سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:2

ضياء الدين اصلاحي

 

 

 

 

سنڌيڪار: ڊاڪٽر نواز علي شوق

هند ۽ سنڌ- عربن جي نظر ۾

] ڪتاب  ہندستان عربوں کی نظر میں  جو مؤلف ۽ مترجم مولوي ضياء الدين اصلاحي آهي. هيءُ ڪتاب، ٻن جلدن تي مشتمل آهي. پهرئين جلد ۾ جاحظ، ابن خردازبہ، سليمان تاجر، ابو زيد حسن سيراقي، بلاذري، يعقوبي، ابن فقيھ همداني، ابن رسته، بزرگ بن شهريار، مسعودي، مطهر بن طاهر مقدسي، اصطخري، بشاري مقدسيءَ جا بيان شامل آهن ۽ انهن جي ترتيب سنه وار رکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ پهريائين عرب سيلانيءَ جو مختصر تعارف، ان کان پوءِ هر صفحي تي ٻه ڪالم آيل آهن. ساڄي پاسي واري ڪالم تي اصل عربي متن ۽ ان جي کاٻي پاسي واري ڪالم ۾ ان جو اردو ترجمو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو اصل عنوان ہندستان عربوں کی نظر میں آهي، پر هن ۾ سنڌ جو  تمام قيمتي احوال قلمبند آهي، تنهنڪري ترجمي ۾ ان جو عنوان ’هند ۽ سنڌ- عربن جي نظر ۾‘ رکيو ويو آهي.[

جاحظ (المتوفي: 255هه/بمطابق 864هه):

جاحظ جو نالو عمر پٽ بحر پٽ محبوب ڪنيت ابو عثمان، لقب جاحظ ۽ وطن بصرو هو. عربي زبان جو مشهور ۽ بي مثال انشا پرداز، صاحبِ طرز اديب ۽ فلسفي هو. هو شڪل صورت جو ٺاهوڪو نه هو، پر ذهانت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. تحرير توڙي تقرير ۾ لاجواب هو. مسعوديءَ جو بيان آهي، ته پهرين توڙي پوين ماڻهن ۾ جاحظ کان وڏو ڪو فصيح اديب ڪونه پيدا ٿيو. ابوهفان جو چوڻ آهي ته: کانئس وڌيڪ علم ۽ فن جو عاشق مون نه ڏٺو، نه سڻيو.

جاحظ ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڪتابن جو مصنف هو. عباسي دورِ حڪومت ۾ اديبن ۽ انشاپردازن جو اڳواڻ ڄاتو ويندو هو. سندس مشهور ڪتابن ۾، البيان والتبيين، ڪتاب الحيوان، ڪتاب التاج ۽ ڪي رسالا وغيره آهن. ابن خلدون سندس ڪتاب ”البيان والتبيين“ بابت لکيو آهي ته: ”اسان جي درسگاهن جا استاد، ان کي ادب جي فن جي چئن اهم ڪتابن ۾ ڳڻيندا هئا. بصري جو رهاڪو هئڻ سبب هندستان سان به ان جا لاڳاپا هئا. اهوئي سبب آهي جو البيان والتبيين ۾ هن هندستان جي اصول بلاغت بابت ڪجهه سٽون لکيون ۽ هڪ رسالي ۾ هندوستان جي ڪن خوبين ۽ خصوصيتن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. اهي ڪتاب مصر مان شايع ٿي چڪا آهن. پڇاڙي ۾ فالج جي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ سنه 255هه مطابق 864ع وفات ڪري ويو. ان حوالي سان هُو عربيءَ جو سڀ کان جهونو مصنف آهي. جنهن پنهنجي تصنيفن ۾ هندستان جو ذڪر ڪيو آهي.

ڪتاب البيان والتبيين:

ابوالاشعث جو بيان آهي ته بهلي(1) کي، جڏهن يحييٰ بن خالد برمڪي(1) هندستان جي ڪن ويدن ۽ پنڊتن مڻڪي، بازيگر، قلبرقل ۽ سندباد وغيره سان گڏ (بغداد) گهرايو هو ته کانئس پڇيائين ته: ”هندستانين وٽ بلاغت جو ڇا مفهوم آهي.“ بهلي جواب ڏنو ته: هن موضوع تي مون وٽ هڪ رسالو موجود آهي، پر آءٌ ان جو سهڻو ترجمو نٿو ڪري سگهان ۽ خود مون کي ان فن ۾ اهڙي مهارت حاصل ڪانه آهي، اعتماد سان ان جون خصوصيتون، معنائون ۽ اهم نُڪتا بيان ڪري سگهان.

ابوالاشعث جو چوڻ آهي، ته هو اهو رسالو کڻي ترجمو ڪرڻ وارن سان مليو. ان ۾ لکيل هو ته: بلاغت جو پهريون شرط هيءُ آهي، ته سڀ ذريعا ۽ وسيلا موجود هجن. ان جو تفصيل هيءُ آهي ته: خطيب ۽ مقرر جي دل مضبوط هجي، سندس سمورن عضون ۾ سڪون هجي، اکيون نه ڇنڀيندو هجي، سندس لفظ چيده ۽ چونڊ هجن. قوم جي سردار سان عوامي انداز ۾، ۽ بادشاهه سان بازاري انداز ۾ گفتگو نه ڪري. ان ۾ هيءَ خوبي هئڻ گهرجي ته هر قسم جي ماڻهن سان سندن حيثيت موجب گفتگو ڪري سگهندو هجي ۽ لفظن ۽ معنائن ۾ تمام گهڻي ٺاهه ٺوهه کان ڪم نه وٺندو هجي، ۽ هيءَ خصوصيت ڪنهن حڪيم ۽ ڏاهي (پنڊت) يا ڪنهن ڄاڻو فلسفي جي صحبت کان سواءِ پيدا ٿِي نه ٿي سگهي.

رساله فخرالسودان علي البيضان:

هندستان جي رهاڪن کي اسان علمِ نجوم ۽ علم حسابن ۾ گهڻو اڳتي ڏٺو. (وڏا ماهر هئا) انهن جو هڪ خاص هندي خط آهي ۽ طب ۾ به انهن جو درجو مٿاهون آهي. انهن جي طب جا خاص راز آهن ۽ خاص طور وڏين وڏين بيمارين جون هنن وٽ دوائون موجود آهن. مجسما ٺاهڻ، رنگين تصويرون جيڪي محرابن ۽ ان قسم جي خاص ٻين شين ۾ نظر اچن ٿيون، سندن خاص فن ۽ آرٽ آهي. شطرنج(2) انهن جي ئي ايجاد آهي، جيڪا عقل ۽ ڏاهپ واري راند آهي. سندن تراريون عمديون آهن ۽ کين ترار هڻڻ واري راند ۾ ڏاڍي دلچسپي آهي. هو ترار هلائڻ ۾ ماهر آهن. سندن منڊ منتر سان، زهر جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ مريض جو سور پڻ لهي وڃي ٿو. سندن موسيقي دلڪش آهي. سندن هڪ ساز جو نالو ڪلنڪلو (يڪتارو؟) آهي. هيءُ ڪدو جي هڪ تار جو هوندو آهي، جيڪو اڪيلو ستار جي تارن ۽ جهانجهن جو ڪم ڏئي ٿو، وٽن ڌار ڌار قسمن جا ناچ رائج آهن…

هنن جو هڪ خاص خط آهي، جنهن ۾ لغات جا سڀ حرف اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه مختلف قسم جا خط آهن، وٽن شاعري ۽ تقريرن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. وٽن طب، فلسفي ۽ ادب جا فن آهن. انهن مان ئي ’ڪليله و دمن‘(3) تيار ڪيو ويو آهي. هندستان ۾ سهڻي راءِ، بهادري پڻ آهي، منجهن جيڪي خوبيون ۽ خصوصيتون موجود آهن، سي چينين وٽ نظر نه ٿيون اچن. ڏند کوٽڻ، ڏندڻ ڏيڻ، اوڪڙو وهڻ، سينڌ ڪڍڻ ۽ خضاب لڳائڻ وغيره سندن پسنديده عادتون آهن. سونهن سوڀيا، سهڻو قد ۽ هار سينگار سندن خاص نشانيون آهن. انهن خوبين ۾ سندن عورتن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سندن ئي ملڪ مان عود، هندي(4) بادشاهن وٽ ايندو آهي، جنهن جو ڪو مثال ڪونهي. هندستان فڪر و نظر جو سرچشمو آهي، اتان جي ماڻهن جي منڊ منتر سان زهر جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. علمِ نجوم ۽ حسابن جا ايجاد ڪندڙ آهن. ٻين ماڻهن خاص طور اهو علم انهن وٽان ئي حاصل ڪيو آهي ۽ جڏهن حضرت آدم عليہ السلام جنت مان لاٿو ويو، ته انهن جي ئي ملڪ ۾ لٿو(5). ماڻهن جو چوڻ آهي ته حبشين جي ڀيٽ ۾ سندن اخلاق سهڻا ۽ آواز سريلو آهي. اها شيءِ اوهان کي سنڌ جي ٻانهين ۽ ٻين عورتن ۾ پڻ ملندي، ۽ اتان جي ماڻهن ۾ هڪ هيءَ خوبي پڻ آهي ته سنڌي غلام، ماهر راڌا آهن، انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو راڌو نه ٿو ملي سگهي. کين قدرتي طور کاڌي پچائڻ جو شوق هوندو آهي. هندستانين لاءِ اها ڳالهه پڻ فخر جو سبب آهي ته سونارا ۽ ٻيا مال ملڪيت وارا، ڏوڪڙن سان ڀريل پنهنجون ڳوٿريون ۽ خزانو، فقط سنڌين ۽ سندن اولاد جي ئي حوالي ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو سنڌين کي سڀ کان وڌيڪ سون جي ڪاروبار ۾ ماهر، قابلِ اطمينان ۽ ايماندار سمجهندا آهن. روم ۽ خراسان وارن کي ڪوبه پنهنجي خزاني جون ڪنجيون ڪونه ڏيندو آهي. ماڻهو برڪت خاطر پڻ سنڌين کي خازن بڻائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته بصري ۽ بر ڀارات جي بندر وارن جڏهن ڏٺو ته فرج ابو روح سنڌي پنهنجي مالڪ لاءِ وڏي دولت ۽ جائداد گڏ ڪئي آهي (ڪمائي آهي)، ته هر شخص سنڌي غلام خريد ڪرڻ جو خواهشمند بڻجي ويو.

حاشيا، حوالا ۽ واڌارا:

(1) برامڪه جي تاريخ تي اردو زبان ۾ هڪ مستقل ڪتاب موجود آهي. هتي ايتريقدر وضاحت ضروري معلوم ٿئي ٿي ته بغداد جي عباسي سلطنت ۾ پنجاهه سالن تائين هن خاندان نهايت نيڪ نامي، قابليت ۽ سهڻي انتظام سان وزارت ڪئي ۽ عرب وهند جا علمي تعلقات هن ئي گهراڻي جي ڪوششن سان وجود ۾ آيا.

يحييٰ بن خالد برمڪي، خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ وزير هو. هن جن ماڻهن کي هندستان گهرايو هو. سي سڀ مشهور ويد(ويڄ)، پنڊت ۽ ناميارا طبيب هئا.

(2) شطرنج بابت ايرانين ۽ ڪن ٻين قومن جي دعويٰ آهي ته اها سندن ايجاد آهي، پر اهو غلط آهي. ٻي صدي هجري ۾ عباسي سلطنت جي زماني ۾ هيءَ راند، عرب ۾ پهچي چڪي هئي. هيءَ عقل ۽ اٽڪل جي بهترين راند فقط راند نه آهي، پر ان ۾ هيءُ فلسفو موجود آهي ته دنيا ۾ جو ڪجهه آهي، سو انسان جي ذاتي ڪوششن، سندس دل ۽ دماغ جي سوچ ويچار جو نتيجو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ چوسر هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته انسان مجبور آهي ۽ آسمان ۽ تارن جون گردشون جو ڪجهه چاهين ٿيون، سو کانئس ڪرائين ٿيون. دنيا جي ميدان ۾ ڪوبه قدم سندس ارادي ۽ نيت سان نه ٿو کڄي، پر ڪو ٻيو آهي، جيڪو کانئس زوريءَ اهو قدم کڻائي ٿو.

در دست ديگري است سپيد و سياه ما

عرب و ہند کے تعلقات- ص 182

(3) هيءُ مشهور ڪتاب، ويد يا پنڊت راجا 
دا بشليم لاءِ سنسڪرت ۾ لکيو هو. ان جو پهريون فارسي پوءِ عربي زبان ۾ ترجمو ٿيو.

’ڪليلہ و دمنہ‘ جا ٽي نسخا اردو زبان ۾ موجود آهن خرد افروز، بستان حڪمت ۽ اخلاق هندي، پر اصل سنسڪرت ماخذ جون پڻ ٽي روايتون موجود آهن.

پنج تنتر- هتو پديش ۽ ڪٿا سرت ساگر. ڪليلہ و دمنہ جي قديم ترين روايت پنچ تنتر آهي. هتو پديش بعد جي روايت آهي، جيڪو نارائڻ ڀٽ لکيو. ان ۾ ڪي آکاڻيون پنج تنتر تان ورتل آهن، ته ڪي وري ڪنهن ٻئي نامعلوم ڪتاب تان کنيل آهن. غالباً ان ۾ ڪا مند ڪيانتي تان پڻ ڪجهه ڪهاڻيون کنيون ويون آهن. ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو Fr.Johson ڪيو ۽ جرمن زبان ۾ ان جو ترجمو ميڪس ملر (لپزڪ 1844ع) ڪيو. فارسي ۾ هتو پديش جا ٻه ترجما ٿيا آهن. هڪ نگار دانش جي نالي سان ۽ ٻيو ’مفرح القلوب‘ جي نالي سان ’مفرح القلوب‘ جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.

(4) عود هندستان جي خاص پيداوار آهي ۽ ٽراونڪور (مدراس) ڪارومنڊل ۽ مالديپ ۽ سرانديپ ٻيٽن ۾ گهڻو ٿئي ٿو.

(5) حضرت آدم عليه السلام جنت مان ڪهڙي جڳهه تي آيو، ان بابت مختلف روايتون آهن، مشهور اهوئي آهي ته هو لنڪا ۾ لٿو هو.

خردازبه:

ابنِ خردازبه جو نالو عبيدالله، ڪنيت ابوالقاسم، والد جو نالو عبدالله، ڏاڏي جو احمد ۽ پڙڏاڏي جو خردازبه هو. اصل خراسان جو ويٺل هو، پر سندس رهائش بغداد ۾ هئي. سندس پڙڏاڏو خردازبه مجوسي هو جيڪو برمڪين جي ذريعي مسلمان ٿيو. هو عباسي خليفي معتمد جي زماني ۾ ٽپال ۽ ڳُجهين خبرن ڏيڻ واري کاتي جو آفيسر هو، ۽ سندس خاص يارن دوستن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، پر انهن مڙني ۾ مشهور ۽ شايع ٿيل المسالڪ والسالڪ آهي. جيڪو عربي زبان ۾ جاگرافيءَ جو پهريون ڪتاب آهي. هن ۾ هندستان بابت ڪجهه ذڪر ملي ٿو ۽ مطبع بريل ليڊن مان 1889ع ۾ ڊي غوجي (Degoeje) اهو فرينچ ترجمي سان شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ بغداد کان مختلف ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ جي رستن، پنڌن پيچرن ۽ مفاصلن کان سواءِ ٻي تاريخي معلومات پڻ ڏنل آهي. ان کان علاوه هندستان جي خشڪي ۽ سامونڊي رستن ۽ مختلف ذاتين جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.

ابنِ خردازبه توڙي جو هندستان ڪونه ويو هو، پر سندس عام معلومات جو بنياد بطليموس جي جاگرافي ۽ خاص معلومات جو دارومدار سندس کاتي جي سرڪاري اطلاعات تي آهي ۽ سندس عهدي سبب اڪثر واپارين ۽ مسافرن سان سندس ملاقاتيون ٿينديون رهنديون هيون. تنهنڪري سندس اها ذاتي معلومات، هڪ هندستاني سيلاني کان گهٽ درجي جي نه آهي. ابن خردازبه اها ذاتي معلومات ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري لکي. سندس ولادت 211هه مطابق 829ع ۾ ٿي ۽ سنه 300 هجري بمطابق سنه 912ع ڌاري وفات ڪري ويو.

المسالڪ والمسالڪ:

هندستان جو سڀ کان وڏو راجا (مهاراجا) بهل راءِ(1) آهي. هتان جي راجائن ۾ جابه(2)، طافن(3)، جزر(4)، غابه(5)، رهمي(6)، ۽ قامرون(7) راجا آهن. فهرج(8) کان مڪران(9) جي علائقي طاهران(10) جو مفاصلو 30 ميل، پوءِ باسورنجان(11) شهر خرون کان 42 ميل، پوءِ وستي يحييٰ بن عمرو جو 30 ميل پوءِ هزاره جو 30 ميل. پوءِ مور جو 30 ميل، پوءِ بوساره جو 27 ميل، پوءِ درڪ بامويه جو 27 ميل، پوءِ تجين جو 30 ميل، پوءِ تجين(12) کان بلوچن جي شاهراهه(13) جو 30 ميل، پوءِ لوڻ واري جبل جو 18 ميل پوءِ سراءِ ظف جو 12 ميل، پوءِ قنزپور(14) جو 9 ميل، پوءِ حليس جيڪو قندابيل(15) جي رستي تي هڪ رڻ پٽ آهي، 60 ميل، پوءِ سراءِ واران جو 20 ميل، پوءِ حبشيه جو 30 ميل، پوءِ قصدار(16) جو 30 ميل ۽ قصدار کان جور تائين 120 ميل، پوءِ سروشان جو 120 ميل، پوءِ وستي سليمان بن سميع جو 84 ميل ۽ وستي سليمان خراسان کان سنڌ ۽ هند وڃڻ وارن جو بندر آهي. وستي سليمان کان منصوره(17) جو مفاصلو 240 ميل آهي. اهڙي ريت ڄڻ مڪران جي ابتدائي سرحد کان منصوره 1074 ميل پري آهي، ۽ هيءَ سڙڪ جتن جي ملڪ مان لنگهي ٿي ۽ جت قوم جا ماڻهو رستي ۾ امن و امان جا محافظ ۽ ذميدار هوندا آهن.

سجستان جي شهر زانج کان ملتان(18) ٻن مهينن جو پنڌ آهي ۽ ملتان کي ”سونهري سرحد“
سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته حجاج جي ڀاءُ محمد بن يوسف هتي هڪ گهر ۾ 40 ڀارا سون لڌو هو ۽ هڪ ڀاري ۾ 333 مڻ هوندا آهن. انهيءَ سبب ملتان کي سونهري سرحد سڏيندا آهن، ان سون جي ذخيري جي تور 2397600 مثقال جيتري هئي.

سنڌ(19) جي شهرن ۾ قلات(20)، بنته(21)، مڪران، ميد(22)، قنڌار(23) بابت ابن مفرغ جو شهر آهي:

”قنڌار ۾ جنهن جو موت لکيل هجي، تنهن جي خبر نه ٿي ملي سگهي.“

قصدار، بوقان(24)، قندابيل، قنزپور، ارمائيل
(25)، ديبل قنبلي(27)،کنڀات(28)، سهيان، سدوسان (29)، راسڪ(30)،  رور(31)، ساوندري، ملتان، سندان (32)، منڊل(33)، ڀليمان(34)، سرست(35)، ڪيرج (36)، مرمد(37)، ڪالي(38)، دهنبج ۽ ڀروچ وغيره آهن ۽ عمران پٽ موسيٰ برمڪي سنڌ مان خرچ پکا پورا ڪرڻ کان پوءِ ڏهه لک درهم بيت المال موڪلڻ جي ضمانت ڏني هئي.

(بصري کان هندستان وڃڻ واري واٽ جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته:)... پوءِ ارمز کان شار هڪ هفتي  جو پنڌ آهي ۽ اهائي ايران ۽ سنڌ جي وچين سرحد آهي. شار کان ديبل اٺن ڏينهن جو سفر آهي ۽ ديبل کان ڇهن ڏينهن جي پنڌ تي سنڌو درياء جو ڇوڙ آهي. سنڌ مان ڪٽ، نيزا، بيد ۽ بانس وغيره ٻاهر موڪليو ويندا آهن.

سنڌو درياء کان اوتگين چئن ڏينهن جو سفر آهي. هتان کان هندستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي. سنڌ جي جابلو زمينن تي بيد ۽ نيزا ٿين ٿا ۽ هيٺاهين زمين تي پوکون ٿينديون آهن. هتان جا رهاڪو ارڏا، ڦورو ۽ ڌاڙيل قسم جا آهن. هتان کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ميد قوم جا ڌاڙيل رهن ٿا. اوتگين کان ڪولي(39) ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ڪولي کان سندان 54 ميلن تي واقع آهي. سندان ۾ ساڳ جا وڻ ۽ نيزا ٿيندا آهن. هتان کان ملي(40) پنجن ڏينهن جو پنڌ آهي. ملي ۾ مرچ ۽ نيزن جي پيداوار ٿيندي آهي. سامونڊي مسافرن جو چوڻ آهي ته مرچن جي هر لام تي هڪ پن هوندو آهي، جيڪو ان کي مينهن کان بچائيندو آهي. جڏهن مينهن بند ٿي ويندو آهي ته اهو (بچاء وارو) پن اتان پري ٿي ويندو آهي ۽ وري جڏهن مينهن پوندو آهي، ته اهو پن ان کي لڪائي ڇڏيندو آهي.

ملي کان بلين ۽ اتان کان لجة العظميٰ جو مفاصلو ٻه ڏينهن کن آهي. بلين کان سمنڊ جا رستا جدا ٿين ٿا ۽ جيڪي جهاز ڪناري سان هلن ٿا ته اُهي بلين کان پاپٽن ٻن ڏينهن ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ اهو ساريالو ملڪ آهي. ان تي لنڪا جي خوراڪ جو دارومدار آهي. پاپٽن کان سنجلي ۽ ڪشيڪان جو رستو هڪ ڏينهن جو آهي. هتي چانور ٿين ٿا. هتان کان گودا فريد(41) جو ڇوڙ 9 ميل آهي ۽ اتان کان ڪيلڪان، لوا،  ۽ ڪنجه(42) ٻن ڏينهن جو پنڌ آهي. انهن هنڌن تي ڪڻڪ ۽ چانور ٻئي ٿين ٿا. هتان کان سمنڊ ٽيهه ميل پري آهي. هتي چانور ٿين ٿا ۽ قامرون (آسام) وغيره مان عود، 15، 20 ڏينهن ۾ مٺي پاڻي سان گڏ ايندو آهي.

سمنڊ کان اورنچين 36 ميلن تي آهي. اورنچين هڪ وڏي سلطنت آهي. ان ۾ هاٿي، ڳئون، مينهون ۽ ٻيون گهڻيون ئي شيون ٿين ٿيون. راجا وڏي حيثيت وارو ۽ وڏي مان مرتبي وارو آهي. اورنچين کان ابينه چئن ڏينهن جو رستو آهي. هتي پڻ هاٿي ٿين ٿا. (ٻيا جهاز بلين کان لنڪا، پوءِ جاوا ۽ ڪي بلين کان سڌو چين هليا ويندا آهن)

هندستان جا راجائون ۽ رهاڪو، زنا کي مباح سمجهن ٿا، پر شراب وٽن حرام آهي. مگر قمار(43) جو راجا زنا ۽ شراب ٻنهن کي حرام سمجهي ٿو. لنڪا جي راجا لاءِ عراق مان شراب ويندو آهي، جيڪو هو پيئندو آهي. هندستان جا راجائون قداور هاٿي پالڻ جا شوقين آهن، ۽ وڏيون رقمون يا سون ڏيئي هو اهڙا هاٿي خريد ڪندا آهن. سڀني کان وڏي قد وارو هاٿي نون(9) گزن جو ٿيندو آهي، پر اغباب(44) جا هاٿي ڏهن يارهن هٿن جا هوندا آهن.

هندستان جو سڀ کان وڏو راجا بلهراءِ (ولڀ راءِ) آهي جهن جي معنيٰ ئي آهي- مهاراجا. سندس منڊيءَ تي لکيل هوندو هو ته جو شخص توسان ڪنهن مطلب سبب محبت ڪندو ۽ اهو پنهنجو مطلب پورو نه ٿيڻ سبب توکان پاسو ڪري ويندو. راجا بلهرا (ولڀ راءِ) ساڳ واري وڻن جي ملڪ ڪوڪم(45) ۾ رهي ٿو. ان کان پوءِ طافن، ۽ ان کان پوءِ گجرات جا راجا آهن. گجرات جي راجا جو سڪو طاطريه درهم(46) آهي. ان کان پوءِ گابه، پوءِ (برهما) جي سلطنت آهي، رهمي (برهما) ۽ ٻين ملڪن جو رستو هڪ سال آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته برهما جي راجا وٽ پنجاهه هزار هاٿي هئا. وٽس بخمل ۽ سُٽ جا ڪپڙا ۽ عود آهي. ان کان پوءِ آسام جو راجا آهي. ان جي مملڪت چين سان مليل آهي. آسام ۾ تمام گهڻو سون ۽ گينڊا آهن. گينڊو هڪ جانور آهي، جنهن جي پيشانيءَ تي هڪ هٿ ڊگهو ۽ ٻه مُٺيون ٿلهو هڪ سڱ ٿيندو آهي. جنهن ۾ هڪ تصوير هوندي آهي. جڏهن سڱ کي چيريو ويندو آهي ته ڪاراڻ اندر هڪ اڇي رنگ جي تصوير نظر ايندي آهي، اها تصوير ڪنهن ماڻهو، ڪنهن جانور يا مڇي يا مور يا ڪنهن پکي جي هوندي آهي. چين وارا ان مان پٽا ٺاهيندا آهن. هڪ پٽي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ٽي سو دينار ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي چار هزار دينار هوندي آهي. مٿي ذڪر ڪيل سڀني راجائن جا ڪن ٽوپيل هوندا آهن.

(چين وڃڻ وارن رستن جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته)

مابط کان جيڪو کاٻي پاسي اچي ٿو تيومه ٻيٽ مان وڃڻو پوي ٿو. هن ٻيٽ ۾ عُود ۽ ڪافور ٿئي ٿو، هتان کان قمار (راس ڪماري) پنجن ڏينهن جو پنڌ آهي. قمار ۾ (عود قماري) ۽ چانور ٿين ٿا. قمار کان صنف(47)، جي ڪناري تائين ٽن ڏينهن جو مفاصلو آهي، هتي عود صنفي ٿئي ٿو، جيڪو قماري کان بهتر آهي. سٺي ۽ ڳري هئڻ سبب پاڻي ۾ ٻُڏي ويندو آهي. هتي ڳئون ۽ مينهون تمام گهڻيون ٿين ٿيون.

هندستان جا ڪي مشهور شهر هي آهن:

سامل، هورين(48)، قالون، گنڌار ۽ ڪشمير. سنڌ مان ڪُٽ، نيزا ۽ بيد ٻاهر موڪليا وڃن ٿا.

هندستانين جا ست قسم (ذاتيون) آهن:

ڇتري: هي هتان جا عزت وارا ماڻهو آهن، انهن مان ئي بادشاهه بڻبا آهن.

ان کي سڀ هندستاني سجدو ڪندا آهن ۽ هُو ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪونه ڪندا آهن.

برهمڻ: هي شراب ۽ ٻيون نشي واريون شيون نه واپرائيندا آهن.

کتري: هي ٽن پيالن تائين پيئندا آهن، برهمڻ هنن کي پنهنجون نياڻيون ڪونه ڏيندا آهن، پر انهن جي نياڻين سان شاديون ڪندا آهن.

شودر: هي ٻني ٻاري جو ڪم (کيتي) ڪندا آهن.

بيش: (ويش) هي هنرمند ۽ ڪاريگر آهن.

چنڊال: هي رانديگر ۽ ڪلاونت آهن. سندن عورتون سهڻيون هونديون آهن.

ڊوم: هي ڳائڻ وڄائڻ ۽ رانديون، سانگ ۽ ناٽڪ ڪرڻ وارا آهن. سندن رنگ ڪڻڪائون هوندو آهي.

هندستان ۾ 42 قسمن جا مذهب آهن. ڪي الله ۽ الله جي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم ٻنهن کي مڃين ٿا. ڪي الله کي ته مڃيندا آهن، پر رسول سڳورن جا انڪاري  آهن. ڪي نه الله کي مڃين ۽ نه الله جي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي، سندن خيال موجب: منڊ منتر ۽ جهاڙ ذريعي مرادون پوريون ٿي سگهن ٿيون. بيماري جي حالت ۾ جهاڙ ۽ منڊ ذريعي علاج ڪندا آهن، ۽ پاڻيءَ تي ڪجهه پڙهي شوڪاري بيمار کي شفا لاءِ پياريندا آهن.

هنن جو وهمن ۽ وسوسن تي عقيدو آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته ان مان ئي کين نفعو يا نقصان پهچي ٿو ۽ اهڙيون ته خيالي شيون ظاهر ڪن ٿا، جو انهن کي ڏسي ڏاهن کي به ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.

سندن دعويٰ آهي ته هُو پنهنجي منڊمنتر ذريعي مينهن يا سردي روڪي سگهن ٿا.

(عربي، فارسي، رومي فرنگي، اندلسي ۽ روسي زبانون ڳالهائڻ وارن يهودي واپارين جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته)

”پوءِ سنڌ، هند ۽ چين وڃن ٿا، چين مان مشڪ، عود، ڪافور، دالچيني ۽ انهن علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻيو سامان، پاڻ سان گڏ آڻيندا آهن. پوءِ دجله درياء ۾ جهازن تي چڙهي ابلته ويندا آهن، ۽ ابلته(49)، کان عمان، پوءِ سنڌ هندستان ۽ چين هليا ويندا آهن. هي سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ مليل آهن. پوءِ ڪرمان(50)، پوءِ سنڌ، پوءِ هند ۽ پوءِ چين پهچندا آهن.  

معموره ارضي جي چئن قسمن ۾، هڪ اٺوفيا آهي، سنڌ، هند، چين ۽ اسقونيه وغيره ملڪ آباد آهن.

زمين جي عجائبات ۾ صقليه، اندلس ۽ هندستان جي اها باهه پڻ آهي، جيڪا پٿر ۾ به ٻرندي رهندي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ٽانڊو کڻڻ جي ڪوشش ڪندو، ته هُو اتان ٽانڊو کڻي نه سگهندو، ڇو ته اها ان نموني ڪونه ٻرندي آهي.

سنڌو درياهه شقنان جي هڪ جبل مان نڪري ٿو، ۽ هيءُ درياهه، جيحون درياء جي هڪ شاخ آهي. هندوستان جا ڪي علائقا، ان ڏانهن منسوب آهن. هيءُ منصوره مان لنگهي ٿو ۽ پنهنجن مددي هندستاني دريائن سوڌو مشرقي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.

حاشيا، حوالا ۽ واڌارا:

راجا بلهراء جو ذڪر اڪثر عرب مصنفن جي بيان ۾ ايندو رهندو. تنهنڪري ان بابت مختصر نوٽ لکڻ مناسب ٿيندو. بلهراء اصل ۾ ولڀ راءِ جي بگڙيل صورت آهي. هي دکني راشٽ ڪوٽ گهراڻي جي راجائن جو لقب آهي. هن گهراڻي ۾ جيڪو پهريون شخص ظاهر ٿيو، سو شري ڀٽ ٽارڪ هو.

جنهن گجرات تي 509ع کان 520ع تائين حڪومت ڪئي. ان ئي شخص کي ولڀي پور جو باني سڏيو وڃي ٿو. مسٽر ڀنڊارڪر ”بلهرا“ ٻن لفظن
”ڀلا“ ۽ ”راءِ“ جو مرڪب سڏيو آهي. راءِ جي معنيٰ آهي راجا ۽ ڀلا معنيٰ مانَ شانَ وارو (ڀلو). ولڀي پور آڳاٽي وقت کان هڪ شاندار شهر هو. قديم چيني سيلاني ”هونگ شانگ چين“ جو چوڻ آهي ته لاريڪا (لاڙ يعني ڀروچ) جي اتر ۾ واقع آهي. بيرونيءَ جو بيان آهي ته انهلواڙي کان ڏکڻ طرف آهي. ايسٽ صاحب جي بيان موجب هاڻوڪي رياست ڀاؤنگر کان ويهه ميل ۽ گهوگهه بندر جي وچ تي آباد هو. هاڻوڪي تحقيق به اهوئي ٻڌائي ٿي ته گهيلا روندي جي ڪناري وڙا نالي هڪ ڳوٺ وٽ ولڀ يا ولڀي نالي سان هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ان شهر جو يادگار سمجهڻ گهرجي. هن شهر جي تباهي
 بابت مختلف ڳالهيون بيان ڪيون وڃن ٿيون. مولانا سيد سليمان ندوي لکيو آهي ته: ”هتان جا راجائون ٻڌ مذهب جا پوئلڳ آهن، ڪي جين ڌرم کي مڃين ٿا ۽ شايد ان مذهبي جهيڙي ۾ اهو شهر برباد ٿي ويو.“

ولڀ راجائن جي حڪومت گجرات، ڪاٺيا واڙ، ڪڇ ۽ ڪوڪن وغيره علائقن تائين پکڙيل هئي. انهن جي گاديءَ جو هنڌ ناسڪ هو. جو بدلجي پهرين مالکيٽ، پوءِ مانگهيڙ ٿي ويو. ان کي عرب سيلانين، عربي ۾ مانڪير سڏيو آهي. هي اتر ۾ 17 درجه 10 اوقيقه ۽ اوڀر ۾ 77 درجه ۽ 13 اوقيقه ڊگهو آهي. هيءُ هنڌ حيدرآباد رياست ۾ اچي وڃي ٿو.

ابن خردازبه جنهن ولڀ راءِ جو ذڪر ڪيو آهي، ان جو اصل نالو امووگهه ورش ولڀ راءِ هو. سندس حڪومت جو عرصو سنه 815ع کان 877ع تائين هو. ان راجا پنهنجي ڊگهي عرصي واري حڪومت ۾ وڏيون فتحون حاصل ڪيون. سهڻي انتظام جي لحاظ سان پڻ هيءُ بهترين راجا هو. کيس عربن سان وڏي محبت هئي. پڇاڙيءَ ۾ تخت ڇڏي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ سندس پٽ جانشين بڻيو (تاريخ گجرات)

2. جابه: هيءُ گجرن جي هڪ ٽولي جو نالو آهي. جنهن کي سنسڪرت ۾ چاپ چيو ويندو هو. ”شاهان گوجر“ جي مؤلف جو بيان آهي ته چاپ، چپه يا چوڊا گجرن جون ٻه مشهور قومون، اعليٰ طبقي ۾ ڳڻيون وڃن ٿيون، چاپته، چپوت ڪٿ جي معنيٰ مضبوط ڪمان ۽ چوڍو ڌاڙيل کي به چيو ويندو آهي. شايد انهن سببن ڪري انهن تي اهو نالو پيو. اهوئي سبب آهي جو گجرن جو تعريفي لقب چاپه آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ چوڍو خراب لقب آهي.

ابنِ رسته شايد ان کي ”نجابته“ لکيو آهي. جيئن سندس ڪن نسخن ۾ جابته لکيل نظر اچي ٿو، ۽ اهو پڻ ٻڌايو اٿس ته ان جو تعلق سلوي گهراڻي سان آهي. جيڪڏهن سندس اها ڳالهه صحيح سمجهي وڃي ته پوءِ اهو ثابت ٿئي ٿو ته چاپ ڪنهن سمي يمن مان آيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سلوق يمن جي هڪ وستي جو نالو آهي ۽ اتان جون تراريون، زرهون ۽ ڪُتا مشهور آهن. عرب شاعرن جي ڪلام ۾ انهن جو ذڪر ملي ٿو، انهيءَ سبب هيءُ گهراڻو، ان طرف پڻ مشهور هوندو.

3. طافن: هن لفظ جي اصليت ۾ يورپي محققن ۾ اختلاف آهي. هيءُ لفظ، ڪن نسخن ۾ طافن بجاءِ طاقن پڻ نظر اچي ٿو. ڪن ان کي هاڻوڪي اورنگ آباد دکن جي ويجهو ٻڌايو آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته هي ڪشمير جي ويجهو آهي. پر منهنجي خيال موجب هيءُ طاقن لفظ آهي ۽ دکن جي بگڙيل صورت آهي. (عرب و هند ڪي تعلقات)

4. جزر: هيءُ لفظ اصل ۾ گجر آهي. گجر گجرات جو راجا هو. جڏهن گجر قوم هندستان فتح ڪري ابو کان ٿيندي هن ملڪ ۾ آئي ته هنن پنهنجي قبضي ۾ آيل ڏاکڻي حصي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو. سڀ کان وڏي ڀاڱي جو نالو مهاراٺ ۽ ٻئي جو گوجر راٺ ۽ ٽين جو سوراٺ رکيو. جن کي اڄڪلهه مهاراشٽر، (مرهٽه ديس) گجرات ۽ سورٺ (ڪاٺياواڙ) سڏيو وڃي ٿو. سنه 800ع جا مسلمان ان کي جزر سڏيندا هئا. جيڪو حقيقت ۾ گجرات  آهي ۽ گجر مخفف آهي گوجر جو. پوءِ هندستان جي ترڪي فاتحن، گوجر راٺ مان ان کي گجرات بڻائي ڇڏيو ۽ اهوئي نالو اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي. (تاريخ گجرات).

5.غابه: هيءُ اصل ۾ گابه آهي، جيڪو هندستان جي هڪ قوم جو نالو آهي ۽ اها قوم اڄ به هندستان ۾ موجود آهي. (شاهان گوجر ص-524)

6. رهمي: غالباً روهان يا اراڪان واقع برهما آهي. شاهان گوجر جي مؤلف جوچوڻ آهي ته هيءُ لفظ اصل ۾ برهما آهي. عرب مؤرخن الف کي ي جي صورت ۾ لکيو. برهما مان برهمي ٿيو ۽ لکندي لکندي ب گم ٿي وئي ۽ باقي رهمي رهجي ويو.

7. قامرون: ان مان مراد ڪامروپ آهي. هينئر ان کي آسام سڏيو وڃي ٿو. هيءُ هندستان جي اتر اوڀر سرحد تي واقع آهي. هتان جي راجا کي قامرون (ڪامروپ) چوندا آهن. هتي گينڊا تمام گهڻا ٿين ٿا. سون جون به کاڻيون آهن.

۽ هٿيار تکا ڪرڻ جا پٿر (روهيون) اعليٰ درجي جا هوندا آهن.

8. فهرج: ابن خردازبه جي زماني ۾ واپارين جا جيڪي قافلا خراسان کان مڪران ۽ سنڌ وغيره ويندا هئا، انهن ۾ سندن پنڌن پيچرن ۽ منزلن  جو ذڪر آهي. پهرين منزل فهرج هئي. ان نالي جا ٽي شهر آباد هئا. هي ڪرمان صوبي جو شهر آهي، جيڪو اتان جي ٻن شهرن- بم ۽ نرماسير جي اوڀر ۾ ايراني جهنگ جي ڪناري تي واقع هو. سيرجان کان اوڀر طرف مڪران وڃڻ واري سڙڪ بم ۽ نرماسير کان ٿيندي فهرج پهچندي هئي. (ڏسو جغرافيه خلافت مشرقي ص- 481.496.496)

9. مڪران: هيءُ هڪ وسيع ملڪ آهي. گذريل زماني ۾ هي گهڻو وقت سنڌ جي واليءَ جي قبضي ۾ رهيو آهي. تنهنڪري اڪثر عرب سيلانين ان کي به سنڌ ۾ سمجهيو آهي. جيئن ابنِ رسته لکيو آهي ته:

”سنڌ جي سرحد تيز (مڪران جي گاديءَ جي هنڌ کان) شروع ٿئي ٿي.“

(ڏسو اعلاق النفيسه ص- 87) ڇاڪاڻ ته اصطخري وغيره ان جا حالات تفصيل سان لکيا آهن، تنهنڪري وڌيڪ تفصيل بيان ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهان.

10. طاهران: مڪران جي سرحد طاهران کان شروع ٿئي ٿي. (ڏسو تاريخ سنڌ ص-198) طوس شهر جيڪو خراسان جو مشهور ۽ مردم خيز شهر آهي ۽ طاهران ۽ نوقان ٻن شهرن جي ميلاپ سان بڻيو هو، تنهن جي ماتحت هڪ هزار کان وڌيڪ ڳوٺ هئا.

اسلام جي ٽين خليفي حضرت عثمان رضي الله عنہ جي زماني ۾ مسلمانن اهو شهر فتح ڪيو هو. چوٿين هجري (ڏهين ع) صديءَ ۾ خراسان جو ربع نيشاپور ۾ ٻئي نمبر جو شهر هو. ٽين صدي هجريءَ ۾ طوس جي ٻن حصن ۾ نوقان وڏو هو، ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ طاهران ان کان وڌي ويو. طاهران جو قلعو مشهور هو. ان جي شاندار عمارت هئي، جيڪا تمام پري کان نظر ايندي هئي. اتان جي بازارين ۾ واپاري مال تمام گهڻو هوندو هو. جامع مسجد نهايت خوبصورت هئي. سنه 617هه بمطابق 1220ع ۾ اهو سڄو علائقو طوس جي ٻنهي شهرن نوقان ۽ طاهران سوڌو مغلن خوب لٽ مار ڪري تباهه ڪري ڇڏيو.

ڏسو معجم البلدان ج-6 ص-170 ۽ جغرافيه خلافت مشرقي ص-593 کان 595 تائين.

11. باسورنجان: اهو مصنف خرون جو شهر ڄاڻايو آهي ۽ خرون خراسان جو علائقو آهي (ڏسو معجم البلدان جلد3 ص-426) وچين دور ۾ خراسان جو ان ملڪ تي اطلاق هو. جنهن ۾ سڀ اسلامي صوبا، ايراني جهنگ، جيڪو اوڀر کان شروع ٿي هندستان جي جبلن جي سرحد تائين واقع هو. ان وسيع معنيٰ ۾ خراسان جي حدن اندر اتر اوڀر ۾ سڀ ملڪ ماوراءالنهر ۽ ڏکڻ ۾ سجستان ڪوهستان سوڌو شامل هو ۽ خراسان جون پري جون سرحدون وچ ايشيا جي طرف تين واري رڻ پٽ ۽ هندستان جي طرف هندوڪش جي سلسلن تائين دنگ ڪنديون هيون. پر ان کان پوءِ خراسان صوبي بابت اهوئي سمجهڻ سولو ٿيندو ته اتر اوڀر ۾ هيءُ صوبو جيحون درياء تائين پکڙيل هو. پر اڃا تائين هرات کان اڳتي جابلو علائقا جيڪي هينئر افغانستان جا اتريان- اولاهان حصا آهن، سي ان ۾ شامل هئا. ان کان سواءِ جيحون درياء جو مٿين حصي وارو ملڪ پابير طرف، جيتريقدر عربن کي ان جي ڄاڻ هئي، خراسان جي ڏورانهن ضلعن ۾ ڳڻيو ويندو هو. (ڏسو جغرافيه خلافت مشرقي باب 27 ص583-582)

12. تجين: هي ۽ ڪي ٻيا غير معروف هنڌن جا نالا آهن، جيڪي مسافرن کي واٽ تي پوندا هئا.

13. بلوچن جي شاهراهه: مڪران جي سرحد تي قفص ۽ بلوص نالن واريون ٻه وحشي قومون آباد هيون.

14. قنزپور: وچين دور ۾ مڪران جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ملڪ جي اندرين حصي ۾ ان هنڌ تي واقع هو، جنهن کي اڄ ڪلهه پنج گور سڏين ٿا. (ڏسو خلافت مشرقي ص-495)

15. قندابيل: (گنداوي) هن شهر جو اصل نالو گندا ڀيل رهيو هوندو. ڪنهن سمي هتي ڀيلن جي حڪومت هئي. وچين دور ۾ سنڌ جي تمام خوشحال ۽ آباد شهرن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ هتان ڇهارا جهجهي انداز ۾ ٻاهر موڪليا ويندا هئا. (تاريخ سنڌ)

16. قصدار: قصدار ۽ قزدار هڪ ئي شهر جا نالا آهن. هيءُ طوران جي گاديءَ جو هنڌ رهي چڪو آهي. هڪ رڻ پٽ ۾ واقع هو. ان جي وچ ۾ هڪ قلعو هو. (تاريخ سنڌ)

17. منصوره: هيءُ قديم زماني ۾ سنڌ جو هڪ مرڪزي آباد ۽ شاداب شهر هو، جيڪو سنڌو درياء جي ڪناري اهڙي هنڌ تي آباد هو، جتان درياء جي هڪ ڇاڙهه نڪري ان کي هڪ ٻيٽ جهڙو بڻايو هو. هنديءَ ۾ ان جو پراڻو نالو بهنوا هو، پر ايران وارا ان کي بهمن آباد سڏيندا هئا. بعد ۾ ڪن فوجي ۽ سياسي ضرورتن سبب سنڌ ۾ عربن کي پنهنجا شهر آباد ڪرڻا پيا ته حڪم بن محمد بن قاسم برهمڻ آباد کان ڇهه ميل پري هيءُ شهر آباد ڪيو ۽ خوشحاليءَ خاطر ان جو نالو منصوره رکيائين. پر پنجين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ هيءُ شهر برباد ٿي ويو. (عرب و هند ڪي تعلقات)

18. ملتان: هندستان جو پراڻو مشهور ۽ وڏو شهر آهي. ڪنهن سمي هن کي هڪ رياست جي حيثيت حاصل هئي. هتي هڪ بتخانو هو، جنهن جي ياترا لاءِ سڄي هندستان مان ياتري ايندا هئا ۽ تمام اڻلڀ ۽ قيمتي شيون ان جي نذر ڪندا هئا. (تاريخ سنڌ)

19. ابن خردازبه سنڌ جو ذڪر ڪندي، جن شهرن جو نالو کنيو آهي. تنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هو بلوچستان کان پوءِ گجرات تائين سنڌ جو علائقو سمجهي ٿو ۽ ساڳيو حال قديم عرب مؤرخن جو آهي.

20. قلات: ڪيزڪانان (ڪيڪان) ساڳيا نالا آهن. هيءُ طوران ملڪ جو خوشحال شهر ۽ بادشاهه جي گاديءَ جو هنڌ هو.

21. بنته: هيءُ به مڪران جي حدن اندر هو ۽ مصريءَ جي پيداوار کان مشهور هو.

22. ميد: هيء هڪ قديم آريائي قوم جو نالو آهي، جيڪا واديء سنڌ ۾ آباد هئي ۽ نهايت وحشي ۽ ويڙهاڪ قوم هئي. جاٽ سندن مخالف هوندا هئا. لنڪا جي راجا حجاج لاءِ جيڪو جهاز سوکڙين پاکڙين سان موڪليو هو، اهو ان قوم ديبل بندر جي ويجهو ڦريو هو. انهن جي ئي نالي تي هيءُ شهر رهيو هوندو، جيڪو سنڌ جي ماتحت هو.

23. قنڌار: (گنڌار) توڙي جو هيءُ سنڌ جو مشهور ۽ رونق وارو شهر سمجهيو ويندو هو، پر ان جي حيثيت هڪ مستقل رياست واري پڻ هئي. هيءُ برهمڻن ۽ شون جو پڻ مرڪز هوندو هو. هتان سنڌ جو هڪ مددي درياهه رئد (راوي) وهندو آهي. (تاريخ سنڌ)

24. بوقان: (توقان) علائقو ٻڌ جو شهر هو ۽ سنه 279هجري تائين هيءُ شهر آباد هو.

25. ارمائيل: (ارمن ٻيلو) مڪران جي سرحد تي ان جي ۽ ديبل جي وچ تي سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو شهر هو.

26. ديبل: سنڌو درياء جي اولهه پاسي سمنڊ ڪناري ڪنهن سمي سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر بندر ۽ واپاري مرڪز هو. پر هينئر اهو به پتو نه ٿو پوي، ته اهو ڪهڙي هنڌ آباد هو. ڪي ڀنڀور ته ڪي ٺٽي کي قديم ديبل (ديول) ٻڌائين ٿا. (تاريخ سنڌ)

27. قنبلي: ديبل ۽ مڪران جي وچ تي هڪ وڏو ساحلي شهر آهي.

28. کنڀات: هيءُ گجرات ۾ سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو بندر هو. بيد، نيزن، چانورن ۽ ماکيءَ کان مشهور هو. هتان سڄي دنيا ۾ جوتا موڪليا ويندا هئا. (تاريخ سنڌ)

29. سدوسان: هن شهر جا مختلف زمانن ۾ سدوسان، سيوستان، سهواڻ ۽ سيواڻ ڌار ڌار نالا رهيا آهن. اڄڪلهه ان کي سيوهڻ سڏين ٿا. هيءُ گجرات جو علائقو ۽ سمنڊ جي ڪناري آباد آهي(1).

30. راسڪ: هيءُ خروج جي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هتان جي آبادي تمام گهڻي هئي ۽ هيءُ شهر هڪ واپاري منڊي پڻ هو. (تاريخ سنڌ)

31. رور: (اروڙ، الور) راجا ڏاهر جي حڪومت جي دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. سنڌو درياهه جي اوڀر طرف هيءُ شهر ۽ ان جو قلعو هڪ وڏي جبل تي واقع هو. ستين صدي هجريءَ ۾ درياء جو رخ بدلجي وڃڻ سبب ويران ٿي ويو. هينئر ان کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي روهڙي نالي هڪ ٻيو شهر آباد آهي. (تاريخ سنڌ)

32. سندان: سنڌ صوبي سان مليل سنڌو درياء جي ڪناري گجرات جو هڪ مشهور ۽ نهايت سرسبز ۽ شاداب شهر آهي. هتان جي آب و هوا گرم آهي.

33. منڊل: راجا ڪامروپ (آسام) جي ماتحت برهمپنز درياء جي ڪناري هڪ ننڍو شهر آهي. جتي عود تمام گهڻو ٿئي ٿو.

34. ڀيلمان: هيءُ سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ جي سرحد تي واقع هو ۽ ڪنهن سمي ڀيلن جي قبضي ۾ هو، پوءِ گوجرن جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. (تاريخ سنڌ)

35. سرست: (سورٺ) ڪاٺياواڙ جو پراڻو نالو آهي. (تاريخ سنڌ)

36. ڪيرج: ياڪورج هاڻوڪي جيپور جو نالو هو، ۽ ڪنهن زماني ۾ مشهور هندستاني راجا ڏاهر جي هتي حڪومت هئي. (تاريخ سنڌ)

37. مرمد: غالباً عرب مدراس ۾ ملبارجي ٻئي ڪناري کي معبر چوندا هئا ۽ ان جو هاڻوڪو نالو ڪارو منڊل آهي، جتان جو عود مشهور آهي، ۽ هي ملبار جي اوڀر ۾ ڪولم (ٽرازمڪور) کان ٽن چئن ڏينهن جي پنڌ تي واقع آهي.

38. ڪالي: (گالي) سيلون جو بندر آهي. اڄ به هتان کان جهاز يورپ ۽ آسٽريليا ڏانهن ويندا آهن. (عرب و هند ڪي تعلقات)

39. ڪولي: ڪولي مان ڪولم واقع ٽرانڪور مراد آهي.

40. ملي: هن نالي واري درياء جي ڪناري چار شهر آهن، جيڪي سڀ راجا بلهراء جي حڪومت ۾ شامل آهن، جيڪي نيزن کان مشهور هئا. (تاريخ سنڌ)

41. گودا فريد: يعني گودا وري درياء، جو دکن جو هڪ درياء آهي. جيڪو مغربي گهاٽ کان نڪري بنگال جي خليج ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

42. ڪنجه: اران صوبي جو وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو.

43. قمار: يعني راس ڪماري جتان جو عود مشهور آهي ۽ عرب ان کي عود قماري سڏيندا آهن.

44. اغباب: مان مراد سيلون جا ٻيلا آهن.

45. ڪوڪم ڪم (ڪولم): هاڻوڪي ڪوڪن جو ٽراونڪور ڪوچين جو علائقو آهي. تمام خوبصورت، شاهوڪار شهر ۽ مشهور بندر هو. هتان کان جهاز ڪونه ويندا هئا. (عرب و هند ڪي تعلقات ص-269)

46. طاطريه درهم: هيءُ هڪ قسم جو جادو جو سڪو هو. ۽ اهو گجرات توڙي سنڌ ۾ رائج هو. اڄڪلهه جي اٺين آني (پنجاهه پئسن) جي برابر هو. (تاريخ سنڌ)

قديم هندستاني راجائون زيور پهريندا هئا، تنهنڪري سندن ڪن ٽوپيل هوندا هئا.

47. صنف: يعني چنپه هڪ وڏو شهر هوندو هو، جيڪو آسام جي راجا جي ماتحت هو. هتان جو عود مشهور آهي. عرب ان کي عود صنفي سڏين ٿا.

48. هورين: هاڻوڪو اجين جيڪو گواليار رياست ۾ شامل هو ۽ هندن جو مقدس مقام آهي. هيءُ شهر وڪرماجيت جي دور حڪومت ۾ گاديءَ جو هنڌ هو.

49. ابلته: عربن جي عراق تي قبضي کان پهرين ايرانين جي زماني ۾ هندستان لاءِ خليج فارس جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور بندر هو، جيڪو بصره جي ويجهو واقع هو. ابلته مان هندستان جي واپارين اچ وڃ ايڏي ته گهڻي ٿيندي هئي، جو عرب ان کي هندستان جو هڪ حصو سمجهندا هئا. چين ۽ هند مان اچڻ وارا جهاز هتي لنگر هڻندا هئا ۽ هتان ئي روانا ٿيندا هئا. (عرب و هند ڪي تعلقات ص-50)

50. ڪرمان: مشهور ۽ آباد صوبو جنهن ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ هئا. هيءُ فارس ۽ مڪران، سجستان ۽ خراسان جي وچ تي واقع آهي. عرب سيلاني هندستان جي اچ وڃ جي سلسلي ۾ مڪران وغيره وانگر هن جو به نالو کڻن ٿا (معجم البلدان ص-241)

سليمان تاجر:

سليمان، سڀ کان پهريون عرب سيلاني آهي، جنهن جو سفرنامو اسان تائين پهتو آهي. هو اصل ۾ هڪ واپاري هو، جيڪو عراق جي بندر کان چين ۽ مشرق اقصيٰ ويندو رهندو هو. انهيءَ سير سفر دوران هن هندستان جي سامونڊي ڪناري جو سير ڪيو هو. هن پنهنجي سفر دوران هندستان جي تهذيب، تمدن ۽ سياست کان علاوه اتان جي راجائن جا ڪجهه تعذيري قاعدا قانون معلوم ڪيا ۽ چين جي قاعدن سان انهن جي ڀيٽ ڪئي آهي. هن معلومات ڪا گهڻي ڀاڱي اکين ڏٺا آهن. سندس جنم ۽ وفات جو سنه معلوم ٿي نه سگهيو آهي، پر اها پڪ آهي ته هُو ٽين صدي هجريءَ جو سيلاني آهي. هيءُ سفرنامو، هن سنه 237هه ۾ لکيو هو جيڪو 1845ع ۾ پهريون ڀيرو پيرس مان فرينچ ترجمي سان فرانسيسي عالم رينيو (Reineu) جي تنقيدي مقدمي جي نالي سان ’سلسلة التواريخ‘ سان گڏ شايع ٿيو آهي.

ٽئين سمنڊ کي بحر هرگند(1) چيو ويندو آهي، ان ۽ بحر دلاروي جي وچ ۾ ڪيترائي ٻيٽ(2)آباد آهن. چيو وڃي ٿو ته هڪ هزار نو سؤ (1900) آهي، اهي ئي ٻيٽ انهن ٻنهن سمنڊن جي وچ ۾ حد فاصل آهن. ان تي هڪ عورت جي حڪومت آهي. انهن ٻيٽن ۾ پيش ۽ عنبر پيدا ٿئي ٿو. عنبر جو ٽڪرو ٻوٽن وانگر هوندو آهي ۽ سمنڊ جي گهرائي ۾ ٻوٽن جي ئي شڪل ۾ پيدا ٿيندو آهي. جڏهن سمنڊ موج ۾ ايندو آهي ته ان کي نانگ جي ڦڻ وانگر گهرائي مان ڪڍي ڪناري تي اڇليندو آهي.

اهي ٻيٽ جتي عورت جي حڪمراني آهي. اتي ناريل جا وڻ تمام گهڻا آهن ۽ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ٻن، ٽن يا چئن فرسخن جي وِٿي آهي ۽ انهن سمورن ٻيٽن ۾ ماڻهو رهن ٿا ۽ ناريل جا وڻ ٿين ٿا. انهن جي دولت ڪوڏي آهي ۽ حڪومت ڪوڏيون ڪٺيون ڪري پنهنجي خزاني ۾ رکندي آهي. چون ٿا ته انهن ٻيٽن تي رهندڙ ڪاريگرن کان وڌيڪ سٺا ڪاريگر ڪٿي به نه آهن. هتان جا ماڻهو ٻانهن ۽ گريبان واري قميص پهريندا آهن، گهر توڙي جهاز پاڻ ئي تيار ڪندا آهن. سمورا هنري ڪم پاڻ ئي ڪندا آهن. ڪوڏيون پاڻيءَ جي مٿاڇري تان حاصل ڪن ٿا. انهن ۾ ساهه هوندو آهي، اهي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي اينديون آهن. پوءِ ناريل جي هڪ لام پاڻيءِ تي اڇلائي ويندي آهي ته ڪوڏيون انهيءَ لام سان چنبڙي پونديون آهن. ماڻهو انهن کي ڪبتح سڏيندا آهن، انهن ٻيٽن جي آخر ۾ هندي سمنڊ جي ڪناري لنڪا جو ٻيٽ آهي. جيڪڏهن سمنڊ جي جهازن تي چڙهي لنڪا ڏانهن وڃبو، ته وچ ۾ ڪجهه ٻيٽ ايندا جن جو گهڻو تعداد ڪونه آهي، پر انهن جي ايراضي وڏي آهي. انهن مان هڪ ٻيٽ کي رامني(3) چيو ويندو آهي. ان ۾ ڪيترائي بادشاهه آهن. ان جي ايراضي اٺ يا نَوَ فرسخ ٻڌائي وڃي ٿي. ان ۾ سون جون کاڻيون آهن، ٻيون کاڻيون به آهن، جن کي فضور(4) چيو ويندو آهي. هتي اعليٰ درجي جو ڪافور ٿئي ٿو.

هن ٻيٽ ۾ هاٿي تمام گهڻا آهن. بڪم(5) ۽ بانس به ٿئي ٿو. هتي هڪ اهڙي قوم آهي، جيڪا ماڻهن کي کائي ڇڏيندي آهي. هيءُ ٻيٽ هرگند سمنڊ ۽ شلابط(6) سمنڊ جي وچ تي آهي. ان کان پوءِ بفيالوس(7) جا ٻيٽ آهن. اتي وڏي آبادي آهي. مرد ۽ عورتون اگهاڙا رهندا آهن. ڪي عورتون وڻن جي پنن سان پنهنجي اوگهڙ ڍڪينديون آهن، جڏهن جهاز انهن ماڻهن وٽان لنگهندا آهن، ته هو ننڍين وڏين ٻيڙين تي چڙهي وٽن ايندا آهن ۽ جهاز وارن کي عنبر ۽ ناريل لوهه جي بدلي ۾ وڪڻندا آهن. جيئن ته هتي گرمي ۽ سردي ڪانه ٿيندي آهي. تنهنڪري کين پوشاڪ جي ضرورت ڪانه ٿي پوي.

هندي سمنڊ جي آبهوا انڊومان کان مختلف آهي. هي چاڙهه جي زماني ۾ ڪُني وانگر اڀامڻ لڳندو آهي ۽ تمام گهڻو عنبر ڪناري تي اڇليندو آهي. جيترو سمنڊ گهرو هوندو، اوترو عنبر وڌيڪ نفيس هوندو آهي، جڏهن هندي سمنڊ ۾ تمام گهڻو چاڙهه ايندو آهي ته سمنڊ باهه وانگر ڀڙڪندو نظر ايندو آهي، ان ۾ هڪ مڇي ٿيندي آهي، جنهن کي سبع چيو ويندو آهي. هيءُ دراصل هڪ خطرناڪ جانور آهي، جيڪو ماڻهن کي ڳهي ويندو آهي.

جهاز مسقط کان هندستان ڏانهن ايندا آهن ۽ ڪوڪن جو رخ ڪندا آهن. مسقط کان ڪوڪن هڪ مهيني جو سفر آهي. بشرطيڪ هوا سازگار ۽ معتدل هجي. ڪوڪن ۾ جهاز ٺاهڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ جو ڪارخانو آهي. ڪوڪن ۾ چيني جهاز ايندا آهن، اتي مٺي پاڻيءَ جا کوهه به آهن.

چينين کان هڪ هزار درهم ورتا ويندا آهن. پر ٻين ملڪن جي جهازن کان هڪ کان ڏهن دينارن تائين به وٺندا آهن. مسقط، ڪوڪن ۽ هندي سمنڊ جي وچ ۾ اٽڪل هڪ مهيني جو سفر آهي. ڪوڪن جا رهواسي مٺو پاڻي پيئندا آهن.

ان کان پوءِ جهاز هندي سمنڊ ڏانهن ويندا آهن ۽ اهو اُڪري پوءِ چاٽگام ۽ سلهٽ پهچي ويندا آهن، هتان جا ماڻهو عربن ۽ ٻين واپارين جي زبان ڪونه سمجهندا آهن، هُو ڪپڙا ڪونه پهريندا آهن. سندن رنگ گورو آهي. سندن منهن تي ڏاڙهي فطري طور ڪونه هوندي آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن عورتون نظر نه اينديون آهن. ان لاءِ ته مرد ئي ٻيٽ مان نڪري ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ٿي وٽن ويندا آهن ۽ ساڻن گڏ ناريل، ڪمند، ڪيلو ۽ ناريل جو شراب هوندو آهي، اهو شراب اڇي رنگ جو هوندو آهي. جيڪڏهن اهو تيار ڪرڻ وقت واپرايو وڃي ته اهو ماکيءَ جهڙو مٺو هوندو آهي. جيڪڏهن اهو ٿوري دير رکيو وڃي ته پوءِ اهو شراب ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن گهڻا ڏينهن رکيو وڃي، ته پوءِ اهو سرڪو ٿي ويندو آهي. ماڻهو اهو لوهه جي عيوض وڪڻندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين ٿورو عنبر به ملي ويندو آهي. اهو به لوهه جي ٽڪر عيوض وڪڻندا آهن. زبان نه سمجهڻ جي ڪري هٿن جي اشارن سان خريد ۽ وڪرو ڪيو ويندو آهي. هُو ترڻ جا ماهر آهن، ڪڏهن ڪڏهن واپارين کان زور زبردستي لوهه کسي وٺندا آهن ۽ ان جي بدلي کين ڪجهه به نه ڏيندا آهن.

پوءِ جهاز صنف (چنپه) ڏانهن هليا ويندا آهن جيڪو ڏهن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ اچي ٿو. هتي عمدو ۽ مٺو پاڻي موجود آهي ۽ هتان کان ئي صنفي عود موڪليو ويندو آهي. هتي هڪ بادشاهه به آهي. هن قوم جو رنگ ڪڻڪائون آهي، هر شخص ٻه لنگيون پهريندو آهي. سيلاني هتي مٺي پاڻيءَ سان پُر ٿي چندا پور(1) ڏانهن هليا ويندا آهن. چنداپور هڪ سامونڊي ٻيٽ آهي، جيڪو چنپه کان ڏهن ڏينهن جي مفاصلي تي آهي. هتي به مٺي پاڻيءَ جا چشما آهن. ان کان پوءِ منجي(2) سمنڊ ڏانهن ويندا آهن.

ماڻهن جو چوڻ آهي ته ملحان ٻيٽ ۾، جيڪو لنڪا آهي، جيڪو ڪلابار جي وچ تي هڪ هندستاني علائقو آهي، جيڪو سمنڊ جي اوڀارين ڪناري تي واقع آهي. سوڊانين جي هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪي الف اگهاڙا رهندا آهن. ٻئي ملڪ جو ڪو ماڻهو هٿ ايندو اٿن، ته ان کي ابتو ٽنگي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪچو کائي ڇڏيندا آهن. انهن ماڻهن جي آبادي گهڻي آهي، ۽ هڪ ئي ٻيٽ ۾ بادشاهه کان سواءِ رهندا آهن. سندن خوراڪ مڇي، ڪيلو، ناريل ۽ ڪمند آهي، اهي جهنگن ۽ وڻن جي جهڳٽن ۾ نظر ايندا آهن.

ماڻهن جو چوڻ آهي ته سمنڊ جي ڪناري سان ننڍڙيون مڇيون هونديون آهن، جيڪي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي اڏامنديون رهنديون آهن. انهن کي پاڻي جي مڪڙ چوندا آهن. ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته سمنڊ جي ڪناري هڪ اهڙي به مڇي ٿيندي آهي، جيڪا پاڻيءَ مان ٽپو ڏيئي ناريل جي وڻ تي چڙهي ويندي آهي، ان جو پاڻي پي، پوءِ وري هيٺ سمنڊ ۾ هلي ويندي آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ ڪيڪڙي وانگر هڪ جانور ٿيندو آهي، جيڪو سمنڊ مان نڪرڻ شرط پٿر ٿي ويندو آهي. انهيءَ پٿر کي پيهين سرمو ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو ڪن اکين جي بيمارين ۾ ڪم ايندو آهي.

چين ۽ هندستان وارا ان ڳالهه تي متفق آهن، ته دنيا جا ذڪر لائق ۽ ڳڻڻ جهڙا بادشاهه فقط چار آهن. انهن ۾ سڀ کان پهريون عرب جو بادشاهه آهي. ان متعلق سمورا هڪ راءِ جا آهن، ڪنهن کي به اختلاف ڪونه آهي. هُو سڀني کان وڏو، سڀني کان شاهوڪار، سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ۽ سڀ کان وڏي دين (اسلام) جو بادشاهه آهي ۽ ان کان برتر ڪابه شيءِ ڪانه آهي. عرب جي بادشاهه کان پوءِ چين جو بادشاهه پاڻ کي وڏو سمجهي ٿو. ان کان پوءِ روم جو بادشاهه، ان کان پوءِ بلهراءِ (ولڀ راءِ جيڪو گجرات جو راجا هو) آهي، جيڪو ڪن ٽوپيل ماڻهن جو بادشاهه آهي. بلهراءِ هندستان جو سڀ کان معزز راجا آهي ۽ سمورا هندستاني ان جي عظمت جا قائل آهن. هندستان جا سمورا راجا خودمختيار آهن. اهي ڪنهن جي به ماتحت نه آهن. مگر بلهراءِ جي عظمت ۽ شرف جا قائل آهن ۽ جڏهن ان جا قاصد ۽ سفير ٻين راجائن جي دربار ۾ پهچندا آهن ته راجا جي عظمت جي اعتراف طور هو ان جي سفيرن کي جهڪي سلام ڪندا آهن ۽ راجا بلهراءِ عربن وانگر ڏيڻ ۾ سخي آهي، وٽس گهوڙا، هاٿي آهن ۽ ٻيو مال پڻ ججهو آهي. ان بادشاهه جي دولت يعني سڪن کي طاطري چيو ويندو آهي. ان جي تور عام سڪن کان ڏيڍوڻي هوندي آهي، ان جو سنه عربن جي سنه جي ابتڙ جيڪو عهد رسالت کان شروع ٿئي ٿو. بادشاهن جي سنه جلوس کان شروع ٿئي ٿو. ان جي بادشاهن جون عمريون وڏيون ٿينديون آهن. ڪي بادشاهه پنجاهه ورهين تائين حڪومت ڪن ٿا. اتان جي رعيت جو خيال آهي، ته سندن بادشاهن جي عهد حڪومت ۽ سندن وڏين عمرين جو سبب عربن سان محبت آهي. ڪوبه راجا ۽ ان جي رعيت بهلراءِ ۽ ان جي رعيت کان وڌيڪ عربن سان محبت نه ٿي ڪري.

هن سلطنت جي هر بادشاهه جو لقب بلهراءِ آهي، جهڙي ريت عراق جي سلطنت جي هر بادشاهه جو لقب ڪسريٰ وغيره آهي. اهو ڪنهن خاص بادشاهه جو نالو نه آهي. بلهراءِ جي سلطنت ۽ سرزمين جو مهڙ سامونڊي ڪناري سان شروع ٿئي ٿو. ان علائقي کي ڪوڪن چيو ويندو آهي، جيڪو خشڪيءَ(1) ۾ چين تائين هليو ويو آهي. ان جي آس پاس گهڻائي راجا آهن، جيڪي ساڻس وڙهندا جهيڙيندا رهندا آهن، پر هو سڀني تي غالب اچي ويندو آهي. انهن مان هڪ گجرات جو راجا آهي، جنهن وٽ وڏيون فوجون آهن. ڪنهن به هندستاني راجا وٽ ايتريون فوجون ۽ گهوڙا ڪونه آهن. هُو عربن جو دشمن آهي، پر هُو اها ڳالهه مڃي ٿو، ته عربن جو بادشاهه سڀني کان وڏو آهي. ان کان وڌيڪ ڪوبه هندستاني اسلام جو دشمن ڪونه آهي. هيءُ خاڪناءِ (ڪاٺياواڙ) ۾ رهي ٿو. وٽس دولت، اُٺ ۽ ٻيو مال تمام گهڻو آهي. هن ملڪ جا ماڻهو چانديءَ جي عيوض سون خريد ڪندا آهن. چون ٿا ته سندس ملڪ ۾ ڪيتريون ئي کاڻيون آهن. هن شهر کان وڌيڪ ڪوبه شهر چوري کان محفوظ نه آهي. ان جي هڪ ڪناري طاقن (دکن) جو راجا آهي، جنهن جي مملڪت ننڍي آهي. هتان جي عورتن جو رنگ گورو آهي ۽ اهي هندستان جون تمام خوبصورت عورتون آهن. لشڪر جي کوٽ جي ڪري هيءُ راجا پنهنجي آس پاس جي راجائن سان صلح ڪري سڪون سان رهي ٿو ۽ بلهراءِ وانگر عربن سان محبت ڪري ٿو.


(1) ممڪن آهي ته ’بَلو‘ هجي، ڇاڪاڻ ته اهو نالو اڄ به سنڌ ۾ عام آهي. (مترجم)

(1) آخري جملو صحيح معلوم نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته سهوڻ قديم زماني کان سنڌ ۾ واقع آهي. اهو سمنڊ جي ڪناري نه پر درياء جي ويجهو واقع آهي. - مترجم

(1)  سليمان تاجر، بحر هند کي هرگند سڏيو آهي. هرگند سمنڊ جي ان حصي کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڏاکڻي هند جي ڪنارن سان وهي ٿو، (عرب و هند ڪي تعلقات ص-126)

(2)  ان مان مراد جزائر شرق الهند ۽ جزيره نماء هند آهي.

(3)  ياقوت ان کي رامي لکيو آهي، ان مان مراد خليج بنگال آهي.

(4)  فضور دراصل هڪ وڏو شهر ۽ بندر آهي ۽ ڪافور جي پيداوار کان مشهور آهي.

(5)  ڳاڙهي رنگ جي هڪ ڪاٺ جو قسم، جنهن جا پن بادام جي پنن وانگر هوندا آهن.

(6)  انڊومان سمنڊ جيڪو هرگند سمنڊ کان پوءِ اچي ٿو.

(7)  يعني سلهٽ چاٽگام جيڪي هينئر به دريائي بندر آهن.

(1) چندا پور مالا بار سان ڳنڍيل مدراس صوبي ۾ مغربي گهاٽ تي واقع آهي. اڄڪلهه ان کي گوا چيو وڃي ٿو. اٽڪل ٻه سؤ ورهين کان ان تي پور چوگيزن جو قبضو آهي ۽ هندوستان ۾ پورچوگيزي قبضن جو اهوئي گاديءَ وارو هنڌ آهي.

(2)  يعني چيني سمنڊ

(1)  سمنڊ جي ڪناري هيءُ علائقو چين تائين پکڙيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org