(2)
راءِ رايان انندرام مخلص (11 - 1164 هجري)
جا خط ميان نور محمد ڪلهوڙي
۽
سيد مير لطف الله لڪعلوي(ميرمتاري)
جي نالي
(1)
ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙو ثابت جنگ واليء
سنڌ جي نالي خط
ميان نور محمد ڏي انندرام ”مخلص“ جي خط مان خبر
پوي ٿي، ته ميان صاحب جو وڪيل سيد لطف الله مير
متارو دهلي دربار ۾ رهندو هو. دهلي دربار ۾ محمد
شاهه جي وزير اعظم قمرالدين خان اعتماد الدولـہ جي
پاران انندرام مخلص وڪيل هو. مير متارو ميان نور
محمد جي سهڻي سيرت، اعليٰ اخلاق، همٿ ۽ مردانگيءَ
جون ڳالهيون دهليءَ ۾ مخلص کي ٻڌائيندو رهندو هو،
ان ڪري غالباً پرپٺ مخلص، ميان صاحب جي خلوص ۽
شخصيت کان متاثر ٿي، مير متاري جي خدمت ۽ دهلي
دربار ۾ ميان صاحب جي ڪم ڪار ۽ مفادن جي حفاظت ڪرڻ
لڳو. ميان صاحب پنهنجا حڪومتي ڪم ڪار به ميرمتاري
وڪيل ذريعي حڪمت عمليءَ سان مخلص هٿان سرانجام
ڏياريندو هو ۽ مخلص کي سوکڙيون پاکڙيون به
موڪليندو هو. ميان صاحب مخلص کي ڪو اهم ڪم چيو، ته
مخلص دلجاءِ ۽ اعتماد خاطر هيءُ خط موڪليو. جنهن
جو نچوڙ هيءُ آهي:
مهربان صاحبِ فقر، سلامت!
خير گهرندڙ مخلص ۽ صاف دل دوستن تي لازم آهي، ته
حقيقي حال احوال ۽ خيريت جي خبر چار ڏيندا رهن، ته
جيئن اوهان هر حقيقت ۽ حال کان آگاهه رهو ته:
”مخلص“ جي اخلاص ۽ سچائيءَ ۾ خيانت واقع نه ٿئي.
محبت جيڪا تمام قيمتي جوهر آهي، ان ۾ به ڪٽ ۽ ڪمي
نه اچي.
اصلي صورت هيءَ آهي، ته اوهان جو وڪيل سيد لطف
الله
جڏهن هتي شاهه جهان آباد اچي ٿو، ته منهنجي مخلص
خاني تي رهي ٿو. غائبانه طور هن عاجز کي اوهان جي
اخلاص ۽ ذڪر خير کان ميرمتاري واتان ڄاڻ حاصل
ٿيندي رهي آهي. اوهان جي نيڪ نامي، وڏا ڪم ۽ خير
خيريت هميشہ مطلوب آهي. مطلب ته ان ڏينهن کان الله
داد اصل فتنو کڙو ڪيو. ماڻهن جي جم غفير ان کي
ظاهر ڪيو يا لڪايو، پر اسان جي طرفان جيتري قدر ٿي
سگهيو، ٽارڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، پر ائين
ماڻهن جي زبان تان ڳالهه ٿيندي وڃي ، نواب صاحبتائين
پهتي ان ڪري اعتراف گڏيل ارشاد زبان فيض ترجمان
مان جاري ٿيو. اهي احوال کولي لکبا. مطلب ته گهڻو
ڪري پاڻ اها معنيٰ صحيح نه سمجهي هوندي، پر خدا
نه ڪري، ائين سراسر غير مناسب آهي. نواب صاحب ناظم
وٽ فقير جو توسل ۽ ڪوشش آهي، پر اهي ڳالهيون وڏي
خرابيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿيون. ٻانهپ جي دعويٰ ۽
جناب اقدس جو جيڪو اعليٰ اعتماد آهي ، سو ٽـُـٽي
نه پوي، ان جاءِ کان هاڻي تائين قلم احوال نه لکيو
آهي. هينئر ان جي ورق گردانيءَ جو امڪان آهي. جلد
ان جو تدارڪ ٿيندو. خلوص خدمت ۽ ارادي جو اثر نواب
صاحب ناظم ۽ سلطنت جي خاص ماڻهن کي ذهن نشين ڪيو
ويندو. هن صورت ۾ ممڪن آهي، ته مشڪل سان ڪم ٿئي،
پر الله تعاليٰ جي فضل سان ئي آسانيءَ سان مطلب
حاصل ٿي سگهندو.
ڪامرانيءَ جا ڏينهن هميشہ رات ڏينهن ساڳئي نموني
سٺا گذرندا رهن!
(2)
سيد لطف الله (الله ان کي سلامت رکي!) وڪيل
خدا يار خان بهادر ثابت جنگ جي نالي خط
منهنجا مهربان مير صاحب، سلامت!
سلامن پڄاڻان شاهه جهان آباد ۾ جيڪي ڏينهن صحبت ۾
گڏجي گذارياسين، دل ۾ ياد ٿا پون ۽ ياد رهندا. خدا
قادر آهي، جو اهل محبت جي دعا سان وري ديدار
ٿيندو. محبت وارو مڪتوب گهڻي مدت کان پوءِ پهتو.
اتان جي خير خيريت معلومات ۾ آئي. خط گويا تعويذ
جان ۽ دل ناتوان لاءِ هيڪل بنيو.
سنه 1151هجري نادر شاهه ايرانيءَ جي حملي واري
هنگامي ۽ فتني، مالي تڪليف ۽ خسارو پهچايو، وري به
شڪر آهي، جو هن آيل نادري آفت رڳو مال ملڪيت کي
تلف تاراج ڪري نقصان رسايو ۽ سر سلامت رهيو. حق
تعاليٰ جي فضل سان مال ملڪيت جي ٽوٽي کانسواءِ ٻي
ڪا تڪليف ڪانه رسي آهي، بهرحال حڪومت ۽ شهر تي
گويا قيامت برپا ٿي چڪي آهي.
اوهان اهو به لکيو آهي، ته ميان نور محمد عباسيءَ
کي مون فقير جي سڀني خلوص وارين خدمتن کان آگاهي
ٿي آهي، ان ڪري هو هن تمام ادنيٰ ۽ عاجز جي حال
تي ڪمال شفقت ۽ لطف رعايت رکي ٿو ۽ مخلص کي پنهنجي
خير خواهن ۾ شمار ڪري ٿو. الحمد لله ! جو
صاحب(ميان نور محمد عباسي) مون فقير جي وضع ۽ طور
طريقن کان آگاهه آهي. نه ته ماڻهو زماني ۾ زماني
سازي وغيره کان ڪم وٺن ٿا.
منهنجي عمر هينئر 45 سالن کي اچي پهتي آهي
:
حافظ وظيفة تو دعاگفتن است و بس،
دربند آن مباش که نشنيد يا شنيد.
مطلب ته حافظ، تنهنجو وظيفو دعا چوڻ آهي ۽ بس، ان
فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ نه هج، ته ٻڌائين يا نه ٻڌائين.
سلطنت جا جيڪي ظاهري يا ڳجها احوال ۽ ٻيون ڳالهيون
ضروري آهن، انهن لاءِ دلـجاءِ ڪندا، جيڪو مناسب
ڄاڻو، ته وڌيڪ احوال لکجو، ته ان موجب عمل ڪجي.
(3)
سيد لطف الله وڪيل خدا يار خان ثابت
جنگ جي نالي خط
منهنجا صاحب!
ظاهر آهي، ته سڀئي وقت هڪ قانون ۽ نموني تي نه
هوندا آهن. جيڪڏهن هن آزمائش جي وقت ۾ جوهر اخلاص
آهي ڪو عنوان تجويز ڪيل ۽ قوت ڪم سان آندل پڻ
موقعو ۽ بجاءِ آهي، ڪمال مرتبي ۾ چڱو ۽ خوشنما، پر
دورانديشي جي تقاضا کي دنيا جي ڪمن ۾ پورو دخل
آهي. قرين مصلحت اها آهي، ته هن عمل آڻڻ ۾ لــِـک
پڙهه جو سلسلو جاري رکيو وڃي، پر اڳوڻي نموني ائين
ڪيو وڃي. ٻيا احوال لکيل جيڪو رفعت پناهه محمد يار
غم خوار آهي تفصيل جي طريقي سان پورا ڪندو. ملاقات
جي اميد حاصل ٿيڻ لاءِ هي شعر حسب حال مناسب آهي:
بهار عمر، ملاقات دوستداران است،
چه خط کند، خضر از عمر جاودان ، تنها.
مطلب ته زندگيءَ جي بهار ته دوستن جي ملاقات سان
ئي آهي، جيتوڻيڪ خضر جي ڊگهي حياتي ۽ هميشہ واري
آهي، پر ايڏي جاودان عمر ۾ به اڪيلائيءَ ۾ ڪهڙو
مزو آهي.
اوهان جي احوال ۽ فرحت آثار تحرير جو انتظار رهي
ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه لفظ ته لکندا ڪريو، اوهان جيڪي
رنگين ريشمي ڪپڙي جون ٺهيل سوکڙيون موڪليون سي
پهتيون آهن، اهي اتان جا تحفا ۽ ميان صاحب جي
عنايت آهن، خلوص جي عالم ۾ انهن سوکڙين پاکڙين جو
ته ڪو ملهه ئي ڪونهي، لطف جي چمن جا اهي رنگين
گلدستا اخلاص جي زينت بنيا،دولت خانو آباد رهي!
الله تعاليٰ مينديءَ جي گل وانگر عمر ۽ حڪومت ۾
اضافو ڪري! اوهان جا ظاهري باطني ڪم سڀ سرانجام
ٿيندا رهن!
(4)
سيادت پناهه مير لطف الله (الله ان کي سلامت رکي!)
ڏي لکيل خط
مخلصن جا مهربان مير صاحب، سلامت!
محبت جي سلامن پڄاڻان مخلص فقير لکي ٿو، ته
جدائيءَ جي شڪايت خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽
زندگيءَ کي زهر بنائي ڇڏيو آهي. آرام ۽ آسودگيءَ
جي شهرستان ۾ خلل اچي پيو آهي يعني آرام ڦٽي
ويوآهي. وصال جون اڳوڻيون سهڻيون صحبتون ياد پيون
اچن. دل پتنگ وانگر سڙيل ۽ داغدار آهي:
محبت است که دل را نه مي دهد آرام،
وگر نه کيست که آسودگي نمي خواهد.
مطلب ته محبت ئي آهي، جيڪا دل کي آرام ڪرڻ نه ٿي
ڏئي، نه ته ڪير آهي جو آرام طلبي نه ٿو گهري.
خدا قادر آهي، ديدار فرحت آثار ضرور ٿيندو.
جيتوڻيڪ هن کان اڳ ۾ عزيز القدر هر گلال
جيڪو سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جي سفر ۾ نواب صاحب سيف
الله الدولـہ بهادر دلير جنگسان
هم رڪاب هو، سان ملاقات ٿي.
خير خيريت جو حال احوال معلوم ٿيو هو. پر اوهان جي
طرفان خط نه لکڻ تي دل کي بيقراري ٿي رهي، ان ڪري
حال احوال موڪلڻ جي اميد هئي.
الحمد لله! هن وچ ۾ اوهان جو محبت ڀريو خط خان
عزيز القدر حشمت علي خان هٿان ربيع الاخر جي ٻي
ڏهاڪي سنه 1154 هجريءَ ۾ مليو. خط پڙهي دل باغ
بهار ٿي، انتظار لٿو ۽ تسلي ٿي. گويا اوهان مير
صاحب(مير متاري) پاڻ کي ڏٺم ، احوال شڪر جي لائق
آهي.
جيڪا قناعت ڪريون يا دنيا طلبيون، پر تقدير جي
آڏو اسان جو قول ۽ فعل عاجز يا بيوس آهي. جو ڪجهه
نه ٿو ٿي سگهي، ته ان جو به مختار آهي، زمانو جنهن
حال ۽ وضع تي هو، اهو به نه رهيو آهي. جهوني آسمان
به رات ڏينهن جي اسلوب کي ٻي طرح ڪري مٽائي ڇڏيو
آهي. هينئر اهائي آرزو آهي، ته عافيت جي گوشي ۾
ويهي گذارجي، زماني جي شطرنج کان ڪنارو ڪجي.
”مخلص“ کي پنهنجو سمجهو ۽ مخلص ڄاڻجو، ڪڏهن تحرير
۽ خط و ڪتابت سان ياد ڪري سرور ڪجو. زماني جي
بيوفائي بابت هڪ غزل قلم مان نڪتو آهي، اهو ئي حسب
حال آهي.
|