سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)

باب؛ 4

صفحو :9

(10)

چچ جو قبضو

 

سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي جاءِ برهمڻ حڪمرانن کي ڪهڙيءَ طرح ڏني، تنهن جي متعلق اسان وٽ فقط هڪ (1) ئي بيان آهي. انهيءَ بيان جي رومانوي دلچسپيءَ- هڪ نوجوان خوبصورت پنڊت جي ڪهاڻي، جنهن قسمت جي چڪر مان خوب فائدو ورتو ۽ هڪ طاقتور بادشاهه بڻجي ويٺو- هن جي نالي کي هڪ اهڙي ڪتاب جي اصلوڪي نالي جي جاءِ ڏني آهي، جنهن جو تعلق هندستان ۾ مسلمانن جي فتوحات سان آهي. ”فتوحات جو ڪتاب“ ڦري ”چچ جو ڪتاب“ بڻيو آهي. ان جي باوجود هن حڪمران جو نالو تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪو نه ٿو ملي. ”ڪشميري تذڪري“ ۾ هڪ مقامي غاصب جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جو نالو ”ججا“ آهي، ۽ جنهن اٽڪل ٽن سالن تائين پنهنجي ڀيڻيوئي، جئه پدا جو تخت والاريو، پر انهيءَ لکت ۾ سنڌ جي همسايه بادشاهيءَ جي واقعن جو ڪوبه حوالو نٿو ملي (2).

هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ”ججا“ انهيءَ نالي جي صحيح صورت آهي، جنهن کي مسلم مصنف اسان تائين ”چچ“ (3) جي صورت ۾ پهچايو آهي، ۽ جنهن لاءِ اسين سمجهون ٿا ته اهو هن جي سڪي تي اڪريل هوندو. پر سنڌ جي برهمڻ بادشاهن جو ڪو به سڪو هن وقت تائين دريافت نه ٿيو آهي.

انهيءَ ڪري اسان ”چچ نامي“ جي انهيءَ حصي جي صداقت يا عدم صداقت جو اندازو، انهيءَ معلومات سان جيڪا اسان کي پاڙيسري ملڪن جي حالات ۽ واقعات، ۽ خاص طرح بلوچستان ۾ عربن جي ڪاررواين متعلق، حاصل آهي، خود ان جي اندروني شهادتن کي ڀيٽڻ بعد لڳائي سگهون ٿا.

جيئن اسان ڏٺو آهي، راءِ سهاسي ٻيو پنهنجي پيءُ جي مرڻ تي ان جي پوريءَ بادشاهيءَ جو وارث بڻيو، ۽ هن جي بادشاهيءَ جو زمانو امن امان وارو رهيو. هن جي بادشاهيءَ جي امڪاني مدت متعلق سڄي گهراڻي جي حڪومت جي دور کي خيال ۾ آڻڻ سان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو؛ انهيءَ ڪري ان گهٽ اهميت وارو سوال تيسين پاسيرو رکي، پهريائين ان وڏيءَ اهميت جي مسئلي کي نبيرڻ ضروري ۽ مناسب  ٿو لڳي. راءِ وٽ رام نالي هڪ برهمڻ وزير هوندو هو، جيڪو ائين پيو معلوم ٿئي ته هن جي پاران مڪمل اختيارات جو مالڪ هو. انهيءَ اعليٰ درجي واري امير وٽ هڪڙي ڏينهن هڪ نوجوان برهمڻ اچي حاضر ٿيو.هو الور جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ هڪ برهمڻ خاندان جو فرد هو. هن جو پيءُ سيلاج ۽ ڀاءُ چندر هڪڙي مندر جا خدمتگار هئا، ۽ هيءُ، يعني چچ. ذڪر ڪيل وڏي وزير وٽ نوڪريءَ لاءِ ويو هو. اتفاق سان هن کي پهرينءَ ئي ملاقات ۾ پنهنجي قابليتن جي مظاهري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن رام جي اڳيان پاڻ کي ڏاڍيءَ خوبيءَ سان موکيو، جنهن تي هن کي هڪدم نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. ٿورو ئي عرصو پوءِ، وزير هڪ اهڙي موقعي تي غير موجود هو، جڏهن راءِ کي هن جي خدمات جي تڪڙي ضرورت هئي ۽ انهيءَ موقعي تي چچ هن جي نمائندگي نهايت ڪاميابيءَ سان ڪئي. تنهن تي راجا خود نوجوان چچ جي نوڪري نائب وزير جي حيثيت ۾ پڪي ڪئي، رام پنهنجيون ڳريون ذميداريون اهڙن قابل هٿن ۾ سونپڻ ۾ پاڻ راضي ٿيو، ۽ هن نيٺ پوڙهي وزير جي مرڻ تي، چچ بلڪل قدرتي طور هن جي جتيءَ ۾ وڃي پير وڌو. انهيءَ اهم ۽ مکيه عهدي تي پهچي، هن پنهنجي شهرت اڃا به وڌائي؛ ”هو عام رعايا سان شرافت، نهٺائيءَ ۽ رحمدليءَ سان پيش ايندو هو، تان جو ٿوري ئي عرصي ۾ هن جو سڄي بادشاهيءَ تي مضبوط قبضو ٿي ويو ۽ هن جو  حڪم هر ڪوئي مڃڻ لڳو“.

چچ جي زندگيءَ ۾ انهيءَ وقت ڦيرو آيو، جڏهن راءِ سهاسيءَ هن کي پنهنجي راڻيءَ، سُهنديءَ جي موجودگيءَ ۾ ملاقات جو شرف بخشيو، جيڪا هن نوجوان خوبصورت برهمڻ تي عاشق ٿي پيئي. شاهي جوڙو بي اولاد هو ۽ سهاسي مڪمل طور پنهنجي زال جي اثر هيٺ هو، جيڪا بظاهر زوردار ارادي ۽ اوڏي ئي زور دار جذبي ۽ جوش جي مالڪ هئي. ان کان پوءِ واقعات انساني فطرت تي مبني دنيا جي ٻين به سوين عشقي افسانن جي طرز تي هڪٻئي جي پٺيان رونما ٿيا. راڻيءَ هڪ حرفتي دلالڻ جي ذريعي چچ ڏانهن پيغام روانو ڪيو؛ چچ هن کي اهڙو جواب موڪليو، جنهن ۾اهڙن جذبن جو اظهار هو، جيڪي سندس صورتحال جي مطابق هئا؛ هن لاءِ پنهنجي آقا جي زال سان سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جو خيال ئي نفرت لائق هو-ڇاڪاڻ ته هو هڪ وفادار نوڪر، هڪ هوشيار ماڻهو ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ برهمڻ هو: ”آءٌ  اهو شرمناڪ ۽ نفرت جوڳو ڪم ڪري پاڻ کي داغ نه لائيندس. تون ڪڏهن به مون مان اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهندينءَ“. پر هن جيڪي ڪجهه چيو ۽ بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي جيڪي به محسوس ڪيو، تنهن جو سڄو اثر عشق ۽ محبت جي سڪايل راڻيءَ جي هن منٿ ڪرڻ تي هاڪار ۾ ختم ٿي ويو، ته هو جنهن وقت راجا جي حاضريءَ ۾ اچي، تڏهن کيس پاڻ سان ملاقات جي اجازت ڏئي. ان کان پوءِ مخفي ملاقاتون شروع ٿي ويون، ۽ چچ جا سڀ مضبوط ارادا پاڻي ٿي ويا. سهاسي پنهنجي راڻيءَ توڻي وزير جي وفاداريءَ ۾ يقين رکندو هو، ان ڪري هو ٻيءَ هر ڳالهه ڏانهن انڌو هو؛ چچ ۽راڻي پنهنجي ليکي هوشياريءَ سان هلي رهيا هئا، ۽ جيتوڻيڪ هڪ درٻاريءَ کي شڪ پئجي چڪو هو ۽ هن راجا کي اهڙو اشارو به ڏنو ته معاملو ڪجهه گڙٻڙ آهي، پر هو ڪنهن تي به ڪن ڌرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. چچ وزير جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ اڳي کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندو رهيو، ۽ جيئن ته هن کي بادشاهه جي مڪمل پٺڀرائي ۽ پورو پورو اعتماد حاصل هو. ان ڪري سنڌ ۽ ان جي ماتحت علائقن تي هن کي مڪمل ۽ مطلق اختيار  حاصل رهيو.

اتفاق سان سهاسي بيمار ٿي پيو، ۽ راڻيءَ کي ڏاڍو فڪر اچي لڳو. هن چچ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ته جيئن ته بادشاهه بي اولاد آهي، ان ڪري هن جي مرڻ تي تخت و تاج سندس ويجهن عزيزن مان ڪنهن نه ڪنهن کي ورثي ۾ ملندو ۽ اهي سڀ راڻيءَ جا بدخواهه هئا. هو راڻيءَ کي پنهنجي ملڪيت کان محروم ڪندا ۽ شايد هن کي زندهه به نه ڇڏين. ٻئي طرف، جيڪڏهن چچ هن سان گڏجي مضبوطيءَ ۽ همت سان ان بحران جي وقت ۾ ڪم ڪندو، ته ان صورت ۾ هو نه  فقط کيس بچائي سگهندو، پر ان سان گڏ تخت ۽ تاج تي به سندس پنهنجو قبضو ٿي سگهندو. چچ کي اهو خيال آيو هوندو ته جيڪڏهن سهاسيءَ جي مائٽن مان ڪو هن جو جائنشين بڻيو، ته ان صورت ۾ راڻيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال خود سندس لاءِ پيدا ٿيندي. پوءِ ته هنن گڏجي، جيئن راجا ڪمزور ٿيندو ويو، هن جي حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ ۽ ان تي قبضي ڪرڻ جي سازش سٽي. منصوبو سڄو سُهنديءَ جو سٽيل هو، ۽ چچ محض هن جي چوڻ تي عمل ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته قديم لکت ۾ بيان ڪيل اهي طريقا، جن تي هنن عمل ڪيو، دل مان گهڙيل افسانا هجن، پر منصوبي جا ڪجهه عنصر نمايان طور امڪاني نظر اچن ٿا، راجا جي موت کي راز ۾ رکيو ويو—سندس علاج ڪندڙ طبيبن کي محل ۾ نظربند ڪري ويهاريو ويو- ۽ راڻيءَ ۽ وزير پنهنجي اعتبار جوڳن ملازمن ۽ ساٿين سان گڏجي راجا جي انتهائي بااثر مائٽن کي دوکي سان محل اندر گهرائي قيد ڪيو، ۽ پوءِ اهو اعلان ڪيو ته راءِ سهاسي صحتياب ٿي رهيو هو، پر هن کي پنهنجي خلاف سازش جو سراغ مليو هو، جنهن مطابق سندس اهي مائٽ کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽي رهيا هئا! ان کان پوءِ انهن سڀني کي، راجا جي فرضي حڪمن هيٺ، هڪدم قتل ڪرايو ويو- ۽ جيئن ته گهڻي وقت کان وٺي چچ جي قول کي خود سندس آقا جو چيو ڪري سمجهيو ويندو هو، چچ جي اهڙي بيان کي عام طور سچ سمجهي قبوليو ويو، ۽ پوءِ هن ڏوهه جي سازش ۾سڀني شريڪ ماڻهن کي وڏا وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن غلط فهميءَ ۾ڪم ڪيو هو، ۽ اهي پڻ، جيڪي ڄاڻي ٻجهي چچ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. پوءِ سڄيءَ بادشاهيءَ جي سڀني وڏن وڏن جاگيردارن ۽ نوابن کي ڪوٺايو ويو ۽ کين اهو اطلاع ڏنو ويو ته راءِ سهاسي کي اڃا به صحتياب ٿيڻ جي اميد آهي، پر هن انهيءَ وچ ۾ چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي، راڻيءَ وري، انهيءَ موقعي تي گهڻن ئي بااثر نوابن ۽ دوستن تي فراخدلانه انعامن ۽ اڪرامن جي بارش ڪري، ڳالهه کي بهتر بنايو، ۽ انهن ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪيون، جنهنڪري انهن سڀني وفاداريءَ  ۽ فرمانبردايءَ  جو حلف کنيو. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه جي موت جو اعلان ڪيو ويو. اسان کي اهو اندازو ڪرڻ گهرجي ته هن جي لاش کي خفيه طور اڳيئي ساڙيو ويو هوندو-ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبهوا انهيءَ معاملي ۾ دير مدار جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگهي. اهو نظر نه ٿو اچي ته سازشين راجا جي لاش جي ڪوڙي ۽ جعلي جلوس جو انتظام ڪيو يا پاڻ کي ايتريقدر طاقتور سمجهيو،  جو اها پرواهه نه هين ته ماڻهو ان باري ۾ ڇا سمجهندا. سندن خيال ۾ هڪ ئي ڳالهه هئي، جنهن جي پورائيءَ ۾ هو هر طرح جي اهتمام ۾ لڳا رهيا، پوءِ ماڻهو ڀلي ته جيئن وڻين تيئن وڃي سمجهن.

تخت ۽ تاج کي ڦٻائڻ جي سلسلي جو اهو پهريون مرحلو اهڙيءَ طرح ڪاميابيءَ سان سر ڪيو ويو. انهيءَ نقطي تائين ڪهاڻيءَ جو قدر، سچي پچي تاريخ جي عڪس طور، ان جي امڪاني ۽ غيرامڪاني هئڻ  جي متعلق اسان جي پنهنجي ذاتي خيالن کان وڌيڪ مضبوط ٻئي ڪنهن معيار ۽ پيماني سان نه ٿو ماپي سگهي. ليڊي مئڪبيٿ وانگر مضبوط قوت ارادي رکندڙ ڪيترن ئي هندستاني راڻين جون اهڙيون حوصله مند ڳالهيون مشهور آهن، جن پردي  جي پٺيان رهندي واقعات کي پنهنجي مرضيءَ موجب پئي موڙيو ۽ مرتب ڪيو آهي. ڪيترن موقعن تي برهمڻ وزيرن به پنهنجي راجائن کي، جن جي خدمت ۽ وفاداريءَ جو اهي دم ڀرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، تخت تان لاهي، سندن جاءِ پاڻ والاري آهي (4) ٿي سگهي ٿو ته ٻئي ڪنهن برهمڻ جو اهڙو ساڳيو مثال نه هجي، جنهن عين اهڙيءَ طرح رت جي درياهه مان لنگهي، تخت تي ناجائز طور قبضو ڪيو هجي جيئن چچ ڪيو، پر چچ هڪ ڀيرو پنهنجي ضمير جي خلاف عمل ڪري، ۽ زورآور سُهنديءَ جي تسلط هيٺ اچڻ کان پوءِ، حالات جي وهڪري ۾ اڳتي وڌندو رهيو. هو ان سلسلي ۾ پاڻ کي ائين چئي سمجهائي پئي سگهيو ته  ٻين برهمڻن کي به، جيڪي ٻين هنڌن تي هندستان ۾ تخت تي قابض ٿي ٿيا، پنهنجي اعليٰ جاتيءَ جي مخصوص روايتن کي ترڪ ڪري، کشتري فرقي وانگر هلڻو چلڻو ۽ عمل ڪرڻو ٿي پيو. اسان کي انهيءَ زماني جي سنڌ جي سماج متعلق تمام ٿوري ڄاڻ حاصل آهي؛ پر بعد جي زماني جي تاريخ، جنهن تي اسين آڌار رکي سگهون ٿا، ڏيکاري ٿي ته هتان جا ماڻهو مجموعي طور شاهي خانداني انقلابن ڏانهن حيرت انگيز طور بي نياز ۽ بي پرواهه رهيا آهن، ۽ سندن رتبي ۽ رسوخ وارا ماڻهو گهڻو ڪري اڀرندڙ سج جي پوڄا ڏانهن مائل رهندا آيا  آهن. چچ اڳيئي ثابت ڪري چڪو هو ته هو حڪومت ڪري سگهڻ جو اهل هو؛ هاڻي هن اهو به ڏيکاريو ته هو ملڪ جي وڏ گهراڻن نوابن ۽ خاندانن تي اعتماد ڪرڻ ۽ سندن شان ۽ شوڪت کي گهٽائڻ بدران، ان ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ تيار هو.

ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته بادشاهي مرڪز واري سنڌ صوبي ۾ ماڻهو چچ جي حڪومت کي تسليم ڪري چڪا هئا، ۽ سابق حڪمران گهراڻي مان ڪي اهڙا شخص به بچيل ڪين هئا، جيڪي هن سان بادشاهي اقتدار جي سلسلي ۾ رقابت ڪري  سگهن. جيستائين چئن ماتحت صوبن جو تعلق آهي، اتي الور واريءَ مرڪزي حڪومت جي اختيار ۽ اقتدار جو سڄو دارو مدار بادشاهه ۽ گورنرن جي مخصوص ذات ۽ شخصيت ۽ انهن جي درميان قائم ٿيل باهمي ذاتي تعلق جي نوعيت تي رهندو هوندو. راءِ جي وزير جي حيثيت ۾، چيو وڃي ٿو ته چچ جو انهن تي پورو پورو ضابطو قائم رهندو آيو هو؛ پر، بادشاهه جي نائب جي حيثيت ۾ هڪ مشڪوڪ نوعيت جي محلاتي سازش کان پوءِ، هو انهن جي وفاداري ۽ فرمانبرداري ترار جي زور کان سواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان ايترو جلد ۽ ايتريءَ آسانيءَ سان حاصل ڪرڻ جي اميد نه پئي رکي سگهيو.

انهيءَ وچ ۾، هن کي جو ڪجهه حاصل ٿي چڪو هو، تنهن جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻاهرئين حمله آور سان کيس مقابلو ڪرڻو پيو. اها حقيقت ته ملڪ تي سندس قابض ٿيڻ کان ٿوروئي پوءِ ان قسم جو مقابلو کيس ڪرڻو پيو، هڪ دستوري ۽ فطري ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي؛ پر ان مقابلي متعلق تذڪري ۾ جيڪي تفصيل بيان ڪيل آهن، تن مان گهڻا تڻا نهايت غير امڪاني معلوم ٿين ٿا. مختصر طور، چيو ويو آهي ته ”جتور“ جو بادشاهه راءِ سهاسيءَ جو ڀاءُ هو- پر اسان کي انهيءَ لفظ مان سؤٽ جو مطلب وٺڻ گهرجي- جنهن کي راءِ سهاسيءَ جي موت جي خبر ڇهن مهينن کان پوءِ پهتي؛ هن جائز وارث هئڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جي پنهنجي لاءِ دعويٰ ڪئي، ۽ هڪ وڏي لشڪر سان ان تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ هن چچ کان سندس آڏو پيش پوڻ جو مطالبو ڪندي، کيس سندس اڳوڻي وزارتي عهدي تي بحال رکڻ جي آڇ ڪئي.

هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ”جتور“ مان مطلب ”جئپور“ آهي،۽ نه ”چتور“، پر ٻنهي صورتن ۾ انهيءَ علائقي جي صحيح سڃاڻپ جي راهه ۾ هڪجهڙي مشڪلات درپيش آهي. اهي ٻيئي جايون راجپوتانا جي اڀرندي طرف آهن ۽ ساڳئي وقت انهن علائقن ۽ سنڌ جي وچ ۾ عظيم گرجرا بادشاهيءَ حائل هئي. انهن جا سردار گهڻو ڪري ان بادشاهي جي پاريهر حڪمران جا باجگذار ۽ شايد کشتري نسل جا هئا. هيءَ ڳالهه انتهائي غيرامڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهڙي اعليٰ مرتبي وارا امير سنڌ جي گهٽ خاندان وارن راءِ بادشاهن سان شاديءَ ۽ سڱابنديءَ ذريعي تعلق رکندا هجن؛ ۽ هيءَ ڳالهه ويتر وڌيڪ غير امڪاني نظر اچي رهي آهي ته انهن جو بالاحاڪم پنهنجي سرحد وچان کين لشڪر سميت لنگهي سنڌ جي بادشاهي فتح ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ها. هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته جيڪڏهن اسين انهيءَ ملڪ کي سنڌ جي پاڙيسري ملڪ طور تسليم ڪرڻ ۾ صحيح آهيون، جيڪو هن وقت جيسلمير جي نالي سان مشهور آهي، ته پوءِ اها ڪوشش رمل جي سردار طرفان شايد سندس بالاحاڪم گرجرا قوم جي بادشاهه سان طئي ڪيل انتظام ۽ سندس اڳواٽ منظوريءَ سان ڪئي ويئي هوندي (4/اي).

”تذڪري“ ڏانهن واپس ورندي، اسان کي جيڪي ٻيا مناظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي  تاريخي رومان جي بهترين روايت مطابق آهن، پر ان جي باوجود هيءَ ڳالهه تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته اهي واقعا انهن ڳالهين سان پوريءَ طرح ٺهڪن ٿا، جيڪي هن کان اڳ ۾ اچي چڪيون آهن. چچ پنهنجي محبوبه کان صلاح پڇي ٿو، سُهندي مٿس کلي ٿي ۽ چوي ٿي، ”آءٌ ته پردي ۾ رهندڙ هڪ عورت آهيان.جيڪڏهن مون کي ٻاهر نڪري وڙهڻو آهي، ته پوءِ منهنجا ڪپڙا پاءِ ۽ تون هتي ويهه، ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ ٻاهر وڃي جنگ ڪريان..... جڏهن هيءَ بادشاهي تنهنجي قسمت ۾ آئي آهي، ته پوءِ توکي منهنجي مشوري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پنهنجي ڪمر ڪشي هڪ گجندڙ شير وانگر ڪڏندو ٻاهر نڪر...... پنهنجي دشمن جي صفن ۾ اندر گهڙي، انهن کي منجهائي ڇڏ، ۽ هڪ مرد وانگر اڳتي وڌ.“

اهڙيءَ طرح، شرمسار ٿي، چچ پنهنجو لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ان جي مهنداري پاڻ ڪئي، اهڙي قبضي جو هڪ دلچسپ خواه امڪاني واقعو هيءُ آهي ته هاڻي هن مخالف ڌر جي نمايان ۽ اهم شخصيتن کي قيد مان آزاد ڪيو، جيڪي سابق حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ کان وٺي جيل ۾ رهيا هئا، ۽  هن کين انعامن ۽ اڪرامن سان نوازي ۽ ڪجهه وعدا وعيد ڏيئي، سندن وفاداري ڳنهي ورتي. انهيءَ ڳالهه مان گهٽ ۾ گهٽ هي اندازو ضرور ٿئي ٿو ته ملڪ تي ڪاهه ڪري ايندڙ کي اتان جي تخت تي جيڪا دعويٰ هئي، سا خود چچ جي دعويٰ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وزنائتي ڪانه هئي.

ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ زبردست جنگ ٿي، ۽ جيئن ته ڪنهن هڪ ڌر کي ٻئي جي مٿان نمايان فتح حاصل ٿيندي نه پئي معلوم ٿي، ان ڪري ”مهارت بادشاهه“ صلح جي شرطن طئي ڪرڻ لاءِ صلح مشورو ڪيو ۽ اها تجويز پيش ڪئي ته هو ۽ چچ دوبدو مقابلي ذريعي پنهنجون دعوائون طئي ڪن. چچ اها ڳالهه قبول ڪئي، پر هن هڪ شرط تي ته، جيئن ته هو هڪ برهمڻ هو ۽ شهسوار نه هو، ان ڪري هو ٻيئي پيادل مقابلو ڪن. اها ڳالهه مهارت قبول ڪئي؛ پر حرفتي چچ پنهنجي سئيس جي هٿان پنهنجو گهوڙو پنهنجي پٺيان گهرايو، ۽ جيئن ئي هو مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو، تيئن آخري گهڙيءَ ۾ ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ ان کي ڪڏائيندو اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي مخالف کي ترار سان ڌڪ هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ سنڌ جي لشڪر هڪدم نئين سر حملو ڪري دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو، ۽ چچ فاتح بڻجي الور واپس آيو. اهو واقعو اسان کي افضل خان سان شيواجيءَ جي دغابازيءَ واري مقابلي وارو واقعو ياد ڏياري رهيو آهي.

چچ هاڻي برهمڻڪو لباس لاهي اڇليو، ۽ ”تذڪري“ مطابق، هن کان پوءِ هن جي سڄي زندگي هڪ انهيءَ اصول جي آڌار تي قائم رهي ته بادشاهه لاءِ سڀ ڪجهه مباح آهي. هن راڻيءَ سُهندي سان شادي ڪئي؛ ۽ جيتوڻيڪ اها ڳالهه مملڪتي معاملات جي سلسلي ۾، ۽ سندن ٻنهي جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي نقطي نگاهه کان اڻٽر ۽ رواجي معلوم ٿئي ٿي، ان هوندي به، ان زماني جي سخت سماجي روايتن کي خيال ۾ رکندي، هڪ برهمڻ جو هڪ رن زال سان ميل خيال ۾ اچي نٿو سگهي (5). وري، اسان کي هيءَ ڳالهه معلوم ڪري به، جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته به اوڏي ئي حيرت لڳي ٿي ته هن پنهنجي ڀاءُ چندر کي ”جيڪو سڀني تياڳي انسانن جو تاج“ هو، پنهنجو مندر ڇڏي، سندس ئي ماتحت الور جي نائبي قبول ڪرڻ لاءِ به آماده ڪيو. ان کان علاوه، چچ طرفان پنهنجي ڀاءُ کي هن باري ۾ مطمئن  ڪرڻ لاءِ ته اهو سندس فرض هو، جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن، سي هندو عقيدي جو پڌري پٽ هڪ فضول، بي سروپا ۽ غلط تعبير آهن. دراصل، جيئن جيئن قصو اڳتي وڌندو وڃي ٿو، تيئن تيئن تفصيلات ۾ جيڪي غير امڪاني ڳالهيون نظر اچن ٿيون، سي وڌنديون وڃن ٿيون.

چچ جو ٻيو قدم پنهنجي بادشاهيءَ جي ماتحت صوبن ۽ ڏورانهن پرڳڻن کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ هو. هن لاءِ، جنهن کي سهاسيءَ جي وزيريءَ واري زماني ۾بادشاهيءَ جون سڀ انتظامي ڳالهيون آڱرين تي ياد هيون، ۽ جيڪو بادشاهيءَ جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ تي مڪمل ضابطو رکندو هو، هاڻي ٻڌايو ٿو  وڃي ته هن کي پنهنجي بادشاهيءَ جي اڳوڻين سرحدن بابت پنهنجي وزير ٻُڌيمان سان صلاح مشوري جي ضرورت پيئي. ان مان هڪ امڪاني نتيجو اهو نڪري ٿو ته ان کان اڳ ۾ جيڪي به چيو ويو آهي؛ تنهن جي باوجود سهاسي ٻئي جي وزير جي حيثيت ۾ چچ طرفان جنهن بادشاهيءَ تي حڪومت هلائي ويندي هئي، سا ذري گهٽ انهن ئي سرحدن تي مشتمل هئي، جنهن جو ذڪر يوئان چوانگ ڪيو آهي، ۽ سهاسي پهرئين جي زماني ۾ بادشاهي گهڻي قدر وڌيڪ وسيع به هئي. ان جي باوجود، چچ انهيءَ بادشاهيءَ جي اڳوڻين حدن کان به بلڪل بي خبر ته ڪونه هوندو. هن مرحلي تي ”تذڪري“ ۾ بادشاهه ۽ وزير جي واتان جيڪي تقريرون ڪرايون ويئون آهن، سي محض رومانوي طرز ۾ لفظن جي اٿل پٿل آهن.

چچ طرفان سنڌ جي بادشاهيءَ جي ٻاهرين صوبن ۽ علائقن کي دوباره حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي مهمون هلايون ويئون، تن کي ڪافي حد تائين تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. سڀ کان اڳ ۾ هن انهيءَ صوبي تي ڪاهه ڪئي، جيڪو بياس نديءَ جي ڪناري هو، ۽ هن ان جي ڏاکڻي ڪپ تي بيٺل قلعي ”بابيا“ تي حملو ڪيو، جنهن جي گورنر، نالي چَتيرا  يا  چَتر، هن سان جنگ ڪئي ۽ ان ۾ شڪست کاڌي. چَتر ڀڄي، وڃي قلعي اندر پناهه ورتي، ۽ جڏهن ان جي گهيري کي ڪجهه عرصو گذري ويو، تڏهن هو راتو  رات قلعي مان ڪنهن طرح سان ڀڄي ويو، ۽ اسڪلند نالي صوبي جي گاديءَ واري شهر ڏانهن وڃي نڪتو. چچ هن جي پٺيان ويو، ۽ پنهنجي هڪ حاشيه بردار سان، جيڪو انهيءَ هنڌ موجود هو، ان باري ۾ خط و ڪتابت ڪيائين، جنهن ۾ هن کيس وعدو ڏنو ته جيڪڏهن هو چَتر کي قتل ڪندو ته کيس قلعي ۽ صوبي جو گورنر بنايو ويندو. انهيءَ سازش جي ڪاميابيءَ سان تڪميل ڪئي ويئي، ۽ شهر جا معزز چچ جي اڳيان پيش پيا، ۽ انهن نئين گورنر جي اطاعت ڪرڻ جو اقرار ڪيو.

بادشاهه هاڻي ملتان ڏانهن پيشقدمي ڪئي، جيڪو هڪ وڏي پرڳڻي جي گاديءَ جو شهر هو، جنهن تي باجيراءِ نالي هڪ حڪمران حڪومت ڪندو هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو راءِ سهاسيءَ جو ويجهو مائٽ هو. پهرين جنگ ”سِڪا“ نالي هڪ شهر تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي. جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”اڀرندي طرف ملتان جي سامهون“ هو. چچ بياس ندي پار ڪري ويو، ۽ دشمنن، باجيراءِ جي پٽ سيهوال ۽ سندس سؤٽ اَجئه سين کي، جنگي فن ۾ شڪست ڏيئي، ملتان طرف ڀڄائي ڪڍيو. انهيءَ وچ ۾ چچ ”سِڪا“ قلعي تي حملو ڪيو، ۽ سنڌ جي هڪ اهم ۽ وڏ گهراڻي نواب کي انهيءَ شهر جي چارج وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو. پوءِ هن راوي نديءَ کي پار ڪيو، جيڪا انهيءَ زماني ۾ ملتان جي ڏکڻ کان وهندي هئي، ۽ هن اتي راجا باجيراءِ جي مکيه لشڪر سان سخت جنگ ڪئي، جنهن کي پڻ آخر ۾ قلعه بند شهر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو.

ان کان پوءِ هڪ دلچسپ واقعو ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته باجيراءِ ڪشمير جي بادشاهه کي هڪ خط موڪليو، جنهن ۾هن کيس الور جي نئين بادشاهه، سيلاج برهمڻ جي پٽ چچ، جي خطرناڪ حد تائين وڌندڙ طاقت کان باخبر ڪيو ۽ مٿس زور ڀريو ته هو پنهنجي مفاد خاطر ملتان جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر ڏياري موڪلي. پر ڪشمير جو بادشاهه، باجيراءِ جي پيغام پهچڻ کان ٿورو وقت اڳي ئي مري ويو هو، ۽ سندس جائنشين هڪ نابالغ ڇوڪرو هو، ۽ هن جي بادشاهيءَ  ۾ ان وقت زبردست گڙٻڙ هلي رهي هئي، مطلب ته ڪشمير انهيءَ موقعي تي ڪابه امداد ڏيئي نه پئي سگهيو ۽ باجيراءِ کي دشمن سان صلح ڪرڻ ۽ سندس هڪ شرط منظور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو، جنهن مطابق هو، پنهنجي دوستن ۽ پوئلڳن سان گڏ، محفوظ پهري هيٺ، ملڪ ڇڏي، ڪشمير ڏانهن هليو ويو. چچ پنهنجي راجپوت سردارن منجهان هڪ کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو.

 اسان کي ”ڪشميري تذڪري“ جو مطالعو ڪندي هن واقعي سان مطابقت رکندڙ ڪوبه واقعو نظر نٿو اچي. معلوم ٿئي ٿو ته چچ ڪشمير جي ”ڪارڪوٽا“ خاندان جي پهرئين بادشاهه دُرلڀ ورڌن پرجن دتيه جو همعصر هو، جنهن سنه 626ع کان وٺي سنه 662ع تائين اتي راڄ ڪيو—هي اهوئي بادشاهه آهي، جنهن ياتري يوئان چوانگ جو پنهنجي بادشاهيءَ جو اوائلي حصي (7) جي دوران وڏيءَ مهمان نوازيءَ سان استقبال ڪيو هو. هو هڪ ڏاڍو طاقتور بادشاهه هو، جنهن جا قدم ميداني علائقي ۾ پختا ٿي ويا هئا، پر، ياتريءَ جي بيان مطابق، اتر پنجاب جو وڏو حصو ”چيهه-ڪا“ نالي هڪ خود مختيار ۽ آزاد بادشاهيءَ تي مشتمل هو، ۽ اها بادشاهي ڪشمير جي علائقن ملتان جي درميان حائل هئي. گهٽ ۾ گهٽ سن 641ع ۾، ملتان چيهه- ڪا بادشاهيءَ جو هڪ ماتحت صوبو هو، ۽ ائين ٿي سگهي ٿو ته باجيراءِ طرفان امداد لاءِ موڪليل درخواست دراصل ”چيهه-ڪا“ جي حڪمران ڏانهن ڪئي ويئي هجي، جيڪو انهيءَ رياست جو بالا حاڪم هو، ۽ اهائي رياست انهيءَ دور ۾جائنشينيءَ ۽ وراثت جي مسئلي جي دشوارين ۾ مبتلا هئي.

چيو ويو آهي ته ملتان کان چچ ٽڪرين جو دامن وٺندو، رستي تي ڪنهن به مقابلي کان سواءِ  ڪشمير جي سرحدن تائين  پيشقدمي ڪندو هليو ويو. ظاهر آهي ته ان ۾ هو اهڙي ملڪ وچان گذريو هوندو، جيڪو جيهه-ڪا رياست جو هڪ حصو هوندو، جيتوڻيڪ تذڪري مان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو سڄو علائقو  سنڌ جي بادشاهيءَ  ۾ ملتان (8) واري پرڳڻي جو  هڪ حصو ئي هو! هن کي، بهرحال، ڪنهن به مخالفت جو منهن ڏسڻو نه پيو- برهمپور، ڪَروڙ ۽ اشهر جي گورنرن هڪٻئي جي پٺيان سندس آڻ مڃي- ۽ هن سرحدي علائقن ۾ پهچي، پاڙيسري سردارن تي رعب ڄمائي هنن کان امن قائم رکڻ جا اقرار ورتا. مشترڪه سرحدن مقرر ڪرڻ لاءِ ڪشمير جي بادشاهه جي نمائندن سان ڪنهن ملاقات ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ٿيل ڪونهي، جيتوڻيڪ چچ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو انهيءَ هنڌ تي پوري هڪ مهيني تائين ڇانوڻي لڳائي ويٺو هو. اها جاءِ چَڪلهار قلعي جي پاسي ۾ هئي، جيڪا ”ڪيهه“ يا ”ڪنڀ“ نالي جاءِ اوچائيءَ ۾ وڌيڪ مٿي هئي، اتي ”پنج ماهيت“ نالي هڪ نديءَ جي ڪناري تي- شايد اها جهلم ندي هئي- هن اهڙي طريقي  سان ٻه وڻ پوکيا (جن مان هڪ اڇو چِيل ۽ ٻيو ديال جو هو) جو انهن جون شاخون هڪٻئي سان اچي ڳنڍجي بيٺيون. بظاهر اهي ٻيئي وڻ ٻنهي ملڪن جي  علامت طور پوکيا ويا هئا. انهيءَ بيان ۾ استعمال ڪيل هيءَ رنگ آميزي اسان جي شڪ کي وڌائي رهي آهي ته اتر طرف چچ جي مهم جو ذري گهٽ سڄو بيان افسانو آهي، جيڪو هڪ طرح جو ”ڊگه وجيه“ آهي، جنهن جو مقصد محض هن جي ناموس ۽ شهرت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.

هن جي طرفان سندس بادشاهيءَ جي ڏاکڻن علائقن ۾ ڪيل ڪارروايون البت وڌيڪ مضبوط ۽ پختن بنيادن تي بيٺل معلوم ٿين ٿيون. هو هڪ سال تائين الور ۾ قيام ڪرڻ کان پوءِ ”مهراڻ کي ”ديهايت“ نالي هڪ ڳوٺ وٽان پار ڪري، جيڪو سما ۽ الور جي درميان سرحدي ڳوٺ هو“، ٻُڌيه ۽ سيوستان طرف ويو. ٻُڌيه جي سردار جي نالي کي جدا جدا نموني لکيو ويو آهي، ۽ هوديوالا اها راءِ ڏيئي ٿو ته ”باگهو“ لقب يا ذات جي نالي جي اصلي شڪل شايد ”ڀڪو“ هجي، جنهن مان اهو انومان نڪري ٿو ته هو شايد ٻڌ ڌرم جو ٻائو هو (9) هن جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”ڪڪراج“ هو، جتان جي رهاڪن کي ”سيوي“ سڏيو ويندو هو. چچ حملو ڪري سيوُين جو قلعو قبضي ۾آندو- ڪن جي طرفان انهيءَ کي جديد ”سبي“ سمجهيو ويو آهي، حالانڪ ان ”سيوين“ جي شهر جو اتر طرف ايتري وڏي مفاصلي تي هئڻ غير امڪاني نظر اچي (10) ٿو،-- ۽ سردار جي پٽ پنهنجي پيءُ جي پاران آڻ مڃي. معلوم ٿئي ٿو ته هنن کي سندن سابق عهدن ۽ اختيارن تي اتي ئي قائم رکيو ويو.

ائين پيو نظر اچي ته سيوستان ۾پڻ واقعن جي ڌارا ذري ۾ گهٽ ساڳيوئي رخ اختيار ڪيو؛ اتان جي ”مَتا“ نالي گورنر پهريائين مقابلو ڪيو، پر شڪست کائڻ تي هن پاڻ کي چچ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو. بادشاهه فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي، ”مَتا“ کي سندس اڳوڻي عهدي  تي بحال ڪيو، پر ساڳئي وقت پنهنجن معتمدن منجهان هڪڙي کي شاهي مفادن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هن جي مٿان نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيائين.

هاڻي، فقط برهمڻ آباد جو پرڳڻو هو، جنهن سان معاملو طئي ڪرڻ باقي رهيل هو. چچ جڏهن اڃا سيوستان جي پرڳڻي ۾ ئي هو، ته هن ”شهزادي“ اَگهم لوهاڻي کي آڻ مڃڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي ماڻهن هڪ قاصد کي رستي ۾ جهلي ورتو. جيڪو آگهم وٽان هڪ خط  سيوستان جي ”متا“ ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو، جنهن ۾ اها رٿ پيش ڪيل هئي. ته هو ٻيئي گڏجي چچ جو مقابلو ڪن؛ ان لاءِ هن ”متا“ کي برهمڻ آباد جي علائقن ۾ پناهه ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي. پر ”متا“ آخرڪار هند جي طرف وڃڻ ۽ رمل جي بادشاهه ڀٽيءَ وٽ پناهه حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني (11).

”تذڪري“ ۾ هاڻي هڪڙو خط داخل ڪيو ٿو وڃي، جنهن ۾چچ آگهم لوهاڻي ڏانهن احتجاج موڪليو آهي شهزادي کي چتاءُ ڏنو ٿو وڃي ته هو پنهنجي اعليٰ خاندان ۽ نسل تي غرور نه ڪري، برهمڻ بادشاهه وڏيءَ دلير نه خوش فهميءَ سان کيس ٻڌائي ٿو ته خود هن جي پنهنجي ڪاميابي به محض خدائي مهربانيءَ جو نتيجو هئي. ”انهيءَ واحد خدا، لاشريڪ، بي مثال، دنيا جي خالق، مون کي سيلاج (سندس پيءُ) جي دعائن جي نتيجي ۾ بادشاهي ڏني آهي.“ ”اسان کي وڏي لطف ۽ ڪرم سان ٻنهي جهانن جي نعمتن سان نوازيو ويو آهي.“ هن هنڌ، چچ پاڻ کي هڪ خدا ۾ عقيدو رکندڙ ظاهر ڪري ٿو: جيتوڻيڪ اسان کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن ملتان ۾ هڪ بت جي اڳيان سجدو ڪيو ۽ قرباني پيش ڪئي. ”تذڪري“ جو مسلمان مصنف چچ  جي زندگيءَ کان ايڏو ته متاثر معلوم ٿئي ٿو، جو ڪن وقتن تي هن کان اها ڳالهه بلڪل وسري وڃي ٿي ته هو هڪ ڪافر هو، هن سان غيرشعوري طور هڪ مسلمان جو نقطي نگاهه منسوب ڪري ڇڏي ٿو. هيءُ خط دراصل انهيءَ خط سان بلڪل قريبي مشابهت رکي ٿو، جيڪو محمد بن قاسم ديبل جي فتح کان پوءِ سنڌ جي راءِ ڏاهر ڏانهن هن جي هوڏ ۽ ڌڪار جي روش جي جواب ۾ موڪليو هو، جيڪا هو پوءِ به محمد بن قاسم جي سلسلي ۾ ڏيکاري رهيو هو.

چچ هاڻي برهمڻ آباد طرف وڌيو، آگهم جي فوج کي شڪست ڏنائين ۽ ان کي ڀڄي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيائين؛ پر چچ لاءِ اهو قلعو اڏول ثابت ٿيو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي سال تائين بي نتيجي جنگ گهلبي رهي، ۽ اهو سڄو مقابلو وڏي ڀاڱي هڪ ٻوڌ ٻائي جي اثر جي سڌي نتيجي ۾پيش ٿي رهيو هو، جنهن لاءِ شهزادي توڙي سندس ماڻهن کي وڏو احترام هو. آگهم پاڻ گهيري ۾ مارجي ويو ۽ سندس پٽ سربند هن جو جائنشين مقرر ٿيو. ائين پيو معلوم ٿئي ته آخرڪار انهيءَ ٻائي، ٻُڌگوئي يا ٻڌراکو، کي نيٺ پڪ ٿي ويئي ته چچ کي نيٺ به ڪاميابي حاصل ٿيندي، ۽ پوءِ سربند چچ سان صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو صلح ”قبيلن جي سردارن جي وچ ۾ پوڻ سان ٿي سگهيو.“ صلح جا شرط بيحد نرم ۽ فائدي وارا هئا،۽ انهن هيٺ سربند کي چچ جي  حڪومت ۾ اتان جي گورنر جي حيثيت ۾ قائم رکيو ويو.

پهريائين ته بادشاهه ٻائي ٻڌراکو کان هن ڳالهه جي انتقام وٺڻ جو ارادو ڪيو، جو هن جي ڪري ئي قلعي جي گهيري ۽ جنگ ۾ ايتري ڊيگهه ٿي هئي. ”تذڪري“ ۾ ڄاڻايل آهي ته چچ ڪيئن هن وٽ ”نئو وهار“ نالي سندس مڙهيءَ ۾ ملڻ لاءِ پنهنجي محافظ دستي سان گڏ ويو، جن کي هدايت مليل هئي ته اهي طئي ٿيل اشاري ملڻ سان ٻائي کي هڪدم قتل ڪري ڇڏين. ٻائي ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءِ جي مظاهري ڪرڻ بدران، شاهي برهمڻ جو ڪو گهڻو آدرڀاءُ ڪونه ڪيو. چچ ظاهري نمونو ڪيو ته هو کيس سربند سان

گڏي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿو، پر ٻائي کيس رکائيءَ سان جواب ڏنو ته سندس مول مقصد ”ٻڌ جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻيءَ دنيا ۾ ڇوٽڪاري جي سامان حاصل ڪرڻ سان آهي.“ هن دنيائي معاملن ۾ چچ جي اختياريءَ کي فقط هن حد تائين تسليم ڪيو، جو سندس چوڻ تي هن شهر جي آباديءَ جي قريب اچي رهڻ منظور ڪيو؛ ساڳئي وقت هن ”ٻڌ جي پوکيل ٻنين“ لاءِ فڪر منديءَ جو اظهار ڪيو،جنهن مان سندس مقصد مڙهيءَ جي ملڪيت ۾ آيل زمينداري ملڪيتن سان هو. هن ڳالهين ڳالهين ۾ چچ جي  واتان ٻڌ ڌرم جي خوبين جي تسليميءَ جا فقرا چوارايا، جنهن کان پوءِ چچ پاڻ ٻڌ راکوءَ کان پڇيو ته هو (چچ) ٻڌ ڌرم جي خدمت جي سعادت ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪري ٿي سگهيو. ٻائي هن کي جواب هڪدم جواب ڏنو ته کيس ”نئو وهار“ مڙهيءَ جي نئينءَ اڏاوت جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو تمام قديم زماني جو هو، ۽ ڊهي رهيو هو. ظاهري طور چچ خوشيءَ سان ائين ڪرڻ قبول ڪيو ۽ هن کان موڪلائي روانو ٿي ويو. جڏهن کانئس هن جي وزير پڇيو ته توهان پنهنجي خيالن ۾ اهو ڦيرو ڪيئن آندو، ته هن اهو ڪمزور سبب ڏنو ته کيس مڙهيءَ ۾ هڪ خوفناڪ سايو نظر آيو.

هن ڪهاڻيءَ جي لفظن مان اصلي مطلب ڪڍندي، اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته برهمڻ آباد جو صوبو سنڌ اندر ٻڌ ڌرم وارن جو مکيه ۽ مضبوط ڳڙهه هو، ۽ چچ اهو محسوس ڪيو ته هو اتي ڦهليل مذهب جي فائدي ۾ رهڻ سان ئي ملڪ تي قبضو قائم رکي سگندو. ٻوڌ اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي تعاون ۽ حمايت کان سواءِ هو اتان جي ”سخت ۽ ڪٺور فطرت“ رکندڙ جتن ۽ لوهاڻي قبيلي جي ماڻهن تي انهن سخت قاعدن ۽ قانونن کي مسلط ڪرڻ جي اميد ڪري نه پئي سگهيو، جن جو ”تذڪري“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً مٿن سواريءَ لاءِ هني استعمال ڪرڻ جي منع، مٿي تي پٽڪي ٻڌڻ جي منع ۽ اوچن ڪپڙن پائڻ جي منع  عائد ڪرڻ، ۽ ٻئي طرف هنن تي اهو لازم ڪري ڇڏڻ ته هو برهمڻ آباد جي حاڪم لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون مهيا ڪن، جيڏانهن وڃن اوڏانهن ڪتا ساڻ رکن، ۽ پنهنجي حاڪمن لاءِ جاسوسن ۽ سونهن جو ڪم ڏين وغيره. هن ڳالهه جو به امڪان نظر اچي ٿو ته اهي اڻ سڌريل ماڻهو، جيڪي بظاهر اُهي ساڳيائي ماڻهو هئا، جن يوئان چوانگ جي قول مطابق ”جان وٺڻ کي پنهنجو ڌنڌو بڻايو هو“، گهڻي زماني کان وٺي ملڪ لاءِ هڪ وڏي شامت بڻيا ٿي رهيا، ۽ چچ پهريون حڪمران هو، جنهن انهيءَ مسئلي کي اثرائتي طريقي سان هٿ ڳنڍيا. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اها ڳالهه هن حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته هو انهيءَ صوبي جي ماڻهن کان سندس حڪومت کي تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيو.

پر ”تذڪري“ ۾ آيل ڳالهين جي متعلق انهيءَ وقت اسان جو شڪ وري جاڳي ٿو پوي، جڏهن اسين چچ طرفان پنهنجي اقتدار کي پختي ڪرڻ لاءِ کنيل ٻين قدمن بابت احوال پڙهون ٿا. هن لاءِ چيو ويو آهي ته هن آگهم جي بيوه سان شادي ڪئي، جيڪا ڪافي وڏيءَ عمر جي عورت هوندي ۽ ان کان علاوه هوءَ گهٽ درجي جي ذات سان واسطو رکندڙ هئي. اسين هن ڳالهه کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون ته جيڪڏهن بادشاهه کي انهيءَ گهراڻي سان سڱابنديءَ رستي مٽي مائٽي قائم ڪرڻ جي ضروت محسوس ٿي ئي هئي، ته هو ان صورت ۾ يقيناً ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪنوار بنائڻ تي اصرار ڪري ها. مفتوح دشمنن جي بيواهن ۽ ڌيئرن سان شادي ڪرڻ جو رواج هندو راجائن جي بدران مسلمان فاتحن جو دستور رهيو آهي. انهيءَ کان به وڌيڪ ناقابل فهم اها جوابي مِٽي معلوم ٿئي ٿي، جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اها مٽي چچ جي همت افزائيءَ سبب ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڀائٽئي دهسيه جي ڌيءَ جو سڱ اگم جي پٽ سربند کي ڏنو، جيڪو هاڻي سندس ماٽيلو پٽ بنجي چڪو هو. اهو دِهسيه چچ جي ڀاءُ چندر جو پٽ هو (14) (اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هو سندس وڏو ڀاءُ هو)، جيڪو جيتوڻيڪ الور جي گورنر جي عهدي تي فائز ڪيل هو، پر ان هوندي به هو اڃا تائين هڪ پوڄاريءَ ۽ تياڳيءَ جي زندگي گذاريندو ايندو هو. هو، گهٽ ۾ گهٽ، هڪ برهمڻ هو، ۽ انهيءَ صورت ۾ اها ڳالهه سمجهه کان بالاتر آهي ته هن پنهنجي پوٽيءَ لاءِ اهڙي رشتي جي منظوري ڏني هوندي. جيئن هوديوالا چوي ٿو ته هڪ برهمڻ شهزادي کان اهڙي ”سماجي ڏوهه“ ڪرڻ جي ڪنهن صورت ۾ اميد ڪري ئي نٿي سگهجي، جنهن ۾ هن کي پنهنجي گهراڻي جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي هڪ لوهاڻي سان شادي ڪرائڻي پوي (15).

هڪ طرف جتي اسين اهڙين بي معنيٰ ۽ منجهائيندڙ تفصيلن تي اعتبار نه ڪرڻ ۽ چچ جي اترين علائقن وارين مهمن جي وسعت ۾ شڪ جي اظهار ڪرڻ لاءِ آماده آهيون، اتي هن جي انهيءَ زماني تائين ڪيل بادشاهيءَ جي بيان کي ٿلهي ليکي سچو سمجهي سگهون ٿا. ان  جو مطلب هي آهي ته هڪ غاصب کي، پنهنجي لاءِ حڪومت هلائڻ جي حق کي ثابت ڪري ڏيکارڻو هو، ۽ ائين ڪري ڏيکارڻ ۾ هن کي ٻن يا ٽن سالن جي سخت محنت ڪرڻ ۽ ڪشالن ڪڍڻ جي تڪليف برداشت ڪرڻي هئي. هن کي دارالحڪومت ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو طاقت، دوکي ۽ سندس سابق آقا جي عقلمند بيوه جي اثر ۽ رسوخ سان ملي ويو. هن پنهنجي انهن اوائلي فائدن کي، اٿندي ئي، ڌارئي حمله آور جي خلاف پنهنجي ڪامياب بچاءَ ڪرڻ سان مستحڪم بنائي ڇڏيو. ٻاهرين چئن ماتحت صوبن منجهان ڪنهن هڪ به هن کي تيسين قبول نه ڪيو،  جيسين انهن هن جي ترار جو زور نه ڏٺو، پر جڏهن هڪ دفعو هنن آڻ مڃي، تڏهن هن انهن کان ڪڏهن به انتقام نه ورتو. هو ته سيوستان واري ”متا“ جي طرفان سندس فراخدليءَ جي جواب ۾ برائي ڪرڻ کان پوءِ به، آگهم جي پٽ تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار هو. عملي طور هن جو اتان جي اڳ-موجود مفادن تي هڪ ئي حملو، جتن ۽ لوهاڻن کي دٻائڻ وارو، هو. جيڪو مفاد-عامه جي مقصدن لاءِ ڪيل نظر اچي ٿو: ٻئي طرف ”چچ نامي“ ۾ مختلف هنڌن تي ذڪر ڪيل ڪيترين ئي ڳالهين مان اسين اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته هن ملڪ کي سٺي حڪومت ڏيڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي (16).

هڪ اهو حڪمران، جيڪو محض پنهنجي جدوجهد سان ئي اقتدار حاصل ڪندو آهي، سو گهڻو ڪري خارجي فتوحات جي ذريعي پنهنجي گهراڻي کي شان مان ۽ شهرت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هاڻي ”تذڪري“ ۾چچ کي بلڪل اهڙي ئي مهم لاءِ هڪ نئين رستي تي گامزن ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي.

گذريل باب ۾ اها ڳالهه ضروري سمجهي ويئي هئي ته ”چچ نامي“ ۾ ذڪر ڪيل واقعن جو اڳواٽ اندازو لڳايو وڃي  ۽ هن امڪان ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪايو وڃي ته هيءَ خارجي فتوحات واري مهم دراصل چچ کان اڳ سنڌ جي ڪنهن تخت نشين طرفان شروع ڪئي ويئي هئي، ۽ ٻيو ته ”تذڪري“ ۾ چچ جي حڪومت جي سالن جو ڏنل سڄو ئي سلسلو غلط آهي. هن جاءِ تي هاڻي اهو ضروري بڻجي پوي ٿو ته انهن ڳالهين جي تفصيل سان جاچنا ڪجي، جيئن اهي اسان کي ”چچ نامو“ ٻڌائي ٿو.

هو ٻڌائي ٿو ته هجري سنه جو ٻيو سال يا عيسوي سن جو 24- 623ع سال هو، جڏهن بادشاهه مڪران واري مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن انهيءَ لاءِ  ان وقت موقعو مناسب سمجهيو، جڏهن ايران جي حڪومت جون واڳون خسرو پرويز جي مرڻ بعد هڪ عورت جي هٿن ۾ آيون. هاڻي، خسرو پرويز جي ٻن ڌيئرن مان پهرينءَ ملڪه پُرن دُخت ايران تي چند مهينن لاءِ حڪومت ڪرڻ واسطي دراصل سن 629ع يا 630ع کان اڳ ۾ تخت تي ڪانه ويٺي، ۽ سندس ڀيڻ، آزرمي دُخت هن کان به ٻه سال پوءِ تخت تي ويٺي. عرب تاريخ نويسن ٻنهي جي بادشاهين کي هجري سنه جي تيرهين ۽ چوڏهين سال ۾ رکيو. ”تحفته الڪرام“ جي مصنف طرفان ٻڌايو ويو آهي ته جتور جي مهارت تي چچ جي فتح ۽ هن جو سنڌ جي تخت تي براجمان ٿيڻ هجري سن جي پهرئين سال جا واقعا آهن. چچ جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ جيڪو هڪ ٻيو واقعو رونما ٿيندي ٻڌايو ويو آهي. سو ديبل جي بندر تي عربن جي ڪاهه آهي. بلاذريءَ جي مطابق، اهو واقعو هجري سن جي پندرهين يا سورهين سال ڌاري وقوع پذير ٿيو؛ ”چچ نامو“ اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ چچ کي سنڌ جو بادشاهه بڻئي پنجٽيهه سال ٿيا هئا (18). سرهينري ايليٽ انهن اڻ ٺهڪندڙ ڳالهين کي چچ جي مهم جي سال لاءِ ”ٻئي“ جي بدران ”ڏهين“ (هجري سال) ۽ ٻئي بيان ۾ ”پنجٽيهن“ سالن جي بدران ”ٽن کان پنجن سالن“ پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر چچ جي راڄ جا سال جيئن ايليٽ جي تحقيق موجب ملن ٿا، انهن مطابق چچ سنڌ جي تخت تي سن 10هه ۾ ويهي ها، مڪران ڏانهن هن جي مهم جو آغاز سال 14هه (19) ۾ ٿئي ها. اهڙيءَ طرح سنه 15 هه ۾ ديبل بندر تي ڪيل عربن جي ڪاهه هن جي بادشاهيءَ جي پنجين سال ۾ ٿئي ها. اهڙيءَ طرح چچ ۽ سندس پونيرن جي بادشاهيءَ جو سڄو ميعاد، جيئن اهو ”تحفته الڪرام“ ۾ ڏنو ويو آهي، اسان کي هجري سن جي سال 93 تي آڻي بيهاري ٿو، جنهن ۾ اهو گهراڻو چچ جي پٽ ڏاهر جي شڪست ۽ موت سان يقيني طور خاتمي تي پهتو.

هيءَ ڳالهه توجهه جي لائق آهي ته ايليٽ، جڏهن سالن جو هيءُ سلسلو ٺاهي ٿو، تڏهن هو عربن جي ديبل بندر تي ڪاهه لاءِ البلاذريءَ طرفان ڏنل سال کي شمار ۾ آڻي ٿو، پر هو سال 23-22 هجريءَ جي دوران مڪران ۾ رونما ٿيل واقعن جي اهميت  کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو، جڏهن ”سنڌ جي بادشاهه“ لاءِ چيو ويو آهي ته هو عربن خلاف جنگ ڪندي اتي مارجي ويو هو (20). ان جي باوجود، ايليٽ جي حساب موجب اهو واقعو چچ جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال ۾ رونما ٿئي ها، جيڪا ”تذڪري“ مطابق چاليهن سالن تائين هلي هئي!.

هاڻي، اسان کي چچ جي مڪران واريءَ مهم ۾ سندس طرفان اختيار ڪيل رستي معلوم ڪرڻ لاءِ ”چچ نامي“ ڏانهن واپس هلڻ گهرجي، خواهه ان جي بيان ڪيل حقيقتن ۾ اسان کي ڪيترا به شڪ ڏسڻ ۾ اچن. هو سڀ کان اول ارمن بيل يا ارميل ڏانهن ڪاهي ويو، جيڪو عام طور جديد لس ٻيلي کي سمجهيو ويندو  آهي. ”اهو شهر انهيءَ زماني ۾ ٻڌ ڌرم  جي هڪ سامانيءَ جي هٿن ۾ هو، جيڪو راءِ سهرس، هند (سنڌ؟) جي بادشاهه، جي نائين جو جائنشين ۽ وارث هو، انهن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي وارن سندن وفاداريءَ ۽ مڃتا سبب ان اوچي رتبي تي چاڙهيو هو. وقت گذرڻ سان، هن سامانيءَ فرمانبرداريءَ جو طوق ڳچيءَ مان لاهي ڇڏيو هو ۽ بادشاهه جو مخالف بنجي ويو هو.“ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته راءِ گهراڻي جي زماني ۾ لس ٻيلو سنڌ جو ماتحت علائقو هو. انهيءَ سامانيءَ بهرحال چچ کي پنهنجو بالاحاڪم تسليم ڪيو ۽ ائين هن کي سندس عهدي تي پڪو ڪيو ويو، جيڪو هڪ صوبائي گورنرن جي عهدي کان وڌيڪ اوچو نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ بادشاهه مڪران ڏانهن ويو ۽ هن ”ڪنازبُر“ تي قبضو ڪيو ۽ قلعي جي نئين سر تعمير ڪرڻ ۽ ان ۾، هندستاني رسم موجب، صبح ۽ شام جو دهل ۽ موسيقي وڄائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان کان پوءِ اڳتي هلي، هو هڪ نديءَ جي ڪناري تي پهتو، جيڪا مڪران کي ڪرمان کان جدا ڪري ٿي—شايد اها ”دشت“ نهر هئي. هن اتي ٻنهي علائقن جي سرحد جي نشاندهيءَ  نديءَ  جي ڪناري تي کجور جي وڻن جي جهڳٽي پوکڻ سان بلڪل انهي ساڳئي نموني ۾ ڪئي، جيئن ڪشمير سان پنهنجي علائقي جي سرحد جي نشاندهي ڪئي هئائين.

پوءِ هو ارمن بيل ڏانهن واپس موٽيو ۽ توران يعني (جهالاوان) جي رستي طرف ڦيرو ڪيائين، ۽ ”هن کي سامهون ٿيڻ جي ڪنهن کي به همت ڪانه ٿي، تان جو هو ڪندابيل اچي پهتو.... ماٿريءَ رستي جيڪا انهيءَ شهر جي پسگردائيءَ ۾ هڪ کليل ميدان ۾اچي پيئي ٿي. چچ اوچتو شهر تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪئي، پر ماڻهو اڳيئي قلعي اندر پناهه وٺي چڪا هئا.“ هو پوءِ سبي، سني يا سمني نالي هڪ نديءَ جي ڪناري تي ڇانوڻي هڻي ويهي رهيو، تان جو قلعي اندر ماڻهن جو سامان کٽي ويو ۽ هو مجبور ٿي سندس پيش پيا. هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته انهن جيڪا سالياني خراج ڏيڻ قبول ڪئي، سا هڪ سو پهاڙي گهوڙن تي مشتمل هئي. هن ڳالهه ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته هن هنڌ تي اسان جو واسطو اتر ڪڇيءَ سان آهي، ۽ ڪندابيل اڄ جو گنداوه ئي آهي (22).

”تذڪري“ جي لکت موجب اها مهم راءِ چچ جي آخري هئي. هو پنهنجي بادشاهيءَ جي باقي سڄي دور ۾ الور ۾ مقيم رهيو، جيڪو مجموعي طور چاليهه سال هليو. ”چچ نامو“ سندس دور ۾ باقي جنهن اهم واقعي جو ذڪر ڪري ٿو، سو ديبل تي عربن جي ڪاهه آهي، جنهن جو حوالو  مون گذريل باب ۾ ڏنو آهي.

البلاذري جي ”فتوح البلدان“ مان ائين پيو معلوم ٿئي ته اها ڪاهه سمنڊ رستي هندستان جي ڪناري تي واقع آبادين تي، بحرين ۽ اومان جي گورنر عثمان ثقفيءَ جي چوڻ تي، انهن مختلف ننڍين ڪاهن مان هڪ هئي، جيڪي هجري سن 15 ڌاري هڪٻئي پٺيان ڪيو ن هيون. اهي ڪارروايون خليفي عمر (رضه) جي پاليسيءَ جي خلاف هيون، جنهن عثمان کي سندس حڪمن کان سواءِ اهڙن قدمن کڻڻ تي سختيءَ سان تنبيهه ڪئي. ديبل تي ان ڪاهه متعلق اسان کي فقط ايترو ٻڌايو ويو آهي ته عثمان جي ڀاءُ حَڪم، جيڪو بحرين جو حاڪم هو، ”پنهنجي ڀاءُ مغيره کي ديبل جي اپسمنڊ ڏانهن موڪليو، جنهن اُتي پهچي، دشمن سان مقابلو ڪيو، ۽ ان کي شڪست ڏني.“ ديبل يا سنڌ جي حاڪم جي نالي جي نشاندهي نه ڪئي ويئي آهي. خليفي عمر (رضه) جي بلڪل اها معقول ۽ مناسب راءِ هئي ته جيئن ته طاقتور ايراني شهنشاهت کي ڪيرائڻ جو ڪم اڃا سر نه ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري اسلام جي قوت  کي ائين ضايع ڪرڻ نه گهرجي؛ ان کان علاوه اهڙين مهمن جي نتيجي ۾ اسلام جي ناموس ڪانه ٿي وڌي سگهي.

”چچ نامي“ ۾ ان کان مختلف  ۽ ڪجهه وڌيڪ مفصل بيان ڏنل آهي: پر جتي ان ۾ ٻڌايل آهي ته مغيرا جنگ ۾ مارجي ويو هو، اتي ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته مغيرا جي باري ۾ ناقابل ترديد شهادت موجود آهي ته هو ڪيترا سال پوءِ به بصري جي ويجهڙائيءَ ۾ زنده ۽ سلامت موجود هو (23). پر هيءَ ڳالهه هرگز ناممڪن ناهي ته عربن کي شڪست ڏيئي ڀڄايو ويو هو. انهيءَ مهم جو مول مقصد، ٿي سگهي ٿو ته لٽ-مار هجي، ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي ان ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي ته ديبل جا ماڻهو اڪثر ڪري واپاري طبقي جا هئا. چچ راءِ جي پاران ديبل جي حاڪم جو نالو سماه پٽ ڏيوائج ٻڌايو ويو  آهي. خليفي پنهنجي تازي مقرر ڪيل عراق جي حاڪم کي لکي موڪليو ته هو کيس پنهنجين سرحدن جي حالات متعلق وقت بوقت خبرچار موڪليندو رهي: انهيءَ عملدار، ابو موسيٰ، هن ناڪامياب مهم جي خبر ٻڌڻ سان خليفي کي لکي موڪليو ته ”هند ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو بادشاهه آهي، جيڪو ڏاڍو مغرور ۽ آڪڙ وارو آهي، ۽ هو گستاخيءَ سان هلڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو آهي“. هن اهو به مشورو ڏنو، حالانڪ خليفي کي اهڙيءَ صلاح جي ڪا ضرورت ڪانه هئي، ته هو ”هند بابت ڪوبه وڌيڪ خيال“ نه ڪري.

جيئن ته هيءَ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته انهيءَ مهم جو سال 15هه هو، ان ڪري منهنجي راءِ مطابق اهو ”مغرور“ بادشاهه ڪنهن به طرح چچ ٿي نٿو سگهي. اهو گهڻو ڪري راءِ سهرس هو، جيڪو ”ربنيل“ جي شاندار خطاب جو مالڪ هو يا نه (جنهن کي ريورٽي ”رن-ٿيل“(يعني، جنگجو) ڪري پڙهي ٿو)، پر هن کي، بهرحال، سنڌ جي حاڪم ”مَلڪ راسل“ سان شناخت ڪرڻ گهرجي جيڪو اٽڪل ست سال پوءِ مڪران ۾ ”درياهه واريءَ جنگ“ ۾ مارجي ويو هو.

اهڙيءَ طرح، اسان کي جيڪو مفروضو مڃڻو پوندو، پوءِ اهو ڪيترو به شڪ گاڏڙ ڇو نه هجي. سو هيءَ ئي ٿي سگهي ٿو ته چچ جي غاصبانه قبضي وارو واقعو سچ پچ پهرئين هجري سال ڌاري نه، بلڪ ستين صدي عيسويءَ جي ذري گهٽ وچ ڌاري رونما ٿيو هو، هن جي بادشاهيءَ جي مدت انهيءَ کان گهٽ، ۽ هن جون اولهه واريون فتوحات يقيناً، ۽ اتر واريون امڪاني حد اندر، انهيءَ کان گهٽ وسيع هونديون، جيتريون ”تذڪري“ ۾ بيان ڪيل آهن، هو خوش نصيب هو، جو هُن هڪ اهڙي دور ۾ پنهنجي گهراڻي کي قائم ڪيو هو. جنهن ۾ اسلام اندر خانه جنگين ۽ قبائلي جنگين جو سلسلو ڇڙي پيو هو. جنهن وقت عرب سپهه سالار انفرادي طور جهالاوان ۽  جهالاوان کان ڪابل تائين ۽ ان کان پري جابلو علائقي کي مطيع ڪرڻ ۾ مصروف هئا، تنهن دور ۾ سنڌ ۽ هندستان انهن جي حملن کان محفوظ رهيا.

هيءُ سوال وري به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ته عرب وقائع نگار چچ جي قامت کي سندس ٻوڌ پيشروئن جي ڀيٽ ۾ ايڏو ڇو وڌائي پيش ڪيو؟ منهنجو خيال آهي ته هن کي چچ جي حڪومت واري زماني جي متعلق سڄي معلومات برهمڻن ذر يعن مان ملي هوندي. علي ڪوفي چچ جي پٽ ڏاهر جي بادشاهيءَ واري دور جي واقعن متعلق لکندي، گهڻن هنڌن تي چوي ٿو ته انهن لاءِ سندس سَنَد الور ۽ ٻين هنڌن جا برهمڻ هئا. ڏاهر جي ٻوڌي آفيسرن هڪ کان وڌيڪ موقعن تي، ويساهه گهاتيءَ کان ڪم وٺندي، ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه ڏياري،حمله آورن جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ته، سندن فوج جي مقابلي ۾، انهن ٻاهرين جي ڪاميابي هر طرح يقيني هئي. ٻئي طرف ڏاهر، هندو جاتيءَ جي محافظ ۽ سورمي طور جنگ ۾ مارجي، پنهنجين سابق غلطين جي سزا ڀوڳي چڪو هو. عرب لوڪ انهن بادشاهن جي جرئت جو احترام ڪندا هئا. جن کي اهي شڪست ڏيندا هئا، هو انهن جي ملڪن جي شان وشوڪت، سندن قلعه بند شهرن جي فصيلن جي مضبوطيءَ، ۽ انهيءَ رياست جي استحڪام جي  حالت، ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جي ڪاميابين جي قصن بيان ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان خود سندن شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ٿيندو هو، ۽ سندن اجيت طاقت جو ناموس وڌندو هو. سنڌ جا برهمڻ پڻ، جيتوڻيڪ ”شهيد ٿيل“ ڏاهر کي هڪ ڊگهو شاهي شجرو عطا نه پئي ڪري سگهيا، ان هوندي به اهي گهٽ ۾ گهٽ سندس پيءُ کي، جيڪو انهي گهراڻي جو باني هو، هڪ جنگي جوان، بهادر ۽ ڪامياب بادشاهه جي حيثيت ۾ پيش ڪري پئي سگهيا. هو کيس اهڙيءَ طرح پيش ڪري پئي سگهيا، ڄڻ محمد بن قاسم جي فوج جو جتي به پير پهتو ٿي، اتي اڳي ئي چچ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي چڪو هو: عرب فاتح پنهنجي لشڪر سان ڪشمير جي پهاڙي علائقي ۾ پهچي ٿو، ته اتي هن کي اهي وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سنڌ جي عظيم راءِ چچ پنهنجن هٿن سان پوکيا هئا؛ مڪران کي اڳي ئي چچ فتح ڪري پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري چڪو هو، جتي هن جا ٻوڌي پيشرو ناڪامياب ٿيا هئا؛ چچ جي ئي هڪ ماتحت فوجي سردار خود عربن کي ان وقت شڪست ڏيئي ڀڄايو هو، جڏهن انهن ديبل کي لٽڻ لاءِ حملو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سان اها ڪهاڻي ائين بنائي ويئي هوندي، تان جو ان تي نه فقط فاتحن بلڪ مفتوح قوم جي ماڻهن پڻ اعتبار  ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. علي ڪوفيءَ اسان جي لاءِ پنهنجي محفوظ ڪيل تذڪري ۾، سنڌ جي فتح کان اڳ تمهيد طور هندو تاريخ جو بيان لکندي، چچ جي اها  غير معمولي تصوير پيش ڪئي، ۽ ان کان علاوه ان ۾ اهڙين خوبين ۽ صفتن جو اضافو ڪيو، جو پڙهندڙن جي نظرن ۾ هن جي قدوقامت کي اهي اڄ به غير معمولي حد تائين بلند ڪيو بيٺيون آهن.

هن ڳالهه جو هروڀرو اهو مطلب ڪونهي ته چچ دراصل ڪو معمولي ۽ غير معروف بادشاهه هو، بلڪ حقيقت اها هوندي ته هو، پنهنجي جاءِ تي، عرب دنيا ۾ هونئن ئي پنهنجي شهرت سبب ڪافي نمايان صورت ۾ ڄاتل سڃاتل هوندو. عربستان ۽ هندستان جي الهندي ڪناري جي درميان صدين کان وٺي واپار هلندڙ هو. البيرونيءَ هندستان جي بت پرستيءَ جي موضوع  تي بحث ڪندي، روشنيءَ جو هڪ حيرت انگيز ڪرڻو  اڇلايو آهي: ”جڏهن سال 53هه جي اونهاري واريءَ موسم ۾ سِلسِلي فتح ٿي، ۽ جڏهن فاتحن هن ڏانهن (خليفي معاويي ڏانهن) سون ٺهيل بت موڪليا، جن کي هيرن جواهرن سال جڙيل تاجن سان سينگاريو ۽ خوبصورت بنايو ويو هو. تڏهن هن انهن کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو، ته جيئن اهي اتان جي مقامي شهزادن کي فروخت ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته هن انهن کي هيترن ڪي هيترن دينارن جي قيمت واريون شيون سمجهي، وڪڻڻ ئي بهتر سمجهيو، ۽ ان لاءِ هن کي سندس ضمير انهن جي بت پرستيءَ جي نفرت جوڳين شين هجڻ ڪري ذري برابر به ڪا ملامت ڪانه ڪئي، دراصل هن انهيءَ سڄي معاملي کي ديني نقطي نگاهه کان نه پر فقط هڪ سياسي معاملي (25) طور ڏسڻ مناسب سمجهيو.

سسِليءَ جي اها فتح هڪ رواجي عارضي حملي کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي، ڇاڪاڻ ته مسلمانن طرفان انهيءَ ٻيٽ تي مستقل قبضو نائين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ المامون جي خلافت کان اڳي ڪونه ڪيو ويو هو. پر انهيءَ معمولي ترميم کان سواءِ اسان کي ٻيءَ سڄيءَ ڪهاڻيءَ کي سچو سمجهڻ گهرجي، جنهن کي البيرونيءَ پنهنجي زير بحث موضوع لاءِ هڪ انتهائي تز مثال طور پيش ڪرڻ مناسب ٿي سمجهيو. هڪ ڀيرو وري به اسان کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن موقعي تي وري به هڪ معتبر مسلمان مصنف اسان کي انهن ”ڪافر شهزادن“ يا شهزادي جي نالي مهيا ڪرڻ جي معاملي ۾ مايوس ڪرڻ مناسب سمجهيو. پر اسان کي معقول حد تائين اها پڪ سمجهڻ گهرجي ته ان موقعي تي، يعني سال 670ع ۾ چچ ئي سنڌ جي تخت تي ويٺل هو.

هن جي جاءِ تي واقعي، هڪ عجيب تصوير ذهن جي سامهون اچي ٿي، اهي مورتيون جيڪي مسلمانن طرفان عيسائي ديولين مان حاصل ڪيون ويون هيون، تن کي ئي شايد نئين صورت ڏيئي، هندو ديوتائن ۽ ديوين جي بتن جي حيثيت ۾ ديبل واري مندر ۾ نصب ڪيو ويو هو، جتي اهي ٿوري مدت کان پوءِ وري ٻيو ڀيرو اسلام جو مال غنيمت بڻيون.

 

نوٽ

(1) هن سڄي باب جو بنياد انهيءَ ڪري ”چچ نامي“ تي رکيل آهي. پڙهندڙن جي سهولت لاءِ مرزا قليچ بيگ جي انگريزي ترجمي (ڪراچي، 1900ع) جا حوالا ڏنا ويا آهن. ڪن حالتن ۾ نالن ۽ ڪن ٻين تفصيلن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌيءَ ۾ لکيل ان جي تنقيدي اشاعت مان درستيون ڪيو ويون آهن. (سنڌي ادبي بورڊ ، 1954ع)

(2) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم. اي. اسٽين، IV، 410.

(3) ايس. ايس. هودي والا، ”اسٽڊيز ان مسلم هسٽريءَ، ص 80.

(4) شري هرشا جي وزير، ارجن اهڙيءَ طرح قنوج جي تخت تي پنهنجي آقا جي موت تي غاصبانه قبضو ڪيو. سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو،ص 326.(4-اي) جيئن ته راول نالي جو وري ٻيو ڀيرو به ذڪر اچڻو آهي، ان ڪري مناسب آهي ته شروع  ۾ئي چئي ڇڏجي ته خود اهو نالو به شڪي آهي، ۽ ان جي حوالي سان بيان  ڪيل ملڪ جي نالي ۽ ان جي جاءِ وقوع جي شناخت پڻ مشڪوڪ آهي.

(5) هودي والا، حوالو ڏنل ڪتاب جو ص  83.

(6) قليچ بيگ، ص 4- 23.

(7) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم. اي. اسٽين، ج  1، ص 136؛ ”لائيف آف هيو ئين تسانگ“، ايدٽ ڪيل، بيل، ص 68.

(8) ”چچ نامي“  ۾ بعد ۾ هڪ صوبي، تاڪيه، جي نالي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو  بظاهر جتور (چتور) ۽ ڪشمير جي وچ ۾ هوندو، ۽ ان ڪري اهو اتر- اوڀر پنجاب-يوئان چوانگ جي ”چيهه- ڪا“ سان ٺهڪي سگهي ٿو. قليچ بيگ ص 160، مخدوم امير احمد، ص 295.

(9) هودي والا،ص 84. ريورٽيءَ ڀنڊار ڪر ڀاگوءَ جو پٽ ڪوٽل ٻڌايو آهي.

(10) ريورٽيءَ ”نوٽس آن افغانستان“، ص 564.

(11) هودي والا، ص 84، قليچ بيگ ص 32 سي ايف. ”چچ نامي“ جو سنڌي ترجمو از: مخدوم امير احمد،ص 56 ۽ فٽ نوٽ.

(12) قليچ بيگ، ص 88.

(13) هودي والا، ص 84.

(14) قليچ بيگ، ص 42.

(15) هودي والا،  ص 83.

(16) مثلاً سندس ڀاءُ چندر کي الور جي حاڪم مقرر ڪرڻ وقت ڏنل سندس هدايتون- قليچ بيگ ص 24.

(17) اسڪائيز، ”هسٽري آف پرشيا“، ج 1، ص 489.

(18) قليچ بيگ، ص 57.

(19) ايليٽ،ص 1، ص 4-412؛ ڏسو قليچ بيگ ۾ نوٽ ص 8-38.

(20) ايليٽ مڪران ۾ لڳل جنگ جو بيان، پنهنجي ضميمي ”دي ائڊوانس آف دي عربس ٽوورڊس سنڌ“ (عربن جي سنڌ ڏانهن پيشقدمي) (جلد پهريون، ص 8-417)، ”تاريخ- گُزيده“ جي اختياريءَ تي ڪري ٿو، جنهن جو حوالو ريناڊ پنهنجي ”ميمائر سور ايل انڊي“ ۾ (ص 171 تي) ڏنو آهي. ڏسو ”منتخب التواريخ“.

(21) ريورٽيءَ جو خيال آهي ته اهو اورمارا (هورمارا) هو، (”مهراڻ“، ص 231، نوٽ 182). جيئن ته ارميل ديبل کان صرف چئن ڏينهن جي سفر جيتري مفاصلي تي هو، الاسطخريءَ جي بقول، انهيءَ جي اورمارا هئڻ جو امڪان ڪونهي (ايضاً، ص 212).

(22) ڏسو ايليٽ ج 1، ص 6-385 ايليٽ سمجهي ٿو  ته سيني ندي، سبيءَ جي علائقي جي هئي، يعني ناڙي، جيڪا گنداوه جي ويجهڙائيءَ ۾ وهي ٿي. ريورٽيءَ جو خيال اهو آهي ته ڪنديل، زهريءَ جي ڀرسان، جهالاوان ۾ هو. (”نوٽس آن افغانستان“، ص 566).

(23) ”اسلامڪ ڪلچر“ اپريل سنه 1945ع ۾، ”اي پيپ ان ٽو دي فرسٽ عرب ايڪسپڊيشنس ٽو انڊيا انڊر دي ڪمپينينس آف دي پرافٽ“ از: ايم. اسحاق. اسلامڪ ڪلچر، جولاءِ 1946ع ۾ ”دي پراببل ڊيٽ آف دي فرسٽ عرب ايڪسپڊيشنس ٽو انڊيا“ از: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

(24) مثلاً قليچ بيگ ص 115، 141، 156، 163.

(25) البيرونيءَ جو ”انڊيا“ ايڊٽ ڪيل اي. سچائو، ج 1، ص 124.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org