ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت کي ادب، ثقافت، ٻوليءَ جي اوسر
۽ سماجي ترقيءَ جو ”سونهري دور“ سڏيو ويو آهي. هن
دور ۾ سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست/ ملڪ طور
ٻيهر پنهنجي سڃاڻپ بحال ڪرائي. سنڌ جي انهيءَ
حاصلات پٺيان ڪلهوڙا حڪمرانن ۽ سنڌ جي سپوتن جي
سرن جون قربانيون ڏنل آهن. هن دور کان اڳ ارغونن،
ترخانن ۽ مغلن سنڌ کي انتهائي ڏکي صورتحال ۾ رکيو
۽ سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ڊگهي عرصي تائين دٻاءَ ۾
رکي مٿن حڪومت ڪئي. هنن سنڌ کي مختلف حصن ۾ ورهائي
سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. ڪلهوڙن
جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن وکريل حصن جي
عليحده حيثيت ختم ڪئي ويئي ۽ اُهي هڪ رياست ۾ ضم
ٿي ويا. طويل عرصي کان ٻانهپ ۾ رهندڙ هن خطي جي
ننڍڙين ننڍڙين حڪومتن ”سنڌ“ جي نالي سان نئون ۽
تاريخي جنم ورتو.
ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ۾ ڌارين جي انهيءَ آمريتي
دور جو اختصار پڻ ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾
سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پنهنجن
فرزندن ڏانهن لکيل هڪ وصيتنامو آهي، جيڪو هن
پنهنجي زندگيءَ جي آخرين حصي ۾ لکيو هو. ڪتاب جي
متن جي مطالعي کان پوءِ خبر پوندي، ته هيءُ
وصيتنامو رڳو ميان صاحب جي فرزندن لاءِ ئي نه آهي،
بلڪه انهن سمورن حڪمرانن ڏانهن آهي، جيڪي هن
ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ساڻس شديد پيار ڪن
ٿا. ميان نور محمد ڪلهوڙي هن ڪتاب جو اصل متن
فارسيءَ ۾ لکيو هو، اهو متن جناب پير حسام الدين
شاهه راشديءَ کي شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود
پوٽي جي ڪتبخاني مان مليو، جڏهن ته هن ڪتاب جو
ٻيون نسخو پير صاحب جن وٽ موجود ه هو. پير صاحب
انهن ٻنهي نسخن کي ڀيٽي نئون نسخو تيار ڪيو.
1955ع ۾ بورڊ طرفان سنڌ جي جامع تاريخ گڏ ڪري ڇپائڻ جو فيصلو
ٿيو، ته هن ”وصيتنامي“ کي به ترجيحي بنيادن تي
رکيو ويو. نتيجي ۾ 1964ع ۾ ڪتاب جو پهريون فارسي
ڇاپو پريس مان شايع ڪيو ويو. ”منشور الوصيت“ جي
اهميت کي ڄاڻيندي ان جو سنڌي ترجمو نامياري عالم
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڪيو جنهن کي مسٽر يعقوب علي
زرداريءَ ڪراچي ۾ سڏايل ”ڪلهوڙا سيمينار“ جي موقعي
تي ”ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي“ طرفان 1996ع ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو. سيمينار جي منتظمين طرفان انهيءَ ڇاپي
جون ٿوريون ڪاپيون ڇپايون ويون هيون، جنهن ڪري عام
پڙهندڙ سميت باقي علمي، ادبي ۽ تاريخي ذوق رکندڙ
حلقن تائين ڪتاب پهچي نه سگهيو. اهڙن حلقن مان هن
ڪتاب جي نئين سنڌي ڇاپي شايع ڪرڻ جي وقت بوقت گهرُ
به ٿيندي رهي، پر اُن ڏس ۾ ٻي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي
سگهي. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ضروري
سمجهيو، ته هن ڪتاب جو سنڌي ڇاپو سُڌار ۽ سنوار
سان ٻيهر پڌرو ڪيو وڃي. الله سائينءَ جا لک احسان
جو هن سنڌي ڇاپي جي شايع ڪرڻ جو ڪُڻو بنده ناچيز
جي نالي تي نڪتو ۽ ڇاپي کي نئين سر مترجم ڊاڪٽر
عبدالرسول قادريءَ کان چيڪ ڪرائي شايع ڪرايو آهي.
اُميد آهي، ته اسان جي هن محنت کي پڙهندڙ دوستن
پاران مانائتي موٽ ملندي.
انعام الله شيخ
شيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
اربع 11- رجب المرجب 1426هه
بمطابق 17- آگسٽ 2005
جڏهن (نادري لشڪر) مغل سنڌ ۾ رهيا،
ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري
رکيائون، جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿـَـي ٻـُـڌائون، اُتي
پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون ٿـَـي، ويچارو
گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي انهن سان ڪنهن به طرح پڄي نه
ٿي سگهيو، اهڙيءَ ريت ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال
يا چانور ۽ سٺو ڪپڙو هو، ته اهي به زوري ٿـــَــي
ڦريائون.
سيد محمد بلگرامي
(تبصرة الناظرين)
مترجم طرفان پيش
لفظ
بسم الله الرحمـٰـن
الرحيم
الحمدلله رب العالمين والصلواة والسلام عليٰ سيد
المرسلين و عليٰ آلہ و اصحابہ اجمعين.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا خاندان ۽ سندس دؤر حڪومت کي
اهم
حيثيت حاصل آهي، ميان آدم شاهه کان وٺي ميان الياس، ميان
شاهل محمد،
ميان نصير محمد، ميان دين محمد، ميان يار
محمد ۽ ميان نور محمد تائين سندن خاندان اهم حيثيت
سان اڀريو، اسريو، نسريو ۽ وڌيو ويجهيو ۽ تاريخ ۾
اڻ مٽ نقش يادگار ڇڏيا، البت ميان نور محمد
کانپوءِ ڪلهوڙا دؤر حڪومت جو سج لڙڻ لڳو، پوين
حڪمرانن مان ميان محمد مرادياب، ميان غلام شاهه،
ميان عطر خان، ميان محمد سرفراز، ميان محمود، ميان
غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي هڪ ٻئي جي پٺيان
لاڳيتو حڪومت کي تڪڙيون قلابازيون کارائي، ڪلهوڙا
راڄ جو خاتمو آندو.
ڪلهوڙا حڪمرانن ۾ ميان نور محمد علم دوست ۽ خوش
قسمت بادشاهه هو، سندس دؤر ۾ سنڌ جي صديون اڳ ختم
ٿيل وحدت بحال ٿي، اتر، وچولو، لاڙ توڙي ڪاڇو ۽ ٿر
هڪ مرڪز تحت گڏ ٿيا، ميان نور محمد ڪلهوڙو هڪ طرف
انتهائي ڀاڳ ۽ بخت جو صاحب هو، ته ٻئي پاسي کيس
نادر شاهه جي قهر ۽ ابداليءَ جي ارهه زورائيءَ کي
به منهن ڏيڻو پيو، تاريخ جي هن سڄي وهڪري ۾ ميان
نور محمد جي پنهنجي پيءُ وانگر شخصيت قداور ۽
نشانبر رهي آهي. ميان صاحب پنهنجي ملڪ جي دل وجان
سان خدمت ڪئي. ملڪ مان اندروني شورشون ختم ڪري،
امن امان قائم ڪيو، چوري، ڦرلٽ جي فضا کي ٻنجو ڏئي
ملڪ ۾ پوکي راهي ۽ واپار کي زور وٺايو ۽ واهه
کوٽايا، ميان صاحب علم ادب جي به قدرداني ڪئي.
جيتوڻيڪ ان وقت دفتري ٻولي فارسي هئي، پر اهو ئي
دؤر سنڌي ٻوليءَ جي اسرڻ نسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جو
سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو.
ميان نور محمد وڏي ڄمار ۾ 35 سال حڪمراني ڪرڻ ۽
زماني جي انقلاب جا مختلف منظر ڏسڻ کانپوءِ سرڪات
ڪورهر رياست جيسلمير ۾ تاريخ 12 صفر سنه 1167 هجري
(9- ڊسمبر 1753ع) ۾ خناق جي مرض سبب وفات ڪئي.
سندس آخري آرامگاهه شاهپور جهانيان جي ويجهو سندس
نسبت سان ”ميان جا قبا“ قبرستان، تعلقي دولتپور
صفن ضلعي نوابشاهه - سنڌ ۾ موجود آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي ٽي ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن.
هڪ ”نادر
نامہ “ هيءُ ڪتاب فارسي نظم ۾، حافظ محمود
شيراني جي ڪتب خاني ۾ هو. ٻيو
”حـُـسن اداي
انتخاب“ . هن ڪتاب ۾ ميان نور محمد جدا جدا ڪتابن
مان سهڻا سهڻا گفتا ۽ نقطا چونڊي، پڙهندڙن واسطي
مرتب ڪيا آهن ۽ محترم استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ”باقيات از احوال ڪلهوڙه“ ڪتاب ۾
ڪلهوڙا نيشنل سيمينار 1996ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ ٽيون
”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ شامل آهي.
”منشور الوصيت“ فارسي نثر ۾ سنه 1163هه جو لکيل
موجود آهي، شايد ان جي تياري خدا آباد ۾ ٿي. منشور
الوصيت سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1964ع ۾ ڇپجي چڪو
آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙو پنهنجي دؤر ۾ هڪ غير معمولي
شخصيت جو مالڪ هو، جن نازڪ حالتن سان کيس ۽ سندس
اولاد کي سڄي ڄمار واسطو پوندو رهيو، سي فولادي
عزم رکڻ وارن ماڻهن کي به متزلزل ۽ هراسان بنائڻ
لاءِ ڪافي هئا، ليڪن هنن ٻنهي پيءُ ۽ پٽن طرح طرح
جي مشڪلاتن جي اونداهيءَ مان پنهنجي لاءِ عمل جي
راهه پيدا ڪئي ۽ پنهنجي عزيز وطن جون اهي خدمتون
ڪيون جن جو مثال صدين جي تاريخ ۾ نٿو ملي، انهن
خدمتن لاءِ صبر ۽ تحمل، تدبر ۽ ڏاهپ، جرئت ۽ شجاعت
۽ انتظامي مهارت کانسواءِ هن ڳالهه جي به ضرورت
هئي ته هڪ هڪ واقعي جي پڇاڙي ۽ نتيجي تي نظر رکي
وڃي ها، ميان يار محمد وانگي، ميان نور محمد خان ۾
به اهي وصفون اتم درجي جون موجود هيون.
ميان نور محمد وڏو داناء ماڻهو هو، جڏهن نادر شاهه
سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ته ميان صاحب هڪ منصوبو ٺاهيو ته
نادر شاهه سان مقابلو معنيٰ سنڌ کي باهه ڏيڻ برابر
آهي. نادر شاهه سان لڙائي ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي برباد
۽ تباهه ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هن سوچيو ته نادر کي
رُلائي رُلائي، ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي. هن اناج جا
سمورا ذخيرا لڪائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو جو نادر
پويان ميان صاحب اڳيان، ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽
عمر ڪوٽ وڃي نڪتو. مگر نادر به نادر هو جيڪو ميان
صاحب جي پٺيان هلندو عمرڪوٽ پهتو. عمرڪوٽ ۾ ميان
صاحب نادر وٽ پيش پيو. ميان صاحب ۽ نادر شاهه جو
پاڻ ۾ جيڪو گفتگو ٿيو تنهن ۾ نادر، ميان صاحب کان
پڇيو ته ”ٻڌو اٿم ته تو وٽ قيمتي لعل آهي!“ ميان
صاحب چيو ته: ”مون وٽ ٻه لعل آهن. هڪ اٽو ۽ ٻيو
گيهه. جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن، تن وٽ ڪا
به کوٽ نه هوندي آهي.“ نادر شاهه ڏاڍو متاثر ٿيو،
جيڪو ٿيڻ کپندوهو، اهو نه ٿيو، بلڪه تمام گهٽ
نقصان ٿيو.
دنيا ۾ گهڻائي اڪابر ٿي گذريا آهن، جن وصيت ناما
لکيا، انهن ۾ عالم ۽ صالح به آهن، ته فوجي ۽ سياسي
مدبر به آهن. ڪلهوڙا خاندان مان ميان نور محمد خان
جهڙيءَ طرح سلطنت جي وسعت، حڪمراني جي شان، عظمت ۽
جلال جي لحاظ کان يگانو آهي، اهڙيءَ طرح اهو ئي
اڪيلو شخص آهي، جنهن پنهنجي فرزندن لاءِ هڪ مفصل
وصيت نامو، ان زماني ۾ مرتب ڪيو، جڏهن نادر شاهه
قتل ٿي چڪو هو. ميان صاحب جا ٻه فرزند ايران کان
آزادي حاصل ڪري اچي چڪا هئا ۽ ٽئين فرزند متعلق ڪا
به خبر نه هئي، ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي؟
ميان صاحب جو وصيت نامو، جنهن جو نالو هن، منشور
الوصيت و دستور الحڪومت، رکيو- بيان ۽ اسلوب جي
اعتبار کان کڻي ايڏي بلند پايي جو هجي يا نه، ليڪن
جيتريقدر ناصحاڻن نقطن جو تعلق آهي، هي وصيت نامو
سچ پچ، ته هڪ وڏو قيمتي سرمايو آهي، هيءُ هڪ صاف ۽
شفاف آئينو آهي، جنهن ۾ ميان صاحب جي سيرت، مذهبي
۽ عقيدت، سياسي فڪر ۽ سڄي زندگيءَ جي تجربن کي
انهن جي حقيقي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
هيءُ جيتوڻيڪ ڪنهن وڏي عالم جو وصيت نامو نه آهي،
بلڪه هڪ اهڙي شخص جي تحرير آهي، جنهن هوش سنڀالڻ
واري وقت کان وٺي، زندگيءَ جي آخري دم تائين ملڪ
داريءَ ۾ گوناگون ڪشمڪشون ڏٺيون ۽ ظاهري طرح
سموريون راتيون ۽ ڏينهن انهيءَ مشغلي ۾ بسر ڪيا،
ليڪن ان جي لفظ لفظ مان خدا جي هڪ نيڪ ۽ پر خلوص
بندي جي صدا بلند ٿي رهي آهي، ان ۾ نه ته ڪا
پنهنجي شان ۽ شوڪت جي نمائش آهي ۽ نه مانَ ۽ مرتبي
تي ڪو فخر جو احساس پيدا ٿئي ٿو، هر قدم تي پنهنجي
گنهگاريءَ جو اعتراف آهي، سموريون نصيحتون ۽
وصيتون دين ۽ اخلاق تي ٻڌل آهن ۽ هر فقري مان پڙهڻ
يا ٻڌڻ واري جي دل ۾ سچي اسلاميت جو جذبو بيدار
ٿئي ٿو.
ميان نور محمد ڪلهوڙو والد جي وفات (1131هه -
1719ع) بعد شخصي حڪومت ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کان
چڱيءَ ريت واقف هو. سندس خيال هو ته، آءٌ پنهنجن
پٽن ۽ تعلق وارن لاءِ واضح منشور تيار ڪري وڃان،
ته جيئن مون کانپوءِ منهنجا پٽ اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ
۽ رتوڇاڻ کان پاسو ڪن ۽ سنڌ جي وحدت کي بحال ۽
برقرار رکن. افسوس جو ميان نور محمد کانپوءِ سندس
پٽن، پنهنجي لائق، مدبر ۽ شفيق پيءُ جي وصيت ۽
نصيحت تي عمل نه ڪيو! ان بعد ڇا ٿيو؟ اهو تاريخ جي
صفحن ۾ محفوظ آهي.
بهرحال منشور الوصيت ۾ زماني شناس ۽ دورانديش
حڪمران
ميان نور محمد جي مثالي زندگيءَ جو عڪس نظر اچي
ٿو. سندس نيڪ خيالن، رٿن ۽ راين، توڙي دورانديشي ۽
ڏاهپ وارن نقطن کي ڏسي ۽ پڙهي اندازو ڪري سگهجي
ٿو، ته پاڻ ڪيڏو نه عالي ظرف انسان، مثالي حڪمران،
دور انديش ۽ مهربان والد ۽ سنڌ جو سچو دوست هو.
خدا مٿس رحمت ڪري!
منشور الوصيت، ميان نور محمد جي طويل غور و فڪر جي
نتيجن، مشاهدن، تجربن، اعليٰ اخلاقي قدرن، اصولن ۽
ناصحاڻن نقطن سان ڀرپور دستور الحڪومت آهي. منشور
الوصيت ۾ مقدمو، ٻٽيهه عنوان ۽ خاتمو شامل آهي.
منشور ۾ الله تعاليٰ جي عبادت، رسول ڪريم صلي الله
عليـه وسلم جي رسالت، عالمن ۽ صالحن سان صحبت،
اهلبيت جي محنت، پدري شفقت، خير خواهي، قرآن ڪريم
۽ درود شريف جي پڙهڻ جي ترغيب، موت جي يادگيريءَ،
ڪسر نفسي، سادگي، روزي ۽ نماز، ورد وظيفي، شريعت
۽ طريقت، عدل ۽ انصاف، خوف خدا، ملڪي ورهاست،
مردم شناسي ۽ سياست جو پورو نقشو چٽيل آهي.
اميد ته منشور الوصيت جو سنڌي ترجمو سنڌ جي علمي
ادبي دنيا ۾ هر خاص و عام کي فائدو ڏيندو ۽ پڻ سنڌ
جي حڪمران طرفان لکيل تاريخ دستاويز طور يادگار
رهندو.
ڪـَـر طرِيقـَـت تڪيو، شـَـريـَـعـَـت سـُـڃـَـاڻ،
هـِـنئون حقيقت هير تـُـون، ماڳُ معرفت ڄاڻ،
هوءِ ثابـُـوتيءَ ساڻُ، ته پـُـسڻان پالهو رهين.
(شاهه)
طالب العلم
عبدالرسول قادري
11- محرم الحرام 1426هجري
بمطابق 21- فيبروري 2005ع
ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ،
ضلعو نوابشاهه، سنڌ
|