تعارف
متن جي تياري
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هيءُ وصيتنامو دراصل
منهنجي برادر بزرگ، سيد علي محمد راشديءَ اڄ کان
33 ورهيه اڳ، 4 آگسٽ 1931ع جو، هڪ خطي بياض
تان خوبصورت خط ۾ نقل ڪري ڇپائڻ لاءِ تيار ڪيو
هو.
اهو نسخو جيئن جو تيئن رکيو رهيو، نه وسيلو ٿيو،
نه ڇپجي سگهيو.
سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ جڏهن تاريخ سنڌ جي اصل
مواد شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان وقت انهيءَ وصيت
نامي کي به فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. نظرثانيءَ جو ڪم
منهنجي سپرد هو. مون ضرورت محسوس ڪئي، ته ان جو
ٻيو نسخو ڳولي ڪڍجي، ته جيئن مقابلو ڪري صحيح متن
تيار ڪيو وڃي، چنانچه ڳولا ڪندي مولانا محمد
ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾، مير ڪرم
علي خان ٽالپر واليءَ سنڌ (وفات: ڊسمبر 1828ع جي
خاص ڪتبخاني جو آواره نسخو ملي ويو، جنهن جي
ترقيمه جي عبارت هيءَ آهي.
”ختم شد، اين نصيحت نامه
نور محمد خان عباسي ، بموجب
ارشاد قيصر شان،بندگان
مير بي نظير عالي ضمير،
ولا تدبير، خان ذي شان،
سمو المڪان، نذير کرده حضرت
شاهه مردان، شير يزدان،
مير صاحب والا مناقب،
مير ڪرم علي خان مدظله العالي
از دست
فقير سيد مهر علي بتاريخ بيست
و ششم ماهه جمادي الثاني سن 1208هه
صورت تمام يافت.“
انهيءَ نسخي مهيا ٿيڻ بعد، راشدي صاحب واري
نسخي کي اساس بڻائي، ڀيٽا ڪئي وئي، ڪتاب جون چڪون
البت اڪيچار هيون، ليڪن اهم اختلاف ٿورا نڪتا،
بهرحال جيڪي اختلاف نظر انداز ڪرڻ جي قابل نه
سمجهيا ويا، انهن کي (گ) جي علامت سان حاشيي ۾
ڏيئي موجود متن تيار ڪيو ويو.
اهميت:
هن وصيت نامي کي تاريخي نقطي نگاهه کان وڏي اهميت
آهي. پڙهندڙ کي انهيءَ منشور مان هيٺيون مصالحو
مهيا ٿئي ٿو:
(1) انهيءَ زماني جا سياسي خواهه سماجي، حالات، ۽
انهن جي روشنيءَ ۾ ميان صاحب جون ڪيل نصيحتون.
(2) ميان صاحب جي خود پنهنجي مزاج ۽ طبعيت جو ميل
۽ لاڙو.
(3) حڪمرانيءَ جي نظام لاءِ سندس ٺاهيل بنيادي
اصول.
(4) ڪلهوڙن جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي ۽
عام اٿيءَ ويٺيءَ جي چٽي تصوير، مثلاً: عبادت ۽
وظيفي ڏانهن رغبت، قيلولو ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ،
پرهيزگاريءَ ۽ طهارت کي زندگيءَ جو جزو بنائڻ،
سخاوت، خيرات، محتاج نوازي، ساداتن جي خبرگيري،
ڪلام مجيد جي تلاوت سان شغف، ”سيفي ۽ حزب البحر“
جي وظيفي جو رواج، صلوات شريف جو ورد، عالمن ۽
صالحن سان سلوڪ، محبت ۽ انهن جي صحبت ڏانهن ميل،
شريفن جي رضامنديءَ ڏانهن رغبت ۽ رذيلن کان پاسو
۽ پرهيز، استقلال ۽ همٿ، فروتني ۽ ڪسر نفسي، هر
ڪنهن سان نياز ۽ نوڙت.
(5) ميڙ منٿ، يعني قرآن مٿي تي کڻي، سيدن کي ساڻ
ڪري هلڻ جو رواج، جيڪو اڄ تائين سنڌ ۾ هليو اچي.
سو ڀانئجي ٿو، ته انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو هو ۽
انهيءَ جو ڪارڻ شايد اهو ٿيو جو سنڌ جا ماڻهو،
مغلن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ۽ نااميديءَ ۽ نراسائيءَ ۾
ڏيڍ صدي گذارڻ سبب، خود اعتمادي وڃائي ويٺا هئا، ۽
احساس ڪمتري منجهن انهيءَ حد تائين گهر ڪري چڪي
هئي جو پنهنجن تائين پهچي انصاف حاصل ڪرڻ به کين
اڻائو ٿي لڳو. مغلن جي ڌاريءَ دربار کين ايترو پري
رکيو هو جو پنهنجن وٽ به تنها وڃڻ جي کين جرئت ڪا
نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري قرآن مجيد ۽ ساداتن جي
سهاري تي پهچڻ جو طريقو ماڻهن کي آسان لڳو جو
ڪلهوڙا مذهبي ماڻهو هئا، سيد ۽ ساک جي کين وڏي
ساڃهه هئي.
(6) مقدمن ۾ بهر صورت انصاف ڏيڻ ڪلهوڙن جو اڻٽر
اصول هو، انهيءَ ڪري ميان صاحب بار بار پنهنجن کي
تاڪيد ڪيو آهي. انصاف ڪندي هٿن پيرن وڍڻ واريءَ
سزا جي ميان صاحب سخت ممانعت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته حق
۽ ناحق جو پتو تمام دير سان پوي ٿو، ممڪن آهي،
ڪنهن انسان جي عضوي کي اجايو کاري وجهجي.
(7) باهمي محبت ۽ هم آهنگيءَ سان رهڻ جو پڻ ميان
صاحب اولاد کي بار بار تاڪيد ڪيو آهي، ليڪن افسوس
جو سندس اکين ٻوٽڻ بعد سندن پويان انهيءَ تي عمل
ڪري ڪو نه سگهيا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو پاڻ ۾ وڙهي،
نيٺ حڪومت وڃائي ويٺا.
(8) ڪلهوڙا سيد ميران محمد جونپوريءَ جا مريد هئا،
معلوم ٿئي ٿو ته ڄام نظام الدين سمي جي دؤر کان
وٺي ڪلهوڙن جي عهد تائين مهدوي طريقي جو سنڌ اندر
ڪافي رواج رهيو، ٽالپر جي دؤر ۾انهي سلسلي کي
نقصان پهتو.
(9) سڀ کان اهم معلومات، وصيتنامي منجهان، ملڪ جي
ورهاست متعلق حاصل ٿئي ٿي. ڪهڙا پرڳڻا ڪنهن جي
حوالي هئا، اهو پتو هن مان پوي ٿو.
(10) نادر شاهه جي فتني متعلق ميان صاحب جا جذبات
(”سفاڪ ناپاڪ“ ) وغيره.
(11) هن وصيتنامي منجهان ئي اسان کي اها خبر پئي
آهي ته سنڌ جو قومي ڪتبخانو نادر شاهه لٽي کڻي ويو
هو.
(12) نادر شاهه ميان صاحب جا پٽ يرغمال ڪري ايران
وٺي ويو هو.
محمد مرادياب کي جنهن نموني سان ميان صاحب مرحوم
وصيت ۾ مختلف جاين تي ياد ڪيو آهي، انهيءَ مان
معلوم ٿئي ٿو، ته کيس ڪيتري قدر اولاد سان محبت
هئي!
(13) محصول ۽ انهن جي اڳاڙڻ جا قاعدا ۽ طريقا پڻ
هن وصيتنامي مان معلوم ٿين ٿا. ميان صاحب وڏي شدمد
سان خـَـسري وغيره ۾ صحيح انگن اکرن لکڻ تي زور
ڏنو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي دفتري مـُـنشين جي
چالاڪين کان آگاهه ڪيو اٿس.
(14) قلات جي بروهين، شڪارپور جي دائود پوٽن،
دهليءَ جي مغلن، اڀي جي فقيرن ۽ سيويءَ ۽ گنجابي
متعلق جيڪا پاليسي ميان صاحب مقرر ڪئي هئي، ان جو
پڻ پتو پوي ٿو.
تاليف:
وصيتنامي ۾ تاريخ لکيل ڪا نه آهي، ليڪن متن پڙهندي
معلوم ٿئي ٿو، ته سال 62-1163هه ڌاري لکيو ويو،
جنهن جا دليل هي آهن:
(الف) محمد مرادياب ايران مان اڃا واپس نه آيو هو،
جو اها وصيت لکي ويئي. غلام شاهه ۽ عطر خان ڀانئجي
ٿو، واپس پهچي چڪا هئا. پويان ٻيئي صاحبزادا سنه
1162هه (1749ع ) ۾ وطن پهتا، ۽ محمد مرادياب سنه
1164هه ۾ آيو. انهيءَ مان اهو ئي نتيجو نڪري ٿو،
ته ميان صاحب وصيت سنه 1162هه کانپوءِ ۽ سنه
1164هه کان اڳ لکي.
(ب) وصيت ۾ شيخ غلام محمد ۽ سندس ڀاءُ شيخ شڪرالله
جو ذڪر آيو آهي. اهڙيءَ ريت، جو صاف ظاهر پيو ٿئي،
ته شيخ غلام محمد، جيڪو ايران مان ميان محمد
مرادياب خان سان گڏيو ٿي آيو، ان جي شهيد ٿيڻ جي
خبر اڃا مسقط مان هتي ڪا نه پهتي هئي.
شيخ غلام محمد جڏهن مسقط پهتو، ته کيس سنه 1163هه
۾ ڪنهن خنجر هڻي ماري وڌو، بقول صاحب ”تحفة
الڪرام“
جي، ته اها خبر سنه 1163هه ۾ هتي پهتي. انهيءَ مان
واضح ٿيو، ته ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان جي
اچڻ (1162هه) کانپوءِ ۽ شيخ غلام محمد جي شهادت
واريءَ خبر پهچڻ (1163هه) کان اڳ اها وصيت قلمبند
ڪئي وئي.
ضميما
ڪلهوڙن جي دور تاريخ تي جيتوڻيڪ سنڌي ادبي بورڊ ٻن
جلدن ۾ مفصل تاريخ لکرائي آهي.
تاهم پنهنجيءَ جاءِ تي هن ڳالهه جي ضرورت قائم
آهي، ته انهيءَ دور تي جيڪو تاريخي مواد هٿ اچي،
سو اصلي صورت ۾ ڇپائي محفوظ ڪري ڇڏجي، ته جيئن
آئندهه جي لکندڙن کي ڳولا ڦولا جي زحمت سهڻي نه
پوي.
هن وصيت جي آخر ۾، انهيءَ جي مد نظر، هيٺينءَ ريت
اٺ ضميما شامل ڪيا ويا آهن:
1. جهوڪ واريءَ جنگ متعلق ٽي خط
شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت (1130هه) جو سانحو،
ٻارهين صديءَ جي ابتدائي دور جو وڏي ۾ وڏو الميو
آهي. انهيءَ ظالماڻي ڪارروائيءَ ۾ جيڪي ڌريون مغلن
سان ڪلهوڪلهي ۾ ڏيئي بيٺيون، انهن جي پيشانيءَ تان
بدناميءَ جو ٽـُـڪو ۽ انهن جي دامن تان اهو خوني
داغ، نه لهڻ جو آهي، نه ڌوپڻ جو. جيئن جيئن انساني
عظمت ۽ فڪري آزاديءَ جو شعور پختو ٿيندو ويندو،
تيئن تيئن انهيءَ ناحقي خون جو جرم ۽ ان واقعي جي
سنگيني وڌندي ويندي.
اهو حادثو سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دور ۾ ٿيو،
۽ اهو الميو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي
ابتدا ٿي رهي هئي. سيوهڻ تائين ميان يار محمد
ڪلهوڙي جو قبضو ٿي چڪو هو، ۽ ٺٽي واري حـصي مٿان
سندس اکيون هيون .
هن ڪتاب ۾ پهريون ضميمو انهن ٽن خطن جو آهي، جي
جهوڪ منجهان جنگ هلندي لکيا ويا.
پهريون خط ميان يار محمد ڪلهوڙي جو آهي، جيڪو
پنهنجي وليعهد، ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن لکيو
اٿس. ٻيو خط ملتان جي صوبيدار سيد حسين خان جي پٽ
جي ڪارنامن متعلق آهي، جي هن جهوڪ واريءَ جنگ ۾ سر
انجام ڏنا، ٽيون خط آهي ميران سنگهه کتريءَ جو
جيڪو پڻ جنگ جي ميدان مان لکيو ويو آهي.
اهي ٽيئي خط جنگ جي حقيقت، مغلن جي نيت ۽ واقعي جي
نوعيت تي تفصيلي روشني وجهن ٿا، جنگ جو سٽاءُ ڪيئن
ٿيو، ڪهڙي ريت مقابلا ۽ مجادلا ٿيا، ڪهڙن ماڻهن
ڪهڙو نمايان ڪم ڪيو، ڪيستائين جنگ هلي، ۽ ڪيئن
انهيءَ حادثي جو انجام ۽ اختتام ٿيو؟
هنن خطن ۾ جيڪو ڪجهه بيان ٿيل آهي، سو ٻيءَ ڪنهن
تاريخ يا تحرير ۾ موجود ڪو نه آهي: گويا اهي ٽيئي
خط آهن جيڪي جهوڪ واري حادثي متعلق اکين ڏٺو، صحيح
۽ سچو احوال ٻڌائين ٿا.
اهي خط ٻن خطي بياضن تان ورتا ويا آهن. جيڪي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهن ۽ پهريون دفعو شايع
ٿي رهيا آهن.
2. مڪاتيب انندرام ”مخلص“
محمد شاهه جي وزيراعظم قمر الدين خان اعتماد
الدوله جي وڪيل، راءِ رايان انند رام ”مخلص“
(1111هه / 1164ع) جا چار خط شايع ڪيا وڃن ٿا، جيڪي
هن ميان نور محمد ۽ سندس پرڏيهي وزير سيد لطف الله
عرف مير متاري ڏانهن، سندس لکيل خطن جي جواب ۾
موڪليا آهن.
انهن خطن مان ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ مولانا غلام رسول
مهر جزوي ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري ضرورت آهي ته انهن
جو پورو متن شايع ڪيو وڃي.
”مخلص“ پنهنجن خطن جو مجموعو ، ”رقعات مخلص“
جي نالي سان، پاڻ 21- ربيع الاول 1149هه ۾ مرتب
ڪيو هو. پهريون دفعو اهو مجموعو، 1268هه ۾،
”انشاي انندرام“ جي عنوان سان، دهليءَ جي شمس
المطابع مان (27 - شوال 1268هه / 1852ع ) شايع
ٿيو، جيڪو هن وقت ناياب آهي.
هتي جيڪو متن ڏنو وڃي ٿو سو مون هڪ خطي نسخي
تان درست ڪيو آهي. خط جيڪي صفحي نمبر تي ايندا، هن
ريت آهن:
1. هڪ خط ميان نور محمد جي نالي.
2. ٽي خط مير لطف الله جي نالي:
3. وقائع بدائع از انندرام ”مخلص“
انندرام ”مخلص“ جي ڪتاب ”وقائع بدائع“ مان اهي
اقتباس ضميمي طور ڏنا ويا آهن، جن جو تعلق سنڌ سان
آهي.
اهي
اقتباس سنڌ اندر نادر شاهه افشار جي پيدا ڪيل فتني
متعلق آهن، اهي واقعا ٻين تاريخن ۾ به آيل آهن،
ليڪن انندرام ”مخلص“ جي هن لکت کي هن ڪري خاص
اهميت حاصل آهي جو هو پاڻ انهن سڀني واقعن کان
ذاتي طرح واقف هو. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو هڪ
عيني شاهد جي حيثيت ۾ لکيو آهي، تنهنڪري تاريخي
طرح انهن اقتباسن جي افاديت مسلم آهي.
انهن اقتباسن ۾ اهو عهدنامو پڻ شامل آهي، جيڪو
محمد شاهه مغل ۽ نادر شاهه افشار جي وچ ۾ ٿيو،
جنهن ۾ سنڌ جي سپردگي ۽ ان جو صورتحال موجود آهي،
ازان سواءِ نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه، ميان نور
محمد وٽ عمرڪوٽ ۾ پهچڻ ۽ ڪيل ڦرلٽ جو دلچسپ ۽ اهم
داستان پڻ انهن اقتباسن ۾ ملي ٿو.
انندرام ”مخلص“
جو اهو ڪتاب ”وقائع بدائع“ تاريخ تي آهي، ڪتاب
اڃا تائين شايع ڪونه ٿيو آهي. مولانا محمد شفيع
مرحوم ان جا چند
اقتباس،
”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ ۾
مختلف نسخن تان ڀيٽي شايع ڪيا هئا. هتي ڏنل اقتباس
انهيءَ شايع ٿيل حـصي تان ورتا ويا آهن. انهن تي
جيڪي حاشيا آهن، تن مان گهڻا مولانا مرحوم جا آهن
۽ ڪن جو اضافو راقم الحروف به ڪيو آهي.
4. نادر نامـہ
ٻارهين صدي هجري سنڌ لاءِ سڀاڳي به هئي ۽ اَڀاڳي
به. سڀاڳي ان لاءِ، ته مغلن جي ڏيڍ سئو ورهين
واريءَ غلاميءَ مان سنڌ کي نجات ملي، جنهن جي پيڙا
سنڌين جو ست ۽ رت سڪائي ڇڏيو هو. اَڀاڳي ان ڪري جو
غيرن جي بالادستيءَ سنڌي ذهن، فڪر، معاشري ۽ معيشت
۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جو
درمان ٿيڻ اڃا مس شروع ٿيو، ته مٿان اچي نادر
افشار جو قهر ڪڙڪيو، جنهن آزاديءَ جي نئينءَ اڏاوت
جا سڀئي بنياد هڪ دفعو وري لوڏي ڇڏيا.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو اهو وڏي ۾ وڏو الميو آهي،
جيڪو ميان نور محمد جي دور ۾ ٿيو، جنهن ميان صاحب
جي سڀني ارادن کي ختم ۽ سندس همٿ جي سڀني بلندين
کي پست ڪري ڇڏيو. ”وصيت“ ۾ نهايت دردناڪ لهجي ۾
انهيءَ واقعي جا اشارا موجود آهن.
هن چوٿين ضميمي ۾ اسين سنڌ اندر نادر جي آمد سان
تعلق رکندڙ اقتباس، هڪ خطي ڪتاب ”نادر
نامہ“ مان ڏيئي رهيا آهيون.
نادر شاهه جي سوانح ۽ ڪارنامن تي جيڪي ڪتاب سندس
زماني ۾ يا کانئس پوءِ جي قريبي دور اندر لکيا ويا
آهن انهن مان هڪ اهو ”نادر نامہ “ يا ”شه نامہ
نادري“ به آهي، جنهن جو تنها خطي نسخو ڪراچيءَ جي
قومي ميوزم ۾ موجود آهي. نادر شاهه تي ڪم ڪندڙن
مان ڪنهن کي به انهيءَ ڪتاب جو ڏس پتو ڪونه پيو
آهي، جنهنڪري ان ۾ آيل مواد اڻڇهيل آهي، ۽ سنڌ سان
تعلق رکندڙ حصو پهريون دفعو هن ضميمي جي ذريعي عام
اڳيان آندو پيو وڃي.
”نادر نامہ “ جي مصنف جو پتو ڪونه ٿو پوي، ڪتاب
جي سلسلي ۾، مصنف ”در بيان ختم ڪتاب“ جي سرخيءَ
هيٺ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان جا ضروري شعر هيٺ ڏجن
ٿا. انهيءَ مذڪور کان وڌيڪ ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻي
ڪابه معلومات هٿ ۾ ڪانه آهي.مصنف پنهنجي دور متعلق
چند شعر چئي، لکيو آهي:
ازين دور ايام ناپايدار
سراسر زدي از دل اين خار خار
ڪه از شعر ريزم اساسي چنان
ڪه نامي برآيد بگيتي ازان
بنظم يڪي داستان، شگرف
ڪنم روز ڪي چند، اوقات صرف
پسند آمدم زينهمه داوري
همين نظم ”شه نامه، نادري“
پــس از عــهــد شـاهـان صـفـوي نــزاد
چو، آن خرو ترڪماني نزاد
نڪرده ز شاهان مالڪ رقاب
ڪسي پاي نامه آوري در رڪاب
ستم بود کاثار آن شهر يار
شود محو از صفحئه روزگار
سزا وار بود او بدين گير و بست
ڪه تحرير نامش ڪنم رنگ بست
شود از سخن، نامه شاهان بلند
شود دولت آبرو ارجمند
...............
بتڪليف خان، ثرَيا جناب
خديو سرافراز مالڪ رقاب
اميري ڪه باشد در اين انجمن
ز فيضش مـرا ســاز و بــرگــر ســخــن
.........
سخن سنج خنا عدالت شعار
ڪه باشد بددولت خراسان مدار
چو از قدر داني، در اين انجمن
شڪوهش در آورد روي، بمن
ز فرمايش ان سپهر هنر
نپوشيد مغرور انديشه سر
چو از ڪارفرما ست روي، دلي
نماند براه خرد مشڪلي
چو زد قرعه، نظم اين داستان
بنام من آن سرور راستان
در اقصائي ايران بنظم سخن
مرا يافت ممتاز اين انجمن
...........
بفر مائش خان ترکي نسب
ڪه شد نظمه اين داستان را سبب
بشاخ، قلم، گلبن، گفتگو
شگفت، از سحاب نم فيض او
بتحرير اين داستان شگرف
اساسي بر افگندم از صوت و حـرف
.........
بعرض يڪي سال فرخنده فال
سرائيدم از راستي اين مقال
هماناڪه، ابياتش اندر شمار
ڪم از هيفده تا به نود هزار
.........
”فردوسيءَ“ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: هو ٽيهن سالن جي
مدت ۾ سٺ هزار شعر جوڙي سگهيو ۽ هن پاڻ اهڙي نازڪ
دور اندر، جنهن ۾ ڪيئي انقلاب ۽ مختلف قسم جا فتنا
۽ فساد موجود آهن، اطمينان ۽ يڪسوئي ڪنهن کي نصيب
ڪون آهي، فقط چوڏهن مهينن جي مختصر عرصي اندر نوي
هزار
شعر تصنيف ڪري ورتا.
ازين پيش در معرض ماه و سال
سپهر ستمگر ندا دم مجال
بدين ضابطه چارده ماه پيش
نڪردم ڪنون صرف اوقات خويش
...................
الاهي چو اين نامه، دل پذير
رقم ڪردم از خامه، خورده گير
بسي رنج بردم بکنج، خيال
ڪه اين، اختر آمد برون از وبال
نه از گرم بازاري، لطف خويش
ز سر منزل شهرتش پاي پيش
ازين نو نياز بهار سخن
بنوعي بر آورد آن انجمن
ڪه آويزه، گوش هر ڪس شود
ڪهن داستانها زيادش رود
بيا ساقي اي ديده روشن ز تو
بيا ساقي اي خانه گلشن ز تو
بشڪرانه ام بخش جام نبيد
ڪ ”تاريخ نادر“ بيان رَسيد
پس از الف وصد چونڪه هفتاد دو
نورديد اين خرگه چار تو
بماه ربيع لخست اين مقال
بسر برد اين ڪلڪ فرخنده فال
مٿئين مذڪور مان نه مصنف جو نالو معلوم ٿئي ٿو، ۽
نه انهيءَ امير جو نالو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن جي
فرمائش تي ”نادر نامہ “ تصنيف ٿيو. ايترو پتو پوي
ٿو، ته شاعر اها مثنوي هڪ ترڪي نسب امير جي فرمائش
تي لکي، جيڪو انهيءَ وقت خراسان جو حاڪم يا
آستاندار هو. ڪتاب جو نالو ”شهنامہ نادري“ يا
”تاريخ نادر“ رکيو ويو. چوڏهن مهينن جي اندر نوي
هزارن تي مشتمل اها مثنوي، ربيع الاول 1172هه ۾
مڪمل ٿي. يعني نادر شاهه جي قتل(صبح، آچر، يارهين
جمادي الثاني 1160هه) کان پورا ٻارنهن ورهين پوءِ
لکي ويئي، جنهن وقت نادر شاهه جا همعصر ۽ ساڻس گڏ
رهندڙ امير، لشڪري، عهديدار ۽ ماڻهو موجود هئا. ۽
واقعات جا ڏسندڙ ۽ سندس دور جا عيني شاهد زندهه
هئا.
ڪتاب ۾ جملي 298 صفحا آهن، ۽ هر صفحي تي 26
سٽون آهن، ڪتاب جا پهريان چند ورق کٽل آهن، خاتمي
۾ ترقيمو ڪونه آهي، جنهن مان ڪاتب جو نالو يا
ڪتابت جو سال معلوم ٿئي. ڪتابت جي پڇاڙيءَ ۾
هيٺئين سٽ ڪتاب جي خط کان مختلف، بلڪ بد خط ۾ لکيل
آهي:
اين ڪتاب ” نادر نامہ “
از
محمد(اسد يا سليم) خان
هيٺيون پنج مهرون آهن، جن مان ٽي ڊٺل ۽ ٻه ظاهر
آهن.
چوڪور مهر تي عبارت آهي:
_ الملک لا الــٰہ
الا الله
الحق المبين غزنين 1184 هه
ٻيءَ بيضوي مهر جو هيءُ مضمون آهي:
_ عبده غزنين 1192هه
5. نامہءِ نغز
پنجين ضميمي ۾ ”نامہء نغز“ مان نادر شاهه جي سنڌ
۾ آمد متعلق اقتباس ڏنو ويو آهي.
مثنوي ”نامہ نغز“ ، ڪلهوڙن جي تاريخ ۾، باغ علي
سنڌيءَ جي تصنيف (1155 هه) آهي ۽ رڳو اهوئي هڪ
سنڌي مصنف جو لکيل ماخذ آهي، جنهن ۾ سنڌ تي نادر
جي چڙهائيءَ جو نهايت مفصل ۽ چشم ديد احوال نظم ۾
ڏنو ويو آهي. انهيءَ واقعي کان علاوه به نادر شاهه
متعلق منجهس تمام گهڻو مواد موجود آهي.
ڪتاب جو واحد نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني
۾ محفوظ آهي، جنهن تان ورتل هڪ نقل سنڌي ادبي بورڊ
جي ذخيري ۾ به شامل آهي.
فني لحاظ کان ”نامہء نغز“ ۾ ڪابه خوبي ڪانه
آهي، بلڪ سون سقمن سان ڀريل آهي - شعر بي مزي،
جابجا غلط، سڪتو ۽ ٻيا منجهس اڪيچار شاعراڻا عيب
اٿس- ليڪن مضمون جي لحاظ کان ڪتاب نهايت بيش قيمت
آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن متعلق منجهس جيڪي ڪجهه ملي
ٿو، سو ٻيءَ ڪنهن به تاريخ يا ڪتاب ۾ موجود ڪونه
آهي. مواد جي اهميت، مثنويءَ ۾ آيل مضمونن جي
هيٺينءَ فهرست مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. فهرست ۾
عنوانن جي سامهون شعرن جو تعداد ڏنو ويو آهي،
جيئن معلوم ٿئي، ته هر مضمون جو ڪيترن شعرن ۾
احاطو ڪيو ويو آهي.
مضمونن جي فهرست |
شعرن جو
تعداد |
* [مــُـنڍ[ |
88 |
* اڳين بادشاهن جي تعريف ۽ بيان |
110 |
* خدا يار خان جي سربلندي، لقب ملڻ ۽ سندس فرزندن جو احوال |
10 |
* جامع مسجد جي تعريف جيڪا خدا يار
خان خدا آباد ۾ جوڙائي |
11 |
* خدا آباد شهر جي ساراهه، جتي خدا
يار خان جي رهائش هئي ۽ اتي جي باغن
جي صفت ۽ رونق |
14 |
* شڪارگاهه جو نمونو، جتي خدا يار خان سير شڪار ڪندو هو. |
64 |
* مڌو دائود پوٽي جي ظلم ۽ ستم جي
دانهن کڻي ايندڙ فريادي ۽ ان جي داد
رسيءَ لاءِ صلاح مشورو |
34 |
* مڌو دائود پوٽي سان جنگ لاءِ بهاري
فقر نامدار جو لشڪر ڪڍڻ |
50 |
* مڌو دائود پوٽي هٿان خيري فقير جي
مارجڻ جي خبر خدا يار خان کي پهچڻ |
31 |
* خدا يار خان جو دبلي ڏانهن سپاهه
موڪلڻ جتي دائود پوٽا گڏ ٿيل هئا |
196 |
* سمهبه ۽ عزت خان دائود پوٽي جو ٺاهه
لاءِ شاهه نوبهار سان گڏ خدا يار خان
وٽ اچڻ ۽ ان طرفان چراغ شاهه ۽ سيد
عبدالقادر جي اچڻ ڪري دائود پوٽن جو
گناهه معاف ڪرڻ |
22 |
* عبدالله خان بروهي جو احوال، جنهن ديرو حاجي خان لٽيو هو |
50 |
* عبدالله خان بروهيءَ جو شاهه محمد
بلوچ سان گڏ ديري حاجي خان ڏي لشڪر
وٺي وڃڻ |
75 |
*عبدالله خان بروهي جو مراد فقير سان
جنگ لاءِ سيوي ڏانهن لشڪر روانو ڪرڻ |
75 |
* ٻنهي لشڪرن جو ميدان جنگ ۾ مقابلو،
بهاري فقير هٿان عبدالله خان جو مارجڻ |
251 |
* ڪتاب ڪهڙي مند ۾ شروع ڪيم |
12 |
* محمود شاهه قنڌار جي سردار جو احوال |
16 |
* محمود شاهه واليء ملڪ قنڌار طرفان
خواب ۾ ايران جي فتح جي خوشخبري لهڻ
|
92 |
* محمود شاهه افغان واليء ملڪ قنڌار
کي ايران جي تخت نشيني جي بشارت |
41 |
* شاهه اشرف جو خاران اچڻ ۽ پريزبان سان ملاقات جو احوال |
49 |
* نادر شاهه جو اردبيل ۾ اچڻ ۽ طاقت
ظاهر ٿيڻ ۽ شاهه عباس کي گهرائڻ |
69 |
* اصفهان ۾ نادر شاهه جو تخت تي ويهڻ
۽ قنڌار ڏي لشڪر سازي ڪرڻ |
54 |
* حسين خان واليء قنڌار جو نادر شاهه جي لشڪر ۾ راتاهو هڻڻ |
81 |
* نادر شاهه جو هندستان طرف ڪاهڻ جو
دلي ارادو ۽ حسين خان کان گس جي
معلومات وٺڻ |
156 |
* نادر شاهه جو اميرن سان هندستان تي
حملي ڪرڻ بابت مشورو ڪرڻ |
19 |
* نادر شاهه واليء ملڪ ايران جو محمد
خان ترڪان هٿان بکر رستي هندستان جي
بادشاهه محمد شاهه ڏي خط لکڻ ۽ ان جو
سخت جواب ڏيڻ |
53 |
* نادر شاهه طرفان محمد خان جو واليء
هندستان محمد شاهه وٽ پهچڻ ۽ ان جو
جواب ڏيڻ |
98 |
* نادر شاهه واليء ايران طرفان قنڌار
مان ڪابل رستي هندستان ڏي لشڪر ڪشي
ڪرڻ |
29 |
* نادر شاهه جي هندستان روانگي، ناصر
خان جو لڙڻ ۽ گرفتار ٿيڻ |
70 |
* بهادر خان جي پٺيان لشڪر ڪڍڻ |
2 |
* ڪرمان شهر جي ويجهو نادر شاهه طرفان
مجلس سينگاري واليء هندستان محمد شاهه
ڏانهن فوج جي تياري ڪرڻ |
20 |
* محمد شاهه طرفان به پنهنجن اميرن
وزيرن سان صلاح مشورو ڪرڻ، جواب ڏيڻ ۽
جنگ جي تياري خان دوران طرفان ڪرڻ |
16 |
* خان دوران طرفان نادر شاهه سان
سپاهه سازي ڪرڻ ۽ هندستان جي اميرن
سان فريب(؟) ڪرڻ |
47 |
* محمد شاهه جو خان دوران کي هيرا جواهر ۽ خزانو ڏيڻ |
37 |
* نادر شاهه ۽ خان دوران جو ميدان جنگ ۾ صف آرا ٿيڻ |
60 |
* نادر شاهه ۽ دهلي جي سلطان وچ ۾ لڙائي ٿيڻ |
167 |
* شير خان ايرانيءَ جي خان دوران سان
لڙائي ۽ خان دوران هٿان مارجڻ |
417 |
* خان دوران جي ڀاءُ مظفر علي ۽
بادشاهه جي ڀائٽي امير قلي خان وچ ۾
مهاڏو اٽڪائڻ ۽ مظفر علي جو قلي هٿان
مارجڻ |
144 |
* سج لهڻ مهل جنگ مان لشڪر جو آرام ۽
ننڊ لاءِ آرامگاهه ۾ اچڻ ۽ نادر شاهه
طرفان الله جي دربار ۾ زاري ڪرڻ ۽
ڪاميابي لاءِ دعا گهرڻ |
29 |
* خان دوران به جنگ مان ساهي ۽ آرام
لاءِ آرامگاهه ۾ آيو. نظام الملڪ ۽
قمر الدين دوکو ڪري بارود کي باهه
ڏيارڻ ۽ خان دوران جو ان باهه ۾ وڃڻ
|
61 |
* نادر شاهه ايراني ۽ محمد شاهه
دهلويءَ جو اچڻ، خان دوران جي مرڻ جي
اندوهناڪ خبر ٻڌي، سعد الله خان توپ
خاني جي داروغي ۽ فولاد خان ڪوٽوال جو
پشيمان ٿيڻ |
49 |
* نادر شاهه جو محمد شاهه واليء
هندستان کان خزانو، هيرا جواهر،
شاهاڻو مال متاع طلب ڪرڻ ۽ انهن مان
چونڊ ڪري سڀ شيون پنهنجي هٿ ۾ رکڻ |
51 |
*نادر شاهه واليء ايران جو پنهنجي پٽ
کي هندستان فتح ٿيڻ جو خط لکڻ ۽ ان ڏي
هيرا جواهر ۽ خزانو موڪلڻ |
87 |
* نادر شاهه طرفان محمد خان بنگش
بنگال واري ڏي خط موڪلڻ ۽ ان جي طرفان
معافي گهرڻ |
27 |
* نادر شاهه جو محمد شاهه کي گرفتار
ڪرڻ ۽ هندستاني اميرن کي قيد ڪرڻ |
11 |
* نادر شاهه طرفان سنڌ جي سالار ڏانهن
وڃڻ جو ارادو ۽ ميان نور محمد عباسي
واليء سنڌ جي وڪيل مير متاري کان
حقيقت ۽ احوال پڇڻ |
62 |
* اُن مصيبت واريءَ خبر جو ميرمتاري
هٿان خدا يار خان(نور محمد) کي پهچڻ ۽
نادر شاهه جي وڪيل محمد علي بيگ طرفان
درياءَ جي ويجهو واليء سنڌ(ميان نور
محمد) خدا يار خان، نادر شاهه وٽ پيش
ٿيڻ يا اچڻ جو نياپو ملڻ |
30 |
* (ميان نور محمد)خدا يار خان واليء
سنڌ پنهنجن اميرن وزيرن جي مجلس
سينگاري، نادر شاهه کي وڪيل محمد علي
بيگ کي گهرائي ۽ نادر شاهه جي نياپي
جو جواب ڏيڻ |
87 |
* نادر شاهه جو اٽڪ وٽ خدا يار خان تي
سخت ڪاوڙجڻ ۽ وڪيل محمد علي بيگ کان
ڪلهوڙن جي لشڪر جو حال احوال پڇڻ |
73 |
* خدا يار خان جو پنهنجي پٽ غلام شاهه
کي پنهنجي وڪيل مير متاري سان گڏ
سفير ڪري نادر شاهه ڏانهن موڪلڻ |
26 |
* غلام شاهه ۽ مير متاري جو نادر شاهه
وٽ پهچڻ، حقيقت حال ٻڌائڻ ۽ (نادر
شاه) جو جواب ڏيڻ |
63 |
* خدا يار خان جي پوئتي رهيل ماڇين جي
لشڪر جي شهدادپور ويجهو نادر شاهه سان
لڙائي |
30 |
* خدا يار خان جي پوئتي رهيل مهيرين
جي لشڪر جي داليءَ ۾ نادر شاهه جي
لشڪر سان جنگ |
16 |
* ميان نور محمد جو پنهنجي پٽ غلام
شاهه طرفان نادر شاهه جو داستان سڻڻ،
ميان صاحب طرفان ان جو جواب ڏيڻ ۽
باهو خان کي(نادر شاهه ڏي) موڪلڻ |
55 |
* خدا يار خان جو نادر شاهه وٽ اچڻ
۽ پنهنجي طرفان عذر پيش ڪرڻ ۽ نادر
شاهه جو ان کي معاف ڪرڻ |
38 |
* نادر شاهه جو عمرڪوٽ کان لاڙڪاڻي
طرف وڃڻ جو ارادو ۽
خدا يار خان کي پاڻ سان گڏ آڻڻ ۽ سنڌ
ملڪ کيس موٽائي ڏيڻ |
44 |
* نادر شاهه سان (تاوان ۾ خدا يار خان
جي ٻن پٽن) محمد مرادياب ۽ غلام شاهه
جو خراسان وڃڻ |
78 |
* نادر شاهه جو سيري ۽ ڍاڍر رستي ملڪ
ايران وڃڻ جو ارادو ۽ محمد مرادياب ۽
غلام شاهه جن جو به ساڻس گڏ وڃڻ. |
43 |
* نادر شاهه جي مرڻ جو واقعو. |
134 |
* ايران جي بادشاهه نادر شاهه جي تاريخ وفات ۽ ان جو احوال |
31 |
*
]حمد
۽ وڌيڪ داستان جي شروعات[ |
12 |
*]ڪانجي
جنگ جو داستان[ |
22 |
*تاجن منڌري جو خدا يار خان جي ملڪ
مان ڪانجي طرف ڀڄي وڃڻ |
32 |
* خدا يار خان جو مير شاهوءَ کي سفير
ڪري ڪانجي طرف موڪلڻ ۽ ان کي جواب ڏيڻ |
38 |
* مير شاهوءَ جو ڪانجي وٽ اچڻ، گفتگو ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ |
28 |
* خدا يار خان وٽ مير شاهوءَ جو موٽي
اچڻ ۽ ڪانجي جي حقيقت ٻڌائڻ |
10 |
* خدا يار خان جو ڪانجي جنگ لاءِ لشڪر
تيار ڪرڻ، ڪانجيءَ جو ماڇين جي سرحد ۾
هجڻ |
45 |
* ڪانجيءَ کي خدا يار خان جي لشڪر اچڻ جي خبر ملڻ |
40 |
*خدا يار خان جو پنهنجن ماڻهن سان
صلاح مشورو ڪرڻ ۽ کاهي کوٽڻ |
89 |
* تاجن منڌري ۽ مسو سامٽئي جي لڙائي جو احوال |
56 |
* خدا يار خان جو ڪانجيءَ کي قيد ڪري،
فتح ۽ ڪاميابي سان خدا آباد ڏي موٽڻ
جو ارادو |
124 |
* خدا يار خان جو تاجن منڌري تي ڪاوڙ
ڪرڻ جو خط بهاري نامدار ڏي لکڻ |
57 |
* آسمان جي رنگارنگي(دنيا جو انقلاب) |
12 |
* نادر شاهه جي وفات |
240 |
* خدا يار خان جي ڪانجي ڪافر سان لڙائي ۽ ڪاميابي |
76 |
*
]حمد[ |
12 |
* پنهنجو ضمير خوش ڪرڻ |
23 |
* افغان جي شاهه جو غزني ۽ ڪابل رستي
هندستان طرف لشڪر تيار ڪرڻ |
59 |
* احمد شاهه افغان جو هندستان جي
بادشاهه ڏي خط لکڻ ۽ پيسن، سون ۽ مال
ملڪيت جي گــُـهر ڪرڻ |
61 |
* دهليءَ جي بادشاهه کي خط پهچڻ، سون،
مال ملڪيت کان جواب ڏيڻ ۽ احمد شاهه
افغان شهزادي جو لشڪر تيار ڪرڻ |
50 |
* دهليءَ جي بادشاهه جو پنهنجي پٽ کي
طلبي صلاح مصلحت ڪرڻ، افغان جي
بادشاهه ۽ لشڪر سان مهاڏي اٽڪائڻ جي
واڳ ڏيڻ جو حڪم ڏيڻ |
31 |
* دهليءَ جي بادشاهه ۽ سندس پٽ جي ان
باري ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه.بادشاهه جي
پٽ طرفان پيءُ طرفان جنگ ڪرڻ کان
انڪار ڪرڻ |
53 |
* پهرين لڙائي: اورنگ شاهه طرفان احمد
شاهه سان جنگ لاءِ لشڪر تيار ڪرڻ |
95 |
* ٻي لڙائي: اورنگ شاهه شهزادي جي
احمد شاهه افغان واليء قنڌار سان جنگ |
318 |
* ٽئين لڙائي: وزير قمر الدين جو
مارجي وڃڻ ۽ اسير رنگ خواجه جو ڀاڄ
کائڻ، ۽ مير منور علي هٿان احمد شاهه
افغان جي لشڪر جو هارائجڻ |
61 |
* قمر الدين وزير جي پٽ منور علي خان
جو جنگ تان موٽڻ،افغان لشڪر کي شڪست
ڏيڻ |
237 |
* تخت تي پيءُ طرفان شهزادي جو ويهڻ ۽
ملڪ ۾ عدل انصاف ٿيڻ |
12 |
* احمد شاهه افغان جو ڪابل اچڻ ۽
هندستان ڏي ٻيهر لشڪر جي تياري ڪرڻ ۽
منور علي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ |
21 |
* دهليءَ جي بادشاهه کي احمد شاهه
افغان جي (ٻيهر) اچڻ جي خبر پهچڻ ۽
منور علي ۽ لاهور ڏي خط لکڻ |
23 |
* منور علي خان جو ناصر علي سان گڏ
افغان جنگ لاءِ لشڪر تيار ڪرڻ، شاهه
افغان کي اها خبر ملڻ ۽ مخلص خان
ڪوريءَ سان گڏ فوج ڪڍڻ ۽ هندستان جي
سپاهه جو ڀڄڻ |
27 |
* شاهه افغان طرفان قمر الدين وزير جي
جنگ واسطي منور علي خان ڏي قاصد موڪلڻ |
197 |
* خدا يار خان طرفان سفير طور ڀائي
خان ڪلهوڙي کي احمد شاهه افغان ڏي
موڪلڻ |
138 |
مثنويءَ ۾ شعرن جو مجموعي تعداد 6273 آهي ، ۽ آغاز
هن شعر سان ٿئي ٿو:
خدايا توئي آفريننده جان
تو دانند آشڪار و نهان
ز تو شادماني ز تو غم بود
ز تو بر فزوني ز تو ڪم بود
خاتمي جا هي ٻه شعر آهن:
زمين را ز اسپان زنم در ستوه
زم سم سوتران درم دشت و کوه
عنان سپہ، گر به ايران ڪنم
بلشڪر زمين ڪوه ويران ڪنم
مثنويءَ جي تڪميل ۾ مصنف کي ٽي ورهيه لڳا، 1155 هه
۾ هن جيتوڻيڪ ڪتاب مڪمل ڪيو، ليڪن چند سالن بعد
تائين به ڪن واقعن جا منجهس اضافا ڪندو رهيو.
مثنويءَ ۾ نادر شاهه متعلق گهڻو ئي احوال ڏنو ويو
آهي، جهڙيءَ طرح مٿينءَ فهرست مان معلوم
ٿيندو،ليڪن ضميمي ۾ فقط اهو اقتباس شامل ڪيو ويو،
جنهن جو تعلق سنڌ تي نادر شاهه جي ڪاهه سان آهي.
6. تبصرة الناظرين
سيد ميرمحمد،علامه مير عبدالجليل بلگراميءَ جو
فرزند هو. پڻس مغلن طرفان سنڌ ۾ سال 1112هه کان
1126هه تائين وقايع نويس ٿي رهيو، ۽ پيءُ کان پوءِ
ڪجهه سال سيد محمد پاڻ کي ساڳئي عهدي تي فائز
رکيو. ڪلهوڙن سان ٻنهي پي - پٽن جو گهاٽو رستو هو.
”تبصرة الناظرين“ ، جنهن مان هن ڪتاب ۾ اقتباس
ڏنو ويو آهي، سيد محمد جي تصنيف آهي. انهيءَ ڪتاب
جو وڏو حصو سنڌ ۾ لکيو ويو. ڪتاب
هڪ قسم جو روزنامچو آهي، جنهن ۾ سنه 1101هه کان
سنه 1185هه تائين جا ذاتي خواهه اهم ملڪي واقعا ۽
مختلف حادثا سال وار ترتيب سان لکيا ويا آهن.
معلومات جي لحاظ کان ڪتاب قيمتي ۽ نهايت ئي اهم
اطلاعن جو ذخيرو آهي.
ضميمي ڇهين ۾، سال 1117هه کان وٺي سنه 1156هه
تائين، فقط ڪلهوڙن سان تعلق رکندڙ واقعن کي مصنف
جي قائم ڪيل ترتيب سان ڏيئي رهيا آهيون.
پڙهندڙ ڏسندا، ته ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ اندر،
سنڌ ۾ ٿيل بعض نهايت ئي اهم واقعا، پهريون دفعو
هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون آيا آهن، ۽ ڪيترن
ئي واقعن جو نئون رخ، بلڪ سچو پچو تفصيل اسان کي
معلوم ٿئي ٿو. ڪن واقعن جون صحيح تاريخون پڻ هن
ڪتاب جي طفيل مليون آهن. ساڳيءَ ريت، نادر شاهه
متعلق به نئون مواد مليو آهي، خاص طرح سندس ڪارندن
سنڌ ۾ رهي جيڪي ڪارناما ڪيا، انهن جو اهڙو واضح
نقشو ڏنو ويو آهي جو ان کي پڙهندي، هڪ طرف ته
لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو ٿي وڃي، ۽ ٻئي طرف وري
بدقسمت سنڌ جي سخت جانيءَ مٿان اچرج پيو اچي، ته
سنڌي قوم ڪهڙي نه مضبوط، سنگين، بهادر ۽ ڳنڀير
آهي، جو اهڙن طوفانن ۽ قيامتي ماجرائن مان پار
پئجي به، نه فقط اڄ تائين پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن
جو تيئن قائم ۽ دائم رهي آهي، بلڪ مستقبل جي
مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ همہ وقت تيار ۽ تنومند
رهي ٿي. مثلاً: نادر جي وڃڻ بعد هتي ڇڏيل سندس
لشڪرن ڇا ڪيو، ان جو هڪ نقشو ملاخطه ٿئي:
”چون مغولان در سندن استقامت گرفتند، جور و اذيت
و ظلم و بليت بر شهري و لشڪري بنياد نهادند.
هر جا اسپي خوب مي شنيدند، چند کس در خانه
رسيدي - که ناموس او دران جاست - در مي آمدند،
و اسپ از انجا برميا وردند و متصرف ميشدند، ان
پيچاره
را يارائي آن نه که به ايشان دم مقاومت تواند زد
و هم چنين شمشيري يا پارچه خوب و يا شالي که
کسي نيکو داشتي بزور ميگرفتند“ .
7. شيخ رحمت الله جو خط
شيخ رحمت الله، ميان عبدالنبيءَ (90 - 1196هه) جي
فرزند، ميان محمد عارف جو خاص ڪاردار هو. جڏهن
خاندان جي بساط اُلٽي ۽ قسمت ڦـٽي، تڏهن شيخ رحمت
الله، سنڌ مان نڪري، جوڌپور جي مهاراجا وٽ وڃي
منشي ٿيو.
اهو خط هن ميرزا علي بخت بهادر، محمد ظهير
الدين، ”اظفري“ گورگانيءَ ڏانهن جوڌپور مان لکيو
آهي، ميرزا موصوف شاهه عالم بادشاهه دهليءَ جو هم
جد ۽ عالمگير جي پوٽيءَ عفت آرا بيگم جو ڏوهٽو هو.
سنه 1172هه ۾ دهليءَ جي قلعي ۾ پيدا ٿيو، ۽ ٽيهه
سال، لال قلعي جي سلطاني قيد ۾ رهڻ بعد، اتان
چوريءَ فرار ٿي، مدراس پهتو جتي، سنه 1234هه ۾،
زندگيءَ جي جنجال مان آزادي حاصل ڪري، وڃي ابد
تائين آرامي ٿيو.
مرحوم اهو ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو آهي،جنهن جا خطي
نسخا لنڊن ۽ مدراس ۾ آهن، راقم الحروف جي سامهون
ان جو اردو ترجمو آهي
، جنهن تان خط جو سنڌي ترجمو هتي ڏنو وڃي ٿو.
انهيءَ خط ۾ افاديت فقط اها آهي جو ڪلهوڙا دؤر جي
هڪ عالم جو لکيل آهي.
8. اقتباس از ماثر الامراء
صمصام الدوله شاهنواز خان، ”ماثرالامراء“ جي
پهرئين جلد ۾، ميان صاحب ۽ سندس خاندان جو احوال
لکيو آهي، هن آخري ضميمي اندر اسين اهو اقتباس
ڏيئي رهيا آهيون.
”ماثرالامراء“ جيتوڻيڪ ڇپيل آهي، ليڪن اڻلڀ
آهي، ۽ ان جو دستياب ٿيڻ محال آهي. انهيءَ ئي مد
نظر تي، منجهس آيل مواد هتي ڏيئي رهيا آهيون،
جيئن ڪلهوڙن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگ ڳولا
جي زحمت کان بچي پون.
وڌيڪ تاريخي مواد
ڪلهوڙن جي تاريخي مواد جو هيءُ پهريون مجموعو
سمجهڻ کپي، ليڪن انهيءَ عهد متعلق اڃا ڪيترا اهم
ماخذ منتشر آهن، جن مان ڪي دستياب ٿيا آهن ۽ ڪن جو
اڃا تائين پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.
مهيا ٿيل ڪتابن مان هيٺيان ڪتاب فوري توجهه جي
لائق آهن، اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ انهن جي
اشاعت لاءِ ضرور اهتمام ڪندو.
1. قصيدهء بمدح عبدالنبي
امير علي شاهه ”شائق“ ان جو مصنف آهي، منجهس ميان
عبدالنبيءَ جي دؤر متعلق اهم معلومات موجود آهي.
2.نامہءِ نغز:
باغ علي ”خائف“ جي مثنوي جنهن جو اقتباس هن ڪتاب
جي ضميمي نمبر - 5 ۾ ڏنو ويو آهي.
3. گلدستہءِ نورس بهار:
از منشي عبدالرئوف سيوستاني، ڪلهوڙن جي سرڪاري خطن
جو نهايت اهم مجموعو، جنهن کي ڪلهوڙن جي خاص
منشيءَ ميان عبدالرئوف گڏ ڪيو.
4. گلدستہءِ هميشہ بهادر:
ڪلهوڙن جي خطن جو هيءُ ٻيو نادر مجموعو، ساڳئي
ميان عبدالرئوف جو گڏ ڪيل آهي.
5. انشايء عطا رد:
از شيوڪ رام ”عطارد“ هن مجموعي ۾ ميان غلام شاهه،
ميان سرفراز ۽ مير بجار جي دؤر جا اهم ۽ نهايت
قيمتي خط آهن.
6. اسناد ۽ فرامين:
ڪلهوڙن جي جاري ڪيل پروانن، ” سندن فرمانن جي جمع
آوري ۽ تصويرن ۽ وضاحتي حاشين سان انهن جي اشاعت“.
شڪر گذاري
پنهنجي معروضات کي آءٌ ختم ڪريان، تنهن کان اڳ
گهران ٿو، ته شڪر گذاريءَ جي فرض کان پاڻ کي
سبڪدوش ڪريان.
انهيءَ سلسلي ۾، سڀ کان پهرين آءٌ پنهنجي برادر
بزرگ پير
علي محمد راشديءَ جي سپاس گذاري ڪريان ٿو. ”منشور
الوصيت“ جي هن نسخي خواهه ان جي تاريخي اهميت کي،
اڄ کان 32 ورهيه اڳ، هن ئي محسوس ڪيو، ۽ سندس
ئي تيار ڪيل نسخي تان راقم الحروف استفادو ڪري
هيءُ متن تيار ڪيو.
جناب آغا بدر الدين خان درانيءَ جو به آءٌ
احسانمند آهيان، جنهن صاحب حضرت مولانا محمد
ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ وٽان ”وصيت“ جو ٻيو نسخو
مهيا ڪري ڏنو، جنهن ڪري متن جي تصحيح ۾ مون کي وڏي
آساني ٿي پئي.
پنهنجي همڪار، مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو به
ٿورائتو آهيان، جنهن جي رفاقت ۽ مدد منهنجي گهڻي
زحمت گهٽائي ڇڏي.
خاتمہءِ ڪلام
هن مجموعي پيش ڪرڻ مان راقم الحروف جي مراد هيءَ
آهي، ته هتان جا باشندا پنهنجيءَ تاريخ مان واقف
ٿين، تاريخ جي گذريل دورن ۾ جيڪي بلنديون ۽ پستيون
سندن سامهون آيون آهن، انهن جي اسبابن جي کين ڄاڻ
پوي، ۽ انهيءَ کان زياده هيءُ ته تاريخ ۾ جيڪي
سندن دوست رهيا آهن، انهن جي کين چڱيءَ پَر سڌ
پوي، ۽ ماضيءَ ۾ جيڪي سندن دشمن ۽ ويري رهيا آهن،
انهن کي هو اک ۾ رکن جيئن مستقبل جي حادثن ۽
نقصانن کان پاڻ بچائي سگهن. تاريخ هميشـہ پاڻ
دهرائيندي آهي: تاريخ جو اهوئي دستور آهي، ۽ زماني
جي اهائي چال رهي آهي.
مون کي يقين آهي ته منهنجي اها اميد ضرور پوري
ٿيندي ۽ جيڪا محنت مون ڪئي آهي، اها ضرور ثاب
پوندي!
جمشيد روڊ، ڪراچي حسام الدين راشدي
5 - مئي 1964ع
|