1
بيت
ارجن ’سڪايل‘، قمر شهباز، اسد الله ’بيخود‘، نياز علي شاهه
’محسن‘، سليم ڳاڙهوي.
دوها: قمر شهباز.
ڪافيون
خواجه غلام فريد، ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘، رشيد لاشاري، مير
محمد ’ميرل‘، جويو، شاهنواز ’عارف المولا‘،
عبدالله ’خواب‘، حافظ محمد احسن، حسين بخش ’خادم‘،
عبدالجبار ’شام‘.
وائي:
احمد خان ’آصف‘.
گيت
نياز همايوني، گوورڌن محبوباڻي، ڪمل ’پياسي‘، بشير مورياڻي،
قيوم ’طراز‘.
نظم
شيخ اياز، ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘، عبدالڪريم ’گدائي‘، نياز
همايوني، محمد خان ’غني‘، ڪمل ’پياسي‘، نياز علي
شاهه ’محسن‘، عبدالله ’خواب‘، شعبان ’بخت‘.
آزاد نظم
امداد حسيني، قمر شهباز.
نيون طرزون
’مجبور‘ واسواڻي، نعيم دريشاڻي.
غزل
حيدر بخش جتوئي، کيئلداس ’فاني‘، امداد حسيني، ’محبوب‘ سروري،
نياز علي شاهه ’محسن‘، علي محمد ’مجروعح’، نارائڻ
’شيام‘، سليم ڳاڙهوي، احسن الهاشمي، جان محمد
’فدا‘، رشيد ’ارشد‘، آنچل، ذوالفقار راشدي.
قطعا
احسن الهاشمي، امدادي حسيني، سليم ڳاڙهو،ي نياز علي شاهه
’محسن‘، ’محبوب‘ سروري، ’سوز‘ ٽکڙائي، ’ماعر‘
نوآبادي
رباعيون
امداد حسيني، نياز علي شاهه ’محسن‘.
”تاريخ جا واقعا اهڙن ڪردارن سان ڀريا پيا آهن، جن پنهنجي لاءِ
عظيم الشان ڪارناما پيدا ڪري، انهن تي کيڏي، انهن
کي ادا ڪيو آهي. ساڳئي وقت، تاريخ ۾ اهڙا پڻ ڪيئي
ڪارناما نظر اچن ٿا، جن کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪوبه
ڪردار نه ملي سگهيو آهي. خبر ناهي ڇو، منهنجي تخيل
۾ هميشه اِها ڳالهه رهي آهي ته زمين جي جنهن حصي ۾
اسين گذاري رهيا آهيون، اُتي اهڙا ئي ڪارناما بي
مقصد ڀٽڪي رهيا آهن، ۽ ڪردار جي تلاش ۾ سرگردان
آهن. اهي ڪارناما، زمين جي هن وسيع ٽُڪري ۾، جو
اسان جي چوگرد پکڙيل آهي، گهڻي ڀٽڪڻ کان پوءِ، هڪ
هنڌ اچي ويهي رهيا آهن. اهي صحرا نورد ڪارناما،
خراب ۽ خسته حالت ۾، اسان جي سرحد تي ويهڻ کان
پوءِ، اسان کي اشارو ڪري رهيا آهن ته ’تيار ٿي
اُهو ڪم سرانجام ڪريو، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻيو
ڪوبه ڪونه آهي‘!“
[”فلسفه انقلاب“: جمال عبدالناصر]
بيت
ارجن ڊيٽارام، ’سڪايل‘
سنڌڙيءَ جي سار
اُڏري منهنجي ملڪ تان، ڪانگلَ، آڻين ڪَرَ،
منهنجي جانبَ جُوءِ جي، آڻين ڪاش خبر،
صدقي تنهنجي نانءَ تان، هيڪر ۽ ٻيهر،
پيارلَ تنهنجا پَرَ، سون برابر توريان.
پکي آيا پار کان، پنهنجو ديس ڇڏي،
پختا رهندا ڪينڪي، آکيرو ته اَڏي،
ويندا نيٺ لڏي، ملڪي پنهنجي ملڪ تي.
هر هر آيم خواب، سدائين ساڻيهه جو،
ڪانگ اُڏايم ڪيترا، مليم ڪين جواب،
آزي آهه الله کي، ٿئي حق حساب،
ڪُسي ٿيس ڪباب، ڌاران پسڻ ديس جي.
ديسين ڪنا ڌار، جيڪي گهاريم ڏينهن،
منٽُ برابر ماهه جي، سال برابر ڏينهن،
اوڻهين نه ته به ويهن، ويندس دلبر ديس ڏي.
مٺي منهنجي ملڪ جي مورت آئِي من،
پهچان پنهنجي پار ڏي، اهڙا ڏينهن اچن،
هجر جي آڙاهه ۾، گهايس گهاوَ گهڻن،
تات تنهين جي تن، جن سان ڳجهيون ڳالهڙيون.
پرديسي ڪهڙا پرين، ملان ملڪين ساڻ،
راتيان ڏينهان تات سا، تن ۾ آهي تاڻ،
سوگهي رکيم ساهه ۾، سڪ سدائين ساڻ،
ڪريان روح رهاڻ، رازق راضي جي ٿئي.
ڌاريا ڌاريا ئي رهيا، ويٺا وجهن ڌڪ،
پنهنجا پنهنجا ئي ٿيا، سڏن منجهان سڪ،
مجنون آهيان ملڪ جو، ڇا جِي ڪريان لِڪ،
سِڪ ۾ آهي ڇِڪ، ڏاهن ڏَسيو ڏيهه کي.
صوفي پنهنجي سنڌ جا، وري به آيم ياد،
ڏاتر رکندو ڏيهه جا، اوتارا آباد،
سڻي شاهه لطيف کي، دلڙي ٿيندي شاد،
فلڪ کي فرياد، ڪندس درد فراق جو.
ڇڏي دلبر ديس کي، روئن ڏينهان رات،
سنڌي سارِن سنڌ کي لنوَنِ اِهائي لات،
لائي باد بدن کي، برهه سندي بات،
لعلؤن لعل لطيف جي، وائي اٿن وات،
تن ۾ اٿن تات، ته موٽون هيڪر ماڳ تي.
اڄ پڻ پيئي اوچتو، پنهنجي سنڌ جي سار،
تري آيم دل تي، آهيان جن کان ڌار،
ڳوڙها ڳاڙيم ڪيترا، ياد ڪندي ڪي يار،
در ديواريون ديس جون، وڻن سندا ڏار،
وڃي تند تنوار، پيئي تِنِ جي تَنَ ۾.
صبر آيم ڪينڪي، چِت جا چِڪن چاڪَ،
ڌارين سندي ديس ۾، گهاريون ڪيئن بيباڪَ،
منهنجي دلبر ديس جي، هنڌين ماڳين هاڪَ،
ڌارين سندي ڌاڪَ، من مڃيندو ڪينڪي.
ڪنڌي تنهن درياءَ جي، ’سنڌو‘ جنهن جون نانءُ،
’سِڌُوجَن‘ جي ڳوٺ ۾، ٿيم ٺڪاڻو ٿانءُ،
پرزو ايندم پار کان، لنوي ويٺو ڪانءُ،
ڏاها، ڏسيو ڏانءُ، ڏسان پنهنجي ڏيهه کي.
وڇوڙي وٿاڻ جي، ڇڏيا وڄائي طاق،
اکين اڳيان ٿي ڦِري، اباڻي اوطاق،
مولا، منجهه فراق، گهاوَ گهڻيرا ٿي پيا.
ڄڻي سڳي مايَڙي، پالي ڌرتي ماءُ،
ٻنهي منجهان ٿو ملي، ساڳيو ساڳيو ساءُ،
ڀُومي ڀُلجون ڪينڪي، ڀَلي ته ڀُلجون ڀاءُ،
گهرو ٿيندو گهاءُ، جلاوطن جي جيءَ ۾.
آس نه لاهيان آسرو، الله ڀي آهي،
ڪچيون ڀتيون ڪوٽ جون، ڇڏيندو ڊاهي،
آگي الک جي اڳيان، دير ڀلا ڇاهي،
لحظي ۾ لاهي، ڇڏي درد فراق جا!
قمر شهباز
ڪانگو جا او ڪارڙا! مَتان ٿين ملول،
محنت تنهنجو ماڳ آ، محبت رکج مُول،
اُلفت جنهن اُصول، سو مَريو ڀي اَمر رهي.
رڱي ڇڏيئه رت سان، ڪوٽ ڪڙا ۽ ڪِيرَ،
ظلمت جا زنجير، روڪيندا ڇا روح کي!
قيدي آهي ڪوٽ ۾، اَزل کان انسان،
اُلفت ۽ اِيمان، ڏکيو لڀي ڏيهه ۾.
اسدالله شاهه ’بيخود‘ حسيني
ڪاملَ، ڪرين ٿو ڪيئن، هيڻيءَ سان هيڏيون،
مِٺا، هن مسڪين کي، جُٺ ڪنديون جيڏيون،
خبر اٿئي کاڻيُن جي، ته ڪنديون هو ڪيڏيون،
ڪي طعنن سان تُنِيديون، ڪي هڻنديون ڀري ڀيڏيون،
مون رهي وڃايون رانديون، تو کٽيون جي کيڏيون،
جيڏو جانب تون آهين، اٿم اميدون ايڏيون،
هجن ڪاوڙيون ڪيڏيون، ته به ڪجي بخش
’بيخود‘ کي.
ڏسُڪي ڏينهن اُڀاريم، روئي ڪيم رات،
تنهنجي وِرهه وِهاٽيو، سور ڏني سڪرات،
مِٺا، هن مهجور کي، محبت ڪيو مات،
’بيخود‘ تنهنجي بات، ڪندو ويو قرب مان.
مِٺا، هن مهجور سان، متان مَٽين منهن،
توکي تنهنجو سُنهن، رهي ڪر رهاڻيون.
مِٺا، هن مهجور سان، متان منهن مَٽين،
ريجهي رات رُليءَ سان، ڪاملَ ڪا ڪَٽين،
لاڳاپو لَٽين، متان اي منهنجا پرين!
متان اي منهنجا پرين، ڪرين ڏوٺ ڏمر،
ساجنَ تنهنجيءَ سڪ جو، سانڍي کنيم سمر،
اکين مان اداس ۾، جام وهي ٿو جر،
آهين تون ازل کان، ’بيخود‘ سندو ڀر،
وَرَ تون سگهو ور، نه ته مري وينديس مفت ۾.
نئون ناهيان نينهن ۾، آءٌ پراڻو پازي،
ڪن عاشق چيو ’اسد‘ کي، ڪن ڪنيارو ’قاضي‘،
ڪي ٿا چون، کڻي ويو ’بيخود‘ سڀ بازي،
پر منهنجي آهه اصل کان، اڳيان تو آزي،
هاڻ ترت ڪر تازي، ڪا عنايت عليل تي.
عنايت عليل تي، تو ري ڪير ڪري،
غيرن کان غريب کي، رکج پِرَ پري،
پوءِ جِيئي جي مري، ته به ’بيخود‘ بِلي تنهنجي.
’بيخود‘ بلي تنهنجي، ازل کان آهي،
محبَ متان مسڪين تان، ڇڏين هٿ لاهي،
متان مون کي سڀڪو، پوءِ سُوٽن سان ساهي،
جاني! جهڙوئي آهي، تهڙوئي توکي پرتو.
’بيخود‘ بلي تنهنجي، ٻي واهر نڪو وس،
لوڪ ته لوڌي ڪڍيو، تون نه ڪجئين ڪا بس،
ڦوڙائي ڦَٽي وڌو، گوندر نِيو گس،
يا هٿ رکي هيڻيءَ تي، ڪر ڪا رهاڻ رس،
نه ته ڪو ٻيو ڏَس، تو جهڙو جهان ۾.
تو جهڙو جهان ۾، هجي ته ٻڌائيج،
تو کي قسم تنهنجو، لالڻَ نه لڪائيج،
نه ته نَئي نڀائيج، ناتو هن نڌر سان.
تو جهڙو جهان ۾، ڪڏهن ڪو ٿيندو!
جو ڳولڻ لئه ويندو، سو موٽي ايندو ماڳ تي.
تو جهڙو جهان ۾، جڏهن جاني! ناهي،
ڇڏي ڪيڏانهن ڪاهي، ’بيخود‘ تنهنجي ڀر کي.
توکان توکي ٿو گهران، ڪونه گهرجن مال،
’بيخود‘ جا برهه ۾، ههڙا ٿيا حال،
جهوري جيءُ جڏو ڪيو، جهوريءَ ۽ جنجال،
سڄڻ تو سوال، ڪڏهن موٽايو ڪونه ڪو.
توکان توکي ٿو گهران، شاهه‘ نه گهرجي شان،
تنهنجي نالي سڏجان، مون لئه اِهو مان،
تو ريءَ ائين ٿو رهان، جئن جسم هجي بيجان،
يا ڪر اچڻ جو اعلان، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.
توکان توکي ٿو گهران، نازَ ڀريا نُوري!
جُڳائي نه جڏيءَ سان، داتا! هيءَ دوري،
يا پرت رکج پوري، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.
تو کان توکي ٿو گهران، منهنجا پريان پيارا،
ڪهڙي ڏوهه ڪُٺل سان، ڪيئه ڪنارا،
توکان سوا تنهنجن جا، چُڪيا سڀ چارا،
يا ڪر ورڻ جا وارا، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.
نياز علي شاهه ’محسن‘
جانبَ تو نه جُڳاءِ، جيئن ٿو نِت جاڙون ڪرين،
محبت کي منهنجا پرين، لالڻَ ڪين لڄاءِ،
عُشاقن جي آهَ کان، پنهنجو پاڻ بچاءِ،
مِٺڙو ٿي ڳالهاءِ، ’محسن‘ هن مسڪين سان.
مون ۾ آئِي ’مون‘، ته ’مون‘ ئي مون کي ماريو،
مون جو ’مون‘ کي ماريو، ته ’مون‘ مان ٿي پئين ’تون‘،
تون ئي آهين تون، ’محسن‘ ناهي ڪو ٻيو.
سليم ڳاڙهوي
پرين تو سان پيار، آهي روز ازل کان،
منهنجي من جي ملڪ جو، سائين تون سردار،
وڻ وڻ سان ويٺي ڪريان، تنهنجي پرت پچار،
دلبر توکان ڌار، ڏاڍا ڏينهن ڏکيا ڏٺم.
دوها
قمر شهباز
سانجهي آئي، مانجهي ايندا، لهندا دل جا بار،
هوري هوري من تي ڇانئي، ساجنَ تنهنجي سار.
لهر لهر ۾ نغمو جاپي، ڇولين ۾ ڇَن ڇَن،
سندر تارا سيج سجائن، چنڊ بنيو دلهن.
من کي مان پِر ڀايان ڪيسين، ڪيسين لڙڪ لِڪايان،
ڄاڻان ٿو تون منهنجي ناهين، دل کي ڪيئن سمجهايان؟
توئي چيو هو، ’پريم اَمر آ، پريت ۾ ڪهڙو پاڻ‘،
ڇا لئه پاڻ لڪائي ويٺين، پرين، هلائي ٻاڻ؟
ڪوئل ڪوڪي تولئه، سائين، سرنهه جهليو آ ٻُور،
موٽ، مِٺا، هڪ وار ته مرڪي دل زخمن کان چُور!
ڪاريون ڪڪريون منڊلائينديون آيون, هوري هوري،
دل تي چهڪ نه ڏي، او چارڻ، چنگ کي, چوري چوري،
تارَ ٽُٽا مَنَ وِيڻا جا، مان ڪيئن جيئان، هَي، ڪيئن جيئان؟
پيار بنا وِهُه جيوَن- امرت، ڪيئن پيئان، هَي، ڪيئن پيئان؟
سِرَ جو سُر سان سنگ رهيو، نا گُل ۾ خوشبوُ باقي،
رند بنا ميخانو موڳو، سڏڪي ويٺو ساقي.
ڪاڏي مومل، ڪاڏي راڻو، ڪاڏي وئي سا ڪاڪ،
پيارَ پڄاڻا ديپ اُجهاڻا، اُڏري پيئي خاڪ.
ڪافيون
خواجه غلام فريد رحه (مٺن ڪوٽ)
لڄ لوئي ڪين اتارينديس- تنهنجا بخمل باهه ۾ ٻارينديس:
تنهنجا زور زلل ۽ مڪر و دغا،
تنهنجي ظلم جون ڳالهيون، عمر ادا،
وڃي ويڙهيچن سان ڳهارينديس.
ٿر پنهوارن جو ديس وطن،
ٿر آهي اسان جو ملڪ وطن،
خوش سانگين ساڻ گذارينديس.
هن قيد ۾ ڪهڙو ڪم ڪريان،
شال مارن واري واهڻ وڃان،
جاٿي وار اوڳار ٻهارينديس.
هجي هردم ڏيهه اباڻي مينهن،
آهي سڪ ساڻيهه جي راتو ڏينهن،
ويٺي دانهون ڪنديس، هنجون هارينديس.
بٺ ماڙيون ۽ محلات جا گهر،
آهي مرڪ ’فريد‘ جو ماروٿر،
ڌڻ سانگيئڙن جا چارينديس.
ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘
يار ڪيتي مين جهنگ جبل ڦولان- وچ،
ڏُکان دٖي مين دل دا سک ڳولان.
شهر ڳولان ڳلي ڳلي ڪر مين،
راز دل دا ڪوئي مين در کولان...
سک نه هِن، يار دٖي ڏُکان دي مَٽ،
تولٖي ول ول پئي ڏوهين تولان...
دل دٖي پُڙ وچ مين سڀ سمائيسان،
سر ڀي سودٖي اِهين ڪيتي ٻولان...
يار دي هي تلاش هر ساعت،
فڪر دي ڊونڊي وچ پئي ڏولان...
هجر دا بحر جو هي وچ موجان،
نت غمان نال مين پئي ڇولان...
ملڪ ويکان مين، ’سام‘، ساجن دا،
خاڪ اُهندي تون خُلد ڀي گهولان...
رشيد لاشاري
سُک نهين سنڀران، ڏک نهين هَٽدا،
ڪران زاري لَک واري، دارون ڏيوين ڦَٽ دا.
هَٿ مَلدي، جند جلدي، هَڏ پئي نِي ڳلدٖي،
جلي جيرا، چاوان پيرا، ڏَس نهين مِلدٖي،
سارا لوڪ ڪري ٽوڪ، سَڏ چريا کِلدٖي:
مُنهن موڙڻ، سِڪ ڇوڙڻ، ڪم احمق ڄَٽ دا.
رَت رووان، هٿ ڌووان، موت سِر تي جهُلدي،
لڳي جنگ، دل هي تنگ، قضا نهين ٽَلدي،
ڪران ڪيوين، وڃان ڪيڏٖي، حُجّت نهين هلدي:
نازڪ نينهن، ٻڻ ڪر شينهن، ساري بازي کَٽدا.
تيڪون ڳولان، تيڪون ڦولان، تيڏي ٻولان ٻولي،
ٿيوان گولي، پاوان چولي، کيڏان عم دي هولي،
لاويِن ديدان، ٿيوَن عيدان، ڏيکان تيڏي ٽولي:
تيڏا درد، بَنڪٖي مَرد، دل دي دَري پَٽدا.
مين ’لاشاري‘، ڪران زاري، سُڻ تون دانهان، دلبر،
ڏيکان راهان، ڪران ڪاهان، لوڏان ٻانهان، دلبر،
ٻَلديان باهن، جَلديان جاهِين، ڪڍان آهان، دلبر:
شاهي شوق،زابر ذوق، سِر هي سُولي سَٽدا.
مير محمد ’ميرل‘ جويو
*
عشق ڪيو احسان اسان تي،
ڪامل آيو قربؤن ڪَهي.
اَڏيو عشق اندر آکيرو،
دوست دمايو دل ۾ ديرو،
راڻل روح ۾ پئِڙو رهِي،
عشق ڪيو احسان اسان تي.
جيءَ ۾ جانبَ جايون جوڙيون،
محبت جون ڪي ميخون کوڙيون،
مُغان سندي محلات ٺهي،
عشق ڪيو احسان اسان تي.
”ڪُلّ شيءِ هُوَ اللهُ“،
رندن جي آ اِهيا راه،
پَنو اسان سو ڇڏيو پڙهِي،
عشق ڪيو احسان اسان تي.
ديد واريون جيئن دريون کُلي ويون،
’ميرل‘ محبت واريون ملي ويون،
ڪثرت جا پيا ڪوٽ ڊهي،
عشق ڪيو احسان اسان تي.
شاهنواز ’عارف المولا‘
*
برهه تنهنجي جي بهار، عاشقن وٽ يارَ آئي.
حسن تنهنجي هُل مچايو، هٻڪار هار،
ڪن غريبن جيان غلامي ڪئين تونگر تاجدار:
سالڪن سِڪڙي پِرائي.
زلف زنگي، ڪيس ڪارا، ور وجهن سؤ وار وار،
دام سان دليون وڪوڙن، بند ڪن ٿا بيشمار:
مون به تن کان دل کَسائي.
تِير نيڻن جا تکا، ڪن ڪوڏ سان ڪوڙين شڪار،
ٻئي پون ٻهڳڻ ٻکين، دولهه دسي ڪن دلر فگار:
مت مَيَن جي تن منجهائي.
آسمان بارِ امانت کان ڊڄي ٿيو بيقرار،
مُور مَلڪن مُنهن نه لاتي عشق جي آفت اپار:
سا اسان چشمن سان چائي.
پس اچي هيءُ حال هيڻا، اچ، پرين، پڳدار يار،
خسته دل ’عارف‘ سندي، سهڻا، اچي لهه ڪار سنڀار:
ڪر نه جانب تون جدائي.
عبدالله ’خواب‘
*
برهه ڪيون بيحال، پيون پڇائن پار پرين جو.
سورن سبق پڙهي ٿيون سَتيون،
سَريون سُکن جون تن کي پَتيون،
لڌي سورن جن جي سنڀال.
پير اگهاڙا، ريتيون تتيون،
نانگ جا ڏنگ کائي کَتيون،
نينهن ڪيون سي نهال.
پَسي پنهل ويون جن جون متيون،
اڻڏٺي اهي رنگ ۾ رتيون،
ڏسي جلوو جوت جمال.
وندر واسا ووڙيندي وَتون،
تارا تڪيندي، ڪيچ جون ڪَتيون،
سڪندي ٿيڙن سال.
ليڙون لٽا ٿيا، اُڊڙيون چَتيون،
کُٿيون نصيب جون جن جي جهَتيون،
پرت ڪيو پامال.
مَن جي مَي ماري موهه ۾ متيون،
جِيئن جون پيون مُئن ۾ گَتيون،
’خواب‘ ڏسي خوشحال.
حافظ محمد ’احسن‘
*
نام الله جي، دلبر، واڳ اڱڻ آءُ واري،
سال لنگهي ويا سڪ ۾، ساهه توکي ٿو ساري.
خانَ خطائون منهنجون، معاف مِٺا ڪر مون کي،
رنج رسامو ڇڏ تون، گهوٽ گهَڙي وڃ گهاري.
راتيان ڏينهان تنهنجي تار اندر ۾ آهي،
ننڊ نيڻن کي ناهي، آڳ اندر وئن ٻاري.
ڪر ڪا ورڻ جي وائي، مُندڙي ملڻ جي آئي،
قول ڪيئه جي مون سان، سي تون پرين اچ پاري.
’احسن‘ سان ڇڏ ماڻا، محب اي مل جيئري،
پاند ڳچيءَ ڳل پائي، پلپل ٿو پوڪاري.
حسين بخش ’خادم‘
*
سُتي لوڪ، سڄڻ، توکي سڏڙا ڪيم،
ڇو ٿيس چري، سا ڪَلَ ڪانه پيم.
تو لاءِ ٻانهون ٻڌي آءٌ بيهي رهيس،
پوءِ ته پيارا پرين، پنهنجي وس کان ويس،
سڀئي تو تي رکيم، تنهنجِي يارَ ٿيس،
رڳي تات طلب تنهنجي هوتَ هيم.
ڪڏهن لڪيو جهاتيون پايم پئي،
تنهنجون واٽون اچڻ جون واجهايم پئي،
توکي دلبرَ دل ۾ سمايم پئي،
سر نياز ۾ هو، اکئين لڙڪ لڙيم.
من مٺڙي وٽ مٺا محبَ اچين،
هن دلڙي دکويل کي ڏڍ ڪو ڏين،
مون وٽ رات رهي ڪي رهاڻيون ڪرين،
تنهنجي ڏسڻ جي آس اميد اٿم.
’خادم‘ آسُر ٿيو، اِجها پرهه ڦُٽي،
ساري رات اکئين ويٺي ويٺي ڪَٽي،
ڪار ماٺ، نه ڏي ڪنهن کي ڄاڻ ڄٽَي،
ڪو پڇي به کڻي ته چئه خواب ڏٺم.
عبدالجبار ’شام‘
*
منهنجا محب مٺا، اي بيپرواه،
توکي حسن ڏنو آهي هادي الله.
منهنجي اکين جو تون تارو، سڄڻ،
مون کي سڀ شي کان تون پيارو، سڄڻ،
توکي صاحب ڪيو سوڀارو، سڄڻ،
تنهنجي هر هنڌ ٿي ويئي وه وه واه.
جڏهن نيڻ کڻين ٿو خمار منجهان،
ڏسين هر شي کي ٿو پيار منجهان،
تنهنجي بوءِ اچي ٿي بهار منجهان،
اڄ اگلا سڀيئي ٿيا آگاه.
اچي ’عبدالجبار‘ سان ڀال ڪيئه،
وري خان خوديءَ جا خيال ڪيئه،
برهه وارا بيحال ڪيئه،
تنهنجا ناز، مٺا، سبحان الله!
منهنجا محب مٺا، اي بيپرواه!
وائي
احمد خان ’آصف‘
*
دل دوست ڦُري ويو دڳ ۾، آلا،
دڳ ۾ الا، مارڳ ۾ آلا!
نينهن نماز پڙهايم پُوري،
عشق امام ٿيو اڳ ۾، الا...
پرور پيدا ڪونه ڪيو آ،
جانب جو مَٽ جڳ ۾، الا...
ساجن سوگهو ساهه ڪيو اٿم،
رمز لڳي رڳ رڳ ۾، الا...
’آصف‘، هار سينگار وساريم،
چيڙهه پيو چڳ چڳ ۾، الا...
گيت
نياز همايوني
مؤنجهه
اوسيئڙا ٿا آس اورانگهِن، تانگهه ٿي ويان پيرَ کڻي:
آءٌ ٿي گهاريان چنڊ ڳڻي.
واڳان پنهنجي وس ۾ ناهن، هيڻي ڪهڙي هام هڻي:
سانول، جيڪا توکي وڻي.
نِرڙ تي هٿڙا رکندي، تنهنجي واٽ تڪيندي ورهيه ٿيام،
هانوَ کي آٿت ڏيندي، ٿڌڙا ساهَه ڀريندي ورهيه ٿيام،
اُڌما ٿا ڪهرام مچائن، اُڻتڻ پيئي تند تڻي:
آءٌ ٿي گهاريان چنڊ ڳڻي.
ياد آيا جئن پُور پَرايا، ٿيڙم سُور سَوايا، هوءِ،
من تي آئي مُونجهه اِئين، ڄڻ سج تي بادل ڇايا، هوءِ،
اکڙيون لُڙ ائين ٿيون لاڙن، انبن جو جئن ٻُور ڇڻي:
آءٌ ٿي گهاريان چنڊ ڳڻي.
آڌيءَ رات چتِايم چنڊ کي، مون جئن اُن جو حال هُيو،
پِيلو پِيلو، ڄڻ ته وبا جو ماريل ڪو ڪنگال هُيو،
هاءِ، حياتي بيراڳين بَن، شال نه ڪنهن کي ماءُ ڄڻي:
آءٌ ٿي گهاريان چنڊ ڳڻي.
وڻجارا، او وڻجارا، ٻيلي، گهايم تنهنجي گهاوَ گهڻي:
آءٌ ٿي گهاريان چنڊ ڳڻي.
الهه ٿو ڄاڻي، منهنجي تو بِن ڪا نه ٿي ڪائي ڳالهه بڻي:
سانول، جيڪا توکي وڻي!
گوورڌن محبوباڻي
او ساٿي!
او ساٿي! او ساٿي!
هيءَ به زندگي؟ هيءَ به حياتي؟
دوزخ جهڙيون گهٽيون، مڪان،
تن ۾ ڪيئن پلبا اِنسان؟
او ساٿي، او ساٿي!
ڇا هيءُ جيوَن، جيوَن آهي؟
او ساٿي، او ساٿي!
هيءُ جهُڙندڙ ڀُرندڙ جڳ ڊاهي،
اچ ته بڻايون نئون جهان،
آهه عذابن ۾ انسان!
او ساٿي، او ساٿي!
دنيا ڄڻ بازار بڻي آ، هر شي جو ٿئي ٿو واپار،
هاءِ، وڪامي ٿو پئسي لئه شان، مان، جوڀن ۽ پيار!
هن دنيا جو عجب رواج،
هر شي تي پئسي جو راڄ،
او ساٿي، او ساٿي!
پئسي لئه انسان وڪامي،
او ساٿي، او ساٿي!
ڌرم، دين، ايمان وڪامي
اچ ته بڻايون نئون جهان،
آهه عذابن ۾ انسان،
او ساٿي، او ساٿي!
قسمت؟ قسمت ڇا ٿيندي آ؟ ڇا ٿيندي آهي تقدير؟
اچ ته عمل سان ٽوڙيون، ساٿي، ڀاري ڀِرمن جي زنجير!
وهمن جي غفلت مان جاڳ،
او ساٿي، او ساٿي!
دنيا ۾ ڪجهه مشڪل ناهي،
او ساٿي، او ساٿي!
ڇڏ محنت سان قسمت ٺاهي:
اچ ته بڻايون نئون جهان،
آهه عذابن ۾ انسان!
او ساٿي، او ساٿي!
ڪمل ’پياسي‘
او گائڪ!
گيت انوکو ڳاءِ، او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ!
ارمانن جي ناءَ بڻائي،
سپنن جي سڙهه سان سجائي،
تون مانجهي ٿي، وِيچارن جو
ويهي ونجهه هلاءِ!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
ديوَ ديوتا ساز وڄائن،
پَريون اچي سُرتال مِلائن:
ستل دلين ۾ هلچل آڻي،
جذبن کي جاڳاءِ!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
چنڊ چوٿ جو، ڄڻڪ هندورو،
ڪِرڻن جو آ روپو ڏورو:
ننڊ ڀريون اکڙيون تارن جون،
تون ڪا لولي ڳاءِ!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
ساگر جون هي چنچل ڇوليون،
دولهه لال جون ڳائن لوليون:
پنهنجو سُر تن ساڻ ملائي،
جهوم، جهوم، جهوماءِ!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
جهولن ٿيون مدمست گهٽائون،
ڳائن ٿيون اڄ ڀِنل هوائون،
ڇم - ڇم ناچ نچي ٿي بجلي،
تون چپ ڇا جي لاءِ!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
ڪڍ نيڻن مان ننڊ اُکوڙي،
ڳاءِ، ڳاءِ، خاموشي ٽوڙي!
ڪو اُتساهي گيت سڻائي،
دنيا کي جاڳائي!
- او گائڪ، گيت انوکو ڳاءِ.
بشير مورياڻي
گيت پريت جا ڳايان
من - مندر ۾ ديپ جلايان، گيت پريت جا ڳايان،
نِر آشا ۾ نِير وهايان، آشا ۾ مُسڪايان.
بِرکا رُت ۾ دنيا جهومي، ۽ چاتر ڀي ڳائي،
اهڙي سمي ۾ منهنجو سپرين عرض نه ڪوئي آگهائي:
غمگين غمگين پلڪن تي مان نيرَ ڦڙا چمڪايان...
سانوڻ ۾ هرڪو ئي پنهنجي دل کي ٿو سمجهائي،
من- مندر ۾ هرڪوئي آشا جا ديپ جلائي:
ليڪن تو بِن آءٌ، پرين، ڳوڙهن جو مينهن وسايان...
نِيل گَگن تي چندرما ٿو مُکڙو پنهنجو پَسائي،
هنڌ هنڌ تي، روح روح ۾، چانڊوڪي ڦهلائي:
رات رات جو آءٌ پِيا بِن گيت درد جا ڳايان...
- من مندر ۾...
قيوم ’طراز‘
نيڻ ويچارا
وڇڙي هليا ساٿي سارا،
نيڻ ويچارا،
ڏاڍا وس ٿا ڪن:
ڇم- ڇم برسن بادل وانگي،
سُرت جي سانگي،
ڏاڍا وس ٿا ڪن-
نيڻ ويچارا، ڏاڍا وس ٿا ڪن!
اندر اسان جي غم جون آَنڌهيون؛
بڻي جوالا، منهنجا جاني،
هاءِ جواني:
ڏاڍا وس ٿا ڪن-
نيڻ ويچارا، ڏاڍا وس ٿا ڪن!
وک وک تي اڄ گهاءَ پراڻا، زخم اڳوڻا،
اُکلي اکُلي خون ٿا ڳاڙن،
تَنَ کي ساڙن:
ڏاڍا وس ٿا ڪن-
نيڻ ويچارا، ڏاڍا وس ٿا ڪن!
ياد اوهان جي سُڌ ٻُڌ کوئِي،ڪونهي ڪوئي،
بيسُر ٿي ويا ساز سمورا،
گيت اڌورا:
ڏاڍا وس ٿا ڪن-
نيڻ ويچارا، ڏاڍا وس ٿا ڪن!
ساٿ وڃائي جان اڪيلي، من ڳهيلو،
پِرت سندا پڙلاءَ ڪري،
سوداءَ ڪري:
ڏاڍا وس ٿا ڪن-
نيڻ ويچارا، ڏاڍا وس ٿا ڪن!
نظم
شيخ ’اياز‘
ڄَرَ آ منهنجي ڄاڻ!
هيءَ ميرانجهي سانجهي آ، يا ڌوڙ- ڌئي جي جهول،
ڄاڻ ستارا ان مان نڪتا، جرڪي سونَ سمان:
تيسين پنهنجي مشعل ۾ جا آهي لاٽ اڏول،
تنهن تي واٽ سڃاڻي ويندا واٽهڙو انسان.
ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان ۾ ناهه ڪئي گجگوڙ،
هي به غنيمت آهه ڪٿي ڪو اونائي ٿو ڪوڪ:
نيٺ ته بادل وسندا، پوندا مينهن به ماڻهوءَ ٻوڙ،
نيٺ ته وڄندي، گجندي، اٿندي آنڌيءَ جيئن مخلوق.
اڳتي جان نه جڪڙي رهندي، پختا ڪر پنجوڙ،
ڪنهن جي ڇاتي آتي آهي، تکا ڪري رک تِير:
ڊهنديون دوکي جون ديوارون، پاتي جي ڪنهن ڊوڙ،
هيڻا هٿ وڌيا جي، هوندءِ ذريون ذريون زنجير.
ڳوڙها ڳاڙيندا ها جي، سي اٿندا ڪَرٽي ڏند،
آيو ڇَرَ کي ڇوهه ته ڏسندين اُنهي جو انداز:
وک وک ۾ ڪا وڄلي هوندي، ڊهندا ويندا بند،
تون ٻوڙو آن، آءٌ ٻڌان ٿو قدمن جو آواز.
تون انڌو آن، آءٌ ڏسان ٿو کنوڻين جا سڀ کيل،
تون اوندهه جي آکيري ۾ ويٺو آن اڻڄاڻ:
نيٺ ته ٿيندا رڻ ۾ رَٿ تي تنهنجا منهنجا ميل،
منهنجا گهوڙا گهائي وجهندا توکي سُنبن ساڻ.
مان ڄاڻ ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ڄَرَ آ منهنجي ڄاڻ،
ڀڙڪي ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيندي، جلندو هيءُ جهان:
آخر منهنجي سوڀ سنواريا، آخر تنهنجي آڻ،
تون رَکَ هوندين، ڄڀيون ڄڻينديون ڪوئي نئون انسان!
شيخ اياز
مان ئي مٽي، مان ئي جام
آءٌ پَل هان!
آءٌ پَل هان!
مان ئي مَي هان، مان ئي مٽي، مان ئي جام،
مان ئي تنهنجي تشنگيءَ جو انتقام:
منهنجي هستيءَ، منهنجي مستيءَ کي سڃاڻ،
مان ئي تنهنجيءَ ميڪشيءَ جو هان دوام.
آءٌ پَل هان!
آءٌ پَل هان!
تنهنجي خوشبو کي کڻي شبنم مثال،
مان اُڏامان ٿو، ٿيان ٿو لازوال:
نيٺ ويندين مثلِ گل ڪومائجي،
مان ئي ٿو سانڍي سگهان تنهنجو جمال.
آءٌ پَل هان!
آءٌ پَل هان!
مان ئي تنهنجي ذات هان، مان ئي صفات،
مان ئي تنهنجي بي ثباتيءَ جي ثبات:
تون وسارين ٿو ته غافل! ڀل وسار،
ورنه مان ئي موت هان، مان ئي حيات.
جي سڃاڻين، موت ناهيان،
آءٌ تنهنجي زندگي هان!
آءٌ پَل هان!
آءٌ پَل هان!
ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘
سِڪ جو سُرندو
مَنَ مَڙهيءَ ۾ دائما تون جوت اُلفت جي جڳاءِ،
صاف سينگاري، پرينءَ لئه ٺاهه پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ،
اُت اُمنگي چاهه جو اوّل ٻهارو ڪو گهماءِ،
پياس جي پڙدن ۾ پِرَ لئه آس جو آسن وڇاءِ،
زندگيءَ جي ٿال ۾ پوءِ آرتي سِڪ جي سجاءِ،
جي گهڙيون توکي ملن، سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
جو ڪرين ڪم، ڪر ڀلي، پر اُن ۾ رک هڪ هي خيال:
سِڪ وَڌي ساجن جي، توڙي ٿئي نه گڏ ڪجهه زر ۽ مال،
حرصَ ٻئي ڪنهن لاءِ دل ۾ جئن ڇڏيون ڪوئي نه خال،
لوڀَ لالچ سان بڻايون ڪين جيوَت کي وبال:
اهڙي رٿ سان تون ڀلي هت پاڻ ڪنهن ڪم ۾ رجهاءِ،
جي گهڙيون توکي ملن، سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
باغ هن ۾ سئر جي پڻ منع توکي ناهه ڪا،
ڪُنڊ جا توکي وڻي، بيشڪ جڳهه اَت ٺاهه ڪا،
وٺ مزو ڪو پَل گهَڙي خوشبو چڱي جِت آهه ڪا،
پر نه جهيڙي يا عداوت جي تون ٻارج باهه ڪا:
پنهنجو ۽ ٻئي ڪنهن جو تَن هرگز نه جُٺ ڦِٺ سان تپاءِ،
جي گهڙيون توکي ملن؛ سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
کيت هن مان ميڙ، جو ڪجهه شوق سان ميڙي سگهين،
کيڙ سان کيتي چڱي، جا دل سان تون کيڙي سگهين،
ڪڍ پٿر، ڪانا، ڀتر ۽ جي ٿڏا ٿيڙي سگهين،
نارُ جيوَت جو سچائيءَ سان جي تون گيڙي سگهين،
گُلَ ۽ ڦُلَ پڻ خوب شيوا جا ڀلي ٻيا ڪي اُپاءِ،
جي گهڙيون توکي ملن، سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
هت گهڻا توکان اڳي انسان ڪي آيا هئا،
جن کي طاقت، زر ۽ زينت جا به سرمايا هئا،
لشڪرن، باروت سان ڪن ڪوٽ ٺهرايا هئا،
نيڪناميءَ لئه چڱا ڪم تن به کولايا هئا:
ڪال ويو کائي سڀئي، ماضيءَ اندر جهاتي ته پاءِ!
جي گهڙيون توکي ملن، سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
حرص جو ڪوڙو دلاسو مثل رڻ پَٽ رُڃ آهه،
جنهن جي پڪ ناهي، انهيءَ منزل ڏي هرگز ڪين ڪاهه،
تنهن کان بهتر،’سام‘سان گڏ ويهي سُرندو سڪ جو ساهه:
راڳ دل من جي وندر جا پاڻ ۽ ٻين ڪاڻ ٺاهه،
موجَ اُلفت جِي هتي جيتر رهين تيتر مچاءِ،
جي گهڙيون توکي ملن، سي ياد پِرَ جي ۾ لڳاءِ.
عبدالڪريم ’گدائي‘
سمي تي سيارو، سمي تي بهاري،
وري خير سان آئي فصلِ بهاري،
فضائن ۾ موسم جو آ ڪيف طاري.
سياري جي سرديءَ ستايو هو جن کي،
لٿي تن جي اوڇڻ سندي انتظاري.
سُڪل ٺوٺ شاخن تي انگور آيا،
ڏسو مست موسم سندي سازگاري!
خزان ديده باغن جي تختن تي قدرت،
گلن جي رنگا رنگ چادر پٿاري.
نئين زندگيءَ ساڻ گينڊو ٿو جهومي،
لُڏي موج مستيءَ ۾ ٽانگر جي ٽاري.
صبح جو سِريِنهَنِ تي چيها ٿا چهڪن،
لڳي لات تن جي پياري پياري.
نئون ساهه ڦوڪيو آ قدرت سُڪن ۾.
وري زندگيءَ جو ٿيو فيض جاري.
امنگون، اميدون وٺي چيٽ آيو،
خوشيءَ ۾ نه ماپن ٿا هاري ۽ ناري.
چڻن، ڪڻڪ، ڄانڀي جو جوڀن ٿو ڦاٽي،
وري لاب لائي جي آهي تياري.
سڄو ديس آرس ڀڃي آهه جاڳيو،
جتي ڏس، اتي آه ڪم ڪار جاري.
جتي ڏس ته محنت، مشقت، ترقي،
جتي ڏس، اتي آهه اصلاح جاري.
کليون اسپتالون، ٺهن روڊ رستا،
ٿيا واهڻن ۾ به اسڪول جاري.
مدد پاڻ پنهنجيءَ جو جذبو آ جاڳيو،
سڀن آهه ڪوڏر ڪهاڙي سنڀاري.
اِهو آهه دستور روزِ ازل کان،
عناصر سان آدم جي آ جنگ جاري.
ثبات آهه ڪنهن کي نه ڌرتيءَ تي دائم،
نه گهٻراءِ، همدم، ڏسي رات ڪاري.
هتي آهه هر چيز اچڻي ۽ وڃڻي،
سمي تي سيارو، سمي تي بهاري.
بهاريءَ جي آخر خزان آه، همدم،
خزان بعد ايندي يقيناً بهاري.
انڌيري پٺيان روشني آ يقيني،
نه آ خوف ڪو جي هجي رات ڪاري.
حوادث جا طوفان وسِائي نه سگهندا،
اسان جيڪا جيوَن سندي جوت ٻاري!
چئي ڇا ٻڌايان، بهر طور گذري،
ڪٺن زندگي جا ’گدائيءَ‘ گذاري.
’نياز‘ همايوني
ڇڪتاڻ
ابتدا ۽ انتها جي ڳالهه جنهن تي دنگ آهه،
پاڻ سان سو ناحق آهي، پنهنجي حالت تنگ آهه.
اَي دُکي دل، تنهنجي غم کان گهائجي ويو آهيان،
شام جي گل وانگيان ڪومائجي ويو آهيان،
بس ڪر، اي دل، هاڻ مان گهٻرائجي ويو آهيان.
زندگي منهنجي تو هيجن کان ڇني ڇوري ڪئي،
وهيءَ ۾ ويچارڙيءَ جي ڳالهڙي ڳوري ڪئي،
جا خطا ٿي، تو هٿان ٿي، مان خطا ٿوري ڪئي،
پوءِ ڀي مون کي ٿي رولين، ڪهڙي مان چوري ڪئي!
صبح جي تڙڪي تي ڪوهيڙي جو انڌوڪار آهه،
شام جي پاڇي تي اونداهي جو ڪارونڀار آهه،
ظاهر ۽ باطن تي پکڙيل بيڪسيءَ جو ڄار آهه.
ذهن مندر جي اُجڙ کنڊر جان ويران ٿو رهي،
جسم تابوتن جي اُهڃاڻن جان بيجان ٿو رهي،
روح پڻ ڪافور جي پوءِ جان پريشان ٿو رهي.
سانوڻ آيو، سور ويا، ته به پنهنجي ههڙي حالت آهه،
هيڪلائي هانوُ ٿي کائي، ولر کان وحشت آهه.
...
ڪين ٿو گهرجي اسان کي هيئن ندورن جو جيئڻ،
ڄڻ ته بيوهه جي حياتي، ڄڻ ته ڇورن جو جيئڻ،
پاڻ کي گهرجي ٿو موجن ساڻ مورن جو جيئڻ.
هيءَ نِدا آئي ڪٿان، روڪي ڪوئي آواز کي،
جنهن اچي ٿيڙيو ائين چئي ذهن جي انداز کي:
هيئن پروڙڻ آهه مشڪل زندگيءَ جي راز کي.
زندگي اهڙي به ڇا، جنهن ۾ نه ڪا هلچل هجي،
موت جو سايو، اَلا، جنهن جي مٿان پلپل هجي،
پاس کان ٿين نيڻ اَلا، غم کان دل بيڪل هجي،
آس بڻجي لاش، اُڌمن جي مٿس گهل گهل هجي.
اچ ته ڪاهيون ڪاڪ تي، اي مينڌارا، منزل ڌڻي!
ڏيل ڏاريون، موملون ماڻيون، ٿيون محفل ڌڻي!
ٿوڙ بند ۽ لاهه ڦندا، هل ته ٿيون دنگل ڌڻي!
هل ته ٿيون دنگل دڻي، دنيا سان پنهنجي جنگ آهه،
جا وسيع آهه ٿورڙن لئه، ۽ گهڻن تي تنگ آهه! |