لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال
غلام رباني آگرو
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ
سنه 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ آنجهاني، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جا
پهريان ٻه جلد لکڻ جو ڪم سونپيو هو. انهيءَ سبب
سان، لئمبرڪ جو بورڊ سان پورا پنجويهه ورهيه تعلق
رهيو. تن ڏينهن ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس مان رٽاير
ڪرڻ بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي اوريل ڪاليج ۾
فيلو مقرر ٿيو هو، جتي هو پنهنجي واندڪائي جو وقت،
سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ تصنيف ۾ صرف ڪندو هو. هن
بورڊ جي آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اطلاع ڏنائين
ته سنڌ تي منهنجو اهم ڪتاب ”سر چارلس نيپئر ۽ سنڌ“
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو
آهي.
جنهن زماني ۾ لئمبرڪ سنڌ ۾آءِ. سي. ايس. آفيسر
هوندو هو، تنهن زماني ۾ به هو هتان جي تاريخ،
جاگرافي ۽ آثار قديمه ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو.
هونئن ته پاڻ انهن انگريز عملدارن مان هو، جن کي
صحيح معنيٰ ۾ ”برطانوي بادشاهت جا معمار“ ڪوٺيو
ويو آهي، پر ڪن نفسياتي سببن جي ڪري کيس سنڌ لاءِ
محبت هئي، سندس خاندان جي تاريخ ڏسڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي هئي.
تڏهن لئمبرڪ جي ڪن وڏن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون هيون.
سندس نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو. خود لئمبرڪ
پاڻ به 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم
انتظامي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو
ته ڳالهه سمجهه ۾اچي ويندي ته لئمبرڪ کي ڇا جي ڪري
سنڌ سان محبت هئي.
مرحوم آغا عبدالنبي، جيڪو 1940ع جي ڏهاڪيءَ واريءَ
حُر تحريڪ دوران، لئمبرڪ جي هٿ هيٺ، نائب
ائڊمنسٽريٽر هو، سو سندس قابليت ۽ دورانديشيءَ جون
نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
مون آغا صاحب کي ڪيترائي دفعا صلاح ڏني ته سنڌ جي
انهيءَ اهم تاريخي دور جي واقعن بابت پنهنجون
يادگيريون قلمبند ڪري، پر ڪن نامعلوم سببن ڪري، هو
ان ڳالهه تي آماده ٿي نه سگهيو.
سنڌ ۾ نوڪري ڪندي لئمبرڪ سنڌي زبان تي به چڱي
مهارت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي ڪري به سنڌ ۽ ان جي
رهاڪن کي سمجهڻ ۾ کيس آساني ٿي هوندي. هڪڙي ڀيري
مرحوم ميران محمد شاهه مون کي چيو ته ”لئمبرڪ کي
بورڊ جي آفيس مان انگريزيءَ بدران سنڌيءَ ۾ خط پٽ
ڇو نٿو لکين؟ مون شاهه صاحب کان پڇيو ته ”لئمبرڪ
سنڌي ڄاڻيءَ؟“ انهيءَ تي ٻڌايائين ته حرن جي
تحريڪ واري زماني ۾کيس ڪن ماڻهن مان دشمنيءَ جو
انديشو هو، تنهن ڪري لئمبرڪ سان وڃي مليو هو، جيڪو
ان وقت مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو. بقول شاهه صاحب،
لئمبرڪ سندس ڳالهه ٻڌي، ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ڪڙڪو ڪري چيو
هو:
”شاهه صاحب! جيڪڏهن هو توهان سان ڪا گڙٻڙ
ڪندا ته مان سندن ڄڻ ٻچو چٽ ڪري ڇڏيندس!“
شاهه صاحب جي ڳالهه ٻڌي، حالي منهنجي دل ٿي ته
لئمبرڪ کي سنڌيءَ ۾ خط لکان، پر مسئلي تي دوباره
ويچار ڪرڻ کان پوءِ، مون خيال لاهي ڇڏيو ۽ ساڻس
انگريزيءَ ۾ ئي خط و ڪتاب ڪندو رهيس.
لئمبرڪ بلوچي زبان به رواني ۽ فصاحت سان
ڳالهائيندو هو. جيڪب آباد ضلعي جي زميندار نواب
خان کوسي مون کي ان سلسلي ۾ هڪ واقعو ٻڌايو.
چيائين ته ”جنهن زماني ۾ لئمبرڪ صاحب جيڪب آباد جو
ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو، تنهن زماني ۾ هيڪر منهنجي
دعوت تي شڪار تي آيو. لئمبرڪ صاحب سٺو توبچي هو.
سندس ڌڪ ورلي گسندو هو.“ نواب خان چيو ته ”شڪار
ڪري اسان پوئتي موٽياسين. اهو رمضان جو مهينو هو.
مون روزي کولڻ لاءِ کارڪون ساڻ کنيون هيون، جي
کائيندو، ککڙيون اڇلائيندو، لئمبرڪ صاحب سان ڪچهري
ڪندو ٿي آيس. هو اٺ تي چڙهيل هو ۽ مان گهوڙي تي
هئس. لئمبرڪ صاحب ڪنهن مهل ککڙيءَ جو کڙڪو ٻڌي
ڀانيو ته مان ٻير کائي رهيو هوس، سو ٺيٺ بلوچيءَ ۾
چيائين: نواب خان ٿئو کنران ورغئي ڇي؟
نواب خان چيو ته ”جيڪب آباد ضلعي جا عام بلوچ به
سنڌي زبان جي اثر ڪري، ٻير کي بلوچيءَ ۾ ٻير
ڪوٺيندا آهن، پر، لئمبرڪ جو اهو ڪمال هو، جو بلوچي
ڳالهائيندي، هن ٻير لاءِ ٺيٺ بلوچي لفظ ”کنران“
استعمال ڪيو.
لئمبرڪ جي بورڊ سان خط و ڪتابت جا فائيل جاچڻ سان
مون کي معلوم ٿيو ته هن بورڊ ڏانهن پنهنجن ٻنهي
ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ سو اسي خط لکيا
آهن. انهن خطن ۾ هو ڪتاب جي ڇپائيءَ بابت تفصيل
سان هدايتون ڏيندو هو، ۽ هر هڪ هدايت جي تعميل
بابت فوراً جواب جي تقاضا ڪندو هو. جيڪڏهن اسان جي
طرفان سندس خط جي جواب موڪلڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي،
ته بي صبرو ٿي پوندو هو ۽ صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت
۾ سنڌي وزيرن ڏانهن شڪايتون لکي موڪليندو هو. ٻه
ڀيرا مرحوم محمدايوب کهڙي (تڏهوڪي بورڊ جي صدر ۽
مرڪزي وزير دفاع) کي ۽ هڪ ڀيرو مرحوم ذوالفقار علي
ڀٽي (تڏهوڪي مرڪزي وزير قدرتي وسائل) کي دانهن ڏني
هئائين.
حقيقت اها آهي ته لئمبرڪ سان گڏجي ڪم ڪرڻ سولي
ڳالهه نه هئي. مون کي ۽ سنڌ يونيورسٽي پريس جي
مئنيجر مسٽر صديقيءَ کي ئي سور سجهن ٿا ته سندس
ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ اسان کي ڪيڏي نه محنت ڪرڻي
پيئي هئي! ويتر مشڪل مسئلو اهو هو ته هن پنهنجن
ڪتابن ۾ يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت جا ڪي لفظ
استعمال ڪيا هئا، جن جي ڇپائي لاءِ سنڌ
يونيورسٽي پريس ۾ (جتي سندس ٻئي ڪتاب ڇپجي رهيا
هئا) ڪو به انتظام ڪونه هو. بهرحال، جڏهن اسان سور
سهي، سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم سهڻي نموني ۾
پورو ڪيو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل جي سچائيءَ سان
اسان کي دعائون ڏنائين. خوشقسمتيءَ سان سندس ٻنهي
ڪتابن جي سڄيءَ دنيا ۾ ساراهه ٿي، سو کيس ڏاڍي
خوشي ٿي. 26- جولائي 1977ع تي هڪ خط ۾ لکي
موڪليائين:
”توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته ڪئمبرج ۾آثار
قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف. آر. آلچن، جنهن پنهنجي
زال سان گڏ (جيڪا پڻ آثار قديمه جي ماهر آهي) تازو
روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ پٿر جي دور ۽ ان کان پوءِ
آثارن تي تحقيق ڪئي آهي، ”ائنٽي ڪئريز“ نالي رسالي
۾ منهنجي ڪتاب ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ تي
تبصرو ڪيو آهي. هن منهنجي راين تي تفصيل سان راءِ
زني ڪندي انهن کي ساراهيو آهي ۽ آخر ۾ چيو آهي، ته
سنڌ جي تهذيب جو مطالعو ڪندڙ شاگردن لاءِ هي باب
لازمي قرار ڏنا وڃن.
”منهنجي خيال ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ان ڳالهه تي فخر
ڪرڻ گهرجي، ته سندن ڇپايل ڪتاب جي هڪ مشهور ماهر،
هڪ معروف علمي رسالي ۾، اهڙن لفظن ۾ تعريف ڪئي
آهي.“
ڊاڪٽر آلچن جي انهيءَ تحسين تي خوشي محسوس ڪرڻ
لاءِ لئمبرڪ کي هڪ خاص سبب پڻ هو، جنهن کي سمجهڻ
لاءِ ڳالهه جو پس منظر ڄاڻڻ ضروري آهي، جو هيئن
آهي:
لئمبرڪ، سنڌ جي تاريخ جي پهرئين جلد ۾، سنڌو
ماٿريءَ جي تهذيب يعني موهن جي دڙي واريءَ تهذيب
جي زوال تي بحث ڪيو آهي ۽ ان باري ۾ پنهنجو نظريو
پيش ڪيو آهي. پر انهيءَ جلد شايع ٿيڻ بعد، هن
پنهنجي ٻئي جلد جي ڇپائي ڪيترائي ورهيه روڪائي ڇڏي
توڙي جو ان جو سمورو مسودو اسان وٽ ڇپائيءَ لاءِ
تيار رکيو هو. سندس پهريون جلد سنه 1964ع ۾ شايع
ٿيو هو ۽ ٻيو جلد نون سالن کان پوءِ سنه 1973ع ۾
شايع ٿيو.
مئي 1966ع ۾ آثار قديمه جي هڪ آمريڪي ماهر ڊاڪٽر
جي. ايف.ڊيلز ”سائنٽيفڪ آمريڪن“ نالي هڪ رسالي ۾
مضمون لکيو، جنهن ۾ هن سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي
زوال بابت هڪ نئون نظريو پيش ڪيو. پر لئمبرڪ جي
ڪتاب جو حوالو ئي ڪونه ڏنائين. لئمبرڪ ڊيلز جي ڏنل
نظريي تي تنقيد ڪئي، پر اها ”سائنٽيفڪ آمريڪن“
رسالي نه ڇپي. انهيءَ تي لئمبرڪ، سر ڪلاڊي انگلس
ڏانهن خط لکيو، جيڪو دريائن ۽خاص ڪري سنڌو درياءَ
جو مشهور ڄاڻو ۽ ڊائريڪٽر آف هئڊرالڪس هو. هن ڊيلز
واري نظريي تي لئمبرڪ جي تنقيد کي صحيح قرار ڏنو.
حقيقت ۾ ڊيلز پنهنجو نظريو آر. ايڇ. ريڪس نالي هڪ
شخص کان ورتو هو، جنهن پاڻ کي دريائن جي علم جو
ماهر پئي ڪوٺايو. سر ڪلاڊي انگلس پڇا ڳاڇا تي
لئمبرڪ کي اهو به ٻڌايو ته مون ريڪس نالي ڪنهن به
ماهر جو نالو نه ٻڌو آهي. (ريڪس وري پنهنجي مضمون
۾ سر انگلس جي مستند ڪتاب جو ذڪر ڪونه ڪيو هو.)
ان سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيقات ڪندي لئمبرڪ کي خبر پئي
ته سنڌو تهذيب جي دنيا ڀر مشهور عالم، سر مارٽيمر
وهيلر پڻ ريڪس جي نظريي جي ڀرپور تائيد ڪئي آهي.
نه رڳو ايترو، پر لئمبرڪ کي ويتر عجب لڳو. جڏهن
خبر پيس ته وي. سي. رابرٽسن، جنهن سندس لکيل سنڌ
جي تاريخ جي پهرئين جلد ٿي ”جاگرافيڪل جنرل“ ۾
تبصرو ڪيو هو، تنهن پڻ سندس نظريي جي ڀيٽ ۾ ريڪس
جي نظريي کي قبول ڪيو آهي.
ساڳيءَ ريت، اوائلي پٿر واري دور جي هڪ مشهور ماهر
ايم.آر. شانيءَ، دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار اسٽيٽسمن
جي 7-فيبروري 1967ع واري پرچي ۾ و ڏو مضمون لکيو،
جنهن ۾ ريڪس ۽ ڊيلز جي نظريي جي حمايت ڪيائين.
ڊيلز، ريڪس، سر مارٽيمر وهيلر ۽ شانيءَ مان ڪنهن
به لئمبرڪ جي سنڌو ماٿريءَ واري نظريي کي رد ڏيڻ
جي ڪوشش ڪانه ڪئي. نه رڳو ايترو پر هنن پنهنجن
مضمونن ۾ لئمبرڪ جي ڪتاب ماڳهين ڪو ذڪرئي ڪو نه
ڪيو.
اهڙيءَ صورتحال ۾ لئمبرڪ مناسب سمجهيو ته ريڪس جي
ڪتاب جي ڇپجڻ تائين، جنهن جو مقدمو سر مارٽيمر
وهيلر لکيو هو، پنهنجي لکيل سنڌ جي تاريخ جي ٻئي
جلد جي ڇپائي روڪائي ڇڏي ته جيئن ريڪس ۽ وهيلر جي
خيالن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نظريي کي موثر نموني ۾
پيش ڪري سگهي ۽ هن ائين ئي ڪيو.
چنانچه، جڏهن سندس ٻيو جلد ”سنڌ-اسلامي فتح کان
اڳ“ شايع ٿيو ۽ ڊاڪٽر آلچن جهڙي آثار قديمه جي هڪ
مشهور ماهر، سنڌو تهذيب جي زوال بابت سندس خيالن
جي پٺڀرائي ڪئي، تڏهن لئمبرڪ کي بجا طور خوشي ٿي ۽
سنڌي ادبي بورڊ کي مبارڪباد ڏنائين.
لئمبرڪ ذميدار ۽ ايماندار مصنف هو، تنهنڪري سنڌو
تهذيب جهڙي اهم موضوع بابت ڪن نتيجن تي پهچڻ واسطي
هن ڪافي سوچ ويچار ڪئي، ورنه ڪنهن عام مصنف وانگر
هو به پنهنجي ڪتاب جي تڪڙيءَ ڇپائيءَ لاءِ اٻهرائي
ڪري ها. مون کي ياد آهي ته جڏهن سندس لکيل سنڌ جي
تاريخ جو پهريون جلد شايع ٿيڻ لاءِ تيار هو ۽ مون
جلد پوش لاءِ کيس پنهنجي تصوير موڪلڻ واسطي خط
لکيو هو، تڏهن هن ترت جواب ڏنو هو:
”مون کي پنهنجي ڪابه مناسب تصوير نٿي ملي ۽ آءٌ
ڪنهن نئين تصوير ڪڍائڻ جي ڪري ڪتاب جي اشاعت ۾ دير
پوڻ نه ڏيندس.“
سال 1968ع ۾ سندس گهر واري گذاري ويئي، هن سندس
وڏو ساٿ ڏنو هو ۽ ڪتابن لکڻ ۾ مدد ڪندي هئس. مسودن
کي ٽائيپ ڪرڻ جو سمورو ڪم ته هوءَ ئي ڪندي هئي.
سندس وفات کان پوءِ لئمبرڪ مون کي خط لکيو ته:
”زال جي وفات ڪري مون کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿئي
ٿي..... مان ٽائيپ سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان“.
1973ع ۾ خود سندس صحت ۾ به ڪمزوريءَ جاآثار نظر
اچڻ لڳا.ا نهن ڏينهن ۾ سندس هڪ ڪامياب آپريشن به
ٿيو هو، پر هاڻي پنهنجي صحت برقرار رکڻ جي لاءِ
کيس وڏي خبرداري ڪرڻي ٿي پئي.
1974ع ۾ مون کائونس پڇيو ته ”سنڌ صدين کان
سيمينار“ ۾ پاڻ شريڪ ٿيندو يا نه؟ تڏهن هن جواب ۾
”ٿڌي موسم“ جو عذر ڏنو. پر اصل ڳالهه اها نه هئي.
تنهنڪري مون کيس ياد ڏياريو ته سنڌ ۾ فيبروريءَ جو
مهينو (جنهن ۾ پهريائين مذڪور سيمينار رٿيل هو)ٿڌو
نه هوندو آهي، بلڪ فيبروريءَ جي پڇاڙيءَ کان ته
بهار جي مند شروع ٿيندي آهي. تڏهن فوراً جواب ۾
لکيائين:
”مون پنهنجي خط مورخه 17- سيپٽمبر ۾ ٿڌيءَ مند جو
جيڪو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان مان منهنجي مراد
اهو عام تاثر آهي، جيڪو هن ملڪ جي رهاڪن کي
پاڪستان ۾ نومبر کان وٺي مارچ تائين مند جي موسم
متعلق ذهن تي ويٺل هوندو آهي.
”گذريل ٻن سالن کان منهنجي صحت هينئر گهڻو بهتر
آهي، جن دوران مون کي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ ڪيتريون ئي،
دعوتون مليل هيون.
خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان ته سنڌ سيمينار ۾ شريڪ
ٿي سگهندس يا نه. ان ڳالهه جو دارو مدار ڪن معاملن
تي منحصر آهي. ڏسجي ته اهي ڪهڙي صورت اختيار ڪن
ٿا.“
سندس خط مورخه 1- آڪٽوبر 1974ع مان مٿيون حوالو
چٽيءَ طرح ٻڌائي ٿو ته حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾
سندس صحت ڏينهون ڏينهن ڪري رهي هئي.
جيستائين کيس سنڌ مان ملندڙ دعوتن جو تعلق آهي ته،
اها ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته لئمبرڪ جهڙو ماڻهو ست
سمنڊ پار ڪري، سنڌ ۾ رڳو دعوتون کائڻ ٿي آيو؟ اها
به ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته اهي دعوتون کيس ڪٿان
مليون هيون، ڪنهن ڏنيون هيون؟ اصل معاملو ته ڪو
ٻيو هو جنهن جي ڪجهه کڻڪ اتفاقي طور ڪن تي پئجي
ويندي هئي. تن ڏينهن ۾گرم گرم افواهه به گهڻائي
ڦهليل هئا، جن ۾ هڪڙو اهو به هو ته سندس ڪتاب
“THE TERRORIST” جي فلم ٺاهڻ جون تياريون ٿي
رهيون هيون. خود لئمبرڪ جي هڪ خط ۾ اهڙو اعتراف
هو. مون کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏاڍو هو پر ڪٿان مليو
ڪونه ٿي. سو، مون لئمبرڪ کي رڳو ايترو لکيو ته هت
اوهان جي ڪتاب جو چوٻول آهي، پر ڪتاب ملي ئي ڪونه
ٿو. خط ملڻ تي، ڪتاب جي ڪاپي موڪلڻ جي بدران، هو
مورڳو چڙي پيو ۽ لکيائين ته ”اتي دڪانن تي وڪري
لاءِ ڪتاب مهيا ڪرڻ واسطي ڪو مان ٻڌل آهيان ڇا!“
1976ع ۾آءٌ سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي، سنڌ يونيورسٽيءَ
جي پرو وائيس چانسيلر جي عهدي تي مقرر ٿيس.
تنهنڪري منهنجو ساڻس ڪو به رابطو نه رهيو. پر ٻن
سالن کان پوءِ اتي اوچتو هڪڙي ڏينهن مون کي سندس
خط اچي مليو، جيڪو پاڻ 13- مئي1978ع تي لکيو
هئائين. انهيءَ خط لکڻ لاءِ کيس هڪ خاص سبب هو.
ڳالهه هن ريت آهي:
يونيورسٽيءَ ۾وڃڻ کان اڳ مون بورڊ کان لئمبرڪ لاءِ
ڪجهه رقم منظور ڪرائي هئي. دراصل لئمبرڪ جيتريءَ
رقم جي عيوض تاريخ جا ٻئي جلد بورڊ کي لکي ڏنا
هئا؛ سا ته کيس بروقت ملي چڪي هئي؛ پر سندس پهرئين
جلد جو پهريون ڇاپو وڪامي ويو ۽ بزار ۾ ڪتاب جي
گهر کي خيال ۾ رکي، بورڊ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي
تياري ڪئي، تڏهن لئمبرڪ مطالبو ڪيو ته کيس پڻ
معاوضي جي رقم وڌائي ڏني وڃي، ڇو ته سندس چوڻ هو
ته بورڊ جو ڪتاب تي پئسا ڪمائي رهيو آهي ته ڪجهه
نفعو کيس به ملڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪو
معاهدو ٿيل هو، ان موجب بورڊ سندس معاوضو وڌائڻ
لاءِ هرگز پابند نه هو ۽ کيس معاهدي موجب، نفعي يا
نقصان ۾ بورڊ سان ڀائيوار ٿيڻ جو به ڪو حق ڪونه
هو. طئي ٿيل رقم بروقت کيس ملي چڪي هئي، ليڪن بورڊ
سوچيو ته لئمبرڪ جهڙو عالم جيڪڏهن گهر ڪري، ته
سندس چيو موٽائڻ نه گهرجي. چنانچه بورڊ کيس ٻن
هزارن رپين جي وڌيڪ رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون
کيس اهڙي فيصلي کان آگاهه ڪيو. ستت ان کان پوءِ
منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ مقرري ٿي ۽ مان اوڏانهن هليو
ويس. پٺيان جي مون کي خبر ڪانه رهي.
بورڊ لئمبرڪ لاءِ پئسا ته منظور ڪيا پر مشڪلات اها
هئي ته لئمبرڪ کي پئسا انگلنڊ جي سڪي يعني پائونڊن
جي صورت ۾ گهربا هئا. پاڪستاني رپيا سندس لاءِ
بيڪار هئا. سرڪاري طرح پائونڊن جو حاصل ڪرڻ ايڏو
ته پيچيده ۽ ڏکيو ڪم هو، جو بورڊ جي ڪافي ڪوششن جي
باوجود پائونڊ منظور ٿي ملن، سا ڳالهه ڏکي ٿي لڳي.
مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن لئمبرڪ کي
سندس ٻنهي جلدن جي ڇپائيءَ متعلق خط و ڪتابت تي
ٽپال جو خرچ پائونڊن ۾ ادا ڪرڻو هو، تڏهن به بورڊ
کي ساڳي صورتحال درپيش آئي هئي. پر، مون ،مڙيئي
معاملي کي نڀايو هو. جڏهن هرهنڌان مون کي پائونڊن
ملڻ ۾ ناڪامي ٿي هئي ۽ مرحوم ممتاز حسين جو ڪنهن
زماني ۾ مرڪزي حڪومت جو مالي سيڪريٽري ۽ ان وقت
نيشنل بئنڪ جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر هو ۽ بورڊ تي
مهربان هو، سو به اها مشڪلات دور ڪري نه سگهيو هو،
تڏهن مون وڃي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي عرض ڪيو
هو. مون کي خبر هئي ته علامه صاحب جا ڪجهه پئسا
لنڊن جي بئنڪ ۾ رکيل هئا. علامه صاحب مون کان رپيا
وٺي بنا دير مون کي پائونڊن جو چيڪ ڏنو هو، جو مون
لئمبرڪ کي موڪلي، پنهنجي ۽ بورڊ جي ڪارپت بچائي
ورتي هئي.
لئمبرڪ پئسن جو انتظار ڪيو، پر اڳتي هلي هن ڏٺو ته
بورڊ وٽان پئسا به ڪونه پهتا ۽ خط پٽ جو جواب به
ليٽ سيٽ ملي ٿو، سو، مجبور ٿي مون ڏانهن
يونيورسٽيءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل خط لکيائين. سندس خط جو
لهجو ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ هو. شايد پيريءَ ۾ هو مالي
تنگدستيءَ جو شڪار هو. خط جي آخر ۾، دل کي ڇهندڙ
لفظن ۾ لکيو هئائين: ”پيارا رباني،ٻيلي، منهنجي
واهر ڪر.“
خط پڙهي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر يونيورسٽيءَ ۾
ويٺي، مان ڪجهه به ڪري نٿي سگهيس، سواءِ ان جي ته
سنڌي ادبي بورڊ جي اختياريءَ وارن کي ان معاملي ۾
تڪڙي قدم کڻڻ جي لاءِ منٿ ڪريان. مون ائين ڪيو ۽
لئمبرڪ ڏانهن فوراً محبت ڀريو جوابي خط لکيو.
1979ع جي آخر ۾ جڏهن آءٌ يونيورسٽي ڇڏي بورڊ
۾پنهنجي اصلوڪي عهدي تي موٽي آيس، تڏهن مون لئمبرڪ
جو فائيل ڏسي، کيس خط لکيو، پر وٽانئس ڪو به جواب
ڪونه مليو. لئمبرڪ مان اهڙي توقع نه هئي! مون کي
شڪ پيو ته ڪا ڳالهه آهي. مون سمجهيو ته بيمار آهي،
تنهنڪر ي لنڊن ۾ پنهنجي هڪ دوست کي خط لکيم ته ان
باري ۾ خبر لهي ڏي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جو جواب
آيو ته کيس به وٽانئس ڪو جواب ڪو نه ٿو ملي. مان
منجهي پيس. آخرڪار بورڊ جي ڪتابن جي هڪ خريدار کي
لکيم ته تون لئمبرڪ کي ڪجهه نه ڪجهه رقم پهچائي
ڏي. پر لنڊن مان ان باري ۾ وڌيڪ ڪو اطلاع مون
تائين پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ ”ڊان“ اخبار ۾
ڊاڪٽر حميده کهڙه جو تعزيتي مضمون ڇپيو ته سنڌ جو
تاريخ نويس، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هي جهان ڇڏي ويو .
چوڻي آهي ته ”ماڻهو جيستائين ياد آهي، تيستائين
موت کيس نٿو ماري.“ لئمبرڪ به پنهنجي ڪتابن جي ڪري
ڪو زمانو ياد رهندو. هڪ اديب جي حيثيت ۾ هو بااصول
۽ ايماندار هو. هڪ ڀيري پنهنجي لکيل پهرئين جلد
”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۾ ڏنل هڪ نقشو پنهنجي هڪ
مضمون ۾ڏيڻ لاءِ اسان کان اجازت گهريائين، جيڪو
ڪنهن آمريڪي رسالي لاءِ لکيو هئائين. انهيءَ تي
اسان کانئس پڇيو ته ”اهڙيءَ معمولي ڳالهه جي لاءِ
به اسان جي اجازت وٺڻ ضروري هئي ڇا؟“
جواب ۾لکيائين: ”پر ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا ته
سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهن.“
لئمبرڪ جيڪي ڪتاب لکيا آهن، سي مشرق ۽ مغرب جي
مشهور ناشرن شايع ڪيا آهن. انهن کي سنڌ جي تاريخ
جا شاگرد آسانيءَ سان حاصل ڪري پڙهي سگهن ٿا، پر
ڪتابن کان سواءِ، هن ڪيترائي مضمون پڻ لکيا هئا،
جيڪي پراڻن علمي رسالن ۾ ڇپيل آهن. اهي رسالا هاڻي
اڻلڀ آهن. تازو ڊاڪٽر حميده کهڙه جي صدارت هيٺ
”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ٻيهر قائم ڪئي ويئي آهي،
جنهن جو ڪنهن زماني ۾ لئمبرڪ پاڻ به صدر هو.
هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي گهرجي ته لئمبرڪ جا سڀئي
مضمون گڏ ڪري، هڪ ئي جلد ۾ ٻيهر شايع ڪري، ۽
اهڙيءَ ريت پنهنجي هڪ زماني جي صدر لاءِ، احترام
۽ عقيدت جو شانائتي نموني ۾ اظهار ڪري.
ڊاڪٽر حميده کهڙو
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ
ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ڊگهيءَ بيماريءَ کان پوءِ 78 ورهين جي عمر ۾ 31-آگسٽ
1982ع تي هي جهان ڇڏي ويو. سندس وفات سان، سنڌ
پنهنجو هڪ مورخ ۽ اهڙو دوست وڃايو آهي، جنهن سڄي
حياتي ساڻس توڙ نڀايو.
لئمبرڪ سنڌ جي هاڻوڪن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ هو.
سنڌ جي تاريخ جو ڪوبه طالب العلم يا مصنف کيس نظر
انداز ڪري نٿو سگهي. سنڌ جي مطالعي بابت سندس
خدمتن جي اعتراف طور ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي
موقعي تي کيس 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران
اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني ويئي هئي.
مون پهريون ڀيرو لئمبرڪ سان 1956ع ۾ ملاقات ڪئي
هئي. هو انگلنڊ ۾ آڪسفورڊ شهر جي ٻاهران بوئر جي
ٽڪريءَ تي رهندو هو. ان وقت مان پنهنجي والد سان
گڏجي انگلنڊ وئي هئس. بابا مرحوم مون کي پنهنجي
پراڻن دوستن سان ملائڻ وٺي هليو هو، جن ۾ سرپئٽرڪ
ڪاڊيل به شامل هو، جيڪو سنڌ ۾ ڪمشنر رهي چڪو هو، ۽
جنهن سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ واري موقف جي
پٺڀرائي ڪئي هئي. ۽ ان وقت آڪسفورڊ ۾ رهندو هو.
بابا جو ٻيو دوست لئمبرڪ هو. پاڻ ان وقت آڪسفورڊ
جي اوريل ڪاليج جو خزانچي هو. مون کي مسٽر ۽ مسز
لئمبرڪ جي مهمان نوازي ۽ سنڌ سان محبت واريون
دلچسپ ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون.
ان کان پوءِ آءٌ، سندس گهر ويندي رهيس ۽ درحقيقت
سندس ئي حوصلي افزائيءَ جي بنياد تي ئي مون سنڌ
جي جديد تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هو مون جهڙن
سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي گهڻن ئي شاگردن کي
همٿائيندو هو. جيڪي به شاگرد آڪسفورڊ ۾ سندس گهر
ويندا هئا، تن لاءِ هو مدد جو هڪ مستقل وسيلو هو.
تاريخي کوجنا جي ميدان ۾، سندس بي مثل خذمتن جي
تسليميءَ طور آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ 1971ع ۾ کيس ادب
۾ اعزازي ڊاڪٽوريٽ ڏني، جنهن جي پروقار تقريب
مشهور عمارت شيلڊن ۾ منعقد ٿي.
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هڪ اهڙي خاندان منجهان هو، جنهن ۾
هندستان ۾ملازمت ڪرڻ جي روايت هئي. لئمبرڪ پاڻ
آڪسفورڊ جي اوريل ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ جديد تاريخ
۾ سڀني کان سٺي پوزيشن حاصل ڪئي. 1927ع ۾ انڊين
سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ آءِ. سي .ايس جي کليل
چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پهريون نمبر آيو. آءِ.
سي. ايس جي بمبئي ڪيڊر ۾ شامل ٿيو، ۽ پنهنجيءَ
سروس جا ايندڙ ويهه ئي ورهيه گهڻو ڪري سنڌ ۾
گذاريائين. کيس سنڌ ۽ سنڌ واسي وڻي ويا. هن سنڌ جي
تاريخ، قديم آثارن ۽ سماجيات جو گهڻو مطالعو ڪيو.
هن سنڌ جي ماڻهن کي ويجهڙو ٿي ڏٺو- انهن ۾ سڀ شامل
هئا، امير به، غريب به. هن جي دوستن ۾ بلوچ سردار،
وڏا زميندار ۽ وارياسي ۽ جابلو علائقن جا ناميارا
ماڻهو ڳڻي سگهجن ٿا. هن تاريخ کان اڳ جي زماني
وارا ڪجهه هنڌ ڳولي لڌا ۽ بلوچي لوڪ موسيقي ۽
رزميه شاعريءَ متعلق پڻ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيائين.
سنڌ جي تاريخ جي ڪن نازڪ دورن ۾ لئمبرڪ گهڻن ئي
اهم عهدن تي هو. 1933ع ۾ سنڌ ائڊمنسٽر يٽو ڪميٽيءَ
جو سيڪريٽري هو. هن ڪميٽيءَ جي مسلمان ميمبرن ۾ سر
عبدالله هارون ۽ منهنجو والد شامل هئا، جن کي
1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ تحت بمبئي کان
ڌار ٿيندڙ خود مختيار سنڌ صوبي جي سموري انتظامي
جوڙجڪ تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي. ان کان
پوءِ ٻي مهاڀاريءَ لڙائيءَ واري نازڪ زماني ۾ حرن
جي ڪاررواين ۾ ملوث ٿيو، جن جي مٿان سموريءَ
اوڀارينءَ سنڌ تي مڙهيل مارشل لا جو پوش چاڙهيو
ويو هو. لئمبرڪ جو ورتاءَ، هڪ سلطاني منتظم کان
وڌيڪ انسان دوست ۽ عالم وارو هو. جنهن جي خبر، حر
تحريڪ کي ناول جي انداز ۾ سندس لکيل ڪتاب
“The Terrorist”
منجهان پوي ٿي، جنهن ۾چاليهن واري ڏهاڪي جي حر
تحريڪ جو احوال قلمبند ٿيل آهي.
لئمبرڪ 1947ع ۾ ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي آڪسفورڊ واپس
پهتو. اتي اوريل ڪاليج ۾ هندستاني تاريخ ۾ کيس
سينئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. هن انهيءَ عهدي تي
1971ع تائين ڪم ڪيو. جڏهن رٽائر ڪيائين ته کيس
ايمريٽس فيلو بنايو ويو. 1971ع ۾ کيس اعزازي ڊاڪٽو
ريٽ ۽ 1978ع ۾ رچرڊ برٽن ميموريل ميڊل ڏنو ويو.
جيڪي اعزاز کيس ڏنا ويا،سي تاريخ ۾ سندس ورتل حصي
جي شايان شان هئا. سندس لکيل ڪتابن ۾ سر چارلس
نيپيئر ائنڊ سنڌ (1952ع)، جان جيڪب آف جيڪب آباد
(1960) ۽ دي ٽيررسٽ (1972) جهڙا شاهڪار شامل آهن.
سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس سنڌ جي تاريخ جي ٻن جلد
لکڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. هن سنڌ جي تاريخ جو
پهريون جلد 1964ع ۽ ٻيو جلد 1973ع ۾ لکيا. اهي
ٻئي ڪتاب وڏي علمي معيار وارا آهن.
سنڌ ۾ رهائش دوران هو سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو
معزز ميمبر ۽ مصنف هو، جنهن ڪيترائي قابل قدر
تحقيقي ڪم شايع ڪيا.
لئمبرڪ سنڌ مان واپس ٿيڻ کان پوءِ 1948ع ۾ شادي
ڪئي. سندس گهر واري گئبريلي، وڻندڙ سڀاءَ واري
عورت هئي، جا وقت کان اڳ 1968ع ۾ گذاري وئي. کيس
ٻه پٽ رچرڊ ۽ وليم ٿيا.
ڊاڪٽر لئمبرڪ جو موت، مون لاءِ هڪ دوست ۽ رهبر جو
موت آهي ۽ سنڌ لاءِ هڪ محسن ۽ مورخ جو موت آهي. |