فراخ جانوري
وائي
تنهنجا نيڻ نهار،
منهنجو روح رڱي ڇڏيو.
انگ انگ منجهه ڦٽي پيا،
ڪيئي مينديءَ ڏار،
منهنجا روح رڱي ڇڏيو.
انڊلٺ جهڙي تنهنجي،
رنگ برنگي پيار،
منهنجو روح رڱي ڇڏيو.
اکڙين مان جيڪو ڏنئي،
ارپي کيپ خمار،
منهنجو روح رڱي ڇڏيو.
تنهنجي نخري ناز ۽،
گجريءَ جي گفتار،
منهنجو روح رڱي ڇڏيو.
دل کي تنهنجي چاهِنا،
ارپي مينگهه ملهار،
منهنجو روح رڱي ڇڏيو.
غزل
موسم وئي بدلجي نظارا ٽڙي پيا،
تنهنجي حسين مرڪ سان گلڙا ٽڙي پيا.
ڪومل اوهان جي سونهن جا جلوا واپسي پرين،
ڪيئي اسان جي ساهه ۾ سپنا ٽڙي پيا.
هڪڙي حسين جيئن ئي رونبو ڪرڻ لڳي،
ٻهڪي پيون ٻنيون به ۽ ٻارا ٽڙي پيا.
جيون اوهان جي ساٿ سان ڏاڍو مٺو لڳو،
دل ۾ جيئڻ جي آس جا ڏيئا، ٽڙي پيا.
پوکون پچي ٿيون راس، شروع لاب جيئن ٿيا،
هارين سندي هٿن ۾ ڏاٽا ٽڙي پيا.
توجو وفا جا پير اسان ڏي وڌائيا،
دل جي اجاڙ ڳوٺ جا رستا ٽڙي پيا.
بارش اٺي ته منٽ ۾ مهڪي پيون ڀٽون،
ٿر جا اداس ٿاڪ سارا ٽڙي پيا.
اندر جي ڪائنات ۾ چانڊاڻ ٿي وئي،
توکي ڏٺم ته جيءَ جا جذبا ٽڙي پيا.
ساحر راهو
غزل
پير کان پازيب تنهنجي، گفتگو آهي رٺل،
۽ اسان کان زندگيءَ جي جستجو آهي رُٺل.
ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول هو، رات پڇيو چنڊ کان،
زاهدن کان ڇو عبادت ۾ وضو آهي رُٺل.
شهر جي رنگين جهنگ ۾، بي شان آهيون اسين،
سانوري واهڻ جي اڄ ڪلهه، مشڪ بوءِ آهي رُٺَل.
ڄار ۾ ڦاٿل مڇيءَ جان، رات ڀر آهيان لُڇيو،
چنڊ تون ڄاڻي ٿو مون کان، ماهه رُو آهي رُٺل.
آهٽون ڪنهن جي نه ساهن، جون نه قدمن جا نشان،
توکان پوءِ رستا ئي ڇا، هر راهه رو آهي رُٺل.
ڀرجهلو ۽ ڀروسو آ، جام تن جو دوستو،
چاندني راتين ۾ جن کان، واهه رُو آهي رُٺل.
شام جي ٿڌڙي هوا، مون وانگيان تر کان به ڇا،
ڳوٺ جي محبوب خوشبو، نازبو آهي رُٺل.
منتظر ڪنهن لاءِ ”ساحر“ ناهي دل دهليز تي،
خواهشن ڪئي خودڪشي هر، آرزو آهي رُٺل.
غزل
اُڀاري دل ۾ مُرڪڻ جي، وري خواهش هلي ويندي.
ڪڙيون ناسور جون کولي، وسي بارش هلي ويندي،
ڪجل جي بي ترارين مان، اندازو ٿئي ٿو اُڻ تڻ جو،
سميٽي رات تاريڪي، سنجها دلڪش، هلي ويندي.
ڀنل موتي مٿان ويهندو، ڀئونرو شام جو تنهنجي،
سنڀارن جي صبا سائنڻ، ڪري سازش هلي ويندي.
تقدس ديوتائيءَ جو، گِرهڻ ٿيندو گويائيءَ تي،
پوڄارڻ اڄ به داسيءَ جان، ڪري پرستش هلي ويندي.
گهڻو ويجهو هُجڻ موقعو، ڏنو مون کي نه سوچڻ جو،
اڳئين ڪنهن موڙ تي ويڇو، وجهي ميهوش هلي ويندي.
وئي هولي به پلڪن تي، ستارا دوست چنبڙائي،
چپن کي رات ڏِياريءَ جي، ڏئي لرزش هلي ويندي.
گرم ٻانهن جي راحت ۽، غلامي پيار جي مڃبي،
جياپي جو جتن گهٽبو، خودي سرڪش هلي ويندي.
اُڻت اڌ ۾ ئي رهجي آ، خواهش جي هوءَ پٿر کي،
حرارت ڏيئي چُرپُر تي، هڻي بندش هلي ويندي.
هميشه جان ڏيئي در تي، هوا مالهڻ جيان دستڪ،
گُلن جي تازگي ساحر، ڪري بخشش هلي ويندي.
شڪيل پريالوي
غزل
( 1 )
واءُ يا مينهن ٿي، پل اپل هڪ گَهڙي،
منهنجين ويرانين ۾، اچي ڏِس اَڙِي.
( 2 )
رُڃَ جيون ۾ يادن جون کنڀيون ڦُٽيون،
ڪيڏي مٺڙي لڳي، زندگي هيءَ ڪَڙِي.
( 3 )
تنهنجي چانڊاڻ مان، مون چميليون چٽيون،
مون ته لفظن کي، سُرهاڻ تنهنجي جڙِي.
( 4 )
ڀِتّ جي اوٽ ۾، تنهنجي جوڀنَ جهلڪَ،
اَڄ به نيڻن مان، ڏيکارجين پئي کڙي.
( 5 )
توسان گڏجڻ جيون، ڪيڏيون ڦليون اڪ ڦليون،
ڌَر- تتي لُکَّ، ۽ لوههَ ڀوڳيم سڙِي.
غزل
ايڏي ڏيندي ڇو آن ڇِڪٰ،
ڇِڪيون ايندي آهي سِڪَ.
وچ ۾ هيڏو سارو لوڪُ،
تون هوءَ ڀِڪ مان هِيءَ ڀِڪَ.
ڪيڏا ڪکَ به رکجن مٺڙي،
پيارَ جي لِڪندي ڪيسين لِڪَ.
اڳتي ڪرب ڪشالا آهن،
پٺتي آهي ڦِڪي ڦِڪَ.
من جي مُنڊيءَ جي هوءَ،
شڪيل لڳندي آهي ٽِڪَ.
ذوالفقار ڪورائي
غزل
اِجهو اک جي اِشاري سان،
لڳايو تو ڪناري سان.
بهارون يار! آيون هِن،
خِزائن جي سهاري سان.
پڳو ڪاٿي نظارو ڪو،
نگاهِن جي نظاري سان.
ڪري جاڙون جدائي ٿي،
پٺيان تو ڪنهن ويچاري سان.
جڳن کان پاڻ واڳيل هون،
سنڌي ادبي اداري سان.
چڱو هاڻي اجازت ڏي،
وري ملبو ٻئي واري سان. |