(5)
سڪندر اعظم جي ڪاهه
سال 331 ق. م جي سرءُ واريءَ موسم ۾ سڪندر اعظم جي خلاف اربيلا
واريءَ جنگ ۾ جن هندستاني فوجن، ايران جي ٻين شاهي
فوجن سان گڏجي، لڙائي ڪئي هئي، سي خاص طرح بئڪٽريا
۽ آرڪيسيا جي سپاهين سان گڏ ميدان ۾ وڙهيون هيون،
۽ اهي انهن ئي صوبن جي وائيسرائن جي ڪمان هيٺ
هيون. انهن ۾ ”جابلو هندستاني“ ۽ ڪي ”پندرهن هاٿي“
به شامل هئا، ”جيڪي انهن هندستانين موڪليا هئا،
جيڪي سنڌوءَ جي هن طرف رهندڙ هئا“- يعني ان جي
ساڄي ڪپ تي (1). انهيءَ صورتحال مان هيءُ اندازو
ٿئي ٿو ته هندستان ۾ ايراني حڪومت جو اصلوڪو نظام
خواهه ڪهڙو به هو، پر ان وقت انهن جو ”شاهن جي
شاهه“ سان جيڪو به تاتو ۽ واسطو هو، تنهن جو
دارومدار اتان جي مقامي شهزادن ۽ سندن قبيلن جي
شخصي وفاداريءَ تي هو.
دارا پنهنجي شڪست کان پوءِ اٽڪل ڇهن مهينن کان پوءِ ڪنهن به
وارث ڇڏڻ کان سواءِ قتل ٿي ويو، ۽ چيو وڃي ٿو ته
مرندي دم هن پنهنجي طرفان انهيءَ خوشيءَ ۽ اطمينان
جو اظهار ڪيو هو ته ايران جي شهنشاهت وري به سڪندر
جي هٿن ۾ وڃي رهي آهي، جنهن جو هو لائق هو. ان کان
پوءِ ٽن سالن جي دوران هو مقدوني سورمو پوري نظم ۽
ضبط سان هڪ کان پوءِ ٻئي صوبي ڏانهن پيشقدمي ڪندو
رهيو ۽ اتان جي ماڻهن جي وفاداريءَ جا وعدا حاصل
ڪندو يا انهن کي مجبور ڪري پنهنجي آڻ مڃائيندو
رهيو. هو سال 329 ق. م ۾ قنڌار وڃي پهتو، جتان
سنڌو ماٿري ويجهي ئي هئي. پر هو ڦيرو کائي بئڪٽريا
کي آڻ مڃائڻ لاءِ هليو ويو. هن سال 327 ق. م جي
اپريل مهيني کان پوءِ ئي هندوڪش پار ڪري هندستان
جو رستو ورتو، ۽ سنڌونديءَ جي الهندي وارين جابلو
قومن تي ضابطي آڻڻ ۾ هن کي سڄو سارو سال اتي
گذارڻو پيو. هن جي لشڪر نيٺ وڃي مارچ سن 326 ق. م
۾ ”اوهند“ وٽان سنڌو ندي پار ڪئي، ۽ ٽئڪسلا وٽ
پهچڻ تي هنن کي مقامي بادشاهه امڀيءَ وٽان دوستاني
آجيان ملي، جيڪو اڳيئي سڪندر جي خدمت ۾ پهاڙن ۾
حاضر ٿي چڪو هو. هن جي پاڙيسريءَ راجا پورس، جيڪو
هائداسپس (جهلم) ۽ اڪيسائينس (چناب) جي وچ واري
علائقي جو حاڪم هو، تنهن سڪندر جي سڏ تي سندس حضور
۾ حاضر ٿي، ڏن پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ وڏو لشڪر
ساڻ ڪري، سڪندر جي مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ۾
نڪري آيو. هن کي هائداسپس جي جنگ ۾ شڪست کائڻي
پيئي؛ پر پوءِ سڪندر پنهنجي فراخدلانه روش سان هن
کي پنهنجو دوست بڻائي ڇڏيو، ۽ هن جي علائقي ۾ ڪن
پاڙيسري ايراضين (3) جو اضافو ڪيو. ان کان پوءِ
فاتح اتر پنجاب جي ميدانن مان فوج وٺي اڳتي وڌيو؛
هن جي آخري منزل مگڌ جي بادشاهي ۽ ان کان اڳتي
”مشرقي سمنڊ“ (4) هو، پر بياس نديءَ جي ڪناري تي
پهچڻ کان پوءِ هن جي لشڪر اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو،
۽ سڪندر کي لاچار پٺتي موٽڻو پيو، جنهن کان پوءِ
هن کي هخامنشي سلطنت جي ٻاهرين پسگردائيءَ وارن
صوبن کي پنهنجي قبضي ۽ ضابطي ۾ آڻڻ جو ڪم پورو
ڪرڻو پيو. ان لاءِ هن پنجاب جي ندين ۽ سنڌو نديءَ
کان پنهنجن ماڻهن ۽ سازو سامان جي نقل و حمل لاءِ
ڪم وٺڻ جو خيال ڪيو، ۽ ان رستي سان پنهنجي پوئتي
موٽ ۾ هن پهريائين مغربي سمنڊ تائين پهچڻ جو فيصلو
ڪيو (5).
هن جيڪي ٻيڙيون سنڌو نديءَ کي پار ڪرڻ لاءِ ڪم آنديون هيون، سي
اڳيئي کولي، خشڪيءَ رستي جهلم تائين پهچايون ويئون
هيون، ۽ اتي اهي ٻيڙيون ٻيهر ڳنڍي جوڙي راس ڪيون
ويون هيون، ۽ اتي (6) ٻيون نيون ٻيڙيون ٺهرائي
انهن جي مجموعي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو. سال 326 ق.
م جي آڪٽوبر مهيني ۾، هن جو سڄو آرماڙ سڙهه کولي
روانو ٿيو،۽ ان سان گڏوگڏ ڪناري سان سندس فوج جا
زبردست دستا پڻ ٻيڙين جي رفتار پٽاندر اڳتي وڌندا
رهيا. جلدئي واٽ تي انهن کي وڌيڪ لڙايون ڪرڻيون
پيون.
معلوم ٿئي ٿو ته ڏکڻ پنجاب جا قبيلا خود مختيار ۽ آزاد هئا، جن
۾ شاهي يا جمهوري طرز جون حڪومتون هيون. اتان جا
قبيلا مالي (ملاوا) ۽ آڪسي درڪي (شودر ڪاس) بهر
صورت منظم هئا، ۽ انهن سڪندر (7) جي آڻ مڃڻ بدران،
پاڻ ۾ اتحاد ڪري، هن جو مقابلو ڪرڻ چاهيو. مالي
لوڪن جا اتحادي ۽ساٿي جيسين انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ
پهچن ئي پهچن، تنهن کان اڳيئي انهن تي حملو ڪري
کين شڪست ڏني ويئي، جنهن ڪري ٻيئي قبيلا گڏجي پيش
پيا. ”آڪسي درڪي“ لوڪن مان شهرن جا اڳواڻ توڙي
صوبن جا گورنر، ڏيڍ سؤ ٻين انتهائي معزز شخصيتن
سان گڏجي آيا، ۽ انهن کي ڳالهيون ڪري عهدنامي ڪرڻ
جا مڪمل اختيار حاصل هئا...... انهن اچي چيو ته
هنن پنهنجا ايلچي اڳواٽ نه موڪلڻ جي جيڪا غلطي ڪئي
هئي، سا معافيءَ لائق هئي، انهيءَ ڪري، جو هو ٻين
قبيلن جي ڀيٽ ۾ آزاد ۽ خودمختيار رهڻ جي خواهش ۾
فوقيت رکندڙ هئا ۽ هو پنهنجي آزاديءَ کي انهيءَ
زماني کان وٺي، جڏهن ڊيونيسس هندستان ۾آيو هو،
سڪندر جي اچڻ تائين محفوظ رکي سگهيا هئا (8).“
ائين معلوم ٿو ٿئي ته مالي لوڪ چناب ۽ راوي ندين
جي دو آبي ۾، ۽ آڪسي درڪي لوڪ راوي ۽ بياس ندين جي
وچ واري علائقي ۾آباد هئا. اسٽرابو جي چوڻ موجب،
ايراني حڪمران آڪسي درڪي لوڪن مان پگهار دار (9)
فوجي سپاهي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪندا هئا، جنهن مان
اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهي لوڪ ايراني سلطنت جي
محڪوم رعيت نه هئا، ورنه مٿن جو فوجي خدمت لازمي
هجي ها. ايريئن ٻين به ڪن ”خود مختار“ قبيلن جو
ذڪر ڪري ٿو، جيڪي مٿين نالن وارن ٻن قبيلن کان
هيٺڀرو، غالباً سنڌو نديءَ جي ڏائي ڪپ واري علائقي
۾، آباد هئا: هڪڙا آئبستيني جيڪي انهيءَ نديءَ ۽
پنجند جي وچ ۾آباد هئا، ۽ ٻيا سڪيٿريني ۽ اوسڊيني
هئا. ائين ٿي سگهي ٿوته انهيءَ ايراضيءَ ۾ ايراني
صوبي جي سرحد، جتي پنجاب سنڌ سان ملي ٿو، خود سنڌو
ندي هئي؛ انهيءَ حالت ۾ انهن قبيلن کي پنهنجي
آزاديءَ ۽ خودمختاريءَ لاءِ مضبوط دليل ۽ دعوائون
هيون (10).
اسان کي سوگدي لوڪن جي نظام متعلق ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي،
جيڪي خود مختيار قبيلن جي علائقي کان سنڌونديءَ جي
ڪناري سان هيٺڀرو آباد هئا، پر انهن جي گاديءَ
واري شهر کي ايريئن (11) طرفان ”شاهي گاديءَ جو
شهر“ سڏيو ويو آهي. اهو ممڪن پيو نظر اچي ته اهو
شهر ميوسيڪانس جي بادشاهيءَ جي صوبائي گاديءَ جو
شهر هو. ائين ٻڌايل ڪونهي ته سڪندر سوگدي لوڪن سان
به اهڙي ئي نموني ڳالهيون ٻولهيون ڪيون، ڄڻ اهي به
ڪن آزاد ۽ خود مختيار لوڪن منجهان هئا. هن انهيءَ
شهر جي چوڌاري قلعو ٺهرايو ۽ پوءِ اتي جهازن جي
بيهڻ جو دڪو پڻ تعمير ڪرايو، جو هن اها توقع پئي
رکي ته ميوسيڪانس پاڻ، يا گهٽ ۾ گهٽ سندس ايلچي،
اتي اچي سندس اڳيان پيش پوندا. پر جيئن ته انهيءَ
هندستاني شهزادي ڪابه اهڙي علامت ظاهر نه ڪئي ته
کيس ڪو سندس سرحد تي سڪندر جي موجودگيءَ جو پتو به
آهي، تنهن ڪري بادشاهه نهايت تيز رفتاريءَ سان،
لهوارو، درياءَ جي رستي هن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ
وڃي مٿس ڪڙڪيو.
سڪندر اڳيئي سنڌ کي، دريائن جي سنگم کان وٺي ويندي سمنڊ تائين،
پنهنجي شهنشاهت جي هڪ ئي ماتحت صوبي جي حيثيت ڏيئي
ڇڏي هئي، ۽ هن پنهنجي طرفان پيٿان ولد اگينور کي
ان جو وائسراءِ به مقرر ڪري ڇڏيو هو. ميوسيڪانس،
سنڌو نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي حڪمرانن ۾، سڀني
کان وڌيڪ اهميت رکندڙ حاڪم هو، ۽ هن جا اتر سنڌ
وارا علائقا سڄيءَ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ساوا ۽ آسودا
هئا. پاتل، جيڪا ميوسيڪانس جي علائقن جي پاسي ۾
ڏکڻ طرف سندس پاڙيسري سرزمين هئي، سا بظاهر
خودمختيار هئي. ڊيئوڊورس سائڪيولس جي قول تي
اعتبار ڪندي، مصنف جو چوڻ آهي، ۽ اها ڳالهه
ڊيوڊورس سائيڪيولس به قبول ڪئي آهي، ته انهيءَ
رياست جي سياسي جوڙجڪ اسپارٽا جهڙي هئي، ”ڇاڪاڻ ته
انهن وٽ جنگ جي حالت ۾ قيادت ٻن جدا جدا گهراڻن جي
موروثي بادشاهن وٽ هوندي هئي، البت سردارن جي هڪ
جماعت سڄيءَ رياست تي اعليٰ ترين اختياريءَ سان
حڪومت هلائيندي هئي.“ ايريئن، بهرحال پاتل وارن
جي فقط هڪ بادشاهه جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڪَرٽيُوس هن جو
نالو موئيرِس (12) ٻڌائي ٿو. سنڌ جي باقي ٻين ٻن
سردارن، آڪسيڪانس ۽ سامبس جي حيثيت بابت وضاحت نه
ٿي ملي. ايريئن طرفان آڪسيڪانَس کي گورنر (13)
ٻڌايو ويو آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ سامبَس لاءِ چيو ويو آهي
ته هن جي ميوسيڪانس سان لڙائي هلندڙ هئي، پر ممڪن
آهي ته هو هڪ فقط هڪڙو ماتحت سردار هو، جنهن
پنهنجي وڏي حاڪم جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. جيتوڻيڪ
اهو يقين ناهي ته انهن جا علائقا سچ پچ ڪهڙي هنڌ
تي واقع هئا، ان هوندي به اسين هن اندازي ڪرڻ ۾
غلطي نه ڪنداسون ته اهي اولهه سنڌ ۾ سنڌو نديءَ
کان ڪجهه مفاصلي تي هئا- آڪسيڪانَس اتر ۾ ۽ سامبَس
ڏکڻ ۾ هو (15). سنڌ جي انتهائي ڏکڻ مغربي ڇيڙي
واري علائقي تي هڪ بلڪل آزاد قبيلي، آربيتيءَ جو
قبضو هو.
ميوسيڪانس فاتح جي حملي کي روڪڻ ۾ عين موقعي تي پهچي ويو. هو
پاڻ سان اهڙيون سوکڙيون پاکڙيون کڻائي آيو، جيڪي
هندستانين وٽ وڏي ۾ وڏي قدر ۽ قيمت واريون سمجهيون
وينديون هيون، ۽ هن جا سڀ ساٿي ساڻس گڏ سندس
ڇانوڻيءَ ۾ موجود هئا. هو بادشاهه وٽ حاضر ٿيو ۽
پوريءَ طرح آڻ مڃيائين، ۽ پاڻ پنهنجيءَ قوم سميت
هن جي آڏو پيش پيو، ۽ ساڳئي وقت پنهنجي غلطي قبول
ڪيائين – جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته
سڪندر جي مهرباني ۽ ڪرم نوازي حاصل ڪرڻ جو هر ڪنهن
لاءِ اهو ئي هڪ انتهائي اثرائتو رستو هو. جيتوڻيڪ
بادشاهه هونئن به خوشامد جو تمام گهڻو اثر قبول
ڪندو هو، پر نئين شهنشاهت ۾ ميوسيڪانس کي جو ائين
هڪدم ماتحت حڪمران جي حيثيت ۾ پڪو ڪيو ويو، تنهن
جو سبب حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل پاليسيءَ جي ضرورتن
جي تقاضا به هئي. سنڌو ماٿريءَ جي انهيءَ سڀ کان
زياده آسودي صوبي جي خوشحالي ۽ ان جو امن ان جي
انتظام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڦيرگهير آڻڻ سان ئي برقرار رهي
ٿي سگهيو. اها به هڪ ضروري ڳالهه هئي ته هڪ يوناني
فوج جو دستو فوراً گاديءَ واري شهر جي ڪوٽ ۾ مورچو
سنڀالي، محڪم ٿي ويهي، ۽ ان ڪم جي سربراهي ڪريٽيرس
جي سپرد ڪئي ويئي. اهو ملڪ ۽ ان جو شاهه شهر
بادشاهه کي ڏاڍا پسند پيا، ڇو ته هن کي انهن جي
اهميت جو پورو احساس هو. هن جو خيال هو ته اتي
سندس نصب ڪيل فوج آسپاس جي قبيلن کي پوريءَ طرح
پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهندي.
يونان کان هتي آيل هي ٻاهريان ماڻهو ان ملڪ جي سماجي صورتحال ۽
تنظيمن کي ڏسي، ڏاڍا متاثر ٿيا. هتان جا ماڻهو
پنهنجين عادتن ۾ وچٿرا ۽ سڀاءَ جا حليم، صحتمند ۽
وڏيون ڄمارون ماڻيندڙ هئا. انهن وٽ ڪي مخصوص رسمون
۽ رواج هئا، جن يونانين کي اسپارٽا جي ياد تازي
ڪرائي- هو ”لئسيڊيمونين وانگر ڪن موقعن تي عام
دعوت ۾ گڏجي کاڌو کائين ٿا.“ اهڙن موقعن تي سندن
کاڌو اهو هوندو هو، جيڪو هو گڏ جي شڪار ڪندي هٿ
ڪندا هئا. هيءُ ملڪ قدامت پسند ۽ متعصب هندو مذهب
کان پري هو. وري هن ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ٻانهپ جو رواج
ڪونه هو، ان جي باوجود هو ڇا ڪندا هئا جو پنهنجن
نوجوانن کي سندن ڦوهه جوڀن ۾ جهلي، سڄي راڄ جي
جبري ملازمت ۾ رکي ڇڏيندا هئا- تقربياً اهڙيءَ طرح
جيئن اسپارٽا وارا ڪمين کي نوڪريءَ ۾ رکندا هئا.
هتان جي رياست فقط ڪن گنڀير قسم جي ڏوهن جي حالت ۾
قدم کڻندي هئي، باقي عام طرح سان امن امان رکڻ ۽
هڪٻئي سان ڏي-وٺ جي معاملن جو نبيرو اتان جي عوام
جي هٿن ۾ هوندو هو. انهن ڳالهين مان هيءُ معقول
اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اتي مقامي حڪومت جو
پئنچايتي طريقو رائج هو، جنهن جو انتظام نهايت
سٺو هلندڙ هو، ۽ هرڪوئي ان جو احترام ڪندو هو.
هيءَ اتان جي هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ اسان جي ڌيان
تي آندي ويئي آهي ته اتان جا ماڻهو فقط طبي علم کي
سنجيده مطالعي جي لائق سمجهندا هئا، ”ڇاڪاڻ ته هي
ماڻهو جنگي هنرن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جي گهڻي
مطالعي کي ائين سمجهن ٿا ڄڻ هو ڪو گناهه جو ڪم ڪري
رهيا هجن“. ائين به ٻڌايو ويو آهي ته هو سون ۽
چانديءَ کان به نفرت ڪندا هئا (15).
ائين نظر اچي رهيو آهي ته سڪندر اڳيئي سنڌ ۾ ميوسيڪانس جي ملڪي
طاقت جي خلاف توازن برقرار رکڻ لاءِ، سردار سامبَس
کي ”جابلو هندستانين“ يعني اولهه سنڌ جي ٽڪرين
۾رهندڙ قبيلن جو وائيسراءِ مقرر ڪيو هو. اهو سردار
اڳي ئي ميوسيڪانَس سان جنگ ۾ يا هن جي خلاف بغاوت
۾ مصروف هو، ۽ شايد سڪندر جي آڏو پنهنجي
فرمانبرداريءَ يا حمايت جي اظهار ڪرڻ لاءِ سندس
خدمت ۾ ان وقت وڃي حاضر ٿيو هو، جڏهن ميوسيڪانس
اڃا بادشاهه کان ڪناره ڪشي ڪري رهيو هو. پر سامبس
کي هاڻي انهيءَ ڳالهه تي سخت چڙ لڳي، جو سندس
انهيءَ رقيب ۽ دشمن کي معافي ڏيئي، هن تي ايڏي
نوازش ڪئي ويئي هئي، ۽ ان چڙ ۾ هو فرار ٿي ويو.
بالائي سنڌ جي ٻئي ماتحت حڪمران آڪسيڪانَس، پوءِ
به جڏهن بادشاهه سندس مقابلي لاءِ پيشقدمي ڪئي، آڻ
نه مڃي.
انهيءَ سردار کي ڪُئنٽسَ ڪَرٽيئس، اِسٽرابو ۽ ڊيوڊورس، ٽنهي،
پورٽيڪانس جي نالي سان سڏيو آهي، ۽ ڪَرٽيئس هن جي
ماڻهن کي پرائيسٽي
(Praesti)
سڏيو آهي. انهن جو ملڪ گهڻو ڪري اهوئي ”پراسيان“
هو، جنهن کي ميگئسٿنيز سنڌونديءَ جو ٺاهيل هڪ وڏو
ٻيٽ سڏي ٿو. جيئن ته انهيءَ وقت جڏهن آڪسيڪانس (يا
پورٽيڪانس) يورپي حمله آور جي خلاف جنگ جو ميدان
گرم ڪرڻ چاهيو، سياري جي موسم هئي، ۽ سندس علائقي
وچان لنگهندڙ درياءَ جي شاخ ۾ پاڻي سڪي ويو هو، جو
سڪندر جا جهاز ان ۾ هلي نه پئي سگهيا؛ انڪري سڪندر
زمين جي رستي کان هن تي ڪاهه ڪئي. ان کان پوءِ ڇا
ٿيو، تنهن بابت ايريئن ۽ ڪُئنٽس ڪرٽيئس جي لکيل
بيانن ۾ فرق آهي. ايريئن چوي ٿو ته ”بادشاهه
پنهنجي پهرينءَ ئي يلغار ۾ هن جي سڀ کان وڏن ٻن
شهرن تي حملو ڪري قبضو ڪيو، جن مان هڪ شهر ۾ اهو
سردار پاڻ به قيدي بنايو ويو“. ڪرٽيئس جي بيان
موجب، پورٽيڪانس پنهنجن ملڪي ماڻهن جي هڪ وڏي
تعداد سان پاڻ کي هڪ مضبوط قلعي جي شهر پناهه اندر
بند ڪري، دشمن جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي
ويٺو. سڪندر ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ پورٽيڪانس
جي ان شهر تي قبضو ڪيو. انهيءَ مهم جڏهن قلعي جي
ٻاهرين مورچن تي قبضو ٿي ويو، تڏهن پورٽيڪانس
پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين پناهگاهه ۾ هليو ويو هو، ۽
اتان کان هن پنهنجا ايلچي ٻاهر موڪليا ته اهي وڃي
فاتح سان صلح جون ڳالهيون هلائين ۽ هن جا شرط
معلوم ڪن، جن تي هو شهر سندس حوالي ڪري. پر حمله
آورن جي پيشقدمي ايتري ته زوردار هئي، جو جيستائين
اهي ايلچي بادشاهه تائين پڄن ئي پڄن، تنهن کان
اڳيئي ”قلعي جا ٻه برج ڏاڍي خوفناڪ آواز سان ڊهي
اچي پٽ تي ڪريا، ۽ مقدوني فوج تباهه ٿيل شهر جي
وچان شاهي ڪوٽ تائين ڌوڪيندي ويئي، ۽ اندرئين ڪوٽ
تي قبضو ڪري، پورٽيڪانس کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو
پڇاڙيءَ تائين پنهنجن ٿورن ساٿين سان گڏجي ان جو
مقابلو ڪندو رهيو.“ جيڪڏهن اسين هي بيان قبول
ڪريون، ته پوءِ ائين پيو معلوم ٿئي ته سڪندر پاڻ
سان گڏ قلعن جي دروازن کي ڀڃڻ واريون ڪلون ويو هو
۽ انداز وڪري سگهجي ٿو ته رهي ڪلون انهن هاٿين کڻي
اتي پهچايون هونديون، جيڪي ميوسيڪانس بادشاهه کي
تحفي طور پيش ڪيا هئا. مؤرخ ايريئن انهيءَ سردار
جي گرفتاريءَ کان پوءِ سندس انجام متعلق ڪجهه به
نٿو ٻڌائي ته هن جو پوءِ ڇا ٿيو يا سندس فتح ٿيل
علائقن جو ڪهڙيءَ طرح فيصلو ڪيو ويو. هو فقط ايترو
چوي ٿو ته اتان جيڪو لٽ ڦر جو مال هٿ آيو، سو فوج
۾ ورهايو ويو، ۽ اتان جا هٿ آيل فقط هاٿي عام
مقصدن لاءِ مخصوص رکيا ويا. ڪرٽيئس ٻي هڪ خاص
ڳالهه اها ٻڌائي آهي ته اتان جي سڀني قيدين کي
فروخت ڪيو ويو، يعني ته انهن جي عيوض پيسا وٺي کين
ڇڏيو ويو (16).
ان کان پوءِ سڪندر هارايل سردار جي علائقن مان اڳتي ڌوڪيندو،
فرار ٿيل سامبَس جي سرحدن طرف وڌيو؛ رستي تي شهرن
پٺيان شهر، مقابلي کان سواءِ پيش پوندا ويا- ”سڀني
هندستانين جون دليون سڪندر ۽ سندس فوجن جي ڪامياب
يلغارن کان خوف ۽ هراس وچان ايتريقدر ڪمزور ۽
نستيون ٿي ويون هيون.“
دراصل اها نستائي گمراهه ڪندڙ هئي، جلد ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته
سنڌ ۾ هڪ اهڙي خفيه طاقت موجود هئي، جيڪا ڌارين جي
مقابلي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي دلين ۾اٽل ارادو پيدا
ڪري پئي سگهي، اها قوت برهمڻن جو اثر هو. اها
حقيقت ان وقت ظاهر ڪانه ٿي، جڏهن سڪندر سامبَس جي
دارالحڪومت سِنديمَن جي دورازن وٽ اچي پهتو:
دروازا کوليا ويا، ۽ سردار جي ڪٽنب جا ڀاتي پنهنجي
هٿن ۾ هن جا خزانا کڻي، اچي ٻاهر بيٺا، ”جن جي
قيمت جو هنن حساب لڳائي ڇڏيو هو“، ۽ تن سان گڏ هن
جا هاٿي به ڪاهي آيا. هنن ائين به اچي چيو ته
سامبس مخالفت يا بغاوت جي خيال سان فرار ڪونه ٿي
ويو آهي، پر هن خوف ۾ اچي ائين ڪيو آهي؛ هن کي
جڏهن اهو معلوم ٿيو ته سندس دشمن، ميوسيڪانس، جي
بادشاهه وٽ سرخرو ئي ٿي آهي، تڏهن ان ۾ هن کي
پنهنجي لاءِ نهايت ئي خراب نتيجو ڏسڻ ۾آيو (17).
اها ڳالهه واجبي ۽ معقول به هئي، پر انهيءَ وچ ۾
ڇا ٿيو، جو سامبَس جي علائقي ۾ برهمڻن جو هڪ شهر
ظاهر ظهور حمله آور جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي
بيهي رهيو. سڪندر فوراً انهي شهر تي هڪ ڀرپور حملو
ڪيو، ۽ ان جي سڀني برهمڻن کي مارائي ڇڏيو، جو انهن
کي ئي هن سندس خلاف انهيءَ اٿاريل بغاوت جو سبب
سمجهيو.
بلڪل ساڳئي وقت، ميوسيڪانس طرفان پڻ اهڙي ئي نموني جي بغاوت جو
علم بلند ڪيو ويو، ۽ اهو به برهمڻن جي اثر جو
نتيجو هو. پر اهو سمجهڻ آسان ناهي ته انهيءَ سردار
بهرحال ذاتي ناموريءَ ۽ عزت حاصل ڪرڻ کان سواءِ
ٻيءَ ڪهڙي شيءِ جي حاصل ڪرڻ جي اميد ٿي رکي-
جيتوڻيڪ انهن مذهبي ماڻهن هن کي اهڙيون خاطريون
ضرور ڏنيون هونديون ته، مغرب (18) جي ناپاڪ وحشين
جي مقابلي ۾، خدا جي مرضيءَ سان، سندس ڪاميابي
يقيني هئي، پر اهي سڀ ڳالهيون اجايون هيون. سڪندر
پنهنجي نئين مقرر ڪيل وائيسراءِ، پيٿان، کي ”ڪافي
لشڪر ڏيئي“ ميوسيڪانَس جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو،
۽ پاڻ پنهنجو باقي لشڪر سان وٺي، هن جي بادشاهيءَ
جي پسگردائيءَ وارن ”شهرن“ تي تيز رفتاريءَ سان
ڪاهي ويو. ايريئن انهن شهرن لاءِ چوي ٿو ته اهي ان
سردار جي قبضي ۾ ڏنا ويا هئا، جنهن جو مطلب اهو ٿي
سگهي ٿو ته بادشاهه اهي علائقا هن کي سندس پنهنجن
علائقن کان علاوه ڏنا هئا، ۽ انهن تي اصل ۾
آڪيسڪانَس جو راڄ هو. انهن شهرن تي هڪ جي پٺيان
ٻئي تي قبضو ڪيو ويو، ۽ جيڪي شهر ملڪ تي سڌي ضابطي
هلائڻ جي مقصد لاءِ نون انتظامن ۾ ٺهڪي پئي سگهيا،
تن جي قلعن کي ٻيهر مضبوط ڪري، انهن ۾ فوج رهائي
ويئي، باقي ٻين کي ڊاهي پٽ ڪري، اتان جي رهاڪن کي
غلام بنايو ويو. جيسين بادشاهه انهن سڀني علائقن
۾ بغاوتن کي دٻائي، درياهه جي ڪناري تي قائم ڪيل
پنهنجي مکيه ڇانوڻيءَ ۾ واپس پهتو، تيسين خود
ميوسيڪانَس کي پيٿان قيد ڪري ورتو هو. ايريئن چوي
ٿو ته ”بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي وٺي نيئي سندس
ملڪ ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي، ۽ ساڻس گڏ جن به
برهمڻن کيس بغاوت تي اڀاريو هو، تن سڀني کي پڻ
لٽڪايو وڃي (19).“ پلو ٽارچ ٻڌائي ٿو ته برهمڻن
هٿان ”مقدونين (20) کي بيشمار ٻيون تڪليفون به
سهڻيون پيون،“ بادشاهه جي طرفان هن اوچيءَ ذات جي
خلاف ايتري سختي ٿيندڙ ڏسي، جنهن کي قديم زمانن جي
رواج موجب ڪوبه هٿ نه لائيندو هو، عام ماڻهن جي
دلين ۾ زبردست ڏهڪاءُ پيدا ٿيو هوندو، ۽ ان کان
پوءِ جيسين هو ملڪ ۾ پاڻ پنهنجي سر موجود رهيو،
تيسين وري هن جي اختيار ۽ اقتدار خلاف ڪنهن به طرف
کان ڪا مخالفت يا مزاحمت ڪانه ڪئي ويئي.
سنڌ جي ڏاکڻين علائقن جو حاڪم، جنهن کي ڪَرٽيئس، موئيرس سڏيو
ويو آهي، سو هاڻي اچي حاضر ٿيو ۽ بادشاهه جي اڳيان
پاڻ اچي پيش پيو، کيس هن خاطريءَ سان واپس موڪليو
ويو ته هو پنهنجا علائقا جيئن جو تيئن پاڻ وٽ رکي
سگهيو ٿي، پر ساڳئي وقت اهو حڪم مليس ته هو پنهنجي
گاديءَ واري شهر پاتل ۾ موجود رهي، شاهي فوج جي
اچڻ وقت ان جي آجيان جو سامان مهيا ڪري، بادشاهه
موقعو وٺي انهيءَ سردار کان سنڌو نديءَ جي منهن
بابت معلومات حاصل ڪئي هئي، ۽ کيس معلوم ٿيو ته
اهو درياءُ پنهنجي آخري ڇيڙي وٽ نيل درياءَ کان به
وڏي ڪيٽي ٺاهي ٿو. هاڻي هن کي خيال ٿيو ته آئيندي
لاءِ هو پنهنجي ملڪ ۽ اوستائين فتح ڪيل علائقن جي
وچ ۾ شاهي مواصلات ۽ واپار جي رستن بابت
جاگرافيائي صورتحال جو جائزو وٺي، ان مسئلي جو
قابل عمل حل تلاش ڪري. هن اندازو ڪيو ته ان کان
پوءِ وڌيڪ ملڪ گيريءَ جي مهم هن لاءِ ممڪن يا
مناسب ڪانه هئي. ساڳئي وقت هن کي پنهنجين فوجن ۽
پنهنجي نالي جي ڏهڪاءَ ۾ وڏو اعتماد هو ته انهن
ٻنهي ڳالهين جي آڌار تي، سندس رواني ٿي وڃڻ کان
پوءِ پوئتي سندس مقرر ڪيل گورنر، سندس مفتوح
علائقن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهندا.
چنانچه، جڏهن سندس ڇانوڻي اڃا ميوسيڪانس جي علائقي ۾ ئي هئي،
تڏهن هن پنهنجي فوج نئين سر تنظيم ڪئي ته جيئن
سندن واپسي آسان ۽ سلامتيءَ واري ٿي سگهي. ڪَرٽيرس
جي قيادت ۾ ٽي برگيڊون، هاٿي ۽ ڪجهه تيرانداز دستا
ڏنا ويا، ۽ زخمي ۽ بيمارپڻ سندس حوالي ڪيا ويا، ۽
کيس حڪم ڏنو ويو ته هو آرڪوشيا ۽زرنگين جي علائقن
يعني ڪڇي، ساراوان ۽ سيستان جي وچان نڪري، ڪرمانيا
جي علائقي ۾ وڃي داخل ٿئي. وڌيڪ انهيءَ باري ۾ڪا
معلومات ڪانهي ته ڪرٽيرس اوڏانهن ويندي، مُولا لڪ
وارو رستو اختيار ڪيو، يا بولان لڪ مان لنگهي اڳتي
وڌيو هو. ٻنهي حالتن ۾ هن کي بيشمار انتظامي
دشواريون سامهون آيون هونديون. ان کان علاوه اهو
به معلوم ٿئي ٿو ته هن اتر سنڌ مان انهيءَ وقت ڪوچ
ڪيو هو، جڏهن اونهاري جي موسم پنهنجي چوٽ تي
هوندي.
پاتلين جي علائقي ڏانهن فوج جي پيشقدميءَ جو طريقو ۽ انتظام
بلڪل اهو ساڳيو قائم رکيو ويو، جيڪو اڳي اختيار
ڪيو ويو هو. سڪندر چونڊ فوجي دستا ساڻ ڪري درياءَ
جي رستي اڳتي وڌيو، فوج جو وڏو حصو هيفاسشان جي
قيادت ۾ سنڌونديءَ جي هڪ ڪناري تي هن سان گڏوگڏ
متوازي رخ ۾ هلندو رهيو، ۽ پيٿان کي وڌيڪ تيز
رفتار ۽ ننڍن فوجي دستن سان درياءَ جي ٻئي ڪناري
کان گڏ وڌڻ لاءِ چيو ويو. ان طريقي سان سندس انهن
بري فوجي دستن کي وڌيڪ وسيع علائقا پنهنجن پيرن
هيٺ آڻي، انهن شهرن جي آبادڪاريءَ جو ڪم مڪمل ڪرڻو
هو، جن ۾ سندس حڪمن هيٺ باغين جي خلاف هلايل مهم
جي دوران، ويجهڙائي ۾ ئي قلعن کي مضبوط بنايو ويو
هو؛ انهيءَ انتظامي ڄمت جي ڪم کي سرانجام ڪرڻ کان
پوءِ، انهن فوجي دستن کي مکيه لشڪر سان پاتل ۾ اچي
گڏجڻو هو. جيڪڏهن اسان جو هي اندازو صحيح آهي ته
آڪسيڪانَس ۽ سامبَس جا علائقا جديد دور جي لاڙڪاڻي
ضلعي ۽ دادو ضلعي جي اترئين حصي سان مجموعي طور
ٺهڪن ٿا، ته پوءِ امڪان اهو آهي ته هيفاسشان جي
پيشقدمي سنڌونديءَ جي ڏائي ڪناري سان ريگستان جي
لڳو لڳ ٿي هوندي.
اهو زمانو سال 325 ق. م جي جون مهيني جي پڇاڙيءَ يا جولاءِ جي
شروعات وارو هو، درياءَ چڙهڻ لڳو هو. ائين پيو نظر
اچي ته پهرين ٽن ڏينهن تائين آرماڙ جي پيشقدمي
ننڍين ننڍين منزلن جي صورت ۾ ٿيندي رهي، ته جيئن
هيفاسشان کي ان سان گڏ وڌڻ جو موقعو ملي، ۽ اهڙيءَ
طرح ٻنهي فوجن جي درميان رابطو برقرار رهي، درياءَ
جي مٿئين طرف آبڪلاڻيءَ واريءَ موسم ۾ ائين ڪرڻ
ناقابل عمل ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڪنارن سان ٿوري
ٿوري مفاصلي کان پوءِ درياءَ جي ڪپن کان ٻاهر
اٿليل پاڻيءَ چوڌاري ڦهليل هجي ها؛ پر اسان کي هن
ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ سبب آهن ته ميوسيڪانس جي
گاديءَ واري شهر ۽ پاتل جي وچ وارو علائقو جيڪڏهن
مشرقي ريگستان جي بلڪل ڪناري سان نه ته گهٽ ۾ گهٽ
ان جي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ واقع هو. هن منزل تي هيءَ
خبر آئي ته پاتل جي حڪمران فوراً پنهنجي رعيت کي
سڄي شهر کي خالي ڪري، اتان نڪري وڃڻ تي آماده ڪيو
آهي. سڪندر اهو ٻڌي درياءَ جي رستي پنهنجي رفتار
کي تيز ڪيو. جڏهن هو پاتل پهتو، تڏهن هن سڄي ملڪ ۽
ان جي آسپاس واري علائقي کي بلڪل ويران ۽ ڀڙڀانگ
حالت ۾ ڏٺو، زمين کي هر ڏيندڙ هاري به زمنيون ڇڏي
نڪري ويا هئا. بادشاهه پنهنجون انتهائي تيز رفتار
۽ هلڪيون فوجون ماڻهن جي پٺيان ڊوڙايون، انهن مان
ڪن کي پڪڙيو ويو، ۽ کين فوراً ٻين سندن ڳوٺاين ۽
هموطنين ڏانهن هن پيغام سان موڪليو ويو ته اهي
ڪنهن به مداخلت جي ڊپ ڊاءَ کان سواءِ پنهنجا شهر
اچي وسائين ۽ ٻنيون آباد ڪن (21). اهڙيءَ طرح انهن
مان ڪيئي واپس آيا ۽ اچي پنهنجا ماڳ وسائي ويٺا،
پر معلوم ٿئي ٿو ته سندن سردار پوئتي موٽڻ جي نه
ڪئي، ڪَرٽيئس جي چوڻ موجب، هيءُ شخص، جنهن کي هو
موئيرس جي نالي سان سڏي ٿو، پنهنجيءَ سلامتيءَ
لاءِ جبلن ڏانهن ڀڄي ويو هو. هن کي ڊپ هو ته متان
سندس رعايا مان ڪي ماڻهو سڪندر جي سامهون ٿين ۽ ان
لاءِ کيس ذميدار سمجهيو وڃي. انهيءَ ڪري، هو
سامبَس جو مثال وٺي، گم ٿي ويو. ۽ واقعي، گهٽ ۾
گهٽ هڪ واقعو اهڙو رونما به ٿيو، جنهن لاءِ هن کي
ان قسم جو انديشو هو. ”مقامي وحشين“ جي ڪن ٽولن،
پاتل جي قريب خشڪ علائقي ۾ کوهن کوٽڻ لاءِ موڪليل
سڪندر جي ڪن ماڻهن تي حملو ڪيو ۽ ڪجهه يوناني ماري
وڌا، بهرحال انهن کي بعد جي مقابلي ۾ زبردست نقصان
سهڻو پيو ۽ هو ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهه
طرفان پهرئين ڪارڪن فوجي دستي ۾ ماڻهن جو اضافو
ڪيو ويو ۽ کوهن جي تعمير مڪمل ڪرائي ويئي جيڪا هن
مقامي ماڻهن جي سک لاءِ ۽ هنن جي وفادارين حاصل
ڪرڻ لاءِ، خاص حڪم جاري ڪري، شروع ڪرائي هئي (22).
پاتل جي ويجهو ڪيٽيءَ جو سرو هو، جتان نڪرندڙ درياءَ جي ٻنهي
ٻانهن کي سمنڊ تائين ”سنڌو“ چوندا هئا. اتي، سڪندر
پنهنجي فوج لاءِ بندر ۽ ٻيڙن جي بيهڻ جي گودي
ٺهرائي ته جيئن سندس بحري ٻيڙي لاءِ اهو هڪ اڏي جو
ڪم ڏئي. جيئن ئي اهو ڪم چڱيءَ حد تائين هلي چڪو،
تيئن هن درياهه جي ٻنهي ٻانهن جي لهواري پڙتال
شروع ڪئي. پهريائين هو ساڄيءَ ٻانهن سان اڳتي
وڌيو. هن پاڻ سان ڪافي تعداد ۾ ٻيڙا اڳتي نيا-
جيڪي سڀ انتهائي تيز رفتار ٻيڙا هئا- ”جن ۾ ڪي
ونجهن جي ڏيڍ قطار وارا هئا، ۽ گهڻا ٽيهن ونجهن
وارا وڏا ٻيڙا به شامل هئا“. ساڳئي وقت هڪ هزار
گهوڙ يسوار ۽ اٺ هزار پيادل فوج کي، جنهن ۾ هلڪن ۽
ڳرن هٿيارن سان مسلح سپاهي هئا، ليئوناٽس جي ڪمان
هيٺ حڪم ڏنو ويو ته اهي پاتل جي ”ٻيٽ“ وچان،
سامونڊي ٻيڙي سان متوازي رخ ۾ سڪيءَ سان هلندا
اچن. بدقسمتيءَ سان، سڪندر جي هن سڄي اٽالي جي
تياريءَ ۽ پيشقدميءَ کي ڏسندي، ان سڄي علائقي جا
درياءَ جي پاسن وارا رهاڪو پنهنجا ماڳ ڇڏي هليا
ويا هئا، انڪري آرماڙ کي مقامي ڄاڻو ناکئن جي مدد
کان سواءِ اڳتي وڌڻو پيو. سڪندر جي تڪليفن ۾ ٻيو
اضافو هيءُ ٿيو، جو ٻئي ڏينهن تي آرماڙ کي هڪ سخت
طوفان جو مقابلو ڪرڻو پيو، جيڪو درياءَ جي مخالف
رخ ۾ لڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ سبب درياءَ ۾ ايڏا ته
وڏا لهرين جا لوڏا اٿيا جو ڪيئي ٻيڙا ڌڪجي پيا ۽
انهن مان ڪن جهازن جي حالت ته اهڙي خراب ٿي ويئي،
جو جڏهن انهن کي ٻاهر ڪناري تي آندو ويو ته انهن
جو تقريباً تختو تختي کان ڌار ٿي ويو ۽ اهي ڪنهن
ڪم جا ڪونه رهيا(23). ايريئن ٻڌائي ٿو ته بادشاهه
اُتي ٻين جهازن ٺهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا. هنن حالتن
۾ ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته فوراً مڪاني ماڻهن جون
ٻيڙيون زوريءَ فوج جي استعمال لاءِ قبضي ۾ وٺي ها،
پر کيس ان ۾ مصلحت ڏسڻ ۾ نه آئي. ان جي بدران هن
پنهنجون انتهائي تيز رفتار ۽ متحرڪ فوجون ملڪ جي
اندروني حصن ڏانهن موڪلي، ڪجهه هندستانين کي پڪڙي
هٿ ڪيو، ۽ پنهنجي آئيندي سفر لاءِ انهن کي زوريءَ
پنهنجي ٻيڙي جو سونهون بنايو. بادشاهه جي سفر جو
هيءَ پويون حصو چوماسي هوائن جي عين مخالف سمت ۾
شروع ٿيو، ۽ جتي درياءَ جو پيٽ گهڻي ۾ گهڻو وڌيل
هو، (ايريئن چوي ٿو ته اهو وڌ ۾وڌ ڦهلاءَ واري
حالت ۾ ٻه سؤ اسٽيڊس ويڪرو هو، پر اهو وڌاءُ معلوم
ٿئي ٿو). اتي وير ايتريقدر ته زوردار هئي، جو ٻيڙن
جا ونجهه ڏاڍي مشڪل سان پاڻيءَ ۾هلي پئي سگهيا
(24)، ان حالت ۾ هنن کي سونهان هڪڙي واهڙ يا
درياهه جي ننڍيءَ شاخ ۾ اندر پناهه لاءِ وٺي ويا.
اتي پرڏيهي ماڻهن کي سامونڊي وير جو عمل ڏسي، ڏاڍي
حيرت لڳي، ڇو ته اها صورتحال اهڙي هئي، جنهن مان
خاص طور اهي ماڻهو اڻواقف هئا، جن جو سامونڊي سفر
جو سڄو سارو تجربو ڀونوچ سمنڊ تائين محدود هو. وير
لٿي، ته جهاز ٻاهر سُڪيءَ تي ڦاسي بيهي رهيا، پر
اوچتو ئي اوچتو ۽ بلڪل غير متوقع طور وري پاڻيءَ
جو اهڙو چاڙهه واپس وريو، جو ڪيئي ٻيڙا ان جي ڇوهه
۾ لڙهي هڪٻئي سان ٽڪرائجي پيا، ۽ انهن کي ڪافي
نقصان رسيو.
سڪندر جيئن تيئن ڪري ڌڪيل ٻيڙن جي مرمت ڪرائي، ۽ پوءِ پنهنجن
ماڻهن جي هڪ جماعت کي ٻن ٻيڙين ۾ ويهاري درياءَ جي
هيٺانهين ڏس ۾ موڪليو ته جيئن اهي انهيءَ ٻيٽ جي
کوج لڳائين، جنهن لاءِ سندس هندستاني سونهان چئي
رهيا هئا ته آرماڙ کي سمنڊ ڏانهن رواني ڪرڻ کان
اڳي انهيءَ هنڌ لنگرانداز ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ٻيٽ
جو نالو ڪِلّوٽا هو؛ جائزي وٺندڙ جماعت واپس اچي
ٻڌايو ته اهو هڪ وڏو ٻيٽ هو، جنهن ۾ مٺو پاڻي
موجود هو ۽ اتي جهازن کي لنگرانداز ڪرڻ لاءِ سٺي
جاءِ موجود هئي، تنهنڪري بادشاهه حڪم ڏنو ته آرماڙ
کي اوڏانهن نيو وڃي. هو پاڻ بهترين ٻيڙين ۾ درياءَ
جي لهواري طرف وڌيڪ اڳتي ويو ته جيئن پاڻ ڏسي سگهي
ته نديءَ جو منهن سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جو آسان رستو
ڏئي ٿو يا نه. رستي تي ٻي ڪابه دشواري هن کي
سامهون ڪانه آئي، ۽ هو ايترو پري نڪري ويا، جو کين
دور سمنڊ ۾ هڪ ٻيو ٻيٽ بيٺل نظر آيو. ٻئي ڏينهن تي
سڪندر انهيءَ ٻيٽ تي قدم رکيو، ۽ اتي پهچي هن
قربانيون ڏنيون، ۽ وري پوءِ سمنڊ طرف هڪ مختصر سفر
ڪري، ڪجهه ٻاهر پهچي، مهاساگر جي ديوتا پوسيڊان کي
راضي ڪرڻ لاءِ وهڙا قربان ڪيا، ۽ پڻ سونن پيالن
مان ديوتائن جي نالي ۾ شراب جونذرانو هاري، بعد ۾
اتي برتن شڪراني جي علامت طور سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيا.
هن خدا جي حضور ۾ پاڻ دعا ڪئي ته هو انهيءَ ڊگهي
سامونڊي سفر ۾ سندس آرماڙ تي نوازش جي نظر ڪري،
جيڪو هن نيارڪَس جي ڪمان هيٺ پنهنجي سامونڊي آرماڙ
لاءِ سنڌونديءَ کان وٺي دجله ۽ فرات تائين پهچڻ
لاءِ رٿيو هو.
پاتل واپس اچڻ تي هن ڏٺو ته قلعي کي چڱيءَ طرح مرمت ڪري مضبوط
ڪيو ويو هو، جيئن هن حڪم ڏنو هو. ائين نه سمجهڻ
گهرجي ته اهي مضبوط قلعا، جيڪي هن هر هنڌ ٺهرايا
ٿي، جتي به هن پنهنجون فوجون ٿي ڇڏيون، سي ڪي
پيچيده ۽ وڏيون اڏاوتون هيون. اڪثر حالتن ۾ اهي
رڳو گنب جي مٽيءَ جون يا ڊاٺل جاين جي مٽيءَ مان
ٺاهيل ڪچين سرن جون ڀتيون هيون، جيڪي انهن هنڌن تي
اڳيئي موجود ڪوٽن جي ديوارين کي مٿي ڪرڻ يا انهن
کي پشتيون ڏيڻ لاءِ ٺاهيون ٿي ويون.”سامونڊي يا
دريائي بندر ۽ گوديون“ ۽ ”آرماڙ جا اڏا“ پڻ گهڻي
ڀاڱي سڌيون سنيون ۽ ساديون گهرج ساريون جايون
هونديون، جيڪي جهازن جي لنگرانداز ٿيڻ ۽ انهن جي
مرمت جي ڪم لاءِ ٺاهيون وينديون هيون. فقط اهو ڪوٽ
ڪنهن لاءِ هاڻي هيفاسشان کي پاتل جي بچاءَ لاءِ
ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، تنهن جو خاڪو هڪ جٽادار
اڏاوت جي خيال کان وڏي پيماني تي رٿيو ويو هو،
ڇاڪاڻ ته سڪندر جو ارادو اتان نيارڪَس جي ڪمان هيٺ
سامونڊي سفر لائق جهازن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ
آرماڙ جي خاصي حصي کي اتي موجود رکڻ جو هو. زيرين
سنڌوءَ جي ماتحت رياستن جي پنجاب سان آمدرفت قدرتي
طور پاڻيءَ ذريعي ئي ٿيڻي هئي.
انهيءَ عرصي دوران بادشاهه سمنڊ ڏانهن ويندڙ دريائي رستن جي کوج
وري شروع ڪئي، ۽ سنڌونديءَ جي ڏائي هٿ واريءَ شاخ
۾ ٻيڙيءَ ذريعي سفر ڪيو. هن ڀيري کين، مغربي شاخ
واري سفر جي ڀيٽ ۾، ڪا به تڪليف يا رڪاوٽ پيش ڪانه
آئي. کليل سمنڊ تائين پهچڻ کان اڳي هو هڪ ڍنڍ يا
نار ۾ داخل ٿيا، ۽ اتي سڪندر پنهنجي آرماڙ جي وڏي
حصي کي لنگرانداز ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ هو پاڻ ٻيڙين
۾ درياءَ جي اصلي منهن جي آسپاس جائزو وٺندو رهيو.
هن ڳالهه کان مطمئن ٿي ته درياءَ جي اڳئين پرتال
ڪيل شاخ جي ڀيٽ ۾ هن شاخ مان جهازراني وڌيڪ آسان
آهي، هو ٻيڙيءَ مان لهي، ڪناري تي آيو ۽ (جيڪڏهن
ايريئن جي بيان تي اعتبار ٿو ڪجي ته)، اتان ڪجهه
گهوڙيسوار فوج پاڻ سان وٺي، سامونڊي ڪنارو ڏيئي،
ٽن ڏينهن جي مسافريءَ جيترو مفاصلو طئي ڪري موٽي
آيو، ته ”جيئن اهو ڏسي سگهي ته هيءُ ملڪ سمنڊ جي
ڪناري ڪناري ٿيندڙ سفر لاءِ ڪيتريقدر موزون هو، ۽
ٻيو ته اتي موزون هنڌن تي کوهن کوٽڻ جو پڻ بندوبست
ڪري سگهي، ته جيئن خلاصين کي گهرج سارو پيئڻ لاءِ
پاڻي ميسر ٿي سگهي“. پوءِ هو پاڻيءَ رستي موٽي
واپس آيو، ۽ فوج جي ڪجهه حصي کي هن سامونڊي ڪناري
ڏانهن وڃڻ ۽ کوهن کوٽڻ جي ڪم کي پوري ڪرڻ جو حڪم
ڏنو، ۽ پاڻ ٻيهر انهيءَ ”ڍنڍ“ وٽ پهچي، اتي هڪ ٻئي
دڪي ۽ جهازن جي گوديءَ جي تعمير جي ڪمن جي نظرداري
ڪرڻ لاءِ لهي پيو. اتي هن هڪ فوجي دستو پڻ ويهاريو
۽ اسلحخانو پڻ ٺهرايو، جنهن ۾ نيارڪس جي آرماڙ
لاءِ هُن چئن مهينن جي خوراڪ گڏ ڪري رکڻ جو انتظام
ڪيو.
سڪندر جو هن باري ۾ هيءَ پختو ارادو ته ڪوبه اهڙو ڪم يا اهڙي
ڳالهه جيڪا نيارڪس جي سامونڊي سفر جي ڪاميابيءَ ۾
مددگار ٿي سگهي سا اڻ پوري نه ڇڏي وڃي، نه فقط
انهن وڏين تيارين مان پر، جيئن اسين اڳتي هلي
ڏسنداسين، پوين منزلن ۾ به هن جي لاءِ سامان ۽
اسباب مهيا ڪرڻ جي سندس ڀرپور ڪوششن ۾ پڻ ظاهر ٿئي
ٿو. هن کي اها اميد هئي ته انهيءَ فوج جي
پيشقدميءَ جو، جيڪا هو پاڻ مڪران جي رستي خشڪيءَ
سان وٺي وڃڻ وارو هو، اهڙيءَ باقاعدگيءَ سان
انتظام ڪري سگهبو، جو ٿوري گهڻي وقفي کان پوءِ
بحري ٻيڙي سان ان جو رابطو قائم رهي سگهندو. اهڙي
گڏيل پيشقدميءَ وسيلي هن کي شهنشاهت جي انتهائي
مشرقي صوبن ۽ ان جي مرڪز جي درميان رابطن ۽ آمد
رفت جو بهترين انتظام ڪهڙي طريقي سان ممڪن ٿي
سگهيو ٿي.
درحقيقت، حالات ان جي ابتڙ ئي واقع ٿيا، ۽ نيارڪس جو بحري ٻيڙو
ڪنهن به موقعي تي، بري فوج سان پنهنجو ناتو قائم
ڪري نه سگهيو. سڪندر پاتل کان سيپٽمبر مهيني جي
آخر ڌاري سفر شروع ڪيو. هو انهيءَ آزاد قبيلي
”آربيتي“ (26) واري ملڪ منجهان، سواءِ ڪنهن مخالفت
يا مقابلي جي، لنگهي، اڳتي وڌيو. ان قبيلي جو سنڌ
جي اُن مغربي ڪوهستان تي قبضو هو، پر هو اتان ڀڄي
وڃي ”رڻ“ ۾ لڪا هئا، جنهن جو مطلب شايد وڌيڪ
ڏورانهين ٽڪرين جي ايراضيءَ سان هو. ان کان پوءِ
بادشاهه پنهنجي لشڪر کي حب (27) نديءَ تي ترسايو،
جتان هو هڪ مضبوط فوجي دستي کي ساڻ ڪري، ”ڏائي هٿ
واري طرف“ راس مونزي جي اترئين پاسي، سامونڊي ساحل
تائين پيشقدمي ڪري، پهتو. ائين ڪرڻ لاءِ هن جا ٻه
مقصد هئا: هڪ پنهنجي آرماڙ جي خلاصين لاءِ کوهه
کوٽائڻ، ۽ ٻيو اوريتائي لوڪن جي ملڪ تي هڪ پاسي
کان پيشقدمي ڪرڻ، جيڪي حب نديءَ جي ٻئي ڪپ تي
رهندا هئا، جيڪو هن وقت ”لس ٻيلي“ جي نالي سان
مشهور آهي. پر اهو قبيلو، جيڪو ”گهڻي وقت کان وٺي
آزاد رهيو هو“، انهن مثالن مان به ڪو فائدو نه وٺي
سگهيو، جيڪي اتر سنڌ جي سندن پاڙيسرين سڪندر سان
پنهنجي روش جي سلسلي ۾ قائم ڪيا هئا، مطلب ته ان
قبيلي بادشاهه جي آجيان ڪرڻ کان پاڻ کي پوئتي رکيو
۽ هن لاءِ پنهنجي دوستانه لاڙي جو مظاهرو نه ڪيو.
هيفاسشان کي حب جي ڪناري تي بيهاريل لشڪر جي مکيه
حصي جي نگرانيءَ لاءِ ڇڏيو ويو، جيڪو شايد لؤنگ
لوهراڻيءَ جي پسگردائيءَ ۾ هو، اسان کي سمجهڻ
گهرجي ته ائين رڳو سڪندر جي رٿيل يلغار کان
اوريتائي لوڪن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو ويو هو.
سڪندر جي پيشقدمي تمام تيز ۽ فيصله ڪن هئي، هن حب
نديءَ جي اولهه ۾ واقع ويران جابلو علائقي جا ويهه
ميل هڪ رات ۾ پورا ڪيا، ۽ پوءِ اتان هو، پنهنجي
فوج کي وسيع محاذ ۾ ڦهلائي، اترئين ميدان وچان
طوفان وانگر ڪاهي ويو، ۽ انهيءَ دوران جيڪو به
مقابلي لاءِ سامهون آيو، تنهن کي سندس گهوڙيسوار
فوج ترار جو لقمو بڻائيندي رهي، ۽ ان جي پٺيان
ايندڙ پيادل فوج باقي بچيل ماڻهن کي قيدي بڻائيندي
آئي. جڏهن سڪندر ”پاڻيءَ جي هڪ ننڍڙي تلاءَ“ وٽ
ڇانوڻي هنئين، تڏهن هيفاسشان به وڌي اچي ساڻس
مليو، ممڪن آهي ته اهو ”پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ“
سرنده ڍنڍ هجي (28). ان کان پوءِ لشڪر اڳتي
پيشقدمي ڪندي، اچي، اوريتائي لوڪن جي وڏي کان وڏي
ڳوٺ، رهامپڪيا، وٽ پهتو. بادشاهه تي انهيءَ
پسگردائيءَ جو ڏاڍو سٺو اثر پيو، ۽ هن اتي هڪ شهر
جي بنياد وجهڻ جو فيصلو ڪيو.
ان کان پوءِ ٻيو قدم انهيءَ قبيلي جي سردارن سان ترار رستي يا
ٻئي ڪنهن طريقي سان ٺاهه تي اچڻ هو. انهن سردارن،
پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي هڪ وڏي لشڪر سان گڏ،
گدروسي لوڪن جي حمايت سان، هڪ جبل جي لڪ اڳيان وڃي
ڇانوڻي هنئين هئي، جتان انهيءَ پوئين نالي واري
قبيلي جي ايراضيءَ ۾ داخلا جو رستو هو. ان لڪ کي
جهلي بيهڻ مان سندن مقصد بادشاهه جو رستو روڪڻ هو
(29)، پر هنن جي همت عين ان وقت صفا ٽٽي پيئي،
جڏهن هو سچ پچ فوج سان مٿن حملو ڪري آيو، اوريتائي
سردار وٽس لنگهي آيا، ۽ پنهنجو ملڪ هن کي پيش ڪرڻ
جي آڇ ڪيائون. ڪُئنٽس جي چوڻ موجب، ”انهيءَ قبيلي
جي حڪومت جمهوري نوعيت جي هئي، جنهن ڪري هنن جي
پيش پوڻ واري فيصلي جي سندن هڪ عوامي مجلس کي
تصديق ڪرڻي هئي (30). سڪندر هنن سان رحمدليءَ سان
پيش آيو ۽ سردارن کي هدايت ڪيائين ته هو پنهنجن
ماڻهن کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪلين، ڇاڪاڻ ته
هاڻي کين ڪنهن به ڳالهه جو ڊپ ڪونه هو. هن
ائپولوفينس کي انهيءَ ملڪ لاءِ پنهنجو وائيسراءِ
مقرر ڪيو ۽ لِيوناٽس کي اتان جي فوجي دستن جي
ڪمانڊر طور اتي ڇڏيو، جيڪي دستا سڀني ارگيانن، جن
۾ ڪجهه تير انداز ۽ گهوڙيسوار هئا، ۽ باقي يوناني
پگهاردار گهوڙي سوارن ۽ پياده سپاهين تي مشتمل
هئا.“ ليوناٽس کي انهيءَ وقت تائين اتي ترسڻو هو،
جيسين بحري آرماڙ اتان مٽي وڃي، ۽ تنهن وچ ۾ هن کي
اتي هڪڙو نئون شهر آباد ڪرڻو هو، جنهن لاءِ
پهريائين ان ملڪ جي نالي پٺيان ”اورا“ جو نالو
تجويز ڪيو ويو هو. ۽ ائين سڀني ڳالهين جو اطمينان
بخش نموني ٺيڪ ٺاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ليوناٽس کي
اتان اڳتي وڌي، بادشاهه جي ڪئمپ ۾ وڃي شامل ٿيڻو
هو (31).
سڪندر هاڻي هيفاسشان ۽ لشڪر جي وڏي حصي کي ساڻ ڪري، گڊروسيا طرف
پيشقدمي ڪئي. اسان کي انهيءَ ويران ملڪ وچان سڪندر
۽ سندس فوج جي تڪليفن سان ڀريل سفر جي قصي کي هتي
بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪرمانيا جي پتورا نالي
هنڌ تي سندن طويل قيام جي دوران هن جي آسپاس وارن
ماتحت صوبن جا ڪيترائي وائسراءِ سندس خدمت ۾ اچي
حاضر ٿيا، ۽ انهيءَ هنڌ ڪرٽيس به، منزلون ڪندو،
اچي مکيه لشڪر سان مليو، هو پاڻ سان هاٿين ۽ ٻيءَ
ماتحت فوج کي سيستان کان لُط نالي ريگستان مان
صحيح سلامت ڪڍي آيو هو. هڪ ايراني امير کي به ساڻ
وٺي آيو، جنهن کي هن بغاوت ڦهلائڻ جي الزام هيٺ
گرفتار ڪيو هو. ڪيترن ئي نون مشرقي صوبن کان خبرون
پڻ آيون، جن مان صاف نظر اچي رهيو هو ته نئين سر
هٿ آيل علائقن ۾ شاهي اقتدار جي صورتحال ڪيتريقدر
نازڪ هئي.سڄو دارومدار شاهي وائيسرائن ۽ ڪمانڊرن
جي شخصي خوبين ۽ خصلتن تي هو، ۽ انهيءَ ۾ هنن مان
ڪيترا ناڪام ثابت ٿيا هئا. انهن مان هڪ ائپولوفينس
هو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڪندر ”دريافت“ ڪري
ورتو ته هن سندس هدايتن تي ڪو ڌيان نه ڏنو هو.
اسان جو اندازو اهو آهي ته ليوناٽس ئي هن تي چغلي
هنئين هوندي. بادشاهه هن کي عهدي تان لاهڻ جو حڪم
ڏنو، ۽ هن جي جاءِ تي هڪٻئي ماڻهوءَ، ٿوئاس، (32)
کي مقرر ڪيو. جيسين نئين انتظام کي ڪنهن عملي صورت
۾ آندو وڃي، تنهن کان اڳيئي اوريتائي لوڪ بغاوت
ڪري اٿي کڙا ٿيا. ليوناٽس موقعي جو مڙس ماڻهو هو،
۽ هن دوبدو جنگ ۾ انهيءَ قبيلي کي وڏيءَ خونريزيءَ
سان شڪست ڏني، ۽ سندس پنهنجي طرف جو بنهه ڪو ٿورو
نقصان ٿيو. البت ائپولوفينس انهن مان هڪ هو، جيڪي
هن جنگ ۾ مارجي ويا (33).
انهيءَ کان پوءِ جلدئي نيارڪس سامونڊي آرماڙ وٺي ڪوڪالا نالي هڪ
بندر تي اچي پهتو، جيڪو اڌ رستي تي هڪ اهڙو شهر
هو، جنهن ۾ سڪندر جي حڪم هيٺ جهازن ۾ تازو کاڌو
پيتو ڀرڻ لاءِ اناج جو ذخيرو ڪيو ويو هو. ملڪ جي
وڳوڙي حالتن سبب نيارڪس انهيءَ ڇانوڻيءَ جي
چوڌاري، جيڪا هن ڪناري تي هنئين هئي، هڪ ديوار
کڻائي ڇڏي. اتي رهي هو پنهنجن ڪمزور ۽ ڌڪيل جهازن
جي مرمت ڪري پئي سگهيو، ۽ ساڳئي وقت هن پنهنجي
لشڪر جي ڪن ماڻهن جي جاءِ تي، جيڪي ڊگهي سامونڊي
سفر جي تڪليفن کان بددل ۽ نراس ٿي چڪا هئا،
ليوناٽس جي فوج مان ڪي ماڻهو بدلائي کنيا. انهيءَ
نئينءَ تنظيم کان پوءِ نيارڪس اولهه طرف ٻيڙو
هاڪاري روانو ٿيو، پر هو جيئن ته سڪندر کان گهڻو
پٺتي رهجي ويو هو، مکيه لشڪر سان وري ڪجهه قدر
رابطو فقط تڏهن قائم ڪري سگهيو، جڏهن اهو ڪرمانيه
۾ خيمه زن هو.
اسين اهو اندازو ڪري سگهون ٿا ته ليوناٽس انهيءَ وقت تائين
اوريتائي لوڪن جي ملڪ ۾ رهيو، جيسين نئون مقرر ٿيل
وائيسراءِ، سِبِرٽيَس (ڇاڪاڻ ته ائپولوفينس جي
جاءِ تي مقرر ڪيل وائيسراءِ، ٿوئاس، مري چڪو هو).
پنهنجي عهدي تي پوريءَ ريت ڄمي ۽ کپي نه ويٺو. ان
کان پوءِ هن جنرل جو وري ”سوسا“ ۾ ذڪر ٻڌجي ٿو،
جتي هو انهن عملدارن مان هڪ هو، جن کي خاص طور
”اورا“ (34) ۾ سرانجام ڏنل سٺين خدمتن جي صلي ۾
سونو تاج پهرايو ويو هو.
انهيءَ کان پوءِ، ٿورن ئي مهينن گذرڻ بعد سڪندر جو موت واقع
ٿيو. هن باري ۾ فقط اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته هو
جيڪڏهن جيئرو رهي ها، ته پنهنجن دوردراز علائقن کي
مستحڪم ڪرڻ ۾ به اهڙي ئي مهارت ۽ قابليت جو مظاهرو
ڪري ها جهڙو هن هڪ فاتح جي حيثيت ۾ ڪيو هو. ٻٽيهن
سالن جي ڄمار ۾، وڌيڪ ڪاميابين حاصل ڪرڻ لاءِ
زندگيءَ جي ڪافي وڏيءَ مدت ڏانهن اميدن ڀرين نظرن
سان ڏسڻ هڪ بلڪل قدرتي امر هو. ڇا، سڪندر ان کان
پوءِ عربستان، آفريڪا يا مغربي يورپ جي ملڪن ڏانهن
وڌيڪ فتحن ڪرڻ لاءِ سامونڊي سفر اختيار ڪري ها،
جيئن سندس قديم دور جي اڪثر سوانح نگارن قياس
آرائي (35) ڪئي آهي، جڏهن ته هن لاءِ هيڏيءَ
ساريءَ محنت ۽ تڪليف سان فتح ڪيل نئينءَ شهنشاهت
جي وڏن وڏن صوبن جي هٿان مرڳو کسجي وڃڻ جو خطرو
موجود هو؟ هو انهيءَ خطري جي حقيقت کان پوريءَ طرح
آگاهه هو، ۽ کيس اها به پوريءَ طرح ڄاڻ هئي ته
حالتون اهڙو رخ اختيار ڪري ٿي سگهيون، جو خطري
واريءَ جاءِ تي سندس شخصي موجودگيءَ کان سواءِ ٻي
ڪا به شيءَ انهن کي روڪي ڪانه ٿي سگهي. پر في
الحال هن جي صحيح جاءِ يا اصلي ڪم سندس فتح ڪيل
علائقن جي عين مرڪز ۽ دل وٽ هو، جتي رهي، هو
اختيار ۽ اقتدار جون سڀ واڳون پنهنجن هٿن ۾
مضبوطيءَ سان جهلي ۽ سنڀالي پئي سگهيو. هن جي
زندگيءَ جي آخري چند مهينن جي دوران سندس پاليسي
هيءَ ٿي معلوم ٿي ته هو پنهنجي نئين رعايا کي تسلي
ڏئي ته سندس دل ۾ هنن لاءِ ڪيڏي نه شفقت
ڀريل هئي ۽ هنن جي سک ڏک جو هن کي ڪيترو نه اونو
هو. ان لاءِ هن پنهنجن انهن صوبائي گورنرن کي
مثالي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. جن جي لاءِ اها شڪايت
ٻڌبي هئي ته اهي رعيت سان ظلم ۽ ڏاڍائي وارو
ورتاءُ ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪيترن ئي گورنرن هن
خيال کان به پنهنجي خود خياليءَ مطابق عمل ڪرڻ
شروع ڪيو هو ته سڪندر پنهنجي طويل مشرقي مهم کان
پوءِ وري ڪڏهن اوڏانهن موٽندو ئي ڪونه. هيڏانهن
سڪندر پاڻ به اهڙين هر قسم جي تهمتن تي يقين ڪرڻ ۽
ننڍن کان ننڍن ڏوهن لاءِ به نهايت سخت سزائن ڏيڻ
ڏانهن مائل هوندو هو. ايرين چوي ٿو ته ”هن جي شاهي
حڪومت هيٺ، اها اجازت ڪانه هئي ته حاڪم محڪومن سان
ناجائز ۽ ناروا سلوڪ اختيار ڪن“ (36). جيتوڻيڪ اها
مشرقي پاڻ- ڏاڍن بادشاهن جي ئي روايتي پاليسي
هوندي آهي، جيڪي پنهنجي رعايا جي وفاداريءَ جو
ڏاڍو خيال رکندا آهن؛ پر اسان کي معلوم آهي ته
سڪندر ارسطوءَ جو ئي هڪ شاگرد هو. هڪ حڪمران جي
حيثيت ۾ هن جا ڪهڙا مقصد ۽ ڪهڙا ارادا هئا، ان جي
ثابت ڪرڻ لاءِ هن کي واقعي وقت گهربل هو، پر ائين
ڪرڻ جي وقت هن کي مهلت ڪانه ڏني.
سڪندر جي هندستان ۾ پاليسي اها هئي ته انهن حڪمرانن کي سندن
علائقن ڻ بحال رکيو وڃي، جن سندس بالادستيءَ کي
تسليم ڪيو هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ کي هن جي اعتماد جي
لائق ثابت ڪيو هو. اهڙين حڪمرانن جي زمري ۾
ٽئڪسلا جو راجا، ۽ پورس اچي ٿي ويا، ۽ سڪندر سچ پچ
ته پورس جي حڪومت هيٺ ايترو علائقو ڏنو هو، جيڪو
پورس جي اصلوڪي علائقي جيترو ئي هو. جتي جتي مخالف
حڪمرانن سان ڪم ٿي پيو يا جيڪي آڻ مڃڻ کان ڪيٻائي
رهيا هئا، ۽ انهن ملڪن ۾، جتي قبائلي يا جمهوري
طرز جون حڪومتون قائم هيون، اتي هن پنهنجن آفيسرن
کي پنهنجو وائيسراءِ مقرر ٿي ڪيو، ۽ انهن جي هٿ
هيٺ باقاعدي فوج جا دستا پڻ ڏيئي ٿي ڇڏيا، ۽ ڪن
ٻين هنڌن تي وري انهن فوجي دستن کان علاوه پنهنجا
وفادار ماڻهو نو آبادڪارن جي صورت ۾ پڻ آباد ڪري
ويهاريا ٿي. اهڙيءَ طرح سڪندر وارو هندستان، جيڪو
ڪجهه ماتحت گورنرن جي صوبن تي، ته ڪجهه وفادار ۽
ڏَن ڀريندڙ رياستن تي مشتمل هو، سو جزوي طور هُن
جي سڌيءَ ۽ ڪجهه قدر اڻسڌيءَ حڪمرانيءَ هيٺ هو.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بادشاهه سڄي ملڪ تي خود
هندستاني راجائن جي معرفت حڪومت هلائڻ کي وڌيڪ
پسند ڪري ها، جيڪو ايراني شهنشاهت طرز حڪومت جو
بنياد رهيو هو. سڪندر جي پاليسيءَ جو هڪ اهڙو مثال
به موجود آهي، جنهن ۾ هو انهن ٻنهي طريقن کي
اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيو هو. جڏهن هُن جو اتر
هندستان يعني اڀرندي ۽ ڏکڻ پنجاب وارو وائيسراءِ،
نالي فليپسَ، يوناني ڀاڙيتو فوجين جي هٿان قتل ٿي
ويو، تڏهن سڪندر ٽئڪسلا جي راجا، ۽ پنهنجي آفيسر،
نالي يوُڊامس، کي حڪم موڪليو ته اهي ٻيئي پاڻ ۾
گڏجي انهيءَ اترئين ماتحت علائقي جي حڪومت
سنڀالين. بظاهر، اهو انتظام نئين وائيسراءِ جي
مقرر ٿيڻ تائين ٿيڻ گهربو هو؛ پر هن باري ۾ يقين
ڪرڻ لاءِ بنياد موجود آهي ته اهو هڪ تجربو هو،
جيڪو ڪامياب ٿيڻ جي حالت ۾ بادشاهه جي ٻين
هندستاني علائقن سان پڻ لاڳو ٿي سگهيو ٿي. عملي
صورت ۾ اهڙي حڪومت ٻِٽي سرشتي واري هجي ها، جنهن ۾
مقدوني فوجي جنرل، مسلح فوجن تي قبضي هئڻ سميت،
”خاص اختيارن“ سان واسطو رکي ها، ۽ ”منتقل ڪيل
اختيار“ مثلاً شهري انتظام جي هلائڻ لاءِ عام قسم
جا اختيار پاسي واريءَ رياست جي ڪنهن راجا جي هٿ ۾
هجن ها، جنهن کي اهو انتظام هڪ حڪمران جي حيثيت ۾
نه، بلڪ هڪ صوبائي گورنر طور، هلائڻو پوي ها.
سڪندر جي مرڻ کان پوءِ شهنشاهت جي ورهاڱي ۽ نئين
سر ڪيل تنظيم ۾، راجا پورس کي اڳي کان به وڌيڪ
وسيع علائقو هلائڻ لاءِ ڏنو ويو ، جنهن ۾ غالباً
سنڌ جو ڪجهه حصو پڻ شامل هو؛ ۽ اها ڳالهه ڌيان
جوڳي آهي ته اهڙي قسم جي نئين سر عمل ۾ آندل تنظيم
لاءِ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته اها ته محض انهن
فيصلن جي هڪ توثيقي صورت هئي، جيڪي خود سڪندر
پنهنجي جيئري پاڻ ڪيا هئا (38).
نوٽ
(1) ايرين، ايناباسسز،
III
، 8.
(2) ايرين، سامهون حوالو
IV؛
22
V:
8.
(3) ڪيو- ڪَرٽيئس روفس، ”هسٽري آف الگيزينڊر دي گريٽ“
VII،
13؛ ايرين
V-
29-19.
(4) ايرين
V،
26.
(5) ايرين
V،
29.
(6) ايرين
V،
8؛
VI-
1.
(7) ڊيئوڊورس سائڪيولس، ”ببليوٿيڪا هسٽوريڪا“، ڪتاب
XVII،
98.
(8) ايرين
VI
14.
(9) اسٽرابو،
XV
601.
(10) ونسينٽ سمٿ، ”سڪندر اعظم طرفان فتح ڪيل پنجاب جي خود
مختيار قبيلن جي حيثيت“، آڪٽوبر 1903ع واري جي.
آر. اي. ايس.
(11) (ايرين
VI
، 15) هيءَ ڳالهه اعتبار لائق آهي ته اها ”شاهي
دارالحڪومت“ انهيءَ ”شاهي قلعي“ سان واسطو رکندي
هجي جيڪو اوپيئائي لوڪن جي ملڪ ۾ هو، جنهن جو
هيڪاتائيس ذڪر ڪيو آهي (ٽڪرو نمبر 175، بحواله
”ڪئمبرج جي هسٽري آف انڊيا“، جلد
I
صفحو 336، نوٽ). ”سوگدي“، جن کي ڊيئوڊورس
”سودرائي“ سڏي ٿو، گهڻو ڪري سنسڪرت ادب وارا سؤ
وير لوڪ آهن (ڊيئوڊورس
XVII،
102) ڏسو ٽلرن، ”دي گريڪس ان انڊيا ائنڊ بئڪٽريا“،
ص 171.
(12) ڊيئوڊورس
XVII،
104؛ ڪرٽيئس،
IX،
8.
(13) ايرين،
VI،
16.
(14) ايرين جي لفظن جو مطلب (هتي ڪجهه يوناني لفظ آهن)- -”پوءِ
هو سامبس جي مقابلي لاءِ پٺتي موٽيو“ (چينوڪ) جي
بدران ”پوءِ هو (جواب ۾) سامبس جي مقابلي لاءِ
وڌيو“ (مئڪ ڪرنڊل) ٿي سگهي ٿو. حوالو ڪرٽيئس
IX،
8.
(15) اسٽرابو
XV،
(i)،
34.
(16) ايرين،
VI،
16؛ ڪرٽيئس،
IX،
8.
(17) سامبس جي خلاف ڪيل ڪاررواين لاءِ ڪرٽيئس جي بيان جي ڀيٽ ۾
ايرين جو بيان وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي.
(18) پلوٽارج مطابق، سڪندر انهن برهمڻن مان هڪ کان پڇيو ته هنن
وٽ سباس (اصل ۾ ائين آهي) کي بغاوت تي آماده ڪرڻ
جو ڪهڙو سبب هو؟ جواب مليس: ”ڇاڪاڻ ته مون چاهيو
ٿي ته يا ته هو عزت سان رهي، يا مري وڃي، جيئن هڪ
ڪانئر جو حشر ٿيڻ کپي.“ پلو ٽارچ جون ”زندگيون“
ترجمو: جي ائنڊ ڊبليو. لينگ هارن، ايڊيشن 1875ع؛
جلد
II،
ص 751.
(19) ڪيو- ڪرٽيئس چوي ٿو ته ميوسيڪانس کي، جنهن کي هو ميوسيڪاني
قبيلي جو سردار سڏي ٿو، صليب تي چاڙهيو ويو هو.
ڪرٽيئس
IX،
8.
(20) پلو ٽارچ، بلمقابل حوالو ڏنل ص 751.
(21) ايرين
VI،
17.
(22) ڪرٽيئس
IX،
8.
(23) اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته اهي جهاز اُهي هئا، جيڪي
سنڌوءَ کان هائداسپس ڏانهن نيندي، کوليا ويا هئا،
۽ پوءِ اتي پهچي وري جوڙيا ويا هئا،ا يرين
V،
8-12.
(24) ايرين
VI،
15. ڪرٽيئس سفر جي انهيءَ حصي جو ڏاڍو تفصيلوار
بيان ڏنو آهي. ڪرٽيئس،
X
1-9.
(25) ايرين،
VI،
20.
(26) نيارڪس جي مطابق (ايرين انڊيڪا،
XXII،
10) اَربيسي هندستاني قومن مان انتهائي اولاهين
علائقي جا رهاڪو هئا.
(27) هولڊچ ۽ ڪننگهام، ڪُئنٽس جي ڪَرٽيئس انهيءَ بيان کي کنيو
آهي ته لشڪر پاتل کان آربيسي درياهه تائين نو
منزلون ڪيون، ۽ انهيءَ مان مفاصلي جي امڪاني ڪاٿي
ڪندي، هو انهيءَ نديءَ کي ”پورالي“ سان شناخت ڪن
ٿا. سر اي- اسٽين ايرين جي بيان کي انهيءَ علائقي
جي سرزمين سان ڀيٽي فيصله ڪن طريقي سان ڏيکاري
ٿوته آربيسي ندي حب ندي هئي—جيئن گهڻو اڳي هينري
ڪائپرٽ طرفان ثابت ڪيو ويو هو.
ڪرٽيئس،
IX،
10؛ سر ٽي- هولڊچ، ”دي گيٽس آف انڊيا“، مئڪملن
1910، ص 149؛ اسٽين، ”جاگرافيڪل جرنل“
CII،
نومبر- ڊسمبر 1943 ص 193 تي؛ ڪائپرٽ، ”ائٽلس
ائنٽيڪس“، خاڪو،
II
۾.
(28) اسٽين، لوڪ حوالو ڏنل.
(29) اسٽين ڏيکاري ٿو ته اهو جهائو لڪُ هوندو، جيڪو ڪولوا
علائقي ڏانهن ويندڙ پيچرو آهي.
(30) لائبر هڪ پاپوليس، ڪنسيليو هئبيٽو ڊائڊيٽ سي“ ڪيو- ڪرٽيئس
IX،
10، 3.
(31) سر ڊبليو- ٽارن چوي ٿو ته سڪندر لڪ جي منهن وٽان اوريتائي
لوڪن جي ملڪ ڏانهن واپس وريو ته جيئن انهن انتظامن
جي نگراني ڪري سگهي. اها ڳالهه ايرين جي مسودي ۾
صاف ناهي، پر بظاهر ائين ممڪن آهي. جيئن هو
هيفاسشن لاءِ ترسيو ته جيئن هن جي گڊروسي لوڪن جي
ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ هو انهن ماڻهن سميت وٽن
پهچي سگهي، جيڪي پٺتي رهجي ويا هئا؛ ان مان ان
اسان کي اهو اندازو ڪرڻ گهرجي ته شايد انهيءَ
عملدار کي شهر جي امڪاني سرزمين کان سٺ ميل اندر
سمنڊ جي ساحل تي آرماڙ لاءِ انتظامن ڪرڻ واسطي
موڪليو ويو هو. ايرين،
VI،
3-22. سي ايف، سر ڊبليو. ٽارن، ”اليگزينڊر دي
گريٽ“، جلد
II،
صفحو 251، نوٽ 6؛ پڻ ص 252.
(32) شايد اهو آفيسر، جنهن کي هن سامونڊي ڪناري جي جائزي وٺڻ
لاءِ موڪليو هو، جنهن جو ذڪر ايرين ڪيو آهي، (VI-
23).
(33) ايرين، انڊيڪا، باب
XXIII.
(34) سبرٽيس کي گڊروسي لوڪن جي مٿان گورنر مقرر ڪيو ويو هو.
ايرين
VI
، 27؛
VII 5.
(35) ايرين،
VII.
i
؛ ڪرٽيئس
X،
3؛ ڊيئوڊورس
XVIII.
4. پلوٽارچ بلمقابل حوالي ڏنل ڪتاب جا صفحا 3-
952.
(36) ايرين،
VII, 27 ,VI،
4.
(37) شايد اهي علائقا هندستان واري هخامنشي شهنشاهت جي علائقن ۾
شامل ئي نه هئا؛ هڪ نئين فتح ڪيل علائقي طور، جنهن
۾ ڪيئي قومون آباد هيون، مقدوني آفيسر کي
وائيسراءِ طور مقرر ڪرڻ قدرتي امر هو.
(38) ڊيئوڊورس
XVIII،
203؛ ڪيو- ڪرٽيئس،
X
4010: ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، جلد 1، صفحا 9-
427. |