سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)

باب؛ 3

صفحو :8

 

(9)

سنڌ جو ٻڌ ڌرم وارو راءِ گهراڻو

 

سنڌ جي ٻڌ ڌرم واري راءِ گهراڻي جا راجائون هن ملڪ جي حڪمرانن جي انهيءَ اوائلي گهراڻي سان واسطو رکن ٿا، جن جو خود ملڪي تذڪرن ۾ بيان  موجود آهي، ۽ سندن نالا ٻيو ڪٿي به موجود ڪينهن. جيڪڏهن اسين ”تحفته الڪرام“ ۾ ذڪر ڪيل سڀني ڳالهين تي جيئن جو تيئن يقين ڪريون، ته ان صورت ۾ اسان کي انهيءَ گهراڻي جي شهزادن مان پهرئين لاءِ اهو سمجهڻو پوندو ته هن پنجين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي،  ۽ انهن مان آخري شهزادو اسلامي سن جي پهرئين سال کان ٿوروئي اڳي يا انهيءَ ئي سال يعني 622ع ۾ فوت ٿي ويو. پر اسان کي ان باري ۾ جيڪا تمام ٿوري آزاد شهادت ملي سگهي آهي، سا البت ان طرف نشاندهي ڪري ٿي ته راءِ گهراڻي جا بادشاهه انهيءَ تاريخ کان پوءِ به ويهه سال سنڌ اندر طاقت جا مالڪ هئا. انهن حڪمرانن جي متعلق هن وقت تائين ڪي به ڪتبا دريافت ڪين ٿيا آهن، جن جي ذريعي اسين قديم تذڪرن ۾ لکيل مختصر ۽ ناقابل يقين تحريرن جي تصديق ڪري سگهون. راءِ گهراڻو روايت جي سرحدن کان ٻاهر نڪري تاريخ جي سرحدن اندر مشڪل سان ئي داخل ٿئي ٿو.

هن گهراڻي جي سڀ کان پهرئين شهزادي جو لکيت ۾آيل نالو ڏيوائج يا ڏيواجي آهي، جنهن لاءِ هودي والا اها راءِ پيش ڪري ٿو ته انهيءَ نالي مان مقصد شايد ديودتيه آهي. ”تحفته الڪرام“ (1) ۾ ان جي چئن جانشينن جو ذڪر آهي، حالانڪ ”چچ نامو“ فقط ٽي جائنشين ٻڌائي ٿو. جيئن ته انهيءَ گهراڻي جي فقط پوين ٻن حڪمرانن کان سواءِ باقي ٻين جي زماني جي واقعات جو ڪو واضح بيان لکيل ڪونهي، انڪري انهيءَ اختلافي نڪتي کي مذڪور گهراڻي جي فقط بادشاهيءَ جي مدت جي سلسلي ۾ ئي ڪا اهميت آهي.”تحفته الڪرام“ مطابق، اها مدت 137 سال هئي ۽ انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جي وسعت، ”چچ نامي“ ۾ ٻڌايل پکيڙ کان وڌيڪ علائقي ۾ ڦهليل ڄاڻائي ويئي آهي. پوئين نالي واري ڪتاب ۾ اهي سرحدون هن طرح ڏيکاريون ويون آهن: اوڀر طرف ڪشمير جي حدن تائين، الهندي طرف مڪران تائين، ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري ۽ ديبل تائين، اتر طرف ڪردان ۽ ڪيڪنان جبلن تائين. ”تحفته الڪرام“ ”اڀرندي“ سرحد کي قنوج ۽ ڪشمير جي سرحدن سان گڏ هلندي ڏيکاري ٿو. الهنديءَ سرحد کي مڪران ۽ اومان جي سمنڊ واري ڪناري يعني ديبل جي بندر تائين وڌيل ڏيکاريو ويو آهي. ڏکڻ طرف هن بادشاهيءَ جي سرحد کي سورت (سؤراشٽر) تائين ۽ اتر طرف ”قنڌار، سيستان، سليمان ۽ ڪيڪنان جبلن جي ٽڪرين تائين“ وڌيل ڄاڻايو ويو آهي. مکيه ڏسڻيون يا طرف هن حالت ۾ ڏاڍي ڍلي ڍالي نموني سان ڪم آندل آهن: جيئن ڪشمير دراصل سنڌ جي اتر اوڀر ۾ آهي پر اهو سر اوڀر ۾ ڄاڻايو ويو آهي؛ قنوچ واقعي سنڌ جي اڀرندي طرف هو، پر انهن ٻنهي علائقن جي درميان سڄو راجپوتانا بيٺل هو. باقي جيسين اتر جو سوال آهي (جيڪو دراصل اتر اولهه آهي)، ته ان لاءِ هودي والا جو خيال آهي ته ڪيڪنان گهڻو ڪري قصدار، (2) جي بگڙيل شڪل آهي، ۽ ڪيڪنان واقعي انهيءَ پسگردائيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي واقع هو؛ پر هن سمجهڻ لاءِ چڱا سبب موجود آهن ته ڪيڪنان جديد لورالائي واري علائقي ۾ هو. سورت يا سوراشٽر جي بندر متعلق ڏنل حوالي جو مطلب مختلف نمونن سان ڪڍي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ انهيءَ باري ۾ پوءِ به وڏي شڪ جي گنجائش آهي.

هڪ مخصوص قسم جي سڪن لاءِ، جيڪي ٿلهي ليکي انڊو- ساساني سڏيا وڃن ٿا، ۽ جن جي رائج ٿيڻ جي تاريخ گهڻو ڪري ستين صديءَ عيسويءَ ۾ آهي، ڪننگهام ۽ ٻين سمجهيو هو ته اهي راءِ گهراڻي جي راجائن طرفان جاري ڪرايا ويا هئا. انهن سڪن جي سبتي طرف ڪنهن حڪمران جو ڇاتيءَ تائين بت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، باقي ابتي طرف مختلف سڪن تي مختلف نشان يا علامتون نظر اچن ٿيون: ڪن تي آتشدان آهي، جنهن جي چوطرف خادم بيٺل آهن، ته ڪن تي ڪنهن ديوتا جي اڌ ڇاتيءَ تائين مورت ڏنل آهي، جيڪا ڪن سڪن تي سورج ديوتا جي ته ڪن تي ڪنهن ديويءَ جي آهي. هڪ خاص ڳالهه هيءَ آهي ته انهن مان ڪن سڪن تي جيڪي ڪجهه لکيل آهي، سو ٽن جدا جدا لکڻين ۾ آهي: هندستاني ناگري، ساساني پهلوي ۽ ڪُشن يوناني- ڪن سڪن تي پويون ٻه لکڻيون آهن، پرناگريءَ ۾ ڪجهه به لکيل ڪونهي. انهن ٻن حڪمرانن جا نالا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ٻن يا ٽن تي سري واسوديو، ۽ هڪ تي ”شاهي تگين“؛ ٻيو به هڪ اهڙو

 

سڪو مليو آهي، جيڪو خسرو پرويز طرفان جاري ڪيل سڪن سان قريبي مشابهت رکي ٿو، پر ان تي ڪنهن به بادشاهه جو نالو اڪريل ڪونهي. تذڪرن ۾شامل ٿيل حڪمرانن جي فهرست ۾ راءِ گهراڻي جي ڪنهن به حڪمران جو نالو اهڙو نظر نٿو اچي، جنهن کي واسوديو يا شاهي تگين جهڙن نالن سان ڪا مشابهت هجي حالانڪ اهو ممڪن آهي ته اهي حڪمران هڪ کان وڌيڪ نالي يا خطاب سان مشهور هجن. انهيءَ اندازي جي خلاف وڌيڪ طاقتور اعتراض هن حقيقت ۾ آهي ته انهن مان ڪو هڪ به سڪو انهن علائقن مان دستياب ڪونه ٿيو آهي، جيڪي راءِ گهراڻي وارن جي بادشاهيءَ ۾ شامل هئا. سڪن تي اڪريل اکرن مان اهي اکر جن جو واسطو انهن ملڪن جي نالن سان  هوندو آهي، جن لاءِ اهي سڪا جاري ٿيل هوندا آهن، تن کي جن به ڄاڻن ۽ ماهرن جانچي جوچي ڏٺو آهي، تن جي راءِ ۾ انهن سڪن تي نظر ايندڙ نالا زابلستان (واسوديو)  ۽ خراسان (شاهي تگين) آهن؛ ۽ هيءُ جو ڪن عالمن انهن تي ”بهمن“، ”ملتان“، ”توڪان“، ۽ ”سپردالاڪشان“ نالا به پڙهيا آهن، انهن متعلق اها به حقيقت آهي ته اهي مختلف تحريرن ۾ ٻين ٻين لفظن جي بگڙيل صورتن ۾ سڃاتا ويا آهن ۽ انهن جون پڙهڻيون ٻين ڪيترن عالمن جي نظر ۾ بلڪل ٻيون آهن.

انهيءَ سڄي سوال تي مسٽر بي. ڊي. ميرچنداڻيءَ طرفان انتهائي قابليت سان بحث ڪيو ويو آهي، هن سان گڏ، اسان کي آر. بي. وائٽ هيڊ جي راءِ کي پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي ته ”اهي سڪا ساساني نسل جي بادشاهن طرفان جاري ڪرايا ويا هئا، پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ نه، بلڪ زابلستان، ايران  ۽ هندستان جي وچ ۾ واقع ٻين ملڪن ۾.“

ڪننگهام طرفان بلڪل ڪمزور بنيادن جي آڌار تي هيءَ دعوا ڪئي ويئي آهي ته راءِ گهراڻي جا پهريان ٻه حڪمران، جن جا نالا قديم تذڪرن مطابق ڏيواجي ۽ سِهَرسَ هئا، اڇي ”هُوڻ“ قبيلي جي اڳواڻن، تورامن ۽ مهراگلُ، سان مطابقت رکن ٿا، جن بابت اسين ڏسي آيا آهيون ته اهي سن 490ع ۽ سن 540ع جي وچ وارن سالن ۾ اتر هندستان جي ڪن حصن تي حڪومت ڪندا هئا. ڪننگهام، مٿي ذڪر ڪيل مخصوص قسم جي سڪن تي اڪريل لکيتن جي خود پنهنجي تشريحن ۽ معنائن جي بنياد تي وڌيڪ دليلبازي ڪندي، دعويٰ ڪري ٿو ته شاهي تگين، واسوديو ۽ ٽيون اهو گمنام حڪمران، جن اهي سڪا رائج ڪرايا، سنڌ جي راءِ گهراڻي جا آخري ٽي حڪمران هئا، ۽ اهي مهراگل جا جائنشين ۽ اولاد هئا. هڪ طرف ته اسين انهيءَ دليل کي، وائيٽ هيڊ وانگر، رد ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون، جنهن تي اهو نظريو بيٺل آهي؛ ٻئي طرف اسان کي وائيٽ هيڊ جي هن راءِ سان اتفاق ڪرڻو پوي ٿو ته ٻي حقيقت کڻي ڪهڙي به هجي پر هن ڳالهه جو وڏو امڪان موجود آهي ته سنڌ جي راءِ گهراڻي جا بادشاهه ”هُوڻ“ نسل جا هئا، مسٽر ميرچنداڻيءَ جي هن نظريي ۾ ڪو گهڻو وزن نظر ڪونه ٿو اچي ته راءِ گهراڻي وارا زياده امڪان آهي ته موريا خاندان جي اولاد مان هئا. (3).

جيئن اڳئين باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ڇهين صدي عيسوي ۽ خصوصاً ان جو پويون اڌ، جنهن جي دوران سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي بادشاهي هلي رهي هوندي، هندستان جي تاريخ جو هڪ اهڙو دور آهي، جنهن بابت نسبتاً تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. ملڪ ۾ ڪابه مرڪزي اعليٰ طاقت موجود ڪانه هئي، ۽ ”هُوڻ“ لوڪن جي وقت بوقت ٿيندڙ حملن چوڌاري اهڙي افراتفري پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ ڪيترين ئي ننڍين ننڍين آزاد ۽ خود مختيار رياستن جو اڀرڻ ناگزير هو. گُرجر لوڪ، جيڪي اڳ ۾ حمله آور هئا ۽ شايد ”اڇن هُوڻ” لوڪن جا قريبي رفيق ۽ ساٿي هئا، تن راجپوتانا ۾ هڪ چڱيءَ خاصيءَ بادشاهيءَ جو بنياد قائم ڪيو هو، ۽ اهي درحقيقت سنڌ جي راءِ گهراڻي جي بادشاهن جا اڀرندي سرحد سان لڳو لڳ ويجهي ۾ ويجها پاڙيسري هوندا. اهو به امڪان آهي ته خود راءِ گهراڻي وارا به ساڳئي ئي نسل جا ماڻهو هئا. اسان کي اهو به معلوم آهي ته ڪاٺياواڙ ۾، وَلڀي نالي هڪ بادشاهيءَ جا مالڪ ذري گهٽ يقيني طور ”پرڏيهي نسل“ جا هئا، جن سڄي ڇهين صدي عيسويءَ جي دوران اتي راڄ ڪيو. انهيءَ حقيقت جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه قريب قريب ناممڪن معلوم ٿئي ٿي ته سنڌ جي بادشاهيءَ ۾ سورت ته ڇڏيو، سوراشٽر جو ڪو حصو به شامل هو (4).

جيسين الهندي طرف جو تعلق آهي، ان سڄي دور ۾ ايراني سلطنت جو ڪو ذڪر ئي ڪٿي نظر نٿو اچي ۽ اها ڳالهه به ان دور جي صورتحال سان مطابقت رکندڙ آهي؛ ڇو ته نوشيروان جي مرڻ کان پوءِ، ائين پيو معلوم ٿئي ته ايراني سلطنت جي مشرقي صوبن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو ۽ خاص طرح مڪران ته عربن جي ڪاهه تائين عملي طور خود مختيار ۽ بلڪل آزاد رهندو آيو هو.

”تحفته الڪرام“  ۾ ذڪر ڪيل پنجن بادشاهن جي راڄن مان ڪنهن هڪ جي مدت جو به بيان نه ڪيو ويو آهي، ۽ انهن مان هر بادشاهه بابت ٻڌايل ڳالهيون مبهم ۽ غير واضح آهن ۽ گهڻي حد تائين انهن جي رڳو روايتي مدح سرائيءَ ۽ قصيده گوئيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. ڏيواجيءَ ”هند جي اڪثر حڪمرانن سان عهدناما ڪيا“ ۽ سندس مطلق حڪمرانيءَ هيٺ سڀ علائقا ايتريقدر ته پرامن هئا،  جو قافلا مڪمل سلامتيءَ سان هڪ کان ٻئي هنڌ ڏانهن سفر ڪندا هئا. هن جو پٽ، سهرس ۽ سندس پوٽو، سهاسي، پڻ خوشحال ۽ ڪامياب حڪمران هئا. ”چچ نامي“ جي مطابق، انهن مان پوئين نالي واري راجا جي پٽ ئي، جنهن جو نالو پڻ سهرس هو، پنهنجي حڪومت جو انتظام، اختيارت جي تفويض جي اصول تحت، رکڻ جو دستور قائم ڪيو. هن جي بادشاهيءَ جي پکيڙ ۽ ٻيءَ صورتحال تي غور ڪندي (جيڪڏهن اسين قديم تذڪرن ۾ تحرير ڪيل ڳالهين کي عمومي طور قبول ڪريون)، اهو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته اهو انتظام ڏاڍي سٺي نموني ۾ بيهاريو ويو هو ۽ هلي رهيو هو.

دارالحڪومت وارو صوبو، جنهن تي خود سهرس پنهنجي گاديءَ واري شهر الور مان حڪومت ڪندو هو، سو گهڻو ڪري اڄوڪي اپر سنڌ ۽ گهڻو ڪري ديراجات جي ڏاکڻي حصي، ۽ ڪڇيءَ سميت بلوچستان جي ڀرپاسي وارن علائقن تي مشتمل هو. اهڙي طرح ان صوبي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، ۽ ان ٻن ٻن گورنري صوبن کي، جن  جي گاديءَ جا شهر هڪ پاسي سنڌ ۾ برهمڻ آباد ۽ سيوهڻ ۽ ٻئي پاسي پنجاب ۾ اسڪالند ۽ ملتان هئا، تقريباً ٻن ساهميءَ جي پڙن وانگر هڪٻئي جي نسبت ۾ (5) پوريءَ برابريءَ جي وزن ۾ بيهاريو ٿي. برهمڻ آباد جو صوبو سنڌو نديءَ جي اوڀر واريءَ مرڪزي سنڌ، سڄي لوئر سنڌ ۽ شايد ڪڇ تي مشتمل هو، ۽ سيوهڻ (سيوستان) واري صوبي ۾ لڳ ڀڳ جديد لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا، ۽ ممڪن آهي ته لسٻيلو پڻ شامل هئا. اَسڪالند صوبي ۾ شايد بهاولپور رياست ۽ ان جي آسي پاسي وارا پنجاب جا ضلعا، ۽ ملتان صوبي ۾ اهو سڄو علائقو شامل معلوم ٿئي ٿو، جيڪو وڃي مٿي لوڻاٺين پهاڙين (سالٽ رينج) سان لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ صوبي جي سرحد ڪشمير سان مليل هئي.

صوبن جا گورنر، ڪن حالتن ۾ خود راءِ جا ويجها عزيز هئا؛ انهيءَ سرشتي ۾ هڪ هيءُ  نقص آهي ته شاهي نسل جي گورنرن ۽ ماتحت حڪمرانن کي، غير شاهي نسل سان وابسته گورنرن جي ڀيٽ ۾، هڪ ڪمزور بادشاهه مان فائدي وٺڻ ۽ پنهنجي لاءِ آزاديءَ  ۽ خود مختياريءَ جي اعلان ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحريص ۽ لالچ ميسر هوندي آهي. اها ئي ڳالهه ايراني شهنشاهت ۾ بار بار واقع ٿيندڙ افراتفريءَ جو سبب هوندي هئي، ۽ تذڪرن مطابق، هڪ ماتحت گورنر جي اهڙيءَ نوعيت جي لالچ ئي راءِ سهرس کي هڪ اهڙي مقابلي ۾ڦاسائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو. اسين اڳتي هلي، اهو ڏسنداسون ته هڪ ٻيو ڪتاب پڻ اهو قصو ڏئي ٿو، يا ممڪن آهي ته اهو حيرت انگيز طور بلڪل ساڳيءَ نوعيت جو پر  واضح طور ٻيءَ طرح جو قصو هجي، ڇو ته انهيءَ ۾ راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومتن جا اهڙا سال ڏنل آهن، جيڪي تذڪرن ۾ آيل تفصيل کان بلڪل مختلف آهن. اچو ته پهريائين انهن تذڪرن ۾ بيان ٿيل ڪهاڻي ٻڌون:

”اوچتو ئي اوچتو نمروز جي بادشاهه جي لشڪر هن جي ملڪ تي ڪاهه ڪئي، ۽ هو وڌي، اچي مڪران ۾داخل ٿيو. جڏهن اها خبر سهرس بادشاهه وٽ پهتي، تڏهن هو الور جي قلعي مان پنهنجو مکيه لشڪر ساڻ ڪري، وڌيڪ وقت وڃائڻ کان سواءِ دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جلدئي هو وڃي جنگ ۾ شريڪ ٿيو، ۽ ٻنهي طرفن کان ڪيئي بهادر ماڻهو ۽ آزمايل جنگي جوڌا مارجي ويا، تڏهن ايرانين پنهنجي خلقڻهار ۾ مڪمل اعتماد ڪري، پنهنجي مخالف تي هڪ ڀرپور حملو ڪيو. راءِ سهرس جو لشڪر ٽڙي پکڙي ويو، ۽ دشمن ان تي غالب پئجي ويو، ۽ ان کان پوءِ سڄي لشڪر وٺي ڀاڄ کاڌي. لاءِ سهرس مضبوطيءَ سان ڄميو رهيو ۽ پنهنجي نالي ۽ ناموس خاطر وڙهندو رهيو، تان جو هو قتل ٿي ويو. فارس جو بادشاهه موٽي نمروز ويو ۽ سهرس جو پٽ، راءِ سهاسي، پنهنجي پيءُ جي تخت تي ويٺو.“

نمروز نالو سَجستان کي ڏنل آهي- روايتي طور اهو علائقو ڪيخسرو طرفان عظيم رستم کي سندس گذاري لاءِ عطا ڪيو ويو هو، جنهن کي ايران جي تاريخ ۾ مڪران (7) جو فاتح سڏيو ويو آهي- ۽ ان جو ”بادشاهه“ جو ايراني شهنشاهت جو ڪو ماتحت حڪمران هوندو، جنهن پنهنجي خودمختياريءَ اعلان ڪيو هو. اها ڳالهه پهرينءَ ئي نظر ۾ هيءُ خيال پيدا ڪري ٿي ته اهو واقعو يا ته ”هورمزد چوٿين، يا اٽڪل سنه 579ع ۽ 592ع جي وچ ڌاري خسرو پرويز جي بادشاهيءَ جي اوائلي حصي جي دوران ٿيو هو. ايران کي انهيءَ عرصي ۾ خارجي جنگين ۽ داخلي طور بهرام چُوبِن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو هو، جنهن نيٺ سنه 591ع ۾ سچ پچ تخت تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي وقت ۾ سيستان صوبي جي هڪ باغي گورنر لاءِ اها فطري ڳالهه هئي ته هو سرحد سان لڳ مڪران صوبي تي، جيڪو پڻ شاهه جي گرفت کان ترڪي نڪتو هو، قبضي ڪرڻ ذريعي، پنهنجي اقتدار ۽ نئين حاصل ڪيل طاقت کي مستحڪم ڪرڻ جو اهو موقعو غنيمت ڄاڻي، ان مان پورو پورو فائدو وٺي. اها ڳالهه سهرس لاءِ پڻ قدرتي ڳالهه هئي ته هو پاڻ، جيڪو هڪ مغرور ۽ جنگجو شخصيت جو مالڪ هو، انهيءَ انعام کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ  به ڪوشش ڪري.

سنڌ جي حڪمران گهراڻي جي شان ۽ وقار ۾، بهرحال، هن شڪست جي نتيجي ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آيل معلوم ٿئي، ۽ سهاسي پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل ساڳيءَ ۽ سڄيءَ ساريءَ بادشاهيءَ جو جائنشين بڻيو. ”تحفته الڪرام“ جي مطابق، ”سهرس جو لشڪر هڪ هنڌ اچي هڪ منظم فوج وانگر جمع ٿيو ۽ انهن سندس پٽ سهاسيءَ کي تخت تي ويهاريو (8).“ سهرس جي انهيءَ مهم بابت ”چچ نامي“ ۾ ڏنل تفصيلن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هو سنڌ جي فوج جو فقط هڪ حصو ساڻ وٺي، اٻهرائيءَ ۾ اڳتي وڌيو هو، ۽ هن انومان ڪڍڻ لاءِ بنياد آهن ته هن جو پٽ لشڪر جو باقي حصو هن جي پٺڀرائيءَ ۽ مدد لاءِ پٺيان وٺي ويو هو. ان مان هيءَ حقيقت پڻ واضح ٿي بيهندي ته آخر ڇو ”نمروز جي بادشاهه“ نه فقط پنهنجي فتح کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو وڌيڪ اقدام نه ڪيو، پر ساڳئي وقت هو اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي ملڪ طرف موٽي هليو ويو!

راءِ سهاسي ٻئي جو بادشاهيءَ وارو زمانو، تذڪرن جي مطابق، پرامن ۽ آسودگي وارو هو. ”هن ملڪ ۾ پنهنجي اختياريءَ کي محسوس ڪرايو، ۽ هن جي پيءُ جي طرفان جيڪي چار شهزادا مقرر ڪيا ويا هئا، اهي هن جي تابعداريءَ  ۾ رهيا ۽ هن جي اختياريءَ کي قبول ڪيائون. انهن، هن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي جذبي جو خوب مظاهرو ڪيو، پنهنجي دولت هن جي استعمال لاءِ سندس تصرف ۾ ڏني ۽ هن جي هر طرح ايمانداريءَ ۽ پوريءَ قوت سان پٺڀرائي ڪئي. اهڙيءَ طرح سڄو ملڪ راءِ سهاسيءَ جي طاقت سبب وڌيڪ سلامتي ۽ تحفظ محسوس ڪرڻ لڳو، ۽ ماڻهو هن جي عدل ۽ انصاف واريءَ حڪومت ۾ نهايت خوش زندگي گذارڻ لڳا“. اها ڳالهه ”چچ نامي“ ۾ درج آهي، ۽ جيسين ”تحفته الڪرام“ جو تعلق آهي، سو وڌيڪ ائين به چوي ٿو ته ”هن پنهنجي رعايا جون ڍلون ۽ محصول هن شرط تي معاف ڪيا ته هو اُچ، ماتيلا، سيئو راءِ، مائو يا مڏ، الور ۽ سيوستان جي ڇهن قلعن جي اوسارين جي مرمت ڪري ڏين (10)“.

هن سلسلي ۾، اُچ جي نالي سان (جنهن مان مطلب بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، اچ شريف آهي)، ٿي سگهي ٿو ته حيرت ٿئي، پر ان مان گهٽ ۾ گهٽ اهو ثابت ٿئي ٿو ته قديم صوبائي دارالحڪومت اسڪالند کي اهو شهر نه سمجهڻ گهرجي. ماٿيلو ۽ سيئوراءِ، ويندي مغل دور تائين، اهميت وارا شهر رهندا آيا، انهن جا ڦٽل نشان اڄ ڏينهن تائين ترتيبوار گهوٽڪيءَ ۽ سبزلڪوٽ جي ڪجهه ميلن جي اندر ڏسي سگهجن ٿا (11). قديم دور جي مائو قلعي کي، نوشهرو فيروز تعلقي ۾ مائو مبارڪ جي نالي سان مشهور ٿيل قديم دڙي ۾شناخت ڪري سگهجي ٿو. قلعن جي متعلق لکيل انهيءَ بيان ۾، جيڪو ائين رواجي نموني ۾ اتي آيو آهي، هن ڳالهه جو اشارو موجود سمجهي سگهجي ٿو ته سهاسيءَ  جو ملڪ، بهرحال، اهڙو سلامتيءَ وارو ڪونه هو، جهڙو ان لاءِ  ٻئي ڪنهن هنڌ چيو ويو آهي؛  شايد ايتري تائين به، جو سندس ملتان وارو گورنر، هن جي وفاداريءَ جي ذميواريءَ کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي گلي مان لاهي اڇلائي سگهيو هو، ۽ سندس اترئين سرحد سسي ويئي هئي، درحقيقت اها ڳالهه اسان کي سنڌ جي بادشاهيءَ متعلق جيڪو احوال هڪ غير جانبدار مبصر، ٻڌڌرم جي عالم ۽ استاد، يوئان چانگ، ٻڌايو آهي، جيڪو سن 641ع ڌاري هتي آيو هو، ان سان ٺهڪي اچي ٿي.

هن جاءِ تي اسان کي سنن جي ترتيب جو مسئلو درپيش اچي ٿو،  ۽ آئنده پڻ اهو موجود رهندو، جنهن کي واٰضح ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪيترين اهڙين ڳالهين جو ذڪر اڳواٽ ڪرڻو پوندو، جيڪي قديم وقائع نگارن بعد ۾ آيل گهراڻي جي متعلق بيان ڪيون آهن. تخت جي غاصب، چچ برهمڻ، لاءِ چيو ويو آهي ته هن هجري سن جي پهرئين سال-يعني 622ع ۾- سنڌ اندر پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو. اها ڳالهه يقيني آهي ته هن جو گهراڻو سن 92هه يا 93 هه ۾ ختم ٿي ويو. اسان وٽ انهيءَ حقيقت لاءِ ٻي به ثابتي موجود آهي. ٻئي طرف، ان گهراڻي جي ٽنهي راڄن جي سالن جو جوڙ نوي جي بدران ”تحفته الڪرام“ ۾ ايڪاسي ڄاڻايل آهي. ايليٽ ڏيکاريو آهي ته چچ جي تخت نشينيءَ جي سال کي، تذڪري ۾ ڪنهن گهڻيءَ هيٺ مٿانهينءَ جي ڪرڻ کان سواءِ سن 1 هه کان ڦيرائي سن 10 هه ڪرڻ ممڪن آهي (12). پر انهيءَ طرح سنن جي حاصل ڪيل تطبيق سنڌ متعلق يوئان چانگ جي ڏنل بيان جي پيدا ڪيل دشواريءَ کي هٽائي نٿي سگهي. ايليٽ جي حساب سان، هن جو سنڌ وارو سفر انهيءَ وقت شروع ٿيو هوندو، جڏهن چچ کي تخت تي ويٺي اٽڪل نَوَ سال گذري چڪا هوندا؛ پر اهو ياتري جيڪو احوال اسان کي ڏئي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت راءِ  گهراڻو اڃا اقتدار ۾ هو.

هو چوي ٿو ته بادشاهه ”سيئو-تو-لو“ جاتيءَ جو هو، جنهن جي تشريح سواءِ لفظ ”سودر“ جي ٻي ڪا ٿيڻ ممڪن نٿي نظر اچي؛ اهو ساڳيو لفظ، وچ هندستان ۾ ”مو-تي-پائو-لو“ جي بادشاهه لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو آسماني جسمن جي پوڄا ڪندو هو، ۽ کيس ٻڌ جي تعليمات ۾ ويساهه ڪونه هو. ڪيترن ئي موقعن تي يوئان چانگ هندستان جي بادشاهن جو حوالو ڏيندي، انهن کي ”کشتري“ (تچ-تي-لي) سڏي ٿو؛ ٻين کي هو نسلي نالن، جهڙوڪ ساڪه، ترڪ ۽ ٻين اهڙن نالن سان منسوب ڪري ٿو. هو هندومت ۾ برهمڻن جي درجي بابت پوري ڄاڻ رکندو هو؛ انهن کي هو ”پو-لو-مين (13)“ چوي ٿو. هو اُجين جي بادشاهه متعلق واقعي چوي به ٿو ته هو انهيءَ جاتيءَ جو هو. انهيءَ ڪري اها ڳالهه ناقابل فهم آهي ته هو سنڌ جي بادشاهه کي ”سودر“ لکي ڇڏي، جڏهن ته اهو بادشاهه سچ پچ برهمڻ هو. هن ڳالهه ۾ مصنف طرفان غير معمولي غفلت کي فرض ڪرڻ کان سواءِ—جيڪا نقل نويسن جي رواجي بي احتياطيءَ کان مٿي آهي- اسان کي اهو ئي فيصلو ڪرڻو پوي ٿو ته سنه 641ع ۾ سنڌ جو بادشاهه چچ کان علاوه ڪو ٻيو ئي هو (14).

ياتريءَ کي ٻڌ ڌرم ڏانهن هندستان جي بادشاهن جي رويي جو ڏاڍو، ۽ خاص طور، فڪر هو؛ هو چوي ٿو ته سنڌ جي بادشاهه کي ٻڌ جي قانون لاءِ تمام گهڻو احترام هو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو مطلب ائين ٿي سگهي ٿو ته بادشاهه پاڻ ته انهيءَ مذهب جو ڪو نه هو، ۽ هو فقط ان لاءِ عزت جو جذبو رکندڙ هو؛ پر اسان کي ان باري ۾ يقين هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن بادشاهه برهمڻ هجي ها، ته يوئان چانگ انهيءَ حقيقت جو بيان ضرور ڪري ها. اسين ڏسون ٿا ته هو ”ڪيئا-مو-ليئو-پو“ (ڪماروپا) ۽ ”آئو-چي-يين-نا“ (اُجين) جي برهمڻ بادشاهن جي رويي کي بطور خاص واضح ڪرڻ لاءِ تيار  ۽ هردم هوشيار رهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته شاهي گهراڻن جا برهمڻ هن جي مذهب جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا.

چنانچه، اسان کي هاڻي انهيءَ اندازي جي آڌار تي اڳتي وڌڻ گهرجي ته ياتري جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، اتان جو بادشاه راءِ گهراڻي جو هڪ فرد هو. اسان کي اها توقع رکڻ گهرجي ته هن کي کشتري فرقي جو ٻڌايو وڃي ها، جهڙيءَ طرح پاسي وارين بادشاهين- گجرات ۽ وَلڀي (15)- جي حڪمرانن لاءِ چيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ر اءِ گهراڻي جا راجائون حمله آور لوڪن جي ڪنهن گهٽ درجي واري نسل جا هئا، ۽ جيئن ته هو گهڻو پوءِ، روايتي طور مشهور ٿيل ”مليڇ“ ملڪ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري سگهيا هئا، انهيءَ ڪري انهن کي کشتري فرقي ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.

انهيءَ بادشاهه جي ملڪ جي ورڇ، جيئن يوئان چانگ طرفان اها ٻڌائي ويئي آهي، گهڻي ڀاڱي راءِ سهرس جي بادشاهيءَ جي مرڪزي، ڏاکڻي ۽ اڀرندي علائقي جي تنظيم ۽ ورڇ سان ٺهڪي اچي ٿي، جهڙيءَ طرح ان جو تذڪرن ۾ بيان ڏنل آهي، پر ملتان صوبي لاءِ ياتري طرفان پڪ سان چيو ويو آهي ته اهو سندس ياترا جي وقت ”چيهه- ڪا“ نالي هڪ رياست جو باجگذار صوبو هو، جيڪا رياست انهيءَ دور ۾ اتر پنجاب ۾ واقع هئي (16).

بظاهر يوئان چانگ جو ”سِن-تُو“، جنهن جو گهيرو ست هزار ”لي“ هو، تذڪرن واري دارالحڪومتي صوبي سان مطابقت رکي ٿو، حالانڪ گاديءَ واري شهر جو نالو، ”پي-چين-پو-پُو-لو“ اڄ تائين هڪ اهڙو ڳجهارت آهي، جنهن جو ڪو حل ئي ڪونه ٿيو آهي (17). ”اي- ٽينن-پو-ٽچي-لو“ نالي ملڪ، جنهن جو گهيرو ساڳيءَ طرح پنج هزار ”لي“ هو، برهمڻ آباد صوبي سان ٺهڪي اچي ٿو- جيڪو سنڌو نديءَ سان لڳو لڳ سمنڊ جي ساحل تائين ڦهليل هو. ممڪن آهي ته ”پي-ٽو-شيهه-لو“ ۽ ”اي-فان- ٽو“ يا ”او-فان-چا“، جن مان پهرئين جو گهيرو ٽي هزار لي ۽ پوئين جو 2500 هو، گڏجي سيوستان صوبي جي تشڪيل ڪري رهيا هئا.

”لئنگ-ڪا-لو“ نالي سان سڏيل يوئان چانگ واري ملڪ ۾، هن جي انهيءَ جي وچان ڪيل سفر جي ڊيگهه کي خيال ۾ رکندي، ائين ٿو سمجهجي ته مڪران جو چڱو خاصو حصو شامل هوندو، ۽ جيئن ته هو انهيءَ ملڪ جو بيان ڏيندي، ان کي خود مختيار قبيلن جي رهڻ وارو ملڪ سڏي ٿو، ان ڪري معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ ملڪ جا سنڌ توڙي ايران سان ڪي به اثرائتا سياسي لاڳاپا ڪين هوندا. اسان کي معلوم آهي ته سنه 641ع ۾، شاهه يزد چرد پنهنجي سلطنت کي عربن جي حملن کان بچائڻ لاءِ، آخري هٿ پير هڻڻ جي ارادي سان مختلف صوبن مان اڃا به فوج ۾ ڀرتي ڪري رهيو هو؛ پر هن ياتريءَ ايران جي باري ۾ جيڪو ٿورو بيان ڏنو آهي، تنهن ۾ هن اهڙي بحران بابت ڪو هڪ لفظ به نه لکيو آهي، جنهنڪري هن جو اهو بيان سنئون سڌو ٻئي ڪنهن کان ٻڌل ڳالهين تي مشتمل آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ساساني حڪمران شاهه هو رمزد جي بادشاهيءَ دوران آيل عام افراتفريءَ کان پوءِ مڪران واري ماتحت صوبي جو قبضو ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيا هئا؛ يا ته انهن اهڙي ڪا ڪوشش ئي نه ڪئي هئي، جنهن ڪري اتان جا ماڻهو پنهنجي سابق اعليٰ حڪمران جي قسمت کان بي نياز ۽ بيپرواهه بڻجي ويا (18).

ياتري سنڌ جي ماڻهن کي سخت ۽ سڀاءَ جا ڪٺور سڏي ٿو، جيڪي پنهنجا تڪرار وڙهي نبيرڻ ڏانهن مائل هئا. هو ذري گهٽ هڪ ئي ساهيءَ ۾ چوي ٿو ته اهي ايماندار ۽ سڌا هئا، ۽ انهن ۾ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ پرپٺ غيبت جي عادت هئي. هو اتان جي عام ماڻهن ۾ ”ٻڌ جي قانون لاءِ دلي احترام“ جو ذڪر ڪري ٿو، پر ان جي معنيٰ شايد ٻڌ ڌرم جي مقدس آستانن، تبرڪات ۽ پاڪ جاين لاءِ سندن وهمي عقيدي کان وڌيڪ ٻي ڪا ڪانه هئي، مڙهيون هتي بيشمار هيون، ”سن-تو“ ۾ سوين، ۽ ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ ۾ اَسي- پر ”سِن-تُو“ جا ٻاوا عام طور سست ۽ بدباطن هئا. ٻئي طرف هتي ڪيئي ڏاها ۽ نيڪ ماڻهو هئا، جيڪي علم جا پياسي هئا، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو جبلن ۽ جهنگن جي تنهائيءَ ۾ هليا ويندا هئا.

سنڌو نديءَ جي ڪپن سان رهندڙ ڌنار ماڻهو، جيڪي ڪچي ۾ ۽ درياه جي شاخن تي رهندا هئا، جن جو تعداد بيشمار هو، سي قديم نسل جا ۽ ويڙهو هئا. يوئان چانگ حساب لڳايو ته انهن ماڻهن جا لکين ڪٽنب اهڙا هئا، جن جو خاص ڪم جان وٺڻ يعني جاندارن کي مارڻ هو. انهن ماڻهن ۾ طبقاتي فرق يا درجي بندي ڪانه هئي، نه چوپائي مال جي انفرادي ملڪيت جو وٽن ڪو رواج هو. چوپائي مال جا ڌڻن جا ڌڻ ميدانن ۾ گور چرندا رهندا هئا. مرد توڙي عورتون پنهنجا وار وڍي ننڍا ڪندا هئا، ۽ ٻڌ ٻِڪشن وارا ڪپڙا ڍڪيندا هئا، حالانڪ اهي مذهبي اصولن ۽ عقيدن کان بلڪل بيخبر هئا.

هڪ طرف جتي ملڪي آباديءَ جي وڏي اڪثريت، ڪم از ڪم نالي ماترئي، ٻڌ ڌرم جي پوئلڳ هئي، اتي يوئان چانگ اهو به ٻڌائي ٿو ته ”سِن-تُو“ ۾ هندو ديوتائن جي پوڄا پاٺ لاءِ اٽڪل ٽيهه مندر موجود هئا؛ هو انهن جي پوڄارين لاءِ پنهنجي نفرت جي دستوري اظهار ڪرڻ کان نٿو مڙي (19).

”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ جو ڏاکڻو راڄ اڪثر صورتن ۾ ”سن-تو“ جي ڏکڻ واري ملڪ جهڙو هو، پر ان جي ڪن مخصوص ڳالهين ياتريءَ جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. مثلاً اتان جا گهر خوبصورت ۽ نفيس عمارت سازيءَ جي نموني جا هئا، جيڪا ڳالهه انهن ۾ اڪريل پٿر جي استعمال جي شاهدي ڏئي ٿي، ۽ اهي ”قيمتي شين سان پر“ هئا. انهيءَ مان ان جي سامونڊي واپار جو خيال پيدا ٿئي ٿو، پر هن جي لکڻين ۾ ڪٿي به ڪنهن اهڙي سامونڊي بندر جو ذڪر ڪونهي، جيئن هن اڀرندي هندستان ۾ ”تان-مو-لي-تي“ بندر جي موجود هئڻ جو ذڪر ڪيو آهي (20). مون پنهنجي پهرئين جلد ۾ هن راءِ ڏيڻ جي جرئت ڪئي آهي ته جنهن هنڌ کي يوئان چانگ ”کائي-ٽسي-چي-فا-لو“ ملڪ جو دارالحڪومت وارو شهر چوي ٿو، سو پنهنجي مشهور معروف مهيشور مندر سميت، گهڻو ڪري اهو ساڳيو شهر هوندو، جيڪو عربن کي ديبل جي نالي سان معلوم هو؛ پر اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته قديم تذڪرن مطابق، ڏاکڻي صوبي جي گاديءَ وارو شهر خود برهمڻ آباد هو، جنهن ۾  اهڙي ئي مندر جي موجودگي بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿي. ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ وري ”پي-ٽو-شيهه-لو“ نالي واري الهندي صوبي ۾، يوئان چوانگ اها ڳالهه ڏٺي ته ٻنهي صوبن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائجي رهي هئي، تنهن ۾ مرڪزي هندستان واري ٻوليءَ کان ڪافي گهڻو اختلاف ۽ فرق نظر اچي رهيو هو. مندرن ۾ پوڄا لاءِ ايندڙ پوڄارين جو وڏو تعداد پڻ هندو فرقي جو هو، جيڪي پنهنجي بت تي رک يا چيڪي مٽي مليندا هئا؛ ممڪن آهي ته اهي گجرات کان آيل جين ڌرم جا ڊگمبر هجن.

يوئان-چوانگ طرفان سنڌ جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويئي آهي، سا هن جي هر وقت پنهنجي مذهبي مهم سان وابسته هجڻ ۽ هردم هن جي انهيءَ ڌن ۾ مگن رهڻ سبب، غير معتبر ۽ محدود آهي. هن جي لکڻين مان اسين هن ملڪ جي سخت ۽ ڪٺور طبع رهاڪن  ۾ هڪ فوجي ۽ ويڙهو قوم جو وجود ته محسوس ڪري سگهون ٿا، پر اسان کي انهن جي رسمن ۽ رواجن، ادارن ۽ تنظيمن، انتظامي مشينريءَ يا مواصلات متعلق ڪو به اهڙو سراغ نٿو ملي، جن جي آڌار تي ايتري وسيع ملڪ تي اتان جو ملڪي نظام قائم هو ۽ هلي چلي رهيو هو.

هاڻي اسين هڪ اهڙي واقعي تي اچون ٿا، جنهن ۾انهن سڀني ڳالهين جي عملي طور آزمائش ٿي ويئي. مون اڳيئي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي هڪڙي بادشاهه مڪران کي ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ اوڏانهن پيشقدمي ڪئي هئي، ۽ ان جنگ ۾ هن کي شڪست کائڻي پيئي هئي. ان واقعي جي ڳالهه ٻن روايتن جي صورت ۾ موجود آهي. اسين تذڪرن واريءَ روايت جو جائزو اڳيئي وٺي  چڪا آهيون، جنهن ۾ مقابلو ڪندڙ سهرس ثاني ۽ ”نمروز“ جو بادشاهه آهن، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اسان هيءَ راءِ ڏني آهي ته سن579ع کان پوءِ آيل دور بلڪل اهڙي حالت پيدا ڪئي، جنهن ۾ اهو واقعو ائين ئي ٿيو هوندو، جيئن ان جو بيان ڪيو ويو آهي.

ٻي روايت اسلام جي اوائلي دور جي تاريخ مان نڪري ٿي، ۽ ان جي وقوع ٿيڻ سان يعني سن 644ع (مطابق 23 هجري سال) بابت ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي.

عربن، سن 21هه (مطابق 642) ۾ نهوند جي ميدان ۾ شاهه يزدجرد تي آخري فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ خليفي (حضرت) عمر (رضه) جي هدايتن هيٺ، ايراني شهنشاهت جي ماتحت صوبن کي پنهنجي مفتوح علائقي سان ملائڻ  جو ڪم شروع ڪيو. انهن صوبن  کي، شڪست کاڌل شهنشاهه، جيڪو پنهنجي سر جي بچاءَ لاءِ پاڻ ڀڄندو لڪندو ٿي رهيو، پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو، ۽ انهن کي مرڪز وٽان ان سلسلي ۾ ڪابه رهنمائي ۽ هدايت ڪانه ملي رهي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن مان هر هڪ صوبي کي هڪ هڪ ڪري فتح ڪيو ويو، ۽ انهن مان سڀ کان پويون صوبو مڪران هو، جنهن عربن  جي اطاعت قبول ڪئي.

اسان کي مورخ يفائي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهو صوبو هڪ مَلِڪ جي حڪومت ۾ هو، جنهن جو نالو سعد هو، جنهن سنڌ جي مَلِڪ کان مدد طلب ڪئي، ڇاڪاڻ ته ”مڪران جي حڪومت جو سنڌ جي مٿان انحصار هو.“ ”.... اهو مَلِڪ، جنهن بيشمار هاٿين سميت لاتعداد لشڪر گڏ ڪيو هو، پنهنجي اڳواڻيءَ  ۾ فوج وٺي، ملڪ سعد جي مدد لاءِ نڪتو. جيئن ئي انهن تيارين جي خبر ڪرمان پهتي، ته عبدالله بن عبدالله انهيءَ ملڪ ۾ پنهنجي پٺيان هڪ نائب ڇڏي، جيڪا به فوج موجود هئي، تنهن کي وٺي، ٻين عرب سردارن ۽ سپهه سالارن جي مدد لاءِ نڪري پيو، جيڪي اڳيئي مڪران موڪليا ويا هئا.“ عبدالله، انهن اڳين فوجن سان گڏجڻ کان پوءِ سنڌ جي حڪمران جي لشڪر تي رات جو حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس مڪمل ڪاميابي نصيب ٿي. اهو بادشاهه مارجي ويو، سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ڀڄي ويو ۽ اٿاهه مال غنيمت عربن جي هٿ آيو، چيو وڃي ٿو ته عبدالله مال غنيمت جو پنجون حصو خليفي عمر رضه ڏانهن موڪليو ۽ کانئس پڪڙيل هاٿين جي نيڪال ڪرڻ متعلق هدايتون گهريون: اهي کائڻ لائق نه هئا، ۽ خود جيئري رهڻ لاءِ تمام وڏو قوت گهري رهيا هئا: ان کان علاوه انهن تي سواري ڪرڻ جهڙا ڪي لغام به وٽن ڪين هئا. هن خليفي کان سنڌ ۾ اڳتي يلغار ڪرڻ جي اجازت پڻ گهري. خليفي عمر رضه کي جيئن ته مڪران جي آبهوا ۽ طبعي حالت متعلق ڪي خوش ڪندڙ خبرون نه مليون هيون، ۽ ان سان گڏ کيس اهو به ٻڌايو ويو هو ته مڪران کان پري جيڪو ملڪ (سنڌ) هو، سو وري انهيءَ کان به وڌيڪ خراب ۽ ڏکيو هو، ان ڪري هن عبدالله کي اهو حڪم موڪليو ته هو اتان کان اڳتي پيشقدمي نه ڪري. باقي هاٿي ”مڪاني مَلڪن“ کي فروخت ڪري ڇڏڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو، جن انهن جي واپار مان ڪافي رقم ڪمائي.

اهو بيان ”تاريخ گُزيده“ مان ورتل آهي، جنهن جي مصنف کي ريناڊ هڪ محتاط ليکڪ شمار ڪيو آهي ۽ جنهن جي تصديق حسن بن محمد شيرازيءَ طرفان ”منتخب التواريخ“ ۽ ڪجهه تفصيلن جي فرق سان ”حبيب السير (21)“ ۾ پڻ ڪئي ويئي آهي. سپهه سالارن جا نالا هر هڪ ڪتاب ۾ مختلف آهن، جيڪا ڳالهه، بهرحال، ڪا غير فطري ڪانهي، ڇاڪاڻ ته انهن جنگين ۾ مختلف ننڍا ننڍا لشڪر جدا جدا هنڌن تي مصروف  هئا.

انهيءَ جنگ کي، جيڪا سنه 23هه ۾ ٿي، هڪ ٻيءَ تاريخي سند ۾ ”نديءَ واري جنگ“ سڏيو ويو آهي- ندي مان مراد شايد مڪران جي مشڪيل نهر هجي. ان ۾ سنڌ جي حاڪم جو نالو مَلِڪ رَسَل ٻڌايو ويو آهي، پر هو اها ڳالهه نه ٿو ڪري ته هو ڪو مارجي ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته ”چچ نامي“ وارو نالو، سهرس شايد ”سري رسل“ جي بگڙيل صورت هجي. ”منتخب التواريخ“ وارو سنڌ جي حڪمران کي هڪ خطاب ڏئي ٿو، ۽ چوي ٿو ته ”سنڌ جي ٻوليءَ ۾ هو پنهنجي مَلِڪ کي، بلڪل انهيءَ نموني سان ”زبنيل“ چون ٿا، جهڙيءَ طرح عجم جي مَلِڪ کي ڪسريٰ ۽ روم جي مَلِڪ کي قيصر جو لقب ڏنو وڃي ٿو.“ ”مجمل التاريخ“ ۾ وري اهو چيل آهي ته ”ڪابل ۽ سنڌ جي بادشاهن کي ”رتبيل“ چيو ويندو آهي.“ انهيءَ نالي جي عربي اکرن کي، هڪ کان ٻيءَ ٻوليءَ جي حرف ۾ جدا جدا صورت ملي سگهي ٿي. ايليٽ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته ”رنبل“ نالي واري ڪابل جي حڪمران، مڪران واريءَ جنگ کان اٽڪل پنجاهه سال پوءِ، اسلامي لشڪرن جو جيڪو ڪامياب ۽ جگري مقابلو ڪيو هو، ان سبب هن جي شخصيت کي جيڪا عام شهرت ملي، تنهن هن کي پوءِ جي وقائع نگارن لاءِ ”هند جي سرحدن تي لڙيل مذهبي جنگين جي ڪيترين ئي عربي ڪهاڻين ۾ هڪ سورمي يا مرڪزي شخصيت طور پيش ڪرڻ جو جواز موجود ڪري ڏنو“ (22).

سنڌ جا حڪمران اهو خطاب استعمال ڪندا هئا يا نه، تنهن کان قطع نظر، هڪ هيءَ ڳالهه صاف نظر اچي رهي آهي ته هن هنڌ اسان جو  واسطو راءِ گهراڻي جي هڪ بادشاهه سان آهي. اهو بادشاهه گهٽ ۾ گهٽ چچ ڪونه هو.

اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي باقي رهجي وڃي ٿو ته ڇا سنڌ جا ٻه حڪمران مڪران جي مهم دوران—جن مان پهريون سيستان جي ماتحت حاڪم جي طرفان انهيءَ صوبي (مڪران) تي قبضي ڪرڻ جي حق تي اختلاف ڪندي، ۽ ٻيو عربن جي خلاف خود مڪران جي گورنر جي واهر ڪرڻ لاءِ ويندي- مارجي ويا هئا، يا ٻيئي روايتون هڪ ۽ ساڳئي واقعي سان واسطو رکن ٿيون. ونسينٽ سمٿ پنهنجي ڪتاب ”دي ارلي هسٽري آف انڊيا“ ۾ پوئينءَ يعني ”عرب روايت کي ترجيح ڏئي ٿو، ۽ هيءَ ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت قائم هئي، ۽ اهو گهراڻو هڪ ٻيءَ، پر تاريخ جي صفحن تي نه آيل، شڪست ۾ ختم ٿي ويو. هو چوي ٿو ته ”ياتري طرفان سودرا فرقي جي ٻڌ ڌرم واري جنهن بادشاهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو سهرس راءِ پٽ ديواجي هوندو، جنهن جو وارث سندس پٽ سهاسي هو. سهرس راءِ جي بادشاهيءَ جي دوران هر دم فتحياب عرب لشڪر، جيڪي ان وقت پنهنجي پهرئين جوش و خروش ۾ هئا، مڪران (بلوچستان) ۾ داخل ٿيا، ۽ سهرس راءِ هنن جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ کيس شڪست ملي ۽ هو پاڻ مارجي ويو. حمله آورن جو مڪران تي سن 644ع جي آخر ۾ دائمي قبضو ٿي ويو، ۽ اٽڪل ٻه سال پوءِ، سهاسي، جيڪو پاڻ به ڌارئي دشمن جو مقابلو ڪندو رهيو، پنهنجي پيءُ وانگر انهن جي هٿان مارجي ويو.“ اهو پويون خيال هڪ بيان جي غلط فهميءَ تي مبني نظر اچي ٿو، جيڪو ميجر ريورٽيءَ طرفان هڪ مختلف موضوع تي لکيل مضمون ۾ غلطيءَ وچان اچي ويو آهي (23).

هيءَ بدنصيبيءَ جي ڳالهه چئبي، جو اسان کي راءِ سهاسي ٻئي جي راڄ جي مدت متعلق ڪنهن به قسم جي ڪا خبر مليل نه آهي، ان هوندي به ”چچ نامي“ ۾ ڏنل بيان تي شڪ ڪرڻ جو اسان وٽ ڪافي سبب ڪونهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو پنهنجي بستري ۾ ستي پنهنجي قدرتي موت مئو هو (24). سنڌ کي خليفي عمر رضه جي طرفان پنهنجين فوجن کي مشرق طرف اڳتي وڌڻ کان منع سبب سک جي ساهه کڻڻ جي جيڪا فرصت ملي سگهي هئي، تنهن ۾ اسلامي شهنشاهت اندر اڀرندڙ داخلي جنگين ۽ اختلافن سبب  ڪافي وڌيڪ عرصي جو اضافو اچي ويو.

ٿي سگهي ٿو ته عربيءَ ٻوليءَ  جي قديم ۽ بلڪل اوائلي دور جي ڪتابن منجهان هڪ ڪتاب ”فتوح البلدان“ ۾ ان جي ليکڪ البلاذريءَ ”نديءَ واري جنگ“ جي ذڪر کي هن ڪري نظر انداز ڪيو هجي. جو جيتوڻيڪ ان جنگ ۾ مسلمانن جي فتح ٿي هئي،  پر ان جي باوجود ان ۾ اسلامي فوجن کي پٺتي هٽڻو پيو هو، ۽ اهي اڳتي وڌي نه سگهيون هيون. انهيءَ مورخ جي مطابق مڪران جي فتح جو واقعو وبهارو کن سال پوءِ معاويه جي حڪومت ۾ رونما ٿيو هو (25). انهيءَ وچ ۾ مسلمانن جي دٻاءَ جو رخ قلات ۽ ان کان مٿي اتر واري ملڪ طرف ٿي ويو، ۽ اوڏانهن اهو  وڌندو رهيو ٻئي طرف، البلاذري اسلام ۽ سنڌ جي درميان پهرين مقابلن جو وقت، ديبل تي سمنڊ رستي ڪيل ڪاهه جي صورت ۾، هجري سن جي پندرهين يا سورهين سال ۾ ڏيکاري ٿو؛ پر هو انهن بيانن جي سلسلي ۾ انهيءَ زماني جي سنڌ جي بادشاهه بابت ڪجهه به نٿو چوي. ”چچ نامي“ ۾، بهر حال، انهيءَ واقعي کي چچ جي حڪومت واري دور ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ۽ هن جي طرفان سنڌ جي تخت کي ڦٻائڻ واري واقعي کي هجري سن جي ٻئي سال (يا ٿي سگهي ٿو ته هجري سن جي ڏهين سال) سان منسوب ڪيو ويو آهي.

صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي انهيءَ دور جي واقعن متعلق لکندڙ لاءِ مختلف تاريخي سندن جي بيشمار اختلافن ۽  تضادن ۾ مطابقت آڻڻ ناممڪن آهي.

توڻي کڻي اسين ”چچ نامي“ جي سالن کي، جيئن انهن ۾ ايليٽ طرفان ترميم ڪئي ويئي آهي، بنيادي طور صحيح قبول ڪريون. تڏهن به اسان کي اها ڳالهه مجبور ٿي تسليم ڪرڻي پوندي ته يوئان چوانگ غلط فهميءَ وچان برهمڻ چچ کي سودر سمجهيو هو- ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ جڏهن اهو ياتري دوري تي آيل هو، اهو چچ ئي سنڌ جو حڪمران هوندو، جنهن پس منظر ۾ ۽ جنهن تفصيل سان اها ڳالهه لکي ويئي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته نالن جي اها تبديلي، ڪنهن نقل نويس جي غلطيءَ ڪري، سڌي سنئين نموني هڪ ذات جي بدران ٻيءَ ذات جي لکجي وڃڻ جهڙي غلطي نٿي ٿي سگهي. اسان کي عرب تاريخ نويس جي مزيد انهيءَ بيان کي به رد ڪرڻو پوندو، جنهن موجب سنڌ جي هڪ راجا سن 643ع ڌاري مڪران ۾ وڃي شڪست کاڌي، ۽ اتي مارجي ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ چچ ئي راجا هوندو ۽ هو ڪنهن به اهڙي جنگ ۾ ملوث ڪونه ٿيو هو. انهيءَ ڳالهه کي هن طرح سمجهڻ سان البت انهن تضادن ۾ مطابقت آڻي سگهجي ٿي ته اها سڄي ڳالهه سنڌي داستانن مان کنئي ويئي هئي، ۽ ان ۾ رنگ ڀري هڪ اهڙيءَ عرب فتح طور پيش ڪيو ويو ، جيڪا خيالي  هئي ۽ ڪڏهن وقوع پذير ٿي ئي نه هئي.

مسٽر بي.ڊي.ميرچنداڻي انهن دشوارين کي خيال ۾ ئي نٿو آڻي، ڇاڪاڻ ته هن جي راءِ ۾ ”سِن-تُو“ نالي ملڪ، جنهن ۾ يوئان چوانگ آيو هو ۽ جنهن جو هن ان جي ماتحت ۽ مفتوح علائقن سميت بيان ڏنو آهي، سو راءِ گهراڻي وارن جي ملڪ سنڌ کان بلڪل هڪ مختلف ملڪ هو، هن کي يقين آهي ته اهو پويون ملڪ ئي ان زماني ۾ برهمڻ چچ جي حڪمرانيءَ هيٺ هو، جڏهن ياتري ”سِن-تُو“ ۾ ويو هو، جنهن جو راجا سودر فرقي جو هو. يوئان چوانگ طرفان ان ملڪ جي ”جابلو لوڻ“ (سينڌي لوڻ) جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن جي روشنيءَ ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته اهو ”سِن-تُو“ نالي ملڪ ضرور پنجاب ۾ هوندو؛ پر هڪ اها ڳالهه ان کي ”چچ نامي“ واريءَ سنڌ بادشاهيءَ کان جدا ٻئي ملڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، جنهن جي ملتان پرڳڻي لاءِ اسان کي ٻڌايو  ويو آهي ته ان جي سرحد لوڻ وارين ٽڪرين کان به پرتي ڪشمير سان لڳندي هئي. جيڪڏهن ”سِن- تُو“ نالي وارو ملڪ ديره جات سان ٿلهي ليکي به مطابقت رکي ها ۽، جيئن مسٽر ميرچنداڻيءَ راءِ ڏني آهي، جيڪڏهن ”اي-تئين-پو-ٽچي-لو“ لس ٻيلو هجي ها، ته پوءِ اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل ٿي پوي ٿي ته ياتري”سِن-تُو“ کان سڌيءَ طرح، يعني ”چچ نامي“ واريءَ سنڌ بادشاهيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي، جهڙوڪ سيوستان صوبي جي ٻڌيه يا وري ”آ-فين-تئو“ ۽ ”پي-تو-شيهه-لو“ وچان، جن کي مسٽر ميرچنداڻيءَ ڪڇي ۽ جهالان وارا ماتحت صوبا سمجهي ٿو، گذرڻ کان سواءِ اتي ڪيئن پهتو! ڇاڪاڻ ته ياتري ”لينگ-تئن-ڪا-لو“ جي ڏورانهين ملڪ کان موٽڻ تي، جيڪڏهن هو ”اي-تئين-پو-ٽچي لو“ کان ٿيندو ويو هو، فقط انهن نالن وارن ٻن پرڳڻن وچان ئي لنگهيو هو. وري، ياتري لکي ٿو ته آخري نالي وارو صوبو نه فقط ”سمنڊ جي ويجهو هو“، پر ”سنڌو نديءَ تي“ پڻ آباد هو، ۽ لس ٻيلو ائين (سنڌونديءَ تي آباد) ناهي.

آخر ۾، جيڪڏهن ائين سمجهه جي ته”سِن-تُو“ ٻڌ ڌرم واري راءِ گهراڻي جي سنڌ بادشاهيءَ کان بلڪل ٻيو ملڪ هو، ته پوءِ ڇا، اها ڳالهه عجيب و غريب معلوم نه ٿيندي، ته يوئان چوانگ پنهنجي ياترا جي سفر ۾ ٻڌ ڌرم جي مڙهين ۽ ٺُلهن سان ڀريل آخري نالي واري انهيءَ ملڪ کي ائين ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو، جنهن جون اهي ئي مڙهيون ۽ ٺُلهه، جيڪي سندس ياترا جي زماني ۾آباد ۽ انسانن سان ڀريل هئا، اڄ به، جيڪڏهن اسين چاهيون ته، اسان جي ڏسڻ لاءِ موجود بيٺا آهن؟ توڻي کڻي اهو ملڪ انهيءَ زماني ۾ هڪ برهمڻ حڪمران جي ماتحت هو،  پر  اهو (چچ) تعصبي نه هو، ۽ سنڌ جا امير امراءَ ۽ عام رعايا ۽ ماڻهو ته ٻڌ ڌرم جا عقيد تمند هئا (26).

ائين پيو نظر اچي ته مسٽر ميرچنداڻيءَ جو ٻن علحده ۽ مختلف بادشاهين جو هيءَ نظريو انهيءَ دور جي تاريخي واقعن جا جيڪي سن ۽ خصوصاً راءِ جي تخت تي چچ جي غاصبانه قبضي جو جيڪو سال چچ نامي ۾ ڏنل آهي، ان تي بِنهه اکيون پوري اعتبار ڪرڻ جو سڌو سنئون نتيجو آهي. آءٌ ايندڙ بابن ۾ خود ”چچ نامي“ جي اندروني شهادت مان اهو ڏيکارڻ  جو ارادو رکان ٿو ته انهيءَ ”تذڪري“ جو، هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت ۾، قدر ۽ درجو محدود آهي، ۽ تفصيلن جي سلسلي ۾ ته اهو بنهه ناممڪن ڳالهين سان ڀريو پيو آهي.

انهن ناممڪن ڳالهين جو مجموعي اثر تمام گهڻو ٿو ٿئي؛ اسين هن اندازي ڪرڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته يوئان چوانگ جي سنڌ جي ياترا وقت راءِ سهاسي ٻيو اتان جو بادشاهه هو، هو عربن سان جنگ ڪندي سن 643ع ۾ مارجي ويو. هن لاءِ مڪران جي ”مَلڪ“ جي مدد لاءِ وڃڻ جو سبب لس ٻيلي ۾ سندس پنهنجي ئي علائقي جو بچاءُ ڪرڻ هوندو (27). ڇاڪاڻ ته اها غير امڪاني ڳالهه ناهي ته اهو سنڌ جي سيستان صوبي جو ئي هڪ ڀاڱو هو. ان کان اڳ، انهن ڏينهن ۾ جڏهن ايران جي حڪومت ”هڪ عورت جي هٿن ۾ هئي“، سنڌ جي حڪمران جي ڪرمان ڏانهن فاتحانه مهم-اها زبردست پيشقدمي، جيڪا ”چچ نامو“ چچ  ڏانهن منسوب ڪري ٿو، عين ممڪن آهي ته راءِ سهرس يا سندس پيءُ طرفان اختيار ڪئي ويئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه هن واقعي جي روشنيءَ ۾ ائين هجي، جو ”تاريخ-گزيده“ ٻڌائي ٿي ته مڪران جي سرڪار سنڌ جي ماتحت هئي. ٻئي طرف يوئان چوانگ جڏهن ”يينگ-ڪا-لو“ (لس ٻيلي ۽ مڪران) وچان لنگهيو هو، تڏهن کيس اهڙي ڪنهن تعلق جي ڄاڻ نه هئي، ۽ ممڪن آهي ته اهو تعلق هونئن ڪافي حد تائين ختم ٿي ويو هجي، پر وقت پئي اهو وري ائين نئين سر تازو ٿي پيو هجي.

انهيءَ جي آڌار تي اسان کي ”چچ نامي“ ۾ بيان ڪيل چچ جي بادشاهيءَ جي سال ۽ ان جي متعدد واقعن جي سالن کي رد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه ملندو. ايندڙ باب ۾ اسين ڏسنداسين ته عين ممڪن ڳالهه هيءَ آهي ته انهن برهمڻن جن اها معلومات مهيا ٿي ڪئي، جنهن جي بنياد تي ان قديم تحرير، يعني ”چچ نامي“ جو اهو حصو ائين بيهاريو ويو، تن جو مقصد هن کي سندس ٻڌ ڌرم وارن پيشروئن جي ڀيٽ ۾ هڪ عظيم بادشاهه طور پيش ڪرڻ هو ۽ ان ئي خيال کان هنن سندس بادشاهيءَ جي مدت کي اصلي مدت کان ذري گهٽ ٻيڻو ڪري ٻڌايو هو. ائين پيو معلوم ٿئي ته عرب تاريخ نويس چچ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن هن کي ڪافي موهي وڌو هو، ۽ هن انهيءَ برهمڻ کي هڪ ”شاهاڻي ڪافر“ جي ڪردار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ.، هن جي داستان ۾، خود پنهنجي عرب قوم جي ذوق جي معيار مطابق، ڪافي گهڻيءَ رومانوي رنگ آميزيءَ کان ڪم ورتو آهي.

 

نوٽ

(1) ”جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بينگال“، جلد XVI ص 80.

(2) ايس. ايس. هوديوالا، ”اسٽڊيز ان انڊو- مسلم هسٽري“، ص 1-80؛ سي. ايف. ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“، ص 4-563.

(3) بي.ڊي. ميرچنداڻي، ”سنڌ ائنڊ دي وائيٽ هَنس“،  جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي، 5-1964ع ۾، ص 85-61؛ سي. ايف. راپسن، ”انڊين ڪوائنس“، ص 1-30؛ ڪننگهام ”ليٽر انڊو- سٿينس، وائيٽ هنس، آر ايفٿيلائٽس“، نيومسمئٽڪ ڪرانيڪل ۾ 1894ع،  ص 93-243 تائين،  سي. وي. وئديه ”هسٽري آف مڊي ويئل انڊيا“، ج-ا ص 19؛ ۽ ميرچنداڻيءَ طرفان ڏنل حوالن واريون ٻيون سندون.

(4) گُرجرن لاءِ ڏسو ونسيٽ سمٿ جو مضمون، جي. آر. اي. ايس 1909، ص 6-53، 287-248 ۾،  ولڀي لاءِ سمٿ جي ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو ص  6-295.

(5) ”چچ نامو“، ترجمو مرزا قليچ بيگ، ڪراچي، 1900ع، ص 11. هن ڪتاب جو اصلي نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو. اهو ڪتاب، جيڪو سنڌ جي عرب فاتح محمد بن قاسم جي ساٿين مان هڪ جي پوئين وٽ الور ۾ سانڍيل هو، سو نامعلوم سال ۾ لکيل هڪ عربي مخطوطي مان علي بن محمد ڪوفيءَ طرفان سنه 613 هه ۾ فارسيءَ ۾ ڪيل ترجمو هو. تفصيلن لاءِ بهتر آهي ته مرزا جي انگريزي ترجمي کي يو-ايم دائود پوٽي جي فارسيءَ ۾ لکيل جديد تنقيدي ڇاپي، ۽ مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ترجمي سان جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1954ع ۾ ڇاپيو ويو آهي، چڪاسي ڏسڻ گهرجي.

(6) ”تحفته الڪرام“ جي مطابق اها جنگ ڪيچ وٽ لڙي ويئي هئي، جي. ايس. بي، جلد IXV، ص 79.

(7) فردوسي، ”شاهنامه“، ترجمو وارنر، ج IV، ص 3-241، 297.

(8) جي-اي-ايس-بي XVI، ص 79.

(9) سر ايس-ايليٽ ”هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 139.

(10) جي-اي-ايس-بي، ج XIV.

(11) ايڇ-ريورٽي، ”دي مهران آف سنڌ ائنڊ اٽس ٽربيوٽريز“، ص 488، نوٽ 566.

(12) ايليٽ، ص 4-413.

(13) بحواله يوئان چوانگ جو ڪوسلا، ولڀي، ڪپيسا، ۽ گرجرا بابت بيان (جيولين، وائي ڊي  هيائوئين ٿسانگ، ص 185، 370، 392، 409). برهمڻ کي ”پو-لو-مين“ لکيو ويو آهي، ايضاً، ص  391، سي ايف؛ پڻ ڏسو ص 451. ”مو-تي-پائو-لو“ (ماتي پور) جي بادشاهه کي ”سيو-تي-او-لو“ (سودرا) چيو ويو آهي. ايضاً، ص 1-420.

(14) ايم-ريناڊ ته بنان ڪنهن رک رکاءَ جي چيو آهي ته ”هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته....... سودر هو-“ ”ميمائير سر ايل اندي“، ص 153.

(15) جيولين، حوالو ڏنل ڪتاب ص 409، 370.

(16) ٽي-واٽرس، ”آن يوئان چوانگس ٽرئولس ان انڊيا“، (لنڊن 1905ع). واٽرس جي اعتراضن جي باوجود هن ڳالهه ۾ ڪوشڪ ٿي نٿو سگهي ته ”مائو-لو-سان-پو-لو“ ملتان هو.

(17) واٽرس، مٿي ڏنل حوالي واري ڪتاب جو ج 2، ص 3-252؛ سي- ايف ڪننگهام، ”اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا“، ص 249؛ 259 هيگ، ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 34.

(18) واٽرس، مٿي ڏنل حوالي واري ڪتاب، ج 2، ص 8-257. يوئان چوانگ بهرحال چوي ٿو ته اهو ملڪ ايران جي ماتحت هو.

(19) واٽرس، حوالي ڏنل ڪتاب، ج 2، ص 3- 252.

(20)  جيولين، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 450.

(21) ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“، ص 9-568، ريناڊ، ”ميمائير سر ايل اندي“، ص 171.

(22) ايليٽ، ج 2، ص 9-416؛ ريورٽي، ”نوٽس آن افغانستان“،  ص 568.

(23) ونسينٽ سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو، ص 9-328؛ ريورٽي، ”دي انوينشن آف چيس“ (شطرنج جي ايجاد) جي-اي-ايس-بي (1902ع)  ص 9-48، 52.

(24) ڊاڪٽر ايڇ-سي-ري راءِ ڏئي ٿو ته راءِ گهراڻو سنه 643ع ۾ ختم ٿي ويو، جنهن مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته مڪران واريءَ لڙائي ۾ راءِ سهاسي ٻيو مارجي ويو هو، ۽ اهو ئي موقعو چچ جي تخت غصب ڪرڻ جو هو. پر انهيءَ لاءِ ڪابه سَنَد موجود ڪانهي.ري، ”ڊنائيسٽڪ هسٽري آف ناردرن انڊيا“ ج 1، ص 45.

(25) البلاذري چوي ٿو ته اهو صوبو صِنعان پٽ سَلمه طرفان فتح ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ تي قبضو به ان ڪيو هو، جنهن کي معاويه جي ماٽيجي ڀاءُ، فارس جي مشهور وائيسراءِ، زياد، سرحدي لشڪر جو مهندار مقرر ڪيو هو. پر هو لکي ٿو ته ابن الڪلبي انهيءَ فتح جو سهرو حڪم بن جلال العابديءَ جي مٿي تي رکي ٿو. ”هسٽورينس آف سنڌ“، چ 1 (ايليٽ ائنڊ ڊاسن، ايڊن) سوسيل گپتا، ڪلڪته 1955ع، ص 18.

(26) بي-ڊي-ميرچنداڻيءَ ”هيوئن ٽسيانگ جي سن-ٽو بادشاهيءَ جي سڃاڻپ“، جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي، ج 40-39، 5-1964ع.

ايضاً ”ان هيوئن تسيانگس ٽرئولس ان بلوچستان“ جرنل آف انڊين هسٽري، XLV، ڀاڱو 2، نمبر 134، آگسٽ 1967ع؛ ڏسو چچنامه (قليچ بيگ) ص 11-10.

(27) يوئان چوانگ طرفان ”پي-تو-شيهه-لو“ جي متعلق ڏنل بيان لس ٻيلي سان ٺهڪي ٿو اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org