سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:14

ڊاڪٽر علي اڪبر ’اسير‘ قريشي

 

 

 

 

مون کي ريءَ لکڻ نه آهي ڪار

]فقير هدايت علي نجفي تارڪ جي سنڌي ڪلام تي هڪ نظر[

ڊاڪٽر نوازعلي شوق ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌي ادب ۾ سندس نانءُ وڏو آهي. هن سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. اڄ تائين سندس ڪيترائي مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. هن ادب جي هر پهلوءَ تي خوب قلم آرائي ڪئي آهي. تحقيق، ترتيب ۽ ترجمن جي صورت ۾ پاڻ ملهايو اٿس. سنڌ جي صوفي به بزرگن درويشن ۽ شاعرن جي ڪلام کي سهيڙي، سوڌي سنواري ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي گمنام شاعرن کي متعارف ڪرايو اٿس. حافظ شيرازيءَ جو شعر آهي ته:

آخر زچه گويم هست ازخود خبرم چون نيست

از بهر چه گويم نيست با اونظرم چون هست.

مان ڪهڙيءَ طرح چوان ته هُو آهي، جڏهن ته مون کي پنهنجي ئي خبر نه آهي.

مان ڪنهن لئي چوان ته هُو نه آهي، جڏهن ته ان تي منهنجي نظر آهي.

جڏهن کان سيد اظهر گيلانيءَ ۽ فقير قادربخش المعروف قادن فقير تُنيو (لعلورانوڪ) جن سان منهنجو ناتو جُڙيو، تڏهن کان حضرت علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جي تصنيفن ۽ شعر و شاعريءَ کان واقف ٿيس. فقير قادن ۽ سيد اظهرگيلاني، علامه تارڪ جي هرحال کان واقف هئا. آئي وئي کي علامه تارڪ جون ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳهير ٿي ٻڌائيندا هئا. مگر ڳالهيون ڪندي يا علامه جي شاعري ٻڌائيندي ٿڪبا ئي ڪين هئا. مون کي به علامه جي ڪم تي نظر رکڻ جو موقعو هنن ٻنهي شخصيتن ۽ هستين کان حاصل ٿيو. اهڙيءَ طرح علامه نجفيءَ ۽ سندس ڪم سان عقيدت ۽ محبت ۾ اضافو ٿيندو رهيو.

حضرت علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ تي جن اديبن۽ عالمن ڪم ڪيو آهي. انهن ۾ پهرئين نمبر تي سيد اظهر گيلاني (گهوٽڪي)، ٻئي نمبر ڊاڪٽر نوازعلي شوق جو نالو وٺي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت محمد مبارڪ بروهيءَ کي به نه ٿو وساري سگهجي، هن تارڪ سائينءَ تي ڪو وڏو ڪم ته نه ڪيو آهي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان علامه تارڪ جي ڪم تي مختصر طور تي هن ايم.اي جو مونو گراف (1965ع) لکي ڪجهه حق ادا ڪيو آهي. سندس هيءُ مقالو اڄ تائين اشاعت هيٺ نه اچي سگهيو آهي. هيءُ مونو گراف به علامه تارڪ جي شخصيت ۽ زندگيءَ بابت اڌورو ۽ اڻپورو مواد پيش ڪري ٿو. انهن کان پوءِ هيءُ بندو علامه تارڪ سائينءَ متعلق نور نچوئيندو، سرگرم ۽ سرگردان آهي. مون مختلف مقالا ۽ مضمون لکي علامه سائينءَ کي متعارف پئي ڪرايو آهي. هن سلسلي ۾ منهنجو اهڙو پورهيو پرگهٽ ٿيو آهي، پر اڃا به تحقيق ۽ ڳولا ڦولها، جاکوڙ ۽ جستجو جاري آهي. علامه تارڪ جا جيڪي شهپارا مون کي معلوم ٿيا يا هٿ لڳا آهن، تن جو اڳتي ذڪر ڪيو ويندو.

طويل مدت کان پوءِ ڊاڪٽر نوازعلي شوق جي پي ايڇ.ڊيءَ جو مقالو، سنڌ ثقافت کاتي سال 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن لاءِ ڊاڪٽر نوازعلي شوق لکي ٿو:

”مون هيءَ ٿيسز سنه 1978ع ۾ مڪمل ڪئي هئي. دل ته گهڻو ئي چاهيندي هئي ته منهنجو هيءُ تحقيقي مقالو، ڪتابي صورت ۾ شايع ٿئي، پر مون وٽ ايترو پئسو ڪونه هوندو هو، جو پنهنجو مقالو ڇپرائي سگهان. ثقافت کاتي پاران هڪ اشتهار ڏنو ويو ته جن اديبن، عالمن وٽ مسودا پيل آهن، سي ڇپرائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي موڪلي ڏين. مون به بسم الله چئي پنهنجوPh.D جو مقالو موڪلي ڏنو. ڀاڳ ڀلا جو اهو مقالو پبليڪيشن ڪميٽيءَ ڇپرائڻ جي سفارش ڪئي ۽ منهنجو هيءُ تحقيقي مقالو، شاندار نموني ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي (ص 12-13).“

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نوازعلي شوق جيڪي باب رکيا آهن، تن جو وچور هن ريت آهي: سوانح عمري، ادبي صورتحال، تارڪ جا دوست ۽ ساٿي شاعر، تارڪ جي شاعريءَ جو ادبي جائزو ۽ متن. بعد ۾ جن ڪتابن تان استفادو ڪيو اٿس، انهن جو ترتيب وار تفصيل آهي. سڀ کان پهريان ڪتاب جو انتساب سيد اظهر گيلانيءَ ڏانهن منسوب ڪري نيڪ ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿس. وچور کان پوءِ پبلشر جو نوٽ، پهريان ٻه اکر ۽ پيش لفظ جا عنوان ڏنا ويا آهن. ڪتاب 303 صفحن تي مشتمل آهي. متن 193 کان 299 تائين جي صفحن يعني 106 تي روشني وجهي ٿو.

سيد اظهرگيلاني سنڌي ادب جو وڏو نالو ۽ اڻ مٽ نشانو آهي. سيد سائينءَ سنڌي ادب ۾ اٽڪل 212 ڪتاب لکيا آهن. جن مان هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ شاعريءَ جا ڪتاب آهن. شاعريءَ ۾ غزل جا ويهه ديوان لکيا اٿس. هيءُ هڪ وڏو ڪارنامو آهي. غزل ۾ ايترا ديوان ڪنهن به ٻئي شاعر ڪونه لکيا آهن. باقي ڪتاب مختلف عنوانن تي منحصر آهن. سيد اظهر گيلانيءَ کي علامه تارڪ سان بي پناهه عقيدت ۽ محبت هوندي هئي. مون به سيد اظهرگيلانيءَ جي صحبت ۾ ڳچ عرصو گذاريو آهي، جڏهن به ڪا گفتگو ٿيندي هئي ته علامه تارڪ جو ڪونه ڪو شعر يا ڪو پورو غزل ٻڌائي سيد اظهر گيلاني لطف اندوز ۽ محظوظ ڪندو هو. مگر وقفي وقفي سان علامه نجفيءَ جو خوب ذڪر ڪندو هو. سيد سائينءَ جي ان صحبت مون کي علامه تارڪ جي احوال ۽ سندس تصنيفن کان واقف ڪيو. انهن ڏينهن کان وٺي علامه تارڪ سائينءَ جي شاعري ۽ تصنيفن ڏانهن منهنجو لاڙو وڌيو، ۽ ٻه چار مسودا (قلمي) ڳولي ڦولهي هٿ ڪري، انهن جا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ رکيم، اصلي مخطوطا اصل مالڪن کي واپس ڪيم.

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. مٿس ڪيترائي تحقيقي مقالا لکرائي سگهجن ٿا ڇو ته هو باڪمال ۽ لافاني شاعر ۽ مصنف جي حيثيت رکي ٿو. اهڙيءَ ريت بسيارگو شاعر پڻ آهي. هن اٽڪل نون ٻولين ۾ شاعري ڪئي. پر هن وقت سندس ڪلام ستن ٻولين ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه اردو، عربي، فارسي ۽ سنڌي وغيره ٻولين ۾ نثر به خوب لکيو اٿس، ۽ مختلف ڪتابن جا سنڌيءَ مان فارسي، فارسيءَ مان سنڌي ۽ عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجما به ڪيا اٿس. ڪي طبعزاد ڪتاب پڻ لکيائين ڇو ته کيس هميشه لکڻ جي هوندي هئي ۽ واندو ويهڻ کي بيڪار سمجهندو هو. جيئن عطار جي قصيدي جي منڍ ۾ چوي ٿو:

ٿو لکان مون قصيده عطار

جو مون کي ريءَ لکڻ نه آهي ڪار

عمر جي نهايت قليل عرصي ۾ نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪتاب لکيائين. ڪن ڪتابن جون ٻه ٻه ڪاپيون به تيار ڪيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 200 کن تائين پهچي ٿو. نثر ۾ تحقيق ۽ ترجمن جي صورت ۾ ڳچ تصنيفون موجود آهن ۽ نظم ۾ ته پلر پلٽيا ۽ واهڙ وهايا اٿس. نظم جي اها جنس نه آهي، جنهن تي علامه سائين طبع آزمائي نه ڪئي هجي. هن مذڪور ٿيسز ۾ نظم جون مڙئي جنسون درج ڪيون ويون آهن، جهڙوڪ: غزل، رباعي، ڪافيون، بيت، جهولڻا، قطعا، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، ترڪيب بند وغيره. مطلب ته علامه تارڪ سائين گهر صنف تي خوب لکيو آهي.

مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب جي خدمت ۾ ٻئي نمبر تي علامه تارڪ نجفيءَ جو نالو شمار ڪري سگهجي ٿو. جيترو علامه تارڪ عمر جي ٿوري عرصي ۾ لکيو آهي، شايد ايترو ٻئي ڪنهن به ڪونه لکيو آهي. ائين کڻي چئجي ته علامه نجفي ڄمندي ڄام هو. ڇو ته روزي نماز جو پابند، هر فرقي ۽ فتني کان پري، زندگيءَ جي قيد کان آزاد، تصوف جو ڄاڻو، ڪيترين ٻولين جو ماهر ۽ شاعر، اديب ۽ عالم فاضل، عاشق صادق، سهڻو سيبتو سخنور، هن جو نه جوڙجيس نه وري همسر، مڙني شاعرن، اديبن ۽ عالمن کان مختلف، نينهن ۾ نشانبر، موسيقيءَ کان ڀليءَ ڀت واقف، سچل ثاني، هر دل عزيز، خداپرست ۽ حسن پرست مطلب ته مڙني خوبين جو مالڪ هو.

ڊاڪٽر نوازعلي شوق جي مذڪور تحقيقي مقالي جو مون پورو پورو مطالعو ڪيو آهي. منجهس ڪيتريون ئي پروفن جون چُڪون آهن، ۽ ڊاڪٽر صاحب کان به ڪجهه غلطيون ٿيون آهن، جن جي نشاندهي ڪرڻ ضروري سمجهيم. ڊاڪٽر شوق لکي ٿو ته: علامه تارڪ جو شجرو فقير قادر بخش کان پڇي لکيو ويو آهي. سو غلط آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر شوق علامه سائينءَ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”عمدة الطالب في انساب آل ابو طالب“ جو غور سان مطالعو ڪري ها ته ڊاڪٽر صاحب کي ڪنهن کان به پڇڻ جي ڏکيائي درپيش نه اچي ها. هن ڪتاب جي پهرئين صفحي تي علامه سائينءَ پنهنجو شجرو پاڻ لکيو آهي، جيڪو هن ريت آهي:

”محمد هدايت علي ولد الهداد فقير ابن شيخ محمد ابن حيسب ابن سعدو ابن نظر ابن نوروابن لعلوابن دائود ابن لعلو ابن محمد يعقوب ابن سلطان طيب ابن شيخ عيسيٰ ابن شيخ الياس ابن بهاؤالدين بن نورالدين بن شمس الدين ابن برهان الدين شهيد ابن پيرعباس ابن پير بايزيد بن پير عبيد قريشي علوي المعروف تونيه فقير اولاد حضرت عباس بن علي بن ابيطالب.“

ڊاڪٽر نوازعلي شوق پنهنجي ٿيسز ۾ علامه سائينءَ جو شجرو هن ريت لکي ٿو:

”فقير هدايت علي پٽ فقير الله داد عرف تراب علي پٽ فيض محمد پٽ حبيب سعد الله پٽ نظر پٽ نورپٽ لعلو فقير پٽ نورو پٽ دائود پٽ برهان الدين شهيد پٽ عباس پٽ بايزيد پٽ مجيد.“
 (ص 21)

علامه نجفي سائين اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي ڪلام جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سندس ڪلام مڙني خوبين جو اکٽ ڀنڊار آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر نوازعلي شوق ڪنهن حد تائين جوڳو مواد جمع ڪيو آهي. جنهن کي به علامه هدايت عليءَ جي سوانح حيات، ادبي ماحول، سندس ساٿي ۽ دوست شاعر ۽ همعصرن جي ڄاڻ نه آهي، انهن لاءِ هيءَ ٿيسز ڪارائتي ۽ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نهايت موزون معلومات مهيا ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت علامه جي حال ۽ قال کان واقفيت ۾ واڌارو ڪري ٿي. ٿورن لفظن ۾ هيءُ تحقيقي مقالو علامه نجفيءَ جي ڪيترن ئي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

علامه جنهن دور ۾ پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو، سو عروضي شاعريءَ جو دور هو، بلڪ عروضي شاعريءَ جي عروج جو عرصو هو. خاص ڪري غزل آهي، هن ئي دور ۾ وڏي هٿي ملي. مير عبدالحسين خان سانگي، مرتضائي ٺٽوي، مجتبائي، حاجي فضل محمد ماتم حيدرآبادي، محمد هاشم مخلص، شمس الدين بلبل، زمان شاهه، علي نواز علوي، مولانا عبدالغفور مفتون همايوني ۽ مرزا قليچ بيگ جي شاعريءَ جي هر هنڌ هاڪ ۽ ڌاڪ هئي. علامه تارڪ جي وقت لاڙڪاڻو عروضي شاعريءَ جو مرڪز ۽ آماجگاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ فقير علي محمد قادريءَ جي اوطاق تي شاعرن جو محفلون مچنديون رهنديون هيون ۽ غزل کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو.

علامه نجفي سائينءَ گهڻي کان گهڻو غزل چيو آهي، ٻئي نمبر ڪافيون چيون اٿس. ڪافين ۾ ڪلاسيڪي رنگ نهايت جهجهو ۽ جالارو آهي. غزل ۾ وري تصوف جو هڳاءُ ۽ هڳسان نرالو ۽ جداگانه آهي. مطلب ته غزل ۽ ڪافين ۾ طبع جا خوب ۽ خوبصورت جو هر ڏيکاريا اٿس. درحقيقت علامه نجفي بنيادي طور هڪ درويش صفت ۽ صوفي منش انسان هو. حضرت عشق ته سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. عشق کي ئي بنياد بنائي علامه سموريون منزلون طئي ڪيون آهن. اهو سڀ ڪجهه هن تحقيقي مقالي ۾ داخل آهي.

علامه تارڪ سائينءَ جي شاعريءَ ۾ سرفروشي حق شناسي، خداپرستي، تصوف، عاشق، محبوب تان سرفدا ڪرڻ، محبوب کي التجائون، آزايون نيزاريون ڪرڻ، محبوب کي پرچائڻ لاءِ ميڙون منٿون ڪرڻ، معشوق جون سڀ ادائون، ناز ۽ نخرا سرتي سهڻ، سر ڏئي سوڀ وٺڻ ۽ سرهو ٿيڻ، حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ وغيره اهڙيون ڪيتريون ئي خاصيتون علامه نجفيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ۽ علامه سڌي راهه تي هلڻ جي پڻ تلقين ڪري ٿو. لالچ ۽ لوڀ ڪيني ۽ ڪدورت، بغض ۽ بي حيائيءَ کان پري ڄڻ جي هدايت ۽ نصيحت ڪري ٿو. اهڙي ڪا به شيءِ نه آهي، جيڪا علامه جي ڪلام ۾ موجود نه هجي.

علامه محمد هدايت علي عالم، شاعر ۽ اديب هو، پر ان سان گڏوگڏ موسيقيءَ جو ماهر ۽ سٺو ڳائڻو پڻ هو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ سان پنهنجو ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام نهايت سهڻي سُر تار ۾ ڳائيندو هو. تارڪ سائينءَ وٽ هميشه چار ڳائڻا هڪيو حاضر هوندا هئا. جن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”لالوءَ جولال“ ۾ ڪيو آهي. مختصر ته علامه جو سمورو ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي. سندس غزل هجي يا ڪافيون هجن، تن ۾ تصوف جي ڪيترن ئي نڪتن کي نروار ۽ نشانبر ڪري وڃي پار پهتو آهي.

ڪتاب جي ڪجهه پروفن جي باري ۾ مذڪور مقالي ۾ پروفن جون ڪيتريون ئي غلطيون آهن. جن تي ضروري ڌيان ڏيڻ گهرجي ها. هن مان لڳي ٿو ته سنڌ ثقافت کاتي وارن يا ته تڪڙ مان ڪم ورتو آهي يا لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪري ڪتاب جي غلطين تي توجهه ئي نه ڏنو اٿن. اهڙي جلد بازيءَ جي ڪري ڪتاب جي لفظي سونهن ۾ ڪافي بگاڙ آيو آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ 1978ع کي 1987ع ڪري غلط لکيو ويو آهي ۽ هن مقالي جي ص 13 تي ”ٿيندڙ“
کي ”ٿيندر“ ڪري لکيو ويو آهي. هڪ ٻي غلطي جيڪا ڊاڪٽر مرتب کان سرزد ٿي آهي، اها علامه جي تصنيفن جي باري ۾ آهي. ص 14 تي ڊاڪٽر شوق لکي ٿو ته: مون علامه تارڪ جا 42 ڪتاب سيد اظهرگيلانيءَ وٽ ڏٺا. وري ص 32 تي علامه جي نثر ۽ نظم جي 43 ڪتابن جو ذڪر ڪري ٿو. جڏهن ته علامه جي تصنيفن جي فهرست ۾ 40 ڪتابن جو انگ ظاهر ڪري ٿو. هن تي نظرثاني ڪرڻ کپندي هئي، ته ڪتابن جو تعداد ڪيترو آهي. جڏهن ته حفيظ الرحٰمن حفيظ بهاولپوري حوالي سان آهي ته: 
علامہ نے سیکڑوں کتابیں لکھ ڈالیں.“ هن مان واضح آهي ته علامه جي ڪتابن جو تعداد نه 40 آهي، نه وري 50 ۽ نه وري سَوَ جي لڳ ڀڳ آهي. ص 21 تي شعر کي شاعر، ص 22 تي ٺوڙهي شريف بجار کي ٺوڙهي شريف پيچوها، سالڪ جي ولادت جو سال 1288هه آهي، جنهن کي ساڳئي ص تي 1388هه لکيو ويو آهي. ص 23 تي مسند کي سند، محل شريف کي محل شريفت، ص 26 تي ڪارونڀار کي ڪارونڀاريا، نانگو کي ننگو ڪري لکيو ويو آهي. ص 26 تي علام سائينءَ جو هڪ پورو غزل ڏنو ويو آهي، جنهن جي پنجن مصرعن مان ”نه“ لفظ ڪڍيو ويو آهي. جيئن هڪ سٽ آهي: ”سڀ ڪيش کان بيگانه، ڪافي نه مسلمان.“ صحيح طرح ڪليات تارڪ سنڌي (قلمي) ۽ ديوان تارڪ (1989ع) ۾ هن ريت آهي:

”سڀ ڪيش کان بيگانه، نه ڪافر نه مسلمان.“

هر قافيي کان پوءِ ”نه“ اکر اچڻ گهرجي، جيڪو هت حذف ڪيو ويو آهي. ص 30 تي سندي کي سنڌي ۽ تنقيد کي تن قيد ڪري بگاڙيو ويو آهي. ص 34 تي دادن فقير کي لاڙڪاڻي وارو سڏيو ويو آهي، جيڪو درست نه آهي. درحقيقت دادن فقير ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقي وارهه ۾ ڄائو هو، ڪجهه وقت نصير آباد ۾ پڻ رهيو، بعد ۾ راڌڻ (تعلقو ميهڙ) هليو ويو، جتي وفات ڪيائين. (هيءَ پروف جي غلطي نه آهي، پر هيءُ احوال هتي اچي ويو.) ص 38 تي ”قالب ۾ هيئت“ جيڪو ’قالب ۽ هيئت‘ ٿيڻ گهربو هو. ساڳئي ص تي ”سندي جي“ نه بلڪ ’سنڌ جي‘ درست آهي. ص 39 تي ’ادبي‘ نه پر ’ادب‘ صحيح آهي. ص 43 تي ’سميلن‘ کي سيلن لکيو ويو آهي. ص 44 تي ’نمونن‘ بجاءِ نمومن ٿي ويو آهي. ص 47 تي علامه نجفي سائينءَ جو هڪ غزل ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هيءُ بند نه آهي:

نه ڪنهن کي آهه طاقت حڪم تنهنجي کان جو منهن موڙي

اگر آهي ولي الله يا ڪو چور زاني آهه. (ڪليات تارڪ قلمي)

ساڳئي ص تي شمس العلماء کي ’شمس العماء‘ ۽ مرزا افضل کي مرزا فاضل لکيو ويو آهي. ص 48 تي حاشيي ۾ ’تخلص کي ’تخلق‘، ص 49 تي اردو لفظ ’لُٽ‘ کي ’لڻ‘ ڪيو ويو آهي. ص 50 تي زمانو کي زمان ۽ سال 1995ع لکيل آهي، جيڪو درست سال 1923ع آهي. مذڪور مقالي ۾ هڪ ٻي وڏي چُڪ آهي. اها هيءَ ته ٻڍل فقير جي وفات جو سال 1939ع لکيل آهي (ص 68). ٻڍل فقير جي وفات جو درست سال 1929ع آهي. مون هتي ڪجهه چُڪن جي نشاندهي ڪئي آهي، ڪتاب ۾ اڃا به کوڙ ساريون غلطيون آهن، جن ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ڪجهه علامه تارڪ سائينءَ جي تصنيفن جي متعلق:

هن مقالي ۾ علامه سائينءَ جي تصنيفن جو تعداد 40 لکيو ويو آهي. انهن مان ڪن جون تاريخون درست آهن، ته ڪن جون غلط درج ٿيل آهن. علامه جي 40 تصنيفن کان علاوه ڪجهه تصنيفن جا نالا معلوم ٿيا آهن ۽ ڪن جون وري فوٽو ڪاپيون هن فقير وٽ آهن، جن جو تفصيل بعد ۾ ڪيو ويندو.

هن مقالي ۾ ’مثنوي برهان الواصلين‘
فهرست ۾ نائين نمبر تي آهي. هيءَ مثنوي‘ قرآن شريف جي چند آيتن جو ترجمو آهي. هن مثنويء جا ٻه نسخا آهن. سيد اظهرگيلانيءَ جي چواڻي ته مرزا اسد بيگ وٽ محفوظ آهي. پر مرزا صاحب کان پڇيو ويو ته جواب نفيءَ ۾ آيو. (ص 186) هن مثنويءَ جي فوٽو ڪاپي ڊيمي سائيز، سيد اظهر گيلانيءَ جي قائم ڪيل ’علامه تارڪ لئبريري‘ گهوٽڪيءَ ۾ 2008ع ۾ مون ڏٺي. 2- ٻي ڪاپي حاجي احمد نواز پيچوهو وٽ مون ڏٺي جيڪا فل اسڪيپ پيپر تي آهي. هن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي مون وٽ به محفوظ آهي. هيءَ 47 صفحن تي منحصر آهي. هن مسودي جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 7- جمادي الثاني 1351هه/9 – آڪٽوبر 1932ع آهي.

ڪتاب نمبر- 18 ديوان تارڪ اردوءَ جو غلط اندراج ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ص 187 تي ڊاڪٽر شوق لکي ٿو ته: هيءُ تارڪ جي اردو غزلن جو نامڪمل ديوان آهي. هن ڪتاب ۾ رديف خ تائين غزل ڏنا ويا آهن، ٻيا غزل گم آهن. هيءُ ڪتاب 40 صفحن تي پکڙيل آهي.“

”ديوان تارڪ“ اردو هڪ مڪمل ديوان آهي. جيڪو علامه تارڪ لئبريري گوٽڪيءَ ۾ موجود آهي. هن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي مون وٽ  به آهي. هن ۾ 200 غزل آهن ۽ 133 صفحن تي مشتمل آهن هن جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 6- مارچ 1936ع مطابق ذوالحج 1354هه آهي. ڊاڪٽر شوق  ذڪر ڪيو آهي، سو ڪنهن حد تائين صحيح آهي. اهو نسخو به علامه تارڪ لئبريريءَ ۾ موجود آهي. ان جا باقي غزل ڪنهن ٻئي نسخي ۾ هوندا. ڪتاب نمبر 25 (ص 188) تي راز اظهار آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر شوق لکيو آهي ته: ”تارڪ فقير کي عطار جو ڪلام گهڻو پسند هو. عطار جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. راز اظهار عطار جي مشهور تصنيف بيسرنامه عطار جو منظوم سنڌي ترجمو آهي. هيءُ ڪتاب، 16 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو 1362هه مطابق 1940ع ۾ لکي پورو ٿيو.“

ڊاڪٽر نوازعلي شوق کان هتي وڏي غلطي سرزد ٿي آهي، جيڪا راز اظهار جي پوري ٿيڻ جي تاريخ لکي اٿس سا درست نه آهي. جڏهن علامه تارڪ سائينءَ جي وفات جو سال 1939ع مطابق 1358هه آهي، ته پوءِ حضرت علامه تارڪ هيءَ مثنوي ڪيئن ترجمو ڪئي. هن مثنويءَ جي فل اسڪيپ تي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي. هن جا 07 صفحا آهن. هن جي ٻي ڪاپي حضرت علامه تارڪ لئبريري گهوٽڪيءَ ۾ اصل مسودي جي صورت ۾ موجود آهي. هن جي پهرئين صفحي تي ڪتاب جي تاريخ 22- 08- 1930ع لکيل آهي.

ڪتاب نمبر 39 تحفة الڪرام جو ذڪر ص 190 تي درج ٿيل آهي. هن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر شوق لکيو آهي ته: 400 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو بلڪل غلط آهي. هيءُ ڪتاب، اسان لاءِ انسائڪلو پيڊيا جي حيثيت رکي ٿو. هن جو ترجمو حضرت علامہ محمد هدايت علي نجفي تارڪ ڪيو آهي جيڪو 784 صفحن تي ڦهليل آهي. هن ۾ ميرعلي شير قانع جا ٽيئي جلد اچي وڃن ٿا. ڪتاب جي شروعات جون  1937ع ۾ ٿي ۽ علامه سائينءَ فيبروري 1938ع تي ”تذڪره العظام ترجمه تحفة الڪرام“ جي نالي سان پورو ڪيو. هن جي مڪمل فوٽو ڪاپي مون وٽ موجود آهي. هيءُ مڪمل مسودو اسان جي ادبي ادارن کي شايع ڪرڻ گهرجي. تحفة الڪرام کان پوءِ ڪتاب 40 نمبر ”عمدة الطالب في انساب آل ابي طالب“ جي ذڪر تي علامه جي تصنيفن کي پورو ڄاڻائي ٿو.

هن ڪتاب جو اصل نالو علامه تارڪ ”سلڪ الاقارب ترجمه عمدة الطالب في انساب آل ابوطالب“ رکيو. ڊاڪٽر شوق جنهن مسودي جو ذڪر ڪيو آهي، شايد ان تي نالو لکيل نه هجي. ڊاڪٽر هن ڪتاب لاءِ ڄاڻايو آهي ته 190 صفحن تي آهي ۽ هن جو سن لکيل نه آهي.

هن مسودي جو هڪ ٻيو نسخو سال 2005ع ڌاري مون کي قنبر مان هڪ دوست وٽان حاصل ٿيو. مون ان جي فوٽو ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي. علامه تارڪ سائينءَ هن مخطوطي جي مصنف جو نالو سيد جمال الدين بن احمد بن علي بن الحسين بن مهنا بن عتبة الاصغر الداؤدي الحسني لکيو آهي. جيڪو ڪتاب جي پهرئين ئي صفحي تي ڏنل آهي. علامه نجفي تارڪ هن ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جو سال 4- آگسٽ 1934ع ڏينهن ڇنڇر لکيو آهي. ليڪن ڊاڪٽر نواز علي شوق نه ڪتاب جي مصنف جو نالو ۽ نه وري ڪتاب جي پوري ٿيڻ جو سال ڄاڻايو آهي. هيءُ مسودو 496 صفحن تي منحصر آهي.

هن مقالي جي ذڪر پوري ڪرڻ کان پوءِ حضرت علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جي انهن تصنيفن ۽ ترجمن جو بيان ضروري سمجهي هتي ڏيان ٿو ته جيئن علامه سان محبت ۽ عقيدت رکندڙن کي سُڌ پوي:

1.            استاد فارسي هيءُ ڪتاب مولانا مولوي حاجي الهيٰ بخش ڳوٺ ٻانهو لاکير جو آهي. جنهن کي علامه تارڪ ميان غلام عمر ولد مولانا مولوي ميان محمد محبت الله تونيه ساڪن ٺوڙهي شريف جي فرمائش تي لکي پورو ڪيو. هن ۾ 49 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب، 7- شعبان سنه 1354هه تي مڪمل ڪيائين. هن جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي.

2.                       استاد فارسي (لغت): هيءَ 25 صفحن تي مشتمل آهي. هن جي پوري ٿيڻ جي تاريخ نه آهي.

3.                       ڪتاب الصيد والذبائح عرف ذبح شڪار سنڌي، هيءَ اصل تصنيف مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي آهي. هن ڪتاب جو ترجمو سڌاريل اضافن سميت فقير اثيم ابوالبرڪات عبدالڪريم انصاريءَ ڪيو. جنهن کان پوءِ علامه تارڪ نائين صفرالمظفر 1357هه) پورو ڪيو. هن ۾ ڪل 80 صفحا آهن. هن جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي.

4.           خطن جو ڪتاب: هن جا ٻه باب (الف، خانگي خط، ب، سرڪاري خط) صفحا 225 (ڪل خط – 175) سال 1934ع کان شروع ڪري 16 مئي 1937ع مطابق پنجين ربيع الاول 1356هه يوم آچر الوقت ظهر موسم گرما ۾ لکي پورو ڪيائين. هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لئبريريءَ ۾ موجود آهي.

5.           نيشان علي فقير ۽ دولهه دريا خان ڪلهوڙو جو ڪلام: هيءُ مسودو مرحوم خادم حسين شاهه جي ذاتي لئبريريءَ ۾ موجود آهي. هن جو سَن معلوم نه آهي.

6.           جواهرالقرآن: اصل مترجم مولانا رفيع الدين آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو حضرت علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ 3- رمضان المبارڪ 1349هه مطابق 23- جنوري 1931ع يوم  جمع  وقت ظهر موسم سيارو ۾ لکي پورو ڪيو. هيءُ 193 صفحن تي مشتمل آهي. هن جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي.

7.                       قصيده وحدت جو اسرار ترجمه قصيده عطار: هيءُ ڪتاب 14 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪليات تارڪ سنڌيءَ (قلمي) ۾ داخل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو نسخو ”بره جو بهار“، ترجمو قصيده عطار جي نالي سان آهي. هن جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي. هن جا 12 صفحا آهن. هن جي پوري ٿيڻ جي تاريخ 07 ڊسمبر 1931ع برابر 26- رجب 1350هه ڏينهن سومر وقت عصر آهي.

8.           مسدس حالي: هن ڪتاب جو ترجمو علامه تارڪ فارسيءَ ۾ ڪيو آهي. هيءُ نسخو ڊاڪٽر نوازعلي جي لئبريريءَ ۾ موجود آهي. هن جو ذڪر ڊاڪٽر شوق، فقير قادربخش بيدل جي ڪتاب ”پنج گنج“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جامع ڪراچي سال 2000ع ۾ شايع ڪيو آهي.

9.           قرة العينين في مناقب السبطين جو مصنف فقير عبدالقادر المعروف قادربخش بيدل آهي. هن نسخي جي ڪتابت علامه تارڪ سائين ڪئي آهي. هن نسخي جون ٻه ڪاپيون آهن. 1- علي اطهر موساڻي صاحب  جي ملڪيت آهي. 2- سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جي ملڪيت ۾ شامل آهي. هن نسخي جي ڪتابت جي تاريخ 30- ذوالقعد 1334هه/ 29- سيپٽمبر 1916ع آهي. هيءُ ڪتاب، نوشاد علي جعفري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، مٿس تحقيقي حاشيه ۽ مقدمو لکي، موج پبليڪيشن روهڙيءَ طرفان 2011ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.

10.       آثار العرفان ترجمو سورة الفرقان: هي مثنويءَ جي صورت ۾ آهي، علامه سائينءَ 1351هه/ 1932ع تي لکي پوري ڪئي.

11.        بيدل جو رسالو: هيءُ ڪتاب علامه تارڪ لئبريريءَ ۾ موجود ۽ محفوظ آهي. هن جي ڪتابت جو سن معلوم نه آهي.

12.       نواب ولي محمد لغاريءَ جو ڪلام: هن نسخي جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نواب ولي محمد لغاريءَ جي ڪلام ۾ ڪيو آهي.

13.        فيض دريا شاهه جو ڪلام: علامه سائينءَ هيءُ ڪتاب، 25- سيپٽمبر 1934ع تي لکي مڪمل ڪيو. هيءُ نسخو علامه تارڪ لئبريريءَ ۾ موجود آهي.

14.       هيءُ ڪتاب، عبدالغني ڀٽيءَ ترتيب ڏيئي سپنا ڪتاب گهر شڪارپور پاران سال 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

15.       فهرست مضامين: هن نسخي ۾ ڪيترن ئي شاعرن، جهڙوڪ: شاهه نصير، صفي الله شاهه، حفيظ تيوڻو ۽ ٻين جو ڪلام هن ۾ درج ٿيل آهي. ان کان علاوه علامه پنهنجون ٽي مثنويون راز اظهار، نظم مقبول ۽ برهان الواصلين جمع ڪيون آهن. هيءُ نسخو، حاجي احمد نواز پيچوهو جي پوين وٽ آهي. هيءُ مسودو 344 صفحن تي مشتمل آهي.

16.       ديوان مير جان الله شاهه رضوي هن نسخي جي ڪتابت علامه تارڪ سائينءَ ڪئي آهي. ٻه چار سال ٿيندا، ته جو هيءُ ديوان (فارسي) ڇپجي چڪو آهي. هن وقت هيءُ نسخو سيد عبدالحسين موسويء جي ملڪيت آهي.

17.                ڪليات نثر بيدل: هن ڪليات ۾ بيدل سائينءَ جون مختلف مثنويون آهن. جن جي ڪتابت حضرت علامه تارڪ سائينءَ ڪئي آهي. هيءُ مسودو، ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آهي. هن نسخي جي ڪتابت جو سال 29- سيپٽمبر 1916ع مطابق 30- ذوالقعد 1334هه آهي. بيدل سائين جون هي مثنويون سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري سال 2012ع ۾ ڪتابي صورت ۾ هڪ هنڌ ”احوال و آثار عبدالقادر بيدل صوفي القادري“ جي نالي سان ڇپائي پڌريون ڪيون آهن. جن جو، تصحيح و تعليق ۽ مقدمو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري لکيو آهي. اصل مسودو سيد عبدالحسين موسويءَ جي حق ملڪيت ۾ شامل آهي.

دانايان فرنگ: هيءُ ڪتاب 95 صفحن تي مشتمل آهي. علامه تارڪ هيءُ ڪتاب، 24- جنوري 1935ع تي لکي پورو ڪيو. هيءُ مسودو سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org