هنريڪ ايبسن
سنڌيڪار: اياز شاهد
جرنيل’گابلر‘ پنهنجي ڌيءَ ’هيڊا‘ جي پرورش وڏي ناز ۽ پيار سان
ڪئي هئي. گهر ۾ مال ۽ دولت جي ڪمي ڪا نه هئي،
چنانچه هيڊا جي هر خواهش وڏي آسانيءَ سان پوري ٿي
ويندي هئي. پسگردائيءَ ۾ رهڻ وارا سڀ ماڻهو کيس
سڃاڻندا هئا. هوءَ سڄو ڏينهن هيڏانهن کان هوڏانهن
۽ هوڏانهن کان هيڏانهن پئي ڦرندي هئي.
هيڊا جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس دل ۾ هڪ خواهش هن جي سڀني خواهشن
تي غالب رهي- ته کيس ماڻهن جي زندگيءَ تي پورو
اختيار ٿي وڃي، ۽ هوءَ جيڏانهن کين وٺي وڃي ۽ جنهن
ڍنگ سان چاهي انهن کي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪري.
اها ئي خواهش هئي، جنهن جي تحت هيڊا ’ٽيزمن‘ سان
شادي ڪئي. ٽِيزمن جو هيڊا وانگر اوچي خاندان سان
تعلق ڪو نه هو. هن وٽ ڪا جائداد به ڪا نه هئي. هو
وچولي طبقي جو فرد هو، مگر سندس علم هيڊا کي گهڻو
متاثر ڪيو. ٽيزمن علم تاريخ جو طالب علم هو، ۽
هيڊا کي پورو يقين هو ته هڪ ڏينهن ٽيزمن جو نالو
ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندو. هو هڪ ڪتاب لکي
رهيو هو، ۽ هيڊا جي خيال ۾ هي ڪتاب علم تاريخ جو
عظيم الشان ڪارنامو بڻجي ويندو. وري هو هيڊا سان
والهانه عشق به ته ڪري رهيو هيو. اها عورت ڪيتري
نه خوش قسمت هوندي جا هن جي پوري عمر جي ساٿي
ٿيندي، ۽ جنهن کي هن تي پورو اختيار هوندو. هيڊا
اهو سوچيندي هئي، ۽ اهو خيال ڪندي کيس خوشي ٿيندي
هئي ته هوءَ خود اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.
هڪ رات جڏهن هوءَ هڪ دعوت کان گهر موٽي ته ٽيزمن به سندس همراهه
آيو. جڏهن هو هڪ سابق وزير جي بنگلي کان لنگهيا ته
هيڊا چيو، ”ڪاش، مان هن بنگلي ۾ رهي سگهان!“ ۽
ٽيزمن ڳالهه وڌائڻ خاطر چيو، ”اهو ممڪن آهي.“ پوءِ
انهيءَ رات هنن طئه ڪيو ته هو پاڻ ۾ شادي ڪندا.
هيڊا جهڙي اميرزاديءَ جي پرستارن ۾ صرف هڪ ٽيزمن نه هو، پر ٻيا
به گهڻا ماڻهو هئا ، مثلاً، لوفبرگ به علمِ تاريخ
جو طالبعلم هو، هڪ زماني ۾ هن جي علم ۽ ظرف
نگاهيءَ جو وڏو چرچو هو، ۽ ماڻهو چوندا هئا ته هڪ
نه هڪ ڏينهن هو ضرور اوچي جڳهه والاريندو. مگر
لوفبرگ کي پيئڻ- پيارڻ ۽ ٻين ڪمزورين بعد ۾ بدنام
ڪري ڇڏيو هو. هينئر هو شهر ڇڏي ڪيڏانهن گم ٿي چڪو
هو.هيڊا شروع ۾ ساڻس محبت ڪندي هئي. هو ٻئي
اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڳالهيون ڪندا هئا. مگر هيڊا ۾
اها جرئت ڪا نه هئي جو هوءَ هن هر جائي نوجوان
خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏي؛ چنانچه هيڊا کيس
ٺڪرائي ڇڏيو.جڏهن هو رخصت ٿيو، تڏهن هوءَ جنرل
گابلر جو پستول ڪڍي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”مان تو کي
ڪنهن ڏينهن قتل ڪري ڇڏينديس!“ ۽ لوفبرگ هليو ويو.
هيڊا جي عاشقن ۾ جج براڪ هو، مگر ان کي به ناڪاميءَ جو منهن
ڏسڻو پيو. جج صاحب انهيءَ لائق نه هو جو هيڊا کيس
پنهنجي زندگيءَ جو مختيار بڻائڻ پسند ڪري. براڪ
انهيءَ جي باوجود قطع تعلق اختيار نه ڪيو. جڏهن
هيڊا ٽيزمن سان شادي ڪئي، تڏهن براڪ هر طرح سندس
مدد ڪئي. جڏهن هيڊا لاءِ بنگلي خريدڻ جو مسئلو
آيو، تڏهن براڪ ٽيزمن کي قرض ڏنو، ۽ هر طرح سان
کيس مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
هيڊا شاديءَ کان اڳ ٽيزمن بابت ۽ ازدواجي زندگيءَ متعلق خوش
فهميءَ جا ڪيترا ڄار اُڻيا هئا مگر اهي خوشنما ڄار
چند ئي مهينن ۾ تار تار ٿي ويا. شادي جيستائين محض
امڪان هئي، تيستائين نهايت حسين نظرپئي آئي؛هاڻي
جڏهن هيءَ حقيقت بڻي، تڏهن معلوم ٿيو ته هي حسن
صرف فريب نظر هو، هيڊا جڏهن هني مون ملهائڻ کان
پوءِ خاوند سان گڏ نئين بنگلي ۾ پهتي ته هوءَ سخت
بيزار ٿي چڪي هئي. ٽيزمن جا مڙيئي مٽ مائٽ غريب
هئا، ۽ اهي هن فيشنبل ڪنوار اڳيان بلڪل ڪو نه پئي
ٺهيا. هوءَ ڪڏهن به اهو تصور نه ڪندي هئي ته هو هن
جا به مائٽ آهن. ٽيزمن خود انهيءَ قابل نه هو جو
پنهنجيءَ زال جي خواهشن جو پورائو ڪري سگهي. گهر ۾
نڪو بيرو هو نه خانسامان – زور مس جي هڪ نوڪرياڻي
هئي، جنهن کي پورو ڳالهائڻ جي به تميز ڪانه هئي.
سئر تي وڃڻ لاءِ ڪا گهوڙي گاڏي به ڪا نه هئي. هڪ
پيانو هو، پر ايترو بدنما جو ڀرسان ويهڻ به دل نٿي
چاهيو، ۽ مڙس هو جو ڏينهن رات ڪتابن سان ڳالهين
ڪرڻ ۾ مشغول هو، يا ميز تي جهڪيو مسودن جي ورق
گردانيءَ ۾ مصروف رهندو هو. وري ٽيز اڃا ڪٿي ملازم
به نه هو. هن شادي ان خيال جي پيش نظر ڪئي هئي ته
هو ايندڙ سال يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿي ويندو، مگر
ان جي به ڪا صورت نظر نه پئي آئي.
هيڊا اڃا هني مون تان موٽي ئي هئي ته نوڪرياڻيءَ ٻڌايس ته ’هڪ
عورت ملڻ خاطر آئي هئي ۽ وري شام جو ايندي. ‘ شام
جو جڏهين ملاقاتيءَ کي هيڊا جي ڪمري ۾ موڪليو ويو،
تڏهن معلوم ٿيو ته مسز ايلوسٽيڊ آهي. مسز ايلوسٽيڊ
ڪنهن زماني ۾ هيڊا ۽ ٽيزمين ٻنهي جي هم جماعت رهي
چڪي هئي. هن ٻڌايو ته سندس شادي ٿي چڪي آهي. سندس
خاوند، مسٽر ايلوسٽڊ، سرڪاري عهديدار آهي. مگر زال
مڙس جي بڻجي نٿي. ٿورو اڳ جڏهن مسٽر ايلوسٽيڊ
لفبرگ کي پنهنجن ٻارن جو استاد مقرر ڪيو آهي، تڏهن
کان مسز ايلوسٽيڊ مڙس ۾ گهٽ، ۽لوفبرگ ۾ زياده
دلچسپي وٺي رهي آهي، زال مڙس ۾ ڪشيدگي وڌي ويئي
آهي. هن هيڊا کي اهو به ٻڌايوته لوفبرگ اڳي جهڙو
عياش ۽ متلون مزاج شخص نه رهيو آهي. مسز ايلوسٽيڊ
جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هن شراب کي هميشه لاءِ خيرباد
چيو آهي. هينئر هو ڪنهن به بري ڪم ۾ حصو نٿو وٺي ،
۽ هن دوباره لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو اٿس. سندس هڪ ڪتاب
ڇپجي چڪو آهي ۽ سڄو شهر ان ڪتاب جو مدح سرا آهي.
سندس ٻيو ڪتاب جلد ئي ڇپجڻ وارو آهي. جڏهن اهو عام
اڳيان ايندو، تڏهن معلوم ٿي ويندو لوفبرگ هڪ بلند
پايي جو مصنف آهي. هو ڪجهه ڏينهن کان کيس ڇڏي هتي
شهر ۾ آيو آهي، صرف چند ڏينهن لاءِ. پر هوءَ هن جي
پٺيان ئي هلي آئي آهي، کيس ڊپ آهي ته ڪٿي
خدانخواسته لوفبرگ وري نه بريءَ صحبت جو شڪار ٿي
وڃي، ۽ سندس سڄي محنت برباد نه ٿي وڃي. هوءَ هنيئر
خاوند ڏانهن واپس وڃڻ نٿي چاهي. هن هيڊا کي چيو ته
جيڪڏهن لوفبرگ هن وٽ اچي ته هوءَ سندس خيال رکي، ۽
پوءِ وري اچڻ جو وعدو ڪري هلي ويئي.
جڏهن ٽيزمن گهر موٽيو ته سندس بغل ۾ هڪ ڪتاب هو. ”هيڊا، هي ڪتاب
لوفبرگ لکيو آهي. “هن هيڊا کي ڪتاب ڏيکاريندي چيو.
”شهر ۾ هر جڳهه هن جو چرچو آهي. رستي ۾ ٿورو
پڙهيومانس. واقعي هڪ اهم ڪتاب آهي.“ هيڊا جي دل ۾
حسد جون چڻنگون جلي اٿيون. ’ڪاش، مان لوفبرگ سان
شادي ڪريان ها!‘ هن سوچيو. ان کان پوءِ جج براڪ
آيو، ۽ هن به لوفبرگ جي ڪتاب جي بيحد تعريف ڪئي.
از مسٽر ٽيزمن، هاڻي توهان کي ايتري آسانيءَ سان
نوڪري نه ملندي، ڇاڪاڻ ته لوفبرگ به ان جو ئي
طلبگار آهي.“ ٽيزمن جي دل ٿورڙي ٿيڻ لڳي. پوءِ
ٽيزمن ۽ براڪ ڳالهين ۾ ڇٽڪي ويا. ان رات براڪ پاڻ
وٽ هڪ دعوت ڏيئي رهيو هو، جنهن ۾ ٽيزمن به مدعو
هو. ٽيزمن کي ڪنهن ڪم سان ٻاهر وڃڻو هو. هو اٿي
ٻاهر هليو ويو. براڪ ۽ هيڊا ڪمري ۾ اڪيلا رهيا.
براڪ جي دل ۾ اڃا انهيءَ زماني جون يادون باقي
هيون، جڏهن هيڊا اڃا دوشيزه هئي. هينئر هن جي شادي
ٿي چڪي هئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ديوار حائل هئي. مگر
براڪ اڃا به چاهيو پئي ته اهڙيءَ طرح بي تڪلفيءَ
سان ساڻس گفتگو ڪري، جهڙيءَ طرح شاديءَ کان اڳ
ڪندو هو. هن چاهيو ٿي ته هيڊا کي سندس نالو وٺي
مخاطب ٿئي-جهڙيءَ طرح اڳي ڪندو هو-مگر هيڊا کي اها
ڳالهه ناپسند هئي.
شام ٿي ته لوفبرگ به آيو. کيس هيڊا مڙس کان خط لکي گهرايو هو.
جڏهن براڪ ۽ ٽيزمن ڪتاب جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي ته
هن چيو ته ”ڪتاب ته فضول ڪتاب آهي. هينئر جو ٻيو
منهنجو ڪتاب ڇپبو، ان کي پڙهجو ته توهان کي معلوم
ٿي ويندو ته واقعي اهو بلند پايي جو ڪتاب آهي.“
پوءِ هن ان ڪتاب جو مسودو کيسي مان ڪڍندي چيو،
”ٽيزمن، مان ان جو مسودو پاڻ سان گڏ آندو هو، جيئن
ان جو ڪجهه حصو توهان کي پڙهائي سگهان.“ ٽيزمن کيس
جج براڪ جي دعوت ۾ هلڻ لاءِ چيو، مگر لوفبرگ صاف
انڪار ڪيو. ”مان شراب کان توبهه ڪري ڇڏي آهي.“ هن
چيو، ”مان توهان جي دعوت ۾ شامل ٿي نه سگهندس.“
ايتري ۾ مسز ايلوسٽيڊ به اچي ويئي، هو ڪرسيءَ تان
اٿي وڃي ساڻس مليو. ٻنهي کي هڪٻئي سان والهانه عشق
هو. ”ٽيزمن، اهو هن جي رفاقت جو نتيجو آهي.“
هن مسز ايلوسٽيڊ ڏانهن نظر ڦيرائيندي چيو، ”هي ڪتاب به اسان
ٻنهي جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي.“ هيڊا جي دل ۾
حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي: ’ڪاش، اهو ڪم منهنجو ڪيل
هجي ها! ڪاش، مان هن جي مددگار هجان هان!“ هن
پنهنجو پاڻ کي چيو. کيس پنهنجو مڙس ڪيتريقدر نه
حقير پئي نظر آيو، لوفبرگ جي اڳيان. ڪاش، کيس
لوفبرگ جي زندگيءَ تي اختيار هجي! جڏهن هن لوفبرگ
کي شراب پيش ڪيو، تڏهن هن مسز ايلوسٽيڊ ڏسي انڪار
ڪري ڇڏيو. ”ڇا، تون منهنجي خاطر به نه پيئندي؟ “
هيڊا پڇيو. مسز ايلوسٽيڊ مداخلت ڪندي چيو، ”هن
شراب ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.“ ۽ لوفبرگ چيو، ”مان ڪنهن
جي به خاطر نه پيئندس.“
هيڊا جي دل ۾ حسد جي باهه تيز ٿي ويئي. ”تون شراب کا ڊڄين ٿو،
تون بزدل آهين، تو کي پاڻ تي به ڀروسو ڪونهي!“ هن
ڪاوڙ ۾ چيو. مگر لوفبرگ پوري اطمينان سان ويٺو
رهيو. جڏهن سڀ طعنا بيڪار ٿي چڪا، تڏهين هيڊا آخري
هٿيار استعمال ڪيو: ”نه صرف توکي پنهنجو پاڻ تي
ڀروسو ڪو نه آهي، بلڪ مسز ايلوسٽيڊ کي به توتي
ڀروسو ڪو نه آهي. ان ڪري ته هوءَ اڄ صبح گهٻرايل
حالت ۾ مون وٽ آئي هئي!“
لوفبرگ سڀ ڪجهه برداشت ڪري پئي سگهيو، پر هي فقرو نٿي ٻڌي سگهيو
ته مسز ايلوسٽيڊ کي به مٿس ڀروسو ڪونهي. هن مسز
ايلوسٽيڊ ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ها، ته
منهنجي عزيز ترين رفيقا به مون تي اعتبار نه ٿي
ڪري!“۽ پوءِ هن شراب جو گلاس ڀري طنز آميز لهجي
بلند آواز ٿي چيو، ”مسز ايلو، هي توهان جي صحت جو
جام آهي. “۽ اهو پي ويو، ۽ ٻيو گلاس ڀري چوڻ لڳو،
”هيڊا، هي تنهنجي خاطر آهي. “هينئر هو شراب ۾ مست
ٿي چڪو هو. اهو لوفبرگ، جنهن کي مسز ايلوسٽيڊ
ڪيتري عرصي کان ڪوشش ڪري تيار ڪيو هو، اهو لوفبرگ
ختم ٿي چڪو هو؛۽ اڄ دوباره اهو لوفبرگ زنده ٿي چڪو
هو، جنهن جي عياشي ۽ شراب نوشي هر جڳهه مشهور هئي.
مسز ايلوسٽيڊ زارو قطار روئي رهي هئي، ۽ هيڊا
پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش هئي. جڏهين ٽيزمن ۽ براڪ
دعوت لاءِ هليا، تڏهين لوفبرگ به ساڻن همراهه ٿيو.
“مسز ايلوسٽيڊ، توهان منهنجو انتظار ڪريو، “ هن
دروازي تي بيهندي چيو، ”آءٌ توهان کي ڏهين بجي ساڻ
وٺي هلندس. “
مسز ايلوسٽيڊ ساري رات انتظار ڪندي رهي، هُن ڏهين بجي جو وعدو
ڪيو هو، ۽ هينئر آسر اچي ٿيو هو، پر هو نه آيو. ان
وقت هيڊا، مسز ايلوسٽيڊ کي سمهڻ لاءِ مجبور ڪري
ڪمري ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سندس اکيون سڄيءَ رات جي
اوجاڳي ۽ بيحد روئڻ کان سرخ ٿي چڪيون هيون، مسز
ايلوسٽيڊ جڏهن سمهڻ لاءِ وڃي چڪي، تڏهن ٽيزمين گهر
۾ داخل ٿيو. هن هيڊا کي ٻڌايو ته لوفبرگ دعوت ۾
تمام گهڻو شراب پيتو هو ۽ هو هن کي چند دوستن وٽ
ڇڏي آيو هو. پوءِ هو ڪيڏانهن ويو، کيس انهيءَ جو
ڪو به علم ڪو نه هو. لوفبرگ نشي ۾ ايترو ته مدهوش
هو، جو هن رستي ۾ پنهنجو مسودو به ڪيرائي ڇڏيو هو،
اهو به چڱو جو ٽيزمن سندس پٺيان ٿي آيو، ۽ مسودو
کيس ملي ويو. هاڻي اهو هن جلد از جلد لوفبرگ کي
واپس ڪرڻ پئي چاهيو، ڇو ته کيس معلوم هو ته جڏهين
لوفبرگ هوش ۾ اچي مسودو غائب ڏسندو، تڏهن سندس
حالت ابتر ٿي ويندي. ان مسودي جو ڪجهه حصو جڏهن هن
لوفبرگ کان ٻڌو هو، تڏهن سوچيو هئائين ته هي ڪتاب
پنهنجي قسم جو پهريون ڪتاب آهي؛ان ڪري ٽيزمن
پنهنجو فرض ٿي ڄاتو ته هو اهو ڪتاب لوفبرگ کي واپس
ڏئي.
”تو ٻئي ڪنهن کي ته ڪو نه ٻڌايو آهي ته اهو ڪتاب تو وٽ آهي؟“
هيڊا پڇيو.
”نه نه، بلڪل نه، مان هي سڌو هيڏانهن کڻي آيو آهيان.“ ٽيزمن
جواب ڏنو.
”ته پوءِ اهو مون کي ڏيئي ڇڏ. “ هيڊا چيو. مگر ٽيزمن اهو جلدي
واپس کڻي وڃڻ ٿي چاهيو.
هو اهو بحث ڪري ئي رهيا هئا ته نوڪرياڻيءَ اچي ٻڌايو ته ٽيزمن
جو هڪ ويجهو عزيز سخت بيمار آهي ۽ هن کي سڏايو
اٿس. ٽيزمن بدحواسيءَ وچان وٺي ڀڳو. هيڊا ڪجهه
سوچيندي ڪتاب کڻي ميز جي خاني ۾ رکيو.
ڪجهه دير کان پوءِ جج براڪ آيو، ۽ هيڊا کي ٻڌايائين ته لوفبرگ
ساري رات هڪ فاحشه جي ڪوٺي تي رهيو آهي. صبح جو
وٽن جهڳڙو ٿي پيو. لوفبرگ پئي چيو ته هن منهنجو
ڪتاب چورايو آهي، ۽ هن صاف انڪار پئي ڪيو. اها
ڳالهه پوليس تائين پهچي چڪي آهي. براڪ هليو ويو،
تڏهن ٿوريءَ دير کان پوءِ دروازي تي ڪنهن جي پيرن
جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. هيڊا اٿي دروازو کوليو ته
لوفبرگ داخل ٿيو. هو نهايت ڪوماڻل حالت ۾ هو.
ايتري ۾ مسز ايلوسٽيڊ به اچي ويئي، ۽ لوفبرگ سان
وقت تي نه اچڻ جو شڪوو ڪيائين. لوفبرگ غمگين لهجي
۾ چيو، ”مسز ايلوسٽيڊ، هاڻي منهنجا تنهنجا رستا
جدا جدا صورت اختيار ڪري چڪا آهن. تون پنهنجي گهر
واپس هلي وڃ، مان تنهنجو ساٿ نٿو ڏيئي سگهان. “
”نه نه، “ مسز ايلو روئندي چيو، ”اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ مان تو
کان جدا ٿي سگهنديس. اڃا ته تنهنجو ڪتاب ڇپبو، ۽
پوءِ تون دنيا ۾ مشهور ٿي ويندين. ان ڪتاب ۾
منهنجو به ته حصو آهي. اهو اسان ٻنهي جي گڏيل
ڪوششن جو نتيجو آهي. اهو ته مون کي اهڙو پيارو
آهي، جهڙو هڪ ماءٌ کي پنهنجو پٽ. مان ان جي ڇپجڻ
وقت توسان گڏ هجڻ ٿي گهران. “
لوفبرگ جواب ڏنو، ”هاڻي اهو ڪتاب ڪڏهين به نه ڇپبو. سمجهه ته
مون پنهنجي پٽ کي پنهنجن هٿن سان قتل ڪري
ڇڏيو!“پوءِ هوزارو قطار رئندو واپس هليو ويو. ۽
ڪجهه دير کان پوءِ مسز ايلوسٽيڊ به هلي وئي.
جڏهن ڪمرو خالي ٿي ويو، تڏهن هوءَ باهه سان ٻرندڙ بخاري جي
ڀرسان ٿي بيٺي، ۽ لوفبرگ جي ڪتاب جو مسودو ميز جي
خاني مان ڪڍي هٿن ۾ جهلي بيٺي. هينئر کيس ڪيتري نه
خوشي محسوس ٿي رهي هئي. اڄ هوءَ هڪ شخص جي قسمت جو
فيصلو ڪري ٿي سگهِي، اهو شخص سندس خانود جهڙو
معمولي شخص نه هو. هو هڪ اهڙو شخص هو، جنهن جي
شهرت جو ڏونڪو سڄيءَ دنيا ۾ وڄڻ وارو هو. هيڊا اهو
سڀ ڪجهه سوچيندي، مسودي جو هڪڙو حصو ڦاڙيو ۽ باهه
جي نظر ڪيو، ۽ پوءِ بچيل ڪاغذ باهه ۾ وجهندي چوڻ
لڳي، ’لوفبرگ، هي هو تنهنجو ۽ مسز ايلوسٽيڊ جو
پٽ... اڄ مان کيس جلائي رهي آهيان، اڄ هن جو خاتمو
آهي!“
ڪجهه دير کان پوءِ خبر آئي ته لوفبرگ اسپتال ۾ آهي، ۽ هن پستول
سان خودڪشي ڪري ڇڏي. پستول جو نالو ٻڌي هيڊا کي
اهو پستول ياد اچي ويو، جو هن پيءُ جي کيسي مان
ڪڍي لوفبرگ کي انهيءَ وقت مسز ايلو کان نظرون
بچائيندي ڏنو هو، جڏهن هو مسز ايلوسٽيڊ کان جدا ٿي
وڃي رهيو هو. هن کيس پستول ڏيندي ائين به چيو هو،
”لوفبرگ، اميد اٿم ته تنهنجو موت حسين طريقي سان
ٿيندو. “هي پستول اهو ئي هو، جنهن سان هن دوشيزيءَ
واري زماني ۾ لوفبرگ کي ڊيڄاريو هو.
رات جو مسز ايلوسٽيڊ ۽ ٽيزمن ويٺا نقشا ڏسي رهيا هئا، جن کي
سامهون رکندي لوفبرگ پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪيو هو.
هيڊا ٽيزمن کي ڪتاب ساڙڻ جو ٻڌائي چڪي هئي، ۽ عذر
اهو ڪيو هئائين ته جيڪڏهن هي ڪتاب ڇپجي وڃي ها ته
اهو يقيناً ٽيزمن جي رستي ۾ حائل ٿي وڃي ها:هو ٻئي
هڪ نوڪريءَ جا طلبگار هئا، ٽيزمن کي ڪڏهين به
لوفبرگ جي موجودگيءَ ۾ نوڪري نه ملي ها ۽ سندس
مستقبل تباهه ٿي وڃي ها. مسودي متعلق جيڪا به
ڳالهه هئي سا ٻنهي زال-مڙسن جي وچ ۾ هڪ راز هئي،
جنهن جو ڪنهن به ٻئي کي پتو نه هو؛چنانچه ٽيزمن
زال جي ڳالهه مڃي ۽ معاملو دٻجي ويو. ٽيزمن کي
لوفبرگ جي موت جو ته غم ڪو نه هو، البت مسودي جي
ناس ٿيڻ جو غم ضرور هوس. هينئر هن مسز ايلوسٽيڊ
سان ملي ان کي وري لکڻ ٿي چاهيو؛انهيءَ ڪري هنن
پاڻ ۾ پروگرام بنايو ته هو روز شام جو مسز
ايلوسٽيڊ وٽ وڃي ڪتاب تي محنت ڪندو. مگر هيڊا شام
جو اڪيلي هئي:۽ ان جو حل ٽيزمن اهو سوچيو هو ته
روز شام جو جج براڪ هيڊا سان گڏجي شام گذاري. براڪ
بخوشي ان لاءِ تيار هو، بلڪ هو ته انهيءَ موقعي جو
ڪيتري عرصي کان خواهشمند هو.
براڪ جي ڄاڻ ۾ هڪ ٻيءَ ڳالهه جو به واڌارو ٿيو هو، ۽ ان جي برڪت
سان هو ان قابل هو ته هو هيڊا کان جو ڪجهه چاهي
ڪرائي پئي سگهيو. پوليس لوفبرگ جي قتل جي تفتيش
ڪري رهي هئي، ۽ براڪ کي خبر هئي ته جنهن پستول سان
هن خودڪشي ڪئي آهي، اهو جنرل گابلر جو پستول آهي.
چنانچه هن انهيءَ شام جو هيڊا کي ڳالهين ئي ڳالهين
۾ ٻڌائي ڇڏيو ته هو لوفبرگ جي خودڪشيءَ جو هيڊا
سان بهرحال تعلق آهي، ۽ اهو به ٻڌايائين ته هيڊا
ان کي لڪائڻ ٿي چاهي. ” ڏسو نه، اهو توهان جي۽
منهنجي وچ ۾ هڪ راز رهندو، “هو کيس ٻڌائيندو رهيو،
”ان جي ڪنهن کي به خبر نه پوندي، ۽ اسين اهڙيءَ
طرح خوشيءَ جون شامون بسر ڪندا رهنداسين. “ٻئي
ڪمري ۾ مسز ايلوسٽيڊ ۽ ٽيزمن، لوفبرگ جي ڪتاب جي
خاڪي تي جهڪيل، بحث ۾ مشغول هئا. هيڏانهن براڪ پاڻ
کي هيڊا جي زندگيءَ ۾ زبردستي داخل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو هو. هيڊا کي ڪيڏي نه نفرت پئي ٿي هن
کان-’هي شخص پاڻ کي مون تي مسلط ڪرڻ ٿو گهري-هيڊا
گابلر تي!هي سمجهي ٿو ته ڇاڪاڻ ته هن کي منهنجي
راز جو پتو آهي، ان ڪري جيئن هي چاهي مون کان
ڪرائي سگهي ٿو!‘ ۽ براڪ اهي ئي ڳالهيون ڪندو رهيو.
هو هر شام هتي ايندو رهندو هو، ۽ تنهائيءَ ۾ هيڊا
سان ڳالهيون ڪندو هو.
هيڊا پنهنجيءَ جڳهه تان اٿي ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي. ”ٽيزمن، تون
بيشڪ روزانو مسز ايلوسٽيڊ ڏانهن ويندو ڪر. “هيڊا
چيو، ”توهان ٻئي تمام سٺا دوست بنجي سگهو ٿا.“
”تون بلڪل ٺيڪ ٿي چوين، “ ٽيزمن چيو.
جج براڪ چوڻ لڳو، ”۽ مان هر شام جو هتي ايندس ۽ ٽيزمن جي
غيرموجودگيءَ ۾ توکي احساس به نه ٿيندو. “
هيڊا کلي رهي هئي. سندس کل طنز آميز هئي. مسز ايلو ٻئي ڪمري ۾
ٽيزمن سان ڳالهائيندي رهي. اچانڪ هوءَ خاموش ٿي
وئي. اندرئين ڪمري ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز ٿيو. سڀ
اندر داخل ٿيا. ڏٺائون ته هيڊا گابلر فرش تي رت ۾
وهنتي پئي آهي، ۽ جنرل گابلر جو ٻيو پستول سندس
ڀرسان فرش تي پيو هو.
منهنجي محبوبه!
ڇا، تو کي اهو باغ ياد آهي،
جنهن ۾ اسين ٻئي، اکين ۾ اکيون وجهي، هڪٻئي جي چهرن کي ڏسي رهيا
هئاسين، ۽ تنهنجون اکيون مون کي چئي رهيون هيون ته
مون سان تنهنجي محبت، شفقت سان پيدا نه ٿي آهي:
۽ انهن اکين مون کي ٻڌايو
ته آءٌ پنهنجو پاڻ کي ۽ سڄيءَ دنيا کي ٻڌائي ڇڏيان ته جيڪو
احسان انصاف سان پيدا ٿيو هجي، اهو ابتدائي نيڪيءَ
کان گهڻو بلند آهي:
۽ اها محبت، جيڪا محدود ظرفن ۾ قيد رهي ٿي، ڪسيءَ جي گندي
پاڻيءَ جهڙي آهي.
منهنجي محبوبه!
منهنجي سامهون هڪ زندگي آهي، جنهن کي آءٌ تمام خوبصورت ۽ بلند
بڻائڻ چاهيان ٿو-اهڙي زندگي، جنهن ۾ اچڻ واري
انسان جون يادگيريون سمايل آهن، ۽ ان جي محبت
اعتبار جي خواهشمند آهي-
اهڙي زندگي، جيڪا اسان جي پهرينءَ ملاقات سان شروع ٿي؛
مون کي ان جي هميشه رهڻ جو يقين آهي، ڇو ته آءٌ محسوس ڪريان ٿو
ته تون مون ۾ سمايل قوتن کي چڱين چڱين ڳالهين ۽
وڏن وڏن ڪارنامن جو جامو پهرائي سگهين ٿي:
جيئن سجُ مٽيءَ مان خوشبودار ۽ خوبصورت ڦَلُ ٿو ڦُٽائي، تيئن
منهنجي محبت ايندڙ زمانن لاءِ ورثو بنجي ويندي!-
- خليل جبران |