(7)
شيخ رحمت
الله سنڌي جو مڪتوب
(شهزادي اظفر گورگانيءَ جي نالي)
شيخ رحمة الله جي عرضي جو نقل
]جيڪو
سنڌ جي والي شاهه نواز خان
جي پٽ محمد عارف خان عباسيءَ جو خانسامان هو، ۽
جوڌپور ۾ مهاراجا وٽ رهندو هو.علم ۽ عقل ۾ پنهنجي
زماني جو يڪتا هو ۽ پنهنجي وقت جي فصيهن تي کيس
سبقت ۽ فوقيت حاصل هئي، هيٺئين عرضي هن راقم جي
نصيحت لاءِ لکي موڪلي.
[
بعز عرض اشرف همايون، خديو گيهان، قبلــہ عالم و
عالميان، مدالله ظلالہ و خلد الله اقبالـہ مير
ساند، خاص الخاص عنايت نامو
هن خاڪسار بي مقدار جي سرفرازيءَ لاءِ پهتو، جنهن
فدويءَ جي ڳاٽ کي افتخار سببان بلاشڪ آسمانن جي
اوچائيءَ تائين پهچائي ڇڏيو.
عاجزي پروريءَ ۽ بنده نوازيءَ جا آداب، سچن فدوين
۽ پڪن غلامن وانگر بجا آڻي، هيءُ نيازمند سلطنت جي
مدارجن جي بلنديءَ ۽ خلافت جي ضابطن جي بلند رسيءَ
لاءِ هميشہ دعا ۾ مصروف آهي. خداوند تعاليٰ جي مدد
۽ اعانت سان دولت ابد مدت جي هوا خواهن جي خواهش
مطابق، يقين آهي، ته اها دعا تمام ٿوري عرصي اندر
قبول ٿيندي.
هتي جا جملي حالات، حضور ڪرامت شعور جي عالي سمجهه
کان، ڳجها ڪين آهن، فدويءَ کي ڪهڙي طاقت ۽ ڪهڙي
لياقت، جو حضور جي ادراڪ ۽ ڄاڻ کان وڌيڪ عرض ڪري
سگهي، ليڪن :
الامر فوق الادب
جيئن ته فدويءَ به ٻين فدوين سان همسلڪ ٿيڻ جو شرف
حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري عرض ٿو ڪري ته:راجا،
راجيشور مهاراجا ڏهراج جي مرضي اهائي آهي، ته حضور
جي قابل اطاعت حڪم جي پيروي ڪري ۽ حضور جي
رضامنديءَ حاصل ڪرڻ جي سعادت پرائي، پر هر آرزوءَ
جي پوري ٿيڻ ۽ هر خيال جي تڪميل لاءِ وقت ۽ موقعي
جو انتظار آهي.
حقيقت ۾ سلطنت جي معاملن جو انتظام ۽ خلافت جي
ويرين کي پامال ۽ فنا ڪرڻ جو بندوبست، ڊگهيءَ سوچ
۽ ويچار کان سواءِ ڏکيو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن جو
سڌارو گهڻي عرصي جي ڪوشش کان سواءِ مشڪل آهي.
مهاراجا ڏهراج جي متصدين جي دير مدار ڪرڻ سبب،
سرڪار جو عملو شايد انهيءَ رٿ جو آهي، ته حضور جي
روانگي تڪڙي عمل ۾ اچي ۽ هن هنڌ تان جهٽڪو ڏيئي
پلوَ ڇنڊي اٿي کڙو ٿجي، پر ارادت جي خلوص ۽ فدويت
جي وثوق جي لحاظ کان، خان ذيشان حقدار خان جي
تحريڪ ۽ تجويز آهي ته:اڃا ڪجهه ڏهاڙا اتي ئي قيام
فرمائڻ مناسب ۽ ضروري آهي ۽ جوڌپور ئي ڪجهه ڏينهن
وڌيڪ حضور جي عزت ۽ جاهه جو خيمه گاهه رهي، ته
بهتر آهي. خان مذڪور بندگيءَ ۽ خير خواهيءَ جي واٽ
تي هلي رهيو آهي، هن پنهنجي ساهه جي چيلهه تي، سچي
فدويت ۽ جان نثاريءَ جو سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي. هن
حقير هيچمدان جي پنهنجي ضعيف سمجهه مطابق، پڻ شروع
کان ئي اها راءِ آهي ته:
قضيہ زمين برسرر زمين
بزرگن جو مقولو آهي. بهرحال هن جاءِ کي ڇڏڻ نه
گهرجي ۽ هتان جي معاملن تان هٿ نه کڻڻ کپي. هتي جو
اصول اهو ئي آهي ته، جيستائين همٿ امداد ۽ مروت جو
امڪان رهي، اوستائين وقت مان فائدو وٺڻ ضروري آهي
پر ڏکيائي اها ئي آهي، ته قدرت جي خلوت ڪده ۾ جيڪي
لڪل آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن اهو منصہء شهود تي ضرور
ايندو.
حضور جي خداداد دولت جي امانتدار صلاحڪارن جي راءِ
۽ صلاح هجي، ته مناسب اهو ٿيندو ته، مدعا براريءَ
جي انتظار جو زمانو هتي گذارجي ڪابل ڏاڍو پري آهي.
وري حالت اها آهي ته:
”بخود نمي رسد آنشوخ، تابماچه رسد“
دکن جي رئيسن جا پرڪار ۽ نمونا پڻ حضرت ولي نعمت
کان ڳجها ڪين آهن.
مطلب، ته جيستائين هيءَ جاءِ حضور جي نصرت ۽ اقبال
جي خيمن جي قيام گاهه آهي. سرڪار گردون وقار جي
عملي جو مقرر خرچ، خان موصوف جي معرفت، راجا
راجيشور جي متصدين وٽان پهچندو رهندو. جڏهن هر
معاملي جو فيصلو ٿي وڃي ۽ زماني جي هوا ۾ هڪجهڙائي
پيدا ٿئي. انهيءَ وقت جيڪڏهن اوهان جي مرضي ڪنهن
طرف وڃڻ جي هجي، ته پوءِ ڪوبه حرج نه آهي. اهو ئي
ارادو ۽ اها ئي همٿ آهي، ته هٿئون ڪجهه به نه ويو
آهي، جيڪا صورت حال هينئر آهي، اها ان وقت به
هوندي.
هن سر زمين ۾ سرڪار جي رونق افروزيءَ ۽ رهائش جي
بابت ڪا ڳالهه جيڪڏهن حضور جي صلاحڪارن جي مرضيءَ
جي خلاف هجي، ته انهن جي راءِ هرگز هرگز مڃڻ نه
گهرجي، فدوي انهيءَ تي پوريءَ طرح غور ڪري چڪو
آهي.هن وقت موقعي جي انتظار کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ نه
گهرجي.انهيءَ کان علاوه منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه
ٿو اچي. باقي:
”امر ڪم مطاع و عباد ڪم مطيع“
ڪالهه حڪيم عنايت الله خان جو انتظار رهيو، ته
ڏسئون هو حضور جي خاص خط کان سرفراز فرمائي، ڪڏهن
ٿو نيازمند کي ممتاز ڪري، ان کانپوءِ خيال هو، ته
سندس ئي معرفت خاڪپاءِ اشرف تائين، پنهنجو نياز
ڀريو عريضو پڄائيندس. انهيءَ ڪري دير ٿي، ورنه
ڪهڙي مجال هئي جو فدوي ايتري سستي ڪري.
خدا ڪري ته دشمنن کي پائمال ڪندڙ - حضور جي اقبال
جو وسيع پاڇو ويجهڙن ۽ پري جي سڀني فدوين جي سرن
لاءِ سونهن جو سبب رهي.
(عرضي پوري
ٿي)
(8)
ماثر الامراء
تاليف
صمصام الدوله شاهنواز خان
(1111 هه - 1171 هه)
]ڪلهوڙا خاندان جو احوال[
خدا يار خان
سنڌ جو حاڪم ”بليٽي“ (؟) جي نالي سان مشهور عباسي
نسب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو لقب ”ڪلهوڙو“ آهي.
۽ ان جي پوئلڳن کي ”سرائي“ چون ٿا، ڇو ته هن قوم
جي گهڻائي ”سري“ مٿاهين اتر طرف جي آهي، جنهن ۾
بکر ۽ ملتان جي وچ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. (اهڙيءَ
طرح سنڌ جي هيٺاهين ڀاڱي لاءِ لاڙ چئبو آهي.)
ان جا وڏا درويشي لباس ۾ گذاريندا هئا، پڻ طريقت
جو سلسلو سيد محمد جونپوري(وفات: 910 هه/1505ع)
سان رکيل اٿن. انهن جي وڏن بزرگن مان هڪ جو ابڙا
قبيلي جي سردار سان تعلق پيدا ٿيو.(اهي ابڙا گهڻن
ڏينهن کان سنڌ جا سردار هئا.) ان ابڙي سردار کان
ڪجهه زمين جو ٽڪرو گذر معاش لاءِ ورتو. ان ڪلهوڙي
جو اولاد زمينداريءَ مان قوت ۽ طاقت سان اڀريو ۽
طاقتور بڻيو. سندن مريد ۽ معتقد تمام گهڻا ٿيا ۽
آخر زميندار بڻجي پيا ۽ حڪومت کي محصول ڏيڻ لڳا.
ڌيري ڌيري ابڙا قبيلي تي غلبو ڪري، سندن
جڳهن يا زمين
تي تصرف ۽ غلبو ڪري ويا. ايستائين جو شيخ نصير
(ميان نصير محمد) تائين نوبت پهتي. ان زمينداريءَ
جي ڪمن ڪارين ۾ مڪمل طور آزادي حاصل ڪئي. شيخ نصير
جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ دين محمد
رياست جو صاحب بڻيو. خلد مڪان
جي زماني ۾ جڏهن شهزادو معزالدين ملتان
صوبي جي حڪومت جو صاحب ٿيو ۽ شهزادي معز الدين جو لشڪر سيوستان پهتو،
ته دين محمد سندس تابعداريءَ کان منهن موڙيو ۽
سندس خدمت ۾ نه آيو ۽ آخر قرآن شريف وچ ۾ آڻي، دين
محمد ۽ سندس ٻين عزيزن کي طلب ڪيائون.جڏهن ٽيئي
ڄڻا شهزادي جي دربار ۾ پهتا. شهزادي فوج کي مقرر
ڪيو، ته دين محمد جي باقي رهيل اهل عيال ۽ ٻارن کي
ٻڌي اچن. اها خبر ٻڌي دين محمد جو ننڍو ڀاءُ يار
محمد تمام ڦڙتائيءَ سان مختلف قبيلن جي ماڻهن کي
جبل جي لڪن ۾ بيهاري، پاڻ جنگ لاءِ تيار ٿيو.
مقابلي کان بعد شهزادي جي فوج شڪست کاڌي(شهزادي کي
اها شڪست سنه 1111هه تي ملي.) ان ڪاميابيءَ
کانپوءِ يار محمد جي دل وڌي، ان ڪري جبل جي لڪن ۽
گهٽن ۾ احتياط طور مستقل جنگ لاءِ تيار ٿي ويهي
رهيو. شهزادو معز الدين انهن ٽن قيدين (دين محمد ۽
سندس ٻن عزيزن) کي غنيمت سمجهي، انهن تي اڪتفا
ڪري، پاڻ ملتان واپس موٽيو
ملتان پهچي حڪم ڪيائين، ته انهن ٽنهي کي قتل ڪيو
وڃي.
ان کانپوءِ يار محمد ڪلهوڙي آهستگيءَ سان مڪمل
آزادي حاصل ڪئي ۽ سيوستان کي قبضي ۾ آندو ۽ سيوي
دره (هڪ وسيع مملڪت سنڌ کان قنڌار تائين پکڙيل
آهي) ۽ ٻين ضلعن کي (يار محمد ڪلهوڙي) اصلي
زميندارن کان قبضو ڇڏائي پنهنجي تصرف ۾ آندو.
هر روز سندس بخت جو ستارو عروج تي چمڪڻ لڳو. يار
محمد، محمد فرخ سير جي عهد ۾ ”خدا يار خان“
جي خطاب ۽ منصب سان سرفراز ٿيو ۽ فرخ سير جي آخري
عهد ۾ آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.
يار محمد جي اولاد مان ٻه پٽ هئا: شيخ نور محمد
(ميان نور محمد ڪلهوڙو) ۽ شخ دائود (ميان دائود
ڪلهوڙو). ڪجهه ڏينهن ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ دنگو فساد
رهيو. آخر شيخ نور محمد غالب آيو ۽ پيءُ جو جانشين
ٿيو.
نور محمد پنهنجي ڀاءُ دائود کي صلح جي لاءِ طلبي،
کيس ڪجهه حصو مقرر ڪري ڏنو.
نور محمد، محمد شاهه بادشاهه جي دربار مان سنه
1132هه ۾ پنهنجي پيءُ وارو خطاب ”خدا يار خان“ ۽
منصب حاصل ڪري سرفراز ٿيو.
طاقت ۽ لياقت ۾ پنهنجي سڀني اڳواڻن کان وڌي ويو.
سندس حڪومت جو رعب تاب ۽ دٻدٻو هر طرف پکڙجي ويو.
آسپاس جي اڪثر زميندارن کي پنهنجو تابعدار
بنايائين.
ميان نور محمد پنهنجي حڪومت جي شروعاتي دور ۾
شڪارپور جي دائود پوٽن زميندارن جي جماعت سان سخت
لڙائي کانپوءِ مٿن غلبو حاصل ڪيو ۽ دائود پوٽن جي
تقريباً ڇهه هزار مردن ۽ زالن جي جماعت کي ٻارن
ٻچن سميت پنهنجي اصلي وطن مان ڀڄائي ڪڍيو. جيئن ته
شڪارپور ۾ دائود پوٽن جي زمينداري، شهزادي
معزالدين جي دور ۾ قائم ٿي.
ان جو سبب اهو هو، ته جڏهن شهزادي معز الدين ،
شڪارپور جي زميندار بختيار خان جي مقابلي لاءِ فوج
موڪلي هئي، ته ان وقت دائود پوٽن جي جماعت شهزادي
معز الدين جو ساٿ ڏنو ۽ بختيار خان جو سر ڌڙ کان
ڌار ڪري کڻي آيا، ان ڪري شهزادو راضي ٿي، سندن
خدمتن جي عيوض ضلعو شڪارپور انهن دائود پوٽن جي
حوالي ڪيو هو.
قلات جو حاڪم عبدالله خان بروهي هميشہ خدا يار خان
جي ملڪ ۾ ڦرمار ڪندو هو ۽ هر سال پيشڪشي وٺندو
هو.(قلات، سنڌ ۽ قنڌار جي وچ ۾ مضبوط قلعو آهي)نور
محمد خدا يار خان سنه 1143هه ۾ عبدالله خان
بروهيءَ تي حملي جو قصد ڪيو. پنهنجي رهائشگاهه خدا
آباد کان نڪري، لاڙڪاڻي، اچي ترسيو ۽ وڏي فوج اڳتي
رواني ڪيائين. عبدالله خان بروهي به دلير ۽
بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سو به پنهنجي ٿوري
فوج ساڻ ڪري، قلات کان نڪري، سرحد، ٽپي، ڪلهوڙا
فوج جي سامهون ٿي مهاڏو اٽڪايو ۽ سخت لڙائي لڳي،
پر قضا الاهي سان عبدالله خان بروهي سنه 1143هه ۾
مارجي ويو،
۽ قلات جاڳچ مضافات ميان نور محمد قبضي ۾ ڪيا،
البت جبلن جي گهڻائيءَ جي ڪري سڄو قلات فتح
نه ٿي سگهيو. بهرحال هن فتح کان پوءِ ميان نور
محمد ڪلهوڙي کي، شاهي دربار مان ”خدا يار خان
بهادر ثابت
جنگ“ جو خطاب، اصل ۽ اضافي سان گڏ پنج هزاري منصب
۽ خلعت فاخره به ملي.
سنه 1149هه ۾ ٺٽي صوبي ۽ بکر سرڪار جي حڪومت به
سندس حوالي ٿي. ترخانن جي سڄي مملڪت ۽ ڪجهه وڌيڪ
به سندس قبضي اقتدار ۾ آيو.
جڏهن نادر شاهه، هندستان تي حملي جو ارادو ڪيو، ته
ان
ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙي کي لکيو،
”پنهنجي ملڪ سنڌ مان رستو ڏئي.“ ميان نور محمد
ملڪ سنڌ مان نادر شاهه کي رستي ڏيڻ کان جواب ڏنو ۽
احتياط طور جبل جي لڪن کي مضبوط ڪيو. نادر شاهه
لاچار ٿي ڪابل جي رستي هندستان ويو. نادر شاهه
ڪابل پهچڻ کانپوءِ سنڌ جو رخ ڪيو، ڇو ته نادر شاهه
کي ميان نور محمد ، سنڌ مان لنگهڻ جو رستو نه ڏنو
هو، ان ڪري نادر شاهه جي ميان نور محمد کان دل
ميري ٿي يعني ميان صاحب تي ناراض ٿيو. جڏهن نادر
شاهه جي ديري غازي خان پهچڻ جي خبر ميان نور محمد
کي پئي(ديرو غازي خان ملتان کان ٽيهن ڪوهن جي پنڌ
تي آهي) ته ميان نور محمد گهريو، ته پنهنجي ملڪ کي
ڇڏي، جهنگل ۽ بيابان ڏي هليو وڃي(جو اتي نادر شاهه
جي ايڏي وڏي لشڪر جو پهچڻ مشڪل ۽ ڏکيو آهي) ميان
نور محمد جو خيال هو، ته جڏهن نادر شاهه سنڌ مان
لنگهي هليو ويندو، ته پاڻ موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾
رهندو. ان ارادي ۽ صلاح سان سڀ اهل و عيال، پنهنجي
قبيلي جا ماڻهو ۽ پنهنجي ڀروسي جهڙا سردار، خدا
آباد سيوستان مان ڪوچ ڪري امرڪوٽ پهتو.(امرڪوٽ ٿر
۾ مضبوط قلعو آهي) نادر شاهه به اها خبر ٻڌي، ته
ڌوڪيندو سڌو اچي امرڪوٽ پهتو. ميان نور محمد ان
وقت تابعداريءَ کانسواءِ ٻيو چارو نه ڏٺو، ان ڪري
مجبوراً نادر شاهه وٽ اچي حاضر ٿيو. نادر شاهه
ڪاوڙ مان کيس چيو: ”چرا از مان گريختي؟“
مطلب ته اسان
کان ڇا لاءِ ڀڳين؟ ميان نور محمد حڪمت عمليءَ سان
جواب ڏنو ته: ”اسان اصل پيءُ ڏاڏي جي وقت کان وٺي،
هندستان جي بادشاهه جا تابع هئاسون. جيڪڏهن هن وقت
اوهان سان موافقت ڪريون ها، ته توهان کي به اسان
تي ڀروسو ۽ اعتماد نه رهي ها!“ اهو معقول جواب
قبول پيو ۽ ان ئي مجلس ۾ ميان نور محمد کي سندس
ملڪ جي واپسيءَ جي خوشخبري ٻڌائي وئي.مال متاع وٺڻ
کانپوءِ نادر شاهه ان ملڪ جو ٽيون حصو ان کي ڏنو،
هڪ حصو دائود پوٽا قبيلي کي ڏنو ۽ هڪ حصو بکر جي
زميندارن جي حوالي ڪيو.
هن تحرير کان پهريان ميان غلام شاهه
۽ سندس پٽ سرفراز خان ڪلهوڙو
جيڪي ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قربتدار آهن(يعني
غلام شاهه پٽ ۽ سرفراز خان پوٽو) هن وقت به هن
صوبي سنڌ تي حڪومت ڪري رهيا آهن.
ماخذ
مددي ڪتاب
1. منشور الوصيت |
خطي |
کتب خانہ مولانا محمد
ابراهيم |
2. تحفة الڪرام |
مير علي شير قانع |
خطي کتب خانہ راقم
الحروف |
3. تبصرة
الناظرين |
سيد محمد بلگرامي |
خطي کتب خانہ راقم
الحروف |
4. مجموعه مکتوبات |
جان محمد سيوستاني |
کتب خانہ دانشگاهه سنڌ |
5. ديوان مير عظيم |
مير عظيم الدين تتوي |
راقم الحروف |
6. ديوان محسن |
محسن تتوي |
” ” ” |
7. تاريخ ڪلهوڙا
)دوجلد( |
مولانا غلام رسول مهر
مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ |
|
8. مقالات الشعراء |
مير علي شيرقانع تتوي |
” ” ” |
9. قصيده بمدح
عبدالنبي |
شائق |
خطي ملک مولانا محمد
ابراهيم |
10. نامہء نغز |
باغ علي خائف |
” ” سنڌي ادبي بورڊ |
11. انشايء عطارد |
شيوڪ رام عطارد |
” ” راقم الحروف |
12. هير و رانجها |
” ” |
” ” آغا بدر الدين
دراني |
13. فتح نامه سند |
مير عظيم الدين تتوي |
” ” راقم الحروف |
14. ياد داشتهايء |
ديوان گدومل |
مطبوعه |
15. سنڌي هندن جي
تاريخ |
ٻن جلدن ۾ (سنڌي) |
” ” |
16. ماثرالامرا
جلد اول و دوئم |
شاهنواز خان |
ايشيائٽک سوسائٽي
بنگال |
17. گلدسته نورس بهار |
|
خطي ملک راقم الحروف |
18. تاريخ محمدي |
مرتبـہء مولانا عرشي |
طبع علي گڙهه 1960ع |
19. واقعات اظفري |
مرتبه محمدي |
طبع مدراس 1937ع |
20 . مقالات درباه
شاهه عنايت صوفي |
نوشته راقم الحروف |
مجلـہ نئي زندگي کراچي |
21. سفر نامہء انندرام
مخلص |
|
مطبوعه رامپور |
مکاتيب مخلص
|
کتابت 1249 هه
|
خطي ملک راقم الحروف |
23. شجره آصفيہ |
|
مطبوعه حيدرآباد(هند) |
24. اورينٽل کالــج
ميگزن |
مولانا محمد شفيع
مرحوم لاهور |
|
25. مير المتاخرين
|
طبا طبائي |
مطبوعه |
26. شه نامـہء نادري
يانادرنامه؟ |
|
خطي ملک موزهء ملي
کراچي |
27. مااثر الکرام |
غلام علي آزاد |
مطبوعه |
28. سرو آزاد |
” |
” |
29. مرقع دهلي |
سيد احمد |
مطبوعه دهلي |
30. جهان کشايء نادري |
ميرزا مهدي |
طبع مبارک علي
لاهور1921ع |
31. جهان کشايء نادري |
مرتبـہ سيد عبدالله
انور طبع |
انجمن آثار ملي تهران
1341 ش |
32. جهان کشاهيء نادري |
مرتبـہ ملا عباس علي
|
ڪتب فروش طبع سنــه
1297هه |
33. درء نادره
|
ميرزا مهدي |
مطبع حيدري بمبئي
1293هه |
34. ” ”
|
مرتبـہ دکتر جعفر شهيد |
طبع انجمن آثار ملي
طهران 1341 ش |
35. وقايع نادري(اردو) |
مولوي معصوم علي محشر |
نولکشور لکهنو |
36. حملـہء نادري ” |
مولوي احمد الدين مراد
آبادي |
رهبر پريس مراد آباد
1894ع |
37. در رکاب نادر شاه |
سفر نامـہ عبدالکريم
|
طهران 1322 ش |
38. تاريخ نادر شاه |
ترجمـہ فارسي تاريخ
فريزر |
ايران 1321 ش |
39. نادر شاهه پسر
شمشير |
نورالله لا رودي |
طهران 1319 ش |
40. شه نامہ نادري |
محمد علي طوسي باهتمام
احمد سهيلي |
طبع انجمن آثار ملي
طهران 1339ش |
41. نادر شاهه از نظر
خاور شناسان |
دکتر رضا زاده شفق |
” ” ” 1339 ش |
42. نبرد هايءَ بزرگ
نادر شاه |
غلام حسين مقتدر |
” ” 1339 ش |
43. نادر نامہ |
محمد حسين قدوسي |
” ” ” خراسان 1339ش |
44. نادر فاتح دهلي |
صنعتي زاده کرماني |
طهران . ابن سينا 1340
ش |
45.
Nadirshah |
Lockhart |
1938ع
London |
|