(6)
سنڌ،
موريه گهراڻي وارن ۽ بئڪٽريا وارن يونانين جي
زماني ۾
سڪندر جي واپس ويندڙ فوج جي گهوڙن جي سنبن جي اٿاريل دز اڃا
ويٺي ئي مس هئي، ته پاتل ۾ بغاوت جا آثار ظاهر ٿيڻ
لڳا (1). نيارڪس کي مجبور ٿي، بحري آرماڙ سان گڏ
پنهنجي روانگي تڙ تڪڙ ۾ ڪرڻي پيئي، ڇاڪاڻ ته هيڏي
ڊگهي سامونڊي سفر جي دوران، اڻڄاتل سمنڊن مان
آرماڙ کي سلامتيءَ سان منزل مقصود تائين پهچائڻ جي
ذميداري اڳيئي ڪافي ڳري هئي، جو هو ان جي مٿان وري
ان سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ دشمن سان بيهي
مقابلي ڪرڻ جو جوکم به سر تي کڻي ها. بدانتظاميءَ
۽ فساد کي دٻائڻ جي ذميداري انهيءَ علائقي جي
وائيسراءِ پيٿان جي ڪلهن تي هئي، جيڪو اڳيئي
ميوسيڪانس جي خلاف مهم جي دوران پنهنجي ڪامياب
قيادت کي مڃائي، ۽ پنهنجي لياقت ثابت ڪري چڪو هو.
هن موقعي تي هن ڪهڙو قدم کنيو، تنهن جو بيان ڪٿي
به نه ٿو ملي. پر مقدونين جي غير ملڪي اقتدار جي
ظاهري فوجي قوت کي ان وقت زبردست ڌڪ لڳو، جڏهن
سندن ڏکڻ- اوڀر پنجاب واري ساٿي گورنر، فليپس، کي
خود سندس يوناني فوجن قتل ڪري ڇڏيو. اهو ڪم دراصل
يونانين ۽ مقدونين جي درميان حسد جي جذبي جو نتيجو
هو. اسان کي اهو به معلوم آهي ته نون شهرن ۾ آباد
ڪيل يوناني آباد ڪار ۽ ڪجهه فوجي، جيڪي اتي ڇڏيا
ويا هئا، سي پنهنجي وطن ۽ گهرن کان دور رهجي وڃڻ
ڪري ناراض هئا ۽ وطن وڃڻ لاءِ آتا هئا (2). اسين
مٿي معلوم ڪري چڪا آهيون ته سڪندر پنهنجي اترئين
صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ ٽئڪسلا جي راجا ۽
يوناني گورنر نالي يوڊامس کي حڪم موڪليو هو ته اهي
گڏجي اتان جو انتظام سنڀالين. مقدوني پرڏيهي
آبادڪار ۽ فوجي سپاهي ٿريشيا رياست جي رهاڪو
يوناني آفيسر کي وري به پنهنجو آفيسر تسليم ڪري
پئي سگهيا، پر ان سان گڏ هڪ هندستاني حڪمران جي
اختيار ۾ ساڳئي وقت تي ڪيل اضافي کي هنن پنهنجين
دلين ۾ پنهنجي مستقبل جي سلامتيءَ لاءِ ضرور هڪ
برو اهڃاڻ شمار ڪيو هوندو.
هندستان ۾ شهنشاهي طاقت، جنهن کي اڳيئي اهڙيءَ طرح وڏو ڌڪ لڳي
چڪو هو، ان ۾ سڪندر جي موت جي خبر اچڻ سان زلزلو
اچي ويو ۽ اها اتي جو اتي پرزا پرزا ٿيڻ لڳي. شخصي
وفاداريءَ جي مشترڪه رسين جي اهڙيءَ طرح سان ٽٽي
پوڻ جي نتيجي ۾ شهري گورنرن ۽ فوجي جنرلن جي دلين
۾ ذاتي آرزوئن ۽ خواهشن کي پنهنجي راهه وٺڻ جي
آزادي ملي ويئي. سال 323 ق-م ۾ سڪندر جي جنرلن
طرفان شهنشاهت جو بابل ۾ جيڪو ورهاڱو ڪيو ويو،
تنهن ۾ هندستاني صوبن جي ورڇ ۾ ڪابه تبديلي نه
آندي ويئي. سنڌ تي پيٿان جي حڪمراني جاري رهي. پر
ٻن سالن کان پوءِ تِري پاراد يِسَس وٽ جيڪا ٻيهر
ورڇ ڪئي ويئي، تنهن ۾ پيٿان کي هندستان جي الهندي
سرحد واري علائقي تي رکيو ويو، ۽ باقي سڄو علائقو،
جنهن ۾ گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ جو هيٺانهون حصو به
شامل هو، ٻئي وڏي علائقي سميت، راجا پورس جي تحويل
۾ ڏنو ويو (3).
حڪومت جي اهڙيءَ بنيادي تنظيمي تبديلي جي اهميت کي هزگز ڪوئي
نظر انداز نٿي ڪري سگهيو. هن کان پوءِ ميداني
علائقي ۾، جتي پوريءَ طور منظم ٿيل راڄ ۽ قبيلا
آباد هئا، سڌو سنئون فوجي راڄ ناقابل عمل هو.
انهن صوبن کي آئينده لاءِ سلطنت ۾ شامل ڪري رکڻ جي
هڪ ئي اميد قابل عمل هئي ۽ اها هيءَ هئي ته
هندستاني لوڪن ۾ نئين اڀرندڙ بيداريءَ کي کليل
نموني ۾ تسليم ڪيو وڃي ۽ ان جي ظاهر ظهور همت
افزائي ڪئي وڃي.ٽئڪسلا جو راجا ۽ راجا پورس پنهنجي
پنهنجي علائقن ۾، جن جو ڪجهه حصو کين پرڏيهي ماڻهن
طرفان مليل تحفو هو، مڪمل خود مختياري ماڻي پئي
سگهيا، ۽ فقط ائنٽي پيٽر جي تحت قائم ٿيل شاهي
مجلس جي براءِ نام بالادستي تسليم ڪرڻ جي معمولي
قيمت تي هو ڪنهن به موقعي تي انهن کان هٿيارن ۽
فوجن جي صورت ۾ امداد يا مشورو گهري پئي سگهيا.
شايد ٽئڪسلا جي بادشاهه جو مفاد انهيءَ ۾ هو ته
انهن شرطن تي سندس اهڙو تعلق مقدوني اقتدار سان
قائم رهندو اچي. گنڌارا، بهرحال ٽئڪسلا جي راجا
کان کسي پيٿان جي حوالي ڪيو ويو.
پر راجا پورس جا سنڌو ماٿريءَ جي اڀرندي وارا نوان علائقا،
انهيءَ هندستان سان لاڳو هئا، جنهن ۾ سڪندر اڃا
داخل ئي ڪونه ٿيو هو، ۽ اها ئي سرزمين هئي، جتان
يقيني طور، مغرب وارن جي تسلط کان نجات جي ابتدا
ٿيڻي هئي.
چندر گپت موريه گنگا نديءَ تي قائم ٿيل مگڌ بادشاهيءَ جي نند
راجا جو جنرل هو، ۽ هن پنهنجي آقا جي خلاف بغاوت
جو جهنڊو بلند ڪيو هو. سندس اها ڪوشش ناڪام ثابت
ٿي، انهيءَ هنڌ، معلوم ٿئي ٿو ته هن جي ملاقات
سڪندر سان ٿي، جنهن هن کان علاوه پورس ۽ فيگيلاس
کان پڻ اڀرندي پاسي وارن ملڪن بابت معلومات حاصل
ڪئي. هن کي ٻڌايو ويو ته ان پاسي جي پراسائي ۽
گانگردائي علائقن جو حاڪم هڪ بيڪار غاصب هو، جنهن
پنهنجي حقي اصلوڪي حڪمران کي، ان جي بداخلاق
راڻيءَ جي مرضيءَ سان، قتل ڪري، هُن جي تخت تي
قبضو ڪيو هو. راجا چيو ته اهڙي غاصب کي آسانيءَ
سان شڪست ڏيئي سگهبي، جو سندس رعيت هن کان متنفر
هئي (4). ٿي سگهي ٿو ته سڪندر بياس نديءَ جي ڪپ تي
لڳايل پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجي لشڪر کان گنگا
نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي مهم بابت جيڪو دل کي
خوش ڪندڙ بيان ڏنو هو، سو راجا جي ٻڌايل هنن
ڳالهين کان متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هجي.
ڀانئجي ٿو ته چندرگپت، ڪجهه سالن کان پوءِ، گهڻو ڪري پورس سان
ايڪو ڪري، نند راجا کي شڪست ڏيئي، هن جي بادشاهيءَ
تي قبضو ڪري ويهي رهيو هو. ”مُدرا زڪشاسا“ نالي هڪ
ڊرامي ۾ ان ڳالهه جو جيڪو بيان ڪيل آهي، تنهن موجب
چندرگپت کي هشُي ڏيندڙ، چانڪيه، هن جي مکيه
اتحاديءَ، پرواتڪا، کي قتل ڪيو هو، جيڪو پنجاب جي نيم پهاڙي
علائقي جو حڪمران هو (5). گمان غالب آهي ته اهو
پرواتڪا خود پورس هو؛ پر يوناني بيان ۾ چيو ويو
آهي ته پورس کي يُوڊامَس دغا ڪري قتل ڪيو هو، جنهن
کي سڪندر، پورس سان گڏ، ڏکڻ پنجاب جو وائيسراءِ
مقرر ڪيو هو. يُوڊامسَ جو نالو، بهرحال شهنشاهت جي
بابل واريءَ نئين تنظيم توڙي بعد ۾ تري پاراد
يِسَسِ واري ورهاڱي وقت ڪٿي به ڪنهن بيان ۾ نظر نه
ٿو اچي، پر ائين پيو نظر اچي ته هو به اتر هندستان
۾ متعين ڪيل قابض فوج جو ڪمانڊر رهندو آيو. سال
321 ق- م تائين، پيٿان ڏاکڻي علائقي جو حاڪم
۽ اتان جو پاڻ فوجي اعليٰ ڪمانڊر رهندو آيو (6).
پر تري پاراد يِسَسِ واريءَ نئين تنظيم هيٺ، هن کي
گنڌارا جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو شهر جيئن
ته فِليپَس جي صوبي جو هڪ حصو ٿي رهيو هو، ان ڪري
اهو عارضي طور ٽئڪسلا واري راجا جي ماتحت رکيو ويو
هو، جيڪو پنهنجي اصلوڪيءَ بادشاهيءَ تي برقرار
رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته مگڌ جي خلاف مهم ۾ پورس ۽
چندرگپت سان گڏ يوڊيمَس پڻ حصو ورتو هجي، ۽ شايد
نند کي جزوي طور يورپي لوڪن جي هٿان شڪست ملي هجي،
جن ڀاڙيتو فوجين جي حيثيت ۾ حملي ۾شرڪت ڪئي هجي.
جيڪڏهن ائين هو، ته پوءِ جيڪي واقعا بعد ۾ پيش
آيا، سي شايد مال غنيمت جي ورڇ تي اختلافن جو
نتيجو هئا. يوڊيمس جي هٿان، جيئن مٿي ذڪر ڪيو
ويوآهي، پورس قتل ٿي ويو؛ ان کان پوءِ سندس جنگي
هاٿين تي قبضو ڪري، جيڪي به فوجون هٿ ڪري سگهيو،
انهن کي ساڻ کڻي، يوڊيمس انهيءَ جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ
لاءِ اڳتي وڌيو، جيڪا ”اڀرندي وارن صوبن“ جا ماتحت
حڪمران گڏجي، پنهنجي ساٿيءَ، ميديا جي حاڪم، خلاف
وڙهي رهيا هئا، جنهن شهنشاهت جي مرڪزي نظام کان
بغاوت ڪري، پنهنجي خود مختاريءَ جي دعوا ڪئي هئي.
يوڊيمس، جنگ جي ميدان ڏانهن ويندي، پيٿان جي صوبي
گنڌارا مان لنگهيو، ۽ هو ٻيئي ضرور هڪٻئي سان گڏيا
هوندا. ان کان جلد ئي پوءِ پيٿان به ايران ۾ هلندڙ
جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ پنهنجي رياست جي حڪمرانيءَ جون
واڳون ڦٽيون ڪري، هليو ويو. هن جي پٺيان ڪي به
سندس جانشين مقرر نه ڪيا ويا، هندستان ۾شهنشاهت جي
هنن حالتن کي ڏسندي، هيءُ اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته مقدونين لاءِ اتي وڌيڪ وقت پنهنجي اقتدار کي
قائم رکڻ ناممڪن نه، ته بيحد ڏکيو ضرور نظر آيو
هوندو. هو اڃا سلطنت جي جانشينيءَ جي مسئلي کي ئي
حل ڪري نه سگهيا هئا، ۽ ان مسئلي تي پنهنجين خانه
جنگين ۾ ئي پورا هئا. يوناني ۽ مقدوني نو آبادڪارن
منجهان ڪي وري به اتر اولهه هندستان خصوصاً
نيڪائيه ۽ بيوسيفَلا نالي شهرن ۾، ان وقت رهيا پيا
هئا، جڏهن چندرگپت قدم وڌائي، پنهنجا اختيار سنڌو
ماٿريءَ تائين قائم ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته انهن
هن جو ڪجهه مقابلو ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه
تحرير ۾ آيل آهي ته انهن جا ڪيترا عملدار چندرگپت
جي هٿان مارجي ويا هئا (7).
اهو معلوم ناهي ته سنڌ چندرگپت جي هٿ هيٺ ڪڏهن آئي. هن صوبي جو
وڏو حصو پورس کي منتقل ڪري ڏنو ويو هو. جڏهن پيٿان
کي گنڌارا تي قابض بنايو ويو هو، اها ڳالهه عين
ممڪن معلوم ٿئي ٿي ته پورس جي مرڻ تي چندرگپت هڪ
اهڙي صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي،
جيڪو پرڏيهي فاتحن طرفان سندس حليف ۽ ساٿي جي
حوالي ٿيل هو. ائين، حالتن جي سازگار هئڻ سبب، ۽
مغرب جي مداخلت کان سواءِ، هن کي پنهنجي اقتدار ۽
طاقت کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيئي سال ملي
ويا، ۽ جڏهن انهيءَ طرف کان نيٺ مداخلت جو خطرو
پيدا ٿيو. تڏهن هو ان کي منهن ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار
هو. سال 305 ق- م ڌاري، نڪيٽور سيليوڪس، پاڻ کي
بابل ۾ مستحڪم ۽ اعليٰ طاقت جي مالڪ بنائڻ ۽
هندستاني سرحد تائين واقع ملڪن تي قبضي ڪرڻ کان
پوءِ، سڪندر واريءَ هندستان جي فتح کي تازي ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. چندر گپت انهيءَ ڪاهه کي منهن ڏيڻ لاءِ
هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو. سيليوڪس سنڌوندي پار ڪئي، پر
اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪا وڏي جنگ لڳي. ممڪن آهي
ته هندستاني راجا جنگ ڪرڻ لاءِ سهوليت واري هنڌ تي
قبضو ڪري ورتو هجي، جنهن سيليوڪس کي مفيد شرطن جي
آڌار تي اتحاد جي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو؛ اهو پڻ
امڪان آهي ته عين انهيءَ موقعي تي هن کي شام کان
امداد لاءِ سڏ ٿيو هجي، جنهن کيس پنهنجين فوجن کي
فوراً (8) جنگ جي ميدان کان علحده ڪرڻ لاءِ آماده
ڪيو هجي. سيليوڪس سڪندر جي سلطنت جي وڃايل ڪنهن
علائقي تي ٻيهر قبضي ڪرڻ جي بدران، چندرگپت کي
گنڌارا ۽ آرڪوسيا ۽ گيڊروسيا جي مغربي حصن جي مٿان
بالادستيءَ جا حق سپرد ڪري هليو ويو. اهو سرحدي
علائقو جلال آباد کان ڪوئيٽا، قلات ۽ عربي سمنڊ
(9) ڏانهن پورالي نديءَ کان ڪڍيل سرحد تائين پکڙيل
هو. ممڪن آهي ته انهيءَ علائقي ۾اڳي ئي هندستاني
داخل ٿي چڪا هئا، ۽ عملي لحاظ کان اهو سندن قبضي ۾
هو، جنهن ڪري ٻنهي شهنشاهتن جي سرحد اڳي ئي ائين
واضح ٿي چڪي هئي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ سرحدي صورتحال
۾ ٻي ڪا ڦيرگهير آيل نه ٿي معلوم ٿئي، ۽ ٻنهي
ملڪن جي درميان ڪيترن نسلن تائين تعلقات خوشگوار
رهيا. سيليوڪس کي سندس طرفان ڏنل علائقي جي بدلي ۾
پنج سو جنگي هاٿي مليا، ۽ صلح جي ٺاهه ۾ ٻنهي شاهي
گهراڻن ۾ دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ سان گڏ مائٽاڻا
لاڳاپا پڻ استوار ڪيا ويا.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ لس ٻيلي کي عهد نامي جي ذريعي ايران جي
شهنشاهت کان جدا ڪري، هندستان جي شهنشاهت ۾ شامل
ڪيو ويو. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهي ٻيئي
مگڌ بادشاهيءَ جون ڏن ڀريندڙ ماتحت رياستون بڻجي
ويون؛ ۽ سندن حڪمران اتان جا مقامي ماڻهو هئا ۽
اندروني انتظام انهن جي پنهنجي هٿ ۾ رهندو آيو،
جيتوڻيڪ اهو به امڪان آهي ته چندر گپت پنهنجي
طرفان انهن ايراضين تي پنهنجا شاهي وائسراءِ به
مقرر ڪيا هجن. اسين اهو به اندازو ڪري سگهون ٿا ته
سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارا هي علائقا ۽ ٻيون
اهڙيون ايراضيون هن جي پوٽي اَشوڪ جي هٿ ۾ گپتا
شهنشاهت جون ”سرحدي رياستون“ هيون.
بهرحال هيءَ ڳالهه غيرامڪاني آهي ته ٻڌ مذهب کي انهن ملڪن ۾ ان
شاهي مبلغ جي زماني کان اڳي جو اثر ۽ رسوخ حاصل
ٿيو هوندو. جيتوڻيڪ اسان کي ائين نه سمجهڻ گهرجي
ته سنڌ ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ ڪنهن ”اشوڪا ٽوپ“ جي
موجودگيءَ متعلق هوئان چوانگ جي ڏنل ڪنهن حوالي جو
مطلب هروڀرو اهو آهي ته انهيءَ ”اسٽوپا“ جو بنياد
(10) ان شاهي مبلغ پنهنجي هٿ سان ئي وڌو هو، پر
ايتري حقيقت تسليم ٿيل آهي ته اهڙن ٺُهلن تعمير
ڪرڻ جي پهرين تحريڪ ان جي طرفان ئي ٿي هئي.
هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ کي به ٻُڌ جي انهن يادگارن مان حصو
مليو، جيڪي شهنشاهه اشوڪ پنهنجي سڄيءَ سلطنت ۾
ورڇي ڇڏيا هئا؛ ۽ هوئان چوانگ اها روايت به تحرير
۾ آندي آهي ته اشوڪ طرفان مختلف صوبن ڏانهن جيڪي
تبليغي جماعتون روانيون ڪيون ويون هيون، تن جو
مکيه انتظام سنڀاليندڙ، اُپ گپت، سنڌ ۾ ڪافي ڊگهي
مُدت گذاري هئي، جنهن جي دوران هو اتان جي ماڻهن
کي ”قانون جي سمجهاڻي ڏيندو رهيو، سندن عقيدو
مضبوط ڪندو رهيو ۽ سندن رهنمائي ڪندو رهيو.“ ۽
پنهنجي تبليغ جي سلسلي ۾ هن جتي به وڃي قيام ڪيو،
اتي هن مڙهيون ۽ ٺُلهه تعمير ڪرايا. اندازو لڳايو
ويو آهي ته هن صوبي تي اشوڪ جو اتر الهندي علائقي
وارو وائيسراءِ حڪومت ڪندو هو، جنهن جي گاديءَ جو
هنڌ ٽئڪسلا ۾ هو.
موريا خاندان جي سلطنت اشوڪ جي مرڻ کان پوءِ ڊهڻ لڳي، هن کان
پوءِ سندس گهراڻي ۾ وارثن جون ٻه شاخون وجود
۾آيون، جن مان هڪ اتر الهندي واري علائقي ۾ ۽ ٻي
مگڌ ۾ هئي. تاريخي شهادتن مطابق، هن جي جائنشينن
مان گهڻن جو ن عمريون مختصر ٿيون، جيڪا ڳالهه
بذات خود ڪنهن گهراڻي جي ڪمزوريءَ ۽ ضعف جي علامت
آهي.
اشوڪ کان ٽيهارو سال ۽ سيليوڪس نيڪٽور جي مهم کان پوري هڪ صدي
پوءِ، آئنٽيوڪس اعظم مختصر عرصي لاءِ ڪابل جي
ماٿريءَ ۾ اچي نڪتو. هن مقامي بادشاهه کي آڻ
مڃرائي، جنهن جو نالو
”سوفا گاسينس“ يا سوڀا ڳاسينهه هو، ۽ جيڪو موريا
گهراڻي سان وابسته معلوم ٿئي ٿو؛ هن انهيءَ
بادشاهه کان رسد جو سامان ۽ ڪجهه جنگي هاٿي حاصل
ڪيا، جن کي ساڻ وٺي، هو هڪدم مغرب موٽيو ۽
هندستاني حڪمران کان مٿس مڙهيل جنگي تاوان وصول
ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٺيان پنهنجو هڪ نمائندو ڇڏي ويو.
(11).
ٻي صدي قبل مسيح واري دور ۾، هندستان جي اتر-الهندي واري علائقي
جا ڪجهه حصا بئڪٽريا جي يوناني شهزادن جي قبضي ۾
اچي ويا. هنن جي فتوحات جي ثابتي ڪمزور آهي، جيڪا
قديم زماني جي ليکڪن جي تحريرن، ڪجهه سنسڪرت جي
ذريعن ۽ انهن جي سڪن جي هڪ هنڌان مليل ذخيرن يا
علائقي جي مختلف ڀاڱن مان لڌل سڪن جي ڇڙوڇڙ مثالن
تي مشتمل آهي.
جيستائين سنڌ جو واسطو آهي، ته ان جي انهن يوناني شهزادن جي
فتوحات ۽ قبضي جي سڄي شهادت آرٽيميٽا واري
ائپولوڊورس جي هڪ هن بيان تائين محدود آهي، جنهن
جو اسٽرابو حوالو ڏنو آهي، ته جيڪي يوناني سيليوڪس
جي گهراڻي جا بئڪٽريا ۾ جانشين ٿيا، تن ”نه فقط
پاتلين تي، پر ان سان گڏ ڪناري واري ٻئي سڄي
علائقي تي پڻ قبضو ڪيو، جنهن کي سارائوسٽس ۽
سِگارڊَس جي بادشاهي سڏيو ويندو هو.“ ڊيمِيٽرس ۽
مينئنڊر، جيڪي يَوٿيڊيمس جا پٽ هئا، تن ئي،
آئپولوڊورس جي قول مطابق، اهي ۽ ٻيون فتوحات حاصل
ڪيون هيون، ۽ انهن فتوحات ۾ هنن ايڏين قومن کي
پنهنجو ماتحت بنايو، جيترين کي خود سڪندر به
پنهنجيءَ ڪاهه ۾ مات نه ڪري سگهيو هو (12).
”پيريپلس آف دي ايريٿرين سي“ جي ليکڪ، انهن واقعن کان ٻن صدين
کان به وڌيڪ عرصو پوءِ، پنهنجي ڪتاب ۾ لکندي، ٻين
ڳالهين کان علاوه اهو به ذڪر ڪيو آهي ته مينئنڊر ۽
هڪ ٻئي مشهور يوناني شهزادي، ائپولوڊوٽس جا سڪا
انهيءَ دور ۾ بيري گازا (بڙوچ) ۾ اڃا تائين هلي
چلي رهيا هئا (13).
سر ڊبليو- ٽارن پنهنجي ڪتاب ”دي گريڪس ان بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“ ۾
بئڪٽريا جي يونانين طرفان سنڌ تي ڪيل قبضي جي
ڳالهه کي هڪ حقيقت طور تسليم ڪندي، هيءَ راءِ پيش
ڪئي آهي ته سنڌ جي فتح يوٿيڊيمس جي پٽ ڊيميٽريس،
اتر- الهندي هندستان تي قبضي ڪرڻ دوران حاصل ڪئي
هئي، ۽ اها هڪ نهايت وڏي پيماني تي رٿيل سڄي
هندستان تي قبضي ڪرڻ جي مهم جو هڪ حصو هئي. اهو
موقعو ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن سال 184 ق.م ڌاري
موريا گهراڻي جي سلطنت جو نيٺ وڃي خاتمو ٿيو، ۽
مگڌ جي تخت تي سَنگهه قبيلي جي هڪ غاصب قبضو ڪيو.
ٽارن جو نظريو هي آهي ته ڊيميٽريس، سيليوڪس گهراڻي
جي شاهي خاندان جي هڪ عورت جي نسل مان پيدا ٿيو، ۽
امڪان آهي ته موريا گهراڻي جي پوين بادشاهن جي نسن
۾ اهو رت انهيءَ شهزاديءَ جي ذريعي پهتو، جنهن
لاءِ اندازو آهي ته انهيءَ جي ٻانهن چندرگپت جي
پٽ بندوسَر کي سيليوڪس نڪيٽور سان طئي ٿيل عهدنامي
جي پوئواريءَ ۾ ڏني ويئي هئي. اهڙي ڏاڏاڻي رشتي
ڊيميٽريس کي شايد موريا گهراڻي وارن جي بادشاهيءَ
۾ شامل سابق پرڳڻن کي هن اميد تي واپس حاصل ڪرڻ
لاءِ آماده ڪيو هوندو ته کيس هڪ پرڏيهي حمله آور
جي بدران هڪ جائز وارث جي حيثيت ۾ شايد قبول ڪيو
ويندو. ٽارن هي دليل به پيش ڪري ٿو ته هو ٻڌ ڌرم
وارن جي غالب اڪثريت وارن پرڳڻن جي ماڻهن جي راءِ
کي، سَنگهه قبيلي جي راجا پُشيامتر جي هٿان، جنهن
مگڌ (14) جي تحت تي غاصبانه قبضو ڄمايو هو، برهمڻي
ظلم ۽ زيادتيءَ جي شڪار بنجڻ جو خوف ڏيئي، پنهنجي
حق ۾ ڦيرائڻ جي اميد پڻ ڪري پئي سگهيو.
ٽارن جي نظريي مطابق، ڊيميٽريس گنڌارا ۾ پير پختاڪرڻ کان پوءِ
ٻه طرفي پيشقدمي شروع ڪئي؛ هو پاڻ پنهنجي هڪ هم
قوم نالي ائپولوڊوٽس کي پنهنجي هٿ هيٺ نائب سپه
سالار مقرر ڪري، ساڻس گڏجي سنڌونديءَ جي وهڪري سان
ڏاکڻي علائقي طرف وڌيو، ۽ ٻئي طرف هن هڪ ٻيو لشڪر
مينيئينڊر (الف-14) نالي هڪ سپه سالار جي اڳواڻيءَ
۾، جيڪو شاهي گهراڻي جو ماڻهو نه هو، مگڌ تي حملي
ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
اسان کي سنڌ جي انهيءَ دور وارين حالتن بابت ڪابه خبر ڪانهي؛
بهرحال، هيءَ ڳالهه تقريباً ناممڪن ٿي لڳي ته
سَنگهه قبيلي وارا انهي ملڪ ۾ ايترو جلد ڪو پنهنجو
اثر قائم ڪري سگهيا هوندا. انهيءَ ڪري اسين سواءِ
ڪنهن شڪ شبهي جي اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته
انهيءَ وقت سنڌ تي ڪن مقامي راجائن جي حڪمراني
قائم هئي، جيڪي گهڻو ڪري ٻڌ ڌرم جا عقيدتمند هئا.
سنڌ ملڪ جا انهيءَ دور وارا مکيه لوڪ سؤ وير- سنڌو
هئا، جيڪي آهستي آهستي سنڌوماٿريءَ وچان هيٺ لهندا
آيا هئا ۽ ان وقت دريائي ڪيٽيءَ ۽ ان جي اڀرندي
طرف واري علائقي ۾ گهڻي قدر وڃي گڏ ٿيا هئا، ۽
انهن جي اتر طرف اڀير لوڪ رهيل هئا. پوئين نالي
واري انهيءَ قبيلي لاءِ خيال آهي ته سڪندر جي وفات
کان هڪدم پوءِ پيدا ٿيل افراتفريءَ واري زماني ۾
الهندي طرف کان هندستان ۾ داخل ٿيو هو. ٽارن
پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته اهڙيءَ طرح،
ڊيميٽريس جي پيشقدميءَ کيس سڀ کان اڳ ۾ هڪ اهڙيءَ
قوم جي آڏو آندو، جنهن جو يونانين سان اڳيئي
هندستاني سرحد کان ٻاهر ڪنهن علائقي ۾ رابطو قائم
ٿي چڪو هو، جنهن ڪري ان ساڻس هروڀرو ڪو غيردوستانه
رويو اختيار نه ڪيو هوندو (15).
سر ڊبليو- ٽارن، سنڌو نديءَ جي هيٺئين حصي واري ملڪ تي ٿيل
انهيءَ ڪاهه واري پنهنجي نظريي جي حمايت ۾ جنهن
واقعي جو حوالو پيش ڪيو آهي، سو آهي مهاڀارت ۾ ذڪر
ڪيل سؤوير ملڪ ۾ واقع دَتامتر نالي هڪ شهر، ۽ ان
سان گڏوگڏ يَوانه ڌپه نالي جو حوالو، جنهن جو
ترجمو ٿيندو ”يوناني حڪمران.“ ان کان علاوه، ناسِڪ
جي هڪ غار ۾ پٿر تي اڪريل ڪتبي ۾ يَوانه علائقي جي
ماڻهن طرفان پيش ڪيل مذهبي سوکڙين پاکڙين جو جيڪو
ذڪر ڪيل آهي، تنهن ۾ پڻ اتر طرف تامِتي نالي هڪ
شهر جو ذڪر ٿيل آهي.
انهن ڳالهين مان ٽارن اهو اندازو ڪري ٿو ته هڪ جاءِ جي انهن
ٻنهي نالن جو اشارو فاتح ڊيميٽريس طرفان آباد ڪيل
شهر ”سنڌ ۾ واقع ڊيميٽر ياس“ ڏانهن آهي، ۽ اهو
گهڻو ڪري پاتل جي سر زمين تي قائم ٿيل هو- يعني
ٿوري ۾ کڻي چئجي ته اهو شهر سڪندر اعظم جي ٺهرايل
دريائي- بند جي نئين سر جوڙايل صورت هو (16).
ٽارن جي نظريي مطابق، ڊيميٽريس اهڙيءَ طرح سنڌ جي حالات کي درست
ڪرڻ کان پوءِ، بئڪٽريا ڏانهن واپس هليو ويو، ۽
پنهنجي وڌيڪ رٿائن جي مڪمل ڪرڻ جو ڪم پنهنجي نائب
سپهه سالار ائپولوڊوٽس جي حوالي ڪري ويو جيڪو
ڊيميٽريس جي نالي ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي قبضي ڪرڻ
لاءِ اوڏانهن ڪاهي ويو. مشهور جاگرافيدان، ٽالمي،
انهن علائقن ۾ هڪ ٻئي شهر نالي ٿيئوفلا جو سراغ
ڳولي ڪڍي ٿو، ۽ ان لاءِ ٽارن اندازو ڏيکاريو آهي
ته اُهو شهر آئپولوڊوٽس طرفان آباد ڪيو ويو هوندو،
۽ ان تي ڊيميٽريس جي راڻيءَ يا ماءُ جي نالي کي
عزت خاطر اهو نالو رکيو ويو هوندو. ”پير يپلس“
۾آندل هن ذڪر مان ته ائپولوڊوٽس ۽ مينئنڊر جا سڪا
سال 50 قبل مسيح ۾ انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ جي سفر
دوران بيري گازا ۾ هلي رهيا هئا، ٽارن اهو نتيجو
ڪڍي ٿو ته اهو شهر- بڙوچ- پڻ ائپولوڊوٽس جي حڪومت
ماتحت اچي چڪو هو. هو اها راءِ ڏئي ٿو ته اهو
ساڳيو شهزادو ان کان پوءِ گجرات کان اتر طرف اجين
ڏانهن وڌيو ۽ هن اهو قدم، گنگا جي ماٿريءَ ڏانهن
ڊيميٽريس طرفان رواني ڪيل ٻيءَ مهم جي اڳواڻ،
مينئنڊر،سان وڃي ملڻ ۽ ان کان پوءِ گڏجي چندرگپت
جي پراڻيءَ شهنشاهت کي پوريءَ طرح فتح ڪرڻ جي ڪم
مڪمل ڪرڻ جي رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ کنيو هو. پر
سمجهيو وڃي ٿو ته انهيءَ رٿا کي جلد ئي ترڪ ڪيو
ويو، ۽ خيال آهي ته ائپولوڊوٽس، سنڌ ۽ ٻين ڏاکڻن
صوبن جو انتظام پنهنجن فوجي وائيسرائن جي هٿن ۾
ڏيئي، آخر ۾ ٽڪسيلا ڏانهن موٽي ويو (17).
ڊاڪٽر اي- ڪي- نارائڻ پنهنجي هڪ تازي ڪتاب ”دي انڊو- گريڪس“ ۾
انهيءَ سڄيءَ شهادت جي مڪمل جاچنا ڪئي آهي، جنهن
تي سر وليم ٽارن سنڌو ماٿريءَ جي ڏاکڻي علائقي ۽
آسپاس وارن صوبن جي بئڪٽرين يونانين جي هٿان فتح
ٿيڻ واري سڄي نظريي جو بنياد رکيو آهي، ۽ هو--گهٽ
۾ گهٽ هن مصنف جي راءِ ۾ پوري اطمينان بخش طريقي
سان--ثابت ڪري ٿو ته انهيءَ جو سڄو دارومدار اڃا
به اِسٽرابو جي طرفان ڏنل حوالي واري ائپولوڊورس
جي اختياريءَ تي آهي، جيڪو ”پارٿيڪا“ جو مصنف هو؛
ڊاڪٽر نارائڻ اهو به ثابت ڪيو آهي ته اِسٽرابو خود
ائپولوڊورس جي ڪن خاص بيانن کي ناقابل اعتماد
سمجهندو هو (18).
هو مزيد پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪري ٿو ته مهاڀارت واري سؤ وير ملڪ
جي دَتامتر نالي واري شهر کي يوناني حڪمران
ڊيميٽريس سان ڳنڍڻ لاءِ ڪو معقول سبب ڪونهي؛ اهو
ته يوناني حڪمران (يوانه ڌپه) جو، جنهن جو انهيءَ
تحرير ۾ حوالو ڏنل آهي، نالو به ڪونه هو، بلڪ اهو
سؤوير لوڪن جي بادشاهه سُمترا جو هڪ خطاب هو. وري،
ناسڪ واري ڪتبي ۾ ذڪر ڪيل شهر، دَتامتيءَ لاءِ چيو
ويو آهي ته اهو اتر طرف واقع هو، حالانڪ سنڌ
(سؤوير) هميشه کان قديم هندستان جي مغربي حصي ۾
واقع سمجهي ويئي آهي. ٻئي طرف، جيتريقدر ٽالميءَ
واري شهر،
ٿيئوفلا، جو واسطو آهي، ته ان لاءِ اهڙي ڪا به
شهادت موجود ڪانهي ته ڊيميٽريس جي زال يا ماءُ جو
ڪو اهڙو نالو هو، ۽ اها ڳالهه به، ته انهيءَ فرضي
فتح کان ڪي ٻه صديون پوءِ واري دور ۾ بڙوچ ۾
ائپولوڊوٽس جا سڪا ڪاروباري ڏي وٺ ۾ هلي رهيا هئا،
هن ڳالهه جي ثابتي ناهي ته ائپولوڊوٽس ڪنهن وقت
اتي بادشاهي ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه جي اهميت گهڻو
ڪري اها ٿي سگهي ته انهن سڪن کي وڏي قدر جي نگاهه
سان ڏٺو ويندو هو—جهڙيءَ طرح آسٽريا جي ارڙهين
صديءَ واريءَ راڻي ميريا ٿِريسا جي سڪن کي ويهين
صديءَ جي آئبيسينيا ۾اڄ به قدر جي نگاهه سان ڏٺو
وڃي ٿو ته- ۽ انهن سڪن جو هڪ واپاري شهر ۾ تجارتي
سرگرمين ۽ ڏي وٺ جي دوران اچي پهچڻ بلڪل امڪاني
امر آهي. ان کان سواءِ نارائڻ ٻڌائي ٿو ته
ائپولوڊوٽس جي سڪن جا مهاراشٽر ۽ اُجين (19) جي
سُڪه قبيلي جي نائب حڪمرانن طرفان نقل- ويندي انهن
تي اڪريل يوناني لفظن تائين—ڪرايا ويا هئا.
ٻئي طرف، ڊيميٽريس، ائپولوڊوٽس يا بئڪٽريا جي ٻئي ڪنهن به
يوناني حڪمران جا ڪي به سڪا سنڌ يا گجرات ۾ نه لڌا
ويا آهن. اهي سڪا جنهن انتهائي ڏاکڻي علائقي ۾ لڌا
ويا آهن، سو پنجاب جي ديري غازي خان ضلعي ۾ واقع
آمر ڪوٽ آهي. جيئن ته انهن هندي- يوناني حڪمرانن
جي موجودگيءَ ۽ وجود متعلق سڪن جي شهادت کان سواءِ
اسان وٽ ٻي ڪا خاص ثابتي ڪانهي، انهيءَ ڪري ائين
پيو معلوم ٿئي ته انهن جي بادشاهين جي پکيڙ جي
اندازن جو سڄو دارومدار انهن جي سڪن جي ذخيرن ملڻ
وارن هنڌن تي رکيو ويو هوندو. سنڌ ۽ گجرات جي
سمورن علائقن مان جيئن ته اهڙا سڪا ڪٿي به دستياب
نه ٿيا آهن، ان ڪري انهن شين جي عدم موجودگي
جيتوڻيڪ پنهنجي ليکي قطعي ۽ فيصله ڪن ثابتي ڪانهي،
ائپولوڊورس جي انهن بيانن ۾ شڪ ظاهر ڪرڻ جو سٺو
سبب مهيا ڪري ٿي ته انهن ملڪن کي بئڪٽريا وارن
يونانين ڪو سچ پچ فتح ڪيو به هو (20).
نارائڻ هيءُ به دليل ڏئي ٿو ته جسٽن طرفان جنهن ڊيميٽريس جو
”هندستانين جي بادشاهه“ طور ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽
جنهن بئڪٽريا ۾ يوڪريٽائيڊس سان جنگ ڪئي هئي (۽
جنهن کي، انهيءَ ڪري ٽارن واري سنڌ جي فاتح طور
شناخت ڪرڻ گهرجي)، سو يوٿيڊيمس جو پٽ ڊيميٽريس نه،
بلڪ وڌيڪ امڪاني طور ائنٽي ماڪس پهرئين جو پٽ هو،
۽ اهڙيءَ طرح هو هڪ ٻئي شاهي گهراڻي جو فرد هو،
جنهن انهيءَ زماني کان ويهه سال پوءِ حڪومت ڪئي
هئي. نارائڻ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته مينئنڊر
انهيءَ ٻئي ڊيميٽريس جو پٽ هو، جنهن شايد گنڌارا
جي هڪ حصي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي لاءِ
هندستانين جي بادشاهه جو خطاب اختيار ڪيو هو،-- هن
جو سڪو ئي سڀني کان وڌيڪ پراڻو سڪو هو، جنهن تي هڪ
ئي وقت کروشتي ۽ يوناني ٻولين ۾ لفظ اڪريل هئا-- ۽
ائپولوڊوٽس مينئنڊر جو ننڍو پٽ هو.
مينئنڊر جي حڪومت ۽ فتوحات جي وسعت بابت هنن ٻين سڀني ڳالهين
کان وڌيڪ سٺي ثابتي موجود آهي. هن جي سڪن جي ڪافي
ذخيرن جي دستياب ٿيڻ جي آڌار تي، ائين پيو معلوم
ٿئي ته پاروپاميسادائي (ڪابل ماٿري) ۽ گنڌارا هن
جي بادشاهيءَ ۾ شامل هئا، جيڪي هن جي پيشروئن فتح
ڪيا هئا؛ انهن فتوحات ۾اتر اڀرندو آرڪوسيا کان
ويندي سنڌونديءَ تائين، هزارا ۽ سوات ماٿريءَ جا
پٽ شامل هئا. معلوم ٿئي ٿو ته آخري نالي واري
علائقي تي هن جي پاران هڪ هندستاني راجا،
وڪرمامتر، حڪومت هلائيندو هو (22).
اتر هندستان جي ”وچينءَ بادشاهيءَ“ تي مينئنڊر جي ڪاهه جو
هندستان جي گهڻن ئي همعصر ليکڪن ذڪر ڪيو آهي.
”يُگه پُران“ مطابق يونانين، پنڪلا ۽ مَٿورا جي
حاڪمن سان گڏجي، انهيءَ ڪاهه ۾ حصو ورتو هو؛ هنن
پاتلي پُتر تائين پيشقدمي ڪئي ۽ ان کي ناس ڪيو، پر
پوءِ هو پاڻ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ڇتيءَ
جنگ کان پوءِ ”يوناني ”مڌيه ديس“ ۾ رهي نه سگهيا“.
پتنجلي پنهنجي ڪتاب ”مهاڀاسيه“ ۾ جيڪو انهن واقعن
کان ڪو گهڻو پوءِ نه لکيو ويو هو، اتفاقي طور
گرامر جي مثالن ۾ اهڙين ٻن جاين جو ذڪر ڪري ٿو، جن
تي يونانين پنهنجي مهم جي دوران گهيرو ڪيو هو.
ڪاليداس چوي ٿو ته انهن کي پُشيامتر جي پوٽي
انهيءَ وقت شڪست ڏني، جڏهن هو پاڻ اڃا راج سنگهاسن
تي براجمان هو (23).
نارائڻ هن ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته مينئندر جا سڪا راوي
درياه جي اڀرندي واري علائقي ۾ عام طور تي دستياب
ڪين ٿيا آهن، جيتوڻيڪ هن جا ۽ ڪن ٻين يوناني
حڪمرانن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سڪا گنگا نديءَ جي
ماٿريءَ ۾ به ڏٺا ويا آهن. انهن سڪن جي موجودگيءَ
مان سندن پيسن جي مقبوليت، ۽ نه انهن جي بادشاهيءَ
جي سرحدن جي وسعت، جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٽارن
فقط هڪ سڪي جي لڀي پوڻ جي زور تي اهو اندازو ڪري
ورتو ته مَٿورا مينئنڊر جي بادشاهيءَ جو هڪ حصو
هو، پر نارائڻ کي پَنڪلا، تريگارتا ۽ راجنيا نالن
وارن قبيلن جي سڪن ۾، جيڪي انهيءَ پسگردائيءَ وارن
علائقن تي قابض هئا- اهڙا سڪا، جن تي ڪوبه يوناني
اثر نظر نه ٿو اچي- انهن قبيلن جي طاقتور ۽ خود
مختيار هئڻ جي يقين ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڀروسي جهڙا بلڪ
خاطريءَ وارا بنياد ملن ٿا (24).
ٽارن پڻ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته مينئنڊر شايد پنهنجي بادشاهي
يوڪريٽائيڊس جي گوشه نشيني اختيار ڪرڻ ۽ قتل ٿيڻ
کان پوءِ، جنهن بئڪٽريا تي قبضو ڪيو هو ۽ جيڪو
پوءِ گنڌارا تي به ڪاهي آيو هو، شايد سنڌ تائين
وڌائي آيو هجي. پر اها سڄي ڳالهه هڪ اندازي کان
وڌيڪ نظر نٿي اچي.
اهڙيءَ طرح اسين هن نتيجي ڪڍڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته انهيءَ
صديءَ دوران، جڏهن بئڪٽريائي يونانين جو گنڌارا ۾
هندستان جي سرزمين تي قدم ڄميل هو، سنڌ گهڻو ڪري
انهن جي اثرائتي قبضي هيٺ ڪانه آيل هئي.
ائپولوڊورس جي بيانن جو، جيڪڏهن اهي بلڪل بي بنياد
ناهن، واسطو شايد ڪنهن عارضي ڪاهه يا اهڙي حملي
سان هجي، جهڙو مينئنڊر بظاهرڪن هندستاني اتحادين
سان پاتلي پتر جي خلاف ڪيو هو، اها مهم ٻڌ ڌرم جي
معتقدن جي هڪ علائقي مان هڪ برهمڻ غاصب جي خلاف سر
ڪئي ويئي هئي. پر سنڌ ۾، موريا گهراڻي جي سلطنت جي
زوال سبب، اتان جي حڪومت جي خلاف ڪو وڏو انقلاب يا
ٻڌ عقيدي جي خلاف ڪو رد عمل رونما ڪونه ٿيو هوندو؛
پر فقط سابق گورنرن طرفان، جيڪي گهڻو ڪري سؤوير
قبيلي جا سردار هئا، پنهنجي لاءِ آزاديءَ ۽ خود
مختياريءَ جي رتبي حاصل ڪرڻ جون ڪي ڪوششون ضرور
عمل ۾ آيون هونديون.
نوٽ
(1) اسٽرابو،
XV.
5.2.
(2) ايرين،
V.
27. ڪوئينسَ ڏانهن منسوب ڪيل تقرير ۾ شايد فوجين
طرفان اختيار ڪيل رويي جو صحيح بيان ٿيل آهي.
(3) سر ڊبليو، ٽارن، ”اليگزينڊر دي گريٽ“، جلد
II،
ص 3-312، نوٽ-- 6. ڊيئوڊورس،
XVIII،
39،
V-A.
سمٿ هن راءِ جو هو ته سنڌو ماٿريءَ جو علائقو پورس
جي حصي ۾اچڻ بدران، ٽئڪسلا جي بادشاهه جي حصي ۾
آيو هوندو. ”اَرلي هسٽري آف انڊيا“ – ٻيو ڇاپو، ص
108- نوٽ.
(4) پلو ٽارچ ”لائيوز“، ترجمو لينگ هارن، 1875ع جو ڇاپو، ص
750. ڪرٽيئس،
IX.
2؛ ڊيئوڊورس،
XCIII.
(5)”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج
I،
صفحا 2-1 47.
(6)ڊيئوڊورس،
XIX،
8014. سي.ايف. ٽارن، ”اليگزينڊر“،
II، ص 310.
(7) جسٽن، ”هسٽوريئو فلپيڪائي“
XV-
4.
(8) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، صفحا 2- 431.
(9) ٽارن ”دي گريڪس اِن بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“، ص 100 ۽ نوٽ 4.
(10) مثال طور سن- ٽو، اي- تيئن، پي-او- چيهه-لُو، ۽ پي- تو-
شيهه- لُو ۾، بحواله ٽي- واٽرس، ”آن يوئان چوانگ“،
ح
II،
ص 252، 258، سي. ايف. ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“،
I،
ص 501.
(11) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“،
I،
صفحا 442، 412.
(12) اسٽرابو.
XI،
1011.
(13) ”پيريپلس آف دي ايري ٿريئين سي“، 47.
(14) ڊبليو. ٽارن، ”دي گريڪس ان بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“، ص 152، ۽
نوٽ- 3، ص 174، نوٽ- 3، صفحا 7- 175.
(A-14) ٽارن، حوالو ڏنل ڪتاب صفحا 2- 141.
(15) ٽارن، حوالو ڏنل ڪتاب جا صفحا 2- 171.
(16) ٽارن ص 142، پتنجلي جي ”مهاڀاسيه“ ۽ ڪرماديشور جي ”وياڪڻه“
۾ سؤوير ديش ۾ دتامتري نالي هڪ شهر جو ذڪر آيل آهي
(ڊي.آر. ڀنڊارڪر، ”انڊين اَئنٽي ڪُئري“ ۾ 1911).
(17) ٽارن، صفحا 5- 162.
(18) اي. ڪي. نارائڻ، ”دي انڊو- گريڪس“ (او. يو. پي. 1957ع) ص
35.
(19) نارائڻ، حوالو ڏنل ڪتاب، صفحا 42- 39، 67.
(20) نارائڻ، صفحا 92، 125.
(21) نارائڻ، صفحا 122، 181.
(22) نارائڻ، ص 78.
(23) نارائڻ جي راءِ موجب، هن باري ۾ ڪو ٿوروئي شڪ ٿي سگهي ٿو،
ته انهيءَ مهم جي قيادت مينئنڊر ڪئي هئي، جنهن
سڀني يوناني بادشاهن ۾ اڪيلي سر هندستان ۾ هڪ عظيم
فاتح جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو ڇڏيو. مسٽر
امريندراناٿ لهريءَ جو اهو نظريو ته اها ڪاهه
ڊيميٽريس انهيءَ وقت ڪئي هئي، جڏهن سال 184 ق.م. ۾
ڪمزور بادشاهه برهادرٿ موريا اڃا پاتلي پتر جي تخت
تي موجود هو، ٻين ڳالهين کان علاوه، ڪاليداس جي
شهادت کي رد ڪري ٿو؛ ڇو ته اهو خيال پيش نه ڪيو
ويو آهي ته اها ”فتح“ هڪ ڪامياب مختصر چڙهائيءَ
کان وڌيڪ هئي. (”انڊين هسٽاريڪل ڪوارٽرلي“XXXIII
نمبر 1 مارچ 1957ع، ص 40. سي. ايف. نارائڻ، صفحا
3- 82).
(24) نارائڻ، صفحا 88، 91. |