2
|
افسانا |
|
|
مهربان خوني |
- م. ع. ڏيپلائي |
|
”ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ، ڪنهن کان ڌار ٿيڻ.“ |
- قمر شهباز |
|
ٿرڊ ڪلاس |
- ذوالفقار راشدي |
|
عورت |
- اَمَر جليل |
|
ڪارو سج |
- ڪرشن چندر
سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو |
|
زندگيءَ جي آغوش ۾ |
- وڪٽر هيوگو
سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ |
|
هيءَ ڪهاڻي ڪهڙي! |
- اِيوان ڪينڪر
سنڌيڪار: شمشيرالحيدري |
|
ناٽڪ |
|
|
”هندستان ڇڏي وڃو!“ |
- موهن ڪلپنا |
سرءُ جي وڻندڙ برسات پئجي رهي هئي. باغ ۾ پِيلا پَنَ مينهن پوڻ
ڪري چمڪي رهيا هئا. ڊاک جي لڙڪندڙ ڇڳن جا داڻا ڳر
سان ڀريل هئا، ۽ انهن جي کَلُن ڦِسڻ شروع ڪيو هو.
وڻَ ويڙهيءَ پنهنجن گلن کي ٻُوٽن ۾ لڪل هڪ ڀَڳل
مَٽ مٿان نمائي ڇڏيو هو.
ننڍڙو ابابيل، مَٽ جي تري ۾، بري حال ۽ سرديءَ وچان ٿڙڪي رهيو
هو سندس ٻه ڀينرون ڏکڻ طرف اُڏامي ويون هيون، ۽
ماڻس ڪنهن گرم ملڪ جو رخ ڪري، سندس نظر کان غائب
ٿي ويئي هئي. ههڙيءَ سرد رات ۾ ڀلا ڪير کيس گرم
رکندو؟ هو سڀيئي کيس مَٽ جي تري ۾ اڪيلو ڇڏي هليا
ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پِنگلو هو ۽ اُڏامي نٿي
سگهيو. گذريل سياري جي مند ۾ اُن گهرکي باهه لڳي
هئي،جنهن جي ڇت اندر سندس ماءُ پنهنجو آکيرو ٺاهيو
هو. ان کان اڳ جو پوڙهي ابابيل پنهنجي ٻچي کي باهه
کان بچائي پري کڻي وڃي، هڪ چڻنگ آکيري ۾ اچي ڪري
هئي. ننڍڙي ابابيل جو ساڄو پَرُ سڙي ويو هو، ۽
ويچارو ان سور ۾ بيسُرت ٿي ويو هو. جڏهن هوش آيس،
ته پاڻ کي نئين آکيري ۾ پيل ڏٺائين، ۽ ماءُ مٿس
ڪنڌ نمائي ويٺي هئي.
هڪ صبح جو، پوڙهي ابابيل پنهنجي پِنگلي ٻچي کي باغ ۾ ٻاهر وٺي
آئي، ۽ چيائينس: ”مٺڙا، اڄ اسين ڏکڻ طرف ڪُوچ
ڪنداسين. تون اُڏامي نٿو سگهين، سو توکي هت ئي
ترسڻو پوندو. مون ڪجهه نرم کنڀ تو لاءِ مَٽ ۾ وڌا
آهن، انهن ۾ ليٽي پئجئين جڏهن بک لڳيئي، تڏهن ٻاهر
نڪري، چوڳو ڪري ڪجهه کائجئين. سڄو باغ ميون سان
ڀريل آهي. ڏس، مَٽَ جي چوڌاري ڪهڙي نه وڻندر وڻَ
ويڙهي لڙڪي رهي آهي! اسين بهار ۾ موٽي اينداسين.“
پوءِ هو سڀ اُڏامي ويا.
ملهار جي وڻندڙ مند آئي، ۽ مينهن پوڻ شروع ٿيو وڻَ ويڙهي، برسات
۾ بلڪل آلي، مَٽ مٿان نمي بيٺي هئي. برسات جو ڦڙو
وڻَ ويڙهيءَ جي هيٺئين پَنَ تي ڳڙي آيو-- ۽ ذري
گهٽ ڪِرڻ تي هو.
”اُف، ڪيڏو نه ٿڪل آهيان!“ مينهن جي ڦڙي شوڪارو ڀريو.
”ڪٿان آيو آهين؟“ ننڍڙي ابيل عجب مان پڇيو.
”اِهو نه پڇ! تمام پري کان آيو آهيان- پئسفڪ سمنڊ کان مان اُتي
ئي ڄائو هوس پر مان مينهن جو ڦڙو نه آهيان- مان
لُڙڪ آهيان!“
”لڙڪ؟ ڪهڙو لڙڪ؟“
”ماءُ جو لڙڪ! اٺ ڏينهن اڳ، هڪڙي ٿڪل ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين واري
ابابيل هڪ وڏي جهاز جي کوهي تي ويٺي هئي. مان اُن
غمگين پکيءَ جي ساڄيءَ اک ۾ هوس. سمنڊ بود ۾ نٿي
ماپيو، ۽ بيوسيءَ جي ڀريل آواز ۾ ابابيل هوا کي
چيو: ’ادي هوا، تون ساريءَ زمين تي گهُلين ٿي جڏهن
بلگيريا ملڪ مٿان لنگهين، تڏهن منهنجي پکيئڙي کي
ڏسڻ لاءِ بيهجانءِ کيس چئج ته ڪاريءَ ٻليءَ کان
خبردار رهي! جڏهن هيڏانهن ٿي آيس، تڏهن مون پنهنجي
ٻچڙي کي اِهو ٻڌائڻ وساري ڇڏيو هو، ’تنهنجو اهو
سپڪڙو ابابيل ڪٿي آهي؟‘ هوا پڇيو. ’مون کيس هڪ ڀڳل
مَٽَ ۾ ڇڏيو هو، باغ جي ڪنڊ ۾، جنهن جي مٿان وڻَ
ويڙهي نمبر هئي.‘ پوڙهيءَ ابابيل اڃا اِها لفظ مس
ڪڇيا ته مان سندس اک مان ڳڙي پيس. هوا مون کي جهٽي
ورتو، ۽ زمين مٿان کنيو آئي. مان اٺ ڏينهن ساندهه
اُڏرندو رهيس، ۽ هاڻ هِن پَن تي اچي پيو آهيان.
ڏاڍو ٿڪل آهيان، دل ٿي ٿئي ته جيڪر پَن تان هِٺ
لهي اچان، سمهي پوان!“
ننڍڙي، پنگلي ابابيل جي دل ڌڙڪن لڳي. هو جلدي اٿيو، ۽ پنهنجي
چُهنب کولي، وڇڙيل ماءُ جو لڙڪ ورتائين. پوءِ هو
مَٽَ جي تري ۾ پيل کنڀن ۾ ليٽي پيو. لُڙڪ جي
گرميءَ ڪري ستت ئي ننڊ اچي وئيس- ائين، جيئن
پنهنجيءَ ماءُ جي پرڙن ۾ بيفڪر ٿي سمهندو هو.
[ماءُ جو لڙڪ: اينگل ڪارابچوف]
م. ع. ڏيپلائي
مهربان خوني
هن کي آيل ڏسي، آءُ بسترو ڇنڊڻ لڳس ته مٿس ويهي ڪا رهاڻ ڪريون.
ٻيو ڀلا جيل ۾ ڪا ڪرسي، ڪو کٽولو يا منجي ڪٿان
آئي.
”هون هون، ويچارڙيءَ کي مار ته نه!“ هن رڙ ڪئي. منهنجو هٿ روڪجي
ويو، ۽ حيرت مان ڏانهنس نهارڻ لڳس. منهنجي اکين
اڳيان اهو شخص بيٺو هو، جنهن نهايت بيدرديءَ سان
ڪيترا ئي خون ڪيا هئا. اڄ کيس ماڪوڙي4 تي ڪهل اچي
رهي هئي، ۽ آهستگيءَ سان کيس بستري تان کڻي، پريان
اڇلائي ڇڏيائين.
هو بستري تي اچي ويٺو ته مون مرڪي چيو، ”هي جي هيترا سارا خون
ڪيئه، هيترن انسانن جو رت وهايئه، تڏهن ته ڪا ڪهل
ڪانه آيئه، ۽ هينئر ماڪوڙيءَ تي به ٿو مهر ڪرين؟“
سنجيدو ٿي، هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو، ”مون جيڪي خون ڪيا آهن،
تن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ٻڌائيندين جو ’ناحق‘ ڪيو
هجيم؟“
مون هن جي گفتي تان ڇرڪ ڀريو ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هن وري چيو،
”ڀلي ويچار ڪري ڏس. منهنجي گهڻن ئي خونن جي توکي
پوري پوري خبر آهي. چڱيءَ طرح ويچار ڪري، مون کي
هڪڙو به اهڙو خون ٻڌاءِ، جنهن ۾ مون ڪنهن کي
بيگناهه ماريو هجي.“
هو ويهي رهيو، ۽ آءٌ ويچار ڪرڻ لڳس.
* * *
”ادا خانو، اهو تنهنجو وڙ ناهي جو غريبن جي ٻارن ۾ اکيون
وجهين.“ هن نماڻو ٿي، نوجوان وڏيري کي چيو.
”وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو! بس، اسين هارياڻين ڏانهن نهاريون
به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟“
”رئيس! اوهان کي پنهنجي ملڪيت سنڀالڻ جو پورو اختيار آهي، پر
هيئن راهون جهلي بيهڻ ۽ کنگهڪارون ڪرڻ، اهو اشرافن
لاءِ مناسب ناهي-“
”هل ڙي، هل اشراف جا پٽ! وڏو معتبر بڻجي آيو آهي نصيحتون ڪرڻ.“
”ڏس، سائين، اسين اوهان جا ٻچا آهيون، پورهيو ڪريون ٿا، جنهن
مان اوهين به کائو ٿا-“
”ها ها! اسان کي هي ويچارا ٿا کارائين! منهن ته ڏسوس، هي آيو
آهي اسان کي رزق ڏيڻ! داڻا اسين ڏيون، ڪپڙا اسين
ڏيون، ٻيو به روز روز سوال، ۽ وري ٺيڳر ته ڏسو!“
”ٽڪابي ٿا ڏيو، ڪا خيرات ڪانه ٿا ڏيو؛ فصل تي ڏيڍوڻا ٻيڻا ڪري
ٿا وصول ڪريو: ان تي ته اسين ڪڇون به ڪونه، پر
انهيءَ ۾ عزتون ڏيڻ لاءِ ته ٻڌل ڪين آهيون.“
”هاڻي بڪ بڪ ڦٽي ڪر، نه ته لاهيانءِ نه لاک!“
وڏيري جو پارو چڙهي ويو هو، ۽ هن ساڻس وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب ڪونه
سمجهيو؛ خاموشيءَ سان وڃي ڪم تي چڙهيو. ۽ صبح جو
وڏيري صاحب کي رپورٽ ملي ته هن جي جهوپڙي خالي
پيئي آهي.
… … …
”ڇوڙي! ڀڄڻ وقت قرض به لاهي ڪونه ويو آهين؟“
”مون وٽ ڪهڙي ملڪيت هئي، جنهن مان قرض لاهيان؟ ڪڻڪ جو نمبر پڪو
بيٺو آهي، ووڻن جا ٻه نمبر ڀلا اڀريل آهن، انهن
مان به تنهنجو قرض ڪونه لهندو!“
”سو ڪي ڀڄندڙن جون به ونڊيون ٿينديون آهن ڇا؟ يا اشراف ٿي هلي
واپس ويهه، يا اهو جيڪو نئون رئيس ’هٿ ڪيو‘ اٿيئي،
ان کان پئسا کڻي ڏي.“
”وڏيرا صاحب، لفظ ڪجهه ڌيان سان ڳالهاءِ. اسان کي تو وٽ به
پورهيو ڪرڻو، هُتي به پورهيو ڪرڻو- ۽ سڀ کان اول
آهي عزت!“
”بلي بلي، ٿئي ٿو وڏيرن جو هاري، ۽ ڳولي ٿو عزتون! پئسا پهچائي
وڃ، نه ته چڱائي ڪانه ٿيندءِ.“
۽ پوءِ، هو روز روز گهوڙي تي چڙهي هن جي گهر اچڻ لڳو.
”جانو، اڙي او جانو، نڪر ٻاهر، پئسا ڇڏاءِ.“
”ادا، ڀاڻهين ته ٻنيءَ تي ويو آهي.“ مائيءَ نماڻائيءَ سان جواب
ڏنو.
”ادا ٻدا مان آءٌ ڪونه ڄاڻان. مڙسهين کي چئجانءِ ته پئسا پهچائي
وڃي، نه ته انهيءَ ڀُوري ۽ انهيءَ ڌونئريءَ جو کير
ٻيا ڌڻي پيئندا!“
هن جي اها روزاني کيتي، ۽ زال جون روزاني مڙس وٽ دانهون: چي
’ماريو گهر ته اچي پر پراين ٻنين مان به گهوڙو
ڊوڙائيندو اچيو رسي! چي، ”ماٺ ڪري، ماڻا ڇڏي، اچي
واپس اسان وٽ ويهو، نه ته اها مينهن، اها ڍڳي ۽
اهي ڍڳا، سڀ قرض ۾ هڻائي ويندو سانوَ“!‘
… … …
”وڏيرا صاحب! بيهه اِتي، اڄ مون سان ٻه اکر ضرور صفا ڪري وڃ.“
جانوءَ وڏيري صاحب جي گهوڙي جي واڳ مان جهلي چيو.
اڄ وڏيري سان گڏ ڪو ڪمدار ڪرائو ڪونه هو. جانوءَ به سندس گهوڙو
اهڙي هنڌ روڪيو هو، جتي ويجهيءَ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪونه
هو. وڏيري لاءِ هينئر ٻه رستا هئا: يا ته ڪنهن
نموني مٺو ڳالهائي جند ڇڏائي، يا ته وري دهمان ۽
دڙڪا ڏيئي، آڪڙ شاڪڙ ڏيکاري، ۽ اهڙو گوڙ شور ڪري
جو انهن آوازن تي ٻيا هاري ٻنيءَ مان نڪري اچن. ۽
هن مالَ مست پويون رستو پسند ڪيو. جواني ديواني،
بت ۾ طاقت، گهر ۾ دولت، وڏي هلندي، هڪڙي ٽڪي جي
هاريءَ اڳيان نماڻو ٿيڻ ته هن سکيو ئي ڪونه هو.
سو، وڏي رعب سان ڪڙڪو ڪري چيائين، ”هٽي پري ٿيءُ!
ڳالهائڻو اٿيئي ته اوطاقُ تي اچي ڳالهاءِ.“
۽ هن گهوڙي کي وڌڻ لاءِ واڳ کي ڇٻي ڏني. پر گهوڙو ڪيئن وڌي:
جانوءَ هن جي ٻي واڳ به مضبوط پڪڙي ورتي ۽ چيائين،
”وڏيرا صاحب، اڄ وڃڻ ڪونه ڏيندو سانءِ! تو منهنجي
زال جي حياتي دک ڪري ڏني آهي، توکي قرض وٺڻو آهي
ته مون کان وٺ، پر تون آخر منهنجن ٻارن کي ڇو ٿو
ستائين؟“
وڏيري گهوڙي کي زوردار اڙي هنئي، ۽ واڳ کي به اهڙي زور سان ڇٻي
ڏني جو اُها ته جانوءَ جي هٿن مان نڪري ويئي، پر
گهوڙي جو وات به رتورت ٿي پيو. گهوڙو بيتاب ٿي
جانوءَ مٿي چڙهي ويو، پر جانوءَ پاڻ بچائي وڏيري
جي پير ۾ اهڙو ته مضبوط هٿ وڌو، جو گهوڙو ته نڪري
ويو ۽ وڏيري اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. هن جو منهن لال
ٿي ويو. سندس هٿ بي اختيار پستول ڏانهن وڌيو. هيءُ
ڏسي، جانوءَ به ڪهاڙيءَ کي سندس هٿ ڏانهن سڌو ڪيو.
هن جو ارادو انهيءَ هٿ تي وارُ ڪرڻ جو هو، جو
پستول ڏانهن وڌيو هو؛ پر وڏيري به تيزيءَ سان ٻيو
هٿ کڻي ڪهاڙيءَ ۾ وڌو ۽ ان کي مضبوط پڪڙي، جهٽ
ڏيئي پستول ڪڍي ورتائين. هاڻي جانوءَ کي سوچڻ لاءِ
ڪو وقت ئي ڪونه رهيو هو: ڪهاڙيءَ کي پوري زور سان
سندس هٿ مان ڇڏائي، وٺي جو کڻي زپ ڪرايائين ته
هوڏانهن وڏيري جي گولي گسي ويئي، ۽ هيڏانهن پاڻ
وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيائين. پوءِ هُن ٻي گولي هلائي،
۽ هِن ٻيو وار ڪيو-
’ڇا هن اهو خون ناحق ڪيو هو؟‘
* * *
آءٌ وري ٻي ماجرا سوچڻ لڳس.
جوانيءَ جي موٽ، جسم صحتمند، مال دولت اڪيچار؛ پٽ ڪوبه نه، مٿان
وري زال به، ٻه جوان ڌيئون ڇڏي پرلوڪ راهي ٿي
ويئي؛ زمين پنهنجي، ڳوٺ پنهنجو، هلندي پنهنجي، ۽
مٿان وري دادي ليکراج وارو شوق، ته اوڙو پاڙو ڪيئن
سهي سگهي؟ جتي روز موج ڀرين مجلسن ۾ جهمريون
پائيندي اهي آلاپ اٿن—
آهيان پاڻ الله، عشقين ٿو عابد سڏايان،
بهشت دلاسو، دوزخ ڌڙڪو،
کيڏڻ دي دن چار، کيڏ کيڏاڙا تون عشق جي بازي،
اتي ڀلا چئني طرفن کان جوان ۽ جوانڙيون اچي ڪٺا نه ٿيندا ته ٻيو
ڇا ٿيندو.هن روحاني چڪلي کي بند ڪرڻ جون ڪوششون
گهڻيئي ٿيون، پر سڀ بيسود. چڱن مڙسن، آفيسرن توڙي
پوليس ٻوٽو ڪونه ٻاريو. نيٺ ڪڪ ٿي، آسپاس جا ڏهه -
پندرهن غيرتمند، سرن تان آسرا لاهي، ائين اوچتو
اچي ڪڙڪيا جو ڪنهن کي ڀڄڻ جي واهه به ڪانه ملي.
سڄي اڏي کي باهه ڏني ويئي. پوءِ ڪي وڍجي مئا ۽ ڪي
جلي مئا. پوليس وارن جڏهين اهو اچي ڏٺو ته سير سون
جا ڳري ويا آهن، لکن جا نوٽ جلي ويا آهن، تڏهين
آڏي اُبتي جاچ پوري ڪري هليا ويا.
’ڀلا اهي به ناحقي خون هئا؟‘
* * *
منهنجي اکين اڳيان ٽيون نقشو ڦرڻ لڳو.
تپيدار، ڦِري زميندار ٿيو، ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙو ته زور وٺي ويو
جو ويجهيءَ ڇڪ جي سڀ زمين قبضي ۾ ڪري ويو- ڪا قيمت
سان، ته ڪا مقاطعن سان. هاڻي ته اهڙيءَ منزل تي به
اچي رسيو جو هڪ غريب جا ڏهه نمبر سندس اسٽيٽ جي وچ
۾ اچي ويا، ته اُهي ته ماڳهين زوريءَ ڦٻائي ويو-
نه قيمت، نه مقاطعو. هن غريب هر ڪنهن کي ستايو، هر
ڪنهن کي منٿون ڪيون، راڄن وٽ فرياد ڪيا، ڪامورن وٽ
ڪوڪون ڪيون، پر سندس ڪنهن به ڪانه ٻڌي. هاڻي ته
الٽو اهي حڪم به مليس ته جنهن نمبر ۾ تو گهر
ٺهرايو آهي، سو سرڪاري ناقبولي آهي: ٻچا وٺي،
اباڻا ڪک ڇڏي ڀڄي وڃ، نه ته جڻ ٻچو مارائي
ڇڏيندوسانءِ. جڏهين سڀ طرف کان مايوس ٿيو، تڏهين
هن اسم الله جو وجهي اچي جانوءَ جو در جهليو.
”گهوريس الله جي نالي تان“ چئي، هو يڪي سر،
ڪهاڙيءَ کي چمي ڏيئي، اٿي هن سان گڏ نڪتو. ۽ جڏهين
هن جي ڳوٺ پهتا، تڏهين اهوئي ڏٺائون ته نئون وڏيرو
عرف تپيدار صاحب پستول ٻڌيو، ڳجهيءَ بندوق وارو
لڪڻ هٿ ۾ کڻيو، ماڻهن هٿان نهايت بيدرديءَ سان هن
جو گهر پيو خالي ڪرائي. چي، ”ڊاهيو ڀيڻسان جو گهر،
ڀڃوس ٺڪر ٺوٻر! حرامي، سرڪاري زمين ۾ دخل ڪريو
ويٺو آهي!“ ۽ هن جي زال پئي منٿون ڪيون: ”سائين،
رڳو منهنجي مڙس کي اچڻ ڏي!“
نئين وڏيري صاحب مائيءَ کي زوردار لت هڻي چيو، ”پري ٿي،
لونڊي!...“
بس، جانو هاڻي سهي نه سگهيو، ۽ رومڙ ڪري، وٺي جو واڄٽ ڪرايائينس
ته پڙ تي پورو. ڀلا، ”هجي ڪنهن کي جوءِ رن ڪرائڻي
۽ ٻچا يتيم ڪرائڻا، ته اچي جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي
سامهون!“ هو للڪارڻ لڳو. جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي
هرڪو سڃاڻندو هو. سڀ ڪمدار ڪاراوا کسڪڻ لڳا.
جانوءَ سٽ پائي، ڪمدار کي کڻي ڏاڙهيءَ مان جهليو،
۽ گهلي اچي سندس نئين وڏيري جي لاش تي ڪيرايائينس.
خود ڪمدار جي ڪهاڙي رت سان لٿڙي، کيس کڻي ٻڌائين،
۽ اعلان ڪيائين ته ”جنهن به هن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش
ڪئي ۽ مون کي ٻڌائڻ لاءِ شاهدي ڏني، ته ان جو جڻ
ٻچو ڪُهائيندس.“
ماڻهو اڳيئي هن پوڍائي زميندار ۽ سندس ٺيڳر واري ڪمدار کان
بيزار هئا، تن مان ڪنهن به جانوءَ خلاف شاهدي ڪانه
ڏني، ۽ ڪمدار ٽيپ کائي ويو.
- ڇا، اهو خون به ناحق هو؟
* * *
”ڪيئن، اچيئي ٿي ڪا ڳالهه خيال ۾؟ اڙي، جانوءَ جو هڪڙو ڌڪ به
ناحق جو لهي نه سگهندين! جانوءَ جا توکي ته اڃا
ٿورا خون معلوم آهن، گهڻيئي ڪيا اٿم، ۽ انشاءَ
الله ڪندو رهندس؛ پر رب جي درٻار ۾ انهن تي به
مَرڪندو ويندس. اهي سڀ هيڻا منهنجا همراهه هوندا،
جن تي سدائين پئي ڪهل ڪئي اٿم!“ هن منهنجي ڪلهي تي
هٿ هڻي، مرڪندي چيو. ۽ آءٌ هن وڏي خونيءَ،
منڊڪائيندڙ ماڪوڙيءَ ۽ ڀرسان پيل ناول ”چتر ليکا“
ڏانهن نهاري رهيو هوس.
قمر شهباز
”ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ، ڪنهن کان ڌار ٿيڻ“
جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.
بس، اڄوڪيءَ رات جو سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن،
خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين
وارو عدن اسان جي سامهون هوندو.
۽ جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.
فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي- ۽ اها رات هميشہ جيان لهرن ۾
لڙهندي ئي گذري ويندي- موسيقيءَ جي تِکَ ۾ ترندي
ئي گذري ويندي- آڪاش جي اک پوريندي ئي گذري ويندي.
هينئر جڏهن سج دوُر دوُر تائين ڦهليل اٿاهه سمنڊ جي پرينءَ ڀر،
هيٺ، ڪنهن اڻڄاتل گهرائيءَ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي، ۽
اولهه طرف ڄڻ ڪنهن آڪاش جي ريشمي پردن ۾ آگ دکائي
ڇڏي آهي، تڏهن مان ”سرڪيشيا“ جي سڀ کان مٿانهين
طبقي تي ويهي، لائيف- بوٽ سان مٿو ٽيڪي، هي سٽون
لکي رهيو آهيان.
منهنجي چوگرد نيرو نيرو، گهرو گهرو، بي انت سمنڊ ڦهليل آهي، ۽
منجهس آهن بيچين روحن جيان تڙپندڙ، ڦٿڪندڙ لهرون.
ٺيڪ اهڙيون ئي لهرون مون ٻئي نمبر ڪئبن واريءَ
”مارلن“ جي نيرين نيرين، گهَرين گهَرين اکڙين ۾
ڏٺيون آهن- ان وقت به، جڏهن ”سرڪيشيا“ بمبئي جي
ڪناري کان جدا ٿي رهيو هو، ۽ گذريل رات به، جڏهن
بال روم ۾ رقص ڪندي سندس ليڻن مان نير اٿلي پيو
هو.
هوءَ ويهن ورهين جي نوجوان برطانوي ڇوڪري آهي. سونهري وارن،
گلابي چپن ۽ حورن جهڙي تقدس جي مالڪ ”مارلن“ کي
مون سڀ کان اول بمبئي جي بندر تي ڏٺو. ان وقت شام-
پري پنهنجا پري ڦهلائي رهي هئي، ۽ ڪناري تي ماڻهن
جو هجوم مسافرن کي الوداع چوڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو
هو. هُو زور زور سان هٿ لوڏي ”خدا حافظ“ چئي رهيا
هئا؛ ۽ جهاز جي ٽنهي طبقن تي بيٺل، رنگبرنگي ڪپڙن
۾ ملبوس مسافر کلي کلي کين جواب ڏيئي رهيا هئا. هڪ
مسلمان نوجوان پنهنجي ٻڍيءَ ماءُ کي الوداع چوندي،
کيسي مان رومال ڪڍي کيس اڇلي ڏنو؛ ۽ هن اهو کڻي
پنهنجين وهندڙ اکين تي رکيو. مون ڏٺو، نوجوان ڪوٽ
جي ٻانهن سان اکيون اگهي ڇڏيون.
ڪنڊ ۾ هڪ ڪاليجي، ريلنگ تي نئڙي، هيٺ بيٺل دوستن کي چرچا ٻڌائي
رهيو هو.
منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ سک، دوربين مان هڪ خوبصورت جوانڙيءَ کي
جاچيندي، مون کي آهستي ٺونٺ هڻندي چيو، ”ونڊر فل
شِپ! بيوٽيفل لائيننگس! اِزنٽ اِٽ؟“
مون ڏانهنس نهاري مرڪي ڏنو.
ڪجهه پرڀرو هڪ آمريڪي جوڙو، گلن جا هار ڳچيءَ ۾ پائي، ڳل ڳل سان
ملائي، هيٺ بيٺل ڪنهن دوست لاءِ ’پوز‘ ڪري رهيو
هو. ڪئميرا مان روشنيءَ جو هڪ شعاع نڪتو.
”ٿئنڪس-“
”ٿئنڪس اي لاٽ.“
ايتري ۾ ٻه ننڍڙا ٻارڙا، ريڊ انڊين جهڙا ڪپڙا پايو، مٿي تي کنڀن
جو ڇٽ، هٿ ۾ ڪوڙا پستول، وات سان ”بينگ- بينگ“
ڪندا، ٽپندا ڪڏندا، ڊوڙ پائي، کن ۾ ميڙاڪي اندر گم
ٿي ويا. ۽ ڄڻ ٽهڪن جو درياءُ اٿلي پيو.
تڏهن اوچتو منهنجي نظر مارلن تي پئجي وئي. هوءَ ريلنگ جي سهاري
خاموش بيٺي، ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪنهن کي تلاش ڪري
رهي هئي. وار وکريل، ۽ اکڙين ۾ نراشا. کيس الوداع
چوڻ وارو ڪير به نه هو. ٽهڪن جي هن بيپناهه طوفان
۾، هوءَ ئي اڪيلي مايوس دل پئي ڏٺي- اڪيلي، اداس،
خاموش.
۽ پوءِ جڏهن جهاز چُرڻ لڳو، تڏهن شَپ ڪري هڪ ناريل اچي پاڻيءَ ۾
ڪِريو. منهن ورائي ڏٺم، سامهون هڪ هندو عورت،
گهونگهٽ ڪڍي، هٿ جوڙي، پراٿنا ڪري رهي هئي. ڪناري
وارن آخري وار هٿ لوڏي، ٽهڪ ڏيئي، وڇڙندڙ ساٿين کي
الوداع چئي. پر هوءَ ائين ئي بيٺي، چپ چاپ، ڪنهن
لاءِ واجهائيندي رهي.
ڪناري وارا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. سندن آواز لهرن جي گوڙ ۾
گم ٿيندو ويو.
مسافر پنهنجي پنهنجي ڪئبن ۾ هليا ويا- ۽ جهاز هڪ سرڪش روح جيان
بي انت سمنڊ ۾ ڪاهي پيو. لهرن جي پهاڙن سان
ٽڪرائيندو، جهومندو، جهاڳندو، اڳتي وڌندو ويو.
۽ پوءِ، تڏهن ڪنهن جي سڏڪن جو آواز ڪَن پيم. منهن ورائي ڏٺم،
منهنجي ڀر ۾ مارلن روئي رهي هئي.
خوبصورت هٿن ۾ خوبصورت منهن لڪائي، سُڏڪي سُڏڪي روئي رهي هئي-
ڄڻ سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو هجي- ڄڻ دکندڙ جبل مان
”لائو“ وهي نڪتو هجي- ڄڻ دل جا زخم اٿلي پيا هجنس.
هوءَ روئي رهي هئي. ۽ مان بت بنيو کيس ڏسي رهيو هوس.
اوچتو اسپيڪرن ۾ موسيقي مچلڻ لڳي. بال روم جي رنگين ڪاون پٺيان
پاڇا ٿڙڪڻ لڳا.
پر هي سڏڪا وڌندا ئي ويا.
تڏهن مان اڳتي وڌي وٽس هليو آيس. رومال سان سندس لڙڪ اگهي ڇڏيم-
پر سندس دل جا زخم چيٺي نه سگهيس. هوءَ منهنجي
سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي، جهڙيءَ طرح ڏکويل ٻار
ماءُ جي گود ۾ سُڏڪندو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ طرح،
جهڙيءَ ريت شيلا سڏڪندي چيو هو، ”مون کي وساري
ڇڏجانءِ.“
شيلا!
شيلا، جنهن کي مذهب جي ديوار مون کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن
کي وسارڻ لاءِ مان کانئس دور وڃي رهيو هوس- ۽ جا
شايد هينئر ڪنهن ٻئي جي پلئه ۾ ٻڌجي چڪي هوندي، يا
شايد ساڻس گڏ باهه جي چوڌاري ڦيرا پائي رهي هوندي؛
يا وري شايد گلن جي سيج تي ڳٺڙي بنجي، سهميل سهميل
نگاهن سان سندس انتظار ڪري رهي هوندي؛ يا شايد دل
جي ڪنهن اجڙيل ڪنڊ ۾ ڇُپيل، پنهنجي ”ڪموءَ“ کي ياد
ڪري رهي هوندي_ شايد_ شايد.
۽ مارلن منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئي رهي هئي. سندس گرم گرم
ساهه تکو کڄي رهيو هو.
مون سوچيو، ’هيءَ به ته شيلا آهي- ڌارئي مذهب جي ڇوڪري- شيلا!‘
تڏهن مون سندس وار سنواريندي، هوريان چيو:
”شيلا،“
هوءَ چپ رهي.
”مان توکي وساري نه سگهيس-“
هن جا سڏڪا بند ٿي ويا؛ پر منهنجو آواز ڀرجي آيو.
”مان توکي وساري نه سگهيس- مان توکي وساري نه سگهيس، شيلا!“
”پر- مان ته مارلن آهيان!“ هن هٻڪندي چيو.
”نه، تون شيلا آهين. تون شيلا آهين، منهنجي وڇڙيل شيلا!“
۽ پوءِ اسين گهڻي دير هڪٻئي کي تڪيندا رهياسين، ڳوليندا
رهياسين.
هوءَ برمنگهم جي رهاڪو هئي. ماءُ- پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ. پڻس کيس
”جان“ سڏيندو هو، ڇو ته کيس ڪوبه ’جان‘ ڪونه هو.
برمنگهم ۾ ئي هوءَ پڙهي ۽ اتي ئي وڏي ٿي- ۽ اتي ئي
سندس ملاقات راج سان ٿي.
راج هندستاني هو. تعليم سانگي انگلنڊ آيل هو، پر مليس مارلن.
ٻيئي مليا ته ائين ڄاتائون، ڄڻ جنمن کان هڪٻئي جا
ڳولائو هئا. ڪارين اکين، وکريل وارن ۽ ڪشادي سيني
وارو راج، مارلن جي لونءَ لونءَ ۾ سمائجي ويو-
ائين، جيئن ويڻا ۾ راڳ سمايل هوندو آهي، جيئن چنڊ
۾ چانڊوڪي ۽ گل ۾ خوشبوءِ.
رات جو جڏهن هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ٻيئي گڏجي جهومندا نڪرندا هئا، تڏهن
آڪاش سندن راهه ۾ هر طرف چانڊوڪيءَ جي چادر ڦهلائي
ڇڏيندو هو، ۽ زمين جا ننڍڙا ننڍڙا، نازڪ نازڪ،
خوشبودار ڦُلَ سندن آجيان لاءِ اُسري ايندا هئا.
اهڙين ئي لڀائيندڙ راتين ۾ هنن هميشہ هميشہ لاءِ هڪٻئي جو ٿي
رهڻ جو قسم کنيو هو- ۽ چنڊ ۽ تارن کي پنهنجي پاڪ
وعدي جو شاهد بنايو هو.
سائي سائي گاهه ۽ ڊگهن ڊگهي وڻن جي وچ ۾ وڪوڙيل ڍنڍ ۾ بوٽنگ
ڪندي، هڪ ڏينهن هن چيو هو:
”مان دور دراز جو رهاڪو آهيان، مارلن! منهنجو ديس آهي هندستان،
جتي تاج محل آهي، ۽ جتي موهن جو دڙو آهي. منهنجا
مارو سادا، سٻاجها ۽ اٻوجهه اٿئي. منهنجي ديس ۾
توکي هتان جهڙيون رنگينيون نظر نه اينديون. دل
بهلائڻ جا هيترا مانڊاڻ به اتي ڪونهن. اتي ته رڳو
ڏٻرا ۽ ڏتڙيل جسم آهن- ۽ منجهن آهن ٽمڪندڙ،
آسائتيون اکيون. ويچارا پورهيت، ڏينهن رات ڳڀي جي
ڳولا ۾ مگن ڏسندينءَ. ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي
سومرا‘ وارو لقاءُ اٿئي. پر ترس، مِٺي، اتي هڪ
ڳالهه ٻي به آهي، جا هتي اڻلڀ پيئي ڀانئجي: ها،
اتي آمر، پريم لهندينءَ! ڏکيا آهيون، بکيا آهيون،
جيوت جنجال اٿئون پر الفت جا سو اَکٽ ڀنڊار اٿئون.
هاڻي چئه، چئه، مارلن، ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ
به مون سان هلندينءَ؟“
جواب ۾ صرف مارلن جي خوبصورت چپڙن تي هڪ هلڪي مرڪ ڪُڏي آئي-
مرڪ، جنهن ۾ سوين افسانا هئا، وفا هئي، آٿت هو،
قرب هو.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان مرڪ جي ئي سهاري، کيس ساڻ ڪري، راج هندستان
هليو آيو. ۽ مارلن، جيون- ساٿيءَ سان توڙ نباهڻ
لاءِ پنهنجو سڀڪجهه تياڳي، نئين زندگيءَ جي
خوبصورت خوابن ۾ گم، هڪ بلڪل ئي نئينءَ دنيا ۾ هلي
آئي.
پر راج سندس ساٿ ڏيئي نه سگهيو. موت جي مضبوط چنبي کيس وفا جي
وعدي پوري ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. هو هليو ويو.
دورو، گهڻو ئي دور، پنهنجي ابدي ديس.
مارلن سندس چِتا کي جلندو ڏٺو. پر اها چِتا ته سندس جيءَ ۾ به
جلي چڪي هئي. شام جي هلڪيءَ اونداهيءَ ۾ جڏهن چِتا
جي آگ اُجهامي ويئي ۽ هلڪي رک هوا ۾ اڏامڻ لڳي،
تڏهن کيس محسوس ٿيو ته هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ هاڻ
سندس ڪير به ڪونه هو. هوءَ اڪيلي هئي، بلڪل اڪيلي،
تنها، ۽ پوءِ، تڏهن، هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها تَري آيا. هوءَ سُڏڪي
سُڏڪي روئڻ لڳي.
- ۽ هوءَ اڃا به سڏڪي رهي هئي. مون ڳوڙهن لڪائڻ ڪاڻ منهن ڦيري
ڇڏيو. تڏهن، اوچتو ڪٿان پري کان پنهنجو ئي لرزندڙ
آواز ٻڌم، جو چئي رهيو هو، ”تون ديوي آهين! مارلن،
تون ديوي آهين، ديوي آهين، ديوي!“
۽ ان رات مان گهڻيءَ دير تائين ورائيندو رهيس. پوءِ جڏهن نااميد
ٿي ڊيڪ تي هليو آيس، تڏهن سمنڊ ۾ طوفان اچي چڪو
هو.
وڏيون وڏيون خوفائتيون لهرون زور زور سان جهاز سان ٽڪرائي رهيون
هيون، ۽ جهاز ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان ٿڦيڙا کائيندو،
لڏندو لمندو، اڳتي وڌي رهيو هو.
تڏهن، اوچتو، ڊيڪ جي ٻئي ڇيڙي تي مون ڪنهن عورت جو ڪارو پاڇو
ڏٺو. هوءَ اونداهيءَ رات ۾، سمنڊ اندر آيل طوفان
کي گهوري رهي هئي. سندس وار ڇُڙيل هئا، ۽ مون کي
ائين لڳو، ڄڻ ڪو وڇڙيل روح اوندهه جي اوڙاهه ۾
روشنيءَ جي ڪنهن هلڪي ڪِرڻي لاءِ تڪيندو هجي.
مان ڪنڌ جهڪائي، پيرُ پيرَ ۾ پائي، پنهنجيءَ ڪئبن ۾ موٽي آيس.
نه ڄاڻان ڇو، مون کان مارلن جو ڏک ڏٺو نٿي ويو.
شايد ان ڪري جو هوءَ عورت هئي، ۽ سندس اکين ۾ آنسو
هئا؛ يا وري شايد ان ڪري، جو هوءَ هر گهڙيءَ مون
کي شيلا جي ياد ڏياري رهي هئي.
پر هاڻ ته شيلا به پرائي ٿي چڪي هوندي! سندس هٿن ۾ ميندي رچي
هوندي، سينڌ ۾ سهاڳ جو سندور ڀريو ويو هوندو، ۽
هوءَ سجايل سيج تي ويڙهي سيڙهي، ڪنهن جو انتظار
ڪري رهي هوندي.
’هونهه—‘ مون منهن ڦيري ڇڏيو، ’هوءَ مون کي وساري ڇڏيندي- هميشہ
هميشہ جي لاءِ وساري ڇڏيندي.‘ مون پاسو بدلائي
ڇڏيو. ’مان به کيس وساري ڇڏيندس، وساري ڇڏيندس!‘
۽ شايد اهو ئي سوچيندي، مارلن جاڳندي رات گذاري هئي. صبح جو
ورانڊي مان لنگهندي، اوچتو هوءَ اچي سامهون بيٺم.
سندس اکين جي لالاڻ ٻڌائي رهي هئي ته سندس آرام
ڦُرجي چڪو هو.
”مارلن-“ مون آهستي چيو.
هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. اکڙين جون ٻرندڙ ٻه ڏياٽيون کن پل لاءِ ڄڻ
اجهامي ويون.
”مارلن!“
هوءَ خاموش رهي.
”ڪيسين ائين خاموشيءَ سان سهندي رهندينءَ، چري! ڪيسين ماضيءَ جي
اڻپورن خوابن سان توڙ نباهيندي رهندينءَ؟ ڪيسين
پنهنجي خوبصورت جسم ۽ پاڪ روح تي جبر ڪندي
رهندينءَ؟ ڪيسين، ٻڌاءِ، ڪيسين؟“
”جيسين يادون زندهه رهنديون.“ ڦڙڪندر چپن وراڻيو.
”يادون-؟ يادون ته ڀلائڻ لاءِ هونديون آهن، ڳهيلي!“
”پر جي وس ڪئي به نه وسرن؟“
”اهو تنهنجو سوداءُ آهي.“
”ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!“
منهنجي دل ۾ درد جي هڪ لاٽ اُڀري، ۽ اکيون ڀرجي آيم. خوشبودار
گلن جي سيج تي ليٽيل شيلا، هڪ دفعو وري منهنجي ذهن
۾ چمڪي اٿي هئي.
”ڪنهن کي وسارڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي!“
مون منهن ڍڪي ڇڏيو؛ پر ٿڙڪندڙ چپن کي روڪي نه سگهيس. سوچيم،
’ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!‘
”ڇا ٿا سوچيو؟“ هن پڇيو.
”سوچيان ٿو، حياتي ٿوهر جو وڻ آهي.“
”ڪِنِ جي لاءِ.“
”ها مارلن، ڪن جي لاءِ، ۽ شايد اسين ئي اهي ’ڪي‘ آهيون. اسين،
جي صرف وعدن نڀائڻ لاءِ ئي زندهه رهون ٿا؛ مرڪون
ٿا، لڙڪن کي لڪائڻ لاءِ؛ ۽ جيئون ٿا زندگيءَ جي
زهر پيئڻ لاءِ. اسان جا دامن نراشا جي ڦولن سان
ڀريا ويا آهن، ۽ اسين انهن تي ئي راضي آهيون؛ ڇو
ته اهي قسمت جا تحفا جو آهن!“
هوءَ يڪٽِڪ مون کي ڏسندي رهي.
”ڪڏهن سوچيو اٿيئي، مارلن، ته—“
ڇا؟“
”ته—“ مان هن جي اڃا به ويجهو اچي ويس. ڏڪندڙ هٿن سان سندس
جهڪيل منهن کي مٿي کڻي، سندس اکين ۾ گهوري ڏٺم، جي
اداس هيون؛ سندس چپ، جي ڪنبي رهيا هئا؛ ۽ سندس
وار، جي اڻڀا هِئا.
تڏهن، اوچتو، دل جي ڪنهن اونداهيءَ ڪنڊ مان انهن چپن کي چمڻ جي
خواهش اُڀري آيم- ۽ منهنجا چپ ڄڻ جلڻ لڳا. هوريان
هوريان، مان انهن خوبصورت چپڙن کي ويجهو پوندو
ويس- ويجهو اڃا به ويجهو: هن جو گرم ساهُه؛ هن جي
بدن جي خوشبوءِ، هن جا ڏڪندڙ چپ.
تڏهن مون هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڏسي ورتا. منهنجي دل ۾ ڄڻ
ڪجهه ڀَڄي پيو. هٿن جي گرفت ڍري ٿي ويئي، ۽ هوءَ
هلي ويئي؛ ۽ مان ڏاڪڻ ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳس.
منهنجي دل روئي رهي هئي. مون کيس چوڻ چاهيو هو ته ’جڏهن ٻه
ستايل روح ملندا آهن، تڏهن هڪ نئين محبت جنم وٺندي
آهي؛ نوان وعدا، نوان قول ۽ اقرار ٿيندا آهن.
ماضيءَ کي وساري ڇڏڻ ئي سڀ کان وڏي دانشمندي آهي:
زندگيءَ جو هر نئون لمحو پاڻ سان نئين زندگي ۽
نئين خوبصورتي آڻيندو آهي.‘ پر مان کيس ڪجهه به
چئي نه سگهيس، ۽ هوءَ هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن جهاز کي خوب سينگاريو ويو. ننڍڙن ننڍڙن رنگبرنگي بلبن
جون جهالرون لڳايون ويون، سونهري ڪاغذ جا گل لڳايا
ويا، ۽ بال روم ۾ خاص ”بال“ جا سانباها ٿيڻ لڳا؛
ڇو ته هڪ مسافر جوڙي، عدن ۾ لهڻ شرط ئي شاديءَ جو
اعلان ڪيو هو.
هنن جي ملاقات جهاز ۾ ئي ٿي چڪي هئي، ۽ ان ننڍڙيءَ گڏجاڻيءَ ۾
هن هڪٻئي کي جيون- ساٿي چونڊي ورتو هو.
پوءِ، جڏهن رات جي روشنيءَ ۾ موسيقيءَ جو درياءُ اٿلي پيو، تڏهن
اهو خوش نصيب جوڙو، کلندو ڪڏندو، هڪٻئي جي گلي ۾
ٻانهون وجهي، جهومندو، فلور تي نچڻ لڳو. هو ٻئي
خوبصورت هئا، نوجوان هئا، خوش هئا- ڄڻ بادلن جي
ديس جا ٻه رهواسي- ڄڻ آزاد پکيئڙن جو ڪو جوڙو.
۽ مائيڪ تي ڪوئي ڳائي رهيو هو:
“Put your head on my shoulder.
And, darling, say that you are mine!”
ان وقت مون پنهنجي ڀرسان ويٺل مارل ڏانهن نهاريو.
هوءَ خاموش، خالي خالي نگاهن سان ڪنوار کي تڪي رهي هئي. هن جا
وکريل وار سندس اکڙين تي وري آيا هئا، ۽ سندس اداس
چپ مرڪ ڀُلائي، نينهن نڀائي رهيا هئا-
“Put your Read on my shoulder-:”
مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڀرجي آيون، ۽ ٻه ننڍڙا ننڍڙا چمڪندڙ
لڙڪ سندس نيڻن مان وهي نڪتا.
ساز ۽ آواز جون لهرون ماٺيڻي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڦهلجنديون
رهيون- ڦهلجنديون رهيون- ۽ مارلن جا چپ ڦڙڪندا
رهيا، نيڻ ٽمندا رهيا.
“And, darling, say that you are mine!”
“And, darling, say that you are mine!”
“And, darling, say that you are mine!”
“__darling__you
are mine!... your head,
__darling,
__mine__mine
__mine
__”
تڏهن، اوچتو مون هٿ وڌائي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هوءَ ڇرڪي
اٿي. مان کيس ٻانهن کان گهليندو، فلور تي وٺي آيس.
ساڄي ٻانهن مضبوطيءَ سان سندس چيلهه جي چوڌاري
ورائي، کاٻو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي، مان سازن جي تال
تي پير کڻندو رهيس.
هوءَ ڪجهه دير مون کي تڪيندي رهي. پر پوءِ سندس پير به چُرڻ
لڳا. ٿڙندي ٿاٻڙندي، هوءَ به تال تي پير کڻڻ لڳي.
سندس لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا.
”مون کي معاف ڪج، مارلن!“ مون ڀڻڪندي چيو، ”مون کان تنهنجو غم
سٺو نٿو ٿئي، ڇو ته تون به گهائل آهين ۽ مان به
گهائل- تون قسمت جي، ۽ مان زماني جو. اسان ٻنهي جو
دکڙو ساڳيوئي ته آهي!“
هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن ڇُپائي، ٻڌندي رهي.
”اسان ٻنهي جي چپن تان مرڪ ڦُري ويئي آهي! زندگيءَ زهر کان
سواءِ ڏنو ئي ڇاهي اسان کي؟“
هوءَ اڃا تائين مون کي تڪي رهي هئي.
موسيقي گونجندي رهي، پاڇا ٿڙڪندا رهيا- ٿڙڪندا رهيا،... ۽ پوءِ
خبر ناهي ڇا ٿيو. ماڻهو اسان کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.
اسان ٻنهي جي گلي ۾ گلن جا هار وڌا ويا هڪ ڄڻي اٿي
اسان جي صحت جو جام پيش ڪيو، ۽ ٻين سڀني گلاس
ٽڪرائي زور سان پڪاريو:
”چيئرز!“
”چيئرز!“
۽ پوءِ، عورتن ۽ مردن جو انبوهه اسان جي چوگرد اٿي نچڻ لڳو.
مون مارلن کي هٿ کان جهلي ورتو- ڄڻ هيڏي ساري انبوهه ۾ سندس گم
ٿي وڃڻ جو ڊپ هجيم.
هن زور سان منهنجين ٻانهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيو، ۽ سُڏڪي سُڏڪي
روئڻ لڳي- شايد راج جي ياد دل جي ڪنهن گهرائيءَ
مان اُڀامي اُٿي هيس.
تڏهن مون کي شيلا ياد اچي ويئي.
پر نه- شيلا ته منهنجين ٻانهن ۾ هئي!
۽ اها رات اسين ٻئي ڪيتري تائين ريلنگ جي سهاري بيٺا رهياسين.
ٻنهي جي اکين ۾ آنسو هئا، ۽ دل ۾ جلن. عدن پهچڻ
شرط ئي اسين زندگيءَ جي سڀ کان مضبوط رشتي ۾
ٻَڌجي، هڪ ٿي وينداسين.
- ۽ اسان جو جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي. بس، اڄوڪي رات جو
سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن،
خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين
وارو عدن، اسان جي سامهون هوندو.
فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي- ۽ اها رات هميشہ جيان لهرن ۾
لڙهندي ئي گذري ويندي، موسيقيءَ جي درياءَ ۾ وهندي
ئي گذري ويندي! |