سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :7

 

ميرن جي درٻار

 

(سنه 1828ع ۾، جيمس برنس نالي هڪ انگريز عملدارن، سنڌ جي ميرن جي ڪوٺ تي، مير مراد علي خان جي علاج ڪرڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ هن پنهنجي سنڌ جي انهيءَ سفر بابت هڪ ڪتاب لکيو. بولچند ڏيارام نالي هڪ صاحب آڳاٽو، هي احوال انهيءَ ڪتاب مان ترجمو ڪري ڇپايو هو. پوءِ ڪجهه عرصو هي مضمون اسڪولي شاگردن جي درسي ڪتابن ۾ شامل رهيو. هاڻي انهيءَ سڄي ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، محترم محمد حنيف صديقيءَ کان ڪرايو آهي، جو ڇپجي رهيو آهي - اداره)

سنڌ جي ميرن جي درٻار جو نمونو ڪهڙيءَ نزاڪت ۽ حسن وارو هو، تنهن جو بيان هڪ وڏي انگريز عملدار، جيمس برنس، ڏنو آهي. هو مشهور جراح ۽ طبيب هو، ۽ مير مراد علي خان جي دوا درمل ڪرڻ لاءِ ميرن ڪڇ مان سڏايو هو. هي صاحب سال 1827ع يا 1828ع ڌاري سنڌ ۾ آيو هو. هو لکي ٿو ته: تاريخ 10 نومبر جي حيدرآباد ۾ پهتس. شهر مان لنگهندي، مون ڏاڍو چهچٽو ڏٺو. حشام ماڻهن جا، منهنجي اچڻ جو ٻڌي، مون کي ڏسڻ لاءِ ميڙ ڪري آيا. سڀيئي منهنجي ڏوليءَ جي چوڌاري ٿي بيٺا - مرد ته ڇڏيو، پر زالون به مون کي ويڙهي وييون. ميرن جي سپاهين، ماڻهن کي پٺتي هٽائڻ لاءِ ڏاڍي ڊڪ لاتي، پر ايڏي ته انهن کي يوروپي صاحبلوڪ جي منهن ڏسڻ تي دل هئي، جو سپاهين جا ڌڪ پئي سَٺائون، پر پٺتي نٿي هٽيا. آخر جڏهن مان قلعي جي دروازي وٽ آيس، تڏهن مون کي مير صاحبن جي ڪچهريءَ ڏانهن نيائون.

قلعي ۾ نڪو هو گوڙ نڪو گائلو. سانت لڳي پيئي هئي. اڃا ڪي سنهڙيون گهٽيون لتاڙي رهيس، ته يڪدم هڪ وڏو اڱڻ اڳيان آيو، جتي ڪيترا سنڌي ماڻهو خاص پوشاڪ پهري ويٺا هئا. ڀتين تي ڪمانگري چِٽ هئا، ۽ پٽ تي قسمين قسمين غاليچا ۽ فرش فروش وڇايا پيا هئا. اڱڻ جي هڪڙي پاسي وڏن مرغولن سان ٽي دروازا هئا، جن جي اڳيان سائي ماهوت جا پردا ٽنگيل هئا. انهن مان هڪ دروازي وٽ مون کي ميرن جو وزير ۽ ٻيو هڪ عملدار * وٺي ويا. اڃا مون هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريو ته اوچتو ميرن جي خدمتگارن اچي، منهنجو بوٽ لاٿو، ۽ پوءِ مون کي ميرن جي منجين وٽ وٺي هليا. اتي هڪ ڏاڍو عجيب نماءُ ڏسڻ ۾ آيو، جو مون کي ڪڏهن نه وسرندو. ننڍي هوندي مون الف ليليٰ ۽ ٻين ڪتابن ۾ بادشاهه ۽ حاڪمن جي ڪچهرين جي تجمل ۽ ڏيک ويک جا گهڻا بيان پڙهيا هئا، پر هينئر جو مون پنهنجي اکين سان ايڏي جلويدار ۽ شان شوڪت واري ڪچهري ڏٺي، سو ڏاڍو خوش ٿيس. ڇا ڏسان ته هڪڙي شاهي ۽ رونقدار صفحي ۾ ڏاڍا اُچا ۽ قيمتي ايراني غاليچا پيا آهن. هڪڙي پاسي ڪيترا شڪيل ۽ اُچون پوشاڪون پهريل مير ويٺا آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ ٻه مکيه مير: مير ڪرمعلي خان ۽ مير مراد علي خان، جن تي حڪومت جي پڳ هئي، سي هڪ اَڇي اطلس جي گديءَ تي چڙهيا ويٺا آهن. گاڏيءَ تي پٽ ۽ زريءَ جو عمدو ڪم ٿيل هو، ۽ ان جي چئني ڪنڊن تي سونا جهاٻه ٻڌل هئا. گديءَ جي پٺيان هڪ وڏو سوسني بخمل جو طول هو، جنهن تي ڪنڍيءَ - ڀرت جا سونهري گل هئا. انهن ميرن جي ٻنهي پاسن کان سندن عزيز خويش ويٺا هئا. جهڙوڪ مير صوبدار خان، مير محمد خان ۽ مير مراد علي خان جا پٽ مير نصير خان ۽ مير نور محمد خان. انهن کان ٿورو پرڀرو سندن مامو مير محمود خان ۽ ان جا پٽ مير احمد خان ۽ جهان خان ويٺا هئا، سڀني ميرن جي پٺيان سندن خذمتگار، جن کي تراريون ۽ ڍالون ٻڌل هيون، سي چڱيون پوشاڪون پهري بيٺا هئا. هر جاءِ صفائي ۽ سٺائي حد هئي. مان ڀانئيندو هوس ته هندستان جا ڏيهي راجائون، نواب، امير امرا ِّ، ۽ سندن عهديدار ۽ خدمتگار ڀڀڪيدار ۽ چلڪندڙ پوشاڪون، قيمتي هٿيار ۽ ٻيو سامان سڙو گهڻو چاهيندا آهن، پر کين صفائيءَ ۽ نزاڪت لاءِ گهڻو قدر ڪونهي. ڪيترن هندو راجائن جي درٻارن ۾ مون ڏٺو هو ته زري زربفت، سون ۽ جواهرن جو ڏيک گهڻو هو، پر صفائيءَ جو منجهن چاهه ڪونه هو. ميرن جي درٻار ۾ سٺائي ۽ صفائي ايتري هئي، جو ڏسي ومن کي تعجب وٺي ويو. سڀني ميرن جي روش مون کي ڏاڍي پسند آئي. بيشڪ پنهنجي عالي درجي ۽ عهدي جا لائق ڏسڻ ۾ ٿي آيا.

ننڍن ميرن ۾ ايتري لياقت ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جو ورلي ڪنهن ڏيهي يا يوروپي ماڻهوءَ ۾ هوندي. اهي ننڍي مير گهڻو ڪري سڀيئي شڪل ۾ چڱا هئا. چهرا سندن اڇا، پيشاني کليل، وار ڀؤنرَ جهڙا ڪارا، ۽ اکيون خوشنما ۽ جلويدار. پر انهن سڀني خوبصورت ميرن ۾ مير نصير خان جهڙو سهڻو ۽ شڪيل ٻيو مير ڪونه هو. جهڙي مون کي ميرن جي شڪل وڻي، اهڙو ئي مون کي انهن جي درٻار جو ڊول پسند آيو. ٻيا جيڪي سندن حاضريءَ ۾ هئا، سي به وڏي درجي وارا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. درٻار ۾ ڏاڍو ادب ۽ نياز هو. نڪو گوڙ، نڪو آواز! سڀ ڪم ڌيرج ۽ سانت سان ٿي هليو. نشست و برخاست ۾ ننڍي وڏي اهڙي فضيلت ۽ لياقت ٿي ڏيکاري، جو مون کي عبرت وٺي ويئي. جهڙوئي شان ۽ شوڪت هو، تهڙي ئي لياقت ۽ فضيلت.

جڏهن مان درٻار جي صفحي ۾ آيس ته سڀ مير مون کي اُٿي گڏيا. مون کي مير ڪرمعلي ۽ مير مراد علي جي ڀرسان سامهون ويهاريائون. پوءِ مون سان فارسيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. پهريائين خوش خير و عافيت پڇي، منهنجي گهڻي مرحبا ڪيائون، پوءِ مير ڪرمعلي خان مون کي چيو ته "توهين اسان جا خاص مهمان آهيو، هر شيءِ توهان لاءِ موجود آهي. اسان پنهنجي وڏي وزير کي توهان جو خاص مهماندار مقرر ڪيو آهي، ۽ ان کي فرمايو اٿئون ته جيڪي به اوهين طلبيو، سو توهان کي موجود ڪري ڏئي. توهان جي رهڻ واسطي اسان هڪ وڏو باغ مقرر ڪيو آهي، تنهن ۾ جي توهين رهو ته توهان جي مرضي، پر جي اسان سان گڏ قلعي ۾ رهو ته به توهان جي مرضي. اسين هر طرح اوهان جي خدمت ۽ خاطري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون." پوءِ مون کان ٻيون خبرون چارون پڇيائون. بمبئيءَ جي گورنر ۽ انگلنڊ جي بادشاهه جي چڱڀلائيءَ بابت پڇا ڪيائون، ۽ چيائون ته "اسين سندن هر طرح نيازمند آهيون." هي سمورو بيان ڏيکاري ٿو ته سنڌ جا اڳيان حاڪم ڪي جاهل ڪين هئا، پر سڌريل ۽ نيڪ خصلت هئا: ۽ ايڏيءَ لياقت ۽ فضيلت جا صاحب هئا، جو خود انهن ڏينهن جا يوروپي عملدار جي ساڻن چڱيءَ طرح واقف ٿي ويا هئا، سي به انهن جي ساک مان نٿي ڍاوا. انهن بابت جهڙي راءِ برنس صاحب جي هئي، اهڙي آئوٽرام صاحب ۽ پاٽنجر صاحب جي هئي، جي وٽن ڪيترا سال ايلچي ئي رهيا هئا.

ميرن جو پاڻ ۾ سنٻنڌ گهڻو هو. سندن رهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ گهڻو ڪري گڏ ٿيندو هو. اهي نمازي ۽ پرهيزگار شخص هئا. نشيدار شين کان گهڻو پاسو ڪندا هئا. بهادر خان کوکر، جو مکيه ٻروچ سردار هو، ۽ مير مراد عليءَ وٽ خاص درجي جو جاگيردار هو، سو هڪ دفعي شراب پِي ڪچهريءَ ۾ آيو ته ميرن ان کي ڪچهريءَ مان لوڌائي ڪڍيو، ۽ لشڪر جي سرداريءَ کان برطرف ڪيائونس! مير نه رڳو شراب کان پري هئا، پر آفيم ۽ تماڪ جي پڻ ويجهو نه ويندا هئا. برنس صاحب لکي ٿو ته: کيس ميرن جي ڪچهريءَ جي آسپاس هڪڙو به حقو يا چلم ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.

ڀيڄ ڀنيءَ جو اٿي، هر هڪ مير پهرين پهرين خانگي ڪچهري، گهر ۾ ڪندو هو، جتي هر ڪنهن جي دانهن ڪوڪ اونائيندو هو، * ۽ پنهنجي پنهنجي پرڳڻي يا جاگير جو خلاصو ڪم هلائيندو هو. جڏهن سج اڀرندو هو، تڏهن درٻار جي پوشاڪ پهري ڪچهريءَ ۾ ايندو هو، جتي سڀ مير اچي ڪٺا ٿيندا هئا. سلطنت جي ڪارروائي اتي ٿيندي هئي. جيڪي خط - پٽ رات جو يا اڳئين ڏينهن آيل هوندا هئا، تن جي گذارش ٿيندي هئي، ۽ انهن جا جواب لکبا هئا. پوءِ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ صلاح مصلحت ڪندا هئا - ويندي يارهين بجي تائين. تنهن کان پوءِ هر هڪ مير ويندو هو پنهنجي ديري تي. وري ٻي بجي گڏ ٿيندا هئا، ۽ شام تائين ڪٺا رهندا هئا. رات جو هرهڪ پنهنجي پنهنجي ديري تي وڃي رهندو هو. درٻار ۾ سندن هلت مدمغز هئي، پر ڏاڍي لياقت ڀري. ڪا گستاخي، کل، چرچو، يا ٺٺولي ڪرڻ نه ڏيندا هئا. سڀ خدمتگار ۽ خاصخيلي ڏاڍي ادب سان پٽ تي ويٺا هوندا هئا. درٻار ۾ سڀ مير گڏجي ايندا هئا، ۽ گڏجي ويندا هئا.

 

* ميرن وٽ هڪڙو مختيارڪار دَرَ وارو هوندوهو، جو تعلقن جي ڪاردارن، ۽ محرّرن ۽ ٻين سرڪاري نوڪرن جي مٿان هوندو هو. ----- ليکڪ.

*  اها ڪچهري خاص ٻروچن لاءِ ٿيندي ٿئي.------ ليکڪ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com