(3)
بدائع وقائع
مان چونڊ اقتباس
تاليف
راءِ رايان انندرام مخلص
نادر شاهه ايراني ۽ سنڌ بابت
بدائع نگار جي قلم جي ڪوشش دربار جي واقعن جي
تحرير بابت
نادر شاهه ايراني، بادشاهي خزانن دفينن ۽ مال
ملڪيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وطن جي ياد ۾ هندستان کان
واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو. مقرر ٿيو ته ڪابل ۽ ٺٽو،
سمورو سنڌ ملڪ اٽڪ تائين شاهه عالي مقدار نادر جي
تصرف ۾ هجي. هن باب ۾ عهدنامو تحرير ڪجي ٿو، ته
جيئن اعتبار جو ڪارڻ بنجي. ان عهد نامي جو نقل هي
آهي.
محمد شاهه ۽ نادر شاهه جي وچ ۾ ٿيل عهد نامو
هن کان اڳ ۾ شهنشاهه جهان، سلطان دوران نادر شاهه
بادشاهه جي خدمت ۾ به ڪن ڪمن واسطي ايلچي موڪليل
هئا. هن نيازمند اهو واعدو پورو ڪيو. تنهن بعد
محمد خان ترڪمان قنڌار کان ياد آوريءَ لاءِ وارد
ٿيو. هن حڪومت جي ڪارگذارن اٻهرو جواب ڏنو، تان جو
نادر شاهه جو هندستان ۾ اچڻ جو اتفاق ٿيو. قضا سان
ڪرنال وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جنگ به لڳي. جڏهن اوهان مروت
ڪئي. ملاقات جي فيض کان بهرور ٿي، دارالخلافت جهان
آباد ۾ ملياسين. هندستان جي سلطنت جا خزانا ،
جواهر ۽ ذخيرا وغيره نيازمنديءَ جي رسم موجب خدمت
۾ پيش ڪيا ويا. اوهان انهن مان ڪن کي قبول ڪيو.
اوهان گورگاني عنايت ۽ ترڪماني رعايت ڪري،
هندستاني سلطنت جو تاج ۽ ڇٽ هن نيازمند جي حوالي
ڪيو. اهڙي عنايت پيءُ جي طرفان پٽ لاءِ ۽ ڀاءُ
طرفان ڀاءُ لاءِ به ڏيڻ ڏکي آهي. اوهان شهنشاهه
اها مهرباني ڪئي آهي.
ان ڪري شڪرئي طور هيءُ سڀ ملڪ نادر شاهه جي حوالي
ڪريان ٿو. اولهه طرف وارو سڄو ملڪ دريا اٽڪ، درياء
سنڌ، درياء سانگره، سنڌو درياء جي ڇاڙ، پشاور،
بنگشات، دارالملڪ ڪابل، غزني، افغانين جا جابلو
ماڳ، هزاره جات، قلعه بکر، سکر، خدا آباد، لاڙڪاڻو
جو
کين
۽ بلوچن جا ديراجات وغيره. ٺٽو صوبو، قلعه راهمه
قصبو بدين ۽ پرڳڻو جوڻ
پرڳڻو سموال
کيبر
سڀ بندر، قصبا، کيت ۽ پرڳڻا دولت نادري جي حوالي
ڪيا ويا. هن کانپوءِ انهن سمورن علائقن وغيره جو
سمورو انتظام نادري ماڻهن جي حوالي هوندو. اسان جي
اميرن وزيرن جو هنن علائقن ۾ ڪوبه عمل دخل نه
رهندو.قلعو داور، شهر لوهري بندر، اُچ ۽ سڀ
ولايتون جيڪي اٽڪ ندي، سنڌو درياءَ ۽ ساڪره درياء
کان اوڀر طرف واقع آهن
اهي سڀ هندستان جي حڪومت ۾ هوندا.
نقل لکت شاهه ذي جاه
هن مبارڪ عهد ۾ هندستان خاقاني جي حوالي ٿيو ۽
سندن دارالخلافت شاهه جهان آباد ۾ ورود جو اتفاق
پيو، سلطنت هندستان کي اصيل ترڪمانيه سلسله
گورگانيه وارن جي حوالي ڪيوسون. ان طرفان به تاج
بخشي ٿي، سڄو ملڪ درياء اٽڪ ، سنڌو درياءَ، سنگر
درياءَ نادري حڪومت کي منتقل ٿيو، اهڙيءَ طرح هن
عهد ۽ قرارداد ذريعي ولايتون ملتان جي سرحد کان
سنڌ، ٺٽو وغيره ذڪر ڪيل پاڻيءَ کان اولهه ۽ اتر
طرف ايران تائين پکڙيل آهن.
خدا يار خان عباسي ان طرف سنڌو درياءَ کان سڪونت
رکي ٿو ۽ گورگانين جي مهمات کان آهي. پاڻيءَ جي هن
طرف به اختيار کسيل آهي. ان ڪري پاڻيءَ جي هن طرف
واري ولايت جيڪا خدايار خان جي تصرف ۽ قبضي ۾ آهي،
اها زڪريا خان ناظم صوبه دارالسلطنت لاهور ۽ ملتان
کي ڏنيسون، اهو پاڻ سنڀاليندو ۽ گورگاني حڪومت جي
موافق عمل ۽ ضبط ۾ به آڻيندو.
بادشاهه سلامت جا امير ۽ وزير هن عرضي کي بادشاهه
تائين پهچائين. ان کي منظور ڪري، انحراف نه سمجهن
۽ هر ڳالهه کي پڪ ۽ محفوظ ڄاڻن.
(10 - ربيع الاول 1152 هجري)
شاهي لشڪر جو اٽڪ درياءَ کان تڪڙ ۾ گذرڻ، شاهه ذي
اقبال جي حسن تدبير سان سنڌ ملڪ جو انتظام سنڀالڻ
شاهه، هندستان جي مهمن کان جلد واندو ٿي، خراسان
ڏانهن موٽڻ جي واڳ واري، جو بخارا ۽ خوارزم جا
والي اڃا غفلت جي ننڊ ۾ ستل هئا. غرور جي سياهه
مستيءَ کان هوشيار نه ٿيا هئا ۽ اطاعت کان ڦريل
هئا. انهن جي اصلاح ضروري هئي، ان ڪري شاهي لشڪر
تاريخ 21 جمادي الثاني 1152هجري ۽ 22 محمد شاهي،
اٽڪ درياءَ کان لنگهي، 25 - شعبان
ساڳئي سال ڪابل پهتا. اتان خدا يار خان عباسي خدا
آباد جي زميندار کي سزا ڏيڻ جي ارادي سان ديري
اسماعيل
جي رستي حرڪت ۾ آيا. هوت ۽ غازي خان دودائيءَ کي
فرمانبردار ڪري، بکر سرڪار جي گرد و نواح جي ويجهو
اچي دم پٽيائون
ڪابل کان هلندي خط ذريعي نواب آغرالدولـہ زڪريا
خان بهادر هزبرجنگ
۽ حيات الله خان بهادر ملتان جي نائبن کي چيو ويو،
ته جڏهن شاهي لشڪر خدا يار خان جي سرحد تي پهچي،
ته اوهان به اچي شامل ٿجو. ان ڪري حيات الله خان
ملتان کان اردوي پهتو. نواب بهادر زڪريا خان 26-
شوال ساڳئي سال ڄمونءَ جو قلعو، جو چند ڏينهن اڳ
فتح ٿيو هو، کان هلي، هڪ رات لاهور ۾ رهي، 23-
ذوالحج ملتان کان ٻيڙي ذريعي اردوي طرف روانو ٿيو.
نقل لـِـکت اشرف شاهي
عاليجاه عمدة الخوانين العظام زڪريا خان
ناظم صوبه لاهور ۽ ملتان!
مطلب ته هن سال سنڌ ملڪ ۾ ڏڪار(؟)پيو آهي. گمان
آهي بک بدحالي ۽ ڏڪار جي ڪري اتان ماڻهو ملتان طرف
نه ڀڄي اچن، ان ڪري سنڌو درياءَ تي فوج طرفان انهن
جي ڪن مهٽ ۽ تعاقب پيڇو ڪجي.
ممڪن آهي، ته عاليجاه موجود ۽ تيار هجي، ان ڪري
ضروري آهي، ته لاهور کان متوجهه ٿئي.آسپاس ۾
ڀڄندڙن جي واٽن جي خبر رکندڙ هجي، ته جيڪر ڪو سنڌو
درياءَ
کان ان جي حد ۾ ٽپي پوي، ته ان کي تنبيهه ڪري
سگهجي. هن باب ۾ جدوجهد عمل ۾ اچي ته سنڌو درياءَ
پارنه ٿي سگهي ۽ تعاقب جاري رهي. شهنشاهي مهربانن
کي سڀني ڳالهين کان آگاهه ۽ شامل ڪجي. اميد ته
عرضداشت مٿي پهچندي 21 جمادي الثاني 1152هجريءَ تي
لکيوويو.
نقل فرمان فلڪ شان محمد شاهي
آغرالدولـہ زڪريا خان جي نالي
سيات و نجابت پناهه... آغرالدولـہ زڪريا
خان بهادر هزبر جنگ بادشاهي عنايت سان نوازيل!
شهنشاهه جو خط مبارڪ عقيدت مند کي مليو، جنهن ۾
لاهور کان ملتان طرف تياريءَ بابت احوال رقم ٿيل
آهي ۽ پڻ ... وزير الممالڪ مدارالمهام اعتماد
الدولـہ قمرالدين خان چين بهادر نصرت جنگ
اچڻ جي اجازت گهرڻ بابت لکيو هو، نظر نواز ٿيو.
ٻئي حڪومتون ڄڻ هڪ آهن، پر خدمت
جناب اعظم خاقان اڪرم جي واجب ڳڻيو. جيڪا اوهان جي
مرضي سان اسان جي مرضي ڄاڻو. جلدي پاڻ کي ملتان
پهچائي ڀڄندڙن کي روڪڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪجن، ته
جيئن ڪو فرار ٿيندڙ سنڌو درياءُ اُڪري نه وڃي، ان
باري ۾ ڪوبه دقيقو هيٺ مٿي نه ٿي وڃي.ڄمون ۽ ياهو
قلعا هندستان کان برتري ٿا رکن، اهي فساد جي پاڙ
آهن، هن وقت ظاهري باطني خباثت ڪمال کي پهتل آهي،
هن کان اڳ ۾ فضل ۽ ڪم عطا ٿيو، شڪر بجاءِ آڻجي ٿو.
14 - شعبان سنه 22 جلوس کان تحرير ٿيو.
خدايار خان جو مهاڏو اٽڪائڻ، نيٺ نادر شاهه جي
خدمت ۾ پهچڻ ۽ سندس جرم معاف ٿيڻ
خدا يار خان عباسي سرحد جي زميندارن مان کڻي ملڪ
مال ۽ سپاهه جي اعتبار کان حال في الحال برابر
ناهي، پر جنهن وقت شاهه فلڪ بارگاه قنڌار پهتو، ته
خدايار خان غلط فهميءَ کان پاڻ کي ان جو همسر حريف
سمجهڻ لڳو. پنهنجي پٽ کي فوج ڏئي، مقابلي لاءِ ڇڏي
پاڻ مال سامان سوڌو خدا آباد مان نڪري امرڪوٽ
جي قلعي ۾ وڃي ويٺو. قلعي امرڪوٽ جي ٻن طرفن کان
واريءَ جا دڙا ۽ ڊٻون ۽ ٻن پاسن کان پاڻي آهي.
جڏهن بادشاهي لشڪر ان جي زمينداريءَ جي سرحد تي
پهتو، جيتوڻيڪ سندس پٽ جيڪو جنگ لاءِ دل ٻڌيو تيار
ويٺو هو، تنهن کي شرمساري ٿي ۽ خدمت لاءِ تيار
ٿيو، هن شرط تي ٺاهه ۽ صلح جي پيشڪش ڪيائين، ته ان
جي پيءُ خدا يار خان ميان نور محمد کي خدمت جي
تڪليف نه ڏني وڃي پر اهو صلح قبوليت ۾ نه آيو، کيس
گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو.
جڏهن بادشاهي يلغار ۽ امرڪوٽ قلعي جي تسخير ۽ حملي
جي خبر خدا يار خان کي پئي، ته سندس صبر ۽ زور ٽٽي
پيو، ان وقت مال سامان ۽
احتياطي تدبير واسطي 22 لک رپيا ٻئي ڏينهن زمين ۾ دفن ڪري نڪرڻ
جو ارادو ڪيائين.
(بيان واقع جي قول موجب:خدا يار خان ارادو ڪيو، ته
عمرڪوٽ مان ٻيڙي تي سوار ٿي هليو وڃي. نادر جي
ايران موٽي وڃڻ تائين ضلعي جي جزيرن ۾ مخفي طرح
رهي گذاري(محمد شفيع).
شاهه ذي جاه 28 - ذوالقعد ذڪر ڪيل سال لاڙڪاڻي
کان، جيڪو امرڪوٽ کان ٽيهه فرسخ پري آهي، يلغار
ڪري 29 تاريخ تي اوچتو قلعي جي مٿان ساجهر اچي
ڪڙڪيو،
جنگي جوان چوڌاري قلعي کي گهيري ۾ آڻي، قلعي ڊاهڻ
۽ ساڙڻ جي رٿابنديءَ ڏانهن متوجـهه ٿيا. خدا يار
خان وڃڻ جي واٽ نه ڏسي، لاچار امان طلبيءَ لاءِ
خدمت ۾ حاضر ٿيو.کيس امان طلبي ۽ معافي ملي، قلعي
۾ موجود موتين جواهرن سان گڏ ٻاويهه لک رپيا نقد
ڏنڊ طور ضبط ڪياويا.
جهان فتح ڪندڙ لشڪر لاڙڪاڻي موٽيو، جيئن ته
خدايار خان پيش پيو ۽ خدمت گذار بنيو هو، ان ڪري
ٻين ڳالهين سان گڏ سندس ملڪ ۽ حڪومت جو معاملو
نبيري لاءِ سامهون آيو.
ٻيو ڀيرو نواب آغرالدولہ بهادر هزبر جنگ جو
اردويءَ ۾ پهچڻ ۽ ايران جي فرمان روا طرفان خدمت
حاصل ڪرڻ
گذريل ورقن ۾ لکيل آهي، ته تاريخ 23 - ذوالحج 52.
1 هجري(؟) نواب آغر الدولـہ ملتان کان ٻيڙيءَ ۾
جناب ذي اقبال جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. 5 - محرم
غالباً لاڙڪاڻي پهتا، اتي ترسيا، اتفاق سان ٻئي
ڏينهن 6 - محرم خواجه محمد فاضل خان، مير نعمت خان
۽ حاجي محمد امان خان گهوڙن تي سوار جهر جهنگ
لتاڙيندا ، پاڻي جو وهڪرو اُڪري، ٻنپهرن مهل اردوي
معليٰ پهتا. رستي ۾ حيات الله خان بهادر، ميرزا
ابوالحسن، حسين بيگ خان حڪم موجب استقبال لاءِ آيل
هئا، ملاقي ٿيا.
جڏهن شاهه جمجاهه آيو، ته حيات الله خان جي تنبوءَ
۾ آيو، ڏينهن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو، ته ملاقي ٿيا،
آغرالدولـہ بهادر، ميرزا ابوالحسن ۽ مرزا مهدي
خدمت ۾ حاضر ٿيا. شاهه ذي جاه مهربانيءَ جي زبان
سان فرمايو: ”اوهان کي ڊگهي سفر جي گهڻي تڪليف
پهتي.“ نواب حيات الله خان بهادر ۽ ٻين ساٿين مان
هر هڪ کي ڪپڙن جي خلعت ڏني وئي.
خدا يار خان عباسي جي احوال جي پڄاڻي
خدا يار خان امان ۽ خدمت طلبي کانپوءِ ساڻن همرڪاب
هو، ته کيس شاهاڻي شفقت سان شاهه قلي خان
جو خطاب، ساڳئي زمينداري جي بحالي، ٺٽي جي
صوبيداري عطا ڪئي، پر شرط هيءُ رکيو، ته هر سال ٻه
لک رپيا خزاني ۾ داخل ڪرائيندو ۽ هڪ پٽ ٻن هزار
سوارن سان بادشاهي خدمت ۾ همرڪاب ۾ حاضر رکندو...
غالباً نادر شاهه 11 - محرم ساڳئي سال وطن موٽيو:
”ازبخت شڪر دارم واز روزگار هم.“
مطلب ته بخت ۽ زماني جو پڻ شڪر گذار آهيان.
بادشاهه جي لشڪر جو خراسان جي ارادي سان خدا يار
خان جي ملڪ کان قنڌار ڏانهن موٽڻ -
نواب آغر الدولہ
بهادر جي ملتان طرف اجازت گهرڻ
جڏهن شاهه ذي جاهه هندستان جي سموري انتظام کان
واندو ٿيو، ته دل ۾ مملڪت خراسان ڏانهن وڃڻ جو
ارادو ڪيو. انڪري 12 - محرم (سنه 22- محمد شاهي)
1153 هجري آچر جي ڏينهن خالي تنبوءَ ۾ تشريف
آندائين ۽ بخت جي تخت تي اچي ويٺو.
نواب آغر الدولـہ بهادر کي عراقي نسل گهوڙو سازن
سان سينگاريل، عقيق جي تسبيح ۽ حيات الله خان
بهادر کي ”شاهنواز خان“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو.
گهوڙو ۽ تلوار وغيره ڏئي کيس رخصت ڪيو.
نواب عالي جناب ان ئي ڏينهن اردويءَ کان ڪوچ ڪري،
پاڻي يا درياءَ جي ڪناري تي منزل ڪئي. ٻئي ڏينهن
13 تاريخ ساڳئي سال سومر جي ڏينهن شاهه سليمان
(جاه - ظ) چنڊ جهڙي بخت کي خراسان جي طرف موڪليو
يا روانو ٿيو(ورق 158 الف).
|