ٺاڪر اڌيرام داندل راٺوڙ سازشي منصوبو کڻي
جوڌپور مان سنڌ پهتو. اهڙن مايوس ڪندڙ جوابن کان
پوءِ بجئه سِنگهه پنهنجي خاص معتمد راٺوڙ
اُڌيرام داندل کي ميان صاحب ڏي موڪليو، جيڪو
مير بجار خان جي قتل جو سازشي منصوبو کڻي آيو
هو. جنهن ۾ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي، ته
جيڪڏهن ميان عبدالنبي
قتل جي منظوري ڏي، ته قتل ڪرڻ جي سموري ذميداري
راجا بجئه سنگهه تي ٿيندي ۽ باالفرض
جيڪڏهن قتل کان پوءِ سنڌ ۾ ميان عبدالنبي خان جي
خلاف بغاوت ٿي، ته هڪ مهيني اندر سندس مدد لاءِ
ٽيهه هزار فوج مارواڙ مان سنڌ پهچائي ويندي. ان
قتل جي
مهراڻ ڳڙهه جو قلعو
مايوس ڪندڙ جوابن کان پوءِ بجئه سِنگهه پنهنجي
خاص معتمد راٺوڙ اُڌيرام داندل کي ميان صاحب ڏي
موڪليو، جيڪو مير بجار خان جي قتل جو سازشي
منصوبو کڻي آيو هو. جنهن ۾ ان ڳالهه جي خاطري
ڪرائي وئي، ته جيڪڏهن ميان عبدالنبي
قتل جي منظوري ڏي، ته قتل ڪرڻ جي سموري ذميداري
راجا بجئه سنگهه تي ٿيندي ۽ باالفرض
جيڪڏهن قتل کان پوءِ سنڌ ۾ ميان عبدالنبي خان جي
خلاف بغاوت ٿي، ته هڪ مهيني اندر سندس مدد لاءِ
ٽيهه هزار فوج مارواڙ مان سنڌ پهچائي ويندي. ان
قتل جي منصوبي جي خفيه معاهدي ۾ ٻنهي طرفن کان
دين ڌرم جا قسم کنيا ويا. ميان عبدالنبي خان قتل
جي منصوبي تي پهرين ئي رضامندي ڏيکاري هئي. قاصد
مارواڙ واپس هليو ويو ۽ مهاراجا کي سڄي صورتحال
کان آگاهه ڪيو. مهاراجا، مير بجار خان کي قتل
ڪرڻ لاءِ هڪ دستو سنڌ جي دارالحڪومت خداآباد جي
طرف روانو ڪيو. چند راجپوتن تي مشتمل هيءُ سازشي
گروهه هرناٿ سنگهه راٺوڙ جي سرڪردگيءَ ۾ خداآباد
پهتو، جتي هڪ مهيني تائين رهيو. جن ٻن راجپوتن
جي ذمي قتل ڪرڻ هو، تِن مان هڪڙي جو نالو هرناٿ
سنگهه مناوت، ڳوٺ ”الابه“ تعلقو ناگور جو رهاڪو
هو ۽ ٻيو راٺوڙ محڪم سنگهه باتاوت، ڳوٺ ”ڪرنوت“
تعلقي ڦلودي جو رهاڪو هو. وفد موقعي جي انتظار ۾
هڪ مهيني تائين خداآباد ۾ رهيو پيو هو. بظاهر
سفارتي بنياد تي جيڪا ڳالهه ٻولهه جاري هئي،
اُها اِها هئي ته مارواڙ تي هِن وقت دکنين يعني
مرهٽن جي حملي جو خطرو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت
سنڌ کي پڻ لاحق ٿي سگهيو ٿي؛ جنهن تي مير بجار
خان وفد کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ضرورت محسوس
ٿي ته سنڌ ضرور مارواڙ جي مدد ڪندي. راجپوتن جو
اصل مقصد قتل لاءِ موقعو تلاش ڪرڻ هو. راجپوتن
ميان عبدالنبي خان کي چيو ته اسان کي خبر ملي
آهي، ته اسان جي ملڪ تي مرهٽن حملو ڪيو آهي،
جنهن ڪري اسان کي جلد رخصت ڏيو. جڏهن ته ميان
عبدالنبي خان سڄي حقيقت کان ته اڳ ئي واقف هو،
انڪري هن مير بجار خان کي حڪم ڏنو ته سڀاڻي وفد
کي شاهي خلعتون ڏئي رخصت ڪيو وڃي. مير صاحب
خلعتون ڏئي وفد کي رخصت ڪري، پنهنجي رهائشگاهه
ڏانهن هليو ويو.
مير بجار خان جو قتل، قاتلن جو موت ۽ ميان
عبدالنبي خان جو اهل وعيال سميت
فرار ٿيڻ:
25- شوال 1193هه جمعي جي ڏينهن قتل جو واقعو پيش
آيو. مير صاحب اڃا پنهنجي جاءِ تي پهتو ئي هو،
ته ٻه سفارتڪار سندس گهر پهتا ۽ مير صاحب کي
ٻاهر سڏايائون. مير صاحب پنهنجي نوڪر جي هٿان
چوائي موڪليو ته، ”هينئر ته آءٌ موڪلائي آيو
آهيان، هاڻ باقي ڪهڙو ڪم اچي پيو آهي؟“ ٻنهي
راجپوتن هڪ آواز ۾ چيو، ته هڪ اهڙو ضروري ڪم اچي
پيو آهي، جيڪو رڳو مير صاحب کي ئي چئي سگهجي ٿو!
مير صاحب ماني کائڻ کان جلد فارغ ٿي، بنا هٿيارن
جي ٻاهر نڪتو، کيس فقط گوڏ پاتل هئي. پاڻ ڏيڍيءَ
۾ ئي بيهي رهيو، راجپوتن سلام ڪيو ۽ ڏيڍيءَ ۾ ئي
ويهي رهيا. ٻنهي راجپوتن جي وچ ۾ مير صاحب ويٺو.
مير صاحب پنهنجي ملازم کي بلوچي زبان ۾ تلوار
آڻڻ لاءِ چيو. راجپوت خنجرن سان هئا، هرناٿ
سنگهه ۽ محڪم سنگهه، مير صاحب جي کٻي ۽ سڄي پاسي
ويٺل هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي چئي رهيا هئا ته پهرين
ڳالهه تون شروع ڪر. مير صاحب هڪ اک کان ڪاڻو هو،
ان ڪري هو ڪنهن ڳالهه کي ٻڌڻ بار بار پنهنجي ڪن
کي ڳالهائيندڙ طرف ڦيريندو هو. اِهوئي سبب آهي
جو انهن جي سُس پُس سنڌي زبان ۾ ضرب المثل بڻجي
وئي. سڄي پاسي ويٺل هرناٿ سنگهه جڏهن ڳالهه ڪرڻ
شروع ڪئي ته مير صاحب ان ڏانهن متوجه ٿيو ۽ ٻئي
پاسي ويٺل محڪم سنگهه، مير صاحب تي خنجر سان
حملو ڪري سندس پيٽ ڦاڙي ڇڏيو.
پر مير صاحب وڏيءَ حوصله منديءَ سان ٻنهي جا
مَٿا پنهنجي ٻانهن ۾ جهلي هڪ ٻئي سان ٽڪرايا،
جنهن ڪري هو بيهوش ٿي ويا. ٿوري دير ۾ مددگار
پهچي ويا. ٽيئي ڄڻا مري ويا. باقي رهيل
سفارتڪارن ۽ مير صاحب جي حامين جي وچ ۾ خونريز
جهڙپون ٿينديون رهيون. سڀني راجپوت سفارتڪارن کي
قتل ڪيو ويو. صرف هڪ اٺ سوار جيڪو راءِ قوم جو
هو، بچي ويو، جيڪو تيز رفتار اُٺ جي ذريعي ٻئي
ڏينهن جوڌپور پهچي ويو. هُن راجا بجئه سنگهه کي
هڪ مهيني جو پورو احوال ٻڌايو.
هيڏانهن سنڌ ۾ ميان عبدالنبي خان جي خلاف بغاوت
شروع ٿي وئي. مير بجار خان جي پٽ عبدالله خان ۽
سندس مائٽ فتح علي خان مرزا وغيره مير بجار خان
جي ڪفن ۽ دفن جو انتظام ڪيو. ويهه هزار فوجي
جوانن دارالحڪومت خداآباد کي گهيري ورتو. ٻن
مهينن تائين بي اطمينانيءَ جي ڪيفيت رهي. ميان
عبدالنبي خان انهيءَ انتظار ۾ رهيو ته وعدي
مطابق جوڌپور مان مدد پهچندي، جيڪا نه پهتي. ٻئي
طرف ميان عبدالنبي خان جي خلاف انتقام جي جذبي
شدت اختيار ڪئي. مير بجار خان جي حامين جو چوڻ
هو ته، ”جيڪڏهن مير بجار خان تنهنجي حڪم عدولي
ڪندو هو، ته تون پاڻ ئي کيس سزا ڏين ها؛ ڌارين
سان سازش ڪري هن کي ڇو قتل ڪرايئي؟ اسين توکان
انتقام ضرور وٺنداسين!“
هيڏانهن ميان عبدالنبي خان ۽ سندس ساٿي ڀڄڻ جي
ڪوشش ۾ هئا، جيڪي آخرڪار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويا. هڪ رات محل جي باغن مان لڪندا لڪندا
مستورات ۽ پٽن سميت ڦليلي جي ڪناري پهتا ۽
ٻيڙيءَ ذريعي خداآباد مان روانا ٿي ويا، جنهن
کان پوءِ اُٺن تي چڙهيا. شهزادو ميان عارف ۽ تاج
محمد خان، ميان عبدالنبيءَ جو ڀائٽيو شاهه محمد
خان مستورات سميت مارواڙ ڏانهن روانا ٿي ويا ۽
خود ميان عبدالنبي گرناج نالي هڪ عورت جي رياست
”لومڙيا“ ڏانهن هليو ويو. جنهن عورت کين پنهنجون
خدمتون پيش ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته مون کي اوهين
اگهاڙي تلوار کنيو ميدان ۾ ڏسندؤ، پر ميان صاحب
هڪ عورت کان مدد وٺڻ گوارا نه ڪيو. ڪجهه ڏينهن
”لومڙيا“ ۾ قيام ڪرڻ کان پوءِ ميان صاحب قلات
ڏانهن روانو ٿي ويو.
جوڌپور ۾ سنڌي شهزادن جو استقبال:
ميان عبدالنبيءَ جو وڏو پُٽ ميان محمد عارف مستورات
کي وٺي جوڌپور پهتو ۽ سندس سؤٽ شاهه محمد خان
پنهنجي ماءُ سميت ڦلودي تعلقي جوڌپور ۾ پناهه
گير ٿيو. بادشاهي قيمتي زر ۽ جواهرات سندس والده
وٽ هئا. شهزادو محمد عارف خان ۽ شهزادو تاج محمد
جوڌپور ۾ قيام پذير ٿيا. مارواڙ جي واليءَ
مهاراجا بجئه سنگهه هن وطن مان تڙيل قافلي جو
شانائتو استقبال ڪيو. انهن کي قلعي مهراڻ ڳڙهه
مان توپن جي سلامي ڏني ويئي. شهزادا هاٿين تي ۽
عورتون ڏولين ۾ شهر جي شاهراهن تان جلوس جي شڪل
۾ ٿيندا، هڪ پهاڙي چٽان ويجهو ”باؤجي“ تلاء جي
ڪناري پهتا، جتي زرنگار خيمن ۾ کين رهايو ويو.
ان خيمه بستيءَ ۾ سنڌ مان ٻين اچڻ وارن لاءِ به
اهتمام ڪيو ويو. باؤجي تلاءُ، قديمه منڊور
راڄڌاني ۽ جوڌپور شهر جي وچ ۾ آهي. هن وقت اِهو
علائقو فوج لاءِ مخصوص آهي.
جواهرات سان جڙيل هڪ جُتي:
هن سڄي داستان نقل مڪانيءَ ۾ ڪنهن بيگم يا
شهزاديءَ جي جُتيءَ جو قصو تمام وڏي شهرت رکي
ٿو. جنهن جو بيان هن ريت آهي: جڏهن ميان
عبدالنبي خان ڪلهوڙو رات جي اونداهيءَ ۾ خداآباد
(نزد هالا) کان ڦليلي نديءَ جي رستي ٻيڙيءَ ۾
مستورات سميت سوار ٿيو، تڏهن لهڻ يا چڙهڻ ۾ ڪنهن
بيگم يا شهزاديءَ جي پيرن مان جُتيءَ جو هڪ پادر
نديءَ ۾ ڪِري پيو. افراتفري ۾ اِهو ڪير ڳولي ها
۽ وقت به رات جو هو جنهن وقت شاهي خاندان جو
هيءُ قافلو خير سان مارواڙ پهتو ته رستي جي پوري
سرگذشت مهاراجا کي ٻڌائي وئي ۽ گم ٿيل ”جُتيءَ“
جي پادر جي ڪهاڻي به راجا غور سان ٻُڌي. جُتيءَ
جو باقي رهيل پادر جڏهن راجا کي ڏيکاريو ويو ته
راجا ان کي ڏسندو ئي رهجي ويو. هن ٻنهي هٿن سان
ان جُتيءَ کي کنيو ۽ چمي مٿي تي رکيائين ۽
پنهنجي مصاحبن کي حڪم ڏنائين ته جلدي هڪ تخت
تيار ڪرايو وڃي، ته جيئن هن جُتيءَ کي ڪلهوڙا
حڪومت جي يادگار طور رکيو وڃي. حڪم جي تعميل ٿي،
سون ۽ چانديءَ جي صندليءَ تي ”جُتي“ جو پادر
رکيو ويو، جيڪو قلعه معليٰ مهراڻ ڳڙهه جي رونق
بڻيو رهيو. چئن پيڙهين تائين رياست جا والي هن
جُتيءَ جو ”مجرو“ ڪندا رهيا.
حقيقت اِها هئي ته هيءَ جُتي ان دور ۾ به لکن
رپين جي ماليت هئي. زر ۽ جواهرات سان مڙهيل اهو
جُتي جو پادر ڪجهه عرصي بعد قيمتي هيرن کان خالي
ٿي ويو ۽ شيشي جي مقفل فريم ۾ خالي هڪ پادر ڏسڻ
۾ ايندو هو. سنه 1947ع جي انقلاب کان پوءِ به
قلعي جي عجائب گهر ۾ جتي ڪيترائي نوادرات نمائش
لاءِ رکيا ويا، اتي مختلف راجائن ۽ ڪلهوڙا
سردارن جي نسبت سان جُتيون به رکيون ويون. ليڪن
اصل جُتيءَ جو پادر اُتان غائب ٿي ويو. جنهن
لاءِ عام طور ماڻهن ۾ اها ڳالهه هلندي پئي اچي
ته، جڏهن 1911ع ۾ جارج (پنجون) هندستان آيو ۽
سندس اعزاز ۾ ”دهلي دربار“ جي نالي سان جشن
ملهايو ويو، ته ان موقعي تي رياست جي واليءَ
”تاج برطانيه“ سان وفاداري جي علامت جي طور تي
زر ۽ جواهرات جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان دور ۾
راجا بجئه سنگهه جي پنجين پيڙهيءَ جي راجا سردار
سنگهه جي ٻالڪپڻي دوران ان جو چاچو پرتاب سنگهه
رياست جو مختار ڪُل بڻيل هو. پرتاب سنگهه پنهنجن
تحفن ۾ ’سنڌي جتيءَ‘ جا جواهرات به جارج کي پيش
ڪري ڇڏيا. هونئن به پرتاب سنگهه مسلم دشمنيءَ ۾
هميشه پيش پيش رهندو آيو هو. جارج هُن کي پنهنجو
پٽيلو سڏيو هو. هو پوءِ جنگ عظيم ۾ راجستاني فوج
جو ڪمانڊر مقرر ٿيو. صلح ترڪيءَ جي وفد جو رڪن
به رهي چڪو هو. ترڪن کان لُٽيل هٿيار جوڌپور
قلعه ۾ نمائش لاءِ کڻي اچي رکيائين.
سنڌي شهزادن لاءِ محلن جي تعمير ۽ اعزازات:
هن جلاوطن خاندان جا ڪجهه افراد پڪين حويلين ۾
منتقل ڪيا ويا. سندن مستقل رهائش لاءِ ”مهراڻ
ڳڙهه“ جي هيٺان ناگوري دروازي جي ويجهو محلات
تعمير ڪرايا ويا، جن ۾ مردانه ۽ زنانه محلاتن
کان علاوه شهزادن لاءِ جدا اوطاق (ديوان خاص)،
اصطبل خانا، فيل خانا ۽ نوڪرن لاءِ رهائشي گهر
تعمير ڪرايا ويا. حويليءَ جي مٿاهين ڪمري جي
بالڪني جي دري ان طرف رکي وئي، جتان شهزادي ميان
محمد عارف کي مهاراجا سلام ڪري سگهي. اِها حويلي
انهي شاهراهه تي ٺاهي وئي هئي، جتان مهاراجائن
جو قلعه معليٰ ڏانهن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جيڪڏهن
اتفاق سان ميان صاحب پنهنجي بالڪَنيءَ ۾ ويٺل
نظر ايندو هو ۽ مهاراجا جو اتان گذر ٿيندو هو ته
مهاراجا بجئه سنگهه پنهنجي سواريءَ تان لهي پنڌ
هلندو هو، تان جو حويلي جي حد ختم ٿيندي هئي.
جڏهن به ميان صاحب راجا سان ملاقات لاءِ قلعي ۾
ويندو هو ته ميان صاحب جي اعزاز ۾ توپن جي سلامي
ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪلهوڙا خاندان ۾ قضيو ٿي
پوندو هو، ته قلعي جو جهنڊو ٽن ڏينهن تائين
سَرنگون رهندو هو؛ ايتريقدر جو هن غم ۾ ايندڙ
ٻين رئيسن جي اعزاز ۾ سلاميءَ جون توپون بند
هونديون هيون. جڏهن سنڌ جي واليءَ ميان عبدالنبي
خان جي رحلت جي خبر جوڌپور پهتي، ته اُتي سرڪاري
طور تي نَوَ ڏينهن سوڳ ملهايو ويو. سڀئي
استقبالي تقريبون منسوخ ڪيون ويون. مهاراجا مٿي
اُگهاڙي پنڌ هلي اچي شهزادن وٽ تعزيت لاءِ پهتو.
بادشاهي زر ۽ جواهرات:
بيوطن ٿيڻ وقت سنڌ جا زر ۽ جواهرات ميان
عبدالنبي خان جي ڀائٽي ميان شاهه محمد خان جي
والده جي قبضي ۾ هئا، جنهن نه ٿي چاهيو ته دولت
ميان محمد عارف کي ملي. تنهنڪري ٻيئي ماءُ پٽ،
جوڌپور کي ڇڏي ڳوٺ پوکران ڏانهن هليا ويا، جتي
مستقل سڪونت اختيار ڪيائون. اتفاق سان سن 1841 ۾
ميان شاهه محمد خان جو انتقال ٿي ويو ۽ اڃا ڪجهه
ڏينهن به نه گذريا هئا ته سندس والده به اُتي ئي
وفات ڪري ويئي. سندن موت جي خبر ملندي ئي شهزادو
محمد عارف پوکران پهتو ۽ سڄو مال پنهنجي قبضي ۾
ڪري، واپس جوڌپور موٽي آيو. سنڌ جا باقي قبيلا
بدستور پوکران ۾ ئي رهيا. هاڻي ميان محمد عارف
وٽ دولت جي ڪا ڪمي نه رهي ۽ هن بي دريغ پيسو خرچ
ڪرڻ شروع ڪيو. راجا بجئه سنگهه کي جڏهن هيءَ خبر
پئي، ته شهزادو ٻنهي هٿن سان دولت لٽائي رهيو
آهي، تڏهن مهاراجا ميان محمد عارف کي فضول خرچ
ڪرڻ کان منع ڪئي، پر ”مال مفت دل بي رحم“ جو قصو
هو، سو هو فضول خرچي کان باز نه آيو. آخرڪار
راجا بجئه سنگهه، ميان عبدالنبي خان ڏانهن قاصد
روانو ڪري پيغام موڪليو، ته شهزادي محمد عارف
ڇهن مهينن ۾ ڇهه لک رپيا خرچ ڪيا ڇڏيا آهن، جيڪو
بيجا خرچ آهي. جيڪڏهن اوهين مناسب سمجهو ته اهو
خزانو مون وٽ امانت طور رکي ڇڏيو. مون کي اوهان
جي انهي دولت کي غصب ڪرڻ اهڙي طرح حرام آهي،
جهڙي طرح گَئو ماتا جو خون پيئڻ اسان کي حرام
آهي. آءٌ ڌرم ۽ ڪرم جو واسطو ڏيئي اقرار ڪريان
ٿو ته امانت ۾ خيانت نه ڪندس.
انهيءَ تي ميان عبدالنبي خان پنهنجي پُٽ ميان
عارف کي لکيو ته هيءُ خزانو منهنجي ڀاءُ بجئه
سنگهه وٽ امانت رکي ڇڏ. ضروري خرچ لاءِ رقم
پنهنجي چاچي بجئه سنگهه جي منظوريءَ سان وٺندو
رهه. ميان محمد عارف هن ڳالهه تي راضي ٿي ويو ۽
سمورا قيمتي زر ۽ جواهرات وٺي کيس رسيد ڏني وئي.
انهن جواهرات جي رائج الوقت سِڪي جي حساب سان
رقم لڳائڻ لاءِ لکنؤ مان جوهري گهرايا ويا، جن
ان جي قيمت نَوَ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي. پر مارواڙ
جي جوهرين ان رقم جو اڌ ٻڌائي ساڍا چار ڪروڙ
رپيا مقرر ڪئي. سن 1842 ۾ چئن شاهدن جي روبرو
سرڪاري اڪاؤنٽ ۾ اها رقم داخل ڪئي ويئي. چئن
شاهدن ۾ اوجا رام دت، ڀنڊاري چين مل، پروهيت
سروپ ۽ ڀائي رام ڪشن جا دستخط ڪرايا ويا.
25 ڪروڙ رپين جي ماليت جو هڪ ٻيو خزانو:
نَوَ ڪروڙ رپين واري خزاني جي جوڌپور ۾ آمد کان
پوءِ ڪجهه مهينا گذريا، ته سنڌ مان هڪ ٻيو خزانو
چاليهن خچرن تي رکيل اُتي پهتو. ان جي مال جي
نگرانيءَ لاءِ 44 ڄڻا مقرر هئا، ڪلهوڙن جو
وفادار شالمين شيدي عرف ياقوت شيدي ان قافلي جو
سرواڻ هو. هن مال جي تفصيل کي پوشيده رکيو ويو،
ته جيئن اهو معلوم ٿي نه سگهي ته خزاني ۾ ڪهڙي
قسم جو مال هو. ان ۾ چاندي، سون جي ٿانون ۽
جواهرات سميت ٻيون ڪهڙيون قيمتي شيون هيون؟ ان
جو تفصيل صاحبزادن جي حويليءَ مان به نه ملي
سگهيو. هڪ تحرير مان فقط اِهو معلوم ٿي سگهيو ته
خزاني جي ماليت رائج الوقت سڪي موجب پنجويهه
ڪروڙ رپيا هئي. ان جي وڌيڪ تفصيل لاءِ اسان کي
ان دؤر جي سنڌ جي صورتحال کي سامهون رکڻ گهرجي.
ميان عبدالنبي خان جو تختگاهه خداآباد هو، جتان
پاڻ ڀڄي نڪتو هو. حيدرآباد جي شاهي قلعي ۾ سندس
والده مائي ”ڄامان“ جوڻيجي خاندان جي ٻين فردن
سان گڏ رهيل هئي. پيڙهي به پيڙهي هلندڙ خزانو
سندس قبضي ۾ هو.
مير بجار خان جي قتل کان پوءِ مير فتح علي خان
تخت تي ويٺو، جنهن جي سپهه سالار حاجي احمد خان
قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ قلعي جي ڀِت کي بارود سان
اُڏايو. ڪلهوڙن جو وفادار شالمين شيدي قلعي
داريءَ جي عهدي تي فائز هو ۽ خزاني جو ڪليد
بردار به هو. اُهو جنگ ۾ مدمقابل ٿي زخمي ٿيو ۽
گرفتار ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويو، پر هُن خزاني جو
پتو نه ڏنو. مير فتح علي خان ٽالپر سمجهيو ته
خزانو ميان عبدالنبي خان ۽ سندس پٽ ميان محمد
عارف پهرين ئي کڻي ويا. الغرض مير فتح علي خان
مائي ڄامان کي سندس وفادار نوڪر شالمين شيدي
عرف ياقوت کي قلعي مان نڪرڻ جي مهلت ڏني. جنهن
جو مائي ڄامان فائدو وٺي پنهنجي شاهاڻي تدبر ۽
حڪمتِ عمليءَ سان خزاني کي آهستي آهستي شاهه
عبدالطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه ۾ پهچايو. جتي جو
سجاده نشين هِن خفيه منصوبي ۾ مائي ڄامان سان
شريڪ هو. ٻئي طرف جوڌپور ۾ شهزادو ميان محمد
عارف انهيءَ خزاني اچڻ جو منتظر هو. اِها ڳالهه
مڃيل آهي، ته ياقوت شيدي به پوءِ وطن ڇڏي جوڌپور
هليو ويو هو. انهيءَ ڪري اِهو خيال درست آهي، ته
خزانو جنهن جي نگرانيءَ ۾ جوڌپور پهتو، اُهو
جنرل شالمين شيدي عرف ياقوت شيدي هو. خزاني سان
گڏوگڏ هاڻ اسين وري جوڌپور ڏانهن پڙهندڙن جو
ڌيان ڇڪايون ٿا.
جوڌپور اڃا پندرهن ميل پري هو، ته رستي ۾ هڪ
ننڍو ڳوٺ ”چوپاسني“ آيو، جيڪو پهاڙن سان گھيريل
هو. ان ڳوٺ ۾ هڪ مندر هو جنهن جي چئني طرفن کان
ڪوٽ ٻڌل هو. ڪوٽ تي چوڪي لاءِ برجيون ٺهيل هيون.
ڪوٽ سان گڏ جوڌپور شهر ڏانهن ويندڙ شاهراهه هئي.
جڏهن سنڌ جو هيءُ مال بردار قافلو اُتان گذرندي
ڏٺو ويو، ته مندر جي چوڪيدارن قافلي کي اڳتي وڌڻ
کان روڪيو ۽ قافلي کي مجبور ڪيو ته ايستائين
اڳتي قدم نه کڻن، جيستائين سائين گسائين کان
اجازت نه ملي. جڏهن سائين گسائين آيو، ته هن
فوراً قافلي کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نوبت وڃي
جنگ تائين پهتي، قافلي کي شڪست ملي. قافلي جي
امير ياقوت سميت سڀ خچر سوار گرفتار ڪري مندر جي
ڪمرن ۾ قيدي بنايا ويا ۽ پوڄارين خزانو پنهنجي
قبضي ۾ ورتو.
اِها خبر ڪنهن طرح سان مهاراجا بجئه سنگهه کي
پئي، ته هو ڳوٺ چوپاسني جي مندر ۾ پهتو ۽ سڀ کان
پهرين پنهنجي پير ۽ مرشد ”گسائين جِي“ جي چرنن ۾
ڪِري ”مجرو“ بجا آندائين. پوءِ گسائين کي التجا
ڪيائين، هنن هن مسافرن کي قيد کان نجات ڏيو،
ڇاڪاڻ جو هي منهنجا مهمان آهن. بجئه سنگهه هن
مها پوڄاري گسائين کان مرعوب هو، هي سندس
خانداني مرشد به هو. خچر سوار سنڌين سان راجا
ملاقات ڪئي ۽ انهن کان حال احوال معلوم ڪيو.
راجا بجئه سنگهه قافلي جي سردارن کي چيو ته، آءٌ
پنهنجي گرو جِيءَ جي آوڏو بيوس آهيان، جو آءٌ
سندس قرضدار آهيان.”چوباره“
جي جنگ جي موقعي تي فوج لاءِ مون هن ”مرشد“ کان
ٽيهه لک رپين جي رقم قرض ورتي هئي، جيڪا اڃا
تائين ادا ڪري نه سگهيو آهيان. جيڪو مال مرشد جي
قبضي ۾ آهي، ان جي تقاضا نه ڪريو. وقت اچڻ ڏيو
آءٌ پاڻ ئي اِنهيءَ خزاني جو حساب ڪتاب ڪري ميان
عبدالنبي خان کي لکندس. اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن بعد
مال جي فهرست تيار ڪرائي وئي. راجا جو معتمد
ڀنڊاري ڀواني داس ”چوپاسني“ ڳوٺ پهتو، جنهن جدا
جدا مال جي جملي قيمت 25 ڪروڙ رپيا ٻڌائي.
هيءُ واقعو 14- اساڙ سمت 1843 جو آهي.
کنڊرات جو حال:
مرداني ۽ زناني محلن جي وچ ۾ اصطبل ۽ فيل خاني
جون ڀتيون ڪِري چڪيون آهن، صرف ٻن ٽن فوٽن جا
آثار نظر اچن ٿا. ديوان خاني جي عمارت اڃا به
رهائش جي قابل آهي. ورهاڱي تائين هن حصي ۾
خاندان جا فرد رهندا هئا. هن عمارت جو ڪوٽ ڀُتو
ٿي ڪِري پيو آهي، جنهنڪري ديوان خاني جي عمارت
بي پردهه ٿي ويئي آهي. بنيادن جي آثارن مان ظاهر
ٿئي ٿو ته ابتدائي دور ۾ ديوان خاني سان ڪيترائي
برآمده گڏيل هئا. هن وقت فقط اڻ تراشيل پٿر هڪ
ٻئي مٿان رکي، پردي لاءِ ڀِت ٺاهي وئي آهي.
هن ديوان خاني ۾ قديم زماني جو ڪجهه سامان وڏين
صندوقن ۾ بند پيو آهي، جنهن ۾ زنانيون پوشاڪون،
ٽامي جا ڪجهه ٿانوَ ۽ ڪجهه زنگيل تلوارون آهن.
هن مڪان ۾ ’نورميان‘ تنها رهندو آهي. هن حويليءَ
مان مهراڻ ڳڙهه صاف نظر اچي ٿو، قلعي تي وڃڻ
لاءِ هن حويليءَ وٽان لنگهڻو پوي ٿو. حويلي جي
ڀرسان سنڌين جي وڏي آبادي آهي، جنهن ۾ اڪثريت
ڀٽو قبيلي جي آهي. هڪ بادشاهي مسجد جنهن جو نالو
”مسجد ڀٽان“ آهي، اُها هر وقت نمازين سان آباد
آهي. مسجد ۾ هڪ ديني مدرسو به آهي، جنهن ۾ هڪ
گريجوئيٽ نوجوان محمد قاسم
’دلڪش‘ ٻارن کي تعليم ڏيندو آهي. سنڌي زبان تي
ڪافي عبور اٿس. مسجد ۽ درسگاهه جو ذڪر انهيءَ
ڪري ڪيو ويو آهي ته ٻڌائجي ته شهزاده حويليءَ ۽
سنڌي ڪالونيءَ جو ساٿ هلندو پيو اچي. نور ميان
هڪ مجلس جي موقعي تي ڪلهوڙن جي تلوارن مان هڪ
تلوار ڏيکاري ۽ هڪ زعفراني رنگ جي دستار به؛
جنهن کي هن تهه به تهه ڪپڙن ۾ محفوظ ڪري رکيو
هو، سا به ڏيکاريائين.
ڪلهوڙا خاندان جو نسب نامو جيڪو هندي تحرير ۾ هو
۽ ان سان گڏ ڪجهه دستاويزات جن جي فوٽو اسٽيٽ
ڪرائڻ جي حامي ڀريائين ۽ منهنجي خواهش تي شاهي
تلوار ۽ دستار جي تصوير ڪڍائڻ منظور ڪيائين.
انٽرويو جي دوران ڪيتريون ڳالهيون رهجي ويون،
جيڪي بعد ۾ خط و ڪتابت جي ذريعي معلوم ٿيون.
ميان 85 ورهين جو آهي، اٿڻ ويهڻ ۽ گفتگو جي
انداز ۾ راجپوتي شان جو مالڪ آهي. ناداريءَ جي
حالت ۾ به مهمان نوازيءَ جي آداب کان مزين آهي.
اتي جي رسم رواج مطابق مون هن کي ڪجهه نذرانو
پيش ڪرڻ چاهيو، جيڪو تمام گهڻي انڪار ۽ اصرار
کان پوءِ هن منظور ڪيو. گزدر خاندان ۽ عباسي
خاندان جا تعلقات قلعي دربار کان وٺي هيٺين سطح
تائين قريبي رهيا آهن. انهي خانداني قرابت جي
ڪري نور ميان پوري اعتماد سان حالات قلمبند
ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. مارواڙ مان واپسي کان
پوءِ به هو خطن ذريعي قلمي معاونت ڪندو رهيو. هن
وقت نور ميان جائداد جو تنها مالڪ سمجهيو وڃي
ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ هن جاءِ تي ڪسٽوڊين قبضو ڪري
ورتو، اڄ جي صورتحال ۾ هڪ حصي (ديوان خانه) تي
نور ميان قابض آهي ۽ وڏو حصو ڪسٽوڊين وارن وڪرو
ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ نور ميان ڪيس داخل ڪيو
آهي، جو هلندڙ آهي.
زناني محل جي عمارت جو ڪوٽ ڀُتو ٿي جُهڪي پيو
آهي. محل جي عمارت بيٺل آهي، ان جي صدر دروازي
جي پيشاني سنگتراشيءَ جي فن جو نادر نمونو آهي.
ڳاڙهي پٿر ۾ نقش نگار جي تراش، نفاست ۽ نزاڪت
ڏسڻ وٽان آهي. موسمي اثرات جي ڪري ان جون فني
باريڪيون معدوم ٿينديون پيون وڃن. محل جي اندر
جو حال به ساڳيو ئي آهي، شاهي خاندان جي ماڻهن
جي اِها عادت هئي ته عمارت جو ڪوبه حصو ناقص ٿيو
ته بجاءِ ان جي مرمت جي، ٻيءَ عمارت ۾ وڃي رهندا
هئا.
شهزادن جو اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ مان وظيفو:
شهزادن کان پوءِ صاحبزادن جو محبوب مشغلو اهو
وڃي رهيو هو، ته هو پنهنجي همعصر راجپوت ٺاڪرن
(جاگيردارن) جي هر ڏينهن ناچ گاني، جام ۽ آفيم
جي تقريبات ۾ شريڪ ٿيندا هئا، راجائن سان گڏ
شڪار لاءِ صحرا پيمائي ڪرڻ، پاڻ کان وڏن درجي
وارن جو ”مجرو“ ڀرڻ ۽ ادنيٰ درجي وارن جو ”مجرو“
وصول ڪندا هئا. خود سندن ديوان خاص ۾ گهڻو ڪري
هر ڏينهن رئيسن جي محفل متل هوندي هئي، جنهن ۾
گفتن، نوشيدن ۽ برخاستن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
نه هو. اِها سڀ ڪجهه وٽن سنڌ جي دولت جي ڇِڻڪاٽ
هئي، جنهن تي هو ايتري تائين ايئن هلي رهيا هئا.
سنڌ کي ترڪ ڪرڻ بعد صاحبزادن کي پنهنجو وڃايل
وقار بالڪل ياد نه آيو، فقط اِهو ياد رهيو ته
ٽالپر مريدن اسان کان مرشدي جي مسند کسي ورتي ۽
مريديءَ جي آڙ ۾ دغا ڪيائون.
آخري ڪلهوڙا حڪمران ميان عبدالنبي خان جي پڙپوٽي
شهزاده عليم جي خط جو عڪس
مارواڙ جي عيش و عشرت کان صاحبزادن کي ايتري
واندڪائي ڪانه ٿي ملي، جو هو پنهنجي حڪومت جي
زوال تي غور ڪري سگهن. جنهن سان سندن خاندان جي
نقصان جو ڪو پورائو ٿي سگهي. هو علمي ۽ فني ڪمن
سان ذوق رکن ها ۽ آزاديءَ جي ڪنهن تحريڪ ۾ حصو
وٺن ها ته جيئن ورهين جي هَل هلان ۽ سفري رولاڪن
جو داغ ڌوپجي وڃين ها. هن خاندان جي بچيل شهرت
جيڪا اڃا باقي آهي، سا انهن آخري رهيل کنڊرن جي
آڌار تي آهي، جن کي سنڌي شهزاده حويلي سڏيو وڃي
ٿو. هن حويليءَ جي ڪري مارواڙ جي ماڻهن ۾ سنڌ جي
تاريخ سان دلچسپي رهي آهي. جتي هاڻي ڪلهوڙا زوال
جا آخري پتا پاند ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا. جيئن
هن حويلي جا نشان ناپيد ٿيندا وڃن ٿا، انهي
رفتار سان هن نامور خاندان جا باقيات به
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ بي نشان بڻبا ۽ گم ٿيندا
وڃن ٿا.
صاحبزاده غلام علي ”ڪمپني سرڪار“ جي حضور ڪلڪتي
۾:
راجا بجئه سنگهه جو پٽ راجا
مان سنگهه جي زماني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وٽ
ميان عبدالنبي خان جي پوٽي ميان غلام علي خان جي
قيادت ۾ هڪ وفد پهتو. ميان غلام علي خان پنهنجي
زوال جو داستان ڪمپنيءَ آڏو پيش ڪيو، جنهن ۾ خاص
ڪري اِها ڳالهه چيائين ته ”اسان جي ٽالپري مريدن
۽ نوڪرن اسان سان دغا ڪري، اسان جي حڪومت تي
قابض ٿي ويا ۽ اسان کي ڪابل ۽ مارواڙ ۾ پناهه
وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن وقت اسان جو خاندان،
مالي مشڪلات ۾ مبتلا آهي. اسين ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ کان مالي اعانت جا دادخواهه آهيون.“
مذڪوره درخواست هنن صاحبن جي گوش گذار
ڪئي وئي: جيڪب صاحب بهادر، باقر صاحب بهادر،الفنسٽن
صاحب بهادر، بالڪم صاحب بهادر، پاٽنجر صاحب
بهادر، وِهل صاحب بهادر ۽ ريزيڊنٽ اجمير.
هن اعانت جي درخواست جي ابتدا راجا مان سنگهه جي
تحريڪ سان ٿي. اجمير ۾ مقيم ريزيڊنٽ لين صاحب
بهادر سان ملاقات ڪرائي وئي. جڏهن لين صاحب دوري
تي جوڌپور آيو، ته تفصيل سان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
جنگ جو داستان ٻڌايو ويو. ڪلڪتي ۾ جيڪا درخواست
پيش ڪئي وئي، اُن ۾ ڪمپني کي هيءُ مشورو ڏنو ويو
ته هو ٽالپرن کان انتقام وٺن. انتقامي قدم کڻڻ
سان ڪمپني جي نيڪ نامي ٿيندي. درخواست جي جواب ۾
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ خاندان جي گذران لاءِ ماهوار
پنج سؤ رپيا وظيفو منظور ڪيو.
وظيفي ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ درخواست:
ميان غلام علي خان جي وفات کان پوءِ ميان
عبدالنبي جي پڙپوٽي ميان علي مردان هڪ درخواست
اجمير جي ريزيڊنٽ جي معرفت ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ اِهو
لکيو ويو ته، ماهوار پنج سؤ رپين ۾ اسان جو گذر
سفر نه ٿو ٿئي، لهٰذا اسان جي وظيفي ۾ اضافو ڪيو
وڃي، پر ڪمپني اُها درخواست رد ڪري ڇڏي.
ميان عبدالنبيءَ جي حامين ۽ ٽالپرن ۾ جنگي
معرڪا:
سنه 1837ع ۾ ميان عبدالنبي خان رياست قلات هليو
ويو ۽ قلات مان مدد وٺي سنڌ کي حاصل ڪرڻ ٿي
گهريائين. قلاتي فوج، شڪارپور ڏانهن پيش قدمي
ڪئي ۽ خونريز جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ميان
عبدالنبي کي شڪست نصيب ٿي. خان آف قلات جو
ڀائٽيو مرزا ابيڪ خان جيڪو فوج جو سالار هو،
مارجي ويو. ٽالپرن جي هٿان گهڻا ئي بروهي ۽ بلوچ
قتل ٿيا. هن شڪست کان پوءِ ميان عبدالنبي خان،
ڪابل جي واليءَ تيمور شاهه کان مدد وٺڻ لاءِ
ڪابل پهتو. ٽالپرن کي سنڌ تي حملي جي خبر ملي ته
هنن مقابلي لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون، فوج جا
ٻه حصا ڪيا، هڪ شڪارپور ڏانهن ڪابلي فوج تي
مقابلي لاءِ، ٻي فوج عمرڪوٽ ڏانهن راجپوتن جي
حملي جي روڪ لاءِ رواني ڪيائون.
ويهه هزار راجپوتن جو حملو ۽ شڪست:
ميان عبدالنبي خان جي مدد لاءِ جوڌپور جي راجا
بجئه سنگهه ويهه هزار فوج عمر ڪوٽ جي طرف رواني
ڪئي، جنهن ۾ ميان جو هڪ معتمد سردار تاج محمد
ليکي رهنمائي ڪري رهيو هو ۽ فوج جي سرداري
پوکران، آسوب ۽ چانوٽ پرڳڻن جا ٺاڪر ڪري رهيا
هئا. ”چوباره“ جوڌپوري فوج جو دفاعي مورچو هو.
مارواڙ جي ويهه هزار فوج 36 ڪلاڪن ۾ اسي 80 ڪوهه
جو سفر طئي ڪري چوباره جي قريب پهتي. ٻئي طرف
ٽالپرن جي فوج به پهتي، جيڪا سفر جي ٿڪاوٽ کان
چُور چُور هئي. راجپوتن چاهيو ٿي ته هن ٿڪيل فوج
تي گڏجي حملو ڪجي؛ پر تاج محمد ليکي هن ڳالهه
سان اتفاق نه ڪيو. تاج محمد جو چوڻ هو ته هن وقت
جيڪا ٽالپرن جي فوج پهتي آهي، سا اڌ آهي. سڀاڻي
فوج جو ٻيو حصو به ايندو. اهڙي طرح سان اسان کي
ٻه ڏينهن جنگ ڪرڻي پوندي. اسين هڪ ڏينهن ۾
ٽالپرن جي صفائي ڪرڻ چاهيون ٿا؛ تاڪه ٻن ڏينهن
جي جنگ کان نجات ملي. الغرض تاج محمد جي پس و
پيش راجپوت سردارن کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو، ته تاج
محمد لڪ ڇپ ۾ ميان عبدالنبيءَ جو مخالف ۽ ٽالپرن
جو ايجنٽ آهي. لهٰذا انهيءَ شڪ جو سهارو وٺي،
راجپوت سردارن جنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
مورچا نه ڇڏيا، پر جانيون ڏئي ڇڏيائون:
راجپوتن جي طرفان ”چوباره“ برجي (مورچي) تي
تقريباً اسي جنگجُو چوهاڻ ۽ راٺوڙ پهري تي مقرر
هئا. هي راجپوت پوکران ٺاڪر جي فوج مان چونڊيل هئا.
جڏهن جنگي سردارن مورچي تي مقرر سپاهين کي مورچا
بندي ختم ڪري واپس اچڻ جو حڪم موڪليو ته هنن
واپس ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جواب ۾ چورائي
موڪليائون ته جيڪڏهن جنگ نه ڪرڻي هئي، ته مورچا
بندي ڇو ڪرائي وئي. هاڻ اسين انهيءَ وقت تائين
نه هٽنداسين، جيستائين فتح يا شڪست نه ٿئي. جنهن
تي باقي سڄي فوج مارواڙ واپس ويئي. پر چوباره
وارو دستو بدستور پنهنجي ضد تي قائم رهيو. اها
حقيقت جڏهن ٽالپرن جي علم ۾ آئي ته هنن چوباره
واري راجپوتن کي چوباره خالي ڪرڻ جو چيو ۽ اِهو
به شرط رکيائون ته هٿيار اسان جي حوالي ڪيا وڃن،
پر راجپوتن لاءِ اها ڳالهه ناقابلِ قبول هئي.
آخرڪار ٽالپرن مورچي تي حملو ڪيو ۽ خونريز
جهڙپون ٿيون. آخر راجپوتن کي بک پريشان ڪري
ڇڏيو، سي اُٺ ڪُهي کائڻ لڳا. بارود ختم ٿيندو ڏسي
ڪارا مرچ کائي حملو ڪندا رهيا. هو مرندا ۽
ماريندا ٿي ويا. ايتري قدر جو مورچي جو هڪ به
راجپوت زندهه نه رهيو.
”چوباره“ مڪمل طرح ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي ويو.
مورچي تي جان ڏيڻ وارن جو صِلو ”پوکران“ جي ٺاڪر
کي مليو. راجا بجئه سنگهه پوکران جي ٺاڪر کي
بهادريءَ جي نشان طور ٻه ڳوٺ ”دونداڙا“ ۽
”سنمرل“ بخشيا. هيءَ مهم، ماه سدي دسم 1837 سمت
تي شروع ٿي ۽ ايڪيهين ڏينهن ختم ٿي.
ميان عبدالنبي خان جو اولاد شهزادو ميان عارف
خان ۽ تاج محمد خان:
سمت 1836 ۾ ميان محمد عارف خان ۽ ميان تاج محمد
خان (اول) پنهنجي خاندان کي وٺي جوڌپور پهتا.
انهن ئي شهزادن مان نسل اڳتي هليو. جوڌپور منتقل
ٿيڻ کان هڪ ٻن سالن بعد ميان محمد عارف کي ٻه
پٽ: محمد علي ۽ غلام علي پيدا ٿيا. انهن ئي
ڏينهن ۾ ميان محمد عارف شڪارپور جي جنگي مهم تي
ميان عبدالنبيءَ سان وڃي ملاقات ڪئي ۽ يقيناً
خاندان جي مستقبل جي باري ۾ هدايتون حاصل ڪيون
هوندائين.
مسند نشين ميان محمد عارف خان جي ڀاءُ ميان تاج
محمد کي ڪابل جي طرفان ’حاجي پور‘ ديره غازي خان
۾ جاگير ملي ۽ هن جو اولاد پوءِ حاجي پور ۾ وڃي
آباد ٿيو. پهرئين جاءِ نشين محمد عارف جي پڙپوٽي
ميان خداداد خان کي ٻه ڌيئون هيون. جن جي
سڱابندي حاجي پور ۾ رهندڙ تاج محمد خان جي
گهراڻي ۾ ٿي؛ اتي وڏيءَ ڌيءُ جو اولاد جاگير جو
مالڪ آهي. ميان عبدالنبيءَ زندگيءَ جا آخري
ڏينهن ديره غازي خان ۾ گذاريا، اتي ئي فوت ٿيو ۽
سندس مزار به اتي ئي آهي. ميان عبدالنبيءَ جي
ستين پشت ۾ ميان الهيار خان جا ٻه پٽ تاج محمد ۽
فيض محمد ٿيا.
هي ٻئي ڀائر، ڪلهوڙا حڪمرانن جي عظمت جا آخري
يادگار هئا. هنن ٻنهي کي ڪوبه اولاد نه هو. سندن
وفات سان گڏوگڏ سرڪاري اعزازن ۽ مراعتن جو به
خاتمو ٿي ويو. سندن حويليءَ ۾ ڪلهوڙا خاندان جا
ٻيا فرد رهندا هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ سندن سؤٽن
ميان گل محمد خان ۽ ميان خان محمد جو اولاد ميان
غلام عباس خان، ميان سلطان خان ۽ ميان عبداللطيف
خان پنهنجي اهل وعيال سميت ميرپور خاص سنڌ ۾
آباد ٿيو.
ڪلهوڙا حڪمران جي آخري گادي نشين شهزادي ميان
محمد عارف خان جڏهن پالنپور مان شادي ڪئي، ته ان
وقت شاديءَ جي ڏاج سان گڏ هڪڙو خادم نور ميان به
ڏنو ويو. جيڪو ان حويليءَ جي کنڊر ۾ اڪيلو رهندو
آهي ۽ ڪجهه زنگ آلود تلوارن ۽ پراڻن ڪپڙن جي
صندوقن جي حفاظت ڪري رهيو آهي.
هن ڪتاب تي نظرثاني ڪرڻ دوران
راقم الحروف کي اطلاع مليو ته، ڪلهوڙا حڪمران
خاندان جو آخري وفادار معمر ’نورميان‘ 90 سالن
جي عمر ۾ 1986ع جي جولاءِ مهيني ۾ انتقال ڪري
ويو.
اڌيپور ۾ سنڌي سرڪار:
ڪلهوڙا زوال کان پوءِ سنڌ مان ڪيترائي مسلمان
خاندان هجرت ڪري مارواڙ ۽ ميواڙ وڃي آباد ٿيا.
ميان عبدالنبيءَ جو اولاد رياست جوڌپور ۽ ديره
غازي خان ۾ وڃي آباد ٿيو. ڪلهوڙا خاندان جا
ڪيترائي سردار اڌيپور هليا ويا. انهن سردارن سان
سسوديا راجپوتن جا اڳ ۾ ئي دوستاڻا تعلقات هئا.
ان کان سواءِ پيري ۽ مريديءَ جي شهرت به سندن
سڪونت پذيريءَ ۾ مددگار ثابت ٿي. خاص طور تي
’سلومبر‘ علائقو جيڪو اڌيپور کان چاليهن ميلن جي
فاصلي تي آهي، انهن جي پناهه گاهه بنيو. اتي
رهندي رهندي کين هڪ عرصو گذري ويو. انهيءَ وچ ۾
اتي جي هندن ۽ ڪلهوڙن ۾ اڻ بڻت ٿي پئي. سلومبر
جي رئيس جو به منافقاڻو رويو هو. هن کي ڪلهوڙن ۽
راجپوتن جي وچ ۾ رواداري ناپسند هئي، خاص طور تي
جوڌپور ۾ سنڌي شهزادي ميان عارف خان جا اعزاز
کيس بالڪل پسند ئي نه هئا، حالانڪه هو ڪلهوڙن جي
رعب ۽ دٻدٻي کان مرعوب هو. هنن جو شاهاڻو شان ۽
شوڪت ڏسي هن فيصلو ڪيو ته سنڌين جي سردار کي
قتل ڪيو وڃي ۽ قتل ڪرائڻ لاءِ ٺاڪر ٿانه راؤ جو
انتخاب ڪيو. ٿانه راؤ، سنڌي سرڪار جي پنهنجي
قلعي ۾ دعوت جو اهتمام ڪيو. سنڌي سرڪار نيڪ
نيتيءَ سان دعوت قبول ڪئي. ٿانه ڳڙهه هڪ پهاڙي
تي واقع آهي. سنڌي سرڪار سان گڏ ڪيترائي ٻيا
سردار ۽ گهوڙي سوار باڊي گارڊ به هئا. قلعي ۾
داخل ٿيڻ لاءِ ٽن دروازن مان لنگهڻو ٿي پيو.
ٺاڪر سازشي منصوبي تحت پنهنجي سپاهين کي چئي
ڇڏيو هو ته جڏهن ”سنڌي سرڪار“ قلعي ۾ داخل ٿين
ته آءٌ ٻن دروازن جي وچ ۾ سندن آجيان ڪندس ۽ کين
ڳالهين ۾ مصروف رکندس. اوهين موقعو ڏسي گولي هڻي
ڇڏجو ۽ آءٌ هن جي مرڻ کان پوءِ هن حادثي کي
اتفاقي حادثي جو رنگ ڏيندس.
”سنڌي سرڪار“ جا سمورا ساٿي ڪنهن بهاني سان ٻاهر
روڪيا ويا، فقط هڪ ڪوچبان ساڻس گڏ پنڌ هلي رهيو
هو، جنهن جي مٿي تي هڪ ٽوڪري رکيل هئي، جنهن ۾
ڪجهه تحفا ۽ هڪ زرنگار تاج رکيل هو. سنڌي سرڪار
قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ گهوڙي تان لٿو ته راجا (ٺاڪر)
استقبال جي بهاني سان کيس ڳالهين ۾ بيهاري ڇڏيو.
اوچتو سندس ڪلهي وٽان گولي گذري. هو فوراً
هوشيار ٿيو ۽ اک ڇنڀ ۾ گهوڙي تي چڙهيو. پهرئين
دروازي ڏي ڏٺائين ته دروازو خالي ڍڳي گاڏين سان
بند ڪيو ويو هو، پوءِ فوراً گهوڙي کي قلعي جي
ديوار ڏانهن ڊوڙايائين. عربي نسل جي اُن گهوڙي
ديوار تان ٽپو ڏنو ۽ قلعي جي ٻاهر تلاء جي ويجهو
اچي پهتو. جيڪو ڪوچبان اندر رهجي ويو، ان کي قتل
ڪيو ويو. تحفن سان ڀريل ٽوڪريءَ تي قبضو ڪيو
ويو. ”سرڪار“ سان گڏ تقريباً ٻارنهن سردار گهوڙي
سوار هئا، جيڪي ٻاهر روڪيا ويا. هاڻي اهي سڀ
سوار سنڌي سرڪار سان گڏ ٿي ويا. هنن سنڌي مهمانن
لاءِ پوءِ ان کان سواءِ ڪو چارو نه هو، ته هو
جان بچائي نڪري وڃن؛ ۽ اهي سڀ سوار ڀڄي نڪري
ويا.
ٿانه راؤ جي سپاهين هنن مهمانن جو پيڇو ڪيو.
”بانس واڙ“ ۽ ”سلومبر“ جي وچ ۾ ڀاٽ جهنگ مشهور
آهي، ان جي ويجهو ڌرين ۾ دوبدو جنگ ٿي. ڪلهوڙن
بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، پر بنا هٿيارن وارا
هٿيار بندن جو ڪيستائين مقابلو ڪري ٿي سگهيا. هن
معرڪي ۾ سڀ کان پهرئين شهزادو فخرالدين ڪلهوڙو
شهيد ٿيو، جنهن کي ”سنڌي سرڪار (اول) چيو وڃي
ٿو، جيڪو بعد ۾ شهيد فخرالدين ولي جي نالي سان
مشهور ٿيو. فخرالدين ولي سان گڏ ٽي چار ٻيا به
سردار شهيد ٿي ويا. باقي سردارن ڀاٽ جهنگ ۾ لڪي
پنهنجي جان بچائي. شهيد فخرالدين ولي کي ”گليه
ڪوٽ“ ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. ”گليه ڪوٽ“ اڌيپور کان
ستر ميل جي فاصلي تي احمد آباد ويندي رستي ۾ اچي
ٿو. هن ڪلهوڙا شهزادي فخرالدين ولي جي مزار
هزارين زائرن جي عقيدتگاهه بڻيل آهي. خاص ڪري
”بوهري جماعت“ وارا کيس پنهنجو پير مڃيندا آهن.
شهزادي فخرالدين جي شهادت کان پوءِ سندس ٻن
بيوهه زالن کي خاندان وارا جوڌپور وٺي آيا، جتي
ٻنهي جي وفات ٿي.
هڪ ٻيو ڪلهوڙو شهيد:
ڀاٽ جهنگ جي حادثي ۾ ڪلهوڙا خاندان جو هڪ ٻيو به
مهمان شهيد ٿيو. جنهن کي اڌيپور کان 22 ميل پري
”ماگڙ سيما“ جي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت هيءُ
بزرگ ”ماگڙ پير جي“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس
قبر ڪچي آهي، جيڪا گدامڙي جي وڻ جي هيٺان نظر
اچي ٿي. تمام گهٽ ماڻهن کي اِها خبر آهي ته هيءُ
ٿانه راؤ جي ظالم هٿن سان قتل ٿيڻ واري شخص جي
قبر آهي.
فيروز سنڌيءَ جو مزار:
اڌيپور شهر ۾ سورج گيٽ جي ويجهو هڪ قديم قبرستان
آهي، جنهن کي سنڌين جو قبرستان چيو وڃي ٿو.
هزارين قبرن جي وچ ۾ هڪ گنبذ نما عمارت ٺهيل
آهي، جنهن ۾ ٻه مزارون آهن. جن ۾ پهرئين قبر
”فيروز سنڌي ملڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ
ڪنهن سنڌي ڪلهوڙي شهزادي جي قبر معلوم ٿئي ٿي.
فيروز هن جو نالو ۽ ملڪ سندس اعزازي خطاب ٿي
سگهي ٿو. قرين قياس آهي، ته جڏهن سنڌي ڪلهوڙن ۽
سنڌي بلوچن ملي
”راڄ نگر“ جي جنگ وڙهي فتح ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾
سنڌين جو وقار بلند ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ ڪم آيل
ڪنهن سردار (سنڌي سرڪار) جي هيءَ قبر معلوم ٿئي
ٿي.
سنڌي ڪهاڙي بردار فوج ٿانه راؤ قلعي کي فتح ڪيو،
”جُوڳي“ فوج جي شڪست:
ٿانه راؤ کان انتقام وٺڻ لاءِ ان وقت جي سنڌي
سرڪار شڪارپور ضلعي مان 200 جي قريب سنڌي جنگجو
اڌيپور گهرايا. جن ۾ بلوچ، سيال، چانڊيا ۽ ڀرڳڙي
قبيلي جا ماڻهو قابلِ ذڪر آهن. اُتي اڳ ۾ ئي
موجود ڪلهوڙن سميت هڪ ڪهاڙي بردار فوج ترتيب ڏني
وئي، جنهن ”چاونڊ“ علائقي ۾
رانا پرتاب سنگهه جي سماڌي جي ويجهو جنگ ڪئي.
ڪهاڙي بردار فوج ٿانه راؤ جي فوج جو بهادريءَ
سان مقابلو ڪيو. ٿانه راؤ جي حمايت ۾ مذهبي جنون
رکڻ وارا جوڳي ”جوڳيو“ لباس ڍڪي ميدان ۾ لٿا.
انهن جي مقابلي ۾ سنڌي مسلمانن جي فوج جيڪا ڊگها
چولا پهريل هئي، اڳتي وڌڻ لڳي، جن جي مٿي تي وڏن
وڏن وارن جو جھنڊ ۽ هٿن ۾ ڊگهيون چمڪندڙ ڪهاڙيون
ڏسي، جوڳي فوج جو مذهبي جنون ٿڌو ٿي ويو. ڏسندي
ئي ڏسندي ٿانه راؤ جي فوج جي لاشن جا ڍير لڳي
ويا. مٿي تي وڏي پڳڙيءَ وارا شير جيان جوڳي فوج
تي ڪاهي پيا. هن خونريز جنگ کان پوءِ آخرڪار اهو
قلعو مسلمانن جي هٿ آيو، جنهن ۾ سنڌي مهمانن جي
قتل جي منصوبو ٺاهيو ويو هو. فتح کان پوءِ انهي
راڄ نگر جي قلعي تي رانا سانگا جي جانشين راجا
اڌيپور جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. هيءُ پهريون موقعو
هو، جو سنڌي مسلمان واليانِ ميواڙ جي نظرن ۾
دوستي جي معيار تي پورا نظر آيا جن ٿانه راؤ کان
پنهنجي خون جو بدلو پاڻ ورتو.
ٿانه راؤ نمڪ حرام حاضر آهي:
جنگ فتح ڪرڻ کان پوءِ مهاراجا اڌيپور جي حڪم تي
قلعي سان گڏ سرِ راهه هڪ پٿر جو ڪتبو نصب ڪرايو
ويو، جنهن تي لکيو ويو ته: ”هيءُ اُهو قلعو آهي،
جنهن ۾ ٿانه راؤ سنڌي مهمانن سان دغا ڪئي هئي.“
اِهو به لکيو ويو ته، ”ٿانه راؤ راجپوت نه هو،
بلڪ حرام جو پٽ هو.“ زمانو
گذرندو رهيو. ٿانه راؤ به مري ويو، پر ڪيترين ئي
پيڙهين تائين هيءُ داغ سندس پيشانيءَ تان نه
لٿو.
جڏهن به ٿانه راؤ جي اولاد مان ڪو به فرد
مهاراجا اڌيپور وٽ ”مجرو“ ڀرڻ
ايندو هو، ته اُن لاءِ اِهو قانون هو ته، محل جا
چوبدار اجازت لاءِ هيءَ صدا ڏيندا:
”ٿانه راؤ نمڪ حرام حاضر آهي“ يا ”ٿانه راؤ نمڪ
حرام جو فلاڻو... فلاڻو... اولاد حاضر آهي.“
اِها صدا ڪيترين ئي پيڙهين تائين دربار ۾
گونجندي رهي. رياست جي آخري والي ڀوپال سِنگهه
سِسُوديا پنهنجي ابتدائي زماني ۾ هيءَ صدا بند
ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌي سرڪار جو خطاب، جاگيرون ۽ ٻيا اعزاز:
سنڌي مسلمانن ڪيئي ڀيرا وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو،
جنهن جي نتيجي ۾ باقي رهيل سردارن کي ”سنڌي
سرڪار“ جي لقب سان نوازيو پئي ويو ۽ نسل در نسل
سندن هر جانشين کي انهيءَ خطاب سان نوازيو ويندو
هو. سنڌي سرڪار کي چار ڳوٺ بطور جاگير جي ڏنا
ويا، جن جا نالا هي آهن: پيپلي، سرون، چناؤڊا ۽
مواڙا.
ان کان سواءِ شهر اڌيپور ۾ انهن لاءِ محل تيار
ڪيا ويا. ”تعظيم دار“ ۽ ”سونا نويس“ جا اعزاز
کين بخشيا ويا. سنڌي سرڪار کي ”سترهون اُمراؤ“
جو خاص اعزاز به حاصل هو. هن کان پهرين ”سورنهن
اُمراؤ“ موجود هئا. سترهون اُمراؤ رياست جي سڀني
اميرن تي محتسب جي حيثيت رکندو هو. هو راجا جي
غيرموجودگيءَ ۾ رياست جو بااختيار هو ۽ جيڪڏهن
ڪو راجا فوت ٿيندو هو ته، ٽن ڏينهن تائين
”سترهون امراؤ“ يعني ”سنڌي سرڪار“ تخت نشين
سمجهيو ويندو هو. پوءِ ان جي نگرانيءَ ۾ نئين
راجا جي تاج پوشي ٿيندي هئي ۽ نئين راجا کي
نذراني ڏيڻ ۾ سنڌي سرڪار پيش پيش هوندي هئي. ان
کان پوءِ سورنهن امراؤ (خاندان جا ذات ڀائي)
وغيره واري واري سان نذرانو پيش ڪندا هئا ۽ انهن
کان پوءِ علائقي جا رئيس ۽ ٻيا عهده دار سلامي
پيش ڪندا.
اهو سلسلو ڏيڍ سؤ ورهين تائين قائم رهيو، گويا
مهاراجا اڌيپور کان پوءِ ”سنڌي سرڪار“ قابلِ
تعظيم هو. ورهاڱي وقت آخري مهاراجا ڀوپال سنگهه
جِي هو ۽ آخري سنڌي سرڪار فتح محمد ڪلهوڙو هو.
فتح محمد جو پيءُ خواجا بخش جِي ۽ ڏاڏو سلطان
محمد جِي هو. هيءُ سڀ سنڌي سرڪار هئا ۽ سندن ابا
ڏاڏا پڻ انهيءَ لقب سان ملقب هئا. ”سنڌي سرڪار“
لقب کي مهاراجا فتح سنگهه قانوني حيثيت ڏني
هئي.
سنڌي سرڪار ۽ مهاراجا جون جلوه افروزيون:
مهاراجا جڏهن به سير و سياحت يا مذهبي گِنگور
مورتي جي ميلي ۾ ويندو هو، يا کيجڙي وڻ جي پوڄا
لاءِ ويندو هو ته سنڌي سرڪار فتح محمد جِي
(سترهون امراؤ) ساڻن گڏ هوندو هو. پهريون هاٿي
راجا جو هوندو هو، ان کان پوءِ ٻي هاٿيءَ تي
سنڌي سرڪار جلوه افروز هوندو هو ۽ باقي لشڪر حسب
منصب پويان هلندو هو. جن رستن کان جلوس لنگهندو
هو، اتي اڳ ۾ ئي موجود هزارين ماڻهو ”کُهوّما
گَهِني اَن دَاتَا مهاراج“ يا ”پَگَان لَاگَان
مَهاراج“ جي جملن سان سندن ”مجرو“ بجا آڻيندا
هئا. مهاراجا ۽ سنڌي سرڪار هٿن جي اشارن سان
سندن سلامي جا جواب ڏيندا هئا.
جَگ نَوَاس يا جَگُ مندر:
جَگ نواس يا مندر وڃڻ لاءِ ڪيترائي ميل ڊگهي نهر
مان گذرڻو پوندو هو. جَگ نواس (جگ محل) جي سير
لاءِ آبي جهاز جو خاص اهتمام هو. ان محل نما
جهاز ۾ عيش و نشاط جو هر سامان موجود هو. ٻه
زرنگار تخت سجايا ويندا هئا، جن مان هڪ تي مها
راجا ۽ ٻي تي سنڌي سرڪار براجمان ٿيندا هئا. تخت
جي هيٺ ٻنهي طرفن کان ڏاڪن جهڙا چبوترا ٺهيل
هئا، جن تي هڪ هڪ امير ويهندو هو. چوبدار هر هنڌ
نظر ايندا هئا. مورڇل هڻڻ وارا پنهنجي زرق برق
لباس ۾ بيٺا پنهنجي نازڪ هٿن سان مورڇل سان پيا
مکيون اُڏائيندا هئا. سامهون ميدان هڪ قطار
رقاصائن جي هئي، جيڪي پنهنجي رنگين ادائن سان
مهاراجا ۽ سنڌي سرڪار جي دل وندرائينديون هيون.
ٻي طرف وري هن منظر کي ڏسڻ لا نهر جي ڪناري تي
”مجرو“ ڪندڙ صف بسته بيٺا هوندا هئا.
1947ع جي انقلاب هي دلڪش منظر هميشه لاءِ اکين
اڳيان غائب ڪري ڇڏيا.
مجرو آداب جي وضاحت:
لفظ ”مجرو“ عام
طور سان سلام جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ”مجرو“
ڪرڻ جي آداب ۾ ڪنهن رئيس يا مندر ۾ ڪنهن مورتيءَ
جي سامهون رڪوع جي صورت ۾ جُهڪي ڪري ”کُهوما
گَهني اَن دَاتَا پگَان لاَگُون“ جا لفظ ادا ڪيا
وڃن ٿا. ان کي ”مجرو“ ڀرڻ چيو وڃي ٿو.
لفظ ”مجرو“ جي معنيٰ ۽ مفهوم هن ريت آهي: ”اي
مون کي روزي ڏيڻ واري سرڪار! مان تُنهنجي چَرَن
۾ بار بار سر جهڪائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو
آهيان.“
”پگان لاگان“ يا ”پگ لاگون“ جا الفاظ سر جهڪائڻ
کان سواءِ به زبان سان ادا ڪيا ويندا آهن.
”مجرو“ جي تعظيمي لفظن جي لغوي معنيٰ تي به هڪ
نظر وجهندا هَلون.
کَهوما:
رڪوع جي صورت سر جهڪائي چند قدم اڳتي وڌڻ. گَهنِي:
گھڻو ۽ ڪيترائي ڀيرا. اَنُ:
رزق. دَاتا:
عطا ڪرڻ وارو. پگ:
چَرن، قدم. (جمع پَگَان). پگان
لاگان: اسين پيرن تي ڪِرون ٿا، (قدم بوسي). مهاراج:
وڏي سرڪار يا مندر جو مها پوڄاري.
سنڌي مسلم سماج جو قيام:
ورهاڱي کان پوءِ رياستن ۾ قديم روايتون ختم ٿي
ويون، جنهن جي اثر کان ”سنڌي شهزادا“
”سنڌي سرڪار“ به ڪين بچي سگهيا. انهن ئي ڏينهن ۾
سنڌي سرڪار فتح محمد جِي به لاڏاڻو ڪري ويو.
جهڙي طرح جوڌپور ۾ آخري سنڌي شهزادو تاج محمد
خان وفات ڪري ويو. هي ٻئي ڪلهوڙا گادي نشين
لاولد فوت ٿيا ۽ سندن گاديون ختم ٿي ويون. جڏهن
ته ڪلهوڙا خاندان جا هزارين فرد انهن ٻنهي
رياستن ۾ اڄ به موجود آهن. ڪلهوڙن کان علاوه هنن
رياستن ۾ تقريباً ڏهه لک سنڌي مسلمان آباد آهن.
انهن کي ورهين جا ورهيه قبائلي امتيازي نشانن
سان ڪا دلچسپي ڪانه رهي، صرف سنڌي قوميت سندن
سڃاڻپ ٿي. اهڙي طرح ڪيترائي سال گذري ويا ۽ پر
هاڻ منجهن قبائلي احساس وڌندو نظر اچي ٿو.
اداري ”سنڌي مسلم سماج“ جوڌپور، سڀني سنڌي
مسلمانن کي متحد ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي آهي.
سيوانچي گيٽ جي علائقي ۾ سماج جي شاندار پختي
عمارت ٺهيل آهي. هن مسلم سماج 1980ع ۾ هڪ عظيم
الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ۾ فلاحي ڪمن جا
منصوبا بنايا ويا. انهن ۾ سياسي بيداري جو احساس
پيدا ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ وقتاً بوقتاً ايندڙ
سياسي بحران سان به دلچسپي رکي وڃي ٿي. جهڙيءَ
طرح اندرون پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن تي مخالف ۽
موافق ماڻهو نظر اچن ٿا، ان جي تائيد ۽ ترديد ۾
اُتي به ٻه گروپ ٺهي وڃن ٿا. اڳوڻي وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀُٽي جي موت جي سزا تي به اها
صورتحال هئي. جتي هزارين مسلمانن تعزيت جو اظهار
ڪيو، اتي سنڌي مسلمانن به اظهار غم ۽ فاتحه
خوانيءَ ۾ حصو ورتو. خاص ڪري ڀُٽي قبيلي وارن ٽي
ڏينهن سوڳ ۾ گذاريو.
ميواڙ ۾ سنڌين جا ڪيترائي ڳوٺ آهن. اڌيپور شهر
کان سواءِ سنڌين جي باني ميواڙ، ڪورکيه، سهاڙان،
رائيپور، راڄ نگر، پيپلي، سرون، چناؤڊا وغيره
سنڌي مسلم آبادي تي مشتمل آهن. جوڌپور ۾ باڙمير،
سمدڙي، بالوترا، پوکران، ڦلودي، ناگور ۽ پيپاڙ
جي آسپاس وارن ڳوٺن کان علاوه جيسلمير جي ڪيترن
علائقن ۾ سنڌي مسلم قوم سڪونت پذير آهي. هڪ
اندازي مطابق راجستان ۾ ڏهه لک سنڌي مسلمان آباد
آهن. سنه 1965ع واري جنگ ۾ حُر مجاهدن جي ڀارت
ڏانهن پيش قدمي انهن سنڌي مسلمانن جي مرهونِ منت
هئي. شهري ڪاروبار ۾ سنڌين جو نمايان حصو آهي،
جن جي اڪثريت سنگتراشي ۽ تعميراتي ڪاروبار ڪري
ٿي. ٺيڪيداري، ٽرانسپورٽ، پيٽرول پمپ، سئنيمائن
وغيره جهڙا منافع بخش ڪاروبار به انهن جي ئي حصي
۾ آيل هئا. مسلمانن جي مشترڪ حقن جي جدوجهد ۾
برابر جا شريڪ رهن ٿا. ماضيءَ ۾ جڏهن به هندو-
مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ته سنڌي مسلمان هميشه مسلم
عوام لاءِ سهارو بنيا رهيا ۽ جلسن ۽ جلوسن جي
قيادت ۾ نمايان نظر ايندا هئا. هِن وقت
اسيمبليءَ ۾ عام مسلمانن جي ترجماني احمد خان
سنڌيءَ جي حصي ۾ آيل آهي.
سلسلهء عقيدت جا ٻه جداجدا طبقا:
سلسلهء عقيدت جي لحاظ کان سنڌي قوم ٻن طبقن ۾
ورهايل آهي، هڪ طبقي جي اڪثريت پير سائين پڳ
ڌڻيءَ سان وابسته آهي ۽ ٻيو طبقو سنڌي ۽ غير
سنڌي مسلمانن تي مشتمل آهي. ان جي عقيدت جو
سلسلو سيد صبغت الله شاهه (اول) سان وابسته آهي.
هنن جي خيال ۾ اهو سچو مجاهد ۽ روحاني پيشوا هو،
تنهنڪري پير آزاد جهنڊي واري کي حقيقي جانشين
سمجهن ٿا. اهو عقيدت ۽ محبت جو داخلي مسئلو آهي.
بهرحال ٻنهي حلقهء عقيدت جا ماڻهو خاندان راشديه
جي هر جاء نشين کي تڪريم ۽ عزت جي نگاهه سان
ڏسندا آهن.
عظيم المرتبت شخصيت حاجي سليمان سنڌي:
ڪلهوڙا انقلاب جي زماني ۾ انصاري قبيلي جا ماڻهو
به مارواڙ لڏي ويا هئا. جن ۾ اڳتي هلي هڪ شخص
سليمان سنڌي انصاري نمايان طور ظاهر ٿيو. هن
پنهنجي سنڌي قوم جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي
وقف ڪري ڇڏيو. سنه 1854ع ۾ هو مارواڙ کان حجاز
مقدس پهتو ۽ اتي وڃي تحريڪ اصلاح ۽ جهاد جي
رڪنيت اختيار ڪيائين. حج کان موٽڻ بعد هن اهو
فيصلو ڪيو، ته آءٌ پنهنجي قوم کي، جيڪا وطن ڇڏڻ
کان پوءِ هندواڻا طور طريقا اختيار ڪري چڪي آهي،
اسلامي تعليم ڏي راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پوءِ
هن سماج سڌارڪ، انهيءَ تحريڪ جو بنياد رکيو.
شروعات ۾ هن جي سامهون سندس سنڌي قوم هئي، پر
پرچار دوران ان تحريڪ جو دائرو وڌندو ويو ۽ سنڌي
۽ غير سنڌي سڀ ئي ان سان مخاطب ٿيا. وطن ڇڏڻ کان
پوءِ سنڌي برادريءَ هندواڻيون رسمون اختيار ڪري
ورتيون هيون ۽ هندو تهذيب روز به روز انهن تي
غلبو حاصل ڪري رهي هئي. ان طرز معاشرت ۾ هو
راجپوتن کان به چند قدم اڳتي وڌي ويا.
انهن حالتن ۾ سليمان سنڌيءَ جي نالي سان هڪ
انقلابي شخصيت جو ظهور ٿيو جيڪو عملي زندگيءَ جي
مجسم تصوير، حُسن اخلاق جو اعليٰ نمونو، عشق
الٰهي سان سرشار، سنتِ رسول صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جو دلداده ۽ ڪسب حلال سان گذران ڪرڻ وارو
مَڪه شريف کان مارواڙ پهتو. جنهن کي ان دور جي
مبلغ اسلام و محدث قاضي سليمان جوناڳڙهي کان شرف
تلمذي حاصل ٿيو.
الغرض هن شخص پنهنجي پير ۽ مرشد جي هدايت موجب
”سماج سڌار تحريڪ“ جو بنياد رکيو. جنهن جي نتيجي
۾ راجپوتن جو مشهور رئيس اعظم محمد يٰسين گزدر ۽
ٻين مختلف سماجي برادرين سرپنچن هن اصلاحي تحريڪ
۾ شموليت اختيار ڪئي.
سليمان سنڌي جي سرڪردگيءَ ۾ هي ننڍڙو قافلو بي
سر و ساماني جي حالت ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. سماج ۾
انقلاب آڻڻ لاءِ ڪيترين تڪليفن کي منهن ڏيڻو
پيو. شروع ۾ ته سنڌي قوم سليمان سان تعلقات ختم
ڪري ڇڏيا ۽ هن جي خلاف احتجاج طور سندس بوتو
ٺاهي سنڌي علائقن ۾ گھمايو ويو. ان هنگامي
صورتحال ۾ سليمان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو.
پر تمام جلد راجپوت سردار يٰسين گزدر سندس
مددگار بنجي ميدان ۾ آيو ۽ اهو شخص انهن تڪليفن
۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
محمد يٰسين گزدر رياست ۾ وزير تعميرات ۽ مهاراجا
جي مُشير خاص جي عهدي تي فائز هو. هن سماج سڌار
جو پهريون پيغام ڏيڻ لاءِ قلعه ”مهراڻ ڳڙهه“ جي
اسيمبلي هال ”ڦول محل“ جو انتخاب ڪيو. مهاراجا ۽
نورتن واري ڪائونسل جي سامهون ”تَرڪ مجرو“ جو
عملي طور مظاهرو ڪيو ويو. ان نشست ۾ سرڪاري
مراعتون جيڪا ”مجرو مراعت“ سڏبي هئي، جنهن ۾
جاگير، تعظيم دار، سونا نويس (گولڊ مين) جا
اعزاز شامل هئا، اِهو چئي ٺڪرايا ويا ته ”مجرو“
رسم تڪريم انسانيت جي خلاف آهي.
هاڻي هيءُ سر حقيقي اَنُ دَاتا رب العالمين جي
آڏو جھڪندو. هِن انقلابي نَعري کان پوءِ ٺاڪرن،
مفت خور پنڊتن ۽ پيشه ور پيرن، مجاورن جي دنيا ۾
ٿرٿلو مچي ويو، ان ڪري جو اِهي سڀ پنهنجي اَنُ
دَاتا کان ”مجرو“ وصول ڪندا هئا.
انهيءَ سماجي تحريڪ جي ڪري ڪجهه سالن جي آزمائشي
مرحلن کان پوءِ مسلمانن ۾ اسلام جي عظمت جو
احساس بتدريج بازياب ٿيڻ لڳو ۽ ماڻهو خُرافاتي
رسمن کان نفرت ڪرڻ لڳا.
الغرض سماجي اصلاح، سياسي بيداري، غيرت ۽ خوداري
جي جيڪا مشعل حاجي سليمان سنڌي ۽ سندس شاگردن
روشن ڪئي، اُها ايندڙ زماني به رهنمائي ڪندي
رهندي. سليمان سنڌي جي عمل جو دائرو راجستان کان
ٻاهر تائين پکڙيل هو. سرحد پار واري آزاديءَ جي
مجاهدي سان سِڌو سنئون تعلق رهيو ۽ مجاهدن کي
مالي مدد سندس ئي وسيلي سان پهچندي رهندي هئي.
سليمان سنڌي انگريزن جي مشهور باغي
اميرالمجاهدين مولوي عنايت علي جي دستِ حق پرست
تي بيعت ٿيل هو. انهيءَ ڪري سليمان سنڌي جهاد جي
تبليغ ۽ تدريس تي زور ڏيندو رهيو ۽ اِهو سندس
تربيت جو نتيجو هو، جو سندس ڪيترن ئي شاگردن
آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو ورتو. سليمان سنڌي جدا جدا
قوميت جو قائل نه هو، پر سنڌي قوم جي اڪثريت
سندس دعوت تي لبيڪ چئي سندس ساٿ ڏنو. پاڻ سنه
1872ع ۾ وفات ڪئي ۽ ”گلشن اسلاف“۾ هن مجاهد جو
مزار موجود آهي. سندس تربت جي ڀرسان ٻه ترڪي
جرنيل شهيدن جا مقبرا آهن ۽ چند قدمن تي جنگ
آزاديءَ جي مشهور هيري جرنيل محمد بخت خان جي
آخري آرامگاهه آهي.
گلشن اسلاف تیرے مکینوں کو سلام!
حاجي سليمان سنڌي جي ذات گرامي نه رڳو سنڌين
لاءِ باعث فخر آهي، پر سالار قافله مجاهدين جي
اعزاز جي ڪري دنياء مجاهدين اسلام جي صد هزار
سلامن جو به مستحق آهي.
شورشِ عَندلِیب نے روح چمن میں پھونک دی
ورنہ یہاں کی کلی کلی مَست تھی خوابِ ناز میں۔
راجستان ۾ آباد سنڌي قبيلا:
راجستان ۾ هيٺ ڄاڻايل مسلمان سنڌي قبيلا آباد
آهن:
قبيلو |
تعداد |
قبيلو |
تعداد |
ڪلهوڙا |
30 هزار |
متوجتو |
10 هزار |
ڀُٽا |
45 هزار |
سومرا |
10 هزار |
ڪله |
55 هزار |
ڀاٽي (ڀٽي) |
25 هزار |
منگي |
48 هزار |
هڱورجا |
30 هزار |
مهر |
50 هزار |
آريسر |
50 هزار |
جوڻيجا |
30 هزار |
سما |
20 هزار |
سهتا |
20 هزار |
سميجا |
25 هزار |
راڄڙ |
40 هزار |
ساند |
20 هزار |
ڀَيا |
35 هزار |
حجام |
15 هزار |
انصاري |
25 هزار |
درس |
10 هزار |
متوجا |
30 هزار |
راهمون |
20 هزار |
ڇڇر |
20 هزار |
هاليپوٽا |
10 هزار |