مرزا ڪاظم رضا بيگ
غزل
سڪون دل کي ملي پيار جي تنوار هجي،
خدا ڪري ته نئون سال خوشگوار هجي.
وجود منهنجو هجي ۽ ديارِ يار هجي،
ديارِ يار سان ناتو هي برقرار هجي.
نصيب گل ٿي اهو جنهن سان گڏ نه خار هجي،
الهي پهلو ۾ ائين منهنجي گلذار هجي.
خزان جي هوندي به هڪ عالم بهار هجي،
سندم هي داغ، جگر رشڪ لاله زار هجي.
غم فِراق کان انسان نه دل فگار هجي،
قرار جي ٿي هي صورت ته بيقرار هجي.
نظر نظر هتي بيتاب و بيقرار هجي،
مذاق حسن گلن مان ئي آشڪار هجي.
ڪڏهن نه مون تي گرانبار انتظار هجي،
نظر هميشه شريڪ جمال يار هجي.
اچي بهار نشيمن ڦِٽي وڃي منهنجو،
چمن ۾ اهڙو خدايا نه انتشار هجي.
نشست منهنجي هجي ساقيءَ حسين سان گڏ،
سندم حبيب جو بازو گلي جو هار هجي.
ڀري ڏي اهڙي طرح جام جام ساقي اڄ،
حساب منهنجي پيئڻ جو نه ڪو شمار هجي.
نه بد شڪار سان پنهنجي لڳي طبيعت ٿي،
کڻي رقيب هجي ته به نڪو شڪار هجي.
اها ئي آرزو بس منهنجي دل جي ڪاظم ٿي،
نظر جي آڏو هميشه نگاهه يار هجي
ياسين ڪنڀر
پيارا ماڻهو
آءُ هلي اَچُ، پيارا ماڻهو،
ڪاوڙ ڇڏ، دل وارا ماڻهو.
گورا ڀُورا، آهن ليڪن،
اندر جا ٿي، ڪارا ماڻهو.
ڏيکاريندا آهِنِ، ڪي، ڪي،
ڏينهن ڏٺي جو، تارا ماڻهو.
ڪا مورن ڏي، روز ڊڪن ٿا،
پيٽ بکيا، ويچارا ماڻهو.
ڪنهن لئه ڪي، ”ياسين“ ٿين ٿا،
جئيڻ جا، ته سهارا ماڻهو.
غزل
مون کي رب کان پوءِ، تنهنجو سهارو هو،
ڄڻ ته تنهنجو، پيار ڏنل اڌارو هو.
قدمن ۾ ويهي، گهري معافي هُيم،
ياد ڪر جاني، اونهارو هو.
تنهنجو قسم، تنهنجي نالي سان ئي،
مون کي سڃاڻيندو، لوڪ سارو هو.
توکي خوش رکي، نه سگهيس سُهڻي،
منهنجو گردش، ان وقت تارو هو.
مون کي چانهه جي به، صلاح نه ڪَيئه،
ائين سوچئي، ته ”ياسين“ اُڃارو هو.
نادرعلي شاهه فراق
غزل
بيوفا يار سان دل لڳائڻ، آهي عبث آهي عبث،
بيدرد کي قصو ٻڌائڻ آهي، عبث آهي عبث.
ابر ۾ رهندو سج لڪل ڪيترو ڀلا؟
حسن کي منجهه نقاب لڪائڻ، آهي عبث آهي عبث.
داغ جگر جا ڪيئن ڏيکاريان، غير کي ناصحا؟
واعدا وصل جا يار ڏيکارڻ، آهي عبث آهي عبث.
خليل توکي شل خدا رکي، آباد خان ڳڙهه ۾،
پرديس ۾ پيارا لڙڪ هارڻ، آهي عبث آهي عبث.
ڇا گذري شبِ فراق هتي فراق ٿي،
دل گهري دلدار کان دور گهارڻ، آهي عبث آهي عبث.
غزل
روئي ڏنم پنهنجو، مقدر ڏسي ڏسي،
لهندڙ سج جو منظر، ڏسي ڏسي.
ٽٽا خواب ڪيترا، نه پڇ مون کان؟
روڊ تي رڳو پٿر، ڏسي ڏسي.
سوچ ۾ آهن، هن دور جا جانور به،
آدمي کي اڄڪلهه ڪمتر، ڏسي ڏسي.
زندگي هڪ سفر آ، سوچ ذرا،
وڻ ڇانوَ ۾ مسافر، ڏسي ڏسي.
ٽوڙي ويٺا سهڻا، پراڻي دوستي،
نوٽن جا اڄ ڪاڳر، ڏسي ڏسي.
چؤسٽا
زندهه تنهنجي غم ۾ آهيان، مگر زندگي نه رهي،
مسجدي ۾ ساري رات رهيم، مگر بندگي نه رهي،
جلوو ڏيکاري نه خوابن ۾، اگر فراق کي نه رهي،
ديدار تنهنجو ڪيان، ۽ بي پردگي نه رهي.
غزل
سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو جيڪي تنهنجي نظر ۾ آ،
اڃا مذڪور منهنجي دل جي خبر ۾ آ.
شوخي هٽي شايد ڪنهن معصوم جي،
اٽڪيل اڃا جو پٿر ان شجر ۾ آ.
چميا پير منهنجا زمين ليڪن؟
منهنجو ڌيان اڃا ته سفر ۾ آ.
ڇا غم ڪنهن جي غم ۾ رئندو رهان،
اهڙو اشڪ تنهنجي چشم تر ۾ آ.
توکي خبر آ تنهنجي فرقت ۾ مٺا،
ماندو مُحب بيٺو ڪو ره گذر ۾ آ.
پيارا تنهنجو پيار مون نادان تي،
ڪيان ڇو نه شڪر يار ٿيو مهربان آ.
ڪرڻ پيار پيارا هر ڪنهن سان،
زيب توکي ناهي، ته تنهنجو شان آ.
گوهر سنڌي
سچل سارو سچ (نظم)
سچل سارو سچ او ميان،
ڪوڙ نه ڪوئي ڪچ او ميان.
دولهه درازن جو دلدار،
محبت سندو آ مُهندار.
فرقن جي ديوار کي ڊاهي،
سڀ کي ويو سچ ٻڌائي
حق سچ جا آهن هوڪارا،
چئو طرف کان لڳا نعرا.
هفت زبان هي شاعر آهي،
عظمت هن مان ظاهر آهي.
صوفي سچو آهي سچار،
ويو پياري اناالحق جام.
سچل يار سڏائي ڪير؟
رمزون هن جون ڀُلائي ڪير؟
منصوري آ، آواز هن جو،
سنڌ سڄيءَ ۾ فياض هن جو.
رند پروڙين رازڪي، ڪي،
دليون جوڙن ساز ڪي، ڪي.
وحدت ڪثرت هڪ ئي آهه،
محبت عظمت هڪ ئي آهه.
حق موجود، سدا موجود،
سنڌ موجود، سچ موجود.
گوهر ”سنڌي“ سچوءَ جو پيغام،
ساري جڳ ۾ ٿي ويو عام.
سچل سارو سچ او ميان،
ڪوڙ نه ڪوئي ڪچ اوميان.
سنڌ منهنجي امان
سونهن ساوڪ واري سنڌڙي،
مست هجي هِيءَ پياري سنڌڙي،
خوش ڏسان مان ساري سنڌڙي،
سنڌي سڀ هت شاد هجن،
سانگيئڙا آباد هجن،
ساهه سنڌ تان گهوري ڇڏيان،
جند جان تنهن تان واري ڇڏيان،
وستيون سڀ آباد ڏسان،
ماٺ مان جيجل ڪيئن سمهان،
شال توکي امان، مان قبول پوان،
سنڌ منهنجي امان، سنڌ منهنجي امان.
ديس ۾ نه نفرت ڪائي هجي،
محبتون هت هجن ۽ نه ٻيائي هجي،
هتڙي هرڪو جيئي دلربائي هجي،
ديس سارو اَمان، هي مِٺائي هجي،
نه نفرتون هت هجن نه لُچائي هجي،
پيار وسندو رهي ۽ سچائي هجي،
اهڙا لمحا اَمان، روز ڏسندو رهان،
تنهنجو نالو سدائين وٺندو رهان،
شعر توتي اَمان، روز لکندو رهان،
تو لئه جيئندو رهان، تولاءِ مران،
سنڌ منهنجي اَمان، سنڌ منهنجي امان.
دنيا وارا سچ چون ٿا،
سنڌين جي تاريخ مڃن ٿا،
اهڃاڻ آهي ثقافت سنڌ جي،
ٽوپي، اجرڪ شناخت سنڌ جي،
سوسي، پٽڪو چاهت سنڌ جي،
اها ئي آهي حقيقت سنڌ جي،
شاعر، اديب سالڪ سنڌ ۾،
ايجادن جا مالڪ سنڌ ۾،
مذهبن جي ٿو ماءُ مڃان،
سرِ عام ٿو هيئن چوان،
سنڌ منهنجي امان، سنڌ منهنجي امان.
ڌارين جا ڪيئي سُور سَٺا،
پنهنجن ڏنا ڪيئي گَهٽا،
توکي نه سگهندو مِٽائي ڪوئي،
توجهڙو نه آهي ڪوئي،
صوفين، ڀٽائيءَ جي سنڌڙي،
”گوهر“ سَنائيءَ جي سنڌڙي،
شاهه ساميءَ سچل جهڙا،
تنهنجا ٻچڙا جيجل اهڙا،
هوشو، دودو، دريا خان،
تاريخ تنهنجي پيو ورجايان،
سنڌ منهنجي امان، سنڌ منهنجي امان،
سنڌ منهنجي امان، سنڌ منهنجي امان.
وائي
لڳي يار مون کي وري تات تنهنجي،
رهي ٿي من ۾، درد ڀري دل ۾.
هوا جي سَرِ سَرِ ۾، منڇر ۽ ڪينجهر ۾،
جرٿر، جهنگ جهر، وائي وات تنهنجي،
رهي ٿي من ۾، درد ڀري دل ۾.
ڳيرن جي گهُوگهُو ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾،
پکين جي لبن تي هئي لات تنهنجي،
رهي ٿي من ۾، درد ڀري دل ۾.
تنهنجي اچڻ تي وري موٽي وڃڻ تي،
لکيم جا ڪَوتا هئي ڏات تنهنجي،
رهي ٿي من ۾، درد ڀري دل ۾.
وئي ننڊ اُڏري ويو هوش وسري،
”گوهر سنڌيءَ“ لکي هئي بات تنهنجي،
رهي ٿي من ۾، درد ڀري دل ۾.
قادر سيال جُهڏائي
غزل
شام شفق ۾ تنهنجو چهرو وڻندو آ،
ڄڻ ته ندي تي چنڊ جو پاڇو وڻندو آ.
رات انڌيري تنهنجون يادون ۽ سوچون،
تنهن پل تنهنجو سهڻو سپنو وڻندو آ.
ننڊ اکين مان پنڇي وانگي اڏري وئي،
پوءِ به اماڻيل جاڳ ۽ ڳوڙهو وڻندو آ.
هيل به سانوڻ منجهه ملڻ مون چاهيو ٿي،
ڇو ته اوهان جي من جو ڪاڇو وڻندو آ.
تنهائي ۾ پنهنجي گهر کي جانچيندي،
پيارا تنهنجو هر گلدستو وڻندو آ.
هُن سرتين سان ڳالهه ڪئي پئي محفل ۾،
ڳوٺ جو هڪڙو ”قادر“ سهڻو وڻندو آ.
غزل
درد جي هيراڪ دل،
آ منهنجي رولاڪ دل.
هو رکي ٿي پاڻ وٽ،
ڪيتري چالاڪ دل.
هي ڏکن جو سلسلو،
۽ منهنجي بي باڪ دل.
تنهنجي آ تصوير بس،
تون ڪري ڏس چاڪ دل.
چاهتن جو اڄ وري،
پئي گُهري پوشاڪ دل. |