سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:5

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

 

 

 

 

شاهه جي ڪلام ۾ ڪائنات سان لڳاءُ 

سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف جنهن کي ’ڀٽ ڌڻي‘ به سڏيو وڃي ٿو، تنهن جو ڪلام هڪ ادبي ڪرشمو آهي. هو عالمي پائي جو مفڪر هئو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ پيغام به عالمي سطح جو آهي. شاهه عبداللطيف کي شاعرانه قوت اعليٰ پيماني تي عطا ٿيل هئي، جنهن کيس هر طرح ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر بڻائي ڇڏيو. شاعريءَ جون سموريون صنعتون جي سخن جي سونهن آهن، شاهه عبداللطيف پنهنجي شعريه  اظهار ۾ بخوبي ۽ ڪماليت سان استعمال ڪيون آهن. خوبصورت شاعري ڪئي نه، پر ٿي ويندي آهي. اها شاعر جي وجود جو اٽوٽ حصو هوندي آهي.

ٻولي ۽ قوم جو رشتو دائمي آهي. هر قوم پنهنجي احساسات جو اظهار پنهنجي زبان ۾ ئي ڪري ٿي. شاهه لطيف به ائين ئي ڪيو آهي. عربي فارسيءَ جي سٺي شناس رکندي به، هن سنڌي زبان ۾ ئي ڪلام چيو. شاهه جي شاعري پنهنجي دور جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي. سوچ ۽ فڪر جي تيزي ۽ خيال جي گهرائي، شاهه لطيف جي ڪلام جون خصوصيتون آهن. وطن جي هر شيءِ سندس سوچ جي گهيري ۾ آهي. هو شعري مضمون پنهنجي آس پاس جي ماحول مان ئي کڻي ٿو. شاهه لطيف قدرت جي به ويجهو هو. ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي وڏن شاعرن جو قدرت سان هڪ قسم جو لڳاءُ رهيو آهي. شاهه جي ڪلام ۾ به قدرت پنهنجي انيڪ روپن رنگن ۾ اظهار پاتو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نديون آسمان، پهاڙ، ڏونگر، تارا، ڪَتيون نامعلوم ڪيترا دفعا استعمال ٿيا آهن. شاهه عبداللطيف جي سڀني سُرن ۾، ڪائنات سان لڳاءَ جو حوالو ۽ ذڪر جابجا ملي ٿو؛ جنهن جو شعري نفاستي صفتن سان تعلق جُڙي ٿو. شاهه لطيف جو ڪائناتي مظهرن سان گهرو لڳاءُ، هڪ طرح جي پنهنجائپ جو احساس ٿو ڏياري؛ نهايت ئي شاعرانه خوبيءَ سان انهن کي Personify ڪري ٿو، جو نهايت ئي پُر لطف آهي:

چَنڊَ چوانءِ سَچُ، جي مَٺي نه ڀائيين،

ڪڏهن اُڀرين سنهڙو، ڪَڏهن اُڀرين ڳچُ،

منهن ۾ ٻريئي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشاني پرينءَ جي.

(سرکنڀات)

هوءِ جي جَرڪئا جر تي، سي تان سَڀ حُبابَ،

هاديءَ سين هُنَ پار ڏي، رڙهين ساڻ رِڪابَ.

(سرسهڻي)

هن وائيءَ جي تهه ۾، معنيٰ جي وهڪ، سمجهڻ اوکي ناهي. حُبابُ، بندي جي هستي خالي آهي ڪا کن ئي ٽڪي ٿي. خالي هستي، پر ڏيکاءَ جي شوق کان ڇا ٿو پِڙ پوي. اِهو نڪتو بامقصد ئي نه، نصيحت آميز به آهي. ساڳئي سُرَ جي داستان ٽئين جي بيت نمبر 20 ۾ پنهنجائپ ڀري حجت سان، چتاءُ ڏئي ٿو، تيز وهندڙ ديار کي:

واهُڙ! ڀَريون  مَ ڏيڻو پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،

سدا سانوَڻَ ڏينهڙا، هئن نه هُونداءِ،

وِهاڻيءَ وينداءِ، اوڀر اُتاهان لَهي.

(سرسهڻي)

هن سڌي سنواٽي اظهار ۾، معنيٰ جو دفتر لڪل آهي، جنهن جو اِنساني حيات سان گهرو لاڳاپو آهي:

سانَدهِ سَڀُ درياهُ، پري ڪنڌي پارَ جِي،

ڇڪي ڇوليءَ ۾ گهڙي، جِتي جيءَ وِڙاهُ،

پَسيو ڏوهه ڏڪي هنئون، آر مَٿي اَرواحُ،

جي توه ٿِئي توڏانهن، ته ويرَ وهيڻو ناهِ ڪي.

(سرسهڻي)

هن بند ۾ علامتي رمز جو خوبصورت اظهار ڪيل آهي. زندگي درياء مثل آهي، جنهن کي پار ڪرڻ جي اوکائيءَ جو لڪل اِشارو، نهايت ئي شعري هڳاءَ سان ڀرپور آهي. ساڳئي سر ۾، هن بيت ۾، هڪ نصيحت آميز نڪتو، هڪ صلاح، اِجهو هينئن ٿي اچي:

گِهڙيا سي چَڙهيا، اِئين اٿيئي،

مَئي متي مهراڻ ۾ پَؤ ٽپو ڏيئي،

ته مهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.

(سرسهڻي)

محض ڪپر تي بيهڻ سان، ڪجهه ورڻو ناهي. اهو آ سولو مقصد اِن اِشاري جو. سُرسارنگ ۾، بادل کي پنهنجو يار ٿو ڪوٺي:

مُندَ ٿي منڊَلَ مَنڊيا، تاڙي ڪي تنوارَ،

هارين هر سنباهيا، سَرَها ٿيا سنگهار،

اڄ منهنجي يارَ، وسَڻَ جا ويسَ ڪيا.

(سرسارنگ)

اندر جي بي پناهه آُڪير، لالڻ لاءِ بي اِنتها حب جو اظهار، قدرتي منظر جي سهاري ڪري ٿو:

اندر جُهڙ جُهور وَهي، ٻَهَرِ ڪڪرُ نه ڪوءِ،

وسائيندي وِڄُڙي، حُبَ جنين کي هوءِ،

لالن تنين لوءِ، سي اوڪاڻِين نه اکيون.

(سرسارنگ)

شاهه عبداللطيف قدرت جي اظهار وسيلي، روحاني رمزن ۽ ڳجهارتن ڏانهن به اشارو ڪري ٿو. سانوڻ جي موسم ۾ آسمان ۾ سارنگ جي هاٿيءَ واري چال، وڄ جي لالاڻ، برسات ۽ سج جي غروب ٿيڻ جي منظرن جي مشابهت، الاهي عاشقن سان ڪري ٿو:

ميهنان ۽ نينهان، ٻئي اَکَر هيڪڙي،

جي وسڻ جا ويسِ ڪري ته ڪڪر ڪَن ڪيهان،

بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.

(سرسارنگ)

قدرت جي گهري لڳاءَ ئي شاهه کان چوايو آهي:

اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا بُرجَن سين،

ساز سارنگيون سرندا، وڄائي بَر چنگَ،

صُراحيون سارنگ، پلٽيون راتِ پڌامَ تي.

(سرسارنگ)

ساڳئي سر ۾، ڏسو شاهه لطيف مُحب کي ڪيئن ٿو ساري:

مُحبَ منهنجا سپرين، آڻيئي الله،

توکي ساري ساه، اُڪنڊِيو آهوُن ڪَري.

(سرسارنگ)

شاهه عبداللطيف سُرکنڀات ۾ چنڊ سان خوب رهاڻ ڪئي آهي. چنڊ سان انهيءَ رهاڻ دوران، پرينءَ کي به ساريو آهي. پرينءَ جي اڳيان کيس چنڊ جو حسن ڦڪو ٿو لڳي:

چوڏهينءَ چنڊ تون اُڀرين، سهسين ڪرئين سينگار،

پلڪ پِريان جي نه پَڙين، جي حيلا ڪرئين هزار،

جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دَمُ دوست جو.

 

چَنڊَ تنهنجي ذات، پاڙيان ڪي نه پرين سين،

تون اڇو ۾ رات، سَڄَڻ نِتُ سوجهرا!

(سرکنڀات)

چنڊ چوانءِ حَقُ، جي وِڙهين جي وچرين،

ٻه اکيون ٽيون نَڪُ، تو ۾ ناهه پرين جِهو.

(سرکنڀات)

شاهه عبداللطيف جي لڳ ڀڳ سڀني سُرن ۾ ڪائنات ڪنهن نه ڪنهن نموني اظهار پاتو آهي. ڪوهياريءَ ۾ سسئي ڏونگرن سان گفتگو ٿي ڪري:

ڏونگَر! تون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايون ڪرين،

مون تَن اندر تِئن وَهين، جئن وڻ وڍي واڍو،

اي ڪرم جو ڪاڍو، نات پٿر ڪيرَ پنڌُ ڪري؟

(سُرڪوهياري)

(اي جبل! تون ڏاڍو نردئي آهين. تون ڏاڍا ستم ٿو ڪرين. تون منهنجي جسم کي ائين ٿو وڍين، جيئن واڍو وڻ کي چيريندو آهي. هيءُ تقدير جو ڪم آهي، نه ته جبلن ۾ ڪير پنڌ ڪري؟

ٻئي هنڌ وري چويسِ ٿي:

تپي ڪندين ڪوهُ؟ ڏونگر! ڏکويُن کي،

تون جي پهڻ پَٻَ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،

ڪنهنجو ڪونهي ڏوههُ، اَمُرَ مون سين اِئن ڪيو.

(سُرڪوهياري)

(اي جبل! تون مون کي ڇا ڪري سگهندين؟ جيڪڏهن تون پٻ جو پهاڙ آهين ته منهنجا لڱ به لوهه جهڙا اٿيئي، پر ان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه، ڏوهه ته منهنجي تقدير جو آهي.)

ڏونگر! ڏوراپو، پهريون چَونديس پرينءَ کي،

پَهڻَ پير پٿون ڪيا، تريون ڇِنيون تو،

رحم نه پيءِ روح ۾، قدر منهنجو ڪو،

واڪو ڪَنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري!

(سُر ڪوهياري)

(اي جبل! تنهنجي باري ۾ پرينءَ کي پهرين هيءَ شڪايت ڪنديس: پٿرن منهنجا پير ڦٽي رتو رت ڪيا ۽ تريون ڇني پوريون ڪري ڇڏيون. تو پنهنجي دل ۾ مون تي ذرو به قياس نه ڪيو ۽ نه منهنجو قدر ڪيئه. مان ورلاپ ڪري چونديس ته اڙي! مون سان جبل ڏاڍيون جٺيون ٿو ڪري)

هنن جي درد جي دانهن پٿرن کي به پگهاري ٿي ڇڏي:

ٻَئي ويٺا رُوَنِ، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،

ڪنهن کي ڪين چوَنِ، منجهنِ جو پريتڻو.

(سرڪوهياري)

(ڏکن جي ستايل سسئي ۽ پهاڙ ٻئي گڏجي ويٺا پاڻ ۾ رودن ڪن، پر اُنهن ۾ جو نينهن سمايل آهي، تنهن جو ذڪر ڪنهن سان نٿا ڪن)

سر ديسيءَ ۾، نهايت نااميدي ۽ نراسائيءَ جي عالم ۾، سڄي ڪائنات کي سسئي پنهنجو ويري ٿي ڀانئين:

اُٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏيرَ،

چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽِيا پُنوُنءَ پير،

پنجون ويري سج ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اَويرَ،

ڇهون ويري ڇَپَرُ ٿيو، جنهن سَنوان ڪيا نه سيرَ،

ستون ويري چنڊ ٿيو، کِڙيو نه وَڏيءَ ويرَ،

واهيري جي ويرَ، ڇُلون ڪَريان ڇپرين!

(سرديسي)

اِها هڪ نهايت دلڪش (Personification) آهي تمام اعليٰ سخن- ورن ۾ اها خوبي ڏسي سگهجي ٿي، جتي هوا، ڪڪر، چنڊ ۽ مينهن ڪنهن ڍنگ سان اِنساني وجود ۾ پيش ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح شاهه عبداللطيف پنهنجي اسلوب ۾ خيالن کي هڪ جلوو ۽ حسن بخشيو آهي. شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ جيڪا فن ۽ فڪر جي نرالپ آهي، خوبصورت انداز بيان آهي، سو کيس دنيا جي اعليٰ شاعرن جي صف ۾ هڪ آبرودار اسٿان عطا ڪري ٿو. سنڌيءَ جا 
لڳ ڀڳ سمورا اديب، شاهه لطيف جي بي مثال شاعريءَ کان متاثر ٿيا آهن.

شاعريءَ ۾ منظر ڪشيءَ کي وڏي معنيٰ آهي. شاهه عبداللطيف جي منظر ڪشي به ڏسڻ وٽان آهي. هُو لفظن کي پس منظر عطا ڪري، لفظن جا عڪس چٽي ٿو ڇڏي:

ڪاري رات ڪچو گهڙو، اُڻٽيهه اونداهي،

چنڊ نالو ناه ڪو، درياههَ دَڙ لائي، 
ساهڙ ڪارڻ سوهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،

اِيءُ ڪَمُ اِلاهي، نات ڪُنن ۾ ڪير گِهڙي.

(سُر سهڻي)

(اُڻٽيهين رات جي اونداهي آهي، سهڻيءَ ڪچو دلو ساڻ کنيو آهي. چنڊ جو نالو، نشان به ڪونهي، درياههَ ۾ ڪڙڪا آهن. سهڻي، ساهڙ سان ملڻ لاءِ اڌرات جو درياء تي آئي آهي. اِهو الله جو امر آهي ورنه ڪنن ۾ هيئن ڪير گهڙي؟)

شاهه لطيف هر واردات يا جذبي کي جيئري پس منظر طور اُڀاري ٿو ڇڏي. هُو هر پس منظر کي واضح ۽ اهڙي ته چٽي ۽ موثر نموني اسان جي اڳيان پيش ڪري ٿو، جو اها سموري صورتحال، اسان جي اکين اڳيان ڦريو وڃي.

اُلوڙڻ نه ڏِئي، ورُ وِڌائين ونجهه کي،

رَههُ اڄوڪي راتڙي، لالن! مون لائي،

وڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفر سُپرين.

(سرسامونڊي)

وڻجاري جي زال انتهائي جذباتي بڻجي ٻيڙيءَ کي هلڻ نٿي ڏئي. هوءَ ٻيڙيءَ جي ونجهه ۾ ور ۽ ڀاڪر پائي؛ پنهنجي محبوب کي نيزاريون ڪندي چويس ٿي: ”اي منهنجا پرين، اڄوڪي رات، منهنجي لاءِ رهي پئه.“

پڙهندي منظر اسان جي اکين اڳيان تصوير جي روپ ۾ اچي وڃي ٿو.

وڏا وڻ وڻڪار جا، چِٻُن جت چيهان

منزل دور من تنها، اُتِ ٻوليون ڪن ٻيهان

نڪا پهر نه پيچرو، ڪين سڄن ڪيهان

بر ۾ بلائن جون، وتن ٿيون ويهان

لائي پير رتُ ڪيا، لڳي لڪ ڏيهان

لڪن جون ليهان، لوڙيان عبداللطيف جي.

(سُر سسئي آبري)

پڙهڻ سان سڄو منظر اکين اڳيان اچيو بيهي. شاهه عبداللطيف پنهنجي اسلوب ۾ خيالن کي هڪ جلوو ۽ حسن بخشيو آهي. ٻوليءَ ۾ چوڻين ۽ محاورن جي سونهن ۽ سگهه ڀري آهي، زبان کي جاوداني عطا ڪئي آهي.

شاهه عبداللطيف کي ڪائنات جي ذري ذري سان بي پناهه محبت هئي. هن پنهنجي رسالي اندر جدا جدا سُرن ۾ اِنساني حياتيءَ سان وابسته موضوع اهڙي ته دلربائي انداز ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن جو ثاني دنيا جي شاعريءَ ۾ مشڪل سان ملندو.

نظام الدين ڪلهوڙو

 

 

 

 

سنڌي شاعري- اهميت ۽ ڪارج

 

دراصل شاعري، ادب جو هڪ اهم اثرائتو جز ۽ بنيادي حصو آهي،  جنهن ۾ ڪائنات جي حُسن، سماجي ڪارج جا عڪس، انساني جذبات جا پهلو ۽ ٻيا انيڪ مضمون شامل هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو شاعري هڪ وسيع موضوع آهي. شاعريءَ جا مختلف محرڪ ۽ پاسا به ٿين ٿا، جن کي وائکو ۽ واضح ڪرڻ لاءِ گهري مطالعي ۽ محنت جي ضرورت آهي. انڪري شاعري کي انسانن جي نفيس جذبن ۽ لطيف احساسن جي اظهار جو نالو به چئجي. شاعر جو ذهن ۽ تخيّل، اصل ۾ وجدان هوندا آهن، جن جي پٺيان جڏهن شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور عمل ڪندا آهن، تڏهن اُهي ”جذبو“ بڻجي پوندا آهن. ان کان پوءِ اهو جذبو، لفظن جو روپ اختيار ڪندو آهي، نه فقط لفظ وجود ۾ ايندا آهن، پر اُهي لفظ پوءِ شاعريءَ جي شڪل پڻ اختيار ڪندا آهن.

مطلب ته شاعري، اندر جي اُڌمن جي اظهار ۽ بيان جو نانءُ آهي. تحقيق! شاعري نه صرف دلڪش احساسن ۽ سُهڻن جذبن جو مجموعو آهي، پر منجهس فڪر جي بُلندي، بيان جي شيريني، لطافت، اثر آفريني ۽ شائستگي پڻ ٿئي ٿي. شاعري، اصل ۾ اظهار ۽ ڪردار جو اعليٰ نمونو ۽ مؤثر ذريعو آهي. ان ۾ حڪيماڻي سوچ، لطيف جوهر ۽ نصيحت آميز خوبيون شامل ٿين ٿيون. وڌيڪ هيئن به چئجي ته: شاعري، انساني زندگيءَ جو بهترين اظهار ۽ بيان آهي، بلڪه شاعري انسانيت جي ڳالهه ٻولهه، فڪر جي گهرائيءَ جو سڀ کان سگهارو ۽ طاقتور طريقو به آهي.

شاعر معاشري جو ئي فرد ٿئي ٿو، تنهنڪري هُو ناتن ۽ رشتن کان متاثر ٿئي ٿو. وصال ۽ وڇوڙي، رنج ۽ راحت، وفا ۽ بي وفائيءَ، مجبوريءَ ۽ مفلسيءَ، فنا ۽ بقا جي انيڪ قلبي وارداتن، ذهني پيڙائن ۽ فڪري تجربن مان گذري ٿو، جنهن جو سندس دل، دماغ، احساسن ۽ سوچن تي سڌو اثر پوي ٿو. هو انهن تجربن ۽ وارداتن کي ڏات، ڏانءَ ۽ مڻيا جي زور تي اظهار ڪري ٿو، جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ معاشري جي سامهون اچي ٿو، جيئن نثار بزميءَ چيو آهي:

”سوچ مان ٿي لوچ نڪري ڇا ڪجي،

اُٿڻ ويهڻ کي ٿو چئجي شاعري.“

شاعري، فڪري لحاظ کان انسان جي سماج سُڌارڪ حالتن کان سواءِ سندس مبهم صلاحيتن جو خوبصورت اندازِ بيان پڻ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شاعري انسان ذات جي لاءِ رهنمائيءَ، رهبريءَ، سچائيءَ، حقيقت شناسيءَ ۽ احساسات جو اعليٰ سبق به آهي ته پيغام به آهي؛ جنهن ۾ انساني زندگيءَ جو بي پايانِ بحر حُسن ۽ خوبيون موجود آهن. تنهنڪري ايئن به چئجي سگهجي ٿو ته شاعري، سر زمين سنڌ جي جاگرافيائي، تاريخي، لساني، اقتصادي ماحول ۽ سماجي حالتن جي سراسر عڪاسي ڪري رهي آهي، بلڪه اها دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه آهي، پر انهن سان ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي پڻ هلي رهي آهي. سندس لفظن ۾ رَس ۽ ميٺاج جو نهايت خوبصورت سنگم ۽ انداز به ملي ٿو. شاعريءَ جي اهڙي بحث ۽ بيان جي باوجود پهريان شعر جي بنيادي معنيٰ، ماهيت ۽ وصف بيان ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو.

شعر جي لغوي معنيٰ ۽ وصف:

شاعري عربي زبان جو لفظ آهي جيڪو شعر مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: شعور، ڄاڻ. مگر اصطلاح ۾، ان وزن واري ڪلام کي شاعري چيو ويو آهي، جيڪو منظم ۽ بامعنيٰ هجي. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جي ڪتاب: ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ شعر جي معنيٰ هن ريت ڄاڻايل آهي ته: ”شعر عربي لفظ ”شعور“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ: دانائي، پروڙ يا دريافت ڪرڻ آهي. اصطلاح ۾، شعر انهيءَ کي چئبو آهي، جو علم عروض جي مقرر ڪيل وزن، بحر ۽ قافيه تي هُجي ۽ جنهن ۾ اثر هجي.“

مرزا قليچ بيگ: شعر متعلق ٻُڌائي ٿو ته: شعر لفظ جي عربيءَ ۾ اصل معنيٰ آهي: ڄاڻڻ يا سمجهڻ. اصطلاح موجب، شعر انهيءَ ڪلام کي چئجي، جو وزن ۽ قافيو رکندو هجي، جنهن جا لفظ برابر ۽ مناسب هجن ۽ جي شعر چَوندڙ ڪنهن خاص ارادي ۽ قصد سان چوي.“

ڊاڪٽر شمس عباسي صاحبه جي راءِ آهي ته: ”شعر، عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. اهڙيءَ طرح نظم جي معنيٰ آهي: ٽڙيل پکڙيل موتي ڌاڳي ۾ پوئڻ.“

”جامع فيروز اللغات (اردو)“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”شعر، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، سندس معنيٰ آهي: ڄاڻڻ، ڪنهن باريڪ شيءِ جو ڄاڻڻ، موزون مُقفيٰ ڪلام، نظم، بيت، گيت، سخن موزون ۽ وار.“ لغات القرآن (اردو) جي جُلد ٻئي ۾ شعر جي لغوي ۽ بنيادي معنيٰ لکيل آهي ته: ”شعر، عربي زبان جو لفظ آهي، سندس معنيٰ آهي: ڪنهن شيءِ کي سمجهي وڃڻ، ڄاڻي وڃڻ، تاڙي وڃڻ، معاملات جي باريڪين کي سمجهڻ، حواسن ذريعي اِدراڪ ڪري وڃڻ ۽ وار. ان جا مصادر شِعر، شَعرَ، شعُور ۽ شِعري وغيره قابلِ ذڪر آهن.“ پروفيسر غلام حسين جلباڻي پنهنجي ڪتاب- ”عربي سنڌي لغت“ جي پهرئين جُلد ۾ ٻُڌائي ٿو ته: ”شعر، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: محسوس ڪرڻ، ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ مَٿي توڙي جسم جا وارَ. ان جا مصادر شِعر، شَعرُ، شَعراً، شِعري ۽ شَعُورُ وغيره اهم آهن.“ ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جو خيال آهي ته: ”شعر، لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: مَٿي جا وارَ، دانائي، ڄاڻڻ، دريافت ڪرڻ يا باريڪ شين کي جاچڻ. شعر جي معنيٰ علم ۽ عقل به آهي.“

شعر جو مطلب ۽ مقصد:

شعر، لفظن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ مطلب آهي، پر لفظن جو هر مجموعو شعر نه آهي ۽ نه وري بي ربط ۽ بي مطلب لفظن جو ڍير، شعر ٿي سگهي ٿو. شعر جي عام ۽ معمولي معنيٰ کان سواءِ کيس اصطلاحي ۽ ايمائي معنيٰ به آهي، جا ڪنهن ديرپا، بامقصد، ۽ گهري ۽ دلڪش مفهوم جي حامل بڻجي پوي ٿي ۽ لفظن جي معمولي معنيٰ سان گڏ به ڪنهن جاندار، جامع ۽ بامقصد مفهوم جي تصوير بڻجي پوي ٿي. شعر جو تعلق، دماغ کان وڌيڪ دل سان آهي. شاعر جي دل جو جذبو، جيڪڏهن شعر جي صورت ۾ رونما ٿئي ته اهو شاعريءَ جو هڪ عنوان بڻجي پوي ٿو. ليڪن ان کي پيش ڪرڻ لاءِ رياضت ۽ محنت جي ضرورت آهي، جنهن جو تعلق باطني آهي؛ جو دل جي تپش سان حاصل ٿئي ٿو. تنهنڪري انساني جذبات ۽ احساسات، شعر جا بنيادي عناصر آهن. بشرطيڪ کين ذهن ۽ شعور قبول ڪري.

مطلب ته شعر بامعنيٰ لفظن جو مجموعو آهي، جو بامقصد ۽ دلڪش مفهوم ادا ڪري ٿو. ليڪن اهو احساس، انساني جذبي جو ارفع ۽ اعليٰ اظهار به آهي، جنهن ۾ شيريني ۽ دلڪشي نمايان طور ٿئي ٿي. وڌيڪ هيئن به چئجي ته انساني احساس ۽ جوش، غم جو يا خوشيءَ جو هجي، سماجي ناانصافيءَ جو هجي يا انساني همدرديءَ جو هجي، مگر شعر جو انحصار ئي انهن ڪيفيات تي مبني آهي، جي فطري طور، انسان ۾ وديعت ٿيل آهن. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن انسان الم ۽ خوشيءَ جي احساسات کان متاثر ٿئي ٿو. مٿس اُهي حالتون ۽ عناصر اثر انداز به ٿين ٿا. تڏهن از خود شعر جُڙي ٿو. ڇاڪاڻ جو هر وقت انسان، داخلي ۽ خارجي اثرات يا جذبات جي ماتحت رهي ٿو، ته پوءِ لفظن جي وسيلي، جيڪي خيال نشانبر ڪري ٿو، سي شعر جو حتمي طور روپ وٺن اٿا. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو، ته شعر جي بناوت ۽ ساخت جا جزا، احساس ۽ جذبا ئي آهن. پوءِ اُهي خارجي توڙي داخلي هجن، ليڪن اهي شعر جا محرڪات پڻ ليکبا، پر انهن مڙني جذبن ۽ فڪرن کي پيش ڪرڻ لاءِ هيئت ۽ اسلوب جي ضرورت به آهي. يعني لفظن، فڪرن، جذبن ۽ مفهوم جي ادائگي لاءِ فني لوازمات مقرر آهن. جن جي ذريعي لفظن، جذبي ۽ مفهوم ۾ هڪ رابطو پيدا ٿئي ٿو ۽ اهي سڀ گڏجي هڪ غنائي فضا پيدا ڪن ٿا، جا دل ۽ دماغ کي روح لاءِ دلڪش ۽ وڻندڙ ثابت ٿئي ٿي ۽ ٻُڌندڙ کي ڪنهن لطيف فڪر، جذبي سان همدوش ۽ همڪنار بڻائي ٿي. اها فني خوبي ۽ دل فريب فضا قائم ڪرڻ لاءِ وڏي مشقت ۽ جانڪاهيءَ جي ضرورت آهي. يعني لفظن کي ڪنهن اهڙي ضابطي ۽ ترتيب موجب ادا ڪيو وڃي، جو لفظن جو مجموعو نغمگي پيدا ڪري ۽ ٻُڌندڙ اُن مان حظ ۽ لطف حاصل ڪري. ان سان گڏ، ان جو مفهوم فڪر رسا کي ڌونڌاڙي پيدا ڪري. فني حيثيت سان شعر جو واسطو نغمگيءَ سان آهي ۽ ادبي حيثيت سان سندس تعلق، فڪر رسا سان رهي ٿو. فڪر کيس افاديت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نغمگيءَ جي لحاظ کان سندس حُسن نکرجي پوي ٿو. حُسن، هڪ لطيف شيءِ آهي. شعر، عام انساني جذبات ۽ قلبي ڪيفيات جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهنڪري هو انساني فطرت سان مطابقت رکي ٿو.

اهو ڄاڻڻ گهرجي ته شعر جو تعلق، حياتِ انسانيءَ سان تمام گهاٽو آهي. اسانجين پوشيده لياقتن کي سنوارڻ ۽ انسان جي اِجمالي جذبن کي اُڀارڻ ۽ انهيءَ ريت فوائدِ حيات سان اسان جي وڌيڪ کان وڌيڪ بهره اندوز هجڻ ۾، شعر کي وڏو دخل آهي. انسان، ڪائنات جي راز ۽ ظاهري حُسن ڏانهن مائل ٿئي ٿو، ته سندس دل ۽ دماغ ۾ حيرت انگيز تحريڪ اُتپن ٿئي ٿي، جا سندس مخفي لياقتن ۽ صلاحيتن کي اُڀاري ٿي. انهيءَ سبب ڪري، اسان ڪائنات جي راز ۽ سوڀيا کان بلڪل هر وقت متاثر رهون ٿا. اسين ڌار ڌار قسم جا حيوان، مختلف رنگن جا پکي ۽ انهن جون عجيب ۽ غريب لاتيون، طرحين طرحين جا گل، ساوڪون، باغ، درياءَ جو وهڪرو ۽ پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ان جي لهرن مان پيدا ٿيل آواز، آسمان جو نيلوفري رنگ، اونداهه رات ۾ تارن جي قطار، چانڊوڪيءَ جا مختلف نظارا، سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ جون ڪيفيتون، حقيقي صانع جي بي انتها صنعتن جون دلچسپيون، خوشيءَ ۽ مسرت جا شيرين آواز، غم ۽ اندوهه جا نفر ساحل، اسان جين دلين تي ڌار ڌار اَثرَ وجهن ٿا، اُهي اثرَ، جهڙي نموني جا هوندا، اهڙي نموني جي خيالن ۽ جذبن ۾ جوش پيدا ڪندا. قدرتي طرح انسان ۾ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو مادو رکيل آهي. انهن خيالن کي لفظن جي ذريعي ظاهر ڪرڻ جو سچو پَچو ۽ اثرائتو طريقو، جنهن ۾ موسيقيءَ جو رنگ ڀريل هجي، تنهن کي ”شعر“ چئبو آهي ۽ اهڙي رستي، ظاهر ڪندڙ کي ”شاعر“ چئبو آهي. تنهنڪري سمجهبو ته شاعر فطرت جو ”ترجمان“ آهي.

حقيقت ۾ شعر جي اهم ترين خوبي، ان جي انڪشاف جي قوت آهي. اهوئي هڪ وسيلو آهي، جنهن جي بدولت اسان ڪائنات جي حُسن ۽ پوشيده روحاني مفهوم کان واقفيت حاصل ڪريون ٿا. شعر جي اصلي عظمت حيات جي قابلِ قدر ۽ روزمرهه جي امور، اعليٰ انڪشافن ۽ دلچسپين کي پيش ڪرڻ جي قوت ۽ خوبيءَ ۾ لڪل آهي. اها حقيقت آهي ته دنيا ۾ جيترا به قدرت جا مظهر آهن، اُهي مادي هجن، مثلاً: پهاڙ، برپٽ ۽ باغ وغيره توڙي غير مادي مثلاً: وصال، جُدائي، احساس، محبت ۽ نفرت، انهن سڀني جو دل تي اثر پوي ٿو ۽ هر شخص جي دل تي ٿئي ٿو، پر مختلف اثر ٿين ٿا. ڪن تي ٿورو ته ڪن تي گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو شخص انهن جو اثر، عام ماڻهن کان وڌيڪ قبول ڪري ٿو ۽ انهيءَ اثر کي لفظن جي شڪل ۾ آڻي ٿو، اهو ”شاعر“ آهي ۽ شاعر جي عظمت، اعليٰ خيالن کي پُر زور ۽ حُسناڪي انداز ۾ حيات سان وابسته ڪرڻ تي ئي منحصر رهي ٿي. انهيءَ سبب ڪري ئي، شعر کي حيات سان گهاٽو سَنٻنڌ آهي. ان ڪري غلام محمد غازيءَ چيو آهي:

”زندگي سونهن سان سرهاڻ سان،

ادب ۽ اخلاق سان واکاڻ سان،

ورنه ڪهڙي ڪم جي آهي زندگي،

زندگي آ زندگيءَ جي ڄاڻ سان.“

ان کان علاوه، زندگيءَ متعلق ٻئي شاعر هيئن ٻُڌايو آهي ته:

”مجبوريون محتاج ڪن هت رڳو انسان کي،

آزاد خدائيءَ ۾ زندان آ زندگي،

ڏورجي ڏونگر جيان، پر آهي ڏاڍي مختصر،

اوج ۾ درياءَ جي هڪ موج آهي زندگي.“

(آغا سعيد)

شعر ۾ رنگيني ۽ اثر آفريني ضروري عناصر آهن، پر فڪر جي بُلندي ۽ بيان جي شيريني، شعر لاءِ لازمي جُز به آهن. اهڙيءَ طرح چڱو شعر اهو ئي آهي، جو جڏهن پڙهيو وڃي، تڏهن هر شخص کي اهو خيال پيدا ٿئي، ته اهڙو شعر هُو به چئي سگهي ٿو، پر جڏهن چوڻ جو ارادو ڪري، تڏهن خود بخود بيوس ۽ مجبور ٿي پوي. ان ڪري ايئن به چئي سگهجي ٿو ته اڄڪلهه جي زماني ۾ اهو ئي شعر ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جو جذبات عاليه، وطني احساسات ۽ داخلي خارجيت جو حامل آهي. تنهنڪري شعر ۽ شاعر جو مقصد، اهو ئي هئڻ جڳائي ته هُو انهن ئي جذبن جي ترجماني ڪري، جيڪي دنيا کي ترقيءَ جي راهه ڏيکاريندا هجن، انهن جذبن تي نفرين ڪري، جيڪي دنيا کي اڳيان وڌڻ کان روڪيندا هجن ۽ اهو اندازِ بيان اختيار ڪري، جيڪو گهڻن کان گهڻن ماڻهن جي سمجهه ۾ اچي سگهندو هُجي:

 ”شاعرَ ٻول جڏهن ٻولن ٿا،

دنيا لئه راهون کولن ٿا.“

(شيخ اياز)

اهوئي سبب آهي، جو شاعر انساني نفسيات ۽ سماج جي تصوير پيش ڪري ٿو، بلڪه هو زندگيءَ جي تعليمي، تهذيبي ۽ معاشرتي پهلوئن جي اصلاح جو زبردست احساس پڻ نمايان نموني ۾ ظاهر ڪري ٿو:

”مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو،

زهريلن جي زور کي ماري، زور گهٽائڻ چاهيان ٿو.

پيار سان هر ڪنهن کي، وَس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو،

جن کان حياتي هانوَ ٿي هاري، تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو.“

(تنوير عباسي)

اها حقيقت آهي ته حسين تخيلات، لطيف معاني ۽ دلڪش نظارن جي احساس کان شاعر جو روح متاثر ٿئي ٿو. شاعر جي زبان انهيءَ احساس کي موزون لفظن جي شڪل ۾ منظوم ڪريو ڇڏي. گويا شاعر جو شعر  هڪ خاص قسم جو احساس ۽ شعور آهي، جنهن ۾ صداقت ۽ سچائيءَ جو سامان ۽ سرمايو موجود هوندو آهي. جيئن مرزا قليچ بيگ چيو ته:

”شعر معنيٰ وانگي، ٿيو لفظن جي پردي ۾ لِڪل،

شعر سچُ آهي، رکي ٿو پوشُ سو ڪَچَ جو مگر.“

شاعر جي جذبات زندهه هجڻ جو بهترين ثبوت شعر ته آهي، پر ان سان گڏ، هُو انسان ۽ حيوان جي وچ ۾، انسان لاءِ اهڙي امتياز جو سبب پڻ آهي، جنهن جي ترديد ٿِي نه ٿِي سگهي ۽ وري ٻين انسانن جي جذبات لاءِ آبِ حيات جو ڪم ڏيئي ٿو. تنهنڪري يورپ جي هڪ نقاد اديب جو هيءُ قول ياد رکڻ جي قابل آهي ته: ”ڪنهن به قوم ۾ ابدي زندگي، ان وقت تائين پيدا ٿِي نه ٿِي سگهي، جيسين ان قوم ۾ ڪو قادر الڪلام شاعر بيدار نه ٿيو آهي.“

”زندهه قومن جو هر ڪو ئي شاعر،

قسمتون قوم جون بدلائي ٿو.“

(مهر خادم)

مگر ٻئي هنڌ شاعر هيئن به بيان ڪيو آهي ته:

”ڪو مڃي نه مڃي، روشني نيٺ ٿيڻي آ،

ڏات ۽ ڏانءَ جو سنگ، رنگ نيٺ لائيندو.“

(ظفر عباسي)

پر ساڳئي وقت، شاعر پنهنجي شعوريت ذريعي سماجي حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته:

ظلم جا زنجير ٽُٽنِ،

سُکَ سوَ سوُرهيه ڏِسنِ.

باکَ ڦٽي، اوندهه وڃي،

سوچَ جا ڪي سنگَ ڦٽنِ.“

(مهر خادم)

شاعر جو تعلق، جذبن جي دنيا سان آهي ۽ انهن جذبن ۽ احساسن کي عوام تائين پهچائي ٿو؛ جن کان هُو متاثر ٿئي ٿو. جيئن ته:

”شعر شعر ۾ شاعر جي، پيڙا جا لاپڙلاءَ،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مرڪ ۾.“

(اياز گل)

تنوير، پنهنجي خوبصورت احساس ۽ وڻندڙ فڪر جي ڳالهه ڪئي آهي، جا سندس هِن شعر مان معلوم ٿئي ٿي. هُو چوي ٿو ته:

”تڏهن شعر ”تنوير“ لکبو آ پاڻهي،

جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.“

اهڙيءَ طرح عبدالله ”شجاع“ سنڌيءَ وري هيئن چيو آهي ته:

”شعر سمورا دل کي، ڪوري لکجن ٿا،

دل جي ٻولي، دل وارا ئي سمجهن ٿا.“

بهرحال، شعر انساني احساسن، فڪرن، قلبي پيڙائن، سوچن ۽ خيالن جو اڀياس ۽ ڀنڊار آهي، پر منجهس دلچسپ، دلڪش، نفيس، ڪومل، مفهوم، مقصد ۽ دل جا آواز پڻ موجود هوندا آهن. تنهنڪري 
مير عبدالحسين ”سانگي“ پنهنجي دل جي حالت ۽ ڪيفيت بيان ڪندي، چوي ٿو:

”دردن ڪئي ڌوم ڌام، دل ناتوان تي،

صدما هزار منهنجي رسيا، آهن جان تي،

واچوڙي وانگي ڦِرندو وتان، آئون روز وَ شب،

آهيان ڪڏهن زمين تي، ڪڏهن آسمان تي.“

شعر گويا واقعات جي جذبات سان گڏ، خوشي، غم، رنج، اميد، محبت، نفرت ۽ حيرت جي ڪيفيت جو بيان پڻ آهي، جو فطرتِ انسان جي قوت ۾ پوشيده رکيل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شعر بنيادي طور تي جذبن ۽ احساسن جو محرڪ آهي، جنهن ۾ رنگيني، فڪر جي بُلنديءَ، اثر انگيزيءَ ۽ شيرينيءَ جو احوال لازمي طور ٿئي ٿو؛ مثلاً:

”هن عالمِ اسباب ۾، مستن وٽ موجود،

سڀ سُور جو سامان هجي، بس ٻيو نه هجي ڪو،

جنهن لاءِ سِڪان ٿو ۽ سڙان ٿو ۽ پَچان ٿو،

مون ساڻ سو جانان هُجي، بس ٻيو نه هجي ڪو.“

(عبدالحسين سانگي)

ان کان سواءِ، شعر اهو ئي چڱو آهي، جو ٻُڌندڙ جي دل ۾ گهرُ ڪري وڃي ۽ انسان کي موهت ڪري ڇڏي! ڇاڪاڻ ته:

”شعر جو نالو ئي سوز و ساز آ،

جو ٻُڌڻ سان دل ۾ ”اظهر“ گهر ڪري.“

(اظهر گيلاني)

انساني زندگي ۾ جتي غمن جا انبار سِرَن تي سٿيا پڻ ويندا آهن، اُتي طنز و مزاح، کل ۽ ڀوڳ جو هجڻ نهايت ضروري امر آهي. ان ڪري شاعر ڪجهه وقت لاءِ ظرافت جو ماحول پيدا ڪري، کِل خوشيءَ جو مانڊاڻ مچائي ٿو ۽ اهڙو اظهار پنهنجي شعر ۾ چڱيءَ طرح بيان ڪري ٿو؛ جيئن عطا محمد ”حامي“ چيو آهي ته:

”گنجو ٿو چوي، وارَ ڪُلهن تي آهن،

کدڙو ٿو چوي، ٻارَ ڪُلهن تي آهن،

هن دؤر جي ڇا ڳالهه ٻڌايان ”حامي“؟

بزدل ٿو چوي، بارَ ڪُلهن تي آهن.“

انهيءَ ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌي شعر، هڪ الڳ يا جداگانه حيثيت ۽ اهميت جو مالڪ آهي، مگر ان ۾ سنڌي سماج، ماحول، سنڌي ماڻهن جي ڪردار ۽ مزاج جو وستار به نهايت حسين انداز ۾ ڏسجي ٿو. سنڌي شعر ۾ سنڌي عوام جي سادگيءَ ۽ سچيتائيءَ جو شايانِ شان تذڪرو ۽ احوال پڻ موجود آهي. پر منجهانئس اسان کي تمام گهڻو فائدو ۽ لاڀ حاصل به ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعرن پنهنجي سنڌي معاشري، تهذيب، تاريخ، اُٿڻي، ويهڻي، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ نفسياتي لاڙن جي ڀرپور عڪاسي به ڪئي آهي، جنهن مان سنڌي سٻاجهن ۽ سادن سلوڻن جون پائيدار ۽ ڪارائتيون تصويرون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن.

مطلب ته شعر ۾ نه صرف سنڌ جي سماجي، عوامي، سياسي، اقتصادي حالتن ۽ زندگيءَ جو عڪس نظر اچي رهيو آهي، پر ان ۾ سنڌي ماڻهن جي ريتن، رسمن، رواجن ۽ قومي ڪارج جو اولڙو به ڏيکاريل آهي. جنهن مان اسان کي سنڌ ۽ سنڌين جي ذهني رجحانن، معاشرتي صورتحال ۽ عوام جي ڪيفيتن جي چِٽي شڪل ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، پر اها لاثاني اهميت، افاديت، صلاحيت ۽ دلالت جي عڪاسي بلڪل ڪري رهي آهي. ان ڪري شيخ اياز چوي ٿو ته:

”جت لُڪ لڳي، جت اَڪ تپن،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي،

جت سج ڦلا ٿي، نڪري ٿو،

۽ آگ اُلا ٿي، نڪري ٿي،

جت ڏينهن ڪڙهائي جيئن ڪڙهن،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي.“

اهوئي سبب آهي، جو سنڌي شعر قديم توڙي جديد دور ۾ اهم خوبيءَ ۽ عظمت جو حامل رهيو آهي؛ جنهن ۾ ڪيترائي انساني زندگيءَ جا باب، سرچشما، حالتون ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا، ته انساني نفسيات ۽ جذبات جا لڪل پهلو به نڪري نروار ٿين ٿا. جيئن پارس حميد چوي ٿو:

”بس! هاڻي رڳو من ۾، اها آس رهي ٿي،

نفرت جا ٺري وڃن شال! باهه جا شعلا،

ٽامي جيان اُڀ ۽ ڌرتي به رجي ٿي،

انسانيت جا عڪس ويا، سارا ٿي ڌنڌلا.“

شاعريءَ جي اهميت ۽ ان جو سماجي ڪارج:

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته: ”شاعري، ادب جو هڪ اهم ۽ بنيادي حصو آهي.“ تنهن ڪري ان جو ڪارج به اهو ٿيندو، جيڪو خود ادب جو آهي. پر حقيقت ۾ ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ شاعريءَ جي اهميت ۽ ڪارج وڌيڪ اعليٰ ۽ پُر اثر آهي. شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي باري ۾ ڪجهه چوڻ کان پهرين اسان ٻُڌايون ٿا ته، شاعري بذاتِ خود ڇا آهي ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت ڪهڙي آهي؟

شاعري، هڪ دل جي لڳاءَ ۽ ذوق جي شيءِ آهي، منجهس تاثير، ولولو ۽ دلڪشي نمايان طور رهي ٿي، پر جيڪڏهن شاعريءَ ۾ اثر، رعنائي، رنگيني ۽ احساسات جو جوهر ڪونهي ته اها شاعري ڦِڪي ۽ ٻُسي يقيناً ٿئي ٿي، جا انسان جي دل ۽ دماغ کي راحت ڏيئي ٿي، نه ئي فرحت ۽ خوشي پيدا ڪري ٿي، بلڪه اها زوال ۽ انحطاطّ جو باعث بڻجي ٿي، حتيٰ ڪه منجهانئس اميد، همت افزائيءَ ۽ حقيقت جو ڪِرڻو به نظر نه ٿو اچي. ليڪن شاعري اهڙي به موجود آهي، جا قوم ۾ ڪاهليءَ، عياشيءَ ۽ تباهيءَ جا درياءَ وهائي، انساني زندگي کي پَست ۽ تباهه ڪري ڇڏي ٿي ۽ اصل مقصد، غرض کان هَٽائي ۽ برغلائي ڇڏي ٿي.

ان جي برعڪس اثرائتي شاعري اها آهي، جا انسان جي انيڪ سُتل جذبن ۽ احساسن کي جاڳائي ٿي؛ حوصلو وڌائي ٿي؛ مشڪل مرحن، ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي. وڌيڪ ايئن به چئجي ته اصل ۾ حقيقت پسندانه شاعري اها آهي، جيڪا انسان جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. ان سان گڏ، معاشري جي تعمير، اصلاح ۽ تقدس لاءِ به ڏَس ڏيئي ٿي. بهرحال، شاعري انسان جا جذبا، امنگ، ارمان، مايوسيون ۽ محروميون بيان ڪري ٿي، پر اها انساني سماج ۾ صحتمند رجحان پيدا ڪرڻ جو باعث به بڻجي ٿي. ان ڪري شاعريءَ جو سماج ۾ وڏو مقام ۽ عمل دخل آهي.

شاعري، لفظن جي سونهن، ترتيب ۽ توازن جو نالو آهي. خوشي ۽ غم، اميد ۽ نااميدي، حيرت ۽ عظمت وغيره، اهي انساني جذبا ۽ ڪيفيتون آهن. انهن کي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ان طرح شاعري، جذبات ۽ محسوسات جي دنيا آهي، جيڪا شاعرُ، ٻين کي سندن ”ڳالهايل لفظن“ ذريعي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو؛ جن سان انهن جذبن جي وابستگي آهي. شاعري نه صرف جمالياتي ذوق تسڪين جو باعث آهي، پر اها زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي ترجمان پڻ آهي. تحقيق! شاعري زبان جي صحت، بيان جي خوبيءَ ۽ خيالن جي لطافت جي مجموعي جو نالو آهي. انهن خاصيتن مان جيڪڏهن ڪنهن جي به گهٽتائي هوندي ته شاعري پَست ٿي پوندي. ڇاڪاڻ ته شاعري، علم جو لطيف جوهر ۽ روح روان آهي؛ ان ۾ حڪيماڻو خيال، احساس، اخلاق، خلوص، اصليت ۽ حقيقت جو عنصر شامل هوندو آهي. شاعري، انساني جذبات ۽ قلبي ڪيفيات جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ڪري کيس انساني فطرت سان مطابقت آهي.

مٿي چيو ويو آهي ته: ”شاعري زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي ترجمان پڻ آهي.“ پوءِ اهي مسئلا انفرادي هجن يا اجتماعي. ليڪن شاعري سماجي معاملن ۽ مسئلن جي نشاندهي حقيقت پسندانه نوع ۾ نه ڪري ٿي ۽ ان مان انساني ذهن جي ارتقا ۽ ترقيءَ جي راهه لازمي طور ملي ٿي.

شاعريءَ جا مکيه ٻه جزا آهي: پهريون شرعيت ۽ ٻيون مصنوعيت. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن. انهن کي هڪ کي ٻئي کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. تنهنڪري روايتي فني لوازم، شاعريءَ جي سرزمين ۾ ايترو ئي اهم آهن، جيترو ماحول جي زيرِ اثر دل ۾ ڪي جذبات پيدا ٿين. انهيءَ نموني شاعري، معاشري ۾ تعميري ڪم ڪري سگهي ٿي.

شاعريءَ متعلق عظيم انسانن ۽ مفڪرن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا:

ارسطو، شاعري لاءِ چيو ته: ”اها نقل جو نقل هوندي به اصل کان سٺي آهي.“

ورڊس ورٿ جي چوڻ مطابق ته: ”شاعريءَ جو اصل مقصد، انساني معاشري جي عظيم ملڪن کي علم جي جذبي سان روشن ڪرڻ آهي، تنهنڪري شاعر کي عام زبان استعمال ڪرڻ کپي.“

ميٿيون رنالڊ چوي ٿو ته: ”شاعري صرف فن ۽ جذبي جي ڪري نه، پر موضوع، سنجيدگي ۽ جذبي کي خيال سان ڳنڍي ڪري سگهجي ٿي.“

هربرٽ جي راءِ مطابق: ”شاعريءَ جو اصل مقصد، شخصيت جو انفرادي اظهار آهي.“

ايليٽ چيو آهي ته: ”شاعريءَ جومقصد شخصيت جو نه، پر فن جو اظهار آهي.“

البت شاعر ۾، عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻيون خوبيون هونديون آهن، هُو حساس ۽ جذباتي به انتها درجي جو ٿئي ٿو. هُو ڏات ۽ ڏانءَ جو ڌڻي هوندو آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ، هُو همدرد ۽ انسان دوست پڻ هوندو آهي. سندس دل ۾ محبت ۽ پيڙا جو جذبو موجزن ٿيندو آهي:

”گهڙن جي گهڙاءُ، تانگهو عشق تن جو،

جن کي عشق عليل ڪيو، سي آنديون اوتڙاءُ.“

(سچل رحه)

شاعريءَ جو مطلب ئي آهي: جذبن کي اُڀارڻ ۽ بني نوع انسان جي دل ۾ هڪ قسم جو جولان ۽ اُمنگ پيدا ڪرڻ، جنهن جي وسيلي، مٿانئن ڇانيل اُداسين جا ڪارا ڪڪر هٽي وڃن ۽ منجهن عمل جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي، پر همت ۽ سچ جي بياني، مهر خادم هيئن بيان ڪئي آهي:

”سچ چئون ٿا، ڪوٽ اندر ڀي،

بند نه ٿي آ، ابت اسان جي،

سُور به سهبا، سچ به چئبو،

تن ۾ اهائي، تات اسان جي.“

دراصل شاعريءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي. داخليءَ ۾ شاعر فقط پنهنجن جذبن ۽ احساسن جون تصويرون پيش ڪري ٿو، جيئن هت مرزا قليچ بيگ چيو آهي، جنهن ۾ داخلي احساس ملن ٿا، مثال طور:

”جگر کي باهه لڳي جا، نه سا اُجهاڻي اَڃا،

ٻُڌائي درد جي ڪنهن کي، نه مون ڪهاڻي اَڃا،

اکين مان منهنجي وَهنِ، ڏينهن رات، رت جون نديون،

نه غم، اَلم جي اندر ۾ ٿئي پُڄاڻي اَڃا.“

ان کان سواءِ، خارجي، شاعريءَ جو ٻيو قسم آهي، جنهن ۾ شاعر ڪائنات جي شين جا نقشا يا خاڪا بڻائي ٿو. ڪائنات جي مطالعي مان مراد، صرف قدرتي منظرن يا نيچر جو مطالعو نه آهي، بلڪه فطرتِ انساني ۽ نفسيات مان به واقفيت حاصل ڪرڻ آهي. شاعر هِن شعر ۾ ڪهڙو نه عمدو نقشو چِٽيو آهي ۽ چوي ٿو ته:

”زندگيءَ جي ميري بيٺل ڍنڍ ۾،

تون نه ڏِسُ، تنهنجون ڪنول جهڙيون اکيون،

تون فقط تارن کي ڏِسُ، سوُرج کي ڏِسُ،

تون نه رَو، تنهنجون غزل جهڙيون اکيون.“

(امداد حسيني)

معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت، ڪن شين لاءِ پنهنجي ذهن ۾ ڪي خاص تصورَ رکندي آهي يا هن وٽ ڪو اهڙو دليل نه هوندو آهي، ته هو جنهن شيءِ کي سچ سمجهي ٿو. ان کي پرکي، مڃي رد ڪري سگهي. اها شاعري ئي آهي، جا صرف شعرو پختو ٿي ڪري، پر حقيقت ۾ پڙهندڙن ۾ پڻ همت ۽ حوصلو پيدا ڪري ٿي. ڇو ته شاعر سماجي نظام جي ڳالهه  به جرئت مندانه انداز سان ڪري ٿو ۽ هيئن چوي ٿو ته:

”دشت- ويران ۾، وري ڪو گلستان پيدا ڪريون،

باغ عالم ۾، بهار جاودان پيدا ڪريون،

دنيا جي دهشتي نظام، وِڌو آ خوف زده ڪري،

خوف جي خناس لئه، ڪو صاحبِ الزمان پيدا ڪريون.“

(مولا بخش سومرو)

هن ڪائنات ۾ جيڪي به شيون آهن،  تن جو اثر، سڌيءَ طرح شاعر تي پوي ٿو ۽ اندر واريءَ باهه تي ڄڻ تيل جو ڇَنڊو لڳي ٿو. جيترو ان خارجي (ٻاهرين) شيءِ جو اثر هوندو آهي، اوترو داخلي (اندرين) آڳ شعلا ڪڍندي آهي. ليڪن شاعر پنهنجي حڪمت شناسيءَ جي نظر سان، ان جي چڱائيءَ ۽ بُرائيءَ کي پرکي، دل ۽ دماغ جي مدد سان لفظن جو جامو ڍڪائي، پيش ڪري ٿو.

شاعري نه صرف خاص حقيقت، پر عام حقيقت جو اظهار به آهي؛ جنهن ۾ سچ ۽ نت نوَن جذبن جي ڄاڻ هوندي آهي، جا ادراڪي پيغام، فڪر، فهم ۽ فنِ تبليغ پڻ آهي. جڏهن هُو (شاعر) پنهنجو مقصد، ضمير ۽ سوچ ظاهر ڪري ٿو، تڏهن سندس اهو ڪارنامو، معاشري لاءِ خوشحاليءَ ۽ مرفه الحاليءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. مطلب ته هر ليکڪ وانگر هُو به چاهيندو آهي ته سندس قوم ترقي ڪري ۽ جنهن معاشري ۾ هُو رهي ٿو، سو ”مهذب معاشرو“ سڏائڻ جي لائق ٿئي. ڏک، مُفلسي، پَرماريت ۽ جهالت وغيره جي پاڙ پٽجي وڃي ۽ هر ماڻهو آزاد، خودمختيار ۽ خوش حال ٿِي، آزاد ۽ آزاديءَ جون نعمتون ماڻي سگهي.

اهڙيءَ طرح شاعر جو بنيادي، اصل ڪم ۽ مقصد به اهو ئي آهي ته هو قوم، معاشري ۽ نسلِ انسانيت کي مهذب بنائڻ جو مافي الضمير تدارڪ ڪري ٿو. هُو جنهن به خطي يا علائقي ۾ رهي ٿو، اُتي جي عام ۽ خاص فردن ۾ جذبو جاڳائي ٿو. هُو جيئن جيئن ذاتي مشاهدا ۽ تجربا، زماني جون حالتون ۽ واقعا قبول ڪري ٿو، تيئن تيئن انهن کي قلمبند ڪري ٿو، پر سندس شاعريءَ ۾ دل جو درد، جانفشاني ۽ سَتُ شامل پڻ هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو شاعر ئي قوم کي تبديل ڪرڻ جا جتن تمام گهڻا ڪري ٿو، جيئن مهر خادم چيو آهي ته:

”زندهه قومن جو هر ڪوئي شاعر،

قسمتون قوم جون بدلائي ٿو.“

بهرحال، ڪنهن قوم ۽ ملڪ جي رسم پرستارانه جهالت جڏهن ان جي عقل جي بنهه پَردو وِجهيو ٿِي ڇڏي، تڏهن شاعر ئي پنهنجي معجزبيانيءَ جي ذريعي، ماڻهن جي قلب جون اکيون روشن ڪري ٿو.

ڪائنات ۾ حُسن، خوبي ۽ ٻين عجائبات جا جيڪي اَڻ کٽ خزانا پوشيده آهن، شاعر ئي اسان کي انهن جي تلاش  ڏانهن مائل ڪري ٿو. ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته، شاعر جا لفظ ٺلها، اجايا ۽ فضول هرگز نه هوندا آهن، پر اُهي بامقصد، معنيٰ خيز ۽ سبق آموز پڻ هوندا آهن. انهن ۾ انساني زندگيءَ جا ڪٺن مسئلا، ڄاڻ جا موتي ۽ خزانا به موجود هوندا آهن. وڌيڪ هيئن به چئجي ته شاعر جا شعري لفظ، عوام الناس جي دلين ۾ جوش، جولان، اُمنگ ۽ تحريڪ پيدا ڪندا آهن، مگر اُهي سياڻپ، ڏاهپ، ڏانءَ، حُسن ڪارانه عمل ۽ ڏات جو ڏسُ به ڀليءَ ڀَتِ ڏين ٿا؛ جيئن شيخ اياز چوي ٿو ته:

”شاعري ڏات آ ”اياز“ مگر،

ڏات ڪهڙي، هُجي نه جنهن ۾ ڏانءُ.“

اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شاعري فضول ۽ بي معنيٰ شيءِ اصل نه آهي، ليڪن ان جو مقصد ۽ ڪارج، انساني جذبات ۽ احساسات کي اُجاگر ڪرڻ ۽ بيدار ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري خود معاشري جي پيداوار آهي، بلڪه اها انسانيت جي پُڪار ۽ آلاپ جو وستار آهي؛ جنهن ۾ سوز به آهي ته سُرورُ به آهي. شاعر جنهن به ماحول ۾ رهي ٿو؛ جيڪي به ڏسي، پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو، سو حقيقت جي روشنيءَ ۽ بصيرت جي نگاهن توڙي بيباڪيءَ سان لکي ٿو. انهيءَ سبب ڪري، شاعر کي معاشرتي ۽ سماجي زندگيءَ جو ترجمان ۽ عڪاس پڻ چيو ويو آهي. هُو پنهنجي بصيرت جي نگاهن توڙي بيباڪيءَ سان لکي ٿو. انهيءَ سبب ڪري، شاعر کي معاشرتي ۽ سماجي زندگيءَ جو ترجمان ۽ عڪاس پڻ چيو ويو آهي. هُو پنهنجي بصيرت جي شعاعن ۾، شعوري سگهه کي لفظن جي صورت ۾ آڻي، بيداريءَ، سُجاڳيءَ ۽ ترقيءَ جي راهه ڏيکاري ٿو. سندس اهو حُسناڪي ڪردار، سماجي، ثقافتي ۽ انساني زندگيءَ لاءِ اصلاح جو زبردست پهلو، ڪارج ۽ ڪم پڻ ليکجي ٿو؛ جنهن ۾ قوم ۽ نسل جي شائستگيءَ جو بي پايانِ بحر سرمايو محفوظ آهي. تنهنڪري شاعر کي ”رهبر ۽ باشعور انسان“ چئجي، ته وڌاءُ نه ٿيندو. هُو جيڪڏهن بهادريءَ بابت ڳالهائي ٿو ته وڏن وڏن جا پتا پاڻي ڪريو ڇڏي! پر سندس بهادري سماج ۾ انصاف ۽ همدرديءَ لاءِ هوندي آهي؛ ظلم ۽ پاپ لاءِ هرگز نه هوندي آهي:

”ڏري ڏاڍن جا پوندا ڏيل، ڪِرندا ڪوٽَ ڪُوڙن جا،

لُٽيرن جي فنا ٿيندي، سُڪون فرحت عطا ٿيندي،

سَتايل ۽ ڏکايل جو لهي ويندو، سمورو ڏکُ،

نه باقي ظلم هوندو ڪو، مٿان رحمت سدا ٿيندي.“

(تبريز تونيو)

اصل ۾ حقيقت پسندانه شاعري اها آهي، جيڪا انسان جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري، انسان جا جذبا، امنگ، ارمان، مايوسيون ۽ محروميون بيان ڪري ٿي. ان سان گڏ، معاشري جي حقيقت پسندانه نوع ۾ ترجماني پڻ ڪري ٿي. اهڙي قسم جي شاعريءَ کي مقصديت واري شاعري چيو ويو آهي. ان ڪري حبدار سولنگيءَ به پنهنجو خيال هيئن پيش ڪيو آهي ته:

”شاعري، زندگيءَ جو رستو آ،

زندگي، روشنيءَ جو رستو آ.“

شاعري نه رڳو قومي ۽ معاشرتي تقاضا مطابق فائدو پهچائي ٿي، پر اها غلط ذهن جي تربيت ۽ سکيا جو سبب پڻ بڻجي ٿي. ساڳيءَ طرح شاعريءَ جو مقصد ۽ ڪارج، ملت ۽ قوم جي اصلاح ۽ سڌارو ڪرڻ به آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاعر جو ڪم مفيد ۽ ڪارآمد آهي، جو قوم ۽ انساني معاشري لاءِ بيداريءَ ۽ نمائندگيءَ جو باعثِ قدم پڻ آهي. هُو وڏي واڪي سان هِيءَ ڳالهه ڪري ٿو، جنهن ۾ سُجاڳيءَ جو سبق ۽ نصيحت جو نُڪتو سمايل آهي:

”فرض آهي تنهنجو شاعر! شاعريءَ جي زور تي،

ننڊ جا آ سُتل، سا قوم تون بيدار ڪر.“

(مشتاق ميمڻ)

بهرحال، شاعري انهن سچائين ۽ جذبن، موضوعن ۽ محرڪن جي ترجماني ۽ دلالت ڪري ٿي، جيڪي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين ۽ بُراين جو به انسداد ڪري ٿي. سندس سماجي ڪارج ۽ افاديتي ڪردار، معاشري ۽ ماحول ۾ صحتمند سوچ، غور ۽ فڪر پيدا ڪرڻ ئي آهي.

اها حقيقت عيان آهي ته شاعري، معاشري ۾ انسانيت جا اعليٰ قدر ۽ گڻ پيدا ڪري ٿي، مگر هوءَ انساني خوبين، خصوصيتن ۽ ڀلاين کي نروار ڪري ٿي، پر جيڪا شاعري معاشري ۽ عوام ۾ اخلاقي قدرن ۽ معيارن، انساني زندگيءَ جي تقدس ۽ تعميري قوت کي نه ٿي اُڀاري، سا ڪَلراٺي زمين وانگر آهي، جنهن مان نه سَلي پيدا ٿيڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي، نه ڪي منجهانئس ٻوٽي جي نشو و نما ۽ آبياري ٿِي سگهي ٿي. ان ڪري وڌيڪ ايئن به چئجي ٿو، ته شاعري نه فقط سماج جي بهترين عڪاسي هوندي آهي، پر شاعري معاشري اندر ٿيندڙ جبر ۽ تشدد جي خلاف پنهنجو آواز به بلند ڪندي آهي. شاعريءَ وسيلي نه صرف تباهه ٿيندڙ قومن جي تاريخ سهيڙي ويندي آهي، بلڪه ان جي ذريعي ڪنهن به سماج جي بهتر انداز ۾ رهبري ڪئي ويندي آهي؛ جنهن ۾ انسانن کي دلي سُڪون ملندو آهي.

ساڳيءَ طرح قومن جي شاعريءَ جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڪثر وڏن سماجي انقلابن کان اڳ، شاعريءَ ۾ انقلاب ايندو آهي. صدين جون پيڙائون، ظلم، ڏاڍ، ڏک، ادب ۽ شاعريءَ جو روپ وٺي، عوام جو هٿيار بڻجي پوندا آهن. اهي هٿيار ڏکن ۽ ڏولاون کي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اها طاقت، حالت جي جابر قوتن جو مقابلو ڪندي، مستقبل جي لاءِ روشن واٽون تخليق ڪندي آهي ۽ سماج ۾ هلندڙ غلط روايتن، ڏاڍاين، عزت جي ڪوڙن معيارن، اَجاين رُتبن ۽ رسمن خلاف صحيح رُخ ۾ تبديلين جو ڪارڻ پيدا ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح شيخ اياز چوي ٿو ته:

”وڌم ڏکن ڏاڻُ، سک نه سنڀران سپرين،

سوچي هن سماج تي، ڪڍ ڄڀيون ڄاڻ،

ڊاهي ڪريان ڍير هي، بي معنيٰ مانڊاڻُ،

سڄڻ اَچ موُن ساڻُ، ته اَٽڪون اَڄ اَنياءَ سان.“

حقيقت ۾ شاعري، انسان جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن، احساسن ۽ سرگرمين جو نتيجو آهي، جنهن ۾ شاعر پنهنجي اندر جو آواز، شعور ۽ ڄاڻ بلڪل ڏيئي ٿو. شاعري هڪ سگهارو جذبو آهي ۽ پُر اثر شاعري، انسان جي روح ۽ دل کي سنئون سڌو متاثر ڪندي آهي. جيئن ته شاعر سماج کي پرکي ۽ پروڙي ٿو. هو جيڪي به آزمودا حاصل ڪري ٿو، سي سندس سمجهدار ذهن ۽ اونهي مشاهدي جا نچوڙ هوندا آهن. ماحول ۾ جيڪي به وَهي واپري ٿو، شاعر ان کي شدت سان محسوس ڪري ٿو. انڪري هُو پنهنجي دؤر جي ترجماني صحيح ۽ معياري ڪري سگهي ٿو.

گويا شاعري نه صرف سماجي مسئلن کي نروار ڪري ٿي، مگر اها انساني معاشري ۽ حياتيءَ جو اصلاحي فرض به سرانجام ڏيئي ٿي، پر منجهس عام توڙي خاص طبقي جو فڪر ۽ بيان پڻ موجود هوندو آهي. تحقيق شاعريءَ جي اهڙي خوبي ۽ روايت سبب، ان تي معاشري جو سڌارو ٿئي ٿو ۽ عوام کي فائدو ٿئي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اصلاحي شاعريءَ جو ڪارج، مفهوم ۽ افاديتي پاسو، سڄي معاشري ۽ قوم لاءِ سجاڳيءَ ۽ همت جو سڏ، صدا ۽ پڙاڏو آهي. شاعر، سماج اندر جيڪي ڪجهه ناانصافيون، ڏهڪاءَ، استبداد ۽ اڻ بَرابريون ڏسي ٿو، ته هُو انهن تي پوري سگهه سان وارُ ڪري ٿو. تنهنڪري دنيا جي عظيم شاعريءَ ۾ نه رڳو سندن سماج جي ڀرپور تصوير ڪشي هوندي آهي، پر اُن سان گڏوگڏ، هو ماهرِ جراحن وانگر سماجي ناسُورن کي وڍيندا ۽ ڪَٽيندا رهن ٿا:

”رتي ناهي رت، ڄؤرون مڙيون جندڙيءَ،

ساٿي اُٿ ستت، ته ساڙيون هن سماج کي.“

(شيخ اياز)

مطلب ته قومن ۾ جڏهن به اهم واقعا رونما ٿيندا آهن، تڏهن شاعر، قوميت جي جذبي ۽ انسانيت جي اُتساهه کي نئين انقلاب کان آگاهه ڪندا آهن. شاعر ۽ ليکڪ، انهيءَ واقعي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪري، کيس لازوال بنائيندا آهن. انهن جي شاعري پڻ انقلابي ۽ قومي رُخ ڏيندي آهي، جيئن حافظ حبيب چيو آهي ته:

”هر طرف دهشت ٿي پسجي، بربريت جو راڄ آ،

هر مڪان مقتل بنيل آ، دل جگر قيمو ڪباب،

هن خزان کاڌل چمن ۾، ڪا بهاري آڻيون،

هر طرف رڙندا رهن، ڪي نرگس و موتيو گلاب.“

ياد رهي ته اعليٰ فلسفيانه نُڪته سنجيءَ ۽ نُڪته آفرينيءَ جون صفتون، ڪنهن پُر عظمت شاعريءَ جي عمارت جي تياريءَ لاءِ بنياد، سرَ، پٿر ۽ چُنَ وغيره جو ڪم ڏين ٿيون. محض خشڪ لفظن ۾ فلسفو لکڻ آسان آهي، پر فلسفي سان گڏ، شعريت جو لحاظ به رکڻ ضروري آهي. جيئن ته فلسفو، شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهي، جنهن ۾ شاعر، پنهنجا فلسفيانه خيال ۽ حڪيمانه نُڪتا پڻ پيش ڪري ٿو. انڪري شاعريءَ جي جهولي به فلسفي جي املهه ماڻڪ موتين سان ڀريل آهي. پريم پتافيءَ چيو:

”هي جو آ، انسان مِٽيءَ جو،

ٿيڻو آ، مهمان مِٽيءَ جو.

سجدا ڏيندي، مَلڪن سوچيو،

ڪيڏو آهي، مانُ مِٽيءَ جو.“

جڏهن شاعر فيلسوف ٿي، فلسفي ۽ حڪمت جا نُڪتا ٿو بيان ڪري، تڏهن سڄي دنيا ڏندن ۾ آڱريون وجهي،س ندس گفتن تي عجب ٿي کائي. اهڙيءَ طرح مخدوم طالب الموليٰ فرمائي ٿو ته:

”جي آيا تنهنجي محفل ۾، اهي قربان ٿي نڪتا،

وڏا دانا ۽ بينا پڻ، اتان حيران ٿي نڪتا.

هنئي جن فلسفي جي، هامَ ٿي دنيا اندر يارو،

ٻُڌي گفتار گلرخ جي، همه گوش ٿي نڪتا.“

مطلب ته انيڪ ڳالهيون، عميق نُڪتا ۽ فلسفا، شاعر جي مشاهدي ۾ اچي، سندس شعور ۾ وسعت پيدا ڪن ٿا ۽ هن کي سوچڻ، ڳڻ ڳوت ڪرڻ ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ مجبور ۽ آماده ڪن ٿا. مثال طور: هڪ شاعر کي جڏهن بي رحميءَ جو ادراڪ ٿئي ٿو، ته پوءِ هن طرح چوي ٿو:

”سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍوَ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي.“

(شيخ اياز)

ان کان سواءِ، شاعر ٻئي هنڌ پورهيت ۽ شاهوڪار لاءِ چوي ٿو:

”پورهيت مزور بک ۾ ويلا پيو گذاري،

پر سيٺ لئه سدائين ٿي پيو سُڪار آهي!“

(تبريز تونيو)

واضح رهي ته اخلاق، انساني زندگيءَ جو قيمتي زيور ۽ حياتيءَ جو سينگار آهي. اخلاق بنا جانور وڌيڪ ۽ انسان گهٽ ٿئي ٿو. تنهنڪري هن دنيا ۾ انهيءَ ڳالهه جي هر دؤر ۾ اهميت رهي آهي ته انسان کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ اخلاق جو لغام ڏنو وڃي ٿو. اخلاق انسان جو اعليٰ قدر ۽ اهم جز آهي، بلڪه اخلاق کي شاعريءَ توڙي ادب ۾ به وڏو عمل دخل آهي. نه فقط ايترو، پر اخلاق جو اثر، شاعريءَ ۾ ڪارفرما عمل جو نتيجو پڻ آهي. ان ڪري اهو چوڻ صحيح آهي ته جنهن شاعريءَ ۾ اخلاق گڻ ۽ قدر شامل هوندو آهي، ته اهڙي قسم جي شاعريءَ ۾ انساني سماج جي بهتريءَ ۽ تعميري قوت جو به عنصر سمايل هوندو آهي، جنهن جي وسيلي، انسانيت ۽ قوم توڙي معاشرو، سک ۽ امن، عدل ۽ همدرديءَ جي واٽ اختيار ڪندا آهن. لهٰذا، اخلاقي شاعريءَ ۾ شاعر هڪ مُعلم جي خدمت سرانجام ڏيئي ٿو. تنهنڪري شاعر جو مقصد آهي: جذبن ۽ احساسن ذريعي انسان جي اخلاقي پهلوئن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ. اهڙيءَ طرح شريفانه اخلاق جي پيدا ڪرڻ جو وسيلو، شاعريءَ کان بهتر ڪوبه ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ جو شاعري، بجاءِ خود هڪ مؤثر شيءِ آهي، جيئن ته لطيفرحه چوي ٿو:

”چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن،

جو وَڙ جڙي جن سين، سو وَڙ سيئي ڪن.“

ياد رهي ته الله تعاليٰ هن حَسين ڪائنات جي تخليق جو خالق ۽ مالڪ آهي، جنهن پنهنجي قدرت ۽ حڪمت سان هيءُ جهان جوڙي، اعليٰ ڪاريگريءَ جو روشن ۽ چٽو ثبوت پڻ ڏنو آهي. ان ڪري انسان، الله پاڪ جي نهايت ئي قدرت، وحدانيت ۽ حاڪميت جي تعريف ۽ واکاڻ بلڪل ڪري ٿو. ليڪن الوهياتي تصور ۽ فڪر کي شاعر هن نموني نروار ڪيو آهي ته:

”خدائي جو مظهر، هي جنسار آهي،

بنايو عجب ان، هي سنسار آهي.

زمين آسمان جو، آ مالڪ ۽ خالق،

اِهو ڪُل شيءِ جو، ته مختار آهي.“

(بلال بروهي)

ان کان پوءِ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪري، هڪ پاسي جهالت ۽ تاريڪيءَ جو خاتمو ٿيو، ته ٻئي پاسي علم جي جوت ۽ لاٽ ٻري پئي، جيڪا پوري انسانيت کي سچي ۽ سڌي واٽ ڏيکارڻ جو ڪارڻ بڻجي ويئي. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اچڻ سبب، انسانن جون دليون انس، ميٺ ۽ محبت سان ٽمٽار ۽ منور ٿي ويون، بلڪه انهن جي مٿان جيڪي نفرتن ۽ حقارتن جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، اُهي ختم ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ لڳا. اهڙو خيال هيٺئين شعر مان ملي ٿو:

”جهالت ٿي ختم ۽ علم جي پو روشني آئي،

ضياءَ بڻجي حقيقت جي شمع بردار ٿي آيو،

دلين ۾ رحم آيو ۽ ويون ٿي نفرتون بي دم،

خزان جي رُت ۾ بڻجي آهه هو باغ بهار آيو.“

(شجاع سنڌي)

عشق، پاڪ پوتر جذبو آهي، مگر اهو شاعريءَ جو بنيادي ۽ پسنديده محرڪ به آهي. جيستائين اهو ئي احساس، انسان ۾ جاڳي نه ٿو، تيستائين شاعريءَ جو وجدان ۽ جوش، پنهنجي اظهار جي حالت تائين پهچي نه ٿو سگهي. عشق اهڙو جذبو آهي، جو يار جي در تي جُهڪائي ٿو ته سڄڻ خاطر جڳَ جهانَ سان وري ويڙهه کائڻ جي همت ۽ حوصلو به پيدا ڪري ٿو. البت عشق جي ابتدا ڪرڻ وارو ئي خود انتها ڪري ته بهتر ئي آهي. لهٰذا، اها سوچ به عشق جي اصولن جو ڪو اعليٰ مرتبو ۽ ڪارگر تصور آهي، مثلاً:

”جيڪو به جنهن سان عشق جي خود ابتدا ڪري،

ان جو ئي فرض آهه ته هو انتها ڪري.“

(مخدوم طالب الموليٰ)

 سچي عشق جي حاصلات ۾ ڏک، ڏاکڙا ۽ جوکم کڻڻا پون ٿا، تڪليفن ۽ مصيبتن سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جبل ۽ ڏونگر، صحرا ۽ بَرپٽَ ڏورڻا ۽ جهاڳڻا پون ٿا. تڏهن ته وڃي عاشق ۽ معشوق جو معراج حاصل ڪن ٿا، بلڪه ان ۾ پنهنجي خوشي به سمجهن ٿا، عبدالڪريم گدائيءَ چيو:

”هن عشق جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، آسان به آ دشوار به آ،

هي واديءِ الفت آه عجب، پُرخار به آ گلزار به آ.

جت اَبرن جي تلوار هلي ۽ ناز جي ناوڪ ڌار هلي،

اُتي ڪهڙو ”گدائي“ چارو چلي، جت پيار به آ تڪرار به آ.“

مطلب ته عشق، انسان کي کِلڻ ۽ روئڻ سان گڏ، جيئڻ به سيکاري ٿو ۽ انسان جي دل ۾ سوز و گداز پيدا ڪري ٿو، جيڪو شاعريءَ جو سبب به آهي ته بنيادي ڪارج به آهي.

بهرحال، عشق نيون سوچون، سپنا ۽ جيئڻ جا رستا به ڏيکاري ٿو:

”عشق وارن کي مِلن ٿا، ڪيترا رستا نوان،

ڪيتريون سوچون نيون ۽ ڪيترا نڪتا نوان.

زندگيءَ سوڙهو ڪيو هو، ۽ سوچ هر ساهه کي،

پو به ڏسنداسين جيئڻ جا پيا اسين سپنا نوان.“

(رخسانه پريت)

جڏهن عاشق جي دل کسجي ويندي آهي ته سندس سک ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي؛ بي چيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي، جو اکين جي ننڊ به ختم ٿي ويندي آهي. اهڙي ڪيفيت هيٺ بيان ڪجي ٿي ته:

”ڪي ڪي ماڻهو خوابن جهڙا دل کي گهائي ويندا آهن،

اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي، ننڊ چورائي ويندا آهن.“

(نسرين نوري)

جهڙيءَ طرح عاشق اکين جي انگ ۾ اڙندو آهي، تهڙيءَ طرح هو پرينءَ جي ياد ۾ هر وقت پُور پَچائيندو آهي ۽ محبوب جي جُدائيءَ ۾ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳندو آهي. ڇو ته هن لاءِ سڀ ڪجهه پنهنجو پرين آهي:

”مان دکياري پريت جي ماري، ويٺي نير وهايان،

تو بن جيون ساٿي، اُجڙيون آهن جيون راهون.

منزل منزل، ڳولين توکي منهنجون اداس نگاهون،

آءٌ اَياڻي، نينهن نماڻي، پريت ڪري پڇتايان.“

(نور شاهين)

اها ڳالهه به صحيح آهي ته،ا نسان جو سونهن سان ازلي ناتو آهي. اها سونهن چاهي قدرتي نظارن جي هجي يا محبوب جي جوڀن جي، مگر انسان هميشه ان تي مست رهيو آهي. سونهن کان سواءِ، انسان گهڻي قدر پاڻ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪئي آهي. اهريءَ طرح شاعر محبوب جي سوڀيا ۽ حُسن جي تصوير پڻ هيئن چِٽي آهي ته:

”سونهن تنهنجي سنسار سڄي ۾،

خوشبو عجب گُهلائي آهي.“

(انور پرديسي)

شاعر جڏهن محبوب تي لکي ٿو، ته هو سندس نازن، نيڻ، گفتن، زلفن، پنبڻين ۽ ابرن جي حُسن ۽ جمال، بي پرواهيءَ ۽ قتل واريءَ ڪارسان دنيا ۾ ڪُهرام مچايو ڇڏي! تنهنڪري هُو ائين به چوي ٿو ته:

”تنهنجي اکڙين ۾ ستارن جي چَمڪ آهي پرين،

تنهنجي مُرڪڻ ۾ گلابن جي مَهڪ آهي پرين.

تنهنجي زلفن جي زنجيرن ۾ ٿيس قيد سدا،

تنهنجي ئي وڻي مون کي ڌنڪ آهي پرين.“

(غلام قادر شيخ)

اها سونهن ۽ سوڀيا، اهو عشق جو درد ۽ فراق، اهي هجر ۽ وصل جون راحتون ۽ ڪيفيتون، اهي سَڙڻ ۽ پَچڻ جا تجربا. مطلب ته اهي سڀئي وارداتون، جيڪي عاشق يا شاعر تي ٿين ٿيون، اهي شاعريءَ جو روپ وٺي، ٻين انسانن کي به انهن جهانن جو سير ڪرائينديون آهن. مگر دل جي احوال بابت شاعر ڪهڙو نه خوبصورت خيال پيش ڪيو آهي:

”دل ٿي پَچي پرت ۾، تو لئي پرين پيارا،

آءُ تون اڱڻ منهنجي، محبوب جيءَ جيارا.“

(خليفوگل)

ان کان علاوه، شاعر هن ريت پنهنجي محبوب جو ذڪر ڪيو ته:

”وسِري ويا ٻئي جڳ، جڏهن دل جان سان دلبر ڏٺم،

مهتاب مُک محبوب جو، محراب مُنهن منور ڏٺم.“

(مصري شاهه)

نه فقط ايترو، پر محبوب جڏهن دل ۾ رهي ٿو ته پوءِ سڀ بهانا ئي ختم ڪري، ڀرم، ڀروسي ۽ اعتبار جو سهارو وٺڻ گهرجي، جيئن ته:

”دلبر ته آهي دل ۾، اعتبار ساڻ کڻجي،

ڇڏي سڀئي بهانا، اظهار ساڻ کڻجي.“

(گلبدن جاويد)

ياد رهي ته سماجي زندگيءَ ۾ انسان کي ڪيترائي ڏک ۽ درد، غم ۽ الم ملن ٿا، پر ڪامياب انسان اهو ئي آهي، جيڪو انهن دردن ۽ غمن سان منهن ڏيئي مقابلو ڪري ٿو. ليڪن پنهنجن سورن ۽ ڏکن جي ٻاڦ ڪنهن غير ۽ اڻ واقف انسان جي آڏو نه ٿو ڪڍي. ڇاڪاڻ ته هو ائين ئي سمجهندو آهي ته: ”بيدرد ماڻهوءَ کي پنهنجي درد ۽ غم جي ڪيفيت جو احوال ٻُڌائڻ وڏي ڀُل آهي.“ ڇالاءِ جو اهڙي انسان کي ٻئي جي ڏک جو احساس نه هوندو آهي. تنهن ڪري شاعر اهڙن ماڻهن جي زباني هن طرح بيان ڪري ٿو، جيئن ته:

”ٺهن دردمندن سان، دم ڪهڙا ڪهڙا،

ڪجن غير محرم سان، غم ڪهڙا ڪهڙا.

نه جن جي ڪڏهن درد، دلڙي دُکائي،

انهن ساڻ اوريون، الم ڪهڙا ڪهڙا.“

(محمد صديق ’مسافر‘)

مطلب ته زندگيءَ ۾ ڏک، ڪن کي ٿورا آهن، ته ڪن کي غم سوايا آهن. پر ڪابه دل سورن ۽ دردن کان سواءِ خالي هرگز نه آهي. البت ڏکن کي سونهن بنائي، توڙ تائين رسي سگهجي ٿو. ڪجهه دل جا سُور اهڙا به آهن، جيڪي غير کي سلڻ، خطا به آهي ته غلط عمل به آهي، ڇو ته:

”سوُر ته مڙئي سُور، پرڪي سُور نه سلڻ جهڙا،

ماڻهو سڀ مُئا وڃن، پر تُون نه مَرين سوُرَ.“

(شاهه لطيف رح)

بهرحال، درد انسان جو جذباتي پهلو آهي، مگر اهو شاعريءَ جو المناڪ عنوان پڻ آهي. جنهن ۾ نه صرف شاعر انساني سماج جا درد بيان ڪري ٿو، بلڪ هو داخلي طور تي پنهنجن غمن ۽ دردن، ڏکن ۽ ڏوجهرن جو حال به واري ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو درد شاعريءَ جو باعث به آهي ته اُتم احساس ۽ جذبو به آهي؛ جنهن ۾ پوري انسانيت جا درد ۽ غم شامل هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هن ئي دنيا توڙي معاشري ۾ انسان جو دردن سان تمام گهرو واسطو رهي ٿو. جيئن مولانا روميءَ رح چيو آهي ته: ”هن دنيا ۾ ڪو به غم کان سواءِ نه آهي، جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو آدم جو اولاد (انسان) نه آهي.“ تنهن ڪري اهو چوڻ مناسب آهي ته درد، انساني زندگيءَ جو حصو ۽ ورثو آهن، جن کان انسان پري نه ٿو رهي سگهي. تنوير عباسي دردن بابت چيو آهي ته اُهي بيشمار آهن:

”درد ايڏا جو ڪو ڳڻي نه سگهي،

بار ايڏا جو ڪو کڻي نه سگهي.

دل ۾ ايڏيون ته ڳالهيون آهن،

جي ٻُڌايان ته ڪو ٻُڌي نه سگهي.“

انهن کان علاوه، ڪي ماڻهو اهڙا به موجود آهن، جيڪي پنهنجن غمن، گوندرن ۽ دردن جو داستان، ٻئي انسان کي ٻُڌائي، پنهنجي دل سوزيءَ جو بار هلڪو پڻ ڪندا آهن ته کين ڪجهه وقت لاءِ سُڪون ملندو آهي.

واضح رهي ته شاعريءَ جو تعلق، مزاح ۽ بذله سنجيءَ سان گهرو ۽ گهاٽو آهي، جنهن جي ذريعي، غمگين انسان سرهو ۽ ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعر سمجهي ٿو ته سماج ۾ ڏک وڌيڪ ۽ سک قسمتي ئي انسانن کي نصيب ٿين ٿا. تنهنڪري شاعر سکنِ ۽ خوشين جي گهڙين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن ۽ اهڙين گهڙين کي اَمربڻائيندا آهن. جيئن شمس الدين ’بلبل‘ چيو:

”هن نازنين جي قد سان، همسر نه سروَ ٿيندو،

 ڄڻ ڪاٺ اَڻ گهڙيو، ڪنهن ڪم ڪار جو نه آهي.“

درحقيقت مزاح پسند شاعر سماج ۾ فردن جي مُکن تي مُرڪون پکيڙڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي، جيڪا ڳالهه معاشري لاءِ تفريح جو باغث بڻجي ٿي ته سماج ۾ نئون روح ڦوڪيندي، اُتساهه به ڏيندي آهي. جيئن سماجي ڏک ۽ الم کان انسان متاثر رهي ٿو، تيئن ئي هُو غم غلط ڪرڻ لاءِ کِل ڀوڳ ۽ مذاقي شاعريءَ ڏانهن راغب ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو ظريفانه ۽ مزاحيه شاعري، انساني دل ۽ دماغ جي مونجهارن کي غرق ڪرڻ جو ڪارائتو ذريعو به آهي. ان ڪري مشتاق بخاريءَ مذاقي انداز ۾ هيئن چيو آهي ته:

”يارن جي ٿي، ياري ماري،

پنهنجي ٿي، گهر واري ماري.

’مشتاق‘ مرڻ جهڙو ناهي،

سَسُ ٿي، اندرَ ڪاري ماري.“

اهو ئي سبب آهي، جو مزاحيه شاعريءَ جو ڪارج خوشي پهچائڻ سان گڏوگڏ، معاشري جي مستقبل جي واٽ جي لاٽ ڏيکارڻ پڻ آهي.

دراصل تاريخ، قومن جو ورثو آهي، زندهه ۽ سُڄاڻ قومون، پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀالينديون آهن، تاريخ کي ساهه سان سانڍينديون آهن. ماضيءَ جي روشنيءَ ۾، حال جوسفر جهاڳي، روشن ۽ شاندار مستقبل يقيناً ٺاهينديون آهن. جيئن ته مهر خادم تاريخ جو اهڃاڻ هن طرح ظاهر ڪيو:

”ظلم مظلوم کي جاڳائي ٿو،

وقت تاريخ کي ورجائي ٿو.

خُون ماروئڙن جا ٿا ڏسجن،

رت اسان جي هُو ٽهڪائي ٿو.

بهرحال، هر انسان جو عمل انفرادي توڙي گڏيل، تاريخ انسانيءَ لاءِ ڪا راههَ ضرور متعين ڪندو آهي. تاريخ انسانن لاءِ هڪ آئينو آهي، هڪ سچو پچو سبق آهي، جنهن جي مطالعي مان ايندڙ وقت جي انسانن کي پنهنجي مستقبل جو پروگرام ٺاهڻ ۾ مدد ملي ٿي. گويا تاريخ صرف ماضيءَ ۾ پيش آيل حادثن ۽ واقعن جو رڪارڊ نه آهي، پر اهو ماضيءَ جي انسانن جي رهڻي، ڪهڻي ۽ سندن عروج ۽ زوال متعلق علم ۽ ڄاڻ مهيا پڻ ڪري ٿو:

”قافلا گذري ويا، پيرَ کڻندا رهون،

وقت جا ڪاتب اسان، تاريخ لکندا رهون.

لاطمع خود دار ماڻهو، گهٽ عذابن ۾ رهيو،

پاڻ خود غرضيءَ سبب هي، سُورَ سهندا رهون.“

(حبيب الله صديقي)

جتي سماجي فرد رهن ٿا، تتي شاعريءَ جو جنم ازخود ٿئي ٿو ۽ اها پوءِ معاشري جي ڪارگذارين جو عڪس پيش ڪري ٿي. پر انهيءَ آئيني ۾ تصويرون به پائيدار رهن ٿيون، جي تاريخ جو بلڪل سبق ڏين ٿيون. اهو ئي شاعر آهي، جيڪو معاشري ۾ رهي، ڏسي ۽ مشاهدو ڪري، کين دلڪش انداز ۾ نشانبر ڪري ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شاعر جو شعور ئي احساس ۽ طاقت جو مجموعو آهي. شاعري، قومن جي نفسياتي، سماجي ۽ اخلاقي تاريخ آهي، جيئن ته شاهه لطيف رح فرمائي ٿو ته:

”ميرا پَسي مڱڻا، سپڙ سڏڪئا،

سَٻوجهن سئا، اَٻوجهن آسرو.“

مطلب ته تاريخ، ڌرتيءَ جي وسيع هنج آهي، جنهن ۾ هر انسان نپجي وڏو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح شاعريءَ مان اسان کي ڪنهن به زماني جون تاريخي، معاشي، جغرافيائي، سماجي ۽ اخلاقي حالتون پڻ معلوم ٿين ٿيون.

”گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام،

انين کي انعام، مڃر مڙو ئي ٿئو.“

(شاهه لطيف رح)

تاريخ، شاعريءَ جو اهم سرچشمو آهي، جنهن جو سماجي ڪارج معاشري جي ڪارگذارين جو ماضي توڙي حال جي روشنيءَ ۾ مستقبل ڪامران، تابناڪ ۽ شاندار ڪرڻ به آهي.

مخفي نه رهي ته سچ، انسان جو اعليٰ قدر ۽ خاص گڻ آهي، بلڪه اهو شاعريءَ جو وڻندڙ ۽ اُتم محرڪ به آهي. بَديءَ جي قوتن خلاف، سچ هميشه اَڏول رهيو آهي. اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيڻو آهي. جيڪڏهن وقتي طور تي هن (سچ) پڻ ڪِٿي شڪست کاڌي آهي ته اها شڪست، ڪنهن دائمي فتح جو روپ وٺي، ڪونئون سچ بڻجي، وري ظاهر ٿي آهي. سچ بابت مختيار ملڪ چوي ٿو ته:

”سينو تاڻي سچ ڳالهائڻ،

شاعر جي ڪمزوري آهي.

سوچڻ تي آ، سرحد بندي،

آزادي اَڻ پوري آهي.“

سچ اسان کي هروقت زندگيءَ جو پيغام ڏيندو رهي ٿو. سچ کي ڪڏهن گهاڻي ۾ پيڙهيو وڃي ٿو ته ڪڏهن کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي ٿو. تڏهن به سچ اَمر آهي ۽ رهندو. ڇو ته سچ جا ساٿي زبان توڙي قلم جي نوڪ ذريعي، سچ جو ساٿ نڀائيندا رهن ٿا. انڪري عبدالحڪيم ’ارشد‘ چيو آهي:

”سرمد سوريءَ ڏانهن تڏهن ڀي، سچ جا نعرا هڻندا ويا،

رت ۾ ڳاڙها زخمي سينا، توڙي چڪنا چُور هيا،

جيسين رهندو راڄ دنيا تي، ظلم، تشدد، ڏاڍ ڏمرجو،

پاپ نگر جي راجائن سان، تيسين وڙهندا رهنداسين.“

شاعريءَ جي سرچشمن ۾ تصوف، اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تصوف دل جي صفائي، اندر جي پاڪيزگي، ظاهر جي اوجر، نفس کي ضابطي ۾ رکڻ، رب پاڪ جي مخلوق سان سُهڻي نموني هلڻ، انهن جي خدمت ڪرڻ، الله تعاليٰ سان محبت ڪرڻ ۽ ان جو ذڪر ڪرڻ وغيره جو نالو آهي، پر تصوف ذريعي انسان کي سنئين واٽ تي به هلائي سگهجي ٿو. صوفياڻي شاعريءَ ۾ شاعر تصوف جا عميق نُڪتا، رمزون، عشق حقيقيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ ۽ پرينءَ جي پَسڻ جو احوال وغيره به بيان ڪري ٿو. جيئن شاهه لطيف رح چيو آهي ته:

”صوفيءَ صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،

تِهان پوءِ ٿئو، جيئري پَسڻ پرينءَ جي.“

صوفياڻي شاعريءَ جو سماجي ڪارج ۽ ڪردار، معاشري ۾ انسان جي دل پاڪ ۽ صاف ڪرڻ سان گڏ، الاهي قانون تي عمل ڪرڻ ۽ توحيد جو نظريو ڦهلائڻ به آهي. تنهن ڪري روحل فقير رح وحدانيت جو فڪر عيان ڪيو:

”جي لڳو اٿئي تان لاءِ، هينئڙو حبيبن سين،

پائي پيچ پرت جا، سپريان ڏي ساهه،

وحدت ۾ ٿي واءُ، ’روحل‘ رتي روح جي.“

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وڌڻ ۽ ويجهڻ جي صلاحيت، نيڪيءَ ۾ آهي، پر بَدي خود پنهنجو پاڻ کي ئي ختم ڪري ٿي. نيڪي، بُرائيءَ کي دُور ڪري ٿي ڇڏي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ٻين انسانن سان نيڪي ڪيون. اهو انساني عمل جو ڦل ئي اسان جي زندگيءَ جو ضامن آهي. نيڪي کي سماج ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ان جو شاعراڻو ڪارج معاشري ۾ سُٺائي ۽ ڀَلائي جو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ آهي، نيڪيءَ متعلق علي بخش جماليءَ چيو آهي ته:

”چڱو آ عمل سڀ کان، صد بار نيڪي،

ڪندو رَهه سڀن سان، تون هر بارنيڪي.

بنائي انهيءَ کي ڇڏي، شان وارو،

اَٺ ئي پَهرَ جنهن جو، آ ڪم ڪار نيڪي.“

حُب الوَطني (ساڻيهه جي سِڪ) انسان جو اُتم ۽ اعليٰ جذبو آهي. ان جو شاعريءَ ۾ اظهار، انسان جي ڪشش جو سبب بڻجي ٿو. وطن جي حُب، اهڙي خوبي آهي، جنهن ۾ ديس جي اُنس جو قدر ۽ جز ڪار فرما آهي. پر جنهن انسان کي ڌرتيءَ يا وطن سان محبت ڪانهي، اهو ڦِٽڪار لائق آهي. ڇو ته جنهن جي وطن سان اُڪير نه آهي، اهو انسان ۽ سندس قلب مرده آهي. وطن جي حُب، انقلاب جو سُريلو ۽ مڌر گيت آهي؛ جيئن ته:

”وطن جو ذرو ذرو، آفتاب ٿو نظر اچي،

زمين تي آسمان جو، شباب ٿو نظر اچي.“

(عبدالحليم ’جوش‘)

پر ساڳئي وقت، نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وطن جي حب کي ايمان جو حصو سڏيو آهي. (حب الوطن جزالايمان). انسان جنهن ڌرتيءَ جي ٽڪري تي پيدا ٿئي ٿو. ان سان هن جي ذهني وابستگي هوندي آهي. ڀَلي اهو هنڌ، جُهوپڙي هجي يا محلات، ديس جا ماڻهو هُجن يا وطن جي مِٽي؛ پر سندس اُتساهه ۾ ڪمي نه ايندي آهي. هو ديس جي هر شيءِ (ذري ذري) سان پڻ محبت ڪندو آهي، جنهن ڪري شاعرن وطن جي حُب يا ساڻيهه جي اُڪير کي، شاعريءَ ۾ اهم مقام ۽ اعليٰ مرتبو ڏنو آهي. پنهنجي ڌرتي ”سرزمين سنڌ“ سان پيار جو اظهار، عبدالڪريم گدائيءَ هن طرح ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ چوي ٿو ته:

”هيءَ ڌرتي مون کي پيارِي آ،

هيءَ ڀونءِ ته ڀاڳن وارِي آ.

هن ديس تان پنهنجي جان فدا،

هن ديس تي سڀ ڪجهه وارِي آ.

هيءَ ”سنڌ“ سدا خوشحال رهي،

هيءَ ڌرتي مالا مال رهي.“

ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ سان پيار ۽ الفت نه ٿا ڪن يا حُب الوَطنيءَ جي احساس، شغف، سڪ ۽ جذبي جا متقاضي نه ٿا ٿين، سي وطن کي وساري ويهن ٿا، تن لاءِ شاهه لطيف رح فرمائي ٿو ته:

”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسرن،

حيف تنين هوءِ، جن وطن وِساريو.“

محنت اها خوبي آهي، جنهن سان جهان جو سنسار ۽ سنسار جو سينگار سلامت آهي. محنت، انساني عظمت جي سربلندي ۽ سرفرازي آهي، مگراها انسانيت جي اوج ۽ ڪمال جو اهڃاڻ به آهي. محنت سان ئي بَرپٽ ۾ بازاريون، جهنگن ۾ گاهه ۽ گلزاريون نظر اچن ٿيون. محنت جو اجر بلند ۽ اعليٰ آهي. دنيا ۾ جيڪي به ملڪ ترقي يافته آهن، سي محنت ۽ پورهئي جي ڪري ڪامياب ۽ سُرخرو ٿيا آهن. اهي ئي ڪارڻ آهن، جي سڀ دنيا جا عظيم انسان ۽ پيغمبر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ محنتي ۽ پورهيت هئا. انڪري محنت ۽ پورهئي کي صالح سماج ۾ قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح شاعر به محنت ۽ پورهئي جي عظمت ضرور بيان ڪن ٿا. ڇو ته محنت مستقل زندگيءَ جو نالو آهي. محنت کان سواءِ، انسان اَڌورو ۽ اَڻ پورو آهي، انهيءَ سبب ڪري ئي، شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ لاءِ اَڻ مئي محنت جا سبق موجود آهن، جن ۾ ناصحاڻا نڪتا ۽ اصول به شامل آهن. ان ڪري استاد بخاريءَ چيو:

”محبت سان ڀرپُور محنت ڪنداسين،

۽ محنت جي هر ريت عزت ڪنداسين.“

مٿين ثبوتن ۽ بيانن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاعري نه صرف خوبصورت، دلڪش، وڻندڙ ۽ جاذب لفظن جو املهه خزانو آهي، مگر اها انسان جي داخلي توڙي خارجي جذبات ۽ احساسات جو خاص سرمايو پڻ آهي. منجهس انسان جي سماجي زندگيءَ جي تعمير ۽ اصلاح جو عڪس چٽيل آهي، پر عمومي طور شاعري، انسان جي اُڌمن، فڪرن ۽ سوچن جو سرچشمو به آهي ۽ اها معاشري، قوم ۽ ملڪ جي سڌاري ۽ تقدس لاءِ ڪارفرما آهي. شاعري انساني سماج ۽ ماحول جي پيداوار آهي، جنهن ۾ معاشري ۽ زندگيءَ جو احوال پُراثر نوع ۾ ملي ٿو. ڇاڪاڻ جو شاعر، انساني سماج جو هڪ باشعور ۽ دوُرانديش ٿئي ٿو. هو جيڪي به معاشري جي چؤڌاري ڏسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو، ته انهن اثرن ۽ احساسن کي لفظن جي شڪل ۾ آڻي ٿو، جي پائيدار ۽ مستحڪم پڻ ٿين ٿا. تنهنڪري ايترو چوڻ مناسب آهي، ته شاعريءَ ۽ شاعر جو وڏو ڪارنامو ۽ سماجي ڪارج، اهو ئي آهي، جيڪو انساني معاشري، قوم ۽ ديس لاءِ ڪار آمد دليل ۽ مفيد ثبوت به آهي ته اصلاح، درستي ۽ ترقيءَ جي علامت به آهي. ليڪن شاعريءَ ۾ گوناگون مضمون ۽ عنوان ملن ٿا، جن جو ڪارج سماجي نوعيت جو آهي.

گويا شاعر ڪنهن به خطي يا علائقي ۾ رهي ٿو، ته اُتي جي عوام ۽ ماڻهن جون اداسيون، مايوسيون ۽ غلاميون ختم ڪري، منجهن جوش، جولان ۽ جذبو پڻ پيدا ڪري ٿو. هو چاهي ٿو ته ”مهذب معاشري“ ۾ نه صرف انسان آزاد ۽ خوشحال زندگي گهاري، بلڪه هو سکيو ۽ ستابو، چڱو ۽ خوش ٿِي گذاري. شاعريءَ ۾ نه رڳو شاعر جا جذبا لطيف ۽ حَسين شامل هوندا آهن، مگر ان ۾ سندس خارجي مشاهدا ۽ تجربا پڻ مشترڪ هوندا آهن، جيڪي پڙهندڙ لاءِ سکيا، معلومات، نصيحت ۽ پيغام جو موجب هوندا آهن. اهڙيءَ طرح شاعر ڪائنات جي صداقتن ۽ انڪشافن جو اثر قبول ڪري، انهيءَ جا راز، پيچيده نُڪتا ۽ باريڪ بينيون بيان ڪري ٿو، ته اُهي شاعريءَ ۾ دلڪشي، حقيقت پسندي ۽ جان پيدا ڪن ٿا. شاعريءَ جي اهم خوبي اها به آهي ته هوءَ انسان جي ستل جذبن کي جاڳائي ٿي. البت سنڌي شاعري، سنڌي سماج جي تصورن ۽ احساسن جي ترجماني ڪري ٿي، بلڪه اها انساني معاشري جو عڪس ۽ نمائندگي به ڪري ٿي. سنڌي شاعري، سنڌ جي ريتن، رسمن، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت جو کليل ثبوت آهي، پر ساڳئي وقت، سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ترقي پذيرائي، خوشحالي، الفت، اخوت، ملنساري، تاريخ جي ورثي جو بنيادي ۽ اهم جز به سمايل آهي. ان سان گڏوگڏ، سنڌي ماڻهن جي مزاجن، ذهني رجحانن ۽ نفسياتي لاڙن جو احوال پڻ ملي ٿو.

اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌ جي معاشي توڙي سماجي حالتن ۽ واقعن جو بيان موجود آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعرن پنهنجي ماحول، تهذيب ۽ سماج جي چؤگرد شين جو مطالعو ڪري، صداقت ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. ان جي باوجود به سنڌي شاعريءَ ۾ وحدانيت، رسالت، تصوف، عشق، حُسن، فلسفي، حڪمت، اخلاق، درد جي دانهن، وڇوڙي جي ڪيفيت، پورهئي جي اهميت ۽ حاصلات، ڪائنات جي تسخير، چڱي ڪم، حُسن ڪارا نه عمل، کِل ڀوڳ، جاڳرتا وغيره ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع ڪارفرما آهن، جن جو تعلق انساني جذبن ۽ سماجي ڪارگذارين سان آهي. سنڌي شاعرن قلم جي نوڪ وسيلي، معاشرتي ظلم، ڏاڍ، استبداد ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف آواز بُلند ۽ عيان ڪيو آهي، ليڪن انهن زندگهيءَ جي انيڪ مسئلن ۽ معاملن تي لکي، خوب ملهايو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعري دلي ذوق، جانفشانيءَ، عرق ريزيءَ، حڪمت شناسيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو نتيجو آهي، حتيٰ ڪه اها جرئتمندانه فڪرن، سوچن ۽ خيالن جو ڳوڙهو اڀياس به آهي. نه صرف ايترو، پر سنڌي شاعريءَ ۾ انسان ذات ۽ ان جي تقاضائن توڙي طبقاتي ڪشمڪش، انقلابي جدوجهد، قومي نظرين ۽ معاشري جي بدلجندڙ حالتن ي روئداد جو سنٻنڌ نظر اچي ٿو. انهيءَ سببان ئي، اسان زندگيءَ جي سماجي مسئلن ۽ محرڪن کان واقفيت حاصل ڪري سگهون ٿا.

بهرحال، سنڌي شاعري، سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۽ جيوت جو سرمايو آهي، ان ۾ قديم توڙي جديد معاشري جا تعميري پهلو، سرچشما ۽ اهڃاڻ به شامل آهن. جڏهن سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو ويندو ته، سنڌ سونهاريءَ جي سنڌي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي عالمي سرمائيدارانه نظام جي معاشي جبر ۽ استحصالي قوتن جي خلاف محاذ آرائي ڪئي آهي، اُتي پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان ٿيندڙ اَنيائن ۽ ناانصافين جي اُبتڙ، پنهنجي شاعريءَ جو فڪري ۽ نظرياتي تاڃي پيٽو پئي اُڻيو آهي.

پوري وثوق سان اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي، ته جتي سنڌي شاعرن، سنڌي شاعريءَ ۾ خوب ملهايو آهي، اُتي شاعراڻي ميدان ۾ سنڌي شاعرائن به تمام گهڻو نڀايو آهي. انهن نه صرف پنهنجن تجربن ۽ موضوعن ذريعي شاعريءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي ذهني رجحانن ۽ لاڙن جي عڪاسي ڪئي آهي، پر انهن شاعرائن قلم جي نوڪ وسيلي، غلط رسمن ۽ رواجن جي برعڪس آواز به اُٿاريو آهي. بهرحال، سنڌي شاعرائن پنهنجي شاعريءَ ۾ آسان ۽ سادا لفظ ڪتب آڻي، شاعريءَ ۾ سونهن، حُسن ۽ سندرتا پيدا ڪئي آهي. هڪ طرف انهن پنهنجي ڏانءَ ۽ جذبي جو اظهار، جديد انداز ۾ نروار ڪيو آهي، ته ٻئي طرف سُهڻن لفظن کي سجائي، روايتي شاعريءَ جا اَڻ لکا اهڃاڻ به ڏنا اٿن. اهو ئي سبب آهي، جو سندن با معنيٰ لفظ لفظ ۽ حسين خيال، شاعريءَ جي ساک ڀري رهيا آهن، بلڪ اهي سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻي قدر خوبصورتي ۽ دلڪشي به پيدا ڪري رهيا آهن.

 

مددي ڪتاب ۽ رسالا

(1)        گرامي، غلام محمد مولانا (   )، ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

(2)       گرامي، غلام محمد (مرتب): 1982ع، ديوان بلبل، حيدرآباد: سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ.

(3)       جويو، تاج: 1993ع، نيڻ مهٽي خيال جاڳيا، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن.

(4)       عباسي، ظفر: 2007ع، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

(5)        لغاري، عبدالجبار عبد، ڊاڪٽر: 2001ع، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، شڪار- سنڌ: مهراڻ اڪيڊمي.

(6)       ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: 1996ع، سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

(7)       بيگ، قليچ، مرزا: 1989ع، ديوان قليچ، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

(8)       بيگ، قليچ مرزا: 1992ع، سنڌي ويا ڪرڻ (چار- ڀاڱا): حيدرآباد- سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ.

(9)       ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: 1998ع، سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي.

(10)   اظهر گيلاني، سيد: 2010ع، شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا، شڪارپور- سنڌ: مهراڻ اڪيڊمي.

(11)    شيخ، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر: 2001ع، ادب ۽ تنقيد، شڪارپور- سنڌ، مهراڻ اڪيڊمي.

(12)   شيخ، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر ۽ شيخ عبدالرزاق ’راز‘،1993ع، مشرقي شاعريءَ جو تنقيدي مطالعو، حيدرآباد: سنڌ نيشنل اڪيڊمي.

(13)   بيگ، سڪندرعلي مرزا: 1986ع، سنڌيءَ جو عروض، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي.

(14)   نذير، نذيراحمد جروار، ڊاڪٽر: 1996ع، ميزان، شهدادڪوٽ- سنڌ: عبدالرؤف جروار، قاضي مسجد.

(15)    لغاري، اڪبر: 2010ع، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

(16)   عباسي، مسز شمس: 1988ع، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

(17)   جلباڻي، غلام حسين، پروفيسر: 1988ع، عربي- سنڌي لغت، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو- سنڌ: سنڌ يونيورسٽي.

(18)   جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: 1994ع، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

(19)   بروهي، عزيز بلال: 2009ع، ڪريم ٿي باڪمال آيا، لاڙڪاڻو: بزمِ سچل پبليڪيشن.

(20)  مهر خادم: 1992ع، پسنو منهنجي من ۾ ڪوئي، خيرپور- سنڌ: پريت پبليڪيشن.

(21)   عليگ باري (سنڌي ترجمو) عمر ميمڻ: 1985ع، تاريخ ڇا آهي، حيدرآباد- سنڌ: عظمت ادبي اڪيڊمي.

(22)  تونيو، محب الله تبريز، 2009ع، غمن جو ڪوئي حساب ناهي، قنبر: ڪنول پبليڪيشن .

(23)  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: 1989ع، سنڌي ثقافت تي اسالمي اثرات، ڪراچي: مهراڻ اڪيڊمي.

(24)  سومرو، خ-ق: 1982ع، سلامتيءَ جو سڏ، اسلام آباد: قومي هجري ڪميٽي.

(25)   جمالي، علي بخش حاجي: 1992ع، سارا گل گلاب جا، لاڙڪاڻو: سچل ادبي سماجي سوسائٽي.

(26)  ميمڻ، پروين موسيٰ: 2004ع، سنڌي ادب جو ادبي جائزرو ۽ لطيفيات، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

(27)  بيگ، قليچ مرزا (مرتب): 2007ع، شاهه جو رسالو، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.

(28)  غلام احمد پرويز، علامه: 2000ع، لغات القرآن (اردو) جُلد- ٻيون، لاهور: طلوع اسلام ٽوسٽ.

(29)  فيروز الدين، مولوي: جامع فيروزاللغات (اردو)، لاهور: فيروز سنز.

(30)  ٽماهي ”مهراڻ“ 2011ع، جنوري- جون، ڄام شورو.

(31)   ٽماهي ”مهراڻ“ 2012ع، جنوري- مارچ، ڄام شورو.

(32)  ٽماهي ”مهراڻ“ 2012ع،  جولاءِ- سيپٽمبر، ڄام شورو،

(33)  ماهوار ” پيغام“، 2005ع، مارچ، ڪراچي.

(34)  ماهوار ”نئين زندگي“،1997ع، مارچ- اپريل، حيدرآباد.

(35)   ماهوار ”نئين زندگي“،1997ع، ڊسمبر، حيدرآباد.

(36)  ماهوار ”نئين زندگي“، 2001ع، مارچ، حيدرآباد.

(37)  ماهوار ”نئين زندگي“، 2006ع،  جولاءِ- آگسٽ- سيپٽمبر، حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org