نسيم کرل
خاڪي پنهنجي فطرت ۾-
سانوڻ جي ٽاڪ منجهند جو ٻيرن جي ٿڌيءَ ڇانو هيٺان تاس پئي
کيڏيسين ته هو آيو. مون کي نوڙي کيڪارڻ بعد، هڪ
همراهه کي پاسي ڪري پاڻ کيڏڻ ويهي رهيو. سڀني کي
ڄڻ واسينگ نانگ سنگهي ويو. ڪنهن جي منهن مان ٻڙڪ
نه پئي نڪتي. ٻيا ته ڇڏيو پر علو، جيڪو ڳوٺ ۾
پنهنجيءَ لٻاڙ ۽ بڪواس ڪري مشهور هو، سو به ڪن ڇٻا
ڪري ماٺ ڪري ويٺو هو - حرام جو سندس اچڻ بعد هڪ
حرف به ڳالهايو هئائين. جڏهن شام جا پاڇا لَڙي آيا
۽ راند بند ڪئيسين ته اوطاق ڏانهن ويندي مون علوءَ
کان پڇيو؛
”اهو هو ماهي؟“ آءٌ رخ مان ئي کيس سهي ڪري ويو هوس.
”شڪل ۾ ته ڀيڻسان سِکو ٿو ڏيکارجي.“
آءٌ ڪوڙ نٿو ڳالهيان، هو واقعي سک پئي لڳو، سندس چيلهه تي پوندڙ
ڊگها وار ۽ ڦڻيءَ تي ڀڳل ڏاڙهي سکن وانگرهئي.
اوئين ئي سکن وانگر وات تي پوندڙ وڏا وڏا شهپر
هئس. فرق رڳو اهو هو جو سک هميشه پاڻ سان ڪرپان
کڻندا آهن ۽ هن کي ڪُلهي تي وڏي ڪهاڙي هئي، جنهن
جي ڦر تي ڪيترا ڪارا ڪارا داغ هئا، جي علوءَ چوڻ
مطابق انساني رت جا هئا.
”آدم سِرُ اِلاهي آهي، ۽ ان جي رت جي داغن کي ڪيتري به واري
هڻين، ڪونه لهندا“ علوءَ مون کي سمجهائيندي چيو
هو.
هو ڪير هو، ڪٿان آيو هو، ڪن ٿورن کي خبر هئي. هونئن ته جيترا
وات اوتريون ڳالهيون هيون. ڪن جي خيال ۾ هو مشهور
ڌاڙيل عبدالرحمان بروهيءَ جو ساڄو هٿ هو، ته ڪي
وري سندس دليري ڏسي کيس تازو واردات تي مئل ليمي
ڪوش جو ساٿي سمجهندا هئا، جنهن کان سرڪاري ڊاڪٽر
پوسٽ مارٽم وقت ٻه هنياءَ ڪڍيا هئا. هو هن ڳوٺ ۾
به لڙيءَ سو مهڻيءَ آيو هو. ڪنهن ڏورانهين زميندار
جو خط آندو هئائين. اچڻ سان ئي وڏيري وڏي سان ملڻ
جي طلب ڪئي هئائين،جو سندس ٻڌي هڪدم ٻاهر آيو هو.
وڏيري وڏي خط پڙهي چشمن تي رکيو هو ۽ کيس چيو هو،
”ابا،تون بي فلڪو ٿي رهه، هتي تنهنجي وار کي به
ايذاءُ نه ايندو.“ ان بعد هو هتي رهڻ لڳو هو. پر
حرام جون مانيون هن کي به نه وڻنديون هيون. ويسند
پئي ڏٺائين ته ڪڏهن وڏيري سان ذڪر ڪڍي موڪل گهري.
آخر هڪ ڏينهن وڏيري وڏي پنهنجن همراهن جون ٻانهون
ڏيئي کيس چرڻ پرڻ جي موڪل ڏني هئي. کيس رڳو ايترو
چيو هو، ”ابا، جي ڌَڪِي ٿيئن، ڦَٽِي ٿئين، ته رڳو
رات جي پهر ۾ پاڻ هتي کڻائي اچج، پوءِ اولوئي
ڪونهي.“
وڏيرو وڏو، زماني جو ماڻهو هو. اوکيءَ ويل لاءِ ٻه چار اڻ گُس
مڙس وٽس هوندا ئي هئا. بس، اشاري جي دير هئي، خان
خانان جي سريءَ لاهڻ کان به ڪو نه ڊڄندا هئا. ڪنهن
ڳالهه جو فڪر ڪو نه هو. ضلعي جي ڪل ڪامورن ۾ سندس
رسائي پهچندي هئي. ڪو ڪامورو بدلي ٿي ويندو هو ته
ان وٽ پهرئين ئي ڏينهن تي پهچبو هو. کيس موسم
مطابق ڏالي ڏبي هئي. پر جي ڪامورو ڪرڙو هوندو هو ۽
انهيءَ قسم جي ڏي _وٺ کي پسند نه ڪندو هو، ته کيس
شڪار جي دعوت ڏبي هئي. ڪامورو خوش ٿي ويندو هو ۽
پوين کي به وڏيري جون پارتون ڪري ويندو هو. ڪيترن
ڪامورن ته کيس سونن اکرن ۾ لکيل پروانا ۽ آفرين
ناما به ڏنا هئا، جي سڀ وٽس سنڀالي رکيل هئا. قصو
کٽائڻو - مڙس امير هو ۽ سندس ساراهه مان ڪو ڍاپندو
ڪو نه هو.
سندس دليريءَ جي ڌاڪ پهرئين ڌاڙي ۾ ڄمي ويئي هئي. هن واهوچن ۾
ڌاڙو هنيو هو، ڀاڳيو هلنديءَ وارو هو، ڌاڙيل کان
ٻه ڏينهن اڳ روپين جا پنج هزار آڻي گهر رکيا
هئائين. اهي سڀ ڳالهيون هن هڪ جاچوس معرفت جاچي
پوءِ قدم کنيوهو. هو پاڻ به چوندو هو،”مان ڪو لوسي
چور نه آهيان جو سؤ ڏيڍ جو ٻڌي ڀڳو وڃان. ڌاڙو
هڻجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪي ڏينهن ويهي کائجي. ڪو زور
پوي ته اڳين کي به ڪجهه منهن ۾ هڻي جان ڇڏائجي.“
ڌاڙي کان اڳ ۾ هن همراهن کي سمجهاڻيون ڏنيون هيون:
”ڀاڳئي کي اسين لهڻون ڪو نه جو پاڻ گهر ڦُري
ڏيندو. مڙسان مڙسيءَ جون ڳالهيون ٿينديون. ڀاڳيو
مرڻ مارڻ جي ڪو نه ڪندو. جي ڀڄڻو اَٿو ته هاڻ ئي
وِک ڏيکاريو. پوءِ ڀڄندؤ ته پهرين توهان سان پڄي
کائيندس، ٻيون ڳالهيون پوءِ ٿينديون.“ ڌاڙي جي
اصولن تي هن چيو هو:” جي ڀاڳيو مقابلو ڪري ته ان
سان هڪ هنڌ بيهي مقابلو نه ڪجي، پر هڪ ڌڪ اڳيان
هڻجي ته ڊڪي هڪ ڌڪ پٺيان به هڻي وٺجي. مگر ڌڪ اهڙا
هڻجن جو ٻرڙوٽ نه ٿئي پر ڪا گهڙي هڪ جاءِ تي
سيڪاٽيو پيو هجي. گهڻو روڄ راڙو به مارائيندو
آهي.“جڏهن ڌاڙو هڻي ٻاهر نڪتا ته ٽن ڳوٺن جي واهر
اچي پهتي هئي. سندس ساٿي ٽپڙ ڇڏي کڙين تي زور ڏيڻ
۾ هئا ته هن رڙ ڪري همراهن کي چيو هو، ”کَلا
شڪاري، متان ڀڳا آهيو!“ ان بعد پنهنجن همراهن کي
اڳ ۾ ڪري، سڄي واهر پلي، پوءِ ٻاهر نڪتا هئا_حرام
جو ڪا چيڙهه دڳ تي ڇڏي هئائون. اها ڳالهه ٻڌي
وڏيري وڏي سندس پٺي ٺپي هئي ۽ انعام ۾ پنهنجي
پتيءَ مان به ڪجهه کيس ڏنو هئائين. جڏهن ڀڳائي کان
ڪنهن جوڻي وٺي کيس ڌاڙي جي پيرائتي ڳالهه ڪري
ٻڌائي ته هو ميل ڪري وڏيري وٽ آيو هو. وڏيري وڏي
سندس منهن تي ماهيءَ کان پڇيو به هو، مگر هن
انڪاري جواب ڏنو هو. پر جڏهن ڀاڳئي پنهنجي ڏاڏر
ڏيکاري ته هن زمين تي آڱر سان ٻه ليڪا ڪڍي چيو
هو،”جي صوبيداري ڏي وڃين ته هيءَ سڙنڪ ٿئِي، پر جي
سڌو شهر وڃي ناظم کي دانهن ٿئين ته هيءَ سڌي سڙنڪ
وٺيو وڃ، جيئن جلد پهچين!“
***
سڄي ڪچهري سُنَ ۾ هئي. وڏيرو وڏو به اونهين فڪر ۾ هو. سڀني پئي
وڏيري جي منهن کي تڪيو ته ڪهڙو ٿو حڪم نڪري.
گهڻيءَ دير کانپوءِ وڏيري وڏي، ماهيءَ کي سڏ ڪيو.
سندس آواز ۾ ڪاوڙ ۾ رعب هو. ”جيءُ، سائين.“ ماهيءَ
هڪدم جواب ڏنو. ”رڻ پٽ جي سري آڻي ڏين ته پوءِ
مڃانءِ!“ وڏيرو خار ۾ ڏڪي رهيو هو”حاضر، سائين!“
ماهيءَ پنهنجن همراهن ڏي نهاريندي جواب ڏنو. ”اڄ
ئي وڃ.“ وڏيري کيس چيو. ڳالهه ڳري هئي؛ ڪنهن کي
مجال جو وڏيري وڏي جي باري ۾ گٿا لفظ ڪڍي.
وڏيروفتح محمد پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ ڊنگ
زميندار هو، ته به پنهنجي ڪاڻ. وڏيري وڏي ساڻس ڪئي
هئي ۽ گٿا لفظ ڳالهايا هئا. چي، ”چوريون ٿو ڪرائي،
ڌاڙا ٿو هڻائي!“ وڏيري وڏي جا ته مٿس ڪيترائي لائق
هئا. ڪيترا ڀيرا سندس پنڌ کي سجايو ڪري مال به
موٽائي ڏنو هئائين. اها ڳالهه ٻي هئي ته ناظم
وڏيري وڏي سان ٺهيل هو، ۽ اها ڳالهه کيس پاڻ ٻڌائي
هئائين. پر هو ته پنهنجو وارو ڪري بيٺو هو ۽ ان جي
سزا کيس لوڙڻي هئي.
ساڳين ٻيرين هيٺان راند پئي کيڏيسين. چهچٽو لڳو پيو هو. علوءَ ۽
مان ٻيءَ ڌر کي سلام ڏنو هو، تن ڏنڊ ۾ ڪن گوڇي پئي
ڪئي ته خميسو ڀڄندو آيو. ”سائين، وڏيري وڏي ماهيءَ
کي ڪڍي ڇڏيو.“ سڀني جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي.
ماهيءَ کان هرڪو ڊڄندو هو. ”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
”وڏيري وڏي کيس موڪليو هو نه ڪلهه هوڏي؟“ خميسو
اشارن ۾ سمجهائڻ لڳو. هونئن به اها ڳالهه هن ئي
اسان کي ٻڌائي هئي. ”ها-“ ”اتان خالي هٿين موٽي
آيو. چيائين ته وڏيرو فتح محمد اندر ڪوٺيءَ ۾ ڀڄي
ويو... هو سندس پٺيان پيا ته سندس نياڻي قرآن مٿي
تي کڻي اچي سندن اڳيان بيٺي... ۽ هو همراهن کي
جهلي، قرآن ۽ نياڻيءَ کي مُهت ڏيئي، ٻانهن لوڏيندو
واپس موٽي آيو.“ خميسي ٽوڪ جي نموني ۾ چيو. سڀيئي
پنڊ پهڻ ٿي ويا، ڄڻ ڪنهن جادوگر مٿن جادوءَ جي ڇڙي
گهمائي هئي. ٻيا ته ڇڏيو، پر علو جيڪوڳوٺ ۾ پنهنجي
بڪواس ۽ لٻاڙ ڪري مشهور هو ۽ ماهيءَ جو سڀني کان
وڌيڪ دشمن هو، سو به ڏسان ته ڪن ڇٻا ڪري ماٺ ڪري
ويٺو هو.
غلام نبي مغل
سهڻو سُور
جيئن ئي هو دِڪيءَ تان اٿيو ٿي ڀرسان پيل پٿر تان ٿاٻڙجي ڪري
پيو. اهڙا ڌڪا ۽ ٿاٻا، پنهنجي زندگيءَ ۾ دڳ دڳ تي
ڏٺا ۽ سَٺا هئا. سور سهي سهي، هاڻ کيس ڪو به درد
نئون محسوس ڪونه ٿيندو هو. اها حقيقت آهي ته
جيڪڏهن دنيا تي به روز روز ائٽم بم يا هائيڊرو جن
بم وسن ته انسان انهيءَ مصيبت تي به هري وڃي. هن
کي اهو
افسوس ڪونه هو ته ڪا رهڙ آئي هيس، پر نظر کڻي ڏٺائين ته کيس سٿڻ پائنچي کان گوڏي تائين اصل رت
منجهه رنڱيل نظر آئي. رت جون ٺينڊيون وهڻ لڳيون،
اصل ڦاٽل بوٽ جي تري ۾ به رت وڃي رسيو. هن ٽنگ کڻڻ
جي ڪوشش ڪئي، پرٽَنگ تمام ڳري محسوس ٿيس- ڄڻ ته
سندس رستي ۾ ڪا وڏي ڇپ اچي پئي هئي، جنهن کي هٽائڻ
جو منجهس ست ڪونه رهيو هو. ڪجهه دير ته اکين اڳيان
اوندهه ڇانئجي وئيس، پر پوءِ وري دِڪيءَ تي ويهي،
هن ٽنگ سڌي ڪئي. سٿڻ کي ڏڪندڙ آڱرين سان جهلي،
آهستي آهستي مٿي کنيائين. ناسور تي چڙهيل ڪڙيءَ کي
هن هنڌان رهڙ اچي ويئي هئي، جنهن مان رت پئي ٽميو
۽ چوڌاري رت ڄمي، چمڪڻ لڳو هو. اُس به نٽهڻ هئي ۽
سج ڄڻ ٻريو پئي، پر هن کي ائين محسوس ڄڻ ٿيو، سندس
قسمت جو سج هاڻي آخري ٽٻيءَ ۾ آهي.
هو ناسور کي گهوريندو رهيو. کيس ناسور جي گول چڪري تي اهي سڀ
واقعا نظر اچڻ لڳا، جن خود سندس حياتيءَ کي ڪنهن
لا علاج ناسور جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. هن کي
ايراني هوٽل جي دروازي واري ڪنڊ ياد اچڻ لڳي. جتي
سندس ڏينهن رات جو ماڳ هو. سڄو ڏينهن، هڪ ٽنگ
ڪرونڊڙي ڪريو، ٻي فُٽپاٿ تي سنئين ڪريو، ليٽيو پيو
هوندوهو. واٽهڙو سندس ٽنگ جي چِمڪندڙ ناسور ۽ پوءِ
چُمڪندڙ جوانيءَ کي ڏسي، ترس کائي ڪجهه ڏيئي ويندا
هئس. هن جي اها ڪرت ٿي ويئي هئي-
هڪڙي پائنچي کي گوڏي تائين کنيو، ٽنگ سڌي ڪري
ليٽيو پيو هوندو هو. ڄڻ سڀني کي چئي رهيو،’ڏسو،
مان خيرات جو حقدار آهيان، مون کي هي ”سرٽيفڪيٽ“
به مليل آهي!‘
سندس اهي ڏينهن ڏاڍا آرام سان ڪٽبا هئا. شام تائين رپيو- ڏيڍ ٿي
ويندو هوس. ماني ته اوئين ئي ايراني هوٽل وارو
کارائيندو هوس. اهڙن سهنجن ڏينهن ۾ کيس پنهنجو
ماضي به وسري ويو هو. يا ائين کڻي چئجي ته سندس
ٽنگ جي ناسور کيس چڱي مدد ڪئي، جو چئن ڏينهن جي
حياتي ڀرئي پيٽ سان گذرڻي هئي.
کيس پوريءَ طرح ياد ڪو نه هو ته ڪيترا ڏينهن انهيءَ فٽ پاٿ تي ليٽيو رهيو، پر اهو ضرور ياد هوس ته هن ٻه سرديون ۽ هڪ
گرمي انهيءَ فٽپاٿ تي سَٺيون هيون، انهيءَ کان
سواءِ هو ڌڻيءَ جو پڻ شڪر گذار هو جو کيس ٻين
وانگر اٽڪلون ۽ چالاڪيون ڪو نه ڪرڻيون پيون. کيس
ياد هو، هڪ ڀيري گرمين ۾ هڪ لنگڙو فقير رات جو اچي
سندس ڀرسان سمهندو هو، جنهن کيس سندن ’برادري‘
متعلق ڪجهه ٻڌايو هو. لنگڙي پاڻ مڃيو ته هو خود
لنگڙو ڪو نه هو، پر آخر مجبور ٿي لنگڙو ٿيڻو پيس
جو ماڻهو ڏٽي مٽي کي پيسا ڏين ئي ڪو نه.
اهو به ياد هوس ته لنگڙي کيس پنڻ جا ڪئي طريقا به ٻڌايا هئا.
جيئن ته اڄ ڪلهه ماڻهن وٽ پيسي جي قلت آهي، سو هُو
فقيرن کي تمام مشڪل سان ڪي ڏين ٿا. ڪن آزمودي گار
فقيرن تي ماڻهن کي ائين صحيح ڪري ورتو آهي جو هو
رڳو اُنهيءَ ماڻهو جي اڳيان هٿ ٽنگيندا، جنهن مان
ڪجهه آسرو هجي. ننڍڙن ٻارن وارو فقير خوش نصيب
سمجهيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري جو سندس ٻار هميشه
بکيا سمجهيا ويندا آهن؛ ۽ جي ڪنهن کي اتفاق سان
زال به ساڻ آهي ته اصل خوشين ۾ ڪين ماپندو. هر
ايندڙ ويندڙ کي برقعي سان عورت ڏيکاري چوندو، ’رڳو
ڀاڙي جا پيسا کپن ته مان وطن(پنجاب يا سرحد وغيره
وڃان‘، جتي پڻ سندس ٻيا ٻچا بک ۾ پاهه پيا ٿين- پر
سال گذريو وڃن، سنڌ مان ڪو نه نڪرن. ڀلا جنهن بي
گهر کي مس مس يتيمخاني جو آسرو مليو هجي، سو ڪٿي
ٿو ڇڏي اهڙيءَ نعمت کي! ڪي حضرت اهڙا به آهن،
جي شام کان وٺي ڏهين تائين هوٽلن جو در جهليو بيٺا
هوندا آهن،
۽ کيسا اصل پيسن جي بار سان پيا لٽڪندن،
ته به انهيءَ کي لڪائيندي،
اُهو سوال،’اِڪ روٽي دا سوال هي پِراءَ جي!‘ ڪو نه
ويندن.
هن جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽
سوچڻ لڳو ته جي کيس اهو ناسور نه هجي ها ته ضرور
ڪا نه ڪا ڀري مزوري يا پٽيوالي به وڃي ڳولي ها.
هڪڙي ڏينهن پنهنجي دستور موجب هو فٽپاٿ تي ليٽيو پيو هو، اها ئي کُليل ٽنگ نظر آئي
پئي، اهو ئي ناسور،
جنهن مان گند پئي وهيو، ته ايتري ۾ هڪ شخص اچي سامهون بيٺس ۽ غور سان ناسور کي ڏسڻ لڳو.
”ٽنگ کي پاڇي ۾ جهلي ويهه، پٽ!“ ان شخص چيس،”اُس لڳڻ ڪري ڦٽ
ويتر پچندو.“
هن انهيءَ تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو؛
البت مرڪ سندس چپن تي ڊوڙي ويئي. اهو ڏسي اهو شخص سندس ناسور تي ڪي قدر جهڪيو ۽ چتائي ڏسڻ لڳو،
”نوجوان، هي ڦٽ ڪيتري عرصي کان اٿئي؟“
”ڇهن مهينن کان.“ هن ڪجهه تعجب منجهان جواب ڏنس.
”علاج ڪو نه ڪرائين؟“ ”ڪي ٻه مهينا کن ٿيا آهن جو ميونسپالٽيءَ
جي اسپتال ۾ ڪو نه ويو آهيان، پر اتي چئن مهينن جي
لڳاتار پٽيءَ به زخم کي پاڻ وڌيڪ اٿلائي وڌو.“
”مان حڪيم آهيان، جي چئين ته خدا ڪارڻ تنهنجو علاج ڪريان.“
اهو ٻڌي هو ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو. کيس انهيءَ زندگيءَ ۾ ڪو لطف
ڪو نه ٿي آيو. سندس جوانيءَ جو خون اهو برداشت نٿي
ڪري سگهيو ته هر ڪنهن واٽهڙوءَ کي لالچي نظرن سان
ڏسندو رهي. جوان هو، ڀري مزدوري ڪري پيٽ پالي ٿي
سگهيو. اهو سوچي، چوڻ لڳو، ”خدا ڪو تنهنجو ڀلو
ڪندو.“
ٻئي ڏينهن کان هو روز حڪيم وٽ پٽي ٻڌائڻ لڳو. حڪيم ڦٽ ڌوئي پٽي
ٻڌي. ڳچ ڏينهن گذري ويا، پر ڦٽ ڇٽڻ جي نه پيو ڪري.
آخر هڪ ڏينهن حڪيم صحيح ڪري ورتو ته ڦٽ جي ماس
اندر هڪ وار پيو هو، جو ڦٽ کي اندر ئي اندر کائي
رهيو هو. حڪيم اهو وار ڪڍي وري نئين سر پٽي ٻڌي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڦٽ سڪڻ لڳو ۽ ڪڙي ٻڌجي ويئي.
سندس لنگڙي دوست کي جڏهن اها خبر پئي ته کيس ڏاڍو
افسوس ٿيو. چي، هن ٺهيل ٺڪيل روزيءَ کي لت هنئي
آهي!
هاڻ هو هلڻ چلڻ جهڙو ٿي ويو هو. ٽنگ ۾ ايترو سور ڪو نه هوس،
آهستي آهستي هو شهر جي هڪ هڪ آفيس ۾ ويو. هر هنڌ
پٽيواليءَ لاءِ درخواستون ڪيائين، پر ڪجهه به ڪو
نه وريس. سڄو ڏينهن ٽنگون هڻيو هڻيو ساڻو ٿي پوندو
هو، پر نوڪري ڪا نه مليس. مزوريءَ لاءِ واجهائڻ
لڳو، پر ڏينهن ۾ مس ڪجهه آنا نڪرندا هئا. سوچڻ لڳو
ته هاڻي ڇا ڪري. شهر جي هر آفيس متعلق کيس پوري
خبرپئجي وئي- ايتريقدر جو ڏاڪڻون لهي چڙهي، هر
آفيس جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا به ياد ٿي ويا هئس. آفيسرن
جي گهرن تائين وڃي پهتو، سندن غير حاضريءَ ۾ بيگم
صاحبان کي به ٻاڏايائين، پر ڪو کڙتيل ڪو نه نڪتو.
اڄ به رلي رلي، نٽهڻ اس کان بچڻ لاءِ اچي دڪيءَ تي ويٺو هو،
پرچوندا آهن ته هڪڙي اڻهوند ٻيو افعال بڇڙا، سو
جيئن ئي اٿيو ٿي ته ٿاٻڙجي ڪري پيو.
اڃا تائين هو ڦٽ جي ڪڙيءَ کي ڏسي رهيو هو، جنهن کي پاسي کان رهڙ
اچي وئي هئي، رهڙيل ٽڪري جي ڳاڙهاڻ ۽ پِيلاڻ کي
ڏٺائين پئي. ڪجهه دير پهرين جا بک لڳي هيس سا به
وسري وئيس، ۽ اهي خيال به، ته ڪيئن پيٽ ڀربو ۽
ڪيئن هلڻ ڦرڻ جو ست ساريو. اوڏيءَ مهل سندس اکين
اڳيان اوندهه ڇانئجڻ لڳي ۽ محسوس ٿيس ته ڄڻ سندس
ناسور وڌي وڌي، سندس وجود کي به کائي ويو آهي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ هن پنهنجي ميريءَ ۽ ڦاٽل سٿڻ منجهان اڳڙيءَ
ٽڪر ڦاڙيو،
۽ ڦٽ جي چوڌاري رت اُگهڻ لڳو،
اُگهندي اُگهندي سندس نظرون غير ارادي طور تي ڦٽ
تي ڄمي ويون،
هو ڪيتريءَ دير تائين ان کي گهوريندو رهيو.
هو پنهنجي مسئلي جو حل تلاش ڪري رهيو هو،
ڳپل وقت جو گذري ويو،
هو ناسور کي تڪيندو رهيو.
اوچتو سندس سڪل چپن تي مُرڪ ڄڻ آرس موڙي اُٿي.
سندس اکيون ڦاٽنديون ويون، مُرڪ وڌندي ويئي، ۽
آهستي آهستي سندس هٿ ڦٽ ڏانهن وڌڻ لڳو، جنهن تي
ڪڙي ڄمي پئي هئي ۽ رهڙيل ڪُنڊ تي رت ڄمڻ لڳو هو.
هٿ وڌندي وڌندي ڪڙيءَ تي آهستي آهستي ڦرڻ لڳو...۽
پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، اکيون پوري، ڏاڍي
ڦڙتيءَ سان هن پوري ڦٽ تان ڪڙيءَ کي ڇڪي لاهي پري
ڦٽو ڪري ڇڏيو. سندس اکيون سور کان وڌيڪ پورجي ويون
۽ ٽنگ وري رتوڇاڻ ٿي ويئي- جيئن سانوڻيءَ ۾ دريا
لعل جو بند ٽٽي پوندو آهي.
آهستي آهستي سندس اکيون کليون. هن هڪ ڊگهو ساهه ڀريو، ۽ چپن تي
وري هڪ مُرڪ ڇانئجي وئيس- شايد سندس مسئلو حل ٿي
ويو هو، انهيءَ ڪري. |