(4)
نادر نامہ
يا
شاهنامہ نادري
تاليف 1172 هجري
نادر شاهه ايراني ۽ سنڌ بابت چونڊ اقتباس
1152 هجري سال جا واقعا
]نادري
نامہ نادر شاهه جي فتح ڪاميابي، سنڌ جي ڪاهه ۽ سنڌ
جي والي خدا يار خان عباسيءَ جي گرفتاري وغيره جو
احوال شاعر فارسي نظم ۾ آندو آهي، ان جو خلاصو
هيءُ آهي.[
جڏهن نادر شاهه ڪابل جي ڪاميابي ۽ ڪم کان فارغ
ٿيو، ته فتني باز عباسين (ڪلهوڙن) جي ڪن مهٽ ڏانهن
متوجـهه ٿيو، پنهنجي اڻ کٽ ڇوليون هڻندڙ لشڪر جي
واڳ ڪابل کان سنڌ ڏانهن موڙيائين. عباسي (ڪلهوڙي)
جو نالو(ميان نور محمد) خدا يار خان هو.
فارسي شعر هن ريت آهي:
چواز کار کابل به پرداخت شاه
فرستاد سويء هري دستگاه
پئي گوشمال يکي فتنه جوي
که چون سيل، با آن سپاة گران
با هنگ عباسي بد نشان
|
ز عباسيان شد چنين چاره جوي
سويء سند تابد ز کابل عنان
که ميبود نامش خدايار خان
|
|
|
نادري لشڪر جي سنڌ ڏانهن تياري ۽
خدا يار خان جي گرفتاري
ڪچهري ۾ ڳالهه نڪتي، ته سنڌ جو سردار خدا يار خان
، عباسي نسل آهي ۽ هندستان جي بادشاهه جي ماتحت
آهي. نادر شاهه کيس حڪم موڪليو ته: ”اسان جو
فرمان بردار ٿيءُ، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان جي اڻ
کٽ لشڪر هٿان سڄي سنڌ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي.“
ان تي نادر شاهه کي خبر پئي ته، خدا يار خان تي هن
نصيحت ۽ تنبيهه جو ڪو اثر ڪونه ٿيو.
تنهن تي نادري لشڪر جهر جهنگ ۽ سنڌو درياءَ مان
واءُ مينهن ڪندو ڌوڪيندو آيو. اها خبر جڏهن
عباسيءَ کي پئي ۽ جنگ جدل جي طاقت ۽ تاب نه سهي،
پنهنجي تخت گاههکي
خالي ڪري فرار جي واٽ ورتائين، عمرڪوٽ
نالي هڪ قلعو تمام ڏوراهين هنڌ ۽ غيرآباد ريگستاني
علائقي ۾ هو. ان قلعي کان عام آبادي واٽ ٽيهه فرسخ
پري هئي.
خدا يار خان گمان ڪيو، ته حملي آور ايراني فوج کي
اهڙي دشوار گذار هنڌ تي پهچڻ ڏکيو ٿيندو ۽ پاڻ
قلعي ۾ آرام سان ٿي ويٺو.
نادر شاهه کي جڏهن خبر پئي، ته خدا يار خان عمرڪوٽ
جي قلعي ۾ وڃي ويٺو آهي، تڏهن هن قلعي تي اهڙي تيز
رفتاريءَ سان يلغار ڪئي، جو هڪ ڏينهن ۽ رات ۾ منزل
طئي ڪري، ڌوڪيندو اچي قلعي وٽ پهتو. اهڙيءَ حالت ۾
خدا يار خان کي قلعي مان ڀڄڻ ممڪن هو، خدا يار خان
قلعي کان ٻاهر لشڪر سميت سورت بندر ۽ گجرات جي واٽ
ورتي. پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو. نادر شاهه جي بخت
سندس سڀني ڪوششن جي راهه بند ڪري ڇڏي. نادر جا
جنگي سوار کيس واٽ تي وڃي پڳا، کيس وٺي اچي نادري
دربار ۾ پهچايائون. نادر کيس قيد ڪرڻ جو اشارو
ڏنو. ان کان پوءِ خزاني، سون چاندي ۽ موتين وغيره
جي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سون چاندي سميت هڪ ڪروڙ
رپين کان وڌيڪ رقم جو سڀ سامان ضبط ڪيو ويو. ان
قلعي ۾ ٻيو به جو ڪجهه هو، اهو سڀ نادري لشڪر جي
قبضي ۾ آيو، نادر شاهه اتان لاڙڪاڻي طرف روانگي
ڪئي.
سال 1153 هجريءَ جا واقعا
سن 1153هه ۾ خدا يار خان انهي رهگذر سفر ۾ بادشاهي
فرمان موجب قيد هو، گويا سندس حڪمراني جي باغ بهار
تي خزان جو دور آيل هو. نيٺ نادر شاهه مٿس مهرباني
ڪري کيس ٻيهر سنڌ جي زمينداري واپس ڪئي...
نادري لشڪر جو ايران موٽڻ ۽ ترڪستان
جو ارادو ڪرڻ
قلم اها صورتحال هن نموني لکي ٿو، ته جڏهن ايران
جو بادشاهه، هندستان، سنڌ ۽ ڪابل جي فتح کان موٽڻ
لڳو. ڪابل کان پنهنجي حڪومت جي هر سرحد تي اهڙو
حڪم ۽ انتظام رکيائين جو، جيڪو انهن حڪمرانن تي
ڏنڊ وغيره مقرر ڪيو هئائين، اهو کيس آسانيءَ سان
پهچندو رهي يا کيس موڪليو وڃي.
(5)
نامہء نغز
مان چونڊ اقتباس
تصنيف
باغ علي سنڌي
(نادر شاهه ايرانيءَ جو سنڌ تي تسلط)
نادر جو پڪو ارادو سنڌ جي سالار طرف ۽ سنڌ ملڪ جي
والي نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل
مير متاري
کان حقيقت پڇڻ
جڏهن نادر شاهه بادشاهه دهليءَ جي فتح کان فارغ
ٿيو، ته ڪنهن جوڻي هڻندڙ کان بکر طرف(ڪاهه ڪرڻ) جو
رستو پڇيائين، ان چيو، ته اهو نور محمد عباسي
نامور تاجور ۽ سپهدار جو ملڪ آهي. ان جو وڪيل مير
متارو آهي. نادر شاهه اها ڳالهه ٻڌي مير متاري سان ملڻ ۽ حال
احوال پڇڻ جو ارادو ڏيکاريو. ڪنهن ماڻهوءَ مير
متاري سان اها ماجرا بيان ڪئي. مير متارو به شاهه
ايران نادر شاهه
سان ملاقي ۽ حالي احوالي ٿيو. نادر شاهه
ان کان ميان نور محمد حڪمران، ملڪ سنڌ، خزاني،
سپاهه ۽ گس پنڌ بابت سمورو احوال پڇيو.
مير متاري نهايت ڏاهپ سان جواب ڏنو:
”ان جو لشڪر ۽ سپاهه بيشمار آهي، سڀ جنگي جوڌا،
مرد دلير ۽ ميدان ڪارزار جا ڪوڏيا ۽ ڪونڌر آهن.
ڪوبه انهن کان ميدان کـَـٽي نه ٿو سگهي. جنگ ۾
راتاهو هڻن ٿا، ته هڪ سئو ڄڻا، ڏهن هزارن ماڻهن تي
حاوي ٿيو وڃن. سڀ تلوار جا ماهر،نيزي باز ۽ وڏا
بهادر آهن. دليريءَ ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. انهن
کي هاٿين جهڙي طاقت ۽ چيتي جهڙا مضبوط جسم آهن.
تيرن تلوارن، گرزن ۽ تفنگن جي هٿيارن پنوهارن سان
هميشہ تيار رهن ٿا. هو ڪنهن به لشڪر کان ڊڄڻ وارا
ناهن. چوڻ کان زيادهه دلير ۽ بهادر آهن. جيڪر ان
سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي، ته گويا پهاڙن مان به
دانهون نڪري وڃن.“
جڏهن نادر شاهه، ميان نور محمد عباسي، سنڌ جي
ماڻهن ۽ لشڪر جي بهادريءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽
سمجهو ته ائين سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ، اڪ جي ماکي لاهڻي
ڪانهي، تنهن ڪري موٽ ۾ نادر شاهه به مير متاري کي
پنهنجي رعب تاب جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ته: ”آءٌ
به جنگجو ۽ فاتح آهيان. ديهن جون ديهون ۽ شهر فتح
ڪيا اٿم. قنڌار، هندستان ۽ روم قبضي ۾ ڪيا اٿم.“
پوءِ پاڻ نادر پنهنجي خاص ماڻهو ۽ وڪيل محمد علي
بيگ کي مير متاري سان گڏ ميان نور محمد ڏي هيءُ
نياپو موڪليو:
1 - هميشہ خراج موڪليندو رهه
2- پنهنجو پٽ ڏهن هزارن سپاهين سان اسان جي ماتحت
موڪل.
هيءَ نادري پيغام کڻي نادر شاهه جو سفير محمد علي
بيگ ۽ ميان نور محمد جو وڪيل مير متارو گڏجي
دهليءَ مان ٻيڙي ذريعي بکر روانا ٿيا. هڪ
ڏينهن گهٽ ٻن هفتن ۾ بکر اچي پهتا. جڏهن انهن ٻنهي
جي بکر اچڻ جي خبر ميان صاحب کي پئي، ته پاڻ وڏي
استقبال لاءِ آيو.
جڏهن ٻئي سفير ۽ وڪيل سنڌ پهتا، ته ميان صاحب انهن
جو والهاڻو استقبال ڪيو ۽ سمورو احوال ورتو. ان
بعد نادر شاهه کي جواب ڏيڻ لاءِ ۽ صلاح مصلحت
واسطي مجلس سينگاري وئي. ان مجلس ۾ ميان نور محمد
پاڻ، سندس وڏو
پٽ محمد مراد ياب خان، خداد داد خان، احمد يار
خان، غلام شاهه، عطر خان، غلام نبي ۽ غلام رسول،
سردار، سپاهه ۽ همدرد اتي ويٺا. سوال جواب
ٿيا. سڀني چيو: ”سنڌ جا اي نامور شير سنڌ جا
سردار! اسان جو الله تعاليٰ حامي نگهدار ۽ ڪارساز
آهي، ان ڪري خدا تي ڀروسو توڪل ”والله مع
الصابرين“ تي عمل ڪجي. ان جو لشڪر کڻي سو هزار
هجي، پر اسان ڀڄڻ وارن مان ناهيون. اسان تيرن
تفنگن، نيزن ڀالن ۽ تلوارن کي منهن ڏيڻ وارا
آهيون. ان کي ڀڄائڻ کانسواءِ دم نه کڻنداسون.“
ميان صاحب اهي ڳالهيون ٻڌي، نادر شاهه جي سفير
محمد علي بيگ کي چيو:
”آءٌ نادر شاهه جي لشڪر کان هرگز ڊڄڻ وارو
ناهيان. خراج خزاني ۽ دنيا دولت جي مون ۾ اميد نه
رکو. منهنجو خزانو ۽ گنج رڳو تلوار آهي، جيڪڏهن
نادر شاهه هن جواب تي ڪاوڙجي، ته اسان جو الله
نگهبان آهي. نادر واقعي قنڌار، گرديزبان، پشاور ۽
غزنوي قبضي ۾ ڪيا آهن، ته اهو چڱو ڪم ڪونه ڪيو
اٿس. اسان جو لشڪر باهمٿ ۽ جنگجو آهي. منهنجا
پنهنجا عزيز به شينهن مڙس آهن. جيئن محمد مراد،
خداداد خان، احمد يار خان، غلام شاهه، عطر خان،
غلام نبي ۽ غلام رسول ، انهن مان هر هڪ کي ٽيهه
ٽيهه هزار سپاهه آهي. منهنجو ڀاءُ داؤد خان، غلام
حسين، تاج محمد ۽ فضل علي اهي سڀ مرد دلير ۽ ببر
شير آهن. هر هڪ جي هٿ هيٺ ڏهه ڏهه هزار سپاهه آهي.
منهنجا پنهنجا ٻيا عزيز ۽ همدرد به هزارين آهن.
جيئن ميان عارف خان، خان عزت، ڀائي خان، شيخ محمد،
شاهه بهارو، مقصود، ڄام نندو، مير بهرام، مراد
ڪليري ۽ مير چاڪر، منهنجن دلير هزارن سپهه سالارن
مان ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻان، فوج ۽ لشڪر به لکين
آهي.“
نادر شاهه جو سفير محمد علي بيگ اهو سخت جواب ۽
نياپو کڻي، ايران جي شاهه ڏانهن وڃڻ جي واٽ ورتي ۽
ائين روانو ٿيو، جيئن تيز پکي اڏاڻو يا هرڻ ڊوڙ
پاتي.
ان وچ ۾ نادر شاهه اٽڪ جي قلعي وٽ پهچي چڪو هو،
سفير، شاهه ايران کي سڄو ڏٺل ٻڌل احوال ۽ ميان نور
محمد جو نياپو پهچايو. جڏهن نادر شاهه اهو گفتگو ٻڌو، ڄڻ سندس اندر ۾ باهه ٻري وئي. يڪدم
پنهنجو لشڪر ۽ سپاهه ترڪمان، چين، ڪابل پشاور،
ايران، مازندراني، تبريز ۽ بريري جو گهرائي،
چڙهائيءَ لاءِ گڏ ڪيائين.
سفير جي نياپي ٻڌڻ سان نادر شاهه، خدا يار خان سنڌ
جي سالار ڏانهن رخ ڪيو. جڏهن نادر شاهه بلوچن جي
سرزمين سنڌ ۾ پهتو ۽ اها خبر ميان نور محمد کي
پئي، ته ايران جا سپهه سالار هندستان کان اچي
ڪڙڪيا آهن. ميان صاحب پنهنجي سڀني صلاحڪار ساٿين
سان صلاح مصلحت ڪئي، ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ صلاح
بيٺي، ته نادر شاهه جي لشڪر کان نه ٿا ڊڄون، پر
بادشاهن سان ويڙهه چڱي ناهي. جيئن فردوسي يا ڪنهن
ڏاهي چيو آهي:
”که پر خاش بادشا ڪردن خطا ست“
مطلب ته بادشاهه سان لڙائي ڪرڻ خطا آهي. نيٺ ميان
صاحب لک سپاهه ساڻ ڪري، عمرڪوٽ جي واٽ ورتي.پٺيان
نادر شاهه به چاچڪان
پهتو. نادر، ملڪ ۾ مار ڌاڙ ڦرلٽ ڪندو ڌوڪيندو آيو.
ڪي ماڻهو مئا ۽ ڪي گرفتار ٿيا. نادري فوج سنڌ ملڪ
کي ڦري لٽي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. ان ظالم نادر جي حملي
وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن تي ڄڻ ڪاري قيامت اچي
ڪڙڪي. پيءُ پٽ کان بيخبر، ماءُ اولاد کان دربدر،
ماڻهو پنهنجا سر کڻي ڀڳا، زالون ۽ ٻار به دربدر ٿي
وڇڙي ويا.
اهڙو سخت قهر ۽ ظلم ٿيو، جو جيڪڏهن ڪنهن زال کي
پيٽ ۾ پٽ هو، ته اهو به صدمي مان ڌيءُ ٿي پيو ٿي.
مطلب ته رنين آهرين ظلم جي چڪي ۾ پيسجي ويا.
نيٺ لاچار ميان نور محمد اها حالت ٻڌي ڏسي، پنهنجي
پٽ غلام شاهه کي پنهنجي وڪيل مير متاري سان گڏائي،
نادر شاهه جي خدمت ۾هيءُ پيغام ڏئي موڪليو:
”هاڻي مون کي فرمان بردار ڪري ڄاڻ، خراج ۽ زر ڏيڻ
لاءِ به تيار آهيان. تنهنجي فرمان جي ڪمر ٻڌي
اٿم.“ جيڪڏهن نادر شاهه اها ڳالهه مڃي ۽ موٽي
وڃي، ته واهه ۽ تون جلدي موٽي اچجانءِ. جي عذر نه
مڃي ۽ حملو جاري رکي، ته سندس حملي ۽ سپاهه لشڪر
جي خبر مون کي پهچائجانءِ.
غلام شاهه، نادر شاهه ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن ويجهو
پهتو، ته نادر شاهه کي اطلاع ڏنائون. نادر شاهه،
غلام شاهه کي سڏائي مقصد ۽ احوال معلوم ڪيو.
غلام شاهه عرض ڪيو، ته آءٌ خدا يار خان جو پٽ
آهيان، اوهان جهان جي بادشاهه لاءِ سندس پيغام کڻي
آيو آهيان، پر اهو پيغام اڪيلائيءَ ۾ پيش ڪندس.
نادر شاهه خلاصو ٿي ويٺو ۽ غلام شاهه سمورو پيغام
پهچايو. نادر شاهه کي غلام شاهه جي گفتار ۽ ڪردار
وڻيا. نادر شاهه چيو : ٻڌو اٿم ته تنهنجي پيءُ جنگ جي تياري ڪئي هئي. ان ڪري چوان ٿو ته، يڪدم
سنڌ پهچان، سندس طاقت کي آزمائي ڏسان.
نادر، لاڙڪاڻي، نوشهري
کان ٿيندو، شهدادپور ۾ اچي طبل وڄائي تنبو کوڙيا.
ميان نور محمد، نادر جي آمد جو ٻڌي، دورانديشي ڪري
عمرڪوٽ ڏانهن وڃي چڪو هو. شهدادپور ۾ نادر شاهه،
عمرڪوٽ جو دڳ پتو پڇڻ لڳو. اتفاق سان ميان صاحب جا
ڪي نالائق مخالف لالــچ ۽ انعام جي ڪري، نادر شاهه
سان گڏجي پيا. انهن نادر شاهه کي عمرڪوٽ جو ڏس پتو
ڏنو، ته عمرڪوٽ هيترو ڪي هيترو پنڌ ٿيندو، پر ميان
نور محمد وڏي لشڪر سان اتي جنگي ارادي سان وڃي
ويٺو آهي. البت سندس سپاهه ۽ لشڪر جي تعداد جي
صحيح خبر نادر شاهه کي ٻڌائي نه سگهيا.
انهيءَ دوران ميان نور محمد جي لشڪر جا سپاهي جيڪي
ذات جا ماڇي
هئا، پوئتي رهيل هئا. انهن نادر شاهه جو رستو روڪي
لڙائيءَ جو مهاڏو اٽڪايو. اهڙيءَ طرح گرزن، تيرن،
تفنگن، نيزن ۽ ڀالن تلوارن سان ميداني جنگ ڇڙي
پئي، نادر پڇيو، ته هيءَ اوچتي فوج ڪٿان آئي؟
چيائون ته ميان صاحب جا سوار ڪي پوئتي رهيل هئا،
اهي آهن. ماڇين کان علاوه ميان صاحب جي فوج جا نو
سئو(900) سوار ذات جا مهيري
به ڪي پوئتي رهيل هئا، اهي به اچي وارد ٿيا. پوءِ
ته نادري لشڪر تي وارو وارو ٿي وئي ۽ انهن پنهنجو
پنهنجو حق ادا ڪيو. پر نادري لشڪر جا وڏا ڪٽڪ هئا.
ان ڪري نادر انهن کي ڪـُـٽيندو سـَـٽيندو ماريندو
۽ ڌوڪيندو وڃي عمرڪوٽ کان نڪتو. قلعي جي دروازي تي
ميان صاحب جو پٽ غلام شاهه اچي نادر شاهه سان
ڳالهائو ٿيو. نادر شاهه چوائي موڪليو: ” ميان صاحب
صلح ۽ امان طلبيءَ جي ڪري روبرو اچي، ته کيس ٻيهر
خلعت ۽ حڪومت سان نوازيو ويندو.“
نيٺ ميان نور محمد امانَ طلبي خاطر گهوڙي تي
چڙهي نادر شاهه وٽ آيو. ميان صاحب سان هڪ سئو
چاليهه ساٿي، جن ۾ بهارو،ڄام نندو، ڪوڙو يا
گنهور(؟) مير چاڪر، بهرام، مير شاهو ۽ غلام محمد
به گڏ هئا. ميان صاحب ويجهو اچي گهوڙي تان
لٿو.پيرين پنڌ نادر وٽ آيو ۽ امانَ جو طلبگار ٿيو،
روبرو عذر معافيون، صلح صفائيءَ جون ڳالهيون
ٻوليون ٿيون. نيٺ نادر شاهه ، ميان صاحب کان پڇيو:
”تو امانَ گهري، مون امانَ ڏني، پر اهو ته
ٻڌاءِ، پهريان لڙائيءَ لاءِ تياري ڇو ڪيئي؟ پوءِ
يڪدم وري لڙائيءَ جو ارادو ڇڏي، صلح ۽ امانَ
طلبيءَ جون ڳالهيون ڪيئن ڪيون ۽ ملڪ ڇڏي پري رڻ پٽ
بيابان ۾ ڪناره ڪشي ڪيئن مناسب سمجهيئي؟“
ميان نور محمد ڏاهپ ۽ دانائي سان وراڻيو:
”توهان سان جنگ مناسب نه ڄاتم،ان ڪري پري اچي
گوشو ۽ ڪنارو ڪري ويٺس، جو بادشاهه ڪنهن جي پويان
نه پوندا آهن.“
جڏهن نادر شاهه کي سڄي سربستي ڳالهه سچي لڳي، تڏهن
نادر، ميان کي چيو ته: ”تون اڳئين وانگر حڪومت تي
برقرار آهين. هينئر واپس لاڙڪاڻي ٿا هلون، اتي
توکي وري ٻيهر حڪومت تي سرفراز ڪريان ٿو. اچ ته
گڏجي اوڏانهن هلون ۽ هن سچي گفتار تي توکي آفرين
هجي.“
نادر شاهه جو عمرڪوٽ مان لاڙڪاڻي ورڻ
۽ خدا يار خان کي گڏ وٺي هلڻ ۽ سنڌ ملڪ
ٻيهر ان کي سونپڻ
لاڙڪاڻي پهچي نادر وڏي مجلس سينگاري، اُتي ميان
نور محمد ڪلهوڙي کي سنڌ ٻيهر حوالي ڪئي. ميان صاحب
کي خلعت ۽ سنڌ جي حڪومت سان سرفراز ڪيو. ٻيون به
سوين سوکڙيون پاکڙيون ڏنائين. ميان صاحب کي ”ثابت
جنگ“ ، ”بيگ بيگي“ ”قلي شاهه“ جي لقبن سان به
نوازيو. اهڙيءَ طرح سڀ عهد نامہ لکجي ويا.
وڌيڪ نادر شاهه، ميان صاحب کان سندس پٽ جي ٻانهن
به گهري، ته هو منهنجي زير سايہ رهي، ميان صاحب
پنهنجن ساٿين سان صلاح مشورو ڪيو ته، ڪهڙي پٽ کي
نادر شاهه سان گڏ موڪلجي سڀني صلاح ڏني، ته ان جي
لائق محمد مراد ياب آهي. ميان صاحب وري محمد مراد
ياب کان ان باري ۾ پڇيو، ان خوش دليءَ سان هائوڪار
ڪئي ۽ چيوته: ” دلجاءِ ڪري مطمئن رهو. مون کي رڳو
هميشہ دعا سان ياد ڪجو.“
ميان صاحب ، محمد مراد ياب کي گهڻين نصيحتن ۽
دعائن سان نوازي، سندس ڀاءَ غلام شاهه کي به ساڻ
گڏائي موڪليو، ته جيئن هڪ ٻئي جو ڏڍ ٿين، هٿيار
پنهوار به ڏنائين ۽ پنهنجا خاص ماڻهو ڄام نندو،
گنهور، کهاوڙ، غلام محمد، ڪوڙو ۽ خيرو به گڏ روانا
ڪيا، ته جيئن اڪيلائي محسوس نه ڪن، ان سان گڏ
ٻارنهن هزار لشڪر به ساڻ ڏنو. نادر شاهه، ميان
صاحب جي ٻن پٽن ۽ ٻارنهن هزار لشڪر ساڻ ڪري گهڻو
خوش ٿيو. انهن جي خاطر تواٰضع ۽ عزت ڪرڻ لڳو.
نادر شاهه جو سيوي ۽ قنڌار جي رستي سان
محمد مرادياب، غلام شاهه ۽ لشڪر سميت
ايران ملڪ ڏانهن موٽڻ
جڏهن نادر شاهه خير خوبيءَ سان ٻنهي شهزادن ۽ لشڪر
سميت واپس ايران وڃڻ لڳو ۽ خراسان پهتو، ته هر
طرف سندس فتح ۽ واپسي تي مبارڪون ملڻ لڳيون، پر
ميان نور محمد عباسي پنهنجي ٻنهي پٽن کي ياد ڪري،
رنجيدو ۽ پريشان ٿيندو هو ۽ کين دعائون ڏيندو هو.
ائين ڪندي چند سال گذري ويا، ته ايران ملڪ مان وري
سنڌ ملڪ لاءِ ٻارڻ ٻريو، ان ظلم ۽ ستم جو سپهدار
سردار خان هو. ان وري ميان نور محمد خدا يار خان
کان ٽيون پٽ به گهريو ته، اهو به اتي اسان وٽ
دربار ۾ رهي. ميان صاحب، شهزادي عطر خان
کي هڪ هزار هڪ
سئو سٺ(1160) سپاهين جو لشڪر ڏئي،سردار خان سان گڏ
خراسان موڪليو، ته جيئن اڳين ٻنهي ڀائرن سان وڃي
ملي، جيڪي نادر شاهه ٻئي اڳ ۾ وٺي ويو هو. عطر خان
ستين مهيني وڃي ٻنهي ڀائرن سان مليو ۽ دل خوش
ڪيائون. ٽئي اتي دربار ۾ رهيا. پيءُ جي محبت ۽
دعائن کي گڏجي ياد ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي قسمت ۽ ڪم،
ڪار ساز جي حوالي ڪري ڇڏيائون.
شاعر باغ علي سنڌي ”نامہء نغز“ جي پڄاڻي حضرت
محمد صلي الله عليہ وسلم جن تي درود ۽ سلام سان هن
ريت ڪئي آهي:
سلام و صلواة و ثنا صد هزار،
زما بر محمد شہ تاجدار.
هزاران سلام و هزاران درود،
زما بر محمد بود برفزود!
مطلب، ته محمد شاهه تاجدار صلي الله عليہ وسلم تي
اسان جي طرفان لک سلام ۽ صلواتون هجن. اسان جي
طرفان هزارين سلام ۽ هزارين درود محمد صلي الله
عليـہ وسلم تي هجن!
(6)
تبصرة الناظرين
تاليف
سيد مير محمد بلگرامي
(1101 هه - 1185 هه)
سنه 1117 هجريءَ کان سنه 1152 هجريءَ جا واقعا
]ڪلهوڙا دور جي ڊائري[
تبصرة الناظرين
1117 هجري - يار محمد خدا يار خان جي
هٿان نومڙين جي شڪست
يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙو سرائي قوم جو
سرواڻ، سنڌ ملڪ جو وڏو زميندار (منصبدار) آهي.
ان هن ئي سال جبل ۾ نومڙين تي فتح حاصل ڪئي.
هن فتح ۽ ڪاميابيءَ جي تاريخ، منهنجي(مصنف جي
والد) سيد مير عبدالجليل بلگرام هن طرح چئي
آهي:
جڏهن يار محمد خدا يار خان همٿ ۽ جرئت سان
ڪمربسته ٿي، نومڙين تي حملو ڪيو، ته انهن جون
دليون دهلجي ويون، سخت حملي کان جبل به جنبش ۾
اچڻ لڳا. هن فتح جي تاريخ: ”هيءَ فتح خداداد“
(1117 هه) مان نڪري ٿي.
1122 هه - سيد حسين امتياز خان خالص
اصفهاني جو مارجڻ
هن سال سيد حسين امتياز خان ”خالص“ اصفهاني،
شاهه جهان آباد کان وطن ڏانهن موٽڻ جو ارادو
ڪيو هو. جڏهن رستي ۾ سيوستان پهتو، ته اتي جي
زميندار يار محمد خدايار خان پنهنجن ماڻهن کي
موڪليو، ته ان تي راتاهو هڻي، ان کي ماري
وجهن. ان جو ساز سامان ۽ مال متاع به سندس
قبضي ۾ آيو. منهنجي والد ان واقعي جي تاريخ هن
طرح چئي آهي:
آه آه امتياز خان(1122 هه)
امتياز خان سيد حسين ”خالص“ اصفهاني صاحب
ديوان شاعر هو.سندس شاعري جو نمونو هي آهي:
کي شوم آزاد از قيد خودي، چون عنڪبوت،
بعد مردن هم بدام خود گرفتاريم ما.
1125 هه - ميان يار محمد جي هٿان سيوي ۽ ڍاڍر
جو فتح ٿيڻ
هن سال شڪارپور جي آسپاس ۽ نوشهري جي
زميندار رحيم داد افغان، جبل جي زميندارن جي
مدد سان وڏو لشڪر وٺي،سيوي قلعي ۽ ڍاڍر تي
قبضو ڪيو. انهن قلعن جي نگران ميان يار محمد
جڏهن اها خبر ٻڌي ته، پنهنجي پٽ داؤد خان کي
وڏو ڪٽڪ ڏئي روانو ڪيو، ته سيوي قلعي کي زور
زبردستيءَ سان رحيم داد افغان جي قبضي مان
ڇڏائي. دائود خان ڪٽڪ سميت سيوي قلعي وٽ پهتو،
ته رحيم داد افغان بکايل شينهن وانگر جنگ ڪرڻ
لاءِ سامهون ٿيو. داؤد خان حڪمت عملي سان لشڪر
کي ساڄي کاٻي ترتيب سان صف آرا ڪيو. پوءِ
گهمسان جي لڙائي ۽ مارڌاڙ شروع ٿي:
ايزدش يار وقضا رهبر و توفيق رفيق،
بخت همراهه وظفرمونس و اقبال نديم.
مطلب ته، داؤد خان جو الله مددگار، سندس تقدير
رهنما، توفيق شامل حالي فتح ۽ ڪاميابي ورونهن
۽ بخت ساٿ هو. ان ڪري لڙائي ۾ داؤد خان جو
پــُـڙ ڳرو ٿيڻ لڳو ۽ رحيم داد افغان ڀاڄ کائڻ
لڳو. انهن کي ڀڄڻ هرگز فائدو نه ڏنو، موت کان
ماڻهو ڪيڏانهن ڀڄي سگهندو؟آخرڪار رحيم داد
افغان ۽ سندس لشڪر لڙائي جو ميدان خالي ڇڏي،
شڪست کائي، پويان پير ڪري ڀاڄ کاڌي ۽ داؤد خان
ڪلهوڙي جو لشڪر ڪامياب ٿي، انهن ڀڳوڙن
جي پٺيان
لڳو. بهرحال داؤد خان، رحيمداد افغان تي فتح
حاصل ڪري خدا جي دربار ۾ شڪراني جو سجدو بجا
آندو ۽ ڪامياب ٿي پنهنجي پيءُ يار محمد ڪلهوڙي
وٽ واپس آيو. ميان يار محمد پنهنجي پٽ داؤد
خان کي ڀلو گهوڙو، خاص تلوار ۽
جڙائودار خنجر انعام ڏئي خوش ڪيو.
منهنجي والد(عبدالجليل بلگرامي) اهو سڄو واقعو
نظم ۾ آڻي رحيمداد افغان جي هار ۽ داؤد خان جي
جيت جو ذڪر ڪيو آهي
۽ هن واقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي:
ز داؤد شد فتح سيوي وداد هر(1125هه)
مطلب ته، داؤد خان سيوي ۽ ڍاڍرفتح ڪيو.
1135 هه - ڪتاب جي مصنف جي خدا آباد ۾
رهائش
هن ئي سال آءٌ ( سيد مير محمد بلگرامي ) ميان
نور محمد خدا يار خان بهادر ثابت جنگ ڪلهوڙي
جي حڪم سان 23 - تاريخ محرم 1135هه تي سيوستان
کان خداآباد وڃي رهيس، سيوستان خداآباد جي وچ
۾ ٻارنهن ڪوهه مفاصلو آهي. هيءُ سڄو سال ميان
نور محمد ڪلهوڙي جي پاڇي ۽ خدمت ۾ رهيس. ان تي
الله جو حمد آهي.
1136 هه- احمد يار خان ولد ميان نور محمد جي ولادت
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پٽ ڄائو. ان
جو نالو احمد يار خان رکيو ويو. منهنجي
والد(عبدالجليل بلگرامي) ان جي ڄمڻ جي تاريخ
هن طرح چئي آهي:الله تعاليٰ خان عالي جاه کي
نيڪ بخت فرزند ڏنو آهي. ان جي تاريخ ولادت هن
مصرعه مان نڪري ٿي:
نونهال عهد احمد يار خان(1136 هه)
1136هه - ڪتاب جي مصنف جي سيوستان واپسي
هن ئي سال ڪتاب(تبصرة الناظرين)، جو مصنف سيد
مير محمد بلگرامي رجب مهيني ۾ ميان نور محمد
خان کان اجازت وٺي، خداآباد کان سيوستان
پنهنجي جاءِ تي پهتو.
1137هه - محمد مراد ياب خان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شادي
هن سال محمد مرادياب خان ولد نور محمد ولد يار
محمد ولد نصير محمد،
ملڪ سنڌ جي وڏي زميندار جي خير خوبيءَ سان
شادي ٿي گذري،
مير عبدالجليل بلگرامي
ان خوشيءَ
جي موقعي تي شعر لکيو، جنهن ۾
ميان صاحب
کي الله ۽ رسول جي دعا سان گڏ، شاديءَ جو
نظارو چٽيندي چيو آهي، ته ان شاديءَ ۾ رقص،
خوشي نغمه ۽ طعام قيام جو تمام سهڻو انتظام
هو. ان شاديءَ جي تاريخ هن سٽ مان نڪري ٿي:
بر مراد دل، مبارڪ باد اين طؤي منير(1137هه)
1143هه - محمد مراد ياب خان ولد ميان نور
محمد جي شادي
هن سال ميان نور محمد جي فرزند محمد مراد ياب
خان جي شادي ٿي. هن شاديءَ جي موقعي تي مير
غلام علي آزاد بلگرامي(مير عبدالجليل جي
ڏوهٽي) هيءُ شعر چيو، الله تعاليٰ جو حمد آهي
جو محمد مراد ياب خان جي شادي ٿي ۽ الله ان جو
مددگار آهي. هن شاديءَ سان سندس دل جي مراد ۽
اميد پوري ٿي. گويا ٻه ستارا سعد برج ۾ مليا.
سندس شاديءَ جو سال هن سٽ مان نڪري ٿو:
به يڪجا جمع گشته ماه وزهرا(1143 هه)
مطلب ته هڪ جاءِ تي چنڊ ۽ زهرا تارو گڏ ٿيا.
1143 هه - عبدالله خان بروهي واليء قلات جو مارجڻ
هن سال ميان نور محمد خدا يار خان جو لشڪر
عبدالله خان بروهيءَ جي لشڪر تي غالب آيو ۽
گهڻي ڪشمڪش ۽ ڪوشش کانپوءِ عبدالله خان بروهي
مارجي ويو. مير غلام علي آزاد بلگرامي
ان جي تاريخ وفات، نثرجي هن جملي مان ڪڍي آهي:
عبدالله بروهي قتل گرديد(1143 هه)
يعني: عبدالله بروهي قتل ٿيو.
1144هه - ميان نور محمد جي ڀاءُ محمد خان جي وفات
هن سال ميان محمد خان، ميان نور محمد ڪلهوڙي
جو ڀاءُ هن فاني دنيا کي ڇڏي، هميشہ خوشيءَ
واري دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام علي آزاد
بلگرامي، ميان محمد خان جي تاريخ وفات هن طرح
لکي آهي:
”تاريخ وفات او سحر هاتف غيب
ميگفت:
چشيد مي زجامِ ڪوثر (1144 هه) “
مطلب، ته باک ڦٽڻ مهل هاتف تاريخ وفات چئي، ته
حوض ڪوثر مان پاڪ شراب جو پيالو پيتائين.
1144هه - ثابت جنگ جو خطاب
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي، عبدالله خان
بروهيءَ تي فتح حاصل ڪرڻ ڪري ”ثابت جنگ“ جو
خطاب حاصل ڪيو.
غلام علي آزاد بلگرامي خطاب حاصل ڪرڻ جو
سال هن سٽ مان ڪڍيو آهي:
خطاب عمدهء سلطان مبارڪ!(1144 هه)
مطلب ته، عمدو خطاب بادشاهه کي مبارڪ هجي!
1146هه - محمد مرادياب خان جي مراد علي بروهيءَ جي
نياڻي سان شادي
هن سال محمد مراد ياب خان جي شادي، مراد علي
خان بروهيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. مراد علي خان
بروهي، مٿئين عبدالله خان بروهي والي قلات جو
سؤٽ هو.
مير غلام علي آزاد بلگرامي هن شاديءَ ۽ خوشيءَ
جي موقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي:
مبارڪ باشد و باشد مبارڪ!
1146هه
1147 هه - خدا داد خان جي عبدالله خان بروهي جي نياڻي سان شادي
هن سال خداداد خان، ميان نور محمد جي وچئين
فرزند جي شادي
عبدالله خان بروهي رئيس قلات جي نياڻيءَ سان
شادي ٿي گذري، مير غلام علي آزاد بلگراميءَ هن
شاديءَ جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي: همايون
باداين جسن خداداد (1147هه)
مطلب ته، خداداد خان کي هيءُ جشن مبارڪ هجي
شال!
1148 هه - ايران جو بادشاهه نادر شاهه
هن سال جي عجيب واقعن مان هي آهي جو نادر شاهه
جنهن جو نالو قلي خان هو، محمود خان افغان
غلزئي قنڌاريءَ جي ڏڦيڙ، بربادي ۽ شاهه طهماسپ
بن شاهه حسين صفويءَ جي مرڻ کان پوءِ ايرانين
طرفان نادر شاهه جو لقب اختيار ڪري بادشاهه
بنيو، پر روم جي بادشاهه جنهن ايران تي ڪاهڻ
جو ارادو ڪيو هو، جي خوف کان نادر شاهه پنهنجو
مذهب ڇڏي، اهل سنت و جماعت جو خطبو پڙهيو ۽
ڪيترن اماميه عالمن کي تلوار سان هلاڪ ڪيو ۽
جيئن نوڪر اٽڪل ۽ حرفت سان زور وٺي، پنهنجي
مالڪن سان سامهون ٿئي. ان وانگر هي به بي ادب
۽ گستاخ بنيو، جيئن عرب چون ٿا ته النادر
کالمعدوم.
نادر شاهه جي ســڪي تي هي بيت تحرير آهي:
سڪه بر زرڪرد نام، سلطنت راد رجهان،
نادر ايران زمين و خسرو گيت ستان.
ٻين کان ٻڌو اٿم، ته سندس سـِـڪي تي هيءُ بيت
لکيل هو:
نگين دولت ودين:چونڪه رفته بود از ڇا،
بنام نادري ايران قرارداد خدا.
سندس حڪومت تي ويهڻ جي تاريخ رپئي تي هيءَ
لکيل هئي ۽ اهو جملو مون پاڻ اکين سان لکيل
ڏٺو آهي:
الخير في ماوقع
1148هه
1149هه - نادر شاهه ايراني جي هٿان قنڌار جو فتح ٿيڻ
هن سال ايران جي بادشاهه پنجاهه هزار سوار ۽
بي شمار پيادي فوج سان اصفهان کان اچي، قنڌار
جي قلعي جو گهيرو ڪيو. ان قلعي جو رئيس حسين
خان افغان گهيري ۾ هو. هڪ سال تائين ايرانين ۽
افغانين جي وچ ۾ جنگ هلندي رهي. آخرڪار قنڌار
جي قلعي وارن جي کاڌ خوراڪ ۾ کوٽ پيدا ٿي ۽
قلعي وارا ماڻهو پريشان ٿي پيا. لاچار حسين
خان افغان، نادر شاهه جي اڳيان هٿ ٻڌي اچي
حاضر ٿيو. نادر شاهه چيو، ته ان کي گڏهه تي
چاڙهي سڄو
شهر گهمايو وڃي. آخرڪار نادر شاهه، حسين خان
کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڪيو.
1151 هه - نادر شاهه افشار هندستان ۾
هن سال ايران جو بادشاهه نادر شاهه قنڌار
جو قلعو فتح ڪري قلعي جي رئيس حسين خان افغان
غلزئي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪابل جي رستي
لاهور آيو. اتي جو ناظم نواب زڪريا خان خلف
نواب عبدالصمد پاڻ ۾ نادر شاهه سان مقابلي جي
طاقت نه ساري سگهيو ۽ نادر شاهه وٽ اچي پيش
پيو ۽ شاهي عنايتن ۾ شامل ٿيو.
نادر شاهه لاهور کان ڪوچ ڪري جنگي تيارين سان،
پاڻي پٽ ۽ ڪرنال ڳوٺ وٽ پهتو ۽ هن طرف کان
نواب خان دوران بهادر ۽ سندس ڀاءُ اوڌ صوبي جو
ناظم نواب مظفر خان مبارزالملڪ نواب سعادت خان
۽ ٻيا امير(محمد شاهه) بادشاهه جي حڪم موجب
مقابلي لاءِ ٻاهر آيا.ڪرنال وٽ ٻئي ڌريون
آمهون سامهون ٿيون. چئني طرفن کان جنگ جو جوش
خروش ڀڙڪا ڏيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح امير الامراء
خان دوران بهادر ۽ نواب مظفر خان ۽ ان جو ڀاءُ
- اشرف خان، ان جو پٽ - شهداد خان پٽن سميت،
علي احمد خان ڪوڪه، مير ڪلو ولد مير مشرف
لکنوي، عاقل بيگ خان ۽ غازي بيگ خان ۽ ٻيا
ٽيهارو ماڻهو هاٿي سوار، (نادر شاهه جي لشڪر)
هٿان شهادت جي درجي تي پهتا جڏهن محمد شاهه
بادشاهه، نادر شاهه جي رعب تاب ۽ لشڪر جي
گهڻائي جي خبر ٻڌي، سمجهيائين ته جنگ ڪرڻ ۽
نادر شاهه جي ظالم لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي،
تڏهن صـُـلح جو ارادو ڪري، نادر شاهه جي
استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ ڪرنال وٽ اچي نادر
شاهه سان ملاقي ٿيو. پوءِ اتان ٻئي بادشاهه
جهان آباد آيا. محمد شاهه اسد برج ۽ نادر
شاهه، شاهه برج ۾ منزل انداز ٿيا. ان دوران
اوچتو نواب سعادت خان، بادشاهي قلعي ۾ گذاري
ويو
منصبدران سندس جنازو قلعي ۾ منهن ڏيکارڻ لاءِ
ٻاهر آندو. جيئن ته ٻين کي نواب جي موت جي
خبرڪانه هئي، ان ڪري افواهه پکڙيو ته محمد
شاهه اٽڪل ۽ حيلي سان نادر شاهه کي ماريو آهي
۽ جلدي ان جو جنازو قلعي کان ٻاهر نڪرڻ وارو
آهي. تاريخ يارهين ذوالحج جي ڳچ رات گذري، ته
ماڻهن جا ڪٽڪ اچڻ لڳا. نادر شاهه جو لشڪر به
انهن ماڻهن سان گڏ شهر ۾ آيو. نادر شاهه جي
سپاهيءَ کي جنهن به ماڻهو گهٽيءَ يا بازار ۾
ڏٺو ٿي، ته انهن کي ماريو ٿي. نادر شاهه پاڻ
شالامار باغ ۾ فوج جي پهري ۾ سلامتيءَ سان
ويٺو هو. جڏهن نادر شاهه جي سپاهين جي مرڻ جو
هل هنگامو نادر شاهه جي ڪن پيو ته، نادر شاهه
سخت ڪاوڙ ۽ غصي مان صبح سويري ٻاهر اچي، مدرسي
روشن الدولـہ ۾ ويٺو ۽ قتل عام جو حڪم جاري
ڪيو ۽ چيو، ته جنهن به جاءِ تي اسان جي سپاهين
کي ماريو ويو آهي، ان محلي کي لٽي برباد ڪن ۽
ان محلي جو ڪوبه ماڻهو جيئرو نه ڇڏين!
قزلباشن(نادر شاهه جي سپاهين) تلوارن کي خوب
هلايو. ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. جيئن قلعي کان
مسجد جهان نما، پراڻو عيد گاهه ۽ ڪوٽله،
درهاله کان روح الله خان جي مسافر خاني تائين
ماڻهو ماريا ۽ ڪــُـٺا ويا. لڙيءَ منجهد تائين
خون خرابي ۽ مار ڌاڙ جي بازار گرم رهي.
تقريباً اسي هزار ماڻهو چاندني چوڪ ۽ گهٽين
بازارن ۾ مارجي ويا. آخرڪار نواب نظام الملڪ
آصف جاه ۽ نواب قمر الدين خان وزير، نادر شاهه
وٽ فرياد فرياد ۽ الامان الامان ! چئي عاجزيءَ
۽ سفارش پيش ڪئي، تڏهن وڃي نادر شاهه جي ڪاوڙ
جا شعلا ٺريا ۽ باقي رهيل ماڻهن کي جيئدان
مليو:
به نيم غمزه تواني ڪه قتل عام ڪني
نعوذ باالله اگر غمزه دا تمام ڪني!
مطلب ته، اک جي اڌ اشاري سان ئي قتل عام ڪري
ٿو سگهين. الله جي پناهه ٿا گهرون، جيڪڏهن اک
جو پورو اشارو ڪرين!
سيد نياز خان(نواب قمر الدين خان وزير جو
نياڻو) شهسوار خان قراخان جو ڀاڻيجو، حافظ راي
مان ۽ ٺيڪل هزاري، جيڪي نادر شاهه جي سپاهين
کي ڦٽي ماري، شهر کان ٻاهر هليا ويا هئا.نادر
شاهه جي حڪم سان انهن کي گهرائي سندن پيٽ
چيريو ويو. نواب وزير جي روبرو، نواب جي ديوان
مجلس راي جا نادر شاهي حڪم سان ڪن ڪپيا ويا ۽
ان جي پٽ جو پيٽ چيريائون. مطلب ته بهادرن جو
مٿو، سينو، هٿ ۽ پير ٻڌي ڀڃي وڍيا ۽ چيريا
ويا.
نادر شاهه تقريباً ٽي مهينا شاهه جهان آباد ۾
رهيو. نادر شاهه پيسا ڏوڪڙ مال متاع ، بي
انداز هيرا جواهر ۽ شاهه جهان بادشاهه جو
طائوسي تخت سڀ لٽي ڦري، ماه صفر جي اڌ ڌاري
(سن 1152هه) ۾ کڻي ايران ملڪ ڏي موٽيو. ڪنهن
شخص دهليءَ جي برباد ٿيڻ جي تاريخ هن جملي مان
ڪڍي آهي:
”دلي خراب شد“ يعني دهليءَ جو شهر برباد
ٿيو. هن جنگ ۾ هندستان جي بادشاهه طرفان
ايراني فوج سان سخت ۽ دليريءَ سان مهاڏو ڏنو ۽
مقابلو ڪيو. انهن ۾ دوست ۽ بلگرامي ڀائر، جن
مان هر هڪ فن سپاهگيريءَ ۾ مشهور هو. جيئن مير
محمد محسن عرف سيد روشن ۽ سندس ساٿي جن جنگ ۾
بهادريءَ ۽ دليريءَ سان منهن ڏنو هو. آخرڪار
تاريخ 15 - ذوالحج تي شهادت جو شربت پيتائون.
انالله وانااليہ راجعون
شهيدن جا نالا
(سڀني تي الله جي رحمت هجي!)
ميدان پوره محله کان(8 ڄڻا):
(1) مير محمد محسن عرف سيد محمد روشن جماعتدار
(2) سيد حسين رضا بن مير يحيٰ، ويهن سالن جو
نوجوان
(3) سيد غلام رسول ولد سيد غلام مصطفيٰ، بهته
قبيلي جو
(4)سيد سبحان علي عرف باقي بن مير سيد احمد
ميڊه پٽ سميت
(5)مير نورالهديٰ، پنجاهه سالا
(6) سيد فضل الله بن سيد نجابت - هن سيد کي
شادي ڪئي هڪ هفتو مس گذريو هو، جو جنگ لاءِ
روانو ٿيو هو.
(7) سيد شجاع بن سيد عليم الله
(8) (؟)
سيد واڙه محلو ۽ قاضي پور(چار ڄڻا):
(1)سيد عظيم بن سيد قريش بن مير ابوالقاسم
(2) سيد دين محمد ولد سيد باقر بچهي
(3) (؟)
(4) (؟)
قاضي پوره مان(ٻه ڄڻا)
(1)شيخ روح الامين خان عثماني
(2)مان پـُـٽ ڪشن
سيد محمد محسن جماعتدار جي تاريخ وفات سيد شهر
يار علي بن سيد نواب هن آيت مان ڪڍي آهي:قل ان
رحمة الله قريب من المحسنين . ترجمو: ”چئو ته
بيشڪ الله جي ٻاجهه ڀلارن کي ويجهي آهي“ (پارو
8، سورت اعراف، رڪوع 7) (تبصرة الناظرين ص
187)
1152 هه - نادر شاهه سنڌ ۾
هن سال نادر شاهه بادشاهه جنهن وقت هندستان جي
ڪم کان واندو ٿيو ته، سنڌ جي رستي ايران ملڪ
موٽڻ جو ارادو ڪيو. احتياط طور
ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙو بکر ۽
سيوستان جو زميندار، نادر شاهه جي خوف ۽ سندس
لشڪر جي خطري کان خدا آباد ڇڏي، امرڪوٽ هليو
ويو. بنده مير محمد بلگرامي ڪتاب جي مصنف کي
ميان نور محمد
سيوستان جي موڪل ڏني. جيئن ته امرڪوٽ
مضبوط قلعو ۽ وچ ٿر ۾ پري آهي. امرڪوٽ جي
چوڌاري چاليهن ڪوهن تائين ساوڪ ۽ پاڻي به
ڪونهي، پر نادر شاهه لشڪر سميت ڌوڪيندو وڃي
امر ڪوٽ ۾ ٺڪاءُ ڪيو. لاچار ميان نور محمد هٿ
ادب جا ٻڌي، قرآن شريف کڻي، نادر شاهه وٽ ويو.
نادر شاهه سخت ڪاوڙ مان ميان نور محمد ڏي منهن
ڪري پڇيو ته، ”چرا از مان گريختي و اين جا
پناه چون آورده اي؟“ مطلب ته، اسان کان ڇا
لاءِ ڀڳين ۽ هتي پناهه ڇو ورتي اٿئي؟ ميان نور
محمد ڪلهوڙي حڪمت عمليءَ سان جواب ڏنو ته،
”احقر ستن پيڙهين کان هندستان جي بادشاهن جو
خدمتگار آهي، جيڪڏهن هن وقت اوهان جو ساٿ ڏجي
ها، ته بي وفا سڏجان ها!“ نادر شاهه، ميان
صاحب جي هن معقول جواب کي پسند ڪيو. هڪ هفتي
کانپوءِ ميان صاحب کي خلعت، گهوڙو ۽ تلوار عطا
ڪئي ۽ اڳئين وانگر ملڪ به ميان نور محمد جي
حوالي ڪيو ۽ پاڻ نادر شاهه هن ئي سال جي آخر ۾
اڳتي روانو ٿيو.
1155هه مصنف جو سنڌ کان بلگرام ڏانهن موٽڻ
هن سال راقم الحروف (سيد مير محمد بلگرامي)
تاريخ 8 - شعبان تي سيوستان کان خدا آباد ويس
ليکڪ مهربان ميان نور محمد خان کان پنهنجي
وطن هندستان وڃڻ جي موڪل وٺي، 12 - شعبان تي
وري سيوستان پهتو. سفر جي سامان، گهوڙي ۽ اٺ
جي خريداريءَ ۾ مشغول ٿيو. آخر تيار ٿي رمضان
المبارڪ جي 25 - تاريخ اتان روانو ٿيو. الله
جي مهرباني، عافيت صحت سلامت ۽ بااهل و عيال،
سنڌي هندي ساٿين سان گڏ، سنڌ ۾ هن ڀيري ڏهه
سال گذارڻ کان پوءِ خير خوبيءَ سان 27 -
محرم(سنه 1156هه) تي پنهنجي اصلي وطن شاعرن
جي سر زمين بلگرام پهچي، الله جو شڪر بجا
آندم، جيئن هڪ شاعر ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي:
”مون کي پنهنجو شهر يا وطن پيارو آهي، جيتوڻيڪ
ان ۾ مون کي تڪليفون جاري ٿين يا اگهاڙو ۽
اڃيو بکيو هجان، پوءِ به وطن عزيز آهي.“
”مسافريءَ جي گل گلستان کان وطن جو قيد به
ڀلو آهي.“ حضرت يوسف عليہ السلام جن جي قول
موجب: ”مصر جي بادشاهي کان ڪنعان جو کوهه وڌيڪ
فرحت بخش آهي.“
ان کانپوءِ هن وقت تائين پنهنجي وطن ۾ آهيان ۽
ڪنهن به امير ۽ وزير جي دروازي تي نه ويو
آهيان.
1155هه - مـُـنڊي
هن ئي سال بنده، عقيق يمني منڊيءَ جو ٻڙو،
سيوستان مان لاهور شهر ۾ خان عالي شان منعم
خان ڏي موڪليو، ته ان تي منهنجي پيءُ مير
عبدالجليل بلگرامي، محمد
ﷺ
نالي واري سجع نقش ڪري موڪلي، سجع هيءَ آهي:
محمد
ﷺ است ز روز ازل جليل القدر
ترجمو:محمد
ﷺ،
روز ازل کان وڏي شان وارو آهي.
البت منڊي خدا آباد ۾ تيار ٿي. اها ٻڙي واري
منڊي رجب مهيني ۾ هٿ ۾ پاتم، اڳ ۾ بنا سجع جي
منڊي پائيندو هوس.
1156 هه - اها صورتحال جا سنڌ ۾ نادر شاهه جي حملي وقت پيدا ٿي
هن سال ۾ راقم الحروف ميرمحمد بلگراميءَ جو
سنڌ ملڪ مان هندستان ڏانهن موٽڻ ٿيو. پهريان
سيوستان مان ٻيڙي رستي روانگي ٿي. پندرهين
ڏينهن بکر پهچڻ ٿيو. بکر ۾ ٻيڙيءَ کي ڇڏي. اٺ
ڀاڙي تي ڪيا ويا. جيسلمير جي رستي سوداگرن جي
قافلي سان مار واڙ روانگي ٿي. قافلي ۾ سوداگرن
جا سؤکن اٺ بار سان لڏيل هئا. بکر شهر مان
روانگي کان پوءِ رستي ۾ وڏا شهر جيسلمير،
پوهڪرن، ميرٺ ۽ جينگر نظر آيا. مطلب ته اڪبر
آباد ۾ ان رات پهتاسون، جنهن رات هندو هولي
ملهائي رهيا هئا.
اڪبر آباد ۾ ڪن شين خريد ڪرڻ ۽ ضروري ڪم ڪار
لاءِ هڪ هفتو رهڻو پيو.
تانته 27 تاريخ محرم ، سنه 1156هه ۾ جان مال،
بااهل عيال ۽ خير خوبيءَ سان پنهنجي وطن پهتس.
والد بزرگوار کي فاتح بخشيم ۽ جيجل ماءُ جي
قدمن چمڻ جي سعادت نصيب ٿي. اها اميد ۽ آرزو
گهڻن ڏينهن کان دل ۾ هئي، جا الله تعاليٰ
پنهنجي مهربانيءَ سان پوري ڪئي.
سيوستان ڇڏڻ جو سبب:
سيوستان امن واريءَ جاءِ، ملتان ۽ ٺٽي صوبي جي
وچ تي آهي. منهنجو سيوستان مان اچڻ جو سبب اهو
هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ ملڪ تي غلبو ڪيو ۽
ميان نور محمد ڪلهوڙو ان جي فرمان جو محڪوم
ٿيو. نادر شاهه هر سال چوڏنهن لک رپيا خراج،
ميان صاحب تي مقرر ڪيو. ان خراج اڳاڙڻ لاءِ
نادر شاهه وزير، وڪيل ۽ چار سؤ سوار مغل مقرر
ڪيا،ته خدا آباد مان ميان نور محمد ڪلهوڙي کان
خراج وصول ڪري، نادر شاهه جي حضور ۾ پهچائين.
جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا، ته هر شهر ۽ لشڪر تي
ڪاهه ۽ قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون. جتي ڪو
ڀلو گهوڙو ٿي ٻڌائون، ته اتي پهچي ان کان اهو
گهوڙو کسيائون ٿي. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس
ٿي، انهن سان ڪنهن به طرح پڄي نه ٿي سگهيو.
اهڙيءَ طرح ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا
جانور ۽ سٺو ڪپڙو هو، ته اهو به زوري ڦري ٿي
ورتائون.
اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور جي ڪري، بنده راقم
مير محمد بلگراميءَ جي دل ڀڄي پئي، جو آءٌ به
باعيال اتي سنڌ ۾ هئس.
سنڌ ملڪ ڇڏڻ جو ٻيو سبب اهو آهي، جو ٻنهي
بادشاهن معاهدو ڪيو، ته سنڌودرياءَ جو پاڻي
جيڪو هندستان جي طرف آهي، اهو محمد شاهه جو
هوندو ۽ اهو پاڻي جيڪو خراسان طرف آهي، سو
پاڻي نادر شاهه جي قبضي ۾ هوندو. ان ڪري نادر
شاهه کان پوءِ سنڌ ملڪ جي صوبي ٺٽي، سيوستان ۽
بکر سرڪار مان محمد شاهه جا منصبدار دهلي ويا،
پر بنده سيد مير محمد بلگرامي کي ميان نور
محمد خان پاڻ کان جدا ڪرڻ نه ٿي گهريو. بنده
کي هن کان ٻه سال اڳ سياري جي موسم ۾ سفر
سڻائو هو، ميان نور محمد خان کان وطن وڃڻ جي
لاءِ موڪل گهريم، پر نه ڇڏيائون.
ٽئين سال جي سياري ۾ وري وطن وڃڻ جو ارادو
ظاهر ڪيم ۽ عرض ڪيم، ته قرب ڪري قبول
فرمايائون، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي موڪل
لاءِ هيءُ عرضنامو لکيم:قبله، مقبلان، بادشاهن
جا بادشاهه سلامت! مطلب ته، فقير کي جيجل ماءُ
جي قدمبوسيءَ جو تمام گهڻو شوق آهي ۽ ان کي به
منهنجي ڏسڻ جو تمام گهڻو آسرو ۽ اونو آهي، جو
پيرسنيءَ ۾ من هڪ ڀيرو مون کي ڏسي سگهي. ان
کانسواءِ دل ۾ اهو به ارمان آهي، ته موت جو
وقت مقرر ڪونهي، بنده جي خبر وطن ڪيئن پهچندي؟
جڏهن ته منهنجو ڀاءُ، ڀائٽيو، پراڻو همدرد
خدمتگار به هن فقير وٽ ڪونهي، ان حالت ۾ هڪ
سال جي موڪل جي اميد آهي ته وطن پهچي والده
سڳوريءَ کي ڏسان، جنهن به وقت بادشاهه سلامت،
قريب ۽ قدردانيءَ ڪري، بندي کي ياد ڪيو ۽ مون
کي گهرائڻ جو خط موڪليندا، ته ان نياپي ذريعي
اچي خدمت ۾حاضر ٿيندس.... بهرحال حياتي ٿوري ۽
اميدون گهڻيون آهن.
(- سيد محمد بن مير عبدالجليل بلگرامي
|