محبوب علي چنه
سيوهڻ شريف
(نوٽ- هيءَ تقرير ’قلندر لعل شهباز ميموريل ڪميٽي‘ سيوهڻ پاران
حضرت مخدوم سيد عثمان مروندي عرف لعل شهباز جي 708
ساله ورسيءَ تي مسٽر محبوب علي چنه پيش ڪئي. جا
تاريخ ۾ سِيرَ جي شائقين لاءِ شايع ڪجي ٿي. گرامي)
حضرت لعل شهباز بلند پرواز جي ذڪر خير ڪرڻ کان اڳ هي واجب آهي
ته اسان ان ملڪوتي مقام جو احوال ڏيون جتي سندس
روح پُر فتوح ظاهري طرح هن ناسوتي دنيا کي ڇڏي
راهه جاوداني اختيار ڪئي.
جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جي گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ
ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي
بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو- يعني سنڌ جي موجوده
آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر
فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي.
جيئن تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي چچ نامه ۾ ڄاڻايل
آهي ته راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ
ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ
سيوستان جي ”قصبہ“ تي به حاڪم هو جنهن جي هٿ ۾
ٻُڌيہ، جَنگان، رونجهاڻ، ڪوه پايه ويندي مڪران جي
حد تائين ملڪ هو (ص 22). تاريخ معصومي به ان حقيقت
کي دهرايو آهي. تحفة الڪرام جي صاحب سيوستان جو
ذڪر ان طرح ڪيو آهي؛ ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به
سڏيندا آهن. پنجين ولايت ۾ آهي. هڪ قديمي شهر سنڌ
جي اولاد سهوارن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو
(سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ
ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو
تختگاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان
پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاهه بيگ
اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاهه حسن وري ٺٽي
۾ داخل ڪيو. جڏهن سنڌ جلال الدين محمد اڪبري
بادشاهه جي درٻار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن
وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو. نواب خدا يار خان
جي حڪومت جي ڏينهن کان وري اصلوڪي دستور موجب باقي
سنڌ ۾ داخل آهي.
سندس جبل تي واهي جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترائي مريض انهي
مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا. سدائين ساڳيءَ طرح
رهي ڀريل ٿو ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانهي.
مقرر ڏينهن تي هندو اتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا
آهن.
ٻي يڪٿنڀي جاءِ آهي، جو جبل، هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي.
عام اعتقاد موجب هي قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير
لاءِ اتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چڙهي نظارو ڏسندا
آهن. چون ٿا ته چئن يارن يعني مخدوم جلال جهانيان،
شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاؤالدين اتي
ويهي مراقبا ۽ چلا ڪڍيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽
سڳورو مڪان آهي.“ (ص 248)
تاريخ دانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي
يوناني سڪندر جي زمانه جو سنڊيمنا، ڪن هن کي
رامائڻ جي زمانه جو سيوستان، شروسان، سدوستان ۽
سادوستان سڏيو آهي. ”هندوستان جي قديم جاگرافيءَ“
جي صاحب مسٽر ڪننگهام ٻين تاريخ دانن سان متفق
ٿيندي لکيو آهي ته ”هن سنڊيمنا شهر وٽ جابلو قومن
جي بادشاهه سامبوس سڪندر جي سامهون هٿيار پيش
ڪيا.“ (ص 264) هن سامبوس کي مسٽر جي- ڊبلو سمٿ
پنهنجي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ سڏيو آهي. (ص 47)
”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرو مل وري لکيو آهي ته هي شهر
راجا اشينر جي پٽ شبيءَ وسايو جنهنڪري هن کي
شِبيسٿان يا شِوسٿان ڪري سڏيندا آهن. راجا اشينر
رامايڻ جي زماني جيترو جهونو آهي، مگر دوراڪا
پرساد شرما ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته
راجا اشينر جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر
وسايو. وري هن شهر جي اپٽار ڪندي مسٽر شرما لکي ٿو
ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ
هندوستان تي اتر اولهه کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون،
تنهن وقت اتر هندوستان جون، جنهن ۾ پراچين سنڌ جي
اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو وڃي، ڪيتريون کتري جاتيون
هجرت ڪري ڏکڻ هندوستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاً
ملمان جي دلير مالون مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين
جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کيترين سيوهڻ اچي وسايو ۽
وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ جو شهر اٽڪل ٻن اڍائي
هزارن سالن جو جهونو آهي (سنڌ جو پراچين اتهاس،
جلد 3، ص 161). جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام
آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پُور به حقيقت جي
حد کان گهڻو گهٽ اهي. سڪندر (356-323 ق. م) جي
ڪاهه کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين آکڻ ته
سڪندر کان پوءِ سيوهڻ وسيو سو حقيقت کان دور آهي.
اول خير، بندو پنهنجي پياري وطن جي تحقيق جلد هٿ ۾
کڻندو جئن برهمڻ آباد جي تحقيق ٻن سالن کان وٺي
ڪري رهيو آهي.
سيوهڻ آڳاٽي زماني کان وٺي سنڌ جي بچاءُ لاءِ هڪ دروازي جو ڪم
ڏيندو رهيو آهي. اسلام کان اڳ به هي حال هو ته
پوءِ ٻه ساڳيو. حضرت محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح
ڪيو ته ان جو توجهه يڪدم سيوهڻ ڏانهن ڇڪيو. ان
زماني ۾ بلاذري، الادريسي ۽ ابن حوقل جي نقشي
مطابق سيوهڻ جو نالو ’سدوسان‘ هو. سومرن تي لاڙ کي
وسايو مگر سمن سيوهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. جڏهن
شاهه بيگ ارغون سمن جي آخرين تاجدار ڄام فيروز کان
سنڌ جون واڳون ٿي ورتيون ته هن کي ٻي جنگ سيوهڻ جي
ڪارزار تي وڙهڻي پئي؛ جنهن ۾ حضرت مخدوم بلاول ؒ
سمن جي پاران برک حصو ورتو. شير شاهه سوريءَ کان
شڪست کائي جڏهن بادشاهه همايون سنڌ ۾ آيو تڏهن هن
سيوهڻ هٿ ڪرڻ جي سخت ڪوشش ڪئي، پر مرزا شاهه حسن
ارغون جي امير مرزا عليک کان شڪست کائي ايران
ڏانهن هليو ويو. ماثر الامراء ۾ لکيل آهي ته جڏهن
اڪر اعظم جي عالم ۽ فاضل جرنيل مرزا عبدالرحيم
خانخانان سنڌ تي حملو ڪيو ته به اُن صاحب سنڌ کي
فتح ڪرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ رکيو... جڏهن سنڌ پنهنجي
خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي
دائودپوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن جون وڃايل طاقت کي
حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح
يارمحمد ڪلهوڙي خداآباد دادوءَ واري آباد ڪئي،
جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياء
جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد ۽ خداآباد هالن
واري تعمير ڪيا ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو!
انگريزن جي راڄ بعد سيوهڻ مرڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ
جي شڪل ورتي جئن ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي گزيٽيئر ص
225 مطابق 1872ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري چار هزار ٻه
سؤ ڇهانوي آهي ۽ جَي. ڊبليو. سمٿ جي گزيٽيئر ص 47
مطابق 1911ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري چار هزار ست سؤ
اُڻونجاهه آهي. هنٽر جي لکئي مطابق 1881ع ۾ سيوهڻ
تعلقو سنڌ جي بهترين ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن
مان هڪ هو... جڏهن 28 نومبر 1635ع بعد ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو ته به
انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو نير ۽ ڪپڙو چڙهيل هئا.
سيوهڻ جو نشانبر قدامت سان گڏ ان ۾ علم و فضيلت ۽
روحانيت جا ساگر سمايل هئا. هر هڪ تاريخي خواه
ادبي ڪتاب ۾ سيوهڻ جي عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جو
ذڪر آهي. ويچاري مير علي شير قافع ٺٽويءَ هن ڏس ۾
چڱي خدمت بجا آندي آهي، الله سائين شال مرهيس...
مقالات الشعراء ۽ تحفته الڪرام ۾ سيوهاڻي بزرگن
جون باتيون بسيار ڪيون اٿس.
مگر واءِ قسمت! ڪمال ۽ زوال جو فلسفو سيوهڻ جي موجوده شڪسته
حاليءَ مان عيان آهي... اهي جايون جتي هندن جي
هندورن جو هُل هو، اتي هاڻي چٻري جي چوٻولي جو غُل
آهي ۽ اهي هنڌ ’موئن جي دڙي‘ جي بي ثباتيءَ تي
دلالت ڪري رهيا آهن- سبحان الله! بقول بنده- ”هر
ڪنهن ڪمال کان پوءِ آخر زوال آهي“. اُن زوال جي
زماني ۾ به هڪ انگريز مسٽر جي. ڊبليو. سمٿ هن
حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي
شهرت وڃائي چڪو مگر 13 صديءَ جي وچ ڌاري هن
مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو جو هي اڪابر اولياءِ
ڪرام مان هڪ بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل
شهباز جي مرقد جو مقام بنيو... هاڻي سيوهاڻين خواه
ٻاهرين لاءِ محض هي ڪشش جو ثقل آهي.“
اچو ته هن سنڌ جي ولي ۽ واليءَ جي ذڪر خير مان ڪجهه برجهون ۽
پرايون، ڇو ته ڪيترن بزرگن فقط هن ڌڻي ڌوئل جي ذڪر
خير کي افضل سمجهيو آهي، جيئن مرحوم منشي خداداد
خان صاحب لب تاريخ ۾ لکيو آهي ته ”لب تاريخ سنڌ جي
مولف سيوستان يا سيوان متعلق تمام گهٽ لکيو آهي...
هن شهر ۾ ”قلندر“، جو سنڌ جو بادشاهه آهي، رونق
افروز آهي، اُن جو ڪهڙو بيان ڪري ٿو سگهجي؟ هن
موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچه جي مناسبت
ڪري هن (شهباز رح) جو احوال ڏجي“. ان بعد هن صاحب
قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن سنڌ
جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح
سرائي ڪئي آهي. دور دراز جا دولهه، اڙانگا ڪشالا
ڪري ڏونگر ڏوري، لعل سائينءَ جي زيارت بابرڪت لاءِ
ايندا هئا. مقالات الشعراء مان ظاهر آهي ته شاهه
رضائي سورت بندر تان سيڙهجي اچي سيوهڻ سهڙيو...
ملا طيب سيار ته شهباز جي شان ۾ وڏو قصيدو چيو چيو
آهي... ان مان نموني طور چند سٽون معنى سوڌو پيش
ڪجن ٿيون:
صحنِ پاڪِ مرقد آن شاهِ دين،
در صفا رشڪِ گلستانِ ارم.
نااميد را بدرگاهش رسد،
هر زمان مڙدهء رفعِ الم.
(هن دين جي بادشاهه جي مقبره جو اڱڻ شريف پاڪائيءَ ۾ بهشتي باغ
برابر آهي. سندس درگاهه ۾ نااُميدن کي هر وقت دردن
جي دور ٿيڻ جي خوشخبري پهچي ٿي.)
تاريخن مان ظاهر آهي ته مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر جهڙا بزرگ به
روحاني ڪچهريءَ لاءِ وٽن ايندا هئا.
نالو ۽ نسب: سندن نالو مبارڪ سيد عثمان هو ۽ سندس لقب شمس الدين
لعل شهباز قلندر هو، مگر سندن شجرا ڌار ڌار تاريخن
۾ جدا جدا آهن الوحيد ”سنڌ آزاد نمبر“ جي اداري
کين حضرت امام جعفر صادق رضه سان اٺينءَ پيڙهيءَ ۾
وڃي گڏيو آهي جو بالڪل درست نه آهي. ماثر الڪرام
جي مصنف سيد مولانا مير غلام علي آزاد بلگرامي
ڄاڻايو آهي ته ”سندن نسب شريف تيرهين واسطي سان
حضرت امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو“ لب تاريخ
سنڌ، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ مطابق مرحوم آزاد
بلگرامي جو لکيو صحيح نظر اچي ٿو ته سندن واسطو
تيرهينءَ پيڙهيءَ ۾ هيٺين طرح امام جعفر صادق رضه
سان وڃي ملي ٿو: ”حضرت عثمان مروندي (ميمندي) عرف
”لعل شهباز قلندر“ بن (2) سيد ڪبير بن (3) سيد شمس
الدين بن (4) سيد نور شاهه بن (5) سيد محمود شاهه
بن (6) سيد احمد شاهه بن (7) سيد هادي بن (8) سيد
مهدي بن (9) سيد منتخب بن (10) سيد غالب بن (11)
سيد منصور بن (12) سيد اسماعيل بن (13) امام محمد
جعفر صادق رضي الله تعالى عنہ“. تذڪره صوفيائي
سنده اردو جي مرتب مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو
لعل شهباز جو نسب سنڌ ادبي بورڊ جي لب تاريخ سنڌ
جي قلمي نسخي تان ورتو آهي، ان ۾ هڪ ڪڙي سيد
اسماعيل ۽ امام جعفر صادق جي وچ ۾ وڌايل آهي يعني
”سيد اسماعيل بن امام محمد بن امام جعفر صادقؓ،
حضرت محمد جن جا نالا امام جعفر صادق جي اولاد ۾
ملن ٿا، مگر تحفة الڪرام قلندر لعل شهباز جي احوال
جي شروعات هن طرح ڪئي آهي:
”شيخ عثمان مروندي عرف مخدوم لعل شهباز بن سيد ڪبير الدين محمد
بن سيد صدرالدين امام صادق عليہ السلام جي فرزند
امام اسماعيل جي اولاد مان آهي.“ هت وري سيد ڪبير
سائين جي والد جو نالو غلط آيو آهي. شايد ترجمان
يا ڇاپي جي غلطي آهي ڇو ته تحت الحاشيه جو مير علي
شير قانع جي دسختطي نسخو ڏنل آهي ان ۾ سيد ڪبير بن
سيد شمس الدين ڏيکاريل آهي. اسان جو ڳوٺاڻي جليل
سيوهڻا لعل شهباز جي شجره مبارڪ جي بيان ۾ شجره
جون ٻه ڪڙيون وڌايون آهن. يعني سيد منصور بعد ”سيد
اسماعيل ثاني“ بن ”سيد محمد عريضي“ بن ”سيد
اسماعيل عرج اڪبر“ بن ”امام جعفر صادق عليہ
السلام.“
وطن: سندن آبا و اجداد جو وطن مالوف ”مروند“ هو جنهن کي لب
تاريخ سنڌ جي صاحب ”ميمند“ افغانستان جي هرات
پرڳڻي جي قريب ڄاڻايو آهي. مگر ماثر الڪرام جو
صاحب ائين لکي ٿو ته ”مرند بفتح ميم و راءِ مهمله
و سڪون نو و دال مهمله قريه است از قرائي تبريز“
يعني (مرند لفظ جو اچار ائين ڪبو: ’م‘ مٿان زبر ۽
’ر‘ خالي ۽ نون تي جزم ۽ دال خالي. تبريز جي ڳوٺن
مان هڪ ڳوٺ آهي.) ماثر الڪرام واري ”تذڪره مشائخ
سنڌ“ جي حوالي ۾ لکيو آهي ته ”حضرت مخدوم ”جي ڄمڻ
۽ پرورش جو مقام ”مرند“ آهي.“ شيخ محمد اڪرام آب
ڪوثر جي مصنف وطن جي باري ۾ مواد هوبهو ماثر
الڪرام تان ورتو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيم جو ڏٺم ته هن
برگزيده بزرگ جي سوانح حيات جي هر ڪڙيءَ ۾ ڪجهه نه
ڪجهه اختلاف نظر اچي ٿو. الوحيد سنڌ آزاد نمبر جي
اداري وري ائين لکيو ته: ”حضرت لعل شهباز
آذربائيجان (آرسينا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ”مرند“ ۾
تولد ٿيو.“ آخر بنده تحقيق شروع ڪئي ۽ ان نتجيي تي
پهتو ته حضرت لعل شهباز ”مرندي“ آهي ۽ نه ”مروندي“
جئن عام طرح مشهور آهي. ٻن انگريزي ڪتابن ”ايران-
ماضي ۽ حال، از ڊونالڊ- اين ولبر“ ۽ ”افغانستان-
از فريز رٽٽلر“ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هرات
کان اتر ۾ ڪُشڪ نالي شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان
جون حدون اچي ملن ٿيون. ان کان به اتر 160 ميل خشڪ
جابلو ملڪ ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان بنام
”مروِ“
(Merv)
آهي جو عربن جي ڏينهن ۾ خراسان جي اڳوڻي گاديءَ جو
هنڌ هو اتي سڪندر جي وقت جا کنڊرات پسجن ٿا. هي
شهر علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز رهيو آهي.
سلجوقين جي ڏينهن ۾ هن ۾ يونيورسٽي هئي- ڪيترن ئي
سياسي حڪمرانن جي طمع جو لقمو رهيو. هاڻي روس جي
حدود اندر آهي- آذربائجان جي گاديءَ جي هنڌ تبريز
آهي. هي تهذيب، علم، عرفان، قدامت ۽ سير و تفريح
جو سينٽر رهيو آهي. ان جي مضافات ۾ سياحن کي
مراغہ،”مرند“ ۽ ريزايہ جا شهر ملن ٿا. مرند جو شهر
تبريز جي اتر اولهه ۾ چاليهه ميلن جي فاصلي تي
واقع آهي.*
هاڻي جيڪڏهن افغانستان جي سابق شهر ’مرو‘ وٺون ته
اهو ’مَرو‘ آهي ۽ نه ”مروند“ جئن عام طرح مشهور
آهي ان ڪري آذربائجان پرڳڻي جي شهر ”مرند“ کي لعل
شباز جو مولد سمجهبو.
ولادت: ”حيات نامه قلندري“ جي صاحب ڪنهن شاعر جا چند هيٺيان شعر
پيش ڪيا آهن جن مان لعل سائين جي عمر، سن ولادت ۽
وفات نڪرن ٿا:
بجو تاريخ شمس الدين عثمان، بدرڪن رنج، از فلڪ ڪرامت
/358 هه
سن عمرش ولي الله،وقاتش،
112
سروش غيب مي گويد ”برحمت“
560 هه
ان مطابق سندن ولادت 538 هه ۾ ڏيکاري ويئي آهي. لب تاريخ سنڌ
واري وري 583 هه بمطابق 1187ع ڏيکاري آهي (ص 7).
تذڪره صوفيائي سنڌ جي صاحب تولد جي تاريخ ته لب
تاريخ سنڌ تان ورتي آهي مگر انگ اکر غلط ڏيکاريا
اٿس يعني 573 هه بمطابق 1177ع (ص 199) تحفة الڪرام
وارو تولد جي تاريخ ڏيڻ کان خاموش آهي.
ننڍپڻ: قادر جي قدرت جو اڃا هن دنيا ۾ نه آيا هئا ته پنهنجي
والد بزرگوار کي، جو مجرد هو، خواب ۾ چيائون ته
”مون کي ٻاهر آڻيو“. سندن والد صاحب کين جواب ڏنو
ته ”بهشت مان ٻاهر اچڻ افضل آهي؟“ وري پيءُ کي عرض
ڪيائين ته ”دنيا ۾ ظهور ٿيڻ پڻ احسن آهي.“ هيءَ
روايت ”لب تاريخ سنڌ“ (ص 7) تي آيل آهي. آخر سيد
ڪبيرالدين کي ”سيد سلطان شاهه“، جو ان وقت مرند جو
حاڪم هو، تنهن پنهنجي دختر نيڪ اختر جو سڱ ڏنو
جنهن مان لاهوتي لعل سيد عثمان پيدا ٿيو.
پاڻ ڄمندي ڄام هئا، ننڍي هوندي ئي سندن دائي ۽ والده هن ڏاتاري
ڏات جون گهڻيئي ڪرامتون ڏٺيون... جڏهن سندن عمر
ستن ورهين تي پهتي ته کين سڄو قرآن شريف ياد هو..
پوءِ ته کين اچي ويراڳ لڳو. رب سائين جي قدرت جي
ڪرشمن ۾ محو ٿي ويا، تان جو گهر موٽڻ جي وائي نه
واريائون. هڪ روايت موجب سندن والده ماجده پنهنجي
پياري جگر جي هجر جي جهوراڻي ۾ هن دنيا کان رخصت
باب ٿي. سندن والد بزرگوار به هن دولابي دنيا کان
دور ٿي وڃي ڪربلا معلى ۾ مقيم ٿيو. اتي هن کي سندس
دلبند مليو.
جواني: قراني حڪم سيروافي الارض ڌرتي ۾ سير ڪريو، تي باعمل رهيا
۽ ايران، عراق حجاز جا مقدس مقامات سڀ ڏٺائون.
بيعت ۽ سياحت: ان پيغمبري سياحت کيس آسمان جي اوچاين ۽ زمين جي
تهن تائين پهچايو.. ماثر الڪرام جي صاحب جي لکيت
موجب ’جڏهن پاڻ سن بلوغت تي پهتا ته بابا ابراهيم(1)،
جو شيخ جمال مجرد جو مريد هو، جي خدمت ۾ حاضر ٿي
مريد ٿيو ۽ هڪ سال تائين ان جي خدمت ۾ رهيو... ان
بعد خلافت جو خرقو حاصل ڪري هندوستان جو رخ
رکيائون ۽ شيخ فريد گنج شڪرؒ ۽ شيخ بهاؤالدين
زڪريا ؒ جي صحبت مان فيضياب ٿيا. شيخ صدرالدين
عارف بن بهاؤالدين زڪريا ؒ سان به اڪثر صحبت رهندي
هين... تاريخ فيروز شاهي جي صاحب ضياء برني لکيو
آهي ته ”جڏهن حضرت لعل شهباز ملتان آيو ته خان
شهيد يعني محمد قاآن بن بلبن معرفت ۽ اعتقاد جي
بناء تي نياز ۽ عقيدت جا شرط بجا آندا. هن گهڻي
ڪوشش ڪئي ته هي صاحب ملتان ۾ توقف ڪري. ان لاءِ هڪ
خانقاه به جوڙايائين، مگر لعل سائين اتي ترسڻ لاءِ
رضامند نه ٿيو، ڇو ته هڪ روايت آهي ته سندن مرشد
جي حڪم مطابق کين سيوستان جي ظلمت ڪده کي روشن
ڪرڻو هو... هڪ دفعي خان شهيد حضرت صدرالدين عارف
سهروردي ۽ حضرت شيخ عثمان شهباز مرنديءَ کي مجلس
لاءِ گهرايو ۽ عربي غزل ويهي آلاپيائون... سڀئي
بزرگ ۽ جماعت سماع ۾ مصروف هئا ته خان شهيد هٿ ٻڌي
بيٺو هو ۽ زار زار پئي رنائين. تحفة الڪرام موجب
پاڻ ملتان ۾ 662 هه بمطابق 1264ع ۾ آيا... هئا هتي
هڪ نڪتو واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيڪڏهن لعل
سائين جي وفات 650 هه بمطابق 1622ع ۾ ليکجي ته
پوءِ سندس قيام ملتان ۾ 662 هه = 1264ع ٿي نٿو
سگهي. ان ڪري تحفة الڪرام يا ٻين تاريخن سندن
تاريخ وفات 662 هه بعد 683 هه ڄاڻائي آهي. تحفة
الڪرام ۽ لب تاريخ ڄانايو آهي ته پاڻ شيخ بهاؤ
الدين ملتاني ولادت 565 هه) شيخ فريد الدين شڪر
گنج پاڪپتني (ولادت 584 هه) ۽ شيخ جلال جهانيان
’اوچ والہ‘ (ولادت 707 هه) جي صحبت ۾ هندو و سنڌ
جا گهڻا طرف گهميا... ان ڪري هن چئن يارن جي دلڪش
دوستي کي ”هندوستان جا چار يار“ ڪري سڏجي ٿو... هت
هڪ ٻيو نڪتو وضاحت طلب آهي. سڀ تاريخون ان ڳالهه
تي متفق آهن ته حضرت سيد جلال الدين بخاري مخدوم
جهانيان جهان گشت جي والدت سن 707 هه بمطابق 137ع
۾ ٿي جڏهن لعل سائين ٻنهي روايتن موجب هن جهان ۾
نه هئا. ان ڪري سندن چوٿون بار سيد جلال الدين
بخاري مخدوم جهانيان نه هو، پر سندس ڏاڏو سيد جلال
الدين منير شاهه مير سرخ بخاري هو جنهن اُچ شريف
اچي 642 هه بمطابق 1044ع ۾ وسايو. (آب ڪوثر ص
309). باقي خزينة الاصفيا ص 58 ۽ بزم صوفيه ص 407
تي آيل آهي ته ”سلطان محمد تغلق جي عهد ۾ سيد جلال
مخدوم جهانيان شيخ الاسلام هو ۽ سنڌ جي مٿان به
هو، ان ڪري سيوستان ۽ ان جي پسگردائي ان لاءِ
مخصوص هئي. ان حساب سان مخدوم جهانيان لعل شهباز
سان مماتي بعد روحاني ڪچهريون ڪيون هونديون. باقي
خواجه فريد گنج شڪر جو سيوستان ۾ اچڻ خود سندس
تصنيف راحت القلوب (ص 17) ۽ بزم صوفيه (ص 129) مان
ظاهر آهي. جنهن مطابق ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن پاڻ
سيوستان جي سير و سياحت ۾ مصروف هئا، تڏهن شيخ
اوحد الدين ڪرمانيءَ سان سندن ملاقات ٿي. سيوستان
جي ٻئي هڪ بزرگ جو ذڪر ڪري فرمايائون ته پاڻ ان
بزرگ کي ڏٺائون ته بيٺو آهي ۽ الله سائين جو ذڪر
ڪري رهيو آهي. مان ان وٽ بيهي رهيس. هڪ ڏينهن ان
کي هوش آيو ته فرمايائين ته الله تعالى جنهن کي
سعادت ابدي عطا ڪندو آهي ته ان جي لاءِ ذڪر جو
دروازو کولي ڇڏيندو آهي ۽ هو شخص سمهندي، جاڳندي
اٿندي ويهندي ذڪر ۾ رهي ٿو ۽ سواءِ قضاء حاجت جي
تمام وقت ذڪر ڪرڻ گهرجي.
سيوهڻ ۾ ورود: هندستان اچڻ کان پوءِ سندن مرشد جو اهو حڪم هو ته
پاڻ اچي سيوستان ۾ منزل انداز ٿين ۽ خلق خدا جي
رهبري ڪن. مگر تحفة الڪرام جي صاحب وري ائين به
لکيو آهي ته شاهه شمس بوعلي قلندر (ولادت 605 هه)
وٽن آيو... ان چيس ته هندستان ۾ اڳ ئي ٽي سؤ قلندر
آهن، بهتر آهي ته توهان وري سنڌ ڏانهن تشريف فرما
ٿي وڃو... انهيءَ اشاري تي سيوستان ۾ اچي رهڻ
گهريائين... جيڪڏهن ٻنهي قلندرن جي ولادتن جي
تاريخن کي ڏسبو ته اها حقيقت پڌري پٽ ظاهر ٿيندي
ته حضرت بوعلي قلندر پانيپتي قلندر لعل شهباز
سيوهاڻي کان گهڻو ننڍو آهي... سيوستان طرف اچڻ
بابت لب تاريخ سنڌ جي صاحب ائين لکيو آهي ته
”آخرڪار گهڻي سياحت بعد سيوستان (سيوان) شهر ۾ اچي
رونق بخش ٿيا“... هڪ شاعر سندن ورود ”نمود آفتاب
دين“ مان ڪڍيو آهي، جو ابجد جي حساب مطابق سال 644
هه مطابق 1246ع ٿئي ٿو“؛ (ص 8) مگر تاريخ جي
روشنيءَ ۾ هي سال قبول ڪرڻ درست نه آهي ڇو ته بلبن
جو دور حڪومت 265-1287ع آهي... ان ڪري تحفة الڪرام
جو ملتان ۾ اچڻ جو سال 662=1264ع صحيح پيو لڳي.
اها حقيقت آهي ته بلبن ناصرالدين محمود جي ڏينهن ۾
به ذري گهٽ بادشاهه هو... ناصرالدين جو دور حڪومت
1246= 1265ع آهي. مگر لعل شهباز جو سيوهڻ ۾ ورود
ناصرالدين جي دور حڪومت جي شروعات ليکجي ۽ ملتان ۾
توقف ان کان به اڳ، سو ناممڪن آهي... ڇو ته خان
شهيد ملتان ۽ سنڌ جي گورنريءَ جون واڳون پنهنجي
والد بلبن جي ڏينهن ۾ ورتيون هونديون يا کڻي
ناصرالدين جي ڏينهن ۾ ۽ نه هن کان اڳ. ان حساب
سندن سالِ وفات به اهو ليکبو جو تحفة الڪرام ڏنو
آهي ۽ نه لب تاريخ وارو.
پهرين برڪت: سڀئي تاريخون ان حقيقت تي متفق آهن ته جنهن زمين تي
پاڻ هاڻي آرامي آهن، انهيءَ تي فاحشه عورتون
رهنديون هيون. هن الله واري جي برڪت جو سيوستان جي
سرزمين تي هي پهريون اثر هو ته اتي فحاشي ۽ بدڪاري
جي بازار سرد ٿي وئي- نيڪي ۽ پرهيزگاري طرف انهن
ڪسبي عورتن جا قلوب مائل ٿيا ۽ انهن بدڪار عورتن
سندن دستِ حق پرست تي توبہ ڪئي.
رشدوهدايت: مخدوم لعل شهباز قلندر سيوستان ۾ رهي، بگڙيل دلين کي
سنواريو، انهن جو اخلاق سڌاريو- هن صاحب اٽڪل ڏهن
سالن جو عرصو رهي هزارها انسانن جو رشتو الله
سائين سان جوڙيو جو هن جي جانشينن مان ئي ڪيترا
الله وارا ٿي گذريا آهن. تحفة الڪرام انهن مان جن
جو ذڪر ڪيو آهي سي هي آهن:- شيخ مکڻ، مير صلاح
الدين، سيد پير شاهه، سيد نور شاهه، سيد حيدر
شاهه، سيد نظر شاهه، سيد اسد شاهه، سيد نهال شاهه
نوري، مير خضر شاهه، سيد موج دريا شاهه ۽ سيد مير
ڪلان.
جذب ۽ سڪر: آخر عمر ۾ سندن مٿان جذب ۽ سڪر (الاهي مستي) جي
ڪيفيت طاري هوندي هئي ۽ ’قلندريه‘ مشرب هون- پاڻ
شهبازيه“ فقيري جي فرقي جا باني آهن.
علم و فضل: مان جيئن مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته خان شهيد جي
درٻار ۾ عربي شعر پڙهندي سماع ڪيو هئائون ۽ سندن
فارسي غزل به مشهور خاص و عام آهن، تيئن هي آساني
سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڻ ظاهري خواه باطني
علم جا ڄاڻو به هئا ته پارکو به- مگر مسٽر برٽن
”هسٽري آف سنڌ“ ص 211 تي لکيو آهي ته پاڻ وڏا عالم
هئا ۽ لسانيات، صرف ونحو ۾ ماهر هئا- چنانچه برٽن
جي زماني ۾ (سنه 1852ع) ۾ جي صرف نحو جا ڪتاب رائج
هئا، مثلاً ميزان صرف يا صرف صغير قسم دوئم سي
حضرت لعل شهباز قلندر ڏانهن منسوب ڪيا ويندا هئا.
اهڙي قسم جو احوال ڪنهن به صوفيانه تذڪره ۾ نه آيو
آهي. سندن هڪ غزل جو مقالات الشعرا (ص 435) ۾ آيل
آهي سو معنى سوڌو سڄڻن سامهون پيش ڪجي ٿو(1):
1- ز عشق دوست هر ساعت درونِ نارمي رقصم،
گهي بر خَاک مي غلطم گهي بر خار مي رقصم.
2- بيا اي مطربِ مجلس، سماعِ ذوق را درده،
که من از شاديءَ وصلش، قلندر وار مي رقصم.
3- شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا اڪنون،
نمي ترسم ز رسوائي بهر بازار مي رقصم.
4- مرا خلقي همي گويد، گدا چندين چه مي رقصي،
بدل داريم اسراري از آن اسرار مي رقصم.
5- منم ”عثمان“2
مروندي که يار خواجه ”منصورم“-
ملامت مي کند خلقي، و من بر دارمي رقصم.
معنى:
1- هر ساعت دوست جي عشق جي خاطر باهه ۾ پيو نچان،
ڪڏهن خاڪ تي پيو ٽپان ۽ ڪڏهن ڪنڊن تي پيو نچان.
2- مجلس جا آلپيندڙ، آءٌ ذوق جي سماع کي اچي سميٽ،
ڇو ته مان هن جي ميلاپ جي خوشيءَ وچان قلندر وانگر پيو نچان.
3- هن جي عشق ۾ بدنام ٿيس، هاڻي اي پاڪ پرين! آءُ،
بدنامي ڪري نٿو ڊڄان، هر ڪنهن بازار ۾ پيو نچان.
4- مون کي خلق پڻ چوي ٿي ته اي فقير ايتريقدر ڇو ٿو نچين؟
منهنجي دل ۾ اسرار آهن، انهن ڪري پيو نچان.
5- مان عثمان مروندي خواجه منصور جو يار آهيان،
ماڻهو پيا ملامت ڪن پر مان سوريءَ تي به پيو نچان.
وفات: ’لب تاريخ سنڌ‘ جي صاحب ”برحمت“ مان تاريخ ڪڍي وفات جو
سال 650 هه بمطابق 1252ع ٺهرايو آهي... مير علي
شير قانع ٺٽو ’مقالات الشعرا‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾
673 هه بمطابق 1274ع ڄاڻايو آهي... مقالات الشعرا
۾ سندن سنِ وفات جو قطعو هن طرح آيل آهي:
”چون رفته سوي جنان آن شيخ،
کو زيدهء آل و پاک نام است.
از هاتفِ غيب مي شنيدند،
”عثمان به دوازده امام است.
661 12 = 673 = (673 هه)
حديقة الاوليا خواه ماثر الڪرام جي صاحبن به 21 شعبان 673 هه
ڏيکاريو آهي، جا تاريخ ۽ تحقيق جي روءِ سان زياده
صحيح ۽ مستند آهي ڇو ته 650 هه = 1252ع اهو سن آهي
جڏهن اڃا بلبن سلطانيءَ جون واڳون نه ورتيون
هيون... هو صاحب 1265ع = 662هه ۾ ته مس سلطان
بنيو... وڌيڪ اهو بحث بندو ’سياحت‘ ۽ ’سيوهڻ ۾
ورود‘ جي حصن ۾ ڪري آيو آهي.
روضو: جيڪي به شاهديون اسان کي لعل شهباز جي مزار جي ڪتبن يا
ٻين تاريخي ڪتابن مان ملن ٿيون، انهن مان ظاهر آهي
ته لعل سائين جو روضو پهريائين سلطان فيروز تغلق
جي ڏينهن ۾ تيار ٿيو ۽ ان کان پوءِ سلطان محمد
اڪبر اعظم جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ تعمير
ڪرايو... لب تاريخ ص 10 تي آيل آهي ته مرزا جاني
بيگ جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مرزا غازي بيگ
مقبري جي مرمت ڪرائي مگر اڌوري رهجي وئي... پوءِ
شاهجهان جي زماني ۾ سيد بهووه (جنهن کي حيات نامه
قلندري واري اڀوڙو لکيو آهي) عرف ديندار خان فرش
هڻايو ۽ ٻه مسجدون ٺهرايو... پوئين زماني ۾ ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1173 هه ۾ خانقاه لاءِ هڪ
جهنڊو موڪليو، ٻاهريون وڏو دروازو ٺهرايو، صحن ۾
به سڌارو آندائين. 1319 هه ۾ لونگ فقير جي جماعت
هڪ مسجد ٺهرائي جنهن جي تاريخ مولانا حڪيم فتح
محمد صاحب سيوهاڻي ”قصرالفيض بادا“ ڪڍي آهي. ان
کان پوءِ وقت بوقت مرمت ٿيندي رهي آهي. جا درگاهه
جا متولي سيريءَ جي پيدايش يا عام چندي مان
ڪرائيندا هئا، هاڻي ته درگاهه سرڪاري ضابطي هيٺ
آيل آهي ۽ اوقاف کاتو روضي جي خبر گيري ڪندو رهي
ٿو.
آخر ۾ حديقة الاوليا مان شهباز قلندر جي اوصاف برگزيده ۽ اخلاق
عاليه بابت ڪي شعر چونڊي ديس واسين جي سامهون پيش
ڪريان ٿو:-
شاهه بازِ نِشيمن لاهوت، شاهه اورنگ خطئه ملڪوت-
اهلِ دل عارف معارف حق، صاحبِ وجد و تارڪ مطلق-
شاههِ عثمان، شاهه باز لقب، اشرف الذات هم شريف نسب-
بحر عرفان ڪنوزِ دانائي، مهر ايقان چراغ بينائي-
مست خمخانئه محبّت شوق، بلبل گلستانِ عالمِ ذوق-
صاحب حال و ڪامل ابدال، محرم خلوت حريم مثال-
چند از روضه اش به سيوستان، عطر افزا چو روضئه رضوان-
فيض افزائي گنبد پُر نور، چو حبابي ز چشمئه کافور-
گل صد برگ تازه تراز جان، کش نسازد زبون دشتِ خزان-
گنبدي نه که روضئه زبهشت، مشک باآب وطنتش بسرشت-
خاک آن آستان قبله نشان، سرمهء بينش عيونِ شهان-
فيض فائض ز بام و دربارش، نور رخشان ز چار ديوارش-
شب چو احرام در وي افروزان، شمع و قنديل مشعل تابان-
دمبدم رحمتِ خداوندي، باد بر روح شاهِه مروندي-
آخر ۾ جيئن ته هي ڪتابچه لعل سائين جي ميلي يعني 708 ساله ورسي
تي تقسيم ٿي رهيو آهي، ته هي بي محل نه ٿيندو، جي
مان سنڌ جي نامياري صاحب، مذاق و سخن مرحوم رئيس
شمس الدين بلبل ميهڙائي جي ننڍڙي ڪتاب ”مخدوم لعل
شهباز سيوهاڻي جو شاهي ميلو“ مان ڪجهه گُل چونڊي
پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ پيش ڪريان جو 896ع ۾
شايع ٿي هو1:
”هن سال فرخ فال شهر شعبان ۾ شهر ميمنت بحر سيوستان رَشڪ بستان
۾ عالم آشڪار شهرهء آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر
بادشاهه لعل شهباز بلند پرواز عليہ الرحمة جو مقرر
ميعاد فرحت سواد 18 تاريخ کان مثلّث (ٽن) نوبتن جي
بدولت نهايت هجوم عنايت ڌوم سان وقوع ۾ آيو جتي
پير، فقير، امير، نواب؛ چڱا مٺا غير حساب؛ زڙا
زميندار، چور چڪار؛ ڪڙم ڪامورا، رئيس سردار.
بازيگر رانديگر نامي ملهه؛ جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل.
لنگها ڌرم، ڀٽ دلال؛ کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوال.
ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ باز؛ ڳنڍڙي ڇوڙ، جواباز. غرض هر
ملڪ جا هر انسان، هر سوداگر، هر سامان، هر جنس، هر
حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين هر ناز اچي گڏ ٿيا
هئا.
نانوائي ته خرچ کپاءِ جي وائي، ٽڪي ۾ دُڪي جو ڦلڪو، ويهه کاءُ
ته به نه لهي الڪو- جي ٻوڙ ته مرچن جو موڙ، چرٻي
جو چوڙ، آنو ڏي ته لپ شوروي جي، هڏي اگهاڙي ۾؛ سا
به ڇڪ ته ڌو ڏاڙهيءَ ۾! اڙل جو پاڻي ديڳڙي جي
ٽهڪي، نه لهي، اڃ نه رهي.“
شيخ محمد اسمعيل
آڳاٽو ادب
(نالهء مجروح)
ناله مجروح مولوي عبدالڪريم ”مجروح“ جي 1900ع ڇپيل ۾ آهي، اڄ
کيس 61 سال گذري چڪا آهن.
- عشقيه ۽ حزنيه شاهڪار جي حيثيت سان، قابل داد چيو آهي. هجر ۽
فراق، جو درد انگيز نقشو، جنهن پختگيءَ ۽ فني
برجستگيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي؛ اهو شاعريءَ جي
دنيا ۾ زنده جاودان رهندو. ڪلام نهايت لذيذ، پخته،
استادانه ۽ رقت انگيز آهي. ان جي بوسيده نسخي کي
سڌاري ۽ سنواري اصلاح ڪري پيش ڪجي ٿو. اميد ته
سنڌي ادب ۾ مفيد اضافو سمجهيو ويندو.
غلام محمد گرامي
سوانح مرحوم مولوي عبدالڪريم ”مجروح“
[مرحوم مولوي عبدالڪريم ولد مولوي محمد رحيم ولد قبول محمد
ميمڻ، ڳوٺ مبارڪ جروار، لڳ ڪامارو شريف، تعلقي
ٽنڊه الهيار جو ويٺل هو. ڄائو نپنو به انهيءَ ڳوٺ
۾ ۽ وفات به اتي ڪيائين. سندس وڏا تعلقي ڪوٽڙيءَ
جي ”رائلي“ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. درس تدريس سندن شغل ۽
روزگار جو ذريعو هو. علمي گهراڻي هئڻ سبب، کين عزت
۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مرحوم مولوي
محمد رحيم جا سرهندي بزرگن سان عقيدتمندانه تعلقات
هئا. ڪاماري شريف جي ڏکڻ ۾ ميل کن پنڌ تي جروار،
بلوچن جي قوم جو ڳوٺڙو هو. جي سرهندي بزرگن جا
مريد هئا، انهن ڪنهن لائق استاد جي ڏيارڻ لاءِ
سرهندي بزرگن کي عرض ڪيو. سرهندي پيرن، مرحوم
مولوي محمد رحيم کي مبارڪ جروار ڳوٺ ۾ علمي توڙي
ديني تعليم ڏيڻ لاءِ مدرسي کولڻ تي آماده ڪيو.
آخرڪار مولوي محمد رحيم باقبيلي لڏي پلاڻي اچي
جروارن ۾ ويٺو. مولوي محمد رحيم علم فقہ ۾ پنهنجو
مَٽ پاڻ هو. سندس سموري تعليم ٺٽي ۾ مڪمل ٿي،
مخدوم علي کٽي سندس استاد هو ۽ اتيئي دستاربندي
ڪئي هئائين. ٺٽي جي ٻين عالمن جي صحبت ۾ به رهي
گهڻو ئي پرايائين. طالب علميءَ کان پوءِ سندس
صحبتي عالمن مان مولانا يوسف ڳوٺ بوزدارن وارو،
مولانا احمد عثمان قرآني ولهيٽ وارو ۽ پير جان
محمد ڪامارائي آهن، جي پنهنجي دور جا برگزيدا مڃيل
عالم آهن. پاڻ سنه 1892ع ۾ وفات ڪيائين.
مولوي عبدالڪريم، مذڪور مولوي محمد رحيم جو فرزند هو. سندس جنم
اٽڪل روءِ 1850ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي
والد کان ان جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ورتائين. عربيءَ
۽ فقہ جي تعليم جي تڪميل ٺٽي ۾ ”مخدوم محمد“ وٽ
ڪيائين اتان دستاربندي ڪري پنهنجي ڳوٺ موٽيو.
پنهنجي والد کي درس تدريس جي ڪم ۾ همراهي
ڪرايائين. مرحوم مولوي عبدالڪريم کي ننڍپڻ کان
شاعريءَ جو شوق هو. تحصيل علم جي زماني ۾ ئي غزل ۽
مولود تي طبع آزمائي ڪندو رهندو هو. مگر
دستاربنديءَ ڪري ڳوٺ ڏي اچڻ بعد سندس طبع جي
شاعرانه رواني عروج تي اچي ويئي هئي. ڪوبه موضوع ۽
ڪابه طرح يا طرز، ڪوبه موقعو سندس سخن سنجيءَ کان
بچي نه سگهيو. سندس مستقل تخلص ”مجروح“ هو. پر
”حَسن“، ”خان محمد“ ۽ ”مظهر“ جي نالن سان پڻ ڪلام
چيو اٿس. محمد حسن ڪاڪيپوٽه، ويٺل ڳوٺ ڪاڪيپوٽا،
پير خان محمد ڪامارائي، حال مقيم شام ولايت، ۽
مظهر سندس پيارن دوستن مان هئا، جن جي سيرت توڙي
صورت جي حُسن کان متاثر ٿي انهن جي ئي نالن سان
ڪلام ۽ ڪافيون جوڙيائين. سندس صحبتين ۾ سرهندي
پيرن سان گڏ مشهور شاعر مصري شاهه نصرپوري به آهي،
چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ مصري شاهه جي ڪلام ۾ اصلاح
ڪيائين. جڏهن اصلاح مصري شاهه کي معلوم ٿي تڏهن
بيحد پسند ڪيائين ۽ مولوي عبدالڪريم سان ملاقات
ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين، سندن دوستي جي شروعات
اتان ٿي.
فقہ ۽ ديني مسئلن تي سندس ڪافي تصنيفات هئي، ازانسواءِ سندس شعر
جا مجموعا ۽ بياض پڻ هئا جي سندس وفات بعد، پوين
جي بيتوجهي سبب ضايع ٿي ويا سن 1949ع ۾ راقم
الحروف کي مبارڪ جروار ڳوٺ ۾ مولوي صاحب جي زبون
تصنيفات ۽ دستخط نسخن مان صرف چند ورق هٿ آيا، جي
ديني مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ۽ علم حديث جي مسئلن تي لکيل
هئا. مرحوم مولوي صاحب تمام خوشخط هو ۽ سندس ڪلام
به بي انداز آهي، جو مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي
مشتمل آهي. سندس مولود، اڄ تائين شغلن ۾ چيا ۽
ٻُڌا وڃن ٿا. سندس اڪثر ڪلام في البديهه چيل آهي،
سندس شعر فن جي لحاظ کان نهايت ئي پختو ۽ لذيذ
آهي، ”نالهء بلبل مجروح“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته في
البديهه چيل آهي، جا هت پيش ڪجي ٿي.
مولوي عبدالڪريم، بت ۾ سنهون ۽ ڊگهڙو ڪڻڪ رنگو، چاپئي ڏاڙهي
ٻٽوئان وار، وڏين سهڻين ڳاڙهين اکين وارو هوندو
هو. ڪلاه سان لونگي، ٽوال ڪلهي تي، صدري، نير ٻڏل
سلوار سندس ويس هو. مولودن جي شغل ۽ راڳ جي رهاڻ
جو شوقين هو. ڳوٺ ۾ يا شاگردن جي لاءِ ڪابه غير
شرعي رسم پسند نه ڪندو هو. روزي نماز جو نهايت
پابند هو.
سندس شادي ٽنڊي الهيار جي مشهور عالم مولوي ميين محمد جي همشيره
سان ٿي. جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا، جن مان ٻه وفات
ڪري ويا. باقي قاضي محمد رحيم، قاضي احمد ۽ قاضي
محمد ابراهيم حيات آهن، مؤخرالذڪر قاضي محمد
ابراهيم، جو راقم الحروف جو ڀيڻويو ٿئي، پنهنجي
بزرگ ڏاڏي ۽ والد جي قائم ڪيل مدرسي کي اڃا تائين
هلائيندو اچي. وٽانس سال بسال ڪثير تعداد ۾ طالب،
علم جي زيور سان آراسته ٿي زندگي جي منزل تي روان
دوان ٿين ٿا. قاضي محمد ابراهيم کي چار فرزند آهن،
جن مان وڏو عبدالرحمان ميمڻ ٽنڊي الهيار جي
ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪلاس ۾ تعليم وٺي
ڊويزن ۾ پاس ٿيو آهي. انهيءَ ڪري هن بزرگ خاندان
جي آئينده پيڙهين جو مستقبل نهايت شاندار نظر پيو
اچي.
مرحوم مولوي عبدالڪريم، سن 1912ع ۾ وفات ڪئي، ۽ ڳوٺ مبارڪ جروار
۾ سندس والد صاحب جي قائم ڪيل مدرسي جي ڏکڻ ۾ سندن
خانداني مقام ۾ پنهنجي والد جي ڀر ۾ مدفون آهي.
سندس هيءُ ”نالهء بلبل مجروح“ شعر اندازا 1900ع جو
چيل آهي، جو هڪ دل گهرئي دوست جي چوڻ تي في
البديهه ٺاهيو هئائين. سندس ڪلام جي ٻوليءَ، رواني
۽ فصاحت پختگيءَ ۽ ميٺاج جو اندازو ’نالهء مجروح‘
مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.]
نالہء بلبل مجروح
مشتاق الوصال بي پروبال پر ملال و مشتاق،
آن صاحب الجمال، لطيف الاعتدال والله حسنه.
باسم الله ڪريان صاحب ثنائي،
جنهن واحد کي لائق سڀ وڏائي،
هُو اَلرّحمان الَرّحيم رب رحيما،
تنهن باقي ري ٻئي کي ڇا بقائي،
اُڀن ڀونين جِي جوڙي جوڙ خالق،
آهي هر جاءِ خاوند کي خدائي،
هُو اَلّرزاق قادر پاڪ قَيّوُم،
ڌڻي واحد جي هر هنڌ ڪبريائي،
صمد صانع ڌڻي ديّان دائم،
اُپت عبرت سين آگي ڏس اُپائي،
ڏنو انسان کي رب شرف شاهي،
اندر قرآن ڏس آيت جا آئي،
محمّد مصطفيٰ مهندار مڙني،
طفيلي جنهن جي ٿي خلقت سڀائي،
منجهانئي نُور پنهنجي پاڪ پرور،
ڪيو سو نُور نرمل مصطفائي،
ڀلو تنهن آل ۽ اصحاب احباب،
جنين تي پاڪ ربّ رحمت وَسائي،
ڏياسي ڏيهه جا ڏاتار ڪيا حقّ،
سَري سڀ کي جَنين کان روشنائي،
ڳَڻي ڳُڻ ڇا ڳڻيان واحد وڏي جا،
بَهاري جنهن بلاشڪ هيءَ بنائي،
ڇڏيا جبّار سڀ جنسار جوڙي،
سنئين هر جاءِ ربّ قدرت رکائي،
ڪنين کي بخش ڪئي باريءَ منزّه،
منجهانرا مهر پنهنجيءَ شان شاهي،
وڏو اقبال ۽ احوال تن کي،
سدائين در تنين سهسين سپاهي،
ڪئين محتاج ڪيا مالڪ منارا،
ڏيئي ڏک ۽ ڏجها گوندر گدائي،
ڪنين کي مال ۽ اسباب ۽ زر،
دنيا جو دبدبو صِحّت سگهائي،
ڏنو ڏاتار ڪن کسي ڏيج ڏوڙو،
حُسن حشمت ۽ دهشت دلربائي،
هميشہ تن حبيبن ناز نخرو،
عجب جنسار بي جلوي ججهائي،
سدا سينگار ۾ سهڻا سروقد،
وتن واسيا ڪريو هٿڙا حنائي،
پسي قامت قريبن، ڪئين ڪوماڻا،
صنوبر جي ويئي تن مان طرائي،
ڪيا حيران تن جي وصف واکاڻ،
هزارين ٿي ويا حاڪم هوائي،
فراقي ٻيا هزارين فڪر وارا،
حياتي جن سڄي روئندي رهائي،
فهم فائق جو ڪن تي حد کان ٻاهر،
ڪنين کي عشق جي ٿيڙي عطائي،
حقيقي ۾ ٿيا ڪئين مَهوَ منصور،
سدائين سڪ تنين سيني سمائي،
مجازيءَ جي ڪنين تي موج باري،
اندر الفت تنين آتش وسائي،
صدامي مچ تنين کي ساڙ سيني،
بره بيٺو تنهين سِر ڌوم لائي،
نصيبن ۾ ڪنين جي وصل ويرون،
ڪنين جي هاءِ نيڻن ننڊ ڦٽائي،
شڪل تي پنهنجي ڪي مغرور مُحسِن،
چڱي چلگت تنين چالي چٽائي،
ڪنين کي سوز ۾ ٿيا سال سڪندي،
ڪنين موجود مقصد جي مزائي،
مٺو محبوب ڪن جو حال همراز،
ڪنين کي هاءِ هي هي حاصلائي،
ڪنين دَربَر ڪيو مطلوب پنهنجو،
ڪنين مجنون صفت چوڏس چريائي،
سَوَن سهڻن سدا سعيو صفا جو،
پئي منجهه لوڪ لياقت ڪن لڄائي،
لڏي ويا لوڪ مان سڀ لطف وارا،
جنين دلڙي رنجورن سان رُلائي،
سوين سڙندا ڏٺم اِن سوز ۾ سچ،
بره آڻي جنين آفت بَڇائي،
ڏٺو مون ڪونه ڪو وارث وفائي،
گهڻا گهمندا وتن جورو جفائي،
ڇڏي هي هي لڏي ويا لوڪ مان ڪل،
جنين ويران ٿي دلڙي وسائي،
جيارا جيءَ گهريا جاني جڏن جا،
قبولي سي سُتا حڪمِ خُدائي،
سئم آواز هڪڙو درد وارو،
ڪنا دل درد واري جنهن لٽائي،
”ته هي هي ناهه ڪو اڄ حال ڀائي،
حياتي ٿي سندم هي هي هچائي“،
هئس هي لفظ سڀ ظاهر زبان تي،
اکين تي آب هاريل جي هريائي.
مقولئه مذڪور
وَنالہِء مجروح، مهجور مجبور،
اعطاه الله محبت منصور.
هيم جن ساڻ اُلفت آشنائي،
ڇڏي هي هي ويم سي حال ڀائي،
ڏسان ٿو ڪين ڪٿ هيهات هيهات،
سڪايل ساڻ هئي جنهن جي سچائي،
سِٽاڻي سانگ ويا جيڪس سڌاري،
پرت پنهنجي جنين پوري پڄائي،
ويا ڪيچي قطاري ڪيچ ڪرهل،
سُڄي سندين نٿي ڪجهه هاءِ ’وائي‘،
وڏو ڏيئي وڇوڙو يار مون کي،
هلي ويا جن مُٺيءَ ساڻ دل مِلائي،
لڏي لوڪان ويا صاحب صفا جا،
جنين محبت سندي ٿي وک وڌائي،
نه پسجن پرت پرين جي جا ڪٿ پار،
رهي هر جاءِ تي ڪوڙي ڪچائي،
وري وريا نه سي وارث وطن تي،
لکئي جن ساڻ لنئون ڪا دوست لائي،
اَلا! اوسر اچي ڪو اوچتو پيو،
وفادارن نه سُڻجي ڪٿ وفائي،
خدا ڄاڻي وريو هيءُ واءُ ڪهڙو،
ڇڏي سهڻن ڏني هئي هي صفائي،
زماني ذوق مان ڪيو زهر پيدا،
جو آ ماڻهن مَٽي وائي ورائي،
سڄڻ صورت جا سهڻا ماهه مورت،
قلب ۾ تن پئي ڪنهن پر ڪڌائي،
جوانا خرد مندو خوب رخسار،
تنين ۾ ڪاهجي پئي ڇو ڪوڙائي،
مبارڪ منهن سندن چُون ماهه تابان،
وئي سيني مجهان تن جي سُهائي،
زبان ماکيءَ ۽ مصري کان مٺي تن،
ادا! تن جي اندر ۾ ڪٿ مِٺائي،
وجهو گُهنڊ گهوريسين گهائين ظاهر،
اندر سيني وڌين ڪِيني ڪِنائي،
مٺو مُرڪڻ ٻَهُون ٻاٻيس ٻاجهار،
ٽلڻ ٽمڪڻ لڏڻ بي لاڏلائي،
چلڻ چالي نرالي شوق والي،
کلڻ کائڻ، ٻي ٻوليءَ جي ٻاتائي،
هئي حاصل حبيبن کي هميشہ،
ڪُهڻ ڪاٽڻ قريبن لئي ڪمائي،
رُسڻ پرچڻ هُئي پَر جن پرين جي،
تنين هيهات ڪيئن لالچ لکائي،
ادا! ظاهر اهوئي ناز نخرو،
مگر من ۾ تني ٻولي ٻائي،
شڪرلب حُسن وارا جوڙ جنسار،
پرت پارڻ جي ڪاتن ۾ پورائي،
جيارل يار ٿي ڄاتم يقيناً،
وري لئي صاف تن سوري سنڀائي،
وفا وارا ڪري ويا سُڃ ڀيدي،
رهيا باقي وڃي جورو جفائي،
مٺا محبوب هينئڙي هار غمٽار،
تنين ۾ ڪاهي پيئي ڇو ڪڙائي،
کڻيو جن نيڻ ٿي ٺاري سڙي دل،
ڪري ويٺا وري سي بيوفائي،
حسن هر جاءِ هليو هل اهڙو،
رفيقن جي پبئي روح ۾ رکائي،
هلي ويا نازنين ۽ ناز پرور،
جنين ٿي دوستي نيبہ نڀائي،
نه سڻجن ٿيون ڪٿي تن جون تنوارون،
مٺي جن يار! ٿي ٻولي ٻڌائي،
رهيا باقي روازي غرض وارا،
دورنگن دوستي من جي مٽائي،
غرض تائين سڏائين يار غمخوار،
لٿو جي ڪم ته ٿي ٻي وات وائي،
پرين مطلب لئي پنهنجي ٿا آلاون،
بنا مطلب بڪن بيهو بُرائي،
نه ماڻهن ۾ رهيو ڪو مور ميٺاج،
ٿي لوڀي، ساڻ لوڀن دل لڳائي،
دنيا ڌوئي هزارين خان کاريا،
اندر سنسار سڀني کي سنهائي،
ڦري ويا يار اڄ ياري ڇڏي سڀ،
شمع الفت جي پئي ڪلفت اجهائي،
ٿيا بيزار هڪٻئي کان حبيبا،
جڳٽ ساري رهي سکڻي ٺلائي،
ڦِري اڄ ويا سمورا صاف سالم،
نه طالب ۾ ڏٺم ڪا طالبائي،
سچائيءَ ۾ هئا جي سونهن وارا،
ڇڏي، هئي هئي وياسي بيريائي،
ڪيان ڪيئن ڪنهن کي ڏيندس دانهن دلبر،
ته ڪيئن رنجور جي ان دل رَمائي،
اندر دل جي سدائين باهه ڀڙڪي،
ٻَهِر ٻاريل وري ڪنهن نا وسائي،
امينن جي اندر مان وئي امانت،
نه ٻانهي ۾ رهي ڪا ٻانهيائي،
وفا ٿي چُون هُما ۽ ڪيميا گم،
وئي راحت جا رب راحم رکائي،
ڪٿي ڊوڙي ڏيان فرياد فرياد،
ڏکن سورن سندم دلڙي رنجائي،
ٿيو مون ساڻ اڄ بيداد بيداد،
وڃي مون پاڻ پنهنجي مت گنوائي،
نه ڪنهن ناصح ڪئي مون کي نصحيت،
ڏَسِي مُوران نه ڪنهن موٽي چڱائي،
هٿان ڏيئي رهيس دلدار کي دل،
پرائي وس وڃي ٿي سا پرائي،
عجب جنسار تنهن هوشيار جو هو،
ججهي جنسار جلوي جوت لائي،
اکيون ڪنڍيون ڪجل ري ڪيف ڪاريون،
ڪڪوريون قهرسين ڪن ڪاروائي،
زلف زنجير ڪاڪل نانگ ڪارا،
ڏکئي جي دل جني ڏاڍن ڏَنگائي،
ٻئي جاڙا ڀرون تکيون تراڙيون،
سٽي سيفن، سڙيل جي دل سجهائي،
لعل ٻئي لب مٺا مرجان موتي،
مٺو مُرڪي تنين ڪئي من مهيائي،
سندس رخسار جي جهلڪار صدبار،
لُٽي لالا هڻي لوري لَڄائي،
نرم نازڪ نزاڪت نازنين،
گلابي گل سندي هئي مت منجهائي،
نه صورت ۾ نه سيرت ۾ سندس مٽ،
عطا آگي ڪيس وهه وهه وڏائي،
هزارن ٿي، عجيبن سرنگون ڪيا،
صنوبر سرو جي بيشڪ نمائي،
سندس ڇا حُسن ۽ ڇا ناز نعمت،
سَنُوت سينگار جي سهڻي سُٺائي،
سوين مشتاق ماريا مُرٽ ماڻي،
ٻَڌا ٻاٻيس سين عاشق شيدائي،
مِٺو مُرڪي نهاريو جِهَر پرين،
هليو هيهات جو هُل جاءِ بجائي،
سدا سينگاريل اَلبيلو ارڏو،
عجب هئي خوبروءِ جي خوشنمائي،
ڪيون آهون اُڪنڊ مان عاشقن ٿي،
مثل بلبل جا ويئي گل جي لائي،
ڪنيز ڪزاد ڪوٺي قرب مان بس،
ڀلارن مهر مان ڪي جا ڀلائي،
رکي تهدل اچي تن يار ياري،
ڏيئي تن پيچ پختا دل اڙائي،
ڀلي آيا، ڀلي جيءَ جا جيارل،
ڏني مولي جنين جي منهن مڻيائي،
نماڻي جي ڀلي نجهري سي آيا،
ڏسي جن کي رسي ساهن سَگهائي،
ڏينهان راتيون هنيون هي وصل ويرون،
هُئي هِيڻيءَ حبيبن هيڪڙائي،
پلڪ پاسي نه هئا، پريم پسڻ کان،
اڃايل دل نه ٿي مان وصل ڍائي،
هئم همراز ۽ همدم هم آغوش،
سچارل سونهن ڀريا سنجهه سُڀائي.
ستس سهڻو ويٺو سو ساهه کان تنگ،
مِٺي جي هئي مُٺيءَ سان خوش لقائي،
خوشيءَ ۾ هوس خرم خوب خندان،
نٿي تقدير جي پئي ڪل ڪائي،
سڌا ڀانيم ته هوندو يار مون وٽ،
نٿي ڄاتم ته هيءَ پوندي جدائي،
گهنگهر گهارڻ، نهارڻ يا وسارڻ،
هنجون هارڻ، پُڪارڻ ۽ پُڇائي،
ڇڪيون واڳون وطن تي يار قسمت،
فلڪ بازي بنايل ڏس ڦٽائي،
اُڪنڊ پئي اوچتي دل ۾ حبيبن،
سنگت سارڻ، سنڀارڻ سڪ سدائي،
سفر سڄڻن سنڀايو ڏونهه ساڻيهه،
ملڪ پنهنجي پرين الفت اُٺائي،
وڃڻ جي وقت هي وارث وسيلي،
هئو لائق سندس ڪيائين اورهائي،
رکي لب تي لبن ڀاڪر ٻيا پائي،
اکين مان هنَجهه مٺي واري وَهائِي،
ڦٽيل دل کي رئاڙي پوءِ رميا سي،
ڏنائون ڏيج هيڻي هيڪلائي،
وٺي وعدا ڏنن انجام پورا،
ٻيهر مون ٻول سين دلڙي ٻڌائي،
نه مون ڄاتو ته هي هي هي نصيبن،
پُڄاڻيءَ جي ٿئي موڪل اهائي،
هليا وعدا وٺي جانب جڏي جا،
چَيُن هائي مدد گهرجي خدائي،
مٺا مرڪب مٿي ٿيا سوار سائين،
رُنا خود آپ ڳيا ميڪون رُلائي،
نٿي ڄاتم ڪُڄا لاءِ پيچ پاتم،
ڏکٖين سُولين دي وچ مين دل ڏِوائي،
قهر ٿيا اي قيامت ٿئي بلاشڪ،
صلاح ۽ خير وچ ۾ جان ڦُرائي،
لڏي مون کان ڇڏي، گوندر گڏي ويا،
سڏيائون ڪين هُئي ساڻن سڳائي،
پرين کان پوءِ ساعت ٿِي سوين سال،
هئين تي حزن حيرت جي ڳرائي،
هڪو پل ڌار ٿيو قيامت ڪُٺي لَئي،
ڪئي وَرهن ولِهيءَ سان ويجهڙائي،
سموري رات سورن ۾ گذارڻ،
ڏيهان منجهه ڏيل هي ڏاڍي ڏکيائي،
اندر ۾ انتظاري بيقراري،
اکين مان ننڊ اڄ آهُن اَڏائي،
ستي ننڊ ناهه ويٺي صبر آرام،
اجل آفت پريندي ايءَ پائي،
پلڪ پَل ساريو ڪانگا اُڏايان،
ايندن پيرين پوان ويندن ورائي،
مٿي واٽن نهاريان ڏينهن سارو،
ڳڻيندي رات تارن ۾ وهِائِي،
پُنان انجام جا ڏينهنڙا سڀئي،
وَليڪن ٿِي اچڻ جي ڪانه ڪائِي،
سنيهو ڪونه سڄڻن موڪليو ڪو،
صبا سندين نه ڪائي سُڌ سُڻائي،
نڪو پيغام سين پانڌي وريو ڪو،
نڪو قاصد نه آندو خط خطائي،
نڪو اوٺي سندس ڳوٺي وريو ڪو،
نه ڪانگل ڪل ڪبوتر ڪا ڪِهَائِي،
ڪيل وعدي مٿي وريا نه منٺار،
نه پنهنجي ڳالهه تن پُوري پُڄائي،
ڪري وعدا ويا مون سان ورڻ جا،
مدت هيڏي لطيفن ڪيئن لنگهائي،
قريبن قول پنهنجي کي نه پاريو،
خبر پنهنجي نڪا هوتن هَلائِي،
خبر ناهي ٿيا ڇو خابرو بند،
ٽپاليءَ جي پَئي ڪيئن تَن ٽُندائِي،
مِٺن جهڙو نٿي ڄاتم وفادار،
وفا پنهنجي پرين ڇو هيئن هَٽائِي،
سچا ۽ صاف هئا ساڃاهه وارا،
تني ڪئي ڇو هلت ههڙي اَجائِي،
اچي دل کي دليلن اڄ ڏکويو،
قبولِي ڪا پِرين پي مَت پرئي،
سلامن سان نه ڪيا مسرور مهجور،
نه پرين پار هِنَ جي پٽ پُڇائي،
ڪِين آهن طبع ۾ سالم سياڻا،
ڪين البت بت ۾ ٿي تن جي اگهائي،
سڄڻ ساڻيهه ۾ پنهنجي وسيا سُک،
سندن قسمت ٿي آگي ڪيئن اُٺائي،
حسن ڏس يار اڄ هيهات هيهات،
وڍيل عاشق جي لئي هاڃو ۽ هائي،
بلاشڪ سي چڙهيا فتّان جي ور،
هچاري ڪئي هلي اِي حاسدائي،
نٿي ڄاتم ڪُٺيءَ سين قهر ٿيندو،
ازل ڪا لاءِ مون اوري چتائي،
اصل کان ڪو لکيو هو انگ اهڙو،
پيل ٿيا پيچ پُختا ڪي پَريائي،
اکين ڪيو آب الٽو هاءِ جاري،
وهي نيڻن ٿئي حاصل هيڻائي،
ويو سک صبر سارو، ٿي جڏي جان،
هَڻي دردن وري دُونهين دُکائي،
سڙي سينو ٿيم سڀ داغ ڪارا،
هجر فرقت جي دل کائي کجائي،
کسي دل دوست ڇ دوري رکي رهي،
ڏٺي اڳ هئي عجيبن عاجزائي،
ڪيو ڇو قهر هيڏو قرب وارن،
نه هلندي ساڻ هرگز ظالمائي،
سوا سڄڻن نڪو همراهه همراز،
ڪميني هن ڪٺيءَ جو ظاهرائي،
ڪري هٿ دل سنديم محڪوم مضبوط،
نماڻي سان ڪيئي گردن ڪُشائي،
مرڻ وس ٿيو ته پنهنجي نا ته ماريان،
نه ڪنهن حيلي حياتي هيءَ کُٽائي،
سڪان ساريان سدا تن دوستن کي،
هِنيون حيران حيرت منجهه سدائي،
عجيبن سان هو اڙيو انگ ازلا،
حياتي مون سڄي سڙندي وڃائي،
بنا جانب ٿو هڪ پل پدم ڀانيان،
سڪايل جي ڇو سهڻل دل سِڪائي،
ڦري سک صبر ڇو ٿيا ڌار مون کان،
هئي جيڪس نه ساڻن ڪا سڱائي،
سياڪو سڱ نٿي ساريم سڄڻ سين،
غلامن جي قبوليم نوڪرائي،
ڏسان تن کي ادا ڏوري ڪِهو ڏيهه،
گهنگهر گهايل جي گوندر دل گُمائي،
فراقي ٿو ڪري منجهه ذڪر دانهون،
هنجن ڳوڙهن سندس دامن پسائي،
هِنيون هَي هَي حبيبن جي اُڪنڊ ۾،
نماڻا نيڻ نازڪ ٿئو ٽِمائي،
جنين جند جان ۽ سوگهو ڪيو ساهه،
نه سُڌ پنهنجي پرين پوري هَلائي،
سڄڻ کي سال ڇو پرديس ۾ پيا،
وڌي ڪنهن هوت ۾ کاڻي کٽائي،
اَللهُ ڄاڻي ته ڪنهن راڻل رسايو،
هڻي اُن مامَ منهنجي مَت مُنجهائي،
اريبن جي ڪِر مَن ۾ پئي ملامت،
ڪمينن کان ٿي حاصل ڪا ڪُڌائي،
نه ڄاڻان تان چڙهيا ويريءَ سندي ور،
ڪئي لوٺي حرامي ڪا لَنبائي،
ڪهين تدبير سان رانجهن رُسائي،
تني پاپين پليتن پِٽَ پرائي،
رُسائي يار مون کان هي رُسائين،
مُٺَن مڪرن سان هي هي دل مُسائي،
وڍي چيري ڇڏيئن دل جان منهنجي،
بنا حق تن سندم هي دل ڪُهائي،
ڳنهي مون کان ڇني ڪيا ڌار دلبر،
اها لورن لُنبن ڪِي آ لُچائي،
دغا بازي ڪئي جن مون ڪُٺي سين،
وجهي الله سِر تن جي بدائي،
ڪري قهّار تن تي قهر قائم،
وڍي دل تن جني منهنجي وڍائي،
وڇوڙو جن وڌو مون ۽ پرين ۾،
وجهي واحد تنين ۾ وَٺِ وڏيائي،
وجهي ويٺا ولِها محبوب کي ونگ،
روا ڄاڻي رنجائڻ دل پرائي،
نه ڪر پرور تنين اُميد پُوري،
جني نانگن ڪئي ناحق نلائي،
دنيا ۽ آخرت ۾ هون نانگا،
نڀاڳا هونِ سي هردم ندائي،
هجن مفلس مدامي سخت عاجز،
جني ڪاري مُنهَن ڪي بي لڄائي،
تڳي تِل ڪينڪي تن جو سکيو ساهه،
وري هيءَ ويل جن سر تي وهائي،
مٿان تن تون ئي پردو ڦاڙ پرور!
ٺلهن کي ڏي ڏکيائي ۽ ٺلائي،
وڇوڙي جو مٿن ڪو واءُ وارين،
وڇوڙيا شل وتن کان هيڪ ٻيائي،
جدا جانب هجن شل هيڪ ٻئي کان،
اسان ۾ جن وڌي آڻي جدائي،
مِٺو محبوب جن مون کان رُسايو،
رکي دل ۾ دورنگن ڪا دغائي،
هجن گم شل سدا قرض و مرض ۾،
وڃائي رهنما تن رهنمائي،
جني ڪيو حزن ۾ حيران مون کي،
نه ڪر قادر تنين جي تون چڱائي،
سڙي منجهه سُور اِن مردود ملحد،
مَرن جن ڪئي ميان مولى مَٺائي،
رقيبن ۾ تون وجهه رحمان رولو،
انڌن کي ڏي سگهو صاحب انڌائي،
جُثي ۾ جل ۽ منجهه قلب ڪاڙهو،
جگر ۾ جوش ۽ ٻاهر ٻَريائي،
رَنڊايا ڇو رُسائي يار منهنجو،
هئم دل ٺار دلبر حال ڀائي،
وسيلو ربّ تون منهنجو وسيلو،
نه آهن ڪي وسيلا تو سوائي،
تڪيو ۽ توهه اَجهو ۽ اوٽ تنهنجو،
مدد تنهنجي هميشہ مون مٿائي،
مٿي درگاهه تنهنجي رب دانهيان،
ڏسج هادي! سنديم تون هي هيڻائي،
آهيان ناقص نماڻو ۽ ندورو،
رکج پرور مٿم پردو پنهائي،
سوالي در سندءِ صاحب سوالي،
سوالي کي نه ڪر خالي ڪنائي،
اٿم هر دوجهان ۾ تنهنجو تڪيو،
وسيلو ٿو وٺان تنهنجي اجهائي،
خداوندا! ڪريان فرياد ٿو در،
قبولج مون ڪميني جي دُعائي،
لڳي چَئي نفس سرڪش جي يا رب!
مدامي مون ڪئي مالڪ مَدائي،
عفو ۾ تنهنجي مون اُميد آهي،
سدا منجهه فضل تنهنجي دل آسائي،
پلئه پايو پني ٿو، پاڪ پرور،
سندم ستّار ڪر سولي سجائي،
مٿي دشمن تون ڪر ڪو قهر قادر،
ڪئي بيدين جنهن بي لائقائي،
خداوندا! سگهو ڪر داد منهنجو،
ڏئين احمق کي آگا تون اگهائي،
پنان حق ۾ رقيبن جي ڪنان تو،
نه ڪر قادر تون چُرٽي جي چڱائي،
نه مطلب من سندو پرور! پُڄائين،
جني بيشڪ ڪئي مون سان بُرائي،
مٺي دلدار جي دل کي ڌتاري،
ڏنائون جان منهنجي کي جَڏائي،
وڇوڙي ۾ وجهي ويٺا وري سي،
ٻيهر تن ٻانگ ٻي ٻولي ٻورائي،
نه ڪجهه ڪو خوف تنهنجو ڪين خدا يا،
رنجورن تي نه رحمت جي ذرائي،
وڏا حيلا دليلا پنهنجا جوڙي،
سڄي خلقت کڻي کوهرن کِلائي،
مُٺن ڪيا مڪر ۽ بديون بهانا،
مثل ڇورن ڪري سڀ ڇوڪرائي،
سچا ربّ آڻيان تو وٽ وسيلا،
مُحابي تن وسيلن ڪر سَڻائي،
سچو سردار تنهنجو مُحب محبوب،
سمورن لاءِ جنهن جي خلقيائي،
سڀئي جبّار تنهنجي جوڙ جڳ ۾،
ڪئي فضلا مٿي تون جنهن فدائي،
دنيا ۽ آخرت ۾ مُهڙ مڙني،
ڇُٽي هلندو جگت جنهن جي هٿائي،
شفاعت منجهه شفيع جي مون کي اميد،
توڻي ڏوهن گناهن جي گهڻائي،
محابي محب ۽ محبوب تنهنجي،
سچا داور! قبولين هيءَ دُعائي،
ابر عاجز آهيان عصيان ڀريل،
منهنجي الله مڃ هيءَ التجائي،
ڪرين برباد خاوند تن جا خانا،
جني بيحد ڪئي هيءَ بيحيائي،
مِٺو دلدار دلبر يار منهنجو،
رُسايو رهزنن ڪي رهزنائي،
ڏسان پاڙا پليتن جا ٿيل چَٽ،
جني ڪي چور ۽ ٻي چيچپائي،
ٻه ڀيرا تن سندا ٻيڙا تون ٻوڙج،
جني کاڻن اها هئي ڪئي کَرائي،
بلا باري بڇج تن جي ٻچن ۾،
هجن حيران حيرت ۾ هيائي،
قرض ۾ تن ڪرين قابو تون قادر،
هجي موجود تن وٽ هڪ نه پائي،
مصيبت ٻيي مٿن موٽي بڇين تون،
هجن نانگا هميشہ نِپُٽائي،
هجي بيبرڪتي تن جي گهرن ۾،
وڃن مهتا سندن مر مغذ کائي،
هجن محنت اندر سيئي گرفتار،
وَسي پيئي مٿن آفت سمائي،
اندر دل ۾ اها اميد آهم،
ڏينهان راتيان هجي تن کي ڏکيائي،
ڀلارا چار جي خاصا خليفا،
محابي تن ڏئين راحم رهائي،
منهنجي غم ۾ وجهي حاسد هچارا،
اسان ۽ پرينءَ تان کڻ هيءَ جُدائي،
محابي شيرِ يزدان شاهه مردان،
تني جا سڀ ڪرين تختا توائي،
مدد مولى علي! مسڪين جي ڪر،
تون مشڪل حل ڪرين مُشڪلڪشائي،
مدني جا سگهو آءُ مرد موٽي،
مٿي هُن چور چُرٽي ڪر چڙهيائي،
کٽيو خيبر تو پل ۾ اي بهادر،
تنهنجي حشمت ۽ همت ٻئي نه آئي،
مٿي مردود ڪر اڄ ڪاهه ڪامل،
شتابي ڪر شتابي مرد ڪائي،
اٿم مشڪل رسج دُلدُل جا سائين،
ڪرين دشمن جي سِر سيفن سٽائي،
تون اي شاهه نجف جا شير هسوار،
نه تنهنجي سيف ڪنهن راول رَنڊائي،
سَٽي صف صاف ڪر تون سرڪشن جي،
ڪُلِي تو ڪفر جي ٿي ڪل ڪبنبائي،
مٿي دشمن سگهو ڪر تاب تهدل،
ڪرين تون ڪُٽ سَڀا تنهنجي ڪمائي،
رقيبن جا ڪرين تون راڄ سڀ چٽ،
سڃاڻن ڪين پنهنجو ٻار ٻائي،
فتانن ڪي وڏي فتنت ۽ پرشور،
ڪري جاهل اُڀا جا جاهلائي،
رسول الله جا پرمل پيارا،
ڪفر جي پاڙ تو ڪُل ئي پٽائي،
پٽائين پاڙ تون منهنجي عدو جي،
ڏني ڏاتار توکي سگهه سڀائي،
وسيلو تون وڏو منهنجو وسيلو،
لقب لالڻ مِٺو تو مُرتضائي،
سڄڻ منهنجي کي سِگهڙ وڪڍ سڙين مان،
رقيبن کان ڏي تون تنهن کي رهائي،
ملائين مهر سان محبوب مون کي،
ڪيم در تنهنجي ليلائي لنگهائي،
آهيان ڀَٽ ڀان ۽ مڱتو مڱڻهار،
جهليم دامن سندءِ صاحب سَخائي،
پلئي پايو پنن ٿا دانَ دُهرا،
مٿان در تنهنجي ڪيئن حاتم ۽ طائي،
اچي بيٺس مٿي در تون سوالي،
کڻي اوڳڻ پرين پَر لاڳ لائي،
دنيا ۽ دين جي مون سان مدد ڪر،
ڪڍين سڀ قلب مان منهنجي ڪُڌائي،
حقيقي ۽ مجازي محب ميلئين،
مدد مولى علي! ڪر تون سَوائي،
محابي پاڪ معصومن، منهنجا رب،
ڪرين فرياد هن جي داد پائي،
پيارا پٽ ٻئي مشفق مِٺي جا،
چکِي جن زهر جي ڪوڙي ڪڙائي،
’حسن‘ صابر سچو شاهن شهيدن،
مڃيائين شوق سان رب جي رضائي،
مٺو ٻيو پاڪ ڏُهٽو ڏيهه ڌڻين جو،
ٿيو ڪوپو جو ڪاهي ڪربلائي،
محبت ۾ ڏنائون سِر جو صدقو،
سچن کي آهه حاصل سڀ سَچائي،
سچا ربّ! تن جي صدقي تون قبولج،
عرض منهنجو سڀو جبار جائي،
فتانن تي وڏي وجهه ڪا مصيبت،
کرن کاڻن ڪئي جن هي کَرائي،
خوشي تن جي بدن مان ڪڍ يا رب!
ڏئي تَن ۾ تني تابش تَپائي،
ڀلي بِنتُ النبي بضغہ رسولا،
سَتُر جي ڪر نظر ستّار ڪائي،
محابي تنهن ڀلاريءَ پاڪ دامن،
تون خاوند بخش سڀ منهنجي خطائي،
وٺي پنج پاڪ سڀ وارث وسيلا،
چيم هادي تنهنجي در هيءَ هيڻائي،
ڇهون ڳوليان تنهنجي در تي وسيلو،
ڏني جنهن پير کي تو جا پيرائي،
محي الدين ميران مرد مانجهي،
جنهين ظلمات سڀ واري وڃائي،
سڀئي مشڪل سندم آسان ڪر تون،
ڪرين تون ٻاجهه ٻانهي تي ٻيڻائي،
هڪ سين رس سگهو گيلان وارا،
منجهان دل ڪَٽُ ڪڍي ڏي اوجلائي،
مٿي دشمن ڪرين تون تاب تهدل،
وڃائين سڀ تڙين تون تڳائي،
سوين در تي رهن سيّد سوالي،
وٺن مقصد توکان دل جي گهُرائي،
هڪو سوالي آهيان تنهنجو سچا پير!
ٻڏل غم ۾ آهيان ڪر ڪا ٻُڏائي،
وٺيو در دادلا! تنهنجو ٿو دانهيان،
وجهين دشمن جي سر تي ڌوڙ ڇائي،
لهي لک لاڳ ويا تنهنجي مٿان در،
سري درگاهه مان تو دادلائي،
مناقب مير! تنهنجا لک ڪروڙين،
ڪرامت ۾ نه تنهنجي ڪا گهٽائي،
ڪڍي ڪيا پار لک تِک تار مان تو،
ٿيا جي غرق منجهه گوندر غمائي،
مُنڌن واٽون، ڏکين کي ڏان ڏوڙا،
پنهنجي در تان گهڻن ڏاتر ڏنائي،
سڪاين جو لهين سارون پلڪ ۾،
سڀا اميد تنهنجي رب پڄائي،
وليّن تي قدم تو قادري! آهه،
مدامي مهر تو تي مجتبائي،
جتي توکي سنڀالي تت رسين تون،
هڪل پهرين سان اُت تنهنجي رسائي،
مريدن تي نظر تنهن جي مدامي،
ڪنگالن تي ڪرم جي وک وَڌائي،
سواليءَ کان پري تون هڪ نه ساعت،
توڻي ڪافر ڪمينو هُئي ڪٽائي،
ڪرين مقصد مڙن جا هڪڙي دم ۾،
اها باريءَ ڏني توکي ڀَلائي،
رسج دلگير کي تون پير پيران،
سڪايل دانهن هيءَ توکي سُڻائي،
سگهو آءٌ پير پيران شاهه مردان،
تڪيو ۽ توهه ٻي تنهنجي تڳائي،
سڻي فرياد ڪر تون داد داتا،
هڪل دشمن مٿي ڪر هَيبتائي،
جني ناحق رسايو يار منهنجو،
اجائي احمقن ڪي جا آڻائي،
رکي سي کار ويٺا خارجي خر،
ڏنگائي جن ڪئي ناحق ڏنگائي،
رقيبن جا ڏسان دروازا پوريل،
نه گڏجن پاڻ ۾ ڪي ڀيڻ ڀائي،
پري شل ٿين هڪٻئي کان سڱيڻا،
رُلن تن راڄ جن لوري لکائي،
اها غمڪٽ اٿم اميد تو ۾،
وجهين تن ۾ وڏي آفت لَڙائي،
سچا سيّد سگهو مڃ دانهن منهنجي،
ملائين محب جنهن سان جيءَ جڙائي،
مٺي محبوب جي شل واڳ وارين،
ٻُڏل ٻيڙي هئي جيئن تو ورائي،
محابي مير مرسل مصطفى جي،
سچا سائل سين ڪر ڏانن ڏِوائي،
دغا دل ۾ رکي جي پاڻ دلبر،
وساري تنهن ٻيهر ٻاجهن ٻُڏائي،
سڀيئي دوستيءَ جا حقّ ٻوڙي،
رهيو ويهي ڪري ڪا بيڳُڻائي،
ته پڻ تنهن جي ڏجئين منجهه جان جوکو،
هِڪا غم ۽ ٻين سورن سزائي،
نه ڪج تنهن جي نصيبن ۾ ڪا لعمت،
نه علم و حلم ڪا حُرمت حيائي،
وتي وانجهيل سدائين ان سُکن کان،
نه ساعت تنهن لنگهي هڪڙي سُکائي،
نه مقصد مور ڪو تنهن جو پڄائين،
ڀڃي جنهن حقّ هي بازي بنائي،
ڪٿي عزت لهي سو ڪين لورو،
جنهين دل ۾ رکي ٻولي ٻيائي،
خوارن ۾ هجي سو خوار خائن،
خجل خاطر ۾ ڇو چوري ڇپائي،
زباني هيڪ، ٻي ٻولي اندر ۾،
ولهي ور وار ڏيئي وائي وڃائي،
نه پوري ڪر سندس ڪا ڳالهه هڪڙي،
رفيقن سان ڏئين تنهن کي رُلائي،
لهي ڪنهن هنڌ نه اُو ڪجهه مان مُوڙو،
هجي جت ڪٿ لي ڪرٽاڻي ڪُوڙائي،
اٿم دل ۾ اها اميد داتا!
قبوليندين سُواليءَ جي صدائي،
وليءَ جي ناهي منهنجي دوست جي دل،
نڪا حرڪت نڪا حجت جي وائي،
سچا تون پير! وجهه ظالم کي رولو،
اسان سان جنهن ڪئي لوتئي لُنڊائي،
ڪري وڃ دوستن جي وصول وايون،
ڦڪن کي تون ڏئين فائق ڦڪائي،
مَرن ان سُور ۾ سڀ خّر خناس،
مڱي ”مجروح“ توکان هيءَ ميڙائي،
درد جو دونهن تن جي دل دکائين،
جني خاطر محبن جي رَنجائي،
وڏي فتنت مان وريو ڇا ولهي کي،
چٽي ڏاڙهي مٺي ڪيوين مُنائي،
سچا سردار منهنجا پير پارس،
اٿم پڪ دانهن تو منهنجي اونائي،
رکي جو وير تڳندو ڪين تل ڪو،
ڏکيءَ کي ڏيل ۾ ايندي ڏنجهائي،
اُداسي دل ڪري آهون اُڪنڊ مان،
ڳرڻ ڳارو، جهجڻ جهوري ججهائي،
حوزن جنهن کي حبيبن جو هميشہ،
ڪڏهن ملندم سو هَي هَي غمڪَٽائي،
ملڻ محبوب جو ٿيندم ميسّر،
ڪِ هوندي منجهه نصيبن هيڪلائي،
سَڻائي ڪر سگهو بغداد والا،
اسان تان ڪر تون فرقت کي فنائي،
ويا پرڏيهڙي پارس پيارا،
ڪرين قسمت تني سان جلديائي،
جيئڻ گهوريو جڏو پِريَن پڄاڻا،
پَسڻ جي آس دل ۾ سَرسِيائي،
مِٺا پيرل ! ورائين تن جون واڳون،
غريبن ساڻ ڇڏ هي گيسريائي،
ڏينهان راتيان اٿم ايءَ انتظاري،
ڪُجائي اي مٺل مرشد ڪُجائي،
هڻي سورن ڪيو هيءُ ساهه سوگهو،
بحالِ من چُنين غافل چرائي،؟
نه ملندين تان سڄڻ هي ساهه ويندم،
ڪندو مِل مِل ڪري ايءَ وات وائي،
خدا ڪارڻ سگهو آءُ يار موٽي،
اڱڻ ٽِل ٽِل ته گهوريان سِرَ مٿائي،
اکيون روئينديون اچي ڏس يار جاني،
بيهي کِل کِل هنئين جا حالَڀائي،
وڇوڙو گهويو، گهوريو وڇوڙو،
نماڻا نيڻ ٿيا روئي تو لائي،
سڪڻ تنهنجي ڪيس حيران پريشان،
ڪريان راتيان ڏينهان آءُ خون نماڻي،
اچڻ جو ڇو ڇڏيئي احسان اڪمل!
ويچاريءَ تان مٺا ڇو وک هٽائي،
سدا سڪ ۾ سڄڻ تنهنجي گذاريم،
جدائيءَ کان هنجهن حيرت پسائي،
سوا تنهنجي ٿو منجهه گهنگهر مان گهاريان،
پرچ پِرَيم مڃي نام خدائي،
رسڻ جي ريت ڪا راڻل روا آهه؟
پرين پرچڻ جي ڇا لئي پَر نه پائي،
رسامو تنهنجو ٿو راڻا رنجائي،
ملڻ جي ڪر مُٺيءَ سان ڪا مِٺائي،
زنجيرن زلف منهنجي دل کي دلبر،
وڌا ور ور ڏيئي ڪي پيچ پائي،
ٿيو هي قهر ۽ ڄڻ ٿي قيامت،
هنئين ۾ هور ڪو هاڃو هڃائِي،
انهيءَ دک درد جي ڪنهن کي ڏيان دانهن،
نه آهم ڪو سڄڻ تو کان سوائي،
اٿئي ويٺي، سُتي سچ سور تنهنجو،
وِرهه کان ڪين پل هڪ واندڪائي،
اُڪنڊ ۽ انتظاريءَ ۾ رهان ٿو،
سدائين دل سندم تو لئي اُچائي،
مٿي واٽن وسايان آب اکين،
آبر اوتون ڪري هيءَ اک ٿڪيائي،
وٺي دلڙي ڪيوئي ساهه سوگهو،
جُسو جهوتون جهلي درد در سدائي،
مُٺي کي تنهنجو هيءُ ماتم مدامي،
پرين اچ واڳ ڪا وارج سڻائي،
نه ڄاڻان تان ڪڏهن ملندو سندم يار،
حياتي جا سڄڻ ڏينهڙا اڍائي،
’حسن‘ ڇڏ ڇڏ مٺا مغرور مشفق،
اهو جوڀن نه ويسين نال چائي،
ستمگر ڪيترو مون کي ڏکويئي،
ڪندين پنهنجن هٿن جي تون صفائي،
ڏسي غمناڪ ٿئين چالاڪ دلبر،
ڪرين سان پر پرين جا ڪن قصائي،
سڄڻ نامِ خدا جي چال هيءَ ڇڏ،
نه ڪر ڇورن سان ڪا ناتي ڇنائي،
رقيبن سان رهاڻيون رس ڪرين ٿو،
غريبن سان ستم ڇو ساڳيائي،
رقيبن تي وجهي الله آفت،
جني جي من اندر بيشڪ بُڇائي،
ڏئي ڏاتار تن کي پنهنجي ڪم جي،
ڪمائي ۽ ڪرت جي سڀ سزائي،
منهنجا رب پاڪ اَو ڪو ڏينهن ٿيندو،
دورنگن کي ڌُران پوندي ڌِڪائي،
محابي سڀني مردن جي مٺا رب،
پلئي پايو پنان هيڻن پهريائي،
عطا ايمان ڪر آگا اسان کي،
بحرمت سيّد الا برار جائي،
پنان توفيق آءٌ طاعت لئي تنهنجي،
ڏئين ڏاتار تون صحت سَگهائي،
امن تو کان پنان ٿو آفتن جو،
مٿان ويجهي ڪرين ڪوچهي ڪمائي،
دفع دشمن ڪرين ديّان داور،
ٿين جي آخرت جا ۽ دُنيائي،
سدا ثابت رهائين سِڪَ سِيني،
ڪڍين قلبن سڀيئي ڪينو ڪچائي،
وفا تي رک قدم منهنجو تون قائم،
رهي دائم اندر دل ۾ سچائي،
ڪيل سڀ قول پنهنجا آءٌ پڄايان،
ڪٿي ظاهر نه ٿئي منهنجي ڪُڌائي،
ستر سنّار ڪر منهنجي بدن جو،
ڍڪج ڍولا اڳي جيئن ڍَڪ ڍڪائي،
نڪي کولج سندم ڪي عيب آگا،
عفو آگا ڪجئين باري بُرائي،
هٿان منهنجي خطائون لک ٿيون خام،
وٺان ٿو تو ڪنان معافي مڱائي،
چئي شيطان جي ڪوجها ڪيم ڪم،
سڄي مون عمر واءُ ڏيئي وڃائي،
نهوڙي نفس سرڪش ڪيس نادان،
مٿي مرڪب هَوسَ جي ٿي هوائي،
اگهائج ”نالهء مجروح“ يا رب،
تون مشڪل ۾ اچي رس، ڪر سڻائي.
|