقہ
جي لاءِ هڪ انقلاب انگيز دعوت آهي. جنهن ۾ ٻڌايو
ويو آهي ته ” جديد فقهي ۽ قانوني تقاضائن کي ترجيح
ڏئي، موجوده فقهي اصولن ۾ اجتهادي تبديلي ڪرڻ
گهرجي.“
مولانا فضل احمد غزنوي
ان ئي سلسلي ۾، سنڌ جي مشهور عالم مولانا فضل احمد
غزنويءَ، ”قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ اسلامي-لا
جاماخذات“ پيش ڪيا. مولانا غزنويءَ، جنهن جامعيت ۽
حوصلي سان بحث ڪيو، ان جو داد هر ڪنهن ڏنو.
ٻڌايائين ته ”حديٽ کي ڇڏڻ کان پوءِ، اسان جا
معتقدات ۽ افڪار ته ٺهيو؛ خود عبادات جو ڪو صحيح
تعبير ٿي نٿو سگهي.“ چيائين ته ”لغوي حيثيت سان
صلوات (نماز) جي معني آهي؛ مصري ناچ! اگر ڪو ان
معنيٰ ۾ ’صلوات‘ کي وٺي ته پوءِ لغوي اعتبار سان
ان کي روڪي نٿو سگهجي.“ ان طرح ٻڌايائين: ”صوم
معنيٰ چُپ، زڪوات معنيٰ واڌارو حج معنيٰ حجت ۽
اجتماع“، پر حج جو حڪم ڪو عرفات لاءِ ته ڪونه آهي.
اگر لغوي طور صلوات، ناچ، صوم کي خاموشي، حج کي
ميلو ۽ اجتماع وٺبو ته پوءِ اسلامي عبادات جو
مفهوم فوت ٿي ويندو.“ ان کان پوءِ ٻڌايائين ته
”قرآن،کي رسول ڪريم عليه الصلواة والسلام قانون
ساز، قرار ڏنو آهي. ان حيثيت سان قانون جي تشريح
۽ تشريع، حديث ۾ ئي آهي.“ ان سلسلي ۾ ٻڌايائين ته
”رسول ڪريم لاءِ ’ما ينطق عن الهويٰ ان هو الا
وحي يوحيٰ‘، آيل آهي، ان ۾ ’وحي‘ جو اشارو ’حديث‘
ڏانهن به آهي.“ ٻيو ٻڌايائين ته ”نبي ۽ رسول ۾ فرق
آهي، جتي نبيءَ سان وحي جو تعلق آهي، اتي ان وحي
مان مقصد حديث آهي، جتي رسول سان وحي جو تعلق
آهي، اتي قرآن مقصد آهي.“ سندس مقاله کي سڀني پسند
ڪيو. سندس تقرير ۾ ڪيئي اهم نادر مسئلا موجود هئا.
ان جو اقتباس پڻ آخري حصي ۾ ڏئي رهيا آهيون.
ان سلسلي ۾ مولانا عبدالله صاحب، خطيب جامع مسجد
بيڪانيري بهاولپور، پڻ هڪ پر مغز مقالو پڙهيو. هي
بزرگ مولانا سنڌي مرحوم جي خاص شاگردن مان آهي.
سندس مقالو، قديم ۽ جديد نظريات جي روشنيءَ ۾ فڪر
انگيز مباحث تي مشتمل هو. سندس عنوان هو، ’دين
اسلام ۽ قانون جي نوعيت‘، مولانا صاحب ’دين
الفطرت‘ ۽ ان جو حيات انساني جي مختلف النوع حالات
۽ اقدار سان هم آهنگي لاءِ، مبصرانه بحث ڪيو. سندس
مقالو نهايت جامع ۽ همه گير هو، ۽ اسلامي قانون،
سان دلچسپي رکندڙن لاءِ نهايت ڪار آمد چيز آهي.
شيخ رحمت الله
ان سلسلي ۾ شيخ رحمت الله، فلسفه حج تي فاضلانه
بحث ڪندي ٻڌايو ته ”از روءِ قرآن الله تعاليٰ،
ڪعبتہ الله کي هڪ قومي مرڪز نه بلڪ، بين الاقوامي
مرڪز قرار ڏنو آهي، جتان انسانيت کي پنهنجي
رهبريءَ لاءِ هدايتون حاصل ڪرڻيون آهن.“
مسلمانن کي حقيقت ۾، اقوام عالم جي اعمالن جي
نگرانيءَ واسطي کڙوڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته
هوڏسن ته ڪابه قوم دنيا ۾ ظلم ۽ فساد ته نٿي
ڦهلائي! ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جيڪي فرائض
اڄ ادارهء اقوام متحده سرانجام ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو
ويو آهي. اهي جماعت مومنين کي پورا ڪرڻا هئا. مگر
افسوس ته مسلمانن، الله تعاليٰ جي ڏنل نعمت کان
منهن موڙيو، جنهنڪري انهن کان اڄ دنيا جي قومن جي
امامت کسجي وئي! ۽ مسلمان ٻين قومن جا محتاج ٿي
چڪا! اها الله جي ڏمر جي نشاني آهي. دنيا جا
مسلمان جيڪڏهن پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪرڻ چاهين،
ته پوءِ انهن کي وري، عملي طرح سان هر ڳالهه ۾
ڪعبي کي پنهنجو مرڪز تسليم ڪرڻو آهي ۽ قرآن ڪريم
کي پنهنجو عملي طرح دستورالعمل سمجهي اختيار ڪرڻو
آهي.“
”مڪه معظمه کي بين الاسلامي مرڪز بنائڻ گهرجي. مڪه
معظمه جي سرزمين عرفات ۽ مينا سميت ڪنهن هڪ حڪومت
هيٺ نه هئڻ گهرجي؛ بلڪ هڪ ’گڏيل بورڊ‘ جي ماتحت
هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ بورڊ ۾ دنيا جي سڀني مسلم
رياستن يا حڪومتن جا نمائنده هئڻ گهرجن، جي
انهيءَ سر زمين کي ترقي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن، گڏيل
ڪوشش ڪن ۽ پنهنجي خارجه پاليسي، جنهن جو نتيجو اهو
نڪتو آهي، جو قريباً 85 ڪروڙ مسلمانن جو وجود بي
اثر ٿي چڪو آهي، ۽ انهن جو دنيا جي قومن ۾ ڪو
اثرائتو مقام نه رهيو آهي.“
مسلمان کي گهرجي ته حج جي اجتماع مان پورو پورو
فائدو وٺن. انهيءَ موقعي تي گڏيل عسڪري مظاهرا ڪن.
تعليمي، تجارتي ۽ اقتصادي مسئلن بابت عالم اسلام
لاءِ گڏيل پروگرام تيار ڪن.“
شيخ رحمت الله جومقالو، حقيقت افروز رهيو، پر وقت
جي تنگيءَ سبب، فقط کيس 7 منٽ ڏنا ويا، شايد پرويز
جي خيالات ۽ نقطهء نظر سان وابستگيءَ جي ڪري، صدر
صاحب جو ’مولوي پٺاڻ‘ پئي نظر آيو، وقت جو بهانو
بنائي ويٺو. تاهم ڊاڪٽر هاليپوٽو مبارڪ جو مستحق
آهي، جنهن صاحب، فراخ دليءَ کان ڪم وٺي، اهڙن
ماڻهن کي نه فقط دعوت ڏني، پر ان سان گڏ انهن کي
خيالات پيش ڪرڻ لاءِ موقعو به ڏنائين. ان طرح
سيڪشنل اجلاس جو سلسلو 2 بجي پورو ٿيو.
سمپوزيم
سمپوزيم 3 بجي سينيٽ هال ۾ ڊاڪٽر فضل الرحمان جي
زير صدارت شروع ٿيو. موضوع بحث هو: ’اسلام جو
مغربي تهذيب تي اثر.‘
پروفيسر عبدالجليل
اول اول پروفيسر عبدالجليل، سنڌ يونيورسٽي بحث جو
آغاز ڪيو، ۽ تاريخي طور اهڙا مثال پيش ڪيائين، جن
۾ مسيحي مشنريز اسلام تي سخت حملا ڪيا آهن، ۽ ڪي
حوالا لئٽن زبان مان به پيش ڪيائين، جن ۾ مسلمان
بادشاهن تي شراب نوشيءَ جا الزام هئا. سندس انداز
بيان بي ربط، منتشر ۽ موضوع کان گهڻو هٽيل هو.
سندس مذهبي ۽ جذباتي طبع، هڪ فاضلانه موضوع کي،
مجادلانه ۽ مناظرانه رنگ ڏنو. سندس تقرير اسلوب
بيان جي حيثيت سان به بي آهنگ ۽ غير دلچسپ رهي.
چند پادرين جي تنقيدي حوالن پيش ڪرڻ مان موضوع تي
ڪابه اثر انگيز نگاهه نٿي پهچي. ان طرح مسلمان
مناظري ڪندڙن جا پڻ هزارين اقتباس، مسيحيت جي خلاف
پيش ڪري سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر قاضي نبي بخش
ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي عالم ۽ فاضل،
ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، تقرير ڪئي. ان صاحب ٻڌايو ته
”جرمن قوم، جو مزاج ’اسلام‘ جي قريب آهي.“ ان کان
پوءِ خود جرمن ڪتابن مان ’گوئٽي‘ ۽ ٻين عالمن جا
افڪار، اسلام ۽ حضور ڪريم عليه الصواتہ والسلام
متعلق پيش ڪيائين. سندس انداز بيان دلنشين، مرعوب
ڪن، جاندار، مدلـّل ۽ روان هو. هن فاضل شخص ٻڌايو
ته ”يورپ، اسلام کان متاثر ٿيو آهي، محض چند
پادرين جي اقتباسات تي اهو ڪليه قائم ڪرڻ ته پورو
يورپ اسلام جو دشمن آهي، غلط دعويٰ آهي. ’اسلام‘
جي افڪار مان يورپ عمراني ۽ تهذيبي، علمي ۽ ثقافتي
طور گهڻو ڪجهه اخذ ڪيو آهي.“ سندس تقرير نهايت
جامع ۽ برمحل ثابت ٿي. ان جو اقتباس آخر ۾ ڏنو
ويو آهي.
علامه علاءُالدين صديقي
ان کان پوءِ علامه علاءُالدين صديقي تقرير ڪئي.
چيائين: ”مون کان اڳ وارا فاضل مقررين پنهنجي
موضوع ۽ ان جي حدود کان تجاوز ڪري چڪا آهن.“ ان
کان پوءِ يورپ ۾ مسيحيت جي ارتقا ۽ نشوونما،
مسيحيت جي معتقدات ۽ رهبانيت، لاءِ يعني خرافات ۽
غير علمي افڪار تي سخت تنقيد ڪيائين. ۽ انگلنڊ ۽
آمريڪا جي ڪن پادرين سان گفتگو ۽ بحث جا حوالا ڏئي
ٻڌايائين ته ”اسلام جي اڳيان، مسيحي مشنريز هر
نقطه نگاهه کان شڪست کائي چڪا آهن.“
ٻڌايائين ته ”’لوٿر‘ خود اسلام کان متاثر ٿيو هو.
کيس پادري، مسلمان ڪُتنَ جو ’پالتو ڪتو‘ سڏيندا
هئا. ’لوٿر‘ مسيحيت لاءِ هڪ خطرناڪ چئلينج بنجي
چڪو هو. سندس تبليغ ۽ ڪوشش سان پروٽسٽنٽ، فرقو
پيدا ٿيو، اهو گويا مسلم مسيحي فرقو آهي. ان کان
سواءِ ڪجهه به نه آهي. هو ’عورت‘ ۾ ’روح‘ جي هجڻ
تي ڪانفرنس ڪري، آخري طور فيصلو ڪري چڪا آهن ته
عورت ۾ ’روح‘ آهي ئي ڪونه!“
ان طرح ٻڌايائين ته ”جڏهن اسپين جي غرناطه شهر ۾
يونيورسٽيون قائم هيون، ان وقت مسيحي عالمن وٽ ڪو
به ڪتاب ڪونه هو. هو بياض ۽ پراڻا قلمي ڪتاب ساڙي
ڇڏيندا هئا. ان دور ۾ يورپ ۾ رستن تي ايتري گپ
هوندي هئي، جو گوڏن تائين ڪپڙو ويڙهي هلندا هئا،
ان جي مقابلي ۾ اسپين ۾ رستن جي صفائي ۽ پختگي
ڪمال تي پهتل هئي. يورپ ۾ گهر اندر روشني ڪرڻ جي
منع هئي. ان مقابلي ۾ غرناطه اشبيليه، قرطبه ۾ قدم
قدم تي قنديل ٻاريا ويندا هئا. جن جي روشني شهرن
کان ٻاهر ميلن تائين نظر ايندي هئي.“
اڳتي هلي چيائين:
”مسلمان حڪماء علاج الامراض ۾ يوناني حڪيمن کان
گهڻو بلند ٿي چڪا هئا. ايتري قدر جو اسپين ۾ دل جو
آپريشن به ڪيو ويندو هو. بوعلي سينا جي ڪتاب قانون
کي تمام دير سان بنيادي طب ۽ حڪمت جو ڪتاب قرار
ڏنو. ۽ يورپ تمام دير سان اسلامي افڪار حڪمت،
جراحي، ۽ عمرانيات ۽ تهذيب کي قبول ڪيو. اسلام جي
اثرات ڪري، يورپ مهذب ۽ متمدن بنيو.“
علامه علاوالدين صديقي جي تقرير سحرانگيز هئي.
ان کان پوءِ صدر جي مختصر تقرير کان پوءِ سيمينار
ختم ٿيو، ان سلسلي ۾ مسٽر غلام علي ڀنگر به پنج
منٽ ڳالهايو، ۽ ٻڌايو ته
”اسلام جي نطام ِ وحدت، منجهان اقوام متحده جنم
ورتو، موجود دور جي مغربي تهذيب ۽ علوم فنون سڀ
اسلام ۽ قرآن جا خوشه چين آهن.“
ڪتابن جي نمائش
شام جو چاءِ کان پوءِ ڪتابن جي نمائش ڏٺي وئي، ان
جو اهتمام منتظمين جي پاران ڪيو ويو. مندوبين ۽
معزز مهمانن، سنڌي ڪتابن کي ڏسي خوشيءَ جو اظهار
ڪيو. خاص طور ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ڪتابن جو
تعارف، ايڊيٽر مهراڻ ڪرايو ۽ علامه علاءُالدين
صديقيءَ کي هر هڪ سنڌي ڪتاب جي مصنف، ۽ مواد متعلق
واقفيت ڏني. سنڌي، اردو، عربي، انگريزي، فارسي،
ڪتاب ڏسي، علامه علاءالدين صديقي حيرت ۾ پئجي ويو.
اڌ ڪلاڪ کن گفتگو جاري رهي، علوم ۽ فنون جي مختلف
شعبن تي ايڊيٽر مهراڻ، سان سندن گفتگو جاري رهي ۽
کيس بورڊ جي فاضل ميمبرن، ڊاڪٽر بلوچ ۽ راشدي
صاحب جو، ڪتابن سميت پڻ تعارف ڪرايو. ان طرح مسٽر
غلام حسين جلباڻيءَ جي ڪتاب ’شاهه ولي الله جي
تعليم‘ متعلق ايڊيٽر مهراڻ کيس واقفيت ڏني، ۽
ٻڌايو ته شاهه ولي الله جي تعليمات تي مسٽر
جلباڻيءَ جو هي ڪتاب نهايت جامع چيز آهي. علامه
علاءالدين، انجام ڪيو ته مان سنڌي سکندس، ۽ سنڌي
ادب جا سڀ ڪتاب پڙهندس. ان کان پوءِ ايڊيٽر مهراڻ
کان طلب ڪيائين ته ’بورڊ‘ جا ڪتاب اسان وٽ پنجاب
۾ نٿا پهچن، ڪڏهن ڪڏهن ”مهراڻ“ رسالو ”پنجاب
ايڪڊميءَ“ ۾ ڏسندو آهيان. ’مهراڻ‘ جو معيار ڏسي
حيرت ٿيندي اٿم. تنهنجون عملي ۽ فڪري، فلسفيانه ۽
ادبي گذارشون شد به- پڙهندو آهيان. ڇا، سنڌ جا
ماڻهو تنهنجي گذارشن کي هضم ڪري سگهن ٿا؟
ايڊيٽر-مهراڻ‘ چيو ته منهنجو ڪم آهي طعام پيش ڪرڻ،
کائيندڙن کي بدهاضمو هوندو ته پوءِ، ’ميزبان‘ جو
ڪهڙو گناهه! ان تي کلي ڏنائين! ۽ چيائين ته هر هنڌ
اِهو حال آهي!
ان کان پوءِ چيائين ’مهراڻ‘ جا تازا پرچا
ڏيکار!-مان خاموش رهجي ويس! مزو اهو آهي ته ساري
’نمائش‘ ۾ ننڍڙيون سنڌي چوپڙيون، ۽ چند پراڻا
بوسيده ڪتاب، ’هندن جا ڇپايل، اسلامي ڪتابڙا‘
’تحفت الاسلام‘ ۽ ’خطبات مهراب پوري‘ (محراب پوري)
۽ ’علم جفر‘ ۽ ’نورنا مي‘ تائين ڪتاب موجود هئا،
پر نه ڪو ’مهراڻ‘ رسالو موجود هو؛ نه ڪو ’نئين
زندگي‘! سنڌي ڪتابن جو هي انتخاب نهايت غلط هو.
حالانڪ لئبريريءَ ۾ هزارين بهترين ڪتاب پيل آهن. ۽
ڪيترن نون ادارن جا به سهڻا سهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا
آهن، وڌ ۾ وڌ ٻه سو کن ڪتاب مس رکيل هئا، ڇالاءِ
ته مندوبين سنڌيدان نه هئا، تنهنڪري اهو عيب ڍڪجي
ويو!
منتظمين جي بي توجهيءَ جو اهو ڪمال آهي، جو سنڌي
ڪتابن جي نمائش ۾ جتي ’بورڊ‘ جا سڀ ڪتاب موجود
هئا، ۽ ٻيا سنها ٿلها، نيم مذهبي ۽ غير معياري قصا
ڪهاڻيون به رکيا ويا، اتي سنڌي زبان جي ٻن رسالن
”مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ“ لاءِ ڪا گنجائش نه رکي
ويئي! حالانڪ ’مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ‘ جي هڪ هڪ
تازي پرچي رکڻ سان نه ڪو خرچ اچي ها، نه ڪو ’حرج‘
پوي ها!-نه ڪو ايتري جاءِ سيڙجي ها!-’مهراڻ‘ ڪو
توريت ته ڪو نه هو، جنهن کي ماڻهن تي لڏي، آڻجي
ها!- اِها افسوسناڪ روش ڏسي، علامه علاءالدين
صديقي مشڪندي فرمايو...”سمجهتا هون، که اهل حق کو
کهين بهي پسند نهين کيا جاتا!“-مون کلي جواب ڏنو
ته ”هم اهل-حق نهين هين، اهل-ناحق هين!-افسوس هي
کي اس نمائش مين ايڪ بهي پرچه نهين هي! کل
انشاءالله ’مهراڻ‘ پيش ڪرونگا!
ان کان پوءِ مهراڻ جو شخصيات نمبر جو 1957ع ۾ ڇهه
سال اڳ ڇپيو هو، اهو پيدا ٿيو. ’هڪ رانجهو لکين
جيها‘ سمجهي پيش ڪيم ان کي اٿلائي پٿلائي پڇيائين
ته: جديد طرز کي اصولون پر يه تذڪره مرتب کيا گيا
هي، يا تذڪره الاولياء کي طرح؟“ مون کلي کڻي ماٺ
ڪئي، ۽ چيو مانس ته جڏهن سنڌي زبان سکندؤ، تڏهن
اوهان کي سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو!
پر لطف رهاڻ
ان کان پوءِ، مون کيس مذاق ڪري چيو:
”مين سمجهتا تها که علامه علاءالدين بهي ضعيف و
نحيف هوگا؛ کم از کم دو لاڻهيون پر چلتا هوگا، اور
دو آدميون کي سهاري پر هي کهين جلسي مين جاتا
هوگا* اور عمامه بردوش اور قباپوش هوگا!“
ان تي مشڪندي چيائين: ’بلڪل درست هي،مين بوڙها
نهين هون؛ مگر دو لاڻهيون پر چلتا هون، ايڪ مولانا
عبيدالله سنڌي، دوسري شيخ التفسير“-مون کيس فوراً
چيو، پهلي پر رحمت! دوسري کو الله معاف کري.
مولانا سنڌيءَ جي ذڪر خير تي ’مهراڻ‘ جي ’شخصيات
نمبر‘ مان، کيس مولانا سنڌيءَ جو فوٽو ڏيکاريو
ويو، جنهن تي تقاضا ڪيائين ته مهرباني ڪري مون کي
اهو نمبر ضرور ڏيو، يا اهو فوٽو ڦاڙي ڏيو.
ان کان پوءِ مون کيس عرض ڪيو ته مولانا سنڌيءَ تي
لکيل تاليفات متعلق اوهان جي راءِ ڇا آهي؟- کلي،
هڪدم پڇيائين، ’اول اوهان ٻڌايو‘، اوهان جي راءِ
ڇاهي؟ مون عرض ڪيو ته ’مولفين‘ پنهنجا ذاتي نظريا،
مولانا سنڌيءَ جي نالي ۾ شايع ڪري، پيسا ڪمايا
آهن! فرمايائين ’بلڪل درست‘! بيشڪ، مولانا کي چند
باتين سن کر، مولفين ني رنگ آميزي کي هي.“
مون کيس ٻڌايو ته، ”مون مولانا جي تفسير متعلق
لاهور؛ سنڌ جمنا، نربدا ساگر ايڪڊميءَ کان پڇا
ڪرائي، ته مولانا سنڌيءَ جو تفسير ڪٿي آهي؟ مون کي
جواب مليو:
”راوي کا جب سيلاب لاهور مين آيا تها، تب اس سيلاب
ني لاهور کو بهت نقصان پهچايا! اور بدقسمتي سي
مولانا سنڌي کي تفسير بهي غرق هو گئي!!“
ان تي ايترو کليو، جنهن جي حد نه آهي!-ان کان پوءِ
مون کيس ٻڌايو ته مولانا سنڌيءَ جو مڪمل تفسير
ڊاڪٽر هاليپوٽي وٽ موجود آهي.
پوءِ چيائين ته: مولانا سنڌيءَ تي ڪو نئون ڪتاب
’بورڊ‘ پاران آيو آهي؟
مون عرض ڪيو ته نه! البته ڊاڪٽر هاليپوٽي،
انگريزيءَ ۾ شاهه ولي الله تي بهترين ريسرچ ڪئي
آهي، ۽ مسٽر جلباڻيءَ، سنڌيءَ ۾ شاهه ولي الله جي
تعليم، ڪتاب لکيو آهي. ان طرح سنڌيءَ ۾ مولانا جي
نالي ۾ تفسيري حصا به آيل آهن، انهن ۾ مولانا
سنڌيءَ متعلق جامع ۽ مستند معلومات، ممڪن آهي ته
ملي سگهندي، چيائين، اهي ضرور خريد ڪندس.
مون کيس چيو ته: هيتري عمر ۾ اوهان ڪيئن ’علامه‘
ٿي ويا آهيو! ڇو ٿا علامه سڏجو؟ اوهان ته مون کان
به ننڍا پيا لڳو! عمر بايد که يار آيد به کنار!-
چيائين: مين ني بزرگون کي جوتيان سيدهي کي هين!
پوءِ چيائين: آپ کيون بوڙهي نظر آرهي هين!
مون چرچو ڪري چيو مانس: مين ’علامه‘ تو نهين هون،
البته مين ني سنڌي اديبون اور ميمبرون کي جوتيان
ضرور چرائي هين!“ ان تي کلي کيرو ٿيو ۽ چيائين:
’دال مين کچهه کالا هئي‘ مون برجسته چيومانس؛
”نهين صاحب، دال مين کچهه ”اچها“ بهي هي“! کلندي
چيائين: ”آپ کي شگفته مزاجي کا داد ديتا هون“.
مون وراڻيو، ’شڪريه‘،
ائين ڪندي برادرم شيخ علي محمد صاحب، ايڊيٽر
’عبرت‘ آيو، ان سان سندس ملاقات ڪرايم، ۽ ’عبرت‘
متعلق گفتگو ٿي. چيائين ته –
”هم بدنصيب هين، سنڌهي نهين جانتي، ورنه سندهه کي
اخبارات پڙهه ليتي.
(مين مولانا سنڌهي کا شاگرد هون، اور شاگرد کي
حيثيت سي سندهي پڙهنا لازمي امر هي“ اگر مين چهه
ماه مين سندهي سيکهه لون، تو پهر آپ مجهي سندهي
کتابين اور اخبارات ارسال کرين گي؟)
مون کيس عرض ڪيو:
يقيناً؛ آپ هي هين کي سندهي زبان کي متعلق فراخ
دل هين، باقي تو همين کچهه بهي نهي سمجهتي! برجسته
چيائين: ’وه خود کچهه نهين هين‘.
”افسوس هي که هم شاه کا کلام پڙهه نهين سکتي، کوئي
ترجمه هي؟ مون کيس چيو ته: ”ترجمه اردو مين هو چکا
هي، مگر ابهي تک شايع نهين هوا!- اور انگريزي مين
ترجمه حضرت علامه قاضي صاحب کي اهيله محترمه کر
چکي هين. چيائين: الله کري جلد شايع هوجائي. مون
کانس پڇا ڪئي. ’مولانا مودودي کا کيا حال هي‘،
فوراً چيائين: دين سي زياده سياست پر توجهه دي رهي
هين“. مون عرض ڪيو: جدا هو دين سياست سي تو ره
جاتي هي چنگيزي ان طرح اها پر لطف روح رهاڻ ختم
ٿي، ۽ بروهي صاحب جي تقرير ٻڌڻ لاءِ شيخ علي محمد
صاحب سان گڏجي پنڊال ڏانهن وياسون. |