(3)
سنڌ جي قديم روايتي تاريخ
موهن جي دڙي جي زوال ۽ سنڌو رياست جي تباهيءَ کان پوءِ هڪ اهڙو
اونداهو دؤر آيو، جنهن بابت اسان کي ذري گهٽ ڪا
معلومات ڪانهي. سنڌو لوڪن جي ادارن، انهن شهرن جي
تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ، جن جي مٿان انهن جو
سڄو آڌار رهندو آيو هو، گهڻي حد تائين ڌڪ نه جهليو
هوندو، ۽ انهن ماڻهن جي ثقافت جو فقط هڪ ئي عنصر،
جيڪو بعد واري زماني تائين به باقي رهندو آيو،
انهن جو مذهب هو- سو به انهن رسمن ۽ رواجن جي صورت
۾، جيڪي خود ”سنڌو تهذيب“ جي اڀرڻ کان اڳ سنڌو
ماٿريءَ ۾ مروج هيون.
هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته سنڌ ڪافي عرصي تائين انهن وحشي
لوڪن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي، جن ان تي سڀ کان اول
مغرب کان حملو ڪيو هو، ۽ ويدن وارا آريا لوڪ، جڏهن
نيٺ وڃي هن ملڪ سان لاڳاپو قائم ڪري سگهيا، سي هتي
اهو اثر قائم نه ڪري سگهيا، جنهن جي زور تي انهن
اتر هندستان جي باقي ٻئي حصي ۾ پنهنجا قدم ڄمايا
هئا.
سنڌ جي باري ۾ روايتون سنسڪرت، فارسي ۽ پالي ٻولين جي ادب ۾
موجود ملن ٿيون، ۽ اهي هن ملڪ جي تاريخ جي پهرئين
پهرئين پڪي تاريخ کان اڳ واري دؤر جي سياسي حالت
جي هڪ جهلڪ ڏيکارين ٿيون. ممڪن آهي ته انهيءَ
روايتي مواد مان ڪجهه حصي جو تعلق بعد جي زماني
سان هجي، پر انهيءَ نڪتي کي طئي ڪرڻ لاءِ تفصيلن
جي ايتري ته اڻاٺ آهي، جو هن منزل تي انهيءَ موضوع
تي رڳو مجموعي طور تي بحث ڪرڻ بهتر ٿيندو.
سڀ کان اڳ ۾ اسان کي هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته سنڌ بابت
مهاڀارت ۾ ڇا چيل آهي. ڪورون ۽ پانڊون جي عظيم جنگ
کي قديم دؤر جي هڪ تاريخي واقعي جي حيثيت ۾ تسليم
ڪرڻ گهرجي، حالانڪ ان جو داستان ڪيترين ئي ڏند
ڪٿائن ۽ فرضي ڪهاڻين سان گڏجي سڏجي اسان تائين
پهتو آهي ۽ ان کي گهڻو پوءِ جي زماني جي نظرين ۽
خيالن سان ٺهڪائڻ لاءِ منجهس ڪيترن ئي تفصيلن جو
اضافو ڪيو ويو آهي. جيئن ڏاڍي صحيح نموني سان چيو
ويو آهي، ”هندستان جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ رهندڙ ڪيترين ئي
پري پري جي رهندڙ قومن ۽ اتر اولهه جي بعد وارن
حمله آور ماڻهن، بلڪل ساڳئي نموني ۾ مهاڀارت جي
تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ ڪانه ڪا شانائتي جڳهه پيدا
ڪري ورتي آهي، جهڙيءَ طرح مغربي يورپ جا شاهي
گهراڻا پنهنجو اصل ۽ نسل هروڀرو به يونان جي ٽراءِ
وارن بانڪن بهادرن سان وڃي ملائيندا هئا (1)“.
اسين اهائي ڳالهه هلندڙ دؤر ۾ بلوچن جي ذهن تي ڇانيل قبائلي،
فخر جي جذبي ۾ ڏسي سگهون ٿا. انهيءَ نسل وارن جو
عقيدو آهي ته قبائلي وڏائيءَ ۽ خاندانيءَ جو ثبوت
سندن هڪ روايتي نظم ۾ بيان ڪيل قبيلن جي نالن جي
فهرست ۾ موجود آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ گهڻو به ڪونهي ۽
جنهن جو نالو ”دپترِ شعر“ آهي. ڪوبه بلوچ انهيءَ
نظم کي پڙهندي يقيني طور پنهنجي قبيلي جو نالو ان
۾ ڪٿي نه ڪٿي ڳنڍي ڇڏيندو، ۽ ائين ڪندي، هو پراڻي
زماني کان وٺي ان ۾ شامل ٿيل ڪنهن قبيلي جي نالي
کي ان مان ڇڏي ڏيڻ ۾ به ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندو.
هاڻي، جئدرٿ، جيڪو سنڌو ۽ سؤ وير لوڪن جو بادشاهه هو، سو
مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ ۾ ڪورون جي طرف کان اهم
ڪردار ادا ڪري ٿو، ۽ ساڪَ ۽ يَوان لوڪ، جيڪي اتر
الهندي کان تازو آيل حمله آور هئا، ۽ هندستان جي
انتهائي ڏاکڻين علائقي جا قبيلا به ساڻن ئي گڏ صف
آرا هئا. ٻئي ڪنهن داخلي ثبوت نه هئڻ جي صورت ۾،
اسين بخوبي اهو اندازو ڪري سگهون ٿا ته ”سنڌو
سؤوير“ نالو پڻ ڪافي پوءِ واري زماني ۾ ان لڙائيءَ
۾شامل ٿيل قومن ۽ قبيلن جي اصلوڪيءَ فهرست ۾ شامل
ڪيو ويو هو، جهڙيءَ طرح ان ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن
جا نالا به شامل ڪيا ويا هوندا. پر جئدرٿ ۽ سندس
قبيلا ڪورون جي پاسي جنگ ۾ صف آرا ٿيل فوجي دستن
مان رڳو هڪ دستو ڪين هئا. اهي انهيءَ داستان جي
شروعاتي واقعن ۾- يعني پانڊون جي زال دروپديءَ جي
اغوا جي سلسلي ۾- نهايت نمايان ۽ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿا. اهو واقعو هڪ طرح سان هن داستان جي مکيه موضوع
جو مهاڳ آهي، ۽ اهو ان داستان جي انهي اصلوڪن
تاريخي واقعن مان هڪ نظر اچي ٿو، جن جي ياد نه رڳو
قائم رکي ويئي آهي بلڪ اڄ سوڌو اهي ملهائبا اچن
ٿا. ايڏيءَ وڏي اهميت وارو اهو واقعو، جيڪو سنڌ جي
بادشاهه لاءِ ڪنهن خاص عزت جو باعث به نه هو،
جيڪڏهن پوءِ ڪنهن دور ۾ ان مهان نظم ۾ داخل ڪيل
هجي ها، ته ان کي اهڙي هر طرح جي ۽ هر طرفي
مقبوليت ڪانه ملي سگهي ها. انهيءَ طرح جي ڪا ڪوڙي
ڳالهه گهڙڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ رڳو کترين جي ذات ۾
ڪنهن قبيلي کي داخل ڪرڻ لاءِ ان کي لڙائيءَ جي
ميدان ۾ بيٺل قبيلن جي قطار ۾ شامل ڪري ڇڏڻ ٻي
ڳالهه آهي- فقط انهيءَ لاءِ ته اهو قبيلو مهاڀاري
جنگ ۾ پاڻ کي ائين خواهمخواهه شامل ڪيل ڏسي، پاڻ
تي فخر ڪري سگهي.
اهو داستان مختصر لفظن ۾ هن طرح آهي. سنڌو لوڪن جي بادشاهه
جئدرٿ، جنهن کي سؤوير راجا پڻ سڏيو ويو آهي،
دروپديءَ کي سندس سؤمبر (ڪٽيا؟) ۾ ڏسي ورتو، ۽ بعد
۾ جڏهن پانڊو شڪار ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويا هئا،
تڏهن هو موقعو وٺي، دروپديءَ کي اڪيلو ڏسي، سندس
جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ کيس کڻي ويو. پانڊون هن کي
اڌ رستي ۾ وڃي جهليو ۽ اتي جيڪا لڙائي لڳي، تنهن ۾
جئدرٿ هارايو، ۽ اتان ڀڄي ويو، پر پوءِ هو پڪڙجي
پيو، جنهن کان پوءِ هن جي فقط هن شرط تي جان بخشي
ڪئي ويئي، جڏهن هن پاڻ کي سڀني جي سامهون ذليل ڪيو
۽ کلئي عام جيئدان گهريائين. جڏهن مهاڀاري جنگ
شروع ٿي، تڏهن هو پنهنجي جهنڊي هيٺان جمع ڪيل فوج
جي وڏي تعداد سان دُريو ڌن سان وڃي مليو، جنهن
جهنڊي جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو ٺهيل جهنگلي سوئر
جو بت هن جي پنهنجي قبيلي يا فوج جي نشان طور بيٺل
هو.
جئدرٿ ۽ دروپديءَ جي وچ ۾ ٿيل گفتگوءَ ۾ ڪيئي دلچسپ نڪتا موجود
آهن. جئدرٿ پاڻ سان گڏ تِري گرٿ ۽ ڪُلندا جي
راجائن کي ساڻ وٺي، دروپديءَ وٽ اچي ٿو، ۽ انهن
کان سواءِ هن سان ٻارهن سؤ وير شهزادا ساڻ آهن، جي
هن جا جهنڊا کڻي هن سان گڏ اچن ٿا. جئه درٿ انهن
جو دروپديءَ سان تعارف ڪرائي ٿو. هوءَ پڇي ٿي،
”ڇا، تون سئويه، سيوي، سنڌو ۽ ٻين خوشحال ملڪن تي،
جن کي تو پنهنجي محڪوميءَ ۾ آندو آهي، مکيه حڪمران
جي حيثيت ۾، انصاف سان راڄ ڪرين ٿو؟ (2)“ جڏهن هو
دروپديءَ کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
تڏهن هوءَ کيس پانڊون جي انتقام کان ڊيڄاري ٿي، پر
هن تي ڪو اثر نه ٿوٿئي. ”تون اسان کي هاڻي انهن
ڌمڪين سان ڊيڄاري نه ٿي سگهين. اسين پڻ، او ڪرشنا!
(درو پديءَ جو ٻيو نالو) پيدائشي طور اعليٰ ذات
وارن سترهن قبيلن مان آهيون، ۽ اسين پڻ ڇهن شاهي
خوبين سان نوازيل آهيون. انهيءَ ڪري اسين پانڊون
کي پاڻ نيچ سمجهي، کانئن نفرت ڪريون ٿا.“ سيوي،
سؤوير ۽ سنڌو قبيلن جي بهادرن کي جئدرٿ جي فوج ۾
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، انهيءَ لڙائي ۾ وڙهندي بيان
ڪيو ويو آهي، جيڪا انهيءَ مهل ڇڙي، جڏهن پانڊون
هنن کي اچي رستي ۾ جهليو، ۽ هن لاءِ چيو ويو آهي
ته هن جي رٿ جي چوڌاري ”پنج سؤ جابلو بهادرن“ جو
محافظ دستو موجود هو.
اهڙيءَ طرح اسين جئدرٿ کي هڪ اهڙي طاقتور بادشاهه طور ڏسون ٿا،
جنهن فتوحات جي ذريعي پنهنجي علائقي کي وڌايو هو.
هن جو پنهنجي لاءِ آرين جي اعليٰ ترين ذات جي شاهي
گهراڻي جي اصل نسل جي دعويٰ ڪرڻ جو مقصد شايد اهو
هو، جو هن دروپديءَ جي دماغ مان اهو خيال ڪڍڻ پئي
چاهيو ته سنڌو ماٿريءَ جي هيٺئين علائقي جو راجا،
جيڪو ڪُروکيشتر کان ايڏي پراهين علائقي جو حڪمران
هو، سو ضرور ڪنهن نيچ قوم جو ماڻهو هوندو. مهاڀارت
۾ هڪ ٻئي هنڌ ذڪر آهي ته نَڪول پانڊُو کي اڳ ۾ سبي
۽ تري گرٿ قبيلن کي (جيڪي دروپدي هرنا- پارو ۾ جئه
درٿ جا ساٿي نظر اچن ٿا) فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو
هو، ۽ هن ”سڄو الهندو علائقو فتح ڪري ڇڏيو هو جيڪو
سڄو مليڇن
]اڻ
آرين (3)
[
سان ڀريو پيو هو. بؤڌيان جي ڌرم سوتر جي مطابق،
سؤويرن جي ملڪ کي آرين جي اصلي بادشاهيءَ جي حدن
کان ٻاهر، ناپاڪ علائقو سمجهيو ويندو هو: جيڪي
آريا اوڏانهن ويندا هئا، تن کي واپس (4) اچڻ تي
پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي هئي. هتي هن ڳالهه
جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو ته هي سبي لوڪ پوري معقول
نموني ۾ سڪندر جي زماني وارا ”سبوئي“ سمجهي سگهجن
ٿا، ۽ ممڪن آهي ته اهو نالو رگ ويد جي ”شِواس“ مان
نڪتل هجي. وري تري گرٿ قبيلن جو ذڪر پاڻڻيءَ به
ڪيو آهي، جيڪو چوٿين صدي قبل مسيح واري زماني ۾ ٿي
گذريو آهي.
مطلب ته هن خيال ڪرڻ لاءِ معقول دليل موجود آهي ته جئدرٿ متعلق
اسان کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو ويو آهي، سو سنڌ جي گم
ٿيل تاريخ جي هڪ قديم ورق جو ڪافي حد تائين سچو
بيان آهي. ساڳئي نظم ۾ اسان کي هڪٻئي هنڌ تي ان جي
تاريخ جي هڪ بعد واري ورق جي مختصر جهلڪ اتي
ڏيکاري ويئي آهي، جتي پيو ويو آهي ته سؤوير لوڪن
تي هڪ يوناني حڪمران ”يَوان ڌِپ“ حڪومت ڪري رهيو
آهي، جنهن کي جفاڪش پانڊو پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ ۾
ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا. اهو حوالو ضرور انهن
اِنڊو-بَئڪٽرين شهزادن مان هڪ ڏانهن آهي، جيڪي سنه
200 ق-م ۽ 50 ق-م جي درمياني عرصي ۾ سنڌو ماٿريءَ
۾ اچي نڪتا هئا.
جئدرٿ سنڌ جو بادشاهه ڪيئن بڻيو، تنهن جو بيان اسان کي سنڌ جي
روايتي تاريخ ۾ ملي ٿو، جنهن کي ”مجمع التواريخ“ ۾
محفوظ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنسڪرت جي قصي
جو جيڪو نقل ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ اهڙن ڪيترن ئي
واقعن جو حوالو ڏنو ويو آهي، جن جو مهاڀارت ۾ ذڪر
آهي، ۽ اهي واقعا روايت جي اصلوڪي سرچشمي مان اخذ
ٿيل سمجهي سگهجن ٿا. ٻڌايو ويو آهي ته جت ۽ ميد
لوڪن جي سردارن اهو ويچار ڪري ته اهي هڪٻئي جي
پاسي ۾ صلح سانت سان فقط انهيءَ صورت ۾ رهي
سگهندا، جڏهن اهي ڪنهن وڌيڪ طاقتور ۽ اعليٰ
اختياريءَ جي ماتحت ٿيندا، پنهنجي طرفان راجا
داجوشن (دريوڌن) ولد ڌرت (ڌرتراشتر) ڏانهن هڪ وفد
موڪلي ڏنو ته اهو هن کي چوي ته هو سندن مٿان ڪو
بادشاهه مقرر ڪري. ”شهنشاهه داجوشن پنهنجي ڀيڻ،
داسل (دهسل) کي، جا جئندرت (جئندرت) نالي هڪ
طاقتور راجا جي زال هئي، نامزد ڪيو ته هوءَ جتن ۽
ميدن تي وڃي حڪومت هلائي. داسل اوڏانهن ويئي ۽
انهيءَ ملڪ ۽ اتان جي شهرن تي قبضو ڪيائين......
پر انهيءَ سڄي ملڪ ۾، جيڪو هونئن ڪيڏيءَ به عظمت،
خوشحاليءَ ۽ شان و شوڪت وارو هو، هڪ به برهمڻ يا
عقل ۽ حڪمت جو مالڪ ڪونه هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي
ڀاءُ ڏانهن ان ڳالهه ۾ سندس مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو
خط لکيو، جنهن سڄي هندستان مان 30000 برهمڻ گڏ ڪيا
۽ انهن کي سڄي ساز سامان ۽ ڀائرن ڀاتين سميت
پنهنجي ڀيڻ ڏانهن موڪليو (5).“ ائين هيءَ ڪهاڻي
سنڌ جي قديم دور جي تاريخ جي هڪ معتبر روايت اسان
ڏانهن منتقل ڪري ٿي،-- يعني هيءَ ته هن ملڪ تي
آريا لوڪن گهڻيءَ دير کان پوءِ پنهنجو تسلط قائم
ڪيو هو ۽ ٻيو ته ان کان به وڌيڪ دير سان هيءُ ملڪ
برهمڻڪي مذهب سان متعارف ٿيو هو.
ٻيون دلچسپيءَ جون ڳالهيون هي آهن ته جنهن شهر کي انهيءَ راڻيءَ
گاديءَ جو شهر بڻايو هو، تنهن جو نالو اسڪلند هو-
انهيءَ شهر جو نالو اسان کي پوءِ وارن دورن ۾ به
ٻڌڻ ۾ اچي ٿو- ۽ جتن ۽ ميدن کي سندن پنهنجن گورنرن
جي تحت رهڻ لاءِ الڳ الڳ علائقا ڏنا ويا. داسل ۽
جئدرٿ جي راڄ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ٿورو وقت
هليو. يعني ڪجهه ويهه سال کن، ”جنهن کان پوءِ ڀرت
گهراڻي جي قبضي مان ملڪ نڪري ويو.“ ڀرت نالي جو هن
هنڌ استعمال آرين جي انهيءَ شاهي گهراڻي جي حوالي
سان بلڪل قدرتي آهي، جنهن کي سنڌ تي راڄ ڪرڻ لاءِ
نامزد ڪيو ويو هو؛ انهيءَ نالي جو سنڌ متعلق ٻڌ
ڌرم وارن جي روايتن ۾شايد هن ئي ڏند ڪٿا جي پڙاڏي
طور اڳتي ذڪر اچي ٿو.
ٻڌ ڌرم وارن جي ادب جو تاريخي واقعن سان ڪو گهڻو تعلق ڪونهي، ۽
اهو ادب محض اتفاق سان ملڪ جي سياسي حالات تي ڪجهه
روشني وجهي ٿو. اهڙوئي هڪ روشنيءَ جو ڪرڻو سنڌو
ماٿريءَ تي پڻ پوي ٿو. ”ڊگهنيڪايا“ جي طويل بيان ۾
ڪن قديم اشلوڪن جو حوالو ڏنو ويو آهي، جن ۾ آريائي
هندستان جي علائقي جي ستن مکيه پرڳڻن جي هڪ فهرست
ڏنل آهي. جنهن ۾ هرهڪ پرڳڻي جي گاديءَ جو نالو به
ٻڌايو ويو آهي.ان کان پوءِ انهن مان هر هڪ جي راجا
جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهو سڄو
بيان انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو، جڏهن اڃا ٻڌڌرم
جو ظهور ڪونه ٿيو هو. سؤوير لوڪن جو ملڪ انهن ستن
بادشاهين مان هڪ هو. ان جي گاديءَ وارو شهر رورُڪ
هو ۽ ان جو راجا ڀرت هو (6). انهيءَ راجا، ۽ ٻين
ڇهن راجائن کي، جن جا انفرادي طور نالا پڻ ڏنا ويا
آهن، گڏي مجموعي طور ”ست ڀرت“ سڏيو ويو آهي. وري
”جاٽَڪن“ جي ڪتاب آٺين ۾، جيڪي ٻُڌ جي اڳين جنمن
جون ڪهاڻيون آهن، اهو لکيل آهي ته ڀرت نالي هڪ
راجا سؤوير نالي بادشاهيءَ تي رورُوَ ۾ حڪومت ڪندو
هو. ”هو ڏهن شاهاڻين خوبين تي عمل ڪندو هو؛ هن
مقبوليت جي چئن خصلتن سان ماڻهن جون دليون جيتي
ورتيون هيون، عام ماڻهن سان ماءُ ۽ پيءُ جهڙو
ورتاءُ ڪندو هو، ۽ غريبن، مسافرن، فقيرن ۽ ٻين
لائق ماڻهن کي وڏيون وڏيون پاکريون ۽ دان ڏيندو
هو. هن جي پٽ راڻي، سَمُدوجِيه سياڻي هئي ۽ علم جو
ڀنڊار هئي (7)“.
بنان ڪنهن شڪ شبهي جي، رورُوَ، رورُڪ نالي جي هڪ بدليل صورت
آهي، پر هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ به سبب آهي ته
انهيءَ دؤر ۾ رورُڪ نالي ٻه بادشاهي شهر موجود
هئا، جن کي ٻڌن جي روايتن ۾ مُنجهايو ويو آهي.
روايت مطابق انهيءَ نالي واري شهر جي رهاڪن طرفان
ٻڌ ڌرم وارن جي هڪ مبلغ سان غلط روش اختيار ڪرڻ جي
سزا طور اهو شهر واريءَ ۾ دٻجي ويو هو. هن باري ۾
تاريخدانن وٽ ڪو شڪ ڪونهي ته اها ڪهاڻي ترڪستان
واري رورُڪ سان واسطو رکي ٿي، پر انهيءَ ڪهاڻيءَ
جي ابتدائي لفظن ۾، ديويا وَدَن ۾، توڙي ٿٻيٽ
واريءَ 8) روايت ۾، سؤوير لوڪن واري رورُڪ ڏانهن
اشارو ڪيل ڀانئجي ٿو.”ٻڌ راجڳڙهه ۾ آهي. ان زماني
۾ جمبود وِپا (اتر هندستان) ۾ ٻه وڏا شهر پاتلي
پتر ۽ رورُڪ نالي هئا. جڏهن رورُڪ اڀري ٿو، تڏهن
پاتلي پتر ڪري ٿو، ۽ جڏهن پاتلي پتر اؤج ۾ اچي ٿو،
تڏهن رورُڪ جو زوال اچي ٿو.“ ٻنهي شهرن جي درميان
واپار هلندڙ آهي، ۽ رورُڪ جو بادشاهه، راجا رُد
راين، مگڌ جي راجا بمبيسر سان دوستيءَ جو ناتو
ڳنڍي ٿو، جيڪو هن ڏانهن ٻوڌ ٻاوا موڪلي ڏئي ٿو ۽
رد راين پنهنجو ڌرم ڦيرائي ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ٿو.
اهو ڪو ضروري ناهي ته انهيءَ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي به
معلوم ڪجي، جيڪا ٻئي هر تفصيل ۾ واضح طور مرڪزي
ايشيا (9) واري رورڪ سان تعلق رکي ٿي. پر ان ۾
تجارتي تعلقات ۽ راجا جي مگڌ جي بادشاهه بمبيسر
سان دوستيءَ جي ڳالهه وري سؤوير لوڪن واري رورڪ
ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
ايران (10) جي روايتي تاريخ ۾ سنڌ جي باري ۾ ڏنل حوالن تي نظر
وجهڻ کان اڳ ۾، اهو چڱو آهي ته روايتن ۽ ڏند ڪٿائن
جي انهيءَ اٿاهه مواد ۽ ٻين ذريعن مان معلوم ڪيل
تاريخي حقيقتن جي درميان موجود غلطين ڏانهن ڌيان
ڇڪايو وڃي. جن کي فردوسيءَ طرفان حيرت انگيز
چمڪيلو لباس پهرايو ويو آهي. ساساني دؤر جي
ايرانين عظيم سائرس يا دارا هستاپس جي متعلق ڪي
حقيقي روايتون پاڻ وٽ محفوظ نه رکيون هيون. پر
اڳتي هلي، جڏهن اهي سرياني ذريعن مان ايران جي
انهن ٻن انتهائي پرُ- شڪوه بادشاهن جي وجود متعلق
باخبر ٿيا، تڏهن هنن جا پنهنجي ملڪ جي تاريخ بابت
نظريا اڳيئي پڪا ٿي چڪا هئا، ۽ سندن هر هڪ روايتي
بادشاهه جي نسل جي سلسلي ۽ ڪارنامن کي وٽن عام طور
تسليم ڪيو ٿي ويو. باقي رڳو کين ان سلسلي ۾ ايترو
ئي ڪرڻو هو، جو جتي به ممڪن ٿي پئي سگهيو، اتي
ڪنهن روايتي بادشاهه کي ڪنهن نه ڪنهن تاريخي طور
سڃاتل بادشاهه سان ملائي ڇڏڻو هو. جهڙيءَ طرح
ڪاسيرس جونالو وٽن ڪيڪائوس سان ٺهڪي پئي آيو، تهڙي
نموني ۾ سائرس وري ڪيخسرو ٿي پيو- حالانڪ پوئين
نالي وارو بادشاهه درحقيقت انڊو- ايراني روايت
وارو ڪَؤهُسرو هو، انهن کان پوءِ وري آرتاڪسيريس
لانگيمانس ضرور بهمن هوندو، جيڪو اردشير دراز دست
(11) جي نالي سان وٽن ائين ئي ساڳئي نموني مشهور
ٿي ويو.
اهوئي بهمن آهي، جنهن کي تاريخ جي روايت ۾ سنڌ کي (12)
”شهنشاهيت“ سان شامل ڪرڻ جو فخر بخشيو ويو آهي،
حالانڪ اهو ڪارنامو سچ پچ دارا هستاپس جو هو.
اهڙيءَ طرح اسان کي مجمع التواريخ ۾ ٻڌايو ويو آهي
ته بهمن پنهنجي ڏاڏي گستاسپ جي زندگيءَ ۾ ”هندستان
ڏانهن فوج سان حملو ڪيو ۽ انهيءَ ملڪ جو هڪ حصو
قبضي ۾ آندو..... بهمن هندن ۽ ترڪن جي حدن جي وچ ۾
هڪ شهر جو بنياد وڌو، جنهن کي هن ڪندابيل جو نالو
ڏنو، ۽ هڪٻئي هنڌ تي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ”ٻُڌ“
سڏين ٿا. هن هڪ شهر جو بنياد وڌو، جنهن کي هن بهمن
آباد جو نالو ڏنو.“ عرب حاشيه نويس وڌيڪ لکي ٿو ته
”هڪ بيان موجب اهو منصوريه آهي، پر وڌيڪ خدا ٿو
ڄاڻي (13).“ ساڳئي ڪتاب ۾، ان کان پوءِ اسان کي
ٻڌايو ويو آهي ته ”اتر الهندي هندستان جي هڪ
حڪمران ”ڪفند بادشاهه“ سنڌ کي ٻيهر فتح ڪرڻ لاءِ
هڪ لشڪر موڪليو ته جيئن اهو ”مِهر ايراني“ نالي
بادشاهه جي نمائندي کي انهن جاين مان هڪالي ڪڍي،
جيڪي بهمن فتح ڪيون هيون، ۽ پوءِ آتشڪدن جي جاءِ
تي بتن جي پوڄا لاءِ مندر جوڙائي.“ چيو وڃي ٿو ته
اهو ڪارنامو هندستان تي سڪندر جي ڪاهه کان اڳي
سرانجام ڏنو ويو هو.
سنڌو ماٿريءَ مان، مقدوني (يوناني) ڪاهه کان ڪجهه وقت اڳي
ايراني اقتدار جي پست پئجي وڃڻ جو واقعو حقيقت جي
بنياد تي بيٺل نظر پيو اچي؛ پر جيئن ته اها روايت
تاريخي ذريعن مان حاصل ٿيل مستند معلومات ۾ ڪو
اضافو نه ٿي ڪري، انهيءَ ڪري انهيءَ موضوع جو ان
وقت تائين ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي، جيسين اهي ذريعا
اسان جي جائزي هيٺ اچن.
نوٽ
(1) ڪئمبرج، ”هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 307.
(2) ”مهاڀارت“ ترجمو پي- سي-راءُ، ج 2، ص 2-560.
(3) ايضاً، ج
II
ص 32؛ ج
V
ص 48؛ سنڌو سؤوير لوڪن کي پڻ سندن رسمن رواجن جي
خيال کان ”مليڇ“ سڏيو ويو آهي. ايضاً ج
VI
ص 101.
(4) ”ڌرم سوتر
I“
30-32، بحواله بي- سي- لا، ”قديم هندستان ۾
قبيلا“، ص 344
(5) ايليٽ، ”هسٽري آف انڊيا“، ص 104.
ايم- ريناڊ ”فرئگمينٽس عربيز ايٽ پرسنس اِنڊيٽس رليٽفس اي لي
اِنڊي“، ص 25.
(6) ”ٻڌ مذهب وارن جا مقدس ڪتاب“، ج 3
”ٻڌ جا گفتا“ (ترجمو: ٽي- ڊبليو- رائيز ڊيوڊس ۽ سي- ايف رائيز
ڊيوڊس) ص 270-269.
(7)”جاٽڪ“ (ترجمو: ايڇ.ٽي. فرانسز ۽ آر. اي. نيل) ڪتاب
viii
نمبر 242 ص 280.
(8) ”اُدرينه ڪونگ وان رورُڪ“ ترجمو: جوهانس نوبيل (ويسباڊن
1955ع) ص 49.
(9) سي.ايف. هيوبر، ”ايٽوڊس ڊي لٽريچر بوڌيڪ“؛ بليٽن ڊي لي
”ايڪول فرئنسيز ڊي ايڪسٽريم او ري اينٽ“، ٽوم وي،
ص 15-12 ۽ص 340-235.
(10) پڙهندڙ کي اهڙين ڏندڪٿائن تي بحث جي تڪليف کان بچايو وڃي
ٿو، جن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ”مهراڻ“ جمشيد
طرفان کوٽايو ويو هو.
(11) ”شاهنامو“- ترجمو: اي. جي ۽ اي. ڊبليو وارنر، ج
v،
ص 82-281.
(12) ”شاهنامي ۾“ بهمن جي پيءُ اسفنديار، ايراني سلطنت جو شان و
شوڪت گستاسپ جي بادشاهيءَ دوران بحال ڪري ٿو،
جنهن کي سنڌ جا بادشاهه ڏن ڏيندا هئا.
(13) ”مجمع التواريخ“ وارو بيان، ”هندي ٻوليءَ جي ڪتاب“مان ورتو
ويو هو، جنهن جو انهن ساڳين ڏينهن ۾ ترجمو ڪيو ويو
هو، جڏهن فردوسي ”شاهنامي“ لکڻ ۾، مصروف هو،
گرديزي پنهنجي ”زين الاخبار“ ۾، جيڪو ڪجهه وقت بعد
۾ لکيو ويو هو، ذري گهٽ ساڳين لفظن ۾ اهو قصو بيان
ڪري ٿو.
(14) ڊاڪٽر وان لوهوزين دي لي وو، ڪي. پي. جيسوال جي پيروي
ڪندي، انهيءَ اعتقاد جو اظهار ڪري ٿو ته ”ڪفند“
دراصل ڪَجَلُ ڪد فائيسز جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن
اٽڪل 25 ق. م کان 35ع ڌاري بادشاهي ڪئي.
(4)
سنڌ ، ايران جي هخامنشي بادشاهن
جي هٿ هيٺ
سنڌ جي تاريخ ۾، سڀ کان پهريون سال، جيڪو خاطريءَ سان، ويجهي ۾
ويجهين حدن اندر، مقرر ڪري سگهجي ٿو، سو دارا
هستاپس جي حڪمرانيءَ دوران، سنڌ جو ايران جي
شهنشاهت سان لاڳو ٿيڻ وارو سال آهي. انهيءَ
بادشاهه جي فتوحات ۾ هيءَ پهرين فتح هئي، جيڪا کيس
يا ته سال 519 يا 518 ق.م ۾ حاصل ٿيل معلوم ٿئي
ٿي. هن جي پيشروئن کي هندستان جي سرزمين تي گنڌارا
۾ قدم رکڻ جو اڳيئي موقعو ملي ويو هو، جنهن جو ذڪر
انهيءَ بيستون ڪتبي ۾ موجود آهي، جيڪو دارا سال
520 ق. م ۾ انهن نون (9) بغاوتن کي هڪ ئي سال اندر
چٿي ڇڏڻ واري واقعي جي ياد تازي رکڻ لاءِ لڳارايو
هو، جن ڪيمبائسز جي مرڻ کان فوراً پوءِ هن جي ملڪ
۾ منهن ڪڍيو هو. ان ڪتبي ۾ فقط انهن پرڳڻن جا نالا
ڏنل آهن، جيڪي هن جي شهنشاهت ۾ ان وقت شامل هئا،
جڏهن اها کيس ايڏيءَ بدنظميءَ جي حالت ۾ ملي هئي.
تاريخ جي ڪن عالمن جي راءِ ۾، ”ٿتاگُش (1)“ پرڳڻو، جيڪو پڻ
بيستون ڪتبي جي فهرست ۾ داخل آهي، پنجاب جي اتر
اولهه ۾ واقع هو، ۽ ان لاءِ وٽن رڳو هيءُ دليل آهي
ته هيروڊوٽس طرفان جيڪو ان لاءِ لفظ
Eattayvsai
استعمال ڪيل آهي، ان جو ترجمو ”سوين ڳئون“ معلوم
ٿئي ٿو. پر اڪثر عالم ان پرڳڻي کي غِلزئي يا هزارا
وارو علائقو ليکين ٿا. انهيءَ پرڳڻي جي نالي جي
ڳالهه، بهرحال، ڪيئن به هجي، پر ايرانين طرفان
سنڌو نديءَ جي هيٺئين علائقي ڏانهن پيشقدميءَ لاءِ
گنڌارا کي ئي مرڪز طور استعمال ڪيو ويو هو، ۽ اهو
سڄو نئون علائقو گهڻو ڪري سال 518 ق-م ڌاري ايران
جي ضابطي هيٺ آيو هو. هيروڊوٽس جي چوڻ موجب،
هندستانين کي اسڪائلاڪس جي انهيءَ مشهور دريائي
سفر کان پوءِ (2) تسلط هيٺ آندو ويو هو، جنهن ۾ هو
سنڌو نديءَ رستي سمنڊ تائين پهچي، ايران ۽ عربستان
جي ڪنارن کان مصر وڃي پهتو هو؛ پر هن ڳالهه جو
وڌيڪ امڪان آهي ته اهو سفر گهڻو ڪري سنڌوءَ جي
هيٺئين علائقي جي فتح سان گڏوگڏ يا ان کان پوءِ
اختيار ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو بيان درست
آهي ته اسڪائلاڪس کي سنڌو نديءَ رستي سمنڊ تائين
پهچڻ ۾ تيرهن مهينا لڳي ويا هئا، ته پوءِ هي قياس
ڪري سگهجي ٿو ته هن کي زمين تي گڏوگڏ پيشقدمي ڪندڙ
بري فوجي دستن جي مدد ۽ پناهه بلڪل انهيءَ نموني
ئي ميسر هوندي، جهڙيءَ طرح بعد ۾ سڪندر جي فتح وقت
ٿيو هو.
دارا ان دريائي- واڌو- بحري مهم لاءِ سنڌو نديءَ مان ايران
تائين جهازرانيءَ جي امڪانن معلوم، ڪرڻ لاءِ حڪم
ڏنو هو. اسڪائلاڪس کي جيڪو ڪاريه علائقي جي شهر
ڪارياندا جو رهاڪو هو، انهيءَ مهم جو اڳواڻ مقرر
ڪيو ويو هو. هو گنڌارا نالي جي ملڪ جي ڪاسپاپيروس
نالي واري هڪ هنڌ وٽان ٻيڙن ۾ سوار ٿيو- جيڪو هنڌ
شايد ڪابل درياءَ جي هيٺئين وهڪري تي ڪٿي واقع هو،
ڇاڪاڻ ته هيروڊوٽس ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجا ٻيڙا (4)
اڀرندي طرف ڏانهن هاڪاري ويو هو. اڍائي سالن کان
پوءِ اسڪائلاڪس مصر پهتو. اسان کي اهو معلوم ناهي
ته انهيءَ کان پوءِ سمنڊ رستي باقاعدي طور ايران ۽
ان جي انهن ماتحت علائقن جي وچ ۾ آمد و رفت جو
سلسلو قائم ٿيو يا نه، پر ”هندو“، يعني سنڌونديءَ
جي هيٺين ماٿري ايراني حڪومت جو هڪ ماتحت علائقو
ضرور بڻجي ويو؛ ان جو ذڪر هڪ اهڙي ڪتبي ۾ موجود
آهي، جنهن جي لکجڻ جو سال 515 ق- م کان به ڪجهه
اڳي جو آهي. اهو ”شاهي قلعو“، جنهن جو انهيءَ دور
جو يوناني جاگرافيدان، هيڪٽيئس، ذڪر ڪندي چوي ٿو
ته اهو سنڌو درياءَ جي ڀرسان اوپيائي لوڪن جي ملڪ
۾ واقع هو، سو گهڻو ڪري نئين فتح ڪيل سرحدي صوبي ۾
رکيل ايراني فوجي ڇانوڻي هو. هيڪٽيئس اهو به ٻڌائي
ٿو ته اوپيائي لوڪن جي ملڪ جي پريان هڪ ريگستان
”ويندي هندستانين (6) جي ملڪ تائين“ ڦهليل هو.
انهيءَ مان اندازو ڪجي ٿو ته هن کي معلوم هو ته
سنڌو ماٿريءَ جي پريان اڃا به ٻيو ”هندستان“ موجود
هو. پر معلوم ٿئي ٿو ته ايرانين انهيءَ ڏس ۾ ڪا
خاص کوج ڪانه لڳائي هئي. هيروڊوٽس چوي ٿو ته
”هندستان“ جو اڀرندو حصو ريگستان آهي، ۽ هن کي
گنگا واري ماٿريءَ (7) جي ڄاڻ بلڪل ڪانه هئي. سنڌ
۾ گهٽ ۾ گهٽ ايراني سلطنت جي آخري حد ضرور ريگستان
جي ڪناري تائين ڦهليل هوندي، پر هن ڳالهه جو امڪان
آهي ته سنڌو نديءَ جي اڀرندي طرف پنجاب جو خاصو
حصو به ايران جو ڏن- ڀرو هو- ۽ اهو جيڪڏهن ڪنهن
ٻئي سبب ڪري نه ٿو چئي سگهجي، ته گهٽ ۾ گهٽ هن ڪري
ته ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جو ”هندستان“ جي
آمدني ۽ آدمشماري شهنشاهت جي ٻين سڀني ماتحت
علائقن جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر وڌيڪ هئي. هيروڊوٽس چوي
ٿو ته هندستاني سون جي ٻوريءَ جا ٽي سؤ ۽ سٺ
”ٽئلينٽ“ ڏن طور ڏيندا هئا، جيڪي ذري گهٽ ڏهن لکن
پائونڊن (يعني تڏهوڪن هڪ کان ٻن ڪروڙ رپين) جي
برابر ٿين ٿا. اها رقم، شهنشاهت جي ايشيائي صوبن
تي مڙهيل ڍل جي مجموعي رقم جو ذري گهٽ ٽيون حصو
هئي، جنهن مان هن ”هندو“ علائقي يا ڪم از ڪم
”هندستانين“ جي ماتحت علائقي جي وسيع ڦهليل زراعت
جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ساڳيو مصنف پوري يقين سان
چوي ٿو ته هنن علائقن جي آدمشماري ٻين سڀني ملڪن
کان، جن جي هن کي ڄاڻ هئي، گهڻي وڌيڪ هئي (8).
دارا سن 486 ق. م ۾ گذاري ويو ۽ ”نقش رستم“ ۾ هن جي قبر تي لڳل
پٿر جي بتن ۾ ٽن هندستاني قومن جا نمائندا نظر اچن
ٿا. هنن جي بدن تي پوشاڪ طور فقط هڪ ڌوتي ۽ هڪ قسم
جو پٽڪو نظر اچن ٿا، ۽ سندن ڪلهي وٽان وريل پٽي ۾
هڪ ڊگهي ويڪري ترار لٽڪيل نظر اچي ٿي. دارا جي
وارث خسروءَ جي بادشاهيءَ ۾، جڏهن هن يونان تي
حملي لاءِ هڪ زبردست لشڪر ڪٺو ڪيو هو، کيس هن ننين
”هندو“ يعني ”سنڌو“ صوبي پيادن ۽ گهوڙيسوارن تي
مشتمل هڪ فوجي دستو فراهم ڪيو هو. هيروڊوٽس ٻڌائي
ٿو ته انهيءَ دستي ۾ موجود پيادل سپاهين کي جيڪي
ڪپڙا پيل هئا، سي سوٽي هئا ۽ وٽن بيد جا تير ۽ بيد
جون ڪمانون هيون، جن مان تيرن جي منهن ۾ لوهه لڳل
هو. انهن سپاهين کي هڪ ايراني ڪمانڊر نالي ”فرناز
ٿريس“ پٽ ”آرتي بيتس“ جي قيادت هيٺ رکيو ويو هو.
گهوڙيسوار فوج کان علاوهه وٽن رٿ به هئا، جن کي
گهوڙا ۽ جهنگلي گڏهه ڇڪي رهيا هئا (9).
پرسيپولس مان لڌل هڪ پٿر جي تختيءَ تي لکيل آهي ته خسروءَ ”اهر
مزد جي رضا“ سان ڪن هندستاني ديوتائن جا مندر
ڊهرائي ڇڏيا، ۽ حڪم جاري ڪيو ته ”ديوتائن جي پوڄا
نه ڪئي ويندي (10)“. ”مجمع التواريخ“ ۾ لکيل هڪ
روايت مطابق، جنهن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي،
شهنشاهت جي زوال واري دور ۾ ”هندن“ جي طرفان
زبردست مخالفانه رد عمل ظاهر ٿيو هو، ۽ هندستانين
ايرانين جي تعمير ڪرايل آتشڪدن جي جاءِ تي وري
پنهنجن ديوتائن جي پوڄا وارا مندر ٺهرايا هئا.
اهو بهرحال معلوم نٿو ٿئي ته يونان ۾ خسروءَ جي شرمناڪ شڪست، يا
بعد ۾ سندس قتل ٿيڻ کان پوءِ، هندستان واري ماتحت
علائقي تي سندس جانشينن جي گرفت اوتري ئي مضبوط
بيٺي رهي يا ڍري ٿي ويئي. انهيءَ صورتحال جو بيان
هڪ يوناني حڪيم، نالي ڪتيسياس، جيڪو ايراني درٻار
۾ مقيم هو، خسروءَ جي مرڻ کان اٽڪل ستر سال پوءِ
لکيو هو. انهيءَ ڪتاب جا، جنهن جو نالو ”انڊيڪا“
آهي، ڪي ٿورا ورق بچيل آهن. ائين پيو معلوم ٿئي ته
ڪتيسياس پاڻ ڪڏهن به هندستان نه ويو هو، پر هن جي
بيان جو دارومدار شهنشاهه جي درٻار ۾ حاضريءَ لاءِ
ايندڙ هندستانين انهيءَ صوبي ڏانهن ڊيوٽي پوري ڪري
واپس ايندڙ ايراني ڪامورن، ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان
سفر ڪندڙ مسافرن ۽ واپارين جي بيانن ۽ ڳالهين تي
هو. اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته انهيءَ ڪتاب جا
جيڪي ورق اسان تائين پهتا آهن، تن ۾ گهڻو ڪري فقط
”مسافرن جون ڳالهيون“ لکيل آهن، جيڪي هندستان ۾
ايرانين جي انتظامي طور ۽ طريقي جهڙن مسئلن تي ڪا
روشني نٿيون وجهن. ان جي باوجود، جيئن هن ڪتاب جي
پهرئين جلد(11) ۾ چيو ويو آهي، انهن مان سنڌو
ماٿريءَ واري ملڪ جي ڪيترين خصوصيتن جو اندازو لڳي
سگهي ٿو. ڪپهه ڏانهن جيڪو واضح اشارو ان ۾ ڪيل
آهي، تنهن کي انهيءَ صوبي جي حيرت انگيز دولت جي
سلسلي ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.
انهيءَ زماني ۾ به، جڏهن هخامنشي شهنشاهت ڀڄي ڀري، پنهنجي پوري
زوال طرف وڌي رهي هئي، تڏهن به هندستان ان ڏانهن
پنهنجي وفاداريءَ ۾ ثابت قدم رهندو آيو. دارا
ڪودومنس، سڪندر جي مقابلي ۾ جڏهن آخري مورچو
سنڀاليو، تڏهن هن هندستان مان فوجون گهرايون هيون،
۽ هن جو اهو حڪم مڃيو ويو هو. هن ڏانهن پوري وقت
تي ماڻهو ۽ هاٿي موڪليا ويا، جن اربيلا (12)
واريءَ تباهڪن جنگ جي موقعي تي پهچي، هن سان ساٿ
ڏنو. هيءَ ڳالهه ممڪن نظر اچي ٿي ته انهيءَ دور
۾هندستاني علائقي جي اترئين حصي جي سرحد هٽي سنڌو
نديءَ جي ڪناري تي اچي بيٺي هئي، ڇاڪاڻ ته ان
موقعي تي شهنشاهه دارا ڏانهن جيڪي هاٿي موڪليا ويا
هئا، سي سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ وارن هندستانين
فراهم ڪيا هئا، اهو به امڪان آهي ته انهن ڏينهن ۾
علائقي جو سڄو انتظام ٻيهر مقامي شهزادن ۽ سردارن
جي هٿن ۾ اچي ويو هو، جنهن ڪري انهن جي ايران
ڏانهن ماتحتيءَ ۽ نيازمنديءَ جو دارومدار ان عظيم
شهنشاهه لاءِ سندن شخصي وفاداريءَ تي ئي وڃي بيٺو
هو. ”انڊيڪا“ ۾ ان علائقي جي ڪنهن به ايراني گورنر
جو ڪو ذڪر ڪونهي، ۽ نه وري ائين ٿو نظر اچي ته چار
سال (13) پوءِ جڏهن سڪندر سنڌو ماٿريءَ جي مهم تي
پهتو هو، تڏهن ئي هن کي ڪو ايراني حاڪم يا ڪامورو
اتي مليو هو، يا هن ڪنهن اهڙي ڪاموري بابت ڪا
ڳالهه ئي ٻڌي هئي.
هندستان جي اترئين پاسي ڪهڙيون به تبديليون آيون هجن، پر هيءَ
ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جو سڄو علائقو،
ويندي رڻ جي ڪناري تائين، هخامنشي شهنشاهن جي
بالادستي انهيءَ وقت تائين تسليم ڪندو رهيو، جيسين
انهن جي بادشاهي ختم نه ٿي. بدقسمتيءَ سان ان دور
جا هن سر زمين اندر ڪي به يادگار، ڪتبا يا سڪا
اهڙا نه لڌا آهن، جيڪي انهيءَ ڳالهه تي ڪا روشني
وجهن. انهن شين هيڪيٽيئس ۽ ڪيسياس جي ڪتابن جي
اڪثر اوراقن جي عدم موجودگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ذري
گهٽ ٻن صدين جو اهو ڊگهو عرصو پورو هڪ اونداهو خال
پيش ڪري ٿي. البت ايترو سو نظر اچي ٿوته سنڌ
ايرانين جي بادشاهيءَ واري دور کان پوءِ پوريءِ
خوشحاليءَ جي حالت ۾ هئي، ڇو ته اسان وٽ خود سڪندر
جو اهو بيان موجود آهي ته اتر سنڌ ۾ موسيڪانس واري
سرزمين (14) ”هندستان“ جو سڀ کان وڌيڪ خوشحال ۽
آسودو حصو هئي.
نوٽ
(1) پروفيسر اي. هرٽزفيلڊ، ”ميمايرس آف دي آرڪئالاجيڪل سروي آف
انڊيا“، نمبر 34.
(2) هيروڊوٽس
IV
44.
(3) هڪيٽيئس، ايڊٽ ڪيل سي- ملر، ٽڪرو نمبر 179.
(4) هيرو ڊوٽس
IV
44.
(5) همدان ۾ لڌل، ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر 34، ص 2.
(6) هڪيٽيئس، ٽڪرو نمبر 175.
(7) هيرو ڊوٽس
III،
98؛
IV،
40.
(8) هيرو ڊوٽس
III،
94.
(9) هيرو ڊوٽس
VII،
86.
(10) ايڇ. آر. چوڌري، ”پوليٽيڪل هسٽري آف ناردرن انڊيا“، ص 242.
(11) ”سنڌ، اي. جنرل انٽروڊڪشن“، صفحا 2-101.
(12) ”ايريئن ائناباسس
III“
8. 6-3.
(13) اسٽرابو جي مطابق، پئروپامي سيڊائي، اراچوٽي، ۽ گيدرويني
نالن وارا ملڪ سنڌو درياءَ تائين ڦهليل هئا؛
انهيءَ مان هيءَ معنيٰ ڪڍي ويئي آهي ته ايرانين
طرفان سنڌو ماٿريءَ جي جن ٽڪرن تي قبضو ڪيو ويو
هو، تن کي انهن ٽن ڏن ڀريندڙ رياستن ۾ ورڇيو ويو
هو. اسٽرابو
XV-
ii،
9.
(14) ايريئن، ائناباسس
VI،
سي. ايف. اسٽرابو
XV،
I.
34. |