ادا، هينئر اوندهه ٿيندي ٿي وڃي. سامهون، ڪشمير جي پهاڙين تي،
رات هڪ گرڙ پک وانگر لهي آئي آهي، ۽ پنهنجا ڪارا
پر ڦهلائي ڇڏيا اٿس، ۽ ريسٽ-هائوس جا سروَ جا درخت
ننڍڙن هيسيل پکيئڙن وانگر هن کي ڏسي رهيا آهن. مون
توکي ٽيڪسلا جي تفصيلي احوال بدران موهن جي دڙي
جون يادگيريون لکيون آهن. تنهائيءَ ۾ سوچيندي،
انساني ذهن ڪٿان جو ڪٿان وڃي ٿو نڪري. ان تي ته
زمان جي پابندي آهي، نه مڪان جي. چاهيان ٿو ته
ٽيڪسلا جي ننڊا کڙين نچڻيڻ تي هڪ نظم لکان، پر
الائي ڇو ڏات ڏمري، آهي! سٽون جُڙي، ائين ڊهي ٿيون
وڃن، جيئن واريءَ جون لڏون هٿن ۾ ڀري پئي. -
تنهنجو پنهنجو. . .
* * *
لاڪ ووڊ هوٽل، ڪوهه مري: 15 آگسٽ، - ادا، هفتو ٿيو پنڊيءَ مان
هتي پهتس. پنڊيءَ ۾ ڪوئي دوست يا واقف نه مليو،
سواءِ چند اردو شاعرن جي، جن مان ڪي ’رائٽرس گلڊ‘
جا ميمبر هئا ۽ منهنجي نالي کان اڳ ئي واقف هئا.
هي سيروس سئنيما جي لڳ هڪ ڪيفي ۾، ’اردو شاعريءَ
۾ محبوب جي تصور‘ جهڙي پراڻي ۽ بي معني موضوع تي
بحث ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪو چئي رهيو هو ته
’ولي‘ دکنيءَ جي غزل ۾ محبوب ڪٿي مذڪر آهي، ڪٿي
مونث؛ ڪنهن چيو ٿي ته مير تقيءَ جي غزل ۾ يارها
محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي؛ ۽ ڪنهن چيو
ٿي ته پهريون دفعو اختر شيراليءَ محبوب کي مونث
ڪري، سلمي، عذرا وغيره جي نالن سان مخاطب ڪيو آهي.
انهن مان جو زياده ذهين ٿي لڳو، تنهن مرڪي چيو ته
” پنجاب جي سلمي ۽ عذرا، جا ڪنوينٽ ۾ سکيل، چٻيل
چٿيل لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي، ۽ پرس مان لپ
اسٽڪ ڪڍي، پنهنجن چپن کي لائيندي، فقط شورليٽ ۽
فورڊ جي نئين ماڊل ۽ ڪِم نووڪ(امريڪن ائڪٽريس جو
نالو) جي نئين فلم تي بحث ڪري ٿي، سا ايتري ته غير
شاعرانه آهي، جو اردو شاعرن کي وري محبوب کي مذڪر
ڪري مخاطب ڪرڻو پوندو. “ ان تي هو سڀ کلڻ لڳا، پر
انهن مان هڪڙي جنهن جو جدت پسنديءَ جو شوق هن جي
اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي سان قميص مان ظاهر هو،
مٿئين ذهين شاعر کان پڇيو ته ”اوهين عورتن جي
تعليم ۽ آزاديءَ جي خلاف آهيو ڇا؟“ هن جواب ڏنو ته
” منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته جنهن عورت ۾ تعليم ۽
آزاديءَ جي باوجود مشرقيت نه آهي، اها اسان لاءِ
غير شاعرانه آهي. جنهن عورت کي حسن سان حيا نه
آهي، جنهن کي سهڻيءَ جو ڪردار نه آهي، سان ڪنهن
شاعر جي محبوبه نه ٿي سگهندي. “ ائين چئي، هن مون
ڏانهن منهن ڦيرائي، تائيد جي اميد سان ڏٺو. مان هن
وقت تائين خاموشيءَ سان هنن جو بحث ٻڌي رهيو هوس ۽
دل ۾ آيم ته هن کي ’شوپنهار‘ جو مقولو ٻڌايان ته
”هر انسان هڪ نگاهه جو مستحق ته آهي، پر هر انسان
هڪ جواب جو مستحق نه آهي“، پر اردو شاعر ڪٿي ٿو
ڪنهن کي خاموش رهڻ ڏئي! مجبوراً مون چيو ته ”مون
کي فقط اوهان جي مثال سان اتفاق نه آهي. سهڻيءَ جو
ڪردار ڪنهن آدرشي عورت جو ڪردار ته نه آهي، اوهين
ڀُلي ٿا وڃو ته هوءَ مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي، راتو واهه
درياءُ پار ڪري، يار ڏي ويندي هئي. “ هن ڪجهه منهن
گهنجائي مون کان پڇيو، ” اوهان جي ادب ۾ ڪوئي ان
کان بهتر ڪردار آهي!“ مون جواب ڏنو، “ ها، آهي
مارئي، جنهن جو ڪردار شاهه لطيف سُر مارئيءَ ۾
چٽبو آهي. هوءَ ڪوٽ ۾ قابو هئي، جتي هن کي طرحين
طرحين لالچون ڏنيون ويون، ته به عمر سان ياري نه
رکيائين، ۽ مڙس لاءِ ماندي رهي. “
اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي واريءَ قميص سان شاعر ٽهڪ ڏيئي، ’حافظ‘
جي سٽ پڙهي-
” به خالِ هندواش بخشم سمر قندو بخارا را. “
مون مرڪي چيو، ”شاعر صاحب! هاڻي سمرقند ۽ بخارا اشتراڪي روس ۾
آهن. ڏسجو، انهن جي بخشش ڪوئي بين الاقوامي مسئلو
نه پيدا ڪري وجهي! روس پنهنجيءَ سر زمين سان ڪنهن
جي دست اندازي نٿو سهي سگهي. “ جڏهين هوٽل ڏانهن
موٽيس ٿي، ته رستي تي ياد آيم ته پراڻي سکر جي هڪ
شيعي شاعر مون کي چيو هو ته’ هن سنين جي اڪثريت
واري ملڪ ۾ مارئيءَ جو ڪردار هڪ شيعي جو ڪردار
آهي، جنهن کي سدائين عمر لاءِ نفرت آهي، ! هر
انسان آرٽ کي پنهنجي پنهنجي نظريي جي رنگين شيشي
مان ڏسي ان جي معني ڪري ٿو. جڏهن کان مريءَ آيو
آهيان، تڏهن کان’عذرائون‘ ۽ ’سلمائون‘ ڏسي رهيو
آهيان. ساري مال روڊ تي گهگهريون ’ڏسڻ جا ٽوهه،
آڇي رهيون آهن. شام ٿئي ٿي ته ساري روڊ تي ڪلهي گس
لڳي وڃي ٿي. شام جي ڏهين بجي تائين انسان اچ وڃ ۽
لهه وچڙ ۾ محو آهي. جتي جتي دڪانن تي بجليءَ جي
روشني زياده آهي، اتي پيهه زياده آهي. هتي روز
ڏياري آهي- ڏياري، جنهن ۾ ڪنهن راوڻ جو ڪنهن کي به
احساس نه آهي: ۽ اتي مال روڊ کان اڌ ميل جي مفاصلي
تي پهاڙين جي جهوپڙين ۾ ڏُکي بُکي زندگي گويا
سِيتا جي ست تي تڳي رهي آهي. مون کي هڪ هجوم ۾
رهي. ايترو تنهائيءَ جو احساس ڪڏهن به نه ٿيو آهي؛
هتي اک اک ۾ ڳِجهون ۽ هِليون لامارا ڏيئي رهيون
آهن، چوڌاري جنسي بک ڇڇڙا ڳهي رهي آهي. هيٺ،
واديءَ ۾، انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا انسان آهن، جن کي
نه ڏينهن جو مانيءَ ڳڀو نصيب آهي نه رات جو، جن کي
خوش نصيب انسانن سان گڏ عظيم خدا به وساري ڇڏيو
آهي.
چوٿون ڏينهن، مان هوٽل جي مالهيءَ کان اتان جي گونا گون گلن جا
نالا پڇي رهيو هوس، ته هن ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته
”هي پهاڙي علائقو نهايت غريب آهي. هن سال ڳڙو وسيو
هو، ته اُڙو، ڊاک، خوباني ۽ ٻيا ميوا سڀ سڙي ويا،
۽ ڪنهن سبب ڪري مڪئيءَ جي پوک به گهٽ ٿي آهي. “
نتيجو اهو ٿيو آهي ته هتان جو عوام بک مري رهيو
آهي. پٿر ڪٽي ڪٽي، ساڻا ٿي، جڏهن شام جو اُهي بکيا
پهاڙي موٽن ٿا، ته هنن کي پهرين اهو خيال ٿو ستائي
ته رپئي ٻه سير اٽو آهي، ڏينهن جي ڪمائيءَ مان ڪير
کائي ڪير کائيندو. فطرت جي حسن مان اک جو ڍءُ ته
ٿئي ٿو، پر پيٽ جي بک ته نٿي لهي!
ٽيون ڏينهن نٿياگليءَ ويو هوس. مون سان هڪ دوست ساڻ هو، جنهن
هڪ عجيب تمثيل ڏني. چيائين، ”شداد ويچاري دنيا ۾
بهشت بڻايو ته خدا به هن جي خلاف ٿي ويو، ۽ هن جي
نانگ کان ڏنگائين. در اصل دنيا کي بهشت بڻائڻ جو
تخيل ئي غير مذهبي آهي. “ مون هن کي کلي چيو، ” پر
پوءِ به تو مان شداد جي خودي نه ويندي، تون دنيا
کي بهشت بڻائڻ جو خيال نه ڇڏيندين“.
جڏهين ڍونگا گليءَ وٽ پهتاسين، ته جهڙ ڇانئجي ويو. هيٺ واديءَ
۾ ڪڪر ائين ٿي لڳا ڄڻ ڪنهن پيڃاري ڪپهه جون پوڻيون
ٿي اُڏايون. ڪڏهن ڪڏهن اُس ٿي نڪتي ته چِيل جي پنن
مان اُس جا تڙڪا پهاڙي ڇپن تي ائين ٿي پيا، جيئن
ڪنهن پٿر ڪٽيندڙ جابلوءَ جي سخت، سوٽ ۽ ٽامڻي هنيل
منهن تي چٽيءَ جا داغ. چونگا گليءَ وٽان ويندڙ
پيچري تي آهستي آهستي مٿي ٿي وياسين ته ڪوئي
پنجابيءَ ۾ ڳائي رهيو هو، ”ڦسِ نين-بدل برسي“
(يعني نيڻن جا بادل ٿي پيا، ۽ وسڻ لڳا‘) استعاري
جو انداز ڪهڙو نه پيارو هو! ڪير چوندو ته پنجابي
شاعريءَ ۾ ايتريون ترقيءَ جون صلاحيتون نه آهن،
جيتريون اردوءَ ۾ . مون نيڻن جي بادلن سان تشبيهه
اردو، سنڌي، بنگالي، هندي، انگريزي ۽ فرينچ
شاعريءَ ۾ پڙهي آهي، پر انهيءَ پنجابي سٽ جهڙي
انوکي شاعراڻي ادا ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه آهي.
ان جي باوجود، جڏهين مون سان مريءَ ۾ ٻه پنجاب جا
چوٽيءَ جا اردو شاعر مليا ۽ جن کي مون هوٽل ۾ رات
جي مانيءَ لاءِ مدعو ڪيو هو، ته انهن پنجابي زبانن
کان نفرت ته نه، پر بي اعتنائي ضرور ڏيکاري. هتي
مريءَ ۾ مشاعرو ٿيو هو، جتي هو به آيا هئا. انهن
مان هڪ منهنجو اڳ ئي واقف هو، ڇو ته سکر ۾ ڪنهن
مشاعري جي سلسلي ۾ آيو هو ۽ مون سان مليو هو؛ ٻيو
ڪنهن وقت ترقي پسند تحريڪ ۾ چوٽيءَ جو شاعر ۽
افسانه نويس هو، ۽ پاڪستان جي هڪ بهترين اخبار جي
اداري ۾ هو. اسان مختلف موضوعن تي ڳالهايو، جن ۾
پنجابي زبان جو مسئلو به شامل هو. مون هنن کي چيو
ته ”توڙي صاف شفاف پاڻيءَ جو چشمو دور هجي، ته به
پياسو انسان ڪنهن گنديءَ ناليءَ مان پياس ٻجهائي
چپ ڪري ته نه ويهندو. پنجابي زبان کي جيڪڏهن جديد
تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪافي عرصو لڳندو، ته ان جي معنيٰ
اها ته نه آهي ته اها ٻولي جنهن جو جڙون عوام جي
روح ۾ آهن، جنهن ۾ اوهان جا ڳوڙها ۽ ٽهڪ آهن، سا
نظرانداز ڪري سگهي ٿي. “ هنن وٽ ڪوئي جواب نه هو-
شايد هو محسوس ڪري رهيا هئا ته ’لطيف‘ جي وارثن
هنن جي ميڙيءَ- چونڊيءَ کي ساهه سان سانڀيو آهي،
ان کي وڌايو آهي، ۽ اها ڪڏهن اڪيچار ۽ اکٽ ٿي
ويندي، ۽ ’وارث شاهه‘ ڪوئي وارث نه ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن
ڇڏيو ته انهيءَ هن جي ساري پونجي دهليءَ ۽ لکنو جي
نوابن جي هڪ ’طوائف‘ جي نظر ڪري ڇڏي. واقعي،
اردوزبان هڪ دهليءَ ۽ لکنو جي طوائف آهي، جا دهلي
۽ لکنو جي نوابي ماحول ۾ ڄائي، نپني، نچي، ۽ هڪ
کوکيءَ تهذيب جي درٻارين ۾ کنجرا وڄائيندي رهي، ۽
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هتي هڪ پرده پوش شريف مسلمان
عورت ٿي آئي، ۽ هاڻي پردو هٽائي، هڪ مهذب مغربي جو
رنگ ڍنگ نقل ڪري رهي آهي. پنجابي زبان اڃا
تائين’هير‘ جهڙي سهڻي ۽ سٻاجهي آهي، پر هن جا
رانجهو اڃا تائين تهمد ٻڌندا آهن، فل سوٽ پهري
شاعر ڪٿي ٿا هن کي پنهنجو ڪن!
ڍونگا گليءَ ۾ پهاڙي تي چشمو هو، جنهن جو ٿڌو شفاف پاڻي سڀني
پيتو. بس ۾ اسان سان هڪ گجراتي جوڙو هو، جو منهنجو
اڳ به واقف هو ۽ لاڪ وڊ هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جي
ڀرسان رهندو هو. گجراتڻ ڪڻڪ رنگي، پوري پني قد جي
هئي. هن جي ڀنل منهن تي ناکڦ جي ڦار جهڙو ننڍو نڪ
نهايت خوبصورت ٿي لڳو. مريءَ ۾ خاص ڪري جنهن هوٽل
۾ مان لٿل هوس، اتي هن کان به زياده خوبصورت
عورتون هيون، پر انهن جي خوبصورتيءَ ۾ مون کي ڪافي
ڪشش نظر نه آئي هئي. جڏهين هن ڍونگا گليءَ جي چشمي
مان پاڻي پي رومال سان منهن صاف ٿي ڪيو ته رومال
هن جي هٿ مان ڪري پيو ۽ هن جي مڙس رومال کڻي هن کي
ڏنو، ته هوءَ وات ٿورو کولي، ان مان ڄڀ جي چهنب
ٿورو ٻاهر ڪڍي، نهايت هلڪي کل لکي، جنهن ۾ نهايت
نفيس ادا سان هن جو سارو منهن لڏي ويو. اها ڄڀ جي
چهنب اڇن ڏندن جي وچ ۾ ائين لڳي رهي هئي، جيئن ڪلر
۾ کپر جو منهن. اها ساڳي پياري ادا منهنجي سڀ کان
پياري انسان ۾ هئي، جنهن جا ڏنگ اڃا تائين ڏکي
رهيا آهن. شايد مون ان گجراتڻ جي اها ادا هوٽل ۾
ڪيئي ڀيرا ڏٺي هئي، پر شعوري طرح منهنجو توجهه
انهيءَ ڏانهن ڍونگا گليءَ جي چشمي وٽ ويو. ياد جي
ڪُنڍي وقت جي درياءَ ۾ هميشه پيئي آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن
روح کي ڇڪي اچي ٿي، ته ڪائي تڙڳندي ترڪندي شي،
اکين اڳيان ٽپندي، تڙڦندي نظر اچي ٿي.
جڏهين نٿياگلي پهتاسين، ته وڏ- ڦڙو وسڻ لڳو. اسين برساتي ڪوٽ
پائي، ٿڙندا ٿاٻڙندا، پهاڙي پيچرن مان چڙهڻ
لڳاسين. منهنجو مٿي ذڪر ڪيل دوست، جو هڪ جذباتي
حقيقت پسند آهي، جنهن جو خدا جي وجود ۾ اعتبار نه
آهي پر حسن کي ازلي حقيقت تسليم ڪندو آهي، جنهن کي
هر انقلاب جي خونريزي وڻندي آهي پر پاڻ ڪنهن به
ساهه واري کي رنج رسائي نه سگهندو آهي، جنهن جا
خيالات اشتعال انگيز آهن، پر جنهن جي زندگي هڪ
يوگيءَ جي زندگي آهي، سو مٺڙي سُر ۾ لطيف سائينءَ
جو بيت ڳائڻ لڳو:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“
مون هن کان پڇيو، ”اهو ’يار‘ ڪير آهي؟“
”ڪوئي به نه آهي، ان جو وجود فقط شاعر جي تخيل ۾ آهي. “
”عقل ته ائين ٿو چوي، پر روح نٿومڃي، ڪوئي يار آهي ته سهي؛ ڪير
آهي، ڪٿي آهي، ڪيئن آهي، سو سمجهه ۾ نٿو اچي.
پنهنجي ننڍڙيءَ دنيا ۾ ئي جيستائين ڪوئي يار نه
آهي، ته زندگي اڻڀي ۽ آلوڻي ٿي لڳي؛ جي هن ساريءَ
ڪائنات ۾ ڪوئي يار نه آهي ته واقعي ڪائنات جي
رنگينيءَ ۾ ڪمي اچي ٿي وڃي. “
”تون وري وڃي فلسفي جي ڌٻڻ ۾ پئين. منهنجي هيءَ ساري ڪائنات يار
آهي، ۽ انهيءَ وسڻ جا ويس ڪيا آهن!“
پوءِ هو وري ڳائڻ لڳو-
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا. . . “
۽ مان سوچي رهيو هوس ته شاعريءَ پيغمبريءَ جو جزو نه آهي،
پيغمبريءَ شاعريءَ جو جزو آهي. ان وقت مينهن ڏاڍي
زور سان پوڻ لڳو. اسين اچي گورنمينٽ- هائوس لڳ
پهتاسين. ٻئي پاسي کان اهو گجراتي جوڙو اچي رهيو
هو. هنن کي برساتي ڪوٽ ڪو نه هو ۽ مينهن ۾ ڀڄي ويا
هئا، توڙي برسات کان پاڻ بچائڻ لاءِ هو چِيل جي
وڻن هيٺان ٿي آيا.
گجراتيءَ مون کان پڇيو ته تنهنجو دوست ڇا ٿو ڳائي. مون هن کي
ٻڌايو ته اهو شاهه لطيف جو بيت آهي. پوءِ مون هن
کي ان جي معني انگريزيءَ ۾ سمجهائي. شايد منهنجو
انگريزيءَ ترجمو پورو نه هو ۽ هو ’وسڻ جي ويس‘ جي
معني برساتي ڪوٽ سمجهي، سو هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”يار
به وڏو سودائي آهي؛ پاڻ برساتي ڪوٽ پائي ڪڪرن ۾
ويٺو آهي، ۽ هيٺ اسين ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين
ڀِڄي ويا آهيون!“
شام جو جڏهن موٽي رهيا هئاسين، ته پهاڙي مان هڪ ڇپ ڇڄي اچي بس
جي سامهون ڪِري. سڀ مسافر دهلجي ويا. جي بس ٿورو
اڳتي هجي ها ۽ اها ڇپ ان تي ڪِري ها يا ان کي لڳي
ها، ته بس رستي تان ٿڙي هزارها فٽ هيٺ ڪري ها. مون
کي اهو سوچي کل آئي ته زندگي موت جي ڪيترو نه قريب
آهي، گهڙيءَ ۾ اهو نيرو نيرو آسمان، اها ٿڌي ٿڌي
مٽي، اهي جهڙ، اهي برساتون، اهي درخت، سڀ اسان
لاءِ ختم ٿي وڃن ها. موت جو تصور زندگيءَ کي ڪيترو
نه بي معني ۽ ڪيترو نه معني خيز بڻائي ٿو ڇڏي! مون
کي هميشه اهو خيال ايندو آهي ته هيءَ زندگي بلڪل
مختصر آهي، ۽ ان ڪري مون کي ان تي ائين پيار ايندو
آهي، جيئن محبوب جي جوانيءَ تي اچي. جڏهن سوچيندو
آهيان ته ان جو ڪيترو حصو فقط ذريعه معاش جي پيڇي
۾ گذري ٿو. ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم، زندگيءَ جي فقط
اها گهڙي باقي آهي جا حسن جي تلاش ۾ گذري ٿي،
باقي سڀ ڪجهه فاني آهي. حسن خدا آهي، گرچه هر خدا
حسن نه آهي. ----- تنهنجو پنهنجو. . .
* * *
گاف هوٽل، ڀور-بن: 19 آگسٽ. --- ادا، مريءَ مان مضافات لاءِ
تفريحي بس هتي هڪ گهنٽي ۾ پهتي. رستو سڌو هو ۽
آسمان صاف. پهاڙين تي اُس ۽ ڇانوَ جي ڦير گهير
عجيب منظر پيدا ڪيو ٿي. گهري ناسي، ۽ آسماني رنگن
جي ملاوٽ ۾ ڪنهن ازلي مصور جو ذوق ٿي نظر آيو.
رستي تي ساڳ، چيل، ۽ بَنَ- ڦوڙ جا درخت اڪثريت ۾
نظر آيا، جيئن مريءَ کان نٿياگليءَ واري رستي تي
هئا. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ ڪٿي چانديءَ جو
زيور پائينديون آهن. ڪٿي ڪٿي ڪو جهنگلي گل ائين ٿي
لڳو، جيئن غريب پهاڙي محبوبڙيون ڪڏهن ڪڏهن ڪو
چانديءَ جو زيور پائينديون آهن. ڪٿي ڪٿي ڪوئي
ڪاٺ-ڪٽي جهڙو رنگين پکي، چيل جي ٿڙ تي چنبا
اٽڪائيندو، کنڀڙاٽيون ڦڙڪائيندو، چنبڙي رهيو هو،
جيئن ڪوئي سٻاجهو، سهڻو، مِٽُولو ٻارُ پنهنجي
جانٺيءَ ماءُ جي ڇاتيءَ تي چنبڙي پوي. چوڌاري ٻيو
ڪوئي پرندونظر نٿي آيو. مون کي اوچتو ياد آيو ته
ڏهه- پندرنهن ڏينهن اڳ مريءَ جي لاڪ ووڊ هوٽل جي
کاڌي جي ڪمري ۾ منهنجي ڀرسان هڪ پنجابي، ڪرڙوڍ،
پيٽَ وڏو، صدريءَ سان سوٽ ۾ ملبوس، گهاٽي سانوري
رنگ وارو سيٺ ويٺو هو، ۽ اڌ-اوٻاريل آني کي چمچي
سان کل تائين کُرڙي رهيو هو. هن جي ڊيل-ڊول،
ٺٺ-ٺانگر ۽ اُٿ-ويهه مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته چور
بازاريءَ جي پئسي سان هن جون صندوقون سٿيل هيون، ۽
هن جي ڳالهه ٻولهه مان ائين ٿي لڳو ته اڳيان راشي
۽ عزيزپرور ستاستدان سندس گهڻگهرا هئا. هن جي
ساري گفتگو کاڌي، ڌنڌي ۽ ماحول جي افرتفري متعلق
هئي. ڪوهه مريءَ ۾ هن کي ڪابه دلڪش شي نظر نه آئي
هئي، سواءِ ان جي، جا هن هڪ تعجب آميز سوال جي
صورت ۾ مون کان پڇي.
”تعجب آهي ته هتي ڳجهون نظر نٿيون اچن!“
مون هن جي شڪل صورت کي چتائي ڏٺو. منهنجي گهري نظر هن جي سوال
جو جواب هئي.
بس ۾ ٻارهن-چوڏهن پنجابي ڇوڪريون هيون. ساڳيو ئي ڀِنل، ڇِليل
باداميءَ جهڙو رنگ، ننڍڙي چِيل جي جهڳٽن جهڙا
ڪٽيل، سنوايل وار، ۽ رشوتي پيءُ جي ڦرلٽ مان ورتل
زرق برق لباس. هنن سان ڍولڪ ۽ جهانجهه به هئي.
جڏهن بس چيکا گليءَ کان اڳتي هلي ته هنن’ماهيا‘
ڳائڻ شروع ڪيو. بس جي آواز ۾ ڍولڪ ۽ جهانجهه جي
آواز ملي عجب اثر ٿي پيدا ڪيو. سامهون چيل جا
تناور درخت ڪنهن ڪن-ڦاڙ رانجهوءَ وانگر ويراڳي ٿيا
بيٺا هئا، ۽ هيءَ هِير جي نئين جوڻ ڏسي رهيا هئا،
جا ڍولڪ، جهانجهه ۽ بس جي رفتار ۾ اڏامندي ٿي وئي.
موڙ وٽ اوچتو بريڪ لڳڻ جو آواز ٿيو ۽ بس بيهجي
ويئي. مون وچينءَ سيٽ تان اٿي ڏٺو ته بس جي سامهون
هڪ ٽٽل ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪ سفيد ريش پهاڙي نظر آيو، جو
گويا اڳڙين ۾ ويڙهيل وارث شاهه جو ويڳاڻو روح ٿي
لڳو. ڊرائيور هن کي اردوءَ ۾ گار ڏيئي گيئر
ڦيرايو، ۽ بس هلڻ لڳي.
اڏهين بجي صبح جو بس ڀور-بن ريسٽ- هائوس وٽ پهتي ۽ سڀئي مسافر
لهي پيا. تفريحي گائيڊ هڪ سيالڪوٽ جو نوجوان
هو—سفيد سرخيءَ مائل رنگ، چيروين اکين هيٺان گهنجن
وانگر مسلسل ٿَڪ جا نشان، ڇڊا وار، پوروپنو قد،
بدن تي خاڪي وردي، ۽ پيرن ۾ سخت چمڙي جو گهيتلو.
هن کي هيٺئين درمياني درجي جي ڏيک هئي ۽ هن جي
منهن ۾ ڪائي مڻيا ڪانه هئي، باقي هن جي جسماني
ڦڙتي، چالاڪيءَ جي ڏيک ڏيئي رهي هئي. مون هن کان
’ڀورين‘ لفظ جي معني پڇي، ته هو پنهنجن ڇڊن وارن ۾
آڱريون وجهي ائين ڏسڻ لڳو، گويا هن جي دماغ ۾
ايتروخال هو، جيترو پهاڙي جي چوٽيءَ ۽ ڇهه هزار
فوٽ واديءَ جي وچ ۾ شايد اهو سوال هن کان اڳ ڪنهن
ڪونه پڇيو هو. مون کيس چيو شايد ڀور- بن جو اشتقاف
لفظ ’ڀور‘ ۽ ’بن‘ آهن، جن جي معني آهي ’پِرهه‘ ۽
’جهنگ‘ شايد هي جهنگ پرهه جي وقت نهايت پيارو
لڳندو آهي. شايد هن تي اهو نالو ڪنهن هندو يوگيءَ
رکيو هو، جو جهونجهڪڙي جو اُٿي، ڪنهن بن-ڦوڙ جي وڻ
هيٺان تپسيا ڪندو هو. تعجب آهي ته انهيءَ متروڪ
هندو تهذيب جو ڏنل نالو اڃا هلندو ٿو اچي! شايد
هندي لفظ ايترا پيارا آهن، جو انهن جا دلڪش پارسي
۽ عربي هم معني لفظ ڳولي لهڻ ناممڪن آهي!
گائيڊ اسان کي پهاڙي سرسبز پيچرن مان گاف- گرائونڊ طرف وٺي
هليو. ڪالهه هتي شايد برسات پيئي هئي، ڇو ته پيچرن
جي مٽي آلي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي گپ وانگر ٿي لڳي. اوچتو
پٺيان ڦهڪو ٿيو، ۽ مون منهن ورائي ڏٺو ته هڪ
پنجابي ڇوڪري، ترڪي، ڪِري پيئي هئي، ۽ ٻيون هن کي
هٿ ڏيئي اٿاري رهيون هيون. پريان هڪ پهاڙي عورت
پيچري تي ڊوڙندي ٿي آئي. گائيڊ هن کي ڏسي، ڇرڪي،
هن کي رستي ڏيڻ لاءِ هٽيو، ته ٿيڙ کاڌائين. مون کي
هن جي سادگيءَ تي کل آئي، ۽ مون هن ڏانهن ڏسي ان
عورت ڏانهن ڏٺو، جنهن جي پهاڙي برت سان ڀريل گهگهي
مان هن جو سڊول بدن سٽون ڏيئي رهيو هو. اُتر جو
واءُ هن جي گهگهي کي هن جي ڇاتيءَ، پيٽ ۽ پنين سان
چنبڙائي، هن جي جسم کي، هڪ سنگتراش وانگر، ظاهر
ڪري رهي هئي. گهگهو هن جي پيٽ وٽ ٻنهي پاسن کان خم
کائي، هن جي سٿرن جي خوبصورت گولائي ڏيکاري رهيو
هو. هن جون چيلهه تائين ڊگهيون چوٽيون هن جي بدن
جي چوڌاري ائين وڪڙ کائي رهيون هيون، گويا هن جو
انگ انگ واسينگن جي ور چڙهي ويو هو. جڏهن هوءَ
منهنجي ڀرسان سهڪندي، ڊوڙندي نڪري ويئي، ته آءُ هن
جي ساهه جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويس. منهنجي من
اُڇلون ڏنيون ۽ منهنجي گلي تائين ڪوئي گمنام جذبو
اُڀري آيو. سلام آهي توتي، اي ڌرتيءَ جي ڌيءَ!
تنهنجي خون ۾ رشوت يا چور بازاريءَ مان خريد ڪيل
نان جو رت نه آهي، تنهن گهگهي جي برت جي اُڻت ۾
حرام جي ڪمائيءَ جو هٿ نه آهي، تنهن ننگن پيرن جي
ترين کي هيءَ ٿڌي ڌرتي چُميون ڏيئي رهي آهي. سلام
آهي، توتي، اي منهنجي مٺڙي ڀيڻ! جي خدا آهي، ۽
انساني روح ان جو جلوو آهي، ته اهو جلوو تنهنجي
بکئي پيٽ، تنهنجي سادي لباس، تنهنجي سڊول بدن، ۽
تنهنجن ننگن پيرن جي ترين ۾ آهي!
گاف-گرائونڊ ٻن فرلانگن جي مفاصلي تي هو. اُتي ڪجهه ٻڍا ۽ ڪرڙوڍ
آمريڪي مرد ۽ عورتون گاف کيڏي رهيا هئا. سندن راند
ايتري بي معني ٿي لڳي، جيترو سندن بدن تي پيل منقش
قميصون، جيتري سندن تهذيب ۽ بين الاقوامي سياست،
مون کي اهو ڏسي تعجب آيو ته منهنجا سڀ همسفر هنن
جي کيل کي بي انتها محويت، تعجب ۽ حسرت سان ڏسي
رهيا هئا. گاف-گرائونڊ جي ڇيڙي تي ٻه وڏا پٿر پيا
هئا، مان ۽ گائيڊ انهن تي چڙهي ويٺاسين ۽ هيٺ
واديءَ ۾ ڏسڻ لڳاسين. اوڀر طرف سوين فوٽ هيٺ ٻن
پهاڙين جي وچ ۾ چانديءَ جو ڏنگو ڦڏو پڙڇ ٿي نظر
آيو، جو صبح جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هو. مون کي
گائيڊ ٻڌايو ته اها جهلم ندي هئي، جا ڏهن ميلن جي
مفاصلي تان نظر اچي رهي هئي، جهلم جنهن جي وهڪري ۾
قيامت جي تيزي، گجي ۽ گجگوڙ آهي، ۽ برساتي موسم ۾
جنهن جي هڪ اٿل هزارها بن- ڦوڙ، چيل ۽ ديال جا
ديو-صورت درخت جَڙن کان اُکيڙي سگهندي آهي، سا دور
تان هڪ چانديءَ جو پڙڇ نظر اچي رهي هئي، ڪهڙي نه
بيپناهه تشبيهه هئي، ان نديءَ جي منظر ۾!
گاف-گرائونڊ جي اولهه طرف لاهيءَ تي ڳوٺ هو، جنهن جو نالو گائيڊ
ٻڌايو ته ’روات‘ آهي. ان ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي ڪجهه
مخروطي لوهي چادرن جي ڇتين سان جديد قسم جون
جهوپڙيون هيون، جي مقامي زميندارن ۽ غير مقامي
عياش شاهوڪارن جون ٿي ڏٺيون، باقي هيٺ واديءَ ۾
جابجا ڀونگڙيون هيون، جي پنهنجيءَ ڇڳل ڇاتيءَ سان
آسمان جو مقابلو ڪري رهيون هيون. ايتري ۾ سج جهڙ
جي جهاڳ ۾ ٽٻي هنئي، ۽ سنهڙيون ڪڪريون ڇولين وانگر
ڇلنديون آيون ۽ آسپاس ڌنڌ ڇانئجي ويو. سنهڙيون
بوندون ڪنهن ڪنواريءَ جي لڄائتي منهن تان پگهر
وانگر ڪِرڻ لڳيون. مون برساتي ڪوٽ پائي، سگريٽ-ڪيس
گائيڊ ڏانهن وڌايو، ۽ پوءِ ٻيئي سگريٽ پيئندا پٿرن
تان هيٺ لٿاسين ۽ تڪڙو تڪڙو اچي همسفرن سان
ملياسين، جي تيزيءَ سان واپس وڃي رهيا هئا. سامهون
پيچرو ڌنڌ ۾ ويڙهيل هو، جنهن ۾ سڀئي اوچا درخت
ڍڪجي ويا هئا. رستي تي پاسي کان اوچتو ڪنهن جانور
جي گاج ٿي، جنهن جو اثر ڌنڌ، تيز هوا ۽ اسان جي
رفتار جي تيزيءَ سبب هيبت خيز ٿي لڳو. اسان مان هڪ
پنجابيءَ شايد ڇرڪي يا چرچي ۾ رڙ ڪئي-”شير!“ مون
ڌنڌ ۾ چتائي ڏٺو ته اٺن-ڏهن قدمن تي هڪ پهاڙي ڏاند
نظر آيو، جو گاهه چري رهيو هو ۽ اوڳاڇڻ جو آواز
ڪري رهيو هو. مون کلي، هن جي ڪلهي تي هٿ هڻي
چيو”بادشاهه، هتي شير ڪٿان آيا، هتي ته فقط ڍڳا
آهن-- ۽ تن کي به ٻوٿ تي ٻوٿاڙيون ۽ اکين تي کوپا
چڙهيل آهن.“ پنجابي بادشاهه ٽهه-ٽهه ڪري ڏند ٽيڙڻ
لڳو.
ريسٽ هائوس وٽ يارهين بجي پهتاسين ته ڌنڌ هٽي ويو ۽ ڪڪريون سفيد
ڏائڻين وانگر ڪنجرا اڏائينديون، مٿي آسمان ڏانهن
اُڏامڻ لڳيون. مون هيٺ ڏٺو ته ڪنهن سفيد ڏائڻ جو
ڇڏي ڏنل چراخ نظر آيو. هن جو منهن ڪٺ ڪارو، تيل جي
گهاڻي صاف ڪرڻ واري ڪپڙي سان اگهيل ٿي نظر آيو. هن
جا پان سان ڳاڙها ڏند ڪجهه ٻاهر نڪتل هئا ۽ اهي هن
جي هيٺئين چپ تي ائين ٿا لڳا، جيئن ٽامي جي طسريءَ
تي قنڌاري ڏاڙهونءَ جا داڻا. هن کي چيائين، ”
هئلو! اڄ موسم ته خراب آهي!“ مون سندس رسمي تعارف
جي جواب ۾ چيو، ”هائو، پر هتي جي خراب موسم فقط
جهٽ پل لاءِ آهي. هتي گهٽائن ۾ طوفانن جو انديشو
نه آهي--- گهٽائون، جي پاڻ سان ماڻهوءَ ٻوڙ مينهن
۽ آنڌيون آڻينديون آهن. هتي ڪڪرين کي فقط هوا جي
هلڪي چهبڪ جي ضرورت آهي، جنهن سان گهڙيءَ ۾ ٽڙي
پکڙي وڃن ٿيون؛ باقي ڌنڌ هتي بيحد ٿئي ٿو. “هو مون
ڏانهن تعجب مان ڏسڻ لڳو. مون کي هن جي بدصورتيءَ
لاءِ نفرت کان ڪجهه بغاوت جو احساس ٿيڻ لڳو، ۽ مان
هن سان وڌيڪ ڳالهائڻ لڳس. هو بنگالي مسلمان هو ۽
ڍاڪا ۾ بنگالي زبان جو پروفيسر هو. هو موڪلن ۾ آيو
هو ۽ ’گاف‘ هوٽل ۾ رهيو پيو هو. مون کائنس ٽئگور
متعلق سندس رايو پڇيو. چياين ته ”ٽئگور نه فقط
بنگالي زبان جو، پر مشرق جو عظيم ترين شاعر آهي.
هن جي شاعريءَ ۾ اهو لطف آهي، جو نديءَ جي سطح تي
شفق جو پاڇو پيدا ڪندو آهي. هن جي سٽ سٽ ۾ ڪمند جي
ڳني جي رس آهي، جنهن ۾ تازگي به آهي ۽ شيريني به.“
مون کانئس پڇيو ته ”نذرالاسلام جي شاعريءَ متعلق
تنهنجو ڇا رايو آهي؟“ چيائين ته ”تو ڏٺو آهي ته
مڇرن جي خوف کان ديهاتي ڇيڻا دکائي دونهون ڪندا
آهن؛ نذرالاسلام جي شاعري اهو دونهون آهي، ٽئگور ۽
نذرالاسلام جو مقابلو ائين آهي، جيئن برهمپترا ۽
ننڍڙي چرخي واري کوهه جو. ڪوشش ڪرڻ سان نذرالاسلام
جو مان به ڪجهه پياس ٻجهي ٿي.“ مون کيس ٻڌايو ته
مان مشرقي بنگال مان ٿي آيو آهيان، ۽ هيٺيان دوها
جي مون پوري گنگانديءَ جي گهاٽ تي ويهي لکيا هئا،
تن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن کي ٻڌايم: |