پورنماسي پوري گنگا، ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ،
ٽلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي، اچي پيو پڙلاءُ
ڪَوي، اسان پرنام ڪيوسين، چميا اوهان جا پير،
ڪَوي، ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي ڪيڏا ٿو انڌير!
ڪَوي ڏٺا آهن تو کان پو ڪيڏا اسان ڪَلور-
سچ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ماٺ رهيا منصور!
پروفيسر جي مرڪ ۾ هن جا ڳاڙها ڏند هيرن وانگر چمڪڻ لڳا. جذباتي
خلوص جي گرميءَ ۾ هن جو منهن ٻهڪڻ لڳو. هو پرجوش
آواز ۾ چوڻ لڳو، ”اهو وقت دور نه آهي، جڏهين انسان
ادب کي متروڪ جائداد نه سمجهندا. عظيم شاعر۽ فنڪار
ڪنهن فرقي، مذهب زبان يا قوم جي ملڪيت نه آهن. هو
سج وانگر سڀ کي گرميءَ، ۽ چنڊ وانگر سڀ کي رووشني
پهچائيندا رهندا. “ هن مون ڏانهن هٿ وڌائي منهنجي
هٿ کي دٻايو. مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ اهو ڪاريهر
جي ڦڻ جهڙو هٿ مون کي ڪا مڻ بخشي رهيو هو!ان وقت
هڪُ ٿيڻ وارو هو. مون گهڙي ڏسي پروفيسر کان
موڪلايو، ۽ هڪ ننڍڙي پهاڙي ڇوڪر کي رستي ڏيکارڙڻ
لاءِ ساڻ کڻي گاف هوٽل ڏانهن ٻپهريءَ جي ماني کائڻ
ويس.
پيچرو کپر نانگ وانگر پيچ کائيندو پهاڙي تي ٿي ويو. مون کي رستي
تي ڇوڪري ڦٽل ڦٽل اردوءَ ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو
رخسار هو. هن جو پيءُ گذريل سال مري ويو هو، ۽ کيس
۽ سندس ماءُ کي هن جو مامو پاليندو هو. هن جو مامو
ٻين پهاڙين وانگر پٿر ڪٽيندو هو ۽ کيس روزانوهڪ
رپيو ملندو هو. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته پٿر ڪٽيندي هن
جي مامي جي اک ۾ زور سان پٿري لڳي وئي ۽ کيس مريءَ
۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ”صاحب، اسان جي ڀونگي
گاف هوٽل جي ويجهو ئي آهي، اسان جي گهر هلندين؟“
هن نهايت معصوميت سان پڇيو. مون هن کي ننهن کان
چوٽيءَ تائين جاچيو، پر هن اکيون ڇنڀيون نه هن جي
منهن جو وَنُ بدليو. مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. هو
پيچرو ڇڏي درختن مان هلڻ لڳو، ۽ ٿوري وقت ۾ هڪ
ڀونگيءَ وٽ پهتو. ڀونگيءَ کي پراڻي ديال جو
تاڪائون در هو، جو اندران بند هو. هن در جو ڪڙو
کڙڪايو ته اندران ڪنهن عورت پهاڙيءَ ٻوليءَ ۾ ڪجهه
پڇيو، جنهن جي جواب ۾ ڇوڪري فقط پنهنجو نالو کنيو.
ٿوريءَ دير ۾ در کليو ۽ اسين اندر وياسين. جيڪڏهن
ڪنهن پهاڙيءَ مان ڇِپ اُکلي ڪِري ها، ته شايد مون
کي ايترو ڌڪ نه لڳي ها:مون ڏٺو ته جنهن عورت در
کوليو، سا اُها ساڳي پهاڙي عورت هئي، جا مون گاف
گرائونڊ ڏانهن ويندڙ پيچري تي ڊوڙندي ڏٺي هئي، ۽
ڪمري جي فقط هڪ ئي کٽ تي گائيڊ پنهنجي خاڪي قميص
لاهي گنجيءَ ۾ ويٺو هو. مان حيرانيءَ ۾ ڏسي رهيو
هوس ته گائيڊ مرڪي چيو ته”وڪيل صاحب، ويهو نه!هن
وٽ ٻي پهاڙڻ به آهي، اُها هن کان به ننڍي آهي ۽
فقط پنج رپيا وٺندي آهي. “ مان پٺتي موٽيس ۽ گاف
هوٽل ڏانهن تيزيءَ سان وڃڻ لڳس. منهنجو من گائون
مائون ٿي رهيو هو”يا خدا! يا خدا!. . . “ مون کي
ڀنواڻي اچڻ لڳي، ”يا خدا، . . . تنهنجو جلوو به
پيشو ڪري ٿو!“
هاڻي چار لڳا آهن. مان گاف هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو آهيان ۽ توڏانهن
هي خط لکي رهيو آهيان. ٻاهر زور سان بارش پئجي رهي
آهي، جنهن ۾ سامهون’لان‘ ۾ پوکيل زرد گلن جون
شاخون لڏي لمي رهيون آهن. مان سوچي رهيو آهيان ته
قدرت هنن گلن کي پيٽ ڇو نه ڏنو آهي، انهن کي بک ڇو
نه بڇي آهي، انهن کي پيشي ڪرڻ تي ڇو نه مجبور ڪيو
آهي؟. . . هو ايتري سڪون ۽ اطمينان سان لڏي رهيا
آهن، جو دل ۾ اچي ٿو ته انهن سڀني کي ڏانڊين سوڌو
ڪپي اچان، انهن کي ڪمري جي فرش تي اڇلي پيرن هيٺان
لتاڙيان، ۽ پوءِ انهن کي کڻي سامهون واريءَ
ڪرستانن جي ديول ۾ مريم جي بُت جي پيرن هيٺان
رکان!
پريان بس جي هارن جو آواز بار بار اچي رهيو آهي. موٽڻ جو وقت
ٿيو آهي ۽ شايد مون کي سڏين ٿا. ڀلي وڃن، مان وڃڻ
نٿو چاهيان.
سامهون برساتي ڪوٽ ۾ ويڙهيل بنگالي پروفيسر، لڪڻ ٽيڪيندو، مزي
سان فعولن فعولن جي وزن جي ڌُن تي اچي رهيو آهي.
هن جي ڪوٽ تان برسات جون بوندون ڪري رهيون آهن. هن
جو جسم برسات کان ايترو دور آهي، جيترو هن جو روح
هن جي ماحول کان، چڱو، سنڌريءَ لاءِ سلام-تنهنجو
پنهنجو...
گاف هوٽل، ڀور- بن: 21- آگسٽ. -ادا، ڀور- بن نهايت سانتيڪي جاءِ
آهي. هتان جي گلن ۽ درختن سان منهنجي دوستي ٿي
ويئي آهي ۽ انهن کي ڇڏيندي وڇوڙي جو احسان ٿو ٿئي.
هوٽل ۾ مون ۽ بنگالي پروفيسر کان سواءِ ٻيا سڀ
آمريڪي ۽ انگريز آهن. ڪالهه ساري شام پروفيسر سان
گذري. ڪافي دلچسپ انسان آهي. هن جو رنگ روپ ته مون
توکي اڳي ئي لکيو آهي، پر هينئر مون کي پنهنجيءَ
بي معنيٰ بڇان تي شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي.
هن جو جسم ته رات وانگر ڪارو آهي، پر هن جي روح
مان چانڊوڪي وسي رهي آهي. هن جي ٻاونجاهه ورهيه
عمر آهي، ۽ اڃا تاين ڪنوارو آهي-شايد پنهنجيءَ
صورت جي احسان هن کي تنهائيءَ جي زندگيءَ تي مجبور
ڪيو آهي-شايد عورتون فقط رنگ روپ تي مرنديون آهن.
هو بيحد تنها آهي-هڪ خاموش، ويران کنڊر وانگر
تنها-پر اُن کنڊر ۾ گذشته زندگيءَ جا هزار نقش
ونگار آهن. هن انگريزي حڪومت خلاف اشتعالي تحريڪ ۾
ڪافي حصو ورتو هو ۽ جوانيءَ جا مسلسل ڇهه سال جيل
۾ رهيو هو. هن مون کي جيل جي زندگيءَ جا عجيب
تجربا ٻڌايا. هن چيو ته ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچي
به قيديءَ کي اميد رهندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح
سندس زندگي بچي ويندي؛زندگي اميد جي محبوبه آهي، ۽
اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي. هن
جيل ۾ رهي، يوگ، ويدانت، ۽ هندي ادب ۽ آرٽ جو گهرو
مطالعو ڪيو هو. سزا ڪاٽڻ بعد هن ڪيئي ڀيرا اجنتا
جي غارن ۾ چڪر ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آگري ويندو هو۽
ساريون راتيون تاج محل جو عڪس جمنا ۾ ڏسندو رهندو
هو، جڏهن تاج محل ۽ چنڊ ٻئي جمنا جي لهرين ۾
لڙهندا آهن، ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته چنڊ جنهن
جاءِ کي آسمان ڳولي ڳولي ٿڪو هو، سا کيس زمين تي
ملي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته هن جڏهن پهريون ڀيرو
اجنتا جا غار ۽ تاج محل ڏٺو هو ته هن کي هڪ مبهم
احسان ٿيو هو ته هن اهي سالها سال اڳ ڏٺا آهن، ڪٿي
ڪنهن ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل زماني ۾-شايد هو خود ان وقت
مصور هو ۽ صبح کان شام تائين اجنتا جي ديوارن تي
تصويرون ڪڍندو رهيو هو-شايد هو ڪنهن وقت سنگ تراش
۽ معمار هو ۽ هن تاج محل جا پٿر گهڙي لڳايا هئا.
هن ٻڌايو ته هن بنگالي زبان ۾ شهنشاهه اڪبر جي
زندگيءَ ۽ حڪومت جي پس منظر ۾ ناول لکيو آهي، پر
ڪنهن سبب ڪري اهو شايع نه ڪرائي سگهيو آهي. اهو
چئي، هن ٿڌو ساهه ڀريو-ٿڌو ساهه، جو صاف چئي رهيو
هو ته هو ايترو تنها ڇو آهي، ايترو ويڳاڻو ڇو آهي.
مون چاهيو ٿي ته هن کي ٻڌايان ته مان به ساڳيءَ
طرح پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي هنگامه آراين جي
باوجود ساڳي تنهائي محسوس ڪندو آهيان؛مان به محسوس
ڪندو آهيان ته منهنجو روح اجنتا جي غارن ۾ ڀٽڪيو
آهي، منهنجن هٿن تاج محل جا پٿر ڪٽيا آهن. شام جو
اسين پهاڙي رستن تي گهمندا رهياسين. پروفيسرسان هن
جو السيشن ڪتو ساڻ هو، جنهن کي هو بيحد پيار سان
ڏسي رهيو هو. هن ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري چيو، ”
اڄڪلهه انسان کان هي ڪتو هزار بار بهتر آهي. “ ان
تي مون هن کي چيو، ” پروفيسر صاحب، اوهان خود ٿي
فرمايو ته زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو
هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي!“ هو خاموش ٿي ويو
۽ وري ڪجهه نه ڳالهايائين. مان لطيف سائينءَ جو
بيت جهونگارڻ لڳس:
”الا اچن اُوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي،
پسان آئون پَر ڪنهين، سندي جتن جُوءِ،
گولي ٿيان گل بُوءِ، جي سڃاڻينم ساٿ ڌڻي!“
اَلا، پروفيسر کي ڪهڙي خبر ته اها سٽ- ’گولي ٿيان گل بوءِ، جي
سڃاڻينم ساٿ ڌڻي‘، منهنجي روح تي ڪيتري تنهائي
وسائي رهي آهي!
انسان جڏهن خاموش ۽ تنها آهي، تڏهن نه خاموش آهي نه تنها. هن جي
ذهن ۾ ڪيئي ڳالهيون هلن ٿيون، ڪيئي دور دور جا
ماضي جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسان، اوچتو اُس وانگر ظاهر
ٿين ٿا. معلوم نه آهي ته پروفيسر ڪٿي وڃي پهتو هو!
مون کي مشرقي بنگال جو هڪ عجيب واقعو ياد اچي رهيو
هو. مان ۽ منهنجو هڪ دوست چاٽگام جي ’مِشڪا‘ هوٽل
۾ لٿل هئاسين. سامهون ڪمري جي دريءَ مان هزارها
ڪيلي، ناريل، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ نظر اچي رهيا
هئا. مون هوٽل جي بيري کان پڇيو ته ’هتي ڏسڻ
جهڙيون جايون ڪهڙيون آهن؟‘ جنهن تي هن ٻن چئن جاين
جا نالا کنيا، جن ۾ ’بازوبستان‘ به هو. مون
’بستان‘ لفظ مان سمجهيو ته ڪو قابل ديد باغ هوندو.
ٿوريءَ دير ۾ مان ۽ منهنجو دوست ٽئڪسي تي اتي
پهتاسين. بازوبستان چاٽگام شهر کان سورهن ميل پري
هو. ٽئڪسي جتي رُڪي، اتي پنج-ڇهه ننڍڙا دڪان هئا،
جن ۾ مختلف قسمن جي ڪيلن جا ڇڳا لٽڪي رهيا هئا ۽
ٽامي جي ٿالهن ۾ ٻه-چار ڏينهن اڳ ڪٽيل ڳائو گوشت
رکيو هو، جنهن جي گهنجيل زرد چرٻي اسان جي من کي
گائون مائون ڪرڻ لڳي. ڪيترائي بنگالي مسلمان اُتان
ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر خريد ڪري اڳتي ٿي ويا.
اسين انهن جي پٺيان وياسين. ٿوري پنڌ تي هڪ وڏو
تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ميرانجهڙو پاڻي ۽ تمام
وڏيون ڪراڙيون ڪميون نظر آيون. جن ڏانهن بنگالي
ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪرا ڦٽا ڪري رهيا هئا. اسان
ٻن-چئن کان اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ان جي باري ۾ پڇا
ڪئي، پر هو اهي ٻوليون نٿي سمجهي سگهيا. هڪڙي
سامهون اشارو ڪيو، جتي هڪ جديد قسم جو درگاهه ٺهيل
هو. اسين اوڏانهن وياسين ۽ درگاهه جي مجاور کان،
جو اردو تمام چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي سگهيو ٿي،
پڇا ڪئيسين. هن چيو ته اتي حضرت با يزيد بسطاميءَ
جي مزار هئي، جنهن کي کارڙ بنگاليءَ ۾ ’بازوبستان‘
چيو ويندو آهي. ”جڏهن با يزيد بسطامي هتي آيو هو،
تڏهن اتي ديوَ رهندا هئا. حضرت اِتي چلو پچايو هو،
۽ اسلام جي ڪرامت سان ديوَن کي ڪُميون ڪري ڇڏيو
هئائين. صدين کان اهي ديوَ اڃا ڪميون آهن، جي
انهيءَ تلاءَ ۾ تڙڳن ٿيون. “ مون وڏو ٽهڪ ڏيئي
چيو، ”هائو، مجاور بابا! هي الله لوڪ واقعي ديون
کي ڪُميون بڻائي ٿا وجهن، ۽ اهي ڪيئي صديون ڪُميون
ئي ٿي رهن ٿا. “ مجاور جي ڪارين واڇن تي مُرڪ ائين
آئي، جيئن اوچتو باهه لٿل تئو کلڻ لڳي.
جڏهن هوٽل وٽ پهتاسين، ته پروفيسر ڪُتي جو پٺيءَ تي هٿ ڦيري ان
سان ڳالهائڻ لڳو: ”چڱو جو اوهان جي قوم مذهبي
تفرقي جي قائل نه آهي، نه ته هڪٻئي کي چڪ پائي
مَرو ها. “ مون مُرڪي پروفيسر ڏانهن ڏٺو. هو اڃا
ديو هو، هن کي ڪابه ڪرامت ڪُمي بڻائي نه سگهي هئي،
چڱو، هاڻي ننڊ ٿي اچي- تنهنجو پنهنجو...
* * *
ڀور-بن، گاف هوٽل: 23 آگسٽ. - ادا، ڪالهه ساري رات وڏ ڦڙو
وسندو رهيو. سارو ڀوربن ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو هو. ڪڏهن
ڪڏهن وڄ ٻِه-مُنهين وانگر ڪڪرن کي ڏنگي رهي هئي.
کنوڻ جي اُجالي ۾ ڪڪرن جا ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙ ائين
ٿي لڳا، جڏهن ديوَ دونهون دکائي ويٺا هئا. ڀوربن ۾
بجلي ڪانه آهي. مون هوٽل جي مالڪياڻيءَ کان ٽي
شمعدان ۽ هڪ هٿ- بتي ورتي ۽ شمع جي روشنيءَ تي
ٽالسٽاءِ جو ناول ’ائنا ڪريننا‘ پڙهندو رهيس. اهو
ڪتاب مون اڳي به پرهيو هو، پر ان وقت ذهن جي ارتقا
ايتري نه هئي جو ٽالسٽاءِ جي ڪردار نگاريءَ جو
پورو لطف وٺي سگهان. اهڙيءَ طرح مون مغرب جو ٻيو
به ڪلاسيڪي ادب بار بار پڙهيو آهي، ۽ هر بار اُن
مان نئون لطف آيو آهي. مون مغرب جا جديد ۽ قديم
دور جا گهڻو ڪري سڀيئي ناول پڙهيا آهن، ۽ منهنجي
خيال ۾ ٽالسٽاءِ جي مقابلي جو ادب اڃا تائين دنيا
پيدا نه ڪيو آهي. انسان جي ڪمزوريءَ ۽ ڪچائيءَ جي
ايتري شناس، ۽ ان جي باوجود انسان ذات سان ايتري
محبت، ماحول جي اهڙي دلڪش عڪاسي ۽ تاريخ جي ارتقا
جو اهڙو صحيح اندازو، انسان جي ابدي مسئلن- جهڙوڪ
زندگي ۽ موت، جواني ۽ پيري، گناهه ۽ ثواب وغيره جو
اهڙو گهرو مطالعو ۽ شگفته نظريو، دنيا جي ٻئي ڪنهن
اديب ۾ نه آهي. خصوصاً سنڌي اديب لاءِ ته ٽالسٽاءِ
جو مطالعو بيحد ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اسين به
انهيءَ زمينداري ۽ جاگيرداري نظام مان نڪري رهيا
آهيون، جو ٽالسٽاءِ جي دور ۾ هو. ادا مون کي
سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو
مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ته ختم ٿي ويو، جڏهن”
ناسخ“ ۽ ”انشا“ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر
انهن جي آڌار تي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا
هئا. ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون،
تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي
هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي
شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مون کي اهو
ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ بعد،
اسان جا اديب جديد اردو ’ناسخ‘ ۽ ’انشا‘ جي پايي
تي به نه پهچي سگهندا. مون اردوءَ ۾ هزارين شعر
لکيا آهن، اگرچ ان ۾ منهنجو زياده مقصد اِهو آهي
ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن جا منظوم ترجما ڪري،
انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب مان روشناس
ڪرايان- ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾
ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي؛ پر مان يقين سان چوان
ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دور جي زبان آهي ۽ ان ۾
اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي جا سنڌي زبان ۾ آهي.
اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشا پرداز
آهن، جن جو استعداد بلڪل محدود آهي. انهن ۾ نه
خيالات جي انفراديت آهي ۽ نه زيان جو حسن. خصوصاً
علمي اردوءَ جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ ۽ نقاليءَ
کانسواءِ ڪجهه نه ڄاڻن. ۽ سندن دنيا جي ادب جو
مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ
آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا
لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي. جيستائين اسان جا اديب
خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو
مطالعو نه ڪندا، تيستائين هنن کي چڱيءَ ۽ بري ادب
جي صحيح پرک نه پوندي. منهنجو مطلب اهو نه آهي ته
اردو ادب جي تقليد ڇڏي، مغربي ادب جي تقليد ڪئي
وڃي. مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾
اديب ۽ ان جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي.
جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ”شاهه“ ”سچل“ ۽
”سامي“ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي تاريخ،
روايات ۽ ماحول جو منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته
دنيا جي ادب جو مطالعو اسان جي زندگي ۽ ادب جي
نظريي ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪندو. دنيا جي ادب ۾
هندستان، خصوصاً مشرقي ۽ مغربي بنگال جو ادب توجهه
جي قابل آهي.
ادا، مان ته ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان، نه ته تنهنجي ادبي
ذوق لاءِ اهڙيءَ تقرير جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي
وسيع مطالعي کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿي. مان به
عجيب آهيان، قلم جي وهڪ ۾ لڙهندو ٿو وڃان!
ادا، رات ٻارهين بجي تائين ڪتاب پڙهندي اک لڳي ويئي- خبر نه
آهي خواب هو يا حقيقت، پر مون کي ته حقيقت ٿي لڳي.
مون ڏٺو ته هڪ حسين ترين عورت منهنجي سيرانديءَ
کان ويٺي آهي، هن کي ڀرت سان ڀريل چولو پيو هو، ۽
کيس ڳچيءَ ۾ خوبصورت دهري پيئي هئي، هن جي ٻانهن ۾
عاج جي ٻانهين هئي، ۽ اکين ۾ گهرو ڪارو ڪجل. هن
پنهنجون ڊگهيون چوٽيون نفاست سان منهنجي منهن تي
هڻي، پڇيو ته ”جاڳين ٿو؟“
مون ڇرڪي چيو، ” تون ڪير آهين؟“
”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن مُرڪندي چيو، ”تنهنجو منهنجو ازل
جو سنگ آهي. تون ننڍو هئين، ته مان تنهنجي روح ۾
ڪتڪتايون ڪندي هيس. تون جوان ٿئين، ته مون پنهنجو
حسن ۽ جواني تنهن نذر ڪئي، تو ڪيئي چانڊوڪيون ۽
اونداهيون مون سان گذاريون آهن، تون ته چوندو هئين
ته تنهنجيءَ آغوش کان وڌيڪ عيش دنيا جي ڪنهن شيءِ
۾ نه آهي، تون مون کي نٿو سڃائين؟“
مون اکيون ڇنڀي، هن کي غور سان ڏسي، ”اڙي، تون ته شاعري آهين!
چري، تون گذريل ٻه سال ڪٿي هئينءَ؟ مون توکي
نگريءَ نگريءَ ۾ ڳوليو آهي. چاٽگام جي رنگارنگ گلن
۾، زيارت جي پهاڙي چشمن ۾! تون ڪٿي هئينءَ؟ توکي
اهو به خيال نه آيو ته مان توکان سواءِ بلڪل
تنهائي محسوس ڪندو آهيان. “
هن کلي چيو، ”هل، ڪوڙا! تون فقط مون سان محبت ٿوروئي ڪندو آهين.
مان ته توسان سچي آهيان. مان چوريءَ تو وٽ ايندي
آهيان ۽ وٿيءَ مان ليئو پاڻي ڏسندي آهيان، ته ڪڏهن
تون ننڊ سان پيار ڪندو نظر ايندو آهين. ڪڏهن دولت
سان. مون کي حسد ٿيندو آهي ۽ غصو ايندو آهي. سو
مان چپ چاپ موٽي ويندي آهيان. “
”چري، مان انهن سان پيار ٿوروئي ڪندو آهيان، تون نه هوندي آهين،
ته پوءِ انهن سان دل وندرائيندو آهيان. تون صبح
شام موٽ وٽ رهين، ته مون کي ٻيو ڇا گهرجي!“
”چوين ته صبح شام تو وٽ رهي پويان، پر پوءِ جلد ئي خفي ٿي
پوندين. چريا، وڇوڙو سڪ وڌائيندو آهي!“
هن پوءِ مون کي هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ميز تائين وٺي آئي. ياد نه
آهي ته هن تيلي ٻاري شمع جلائي، يا مون، روشني ٿي،
ته هوءَ پٺتي هٽندي ويئي، ۽ برسات ۾ جذب ٿي ويئي.
ان وقت رات جا ٻه لڳا هئا. مون محسوس ڪيو ته هوءَ
اتي ڪٿي ڪمري ۾ آهي، پر نظر نٿي اچي. پوءِ مان صبح
تائين لکندو رهيس، ۽ ائين ٿي لڳو ته لکڻ وقت هن جو
مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو، ۽ گذريل
واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري
خوشبو ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي. . .
ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀڙاٽيون هڻي
رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا. -
تنهنجو پنهنجو. . .
لاڪ ووڊ هوٽل، مري: 26 آگسٽ، 1960. - ادا، گذريل به چار ڏينهن
ڪوتا ديويءَ جي نذر رهيو آهيان. مدتن کان هن
ديويءَ جي ڏمريل ڏات وري سرتي آهي، جيڪي پائي
سگهيو آهيان، سو پهريائين توکي ٿو موڪليان. ڏس ته
ڪجهه پاتو به اٿم ڪي نه!
تنهنجو پنهنجو. . .
گهاوَ پيو مان پنهنجا پويان:
ڳاڙها ڳاڙها گل سيني مان،
تنهنجي لاءِ سدائين سويان:
آءُ، ڪَلا جي ’ڪالِي‘، تن کي
آءٌ لَتڙ ۾ تنهنجي لويان.
*
ڇڏ ته ڪريان مان ننڊ، گهڻو ئي مڌ پيتو آ مون،
ڪيسين مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ورنايان تنهنجون،
جوت جلائي منهنجي ڀرسان ٻاري خوشبويون،
ڀلي هليو وڃ تون،
ڇڏ ته ڪريان مان ننڊ، جلايو آهي مون کي جاڳ،
نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪيو هان مان ويڙهي ويراڳ،
ڇيڙي منهنجا ساز، جڳائي تن ۾ منهنجا راڳ،
پٺتي موٽ سجاڳ.
ڇڏ ته ڪريان مان ننڊ، رکي ڇڏ ڀرسان منهنجي بين،
جنهن جي سُر جو سوز وڇائي ٿو ڪيئي قالن،
جن تي ليٽي روح اُڻي ٿو اڻکٽ خواب حسين،
پائي ٿو تسڪين.
ڇڏ ته ڪريان مان ننڊ، مٿان آ چنڊ ڪئي چانڊاڻ،
تنهنجين اکڙين جو ملهه ڏيان، اچ، مُنهن مُنهن
تائين آڻ،
منهنجو ساهه ڇُهي جئن تنهنجي سيني جي سرهاڻ
چڱو، هليو وڃ هاڻ.
*
وري اها ئي تانَ اچي ٿي، وري اها ئي تانَ
سکي ڙي، وري اها ئي تان!
پري پري پهچي ويا جنهن سان پل ۾ منهنجا پران-
سکي ڙي، وري اها ئي تان!
لڳي وئي ڪا لوري، جنهن مان ڌريا رهيا سڀ ڌيان
سکي ڙي، وري اها ئي تان!
کٽ تي آهه لکٽ جي ڇايا، سمهي پيا انسان
سکي ڙي، وري اها ئي تان!
مان ماڌوءَ اينءَ ڊوڙان جئن ڇوڙي ڪانُ ڪمان
سکي ڙي، وري اها ئي تان!
*
سانجهيءَ جا پاڇاوان ڦهليا، من ٿيندو ويو مات،
ڪڪريون آيون،ترسيون،برسيون،رم جهم آندي رات،
هوءَ ايندي هوءَ ايندي، منهنجي تن ۾ رهندي تات،
مان چانئٺ تي ويٺو آهيان، ڀلي پئي برسات!
ويجهو ويجهو ويجهو پهتو، هوريان هوريان پير،
ساڳيا گهنگهرو، ساڳي ڇم ڇم، ڪوئي ناهي ڦير:
ايندي آهي هوءَ اورانگهي گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهير،
آرهي من ۾ سَرهو سَرهو هئين ايندو ٻيو ڪيرو!
*
موت کان پو آهه تن باقي نه من،
روح مان آزاد ٿيندو هي بدن،
۽ بدن سان خاڪ آ، جنهن جو وطن،
ڪوبه ناهي،
ڪوبه ناهي!
موت کان پو چنڊ ساڳيءَ جاءِ تي
ٿو نهاري تون ڪٿي آهين، ڪٿي!
ٿي خموشي رات جي گويا چوي:
ڪوبه ناهي،
ڪوبه ناهي!
آئي ننگي پير نڪري نينگري،
خاڪ ڪنهن جي ٿي چمي هن جي تري،
اوچتو ڇرڪي ڏسي ٿي هوءَ ڦري
ڪوبه ناهي،
ڪوبه ناهي!
*
زندگيءَ جي ڄار ۾ ڪيئي خوشيون
اوچتيون آيون، نچيون، تڙپي مُيون،
ڪيتريون پياريون هيون!
ان ڪري ئي آهه پياري ڪائنات،
ڇو ته رهڻي ناهه هت ڪنهن جي به ذات
آهه هر شي بي ثبات!
هي سبب ناهي ته گهارين رنج ۾،
ڳول هيرا هر گهڙيءَ جي گنج ۾،
آءُ منهنجي هنج ۾!
*
(گيت)
آءُ، وهائيءَ ويل،
گهڙيءَ جا ميل،
محبت ڪنهن جي ناهي رهندي!
ڪنهن جي ناهي جُوءِ،
مگر خوشبوءِ،
سدائين آڻي هِير اُلهندي.
پورو ٿيندو پنڌ،
سندءِ سوڳنڌ،
حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي.
او منهنجا محبوب،
سندم مطلوب،
اُٺي جي واءُ وڃي ٿي گهندي!
ڄاڻان ٿو انجام،
ڀري ڏي جام،
جواني چانڊوڪيءَ جيئن لهندي!
*
صنوبر جي سائي ۾ ويهي رهون،
چمي جئن سگهي چنڊ تنهنجون چڳون،
گهڙيءَ لئه گناهِ محبت ڪريون،
نه شايد وري زندگيءَ ۾ ملون.
....
پرين، ڪوئي انسان انسان جو،
نه ٿيو آ نه ٿيندو سدا مرحلو،
فقط رات جي رات، تو جئن ڏٺو،
صنوبر جي ٻانهن ۾ مهتاب هو.
....
سندءِ جسم جي اجنبي آرزو،
سندم روح ۾ ايئن ڦري ڪُو بڪُو،
جيئن رڻ ۾ ڪائي هرڻي ڦري،
ڪري ڪنهن مٺيءَ نهر جي جستجو.
....
نه مرجهائجي جو اهو گل گناهه،
سڄو وقت سرهاڻ ۾ آهه ساهه،
تمنا وڃائي نه شل تازگي،
پرين، آهه جيسين اسان ۾ پساهه!
....
هلي آءُ آغوش ۾، نازنين،
تمنا سدا آهه جنت نشين،
محبت گهنهگار آ پر حسين،
پرين، او پرين، او پرين، او پرين!
....
حسين جسم سمجهي ڪليسا مثال،
پرستش ڪئي راهبه جئن خيال،
محبت ڪئي آهه مون ماه وسال،
گنگهار آهيان مگر باڪمال!
....
ڪٿان آئي آهين ڪٽورا کڻي!
اڙي آءُ ته تنهنجين اکين کي چمي،
پيئان ڳيت سان زندگيءَ جي چُڪي،
هلي آءُ، اي هِير پنجاپ جي!
...
پيارينم پنهنجي اکين مان شراب،
ڇني ڏينم پنهنجن چپن مان گلاب:
نه آ ڪو حسين جسم جهڙو ثواب،
گنهگار آهيان مگر لاجواب!
*
نه سا زندگيءَ ۾ تپش آ نه تاب،
ويو اوچتو پيار جو سج لهي:
مگر عمر جي تيز نئن تي، پرين،
شفق جئن سندءِ ياد پوندي رهي!
*
(ننڊاکڙيون نچڻيون)
]ٽيڪسلا
جي عجائب گهر ۾ هڪ ننڊاکڙين نچڻين جو پٿر جو مجسمو
آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته گوتم ٻڌ کي گيان
ملڻ کان اڳ انسان عياشيءَ جي خواب ۾ هئا.[
اچو، اچو!
نچو، نچو!
تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچي وئي،
سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي،
حياتِ مختصر خيالِ خام ۾ رچي وئي،
شباب جي عظيم انتظام ۾ رچي وئي......
اچو، اچو!
نچو، نچو!
اسان مڃيو ته زندگي فقط خيال و خواب آ،
روان دوان، روان دوان، مثالِ موجِ آب آ،
مگر ڏسو ته ميڪدي تي آيو ماهتاب آ،
ٽڙي، پيو شباب آ، ڇِڙي ويو رباب آ......
اچو، اچو!
نچو، نچو!
پيئو پيئو، پيئو، پياڪ! جام ۾ نجات آ،
نه آهه انت آد ڪو، مدام ڪائنات آ،
مگر سدا سنگ آ، سدا نه هيءَ رات آ،
حيات بي ثبات آ، حيات بي ثبات آ......
اچو، اچو!
نچو، نچو!
نچو، نجات جو سبب نه ڌيان آ نه گيان آ،
ازل ابد فريب آهه، وهم آ گمان آ،
فقط اِهو جهان آ، فقط اِهو جهان آ،
مگر اِهو جهان رنگ وبو جو داستان آ.....
اچو، اچو!
نچو، نچو!
بهار تي نه آهه ڪوئي ڀروسو، اچو اچو،
شباب مان گلاب رات ڀر ڇنو، اچو اچو،
نچي ڪيو سجود ڪام- ديو جو، اچو اچو،
پيئو پيئو، جيئو جيئو، نچونچو، اچو اچو...
*
پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اَڏي،
گهَڙي لنوَ لڳائي هلون ٿا لَڏي!
جهڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾،
اڙي، جيءُ آئين اسان جي تڏي!
اُتر کان اچي ٿي اُٺي جي هوا،
ڀري آ، ڀري آ، نصيحت نه ڏي!
ميان ڪير مَي جون ميارون سَهي،
اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي، ڇڏي!
نه ٿيندي، نه ٿيندي محبت فنا،
هلي آ، اچي ويهه گوڏو گڏي!
’ڀٽائي‘ به هو ميڪدي ۾، ’اياز‘،
ڏنائين پئي مَي اسان کي سڏي!
*
اي اکيون، پياريون اکيون، اڄ بيحساب
منهنجي تشنه روح تي اوتيو شراب.
هر حقيقت کان مٿي آهي مجاز،
هر عبادت کان چڱو آهي شباب.
عاشقيءَ ۾ روح کي آزاد رک،
جسم جو زنجير آ دورِ شباب.
حور، غلمان ۽ طهورا ٿو رکين،
عرش وارا، تون به گهٽ ناهين، جناب!
ديروڪعبه جون گليون گنديون ڇڏي،
ميڪدي جي راهه ۾ پوکيم گلاب!
هان، کڻو، ساري خدائي پئي اٿوَ“
مون کنيو آهي فقط چنگ و رباب!
زندگيءَ جي خواب جو تعبير، خود،
زندگيءَ جو آهي بي تعبير خواب.
*
سؤ پيمبر راتڙيءَ جي خامشي،
سَؤ صحيفا آهي مون لئه ماهتاب.
باده خوارو، جام جرڪايو، اُٿو،
آيو ميخاني مٿان آ ماهتاب!
ڪعبهء دل ۾ چراغِ مي جلاءَ،
پو دعا گهر، زاهدِ خانه خراب!
هو نه شاعر آ، نه آهي فلسفي،
ڏس پڙهي ’اقبال‘ جو ڪوئي ڪتاب.
ناهه مذهب جي کٽي رت، اي ’اياز‘
شعر آهي زندگيءَ جو خونِ ناب.
*
ريشمي زرق برق ساڙهيءَ ۾،
ڪيترو محو آهي هي انسان:
زندگانيءَ جو پالتو خرگوش
ڪيترو نرم، ڪيترو نادان!
*
(نٿيا گليءَ جي شام)
شام جو سج پهاڙ جي پٺ تان
جرڪندو ايئن ٻڏي ويو آهي،
سون جو ٿال ڪنهن حسينه کان
ڄڻ هٿن مان ڪري پيو آهي
هر طرف ابرِ ڪوهسار رڱي
ايئن شفق آسمان تي ڇائي،
ڄڻ ته کهنبو ڍڪي، ڪٽهڙي،
ڪائي مينديءَ رتي ڪنوار آئي.
چيل جي شاخ شاخ تان شبنم
رهگزر تي وسي رهي آهي،
يا ڏسي هيٺ ماٿريءَ جو غم
حسن جي دل ڀِڄي پئي آهي.
دور هوندي به تون قريب آهين،
آءٌ جنهن کان فرار ڳوليان ٿو:
هر نئين حسن جي تمنا ۾،
ڄڻ ته تنهنجو ئي پيار ڳوليان ٿو.
ڪيترو وقت ٿيو، شڪسته ساز
اڄ وڳو آ، وري صدا نڪتي،
پيو ڀِڄي هانءُ، ڪجهه هُري آيو،
ابر ڇايو، پريان گهٽا نڪتي.
زندگيءَ جي وفا ته هئي معلوم،
هاءِ، تنهنجي وفا به ڇا نڪتي!
حسن جي جستجو فقط، پيارا،
آهه مون لاءِ باوفا نڪتي.
مينهن جي رات،چوطرف گجگوڙ،
آسمانن جو هانءُ ڦاٽي ٿو:
اي پرين، ڏس ته تو سوا شاعر
هيءُ ڪٺن رات ڪيئن ڪاٽي ٿو!
*
ڪالهه مون کي چيو پئي مالهيءَ:
”هيل ڏاڍو ڳڙو وسيو آهي؛
آهه آڙو رهيو، نه خوباني،
ناک جو وڻ ٻُسو ٻُسو آهي؛
ڳوٺ منهنجو پريان پهاڙيءَ تي،
بي نظير آ، مگر بکيو آهي.“
آ وئي ويڙهجي شفق ۾ شام،
دور سورج غروب ٿيو آهي،
ڪنهن مصور جو روح آ گويا،
ابر ڪهسار ايئن کڙو آهي؛
ڄڻ ته هر ديودار ۾ آ جان،
ساهه تن جو هلي رهيو آهي.
هي صنوبر جي شاخ تي شبنم
ڄڻ ته هٿ جوهريءَ جو آهي؛
ڪنهن ڪنواريءَ جي لڄ ۾ گويا،
ڳوٺ سارو ٻڏي ويو آهي.
نهر ۾ آسمان جو پاڇو،
شام جو ايئن پئي رهيو آهي،
ڄڻ ڏسي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ،
حسن حيران ٿي ويو آهي.
ٿي ٻري باهه بک جي ان ۾،
ڌنڌ ۾ دور جهوپڙو آهي:
نه ڏياٽيءَ ۾ تيل آ ان جي،
۽ نه ٻاٽيءَ ۾ ٻوڙ ڪو آهي؛
نه سڀاڻي جو ساٿ آ ان سان،
۽ نه ڪو اڄ ۾ آسرو آهي.
تنهنجي تخليق ۾، اڙي خالق!
ايترو فرق نيٺ ڇو آهي؟
مان ته سمجهان ٿو تون ڪٿي ناهين،
هي سڄو ڍونگ ڪنهن رچيو آهي:
ورنه انسان کان زياهد ڪو
حسن تنهنجي جو آئنو آهي؟
پو به بيحال آهه هو بک ۾،
تنهنجو جلوو بکيو ڏکيو آهي!
*
ڪنهن نئين ڪفر جي ڀِني خوشبو
شعر منهنجو لڳائي آيو آهه.
زندگي جي شراب سان سرشار،
مون نئون گيت روز ڳايو آهه.
اڪثر اوقات عقل جي در تي،
عشق آنڌيءَ مثال آيو آهه.
واڳ وس ۾ رکي هميشه مون،
هر نئون موڙ آزمايو آهه.
دير و ڪعبه ڇڏي ڏنم هاڻي،
مون مٿان ميڪدي جو سايو آهه.
*
جام جو انتقام آهيان مان،
غرقِ مي صبح و شام آهيان مان؛
آهه منهنجو خدا به ڪجهه پيتل،
جنهن سان محوِ ڪلام آهيان مان.
*
مونسِ ماهتاب آهيان مان،
ڪنهن پرندي جو خواب آهيان مان.
جو وراهي مدام مستي، سو،
زندگي جو شراب آهيان مان.
ٿي جلي آگ عشق جي مون ۾،
حسن جو انتخاب آهيان مان.
خالقِ ڪائنات! ڏس، تنهنجي،
جستجو جو جواب آهيان مان.
جيستائين هلين، ابد تائين،
اي ازل! همرڪاب آهيان مان.
دير و ڪعبه جو دڳ وسار،’اياز‘،
ڇڏ، گهڻو ٿيو خراب آهيان مان.
*
زندگي! مجبور قحبه جي مثال،
ٿي ڪرين پنهنجو تبسم پائمال،
آهه مصنوعي سندءِ حسن و جمال:
ناهه تو ۾ روح جي پاڪيزگي،
۽ نه ڪائي جسم وجان جي تازگي،
زندگي، او زندگي، او زندگي!
- - -
”خطن مان انساني سيرت جو جهڙو اندازو ٿئي ٿو، تهڙو ڪنهن ٻئي
ذريعي سان نٿو ٿي سگهي. خطن ۾، آڳلي سان احوال
اوريندي، لکڻ وارو ڪيئي ڀيرا پنهنجو پاڻ سان
ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي. جيڪو خيال جهڙيءَ طرح سندس
دل ۾ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح قلم مان ٽيڪيو پوي...
نه! بلڪ هو پنهنجي دل ڪڍي کڻي ڪاغذ تي رکندو آهي.“
- مولوي عبدالحق |