ڪوي ڪاليداس
سنسڪرت زبان جا ڪيئي ليکڪ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، پر
انهن سڀني ۾ ڪوي ڪاليداس جهڙو ٻيو ڪونه ٿيو. هو
شايد عيسوي پنجينءَ صديءَ ڌاري رهندو هو. سندس
حياتيءَ جو باب بنارس ۾ شروع ٿيو. پڻس برهمڻ هو.
ڪاليداس ڇهن مهينن جو هو ته پڻس وفات ڪئي. پوءِ
ڪاليداس کي هڪ گاڏير پاليو. جڏهن هو جوانيءَ جي
ڦوهه ۾ آيو، ته سندس لڇڻ سرهاڻ ڪڍڻ لڳا. ان وقت
بنارس جي شهزادي علم ۽ ادب جي شوقين هئي. هن چاهيو
ٿي ته پاڻ ڪنهن وڏي شاعر يا ليکڪ سان شادي ڪري، پر
کيس راڄ ۾ اهڙو ڪوبه ماڻهو نٿي سجهيو. درٻار جا
وڏا وڏا عالم سندس علمي ۽ ادبي حد کان هيٺ ٿي نظر
آيا، تنهنڪري هُن مڙني کي شاديءَ کان ريٽيو. هنن
گڏجي شهزاديءَ کان وير وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ گاڏير
جي پٽ کي گهلي، کيس راجڪمار جا ڪپڙا پهرائي، وڃي
شهزاديءَ جي روبرو حاضر ڪيو. گاڏير جي پٽ کي اڳ ۾
ئي آگاهه ڪيائون ته ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندين. شهزاديءَ
اُن نوجوان جي مشڪندڙ مکڙي تي هرکجي، شادي ڪرڻ جي
خواهش ڏيکاري. ٻيئي ڄڻا مندر ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ويا.
اڃا ڪاليداس ڏاند جي اُڪريل مورت مندر ۾ ڏٺي ئي مس
ته سندس ان لاءِ چاهنا وڌيل ڏسڻ ۾ آئي ۽ سڄو راز
فاش ٿي ويو. شهزاديءَ کي ڪل پئجي ويئي ته ڪاليداس
ڏاند هڪليندڙ جو پٽ آهي. شهزادي ان وقت پاڻيءَ کان
ٻاهر نڪري ويئي. ڪاليداس ڏاڍيون کيس التجائون ڪيون
۽ ليلايو، جنهن تي هن جي دل ڀني ۽ کيس چيائين ته
"ڌڻيءَ کان دعا گهر ته توکي شاعريءَ جي املهه ڏات
عطا ڪري." قدرت الاهي، جو هن کي شاعريءَ جو نُور
مليو ۽ سندس حياتيءَ ۾ نئون روح پيدا ٿيو. ان
تبديليءَ ڪري هن شهزاديءَ کي پنهنجو رهبر ڪري
ليکيو، جا ڳالهه شهزاديءَ کي پسند نه آئي. هن
چاهيو ٿي ته ڪاليداس منهنجي سر جو سائين ٿي رهي.
ڪاليداس ان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي
شهزاديءَ کيس بددعا ڏني ته "جيئن تو مون کي روهه ۾
رلايو آهي، تيئن تون به ڪنهن عورت جي پيار جي دوکي
جو شڪار ٿيندين."
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن راجا اڌ شعر جوڙيو هو ۽ ان جي
پوري ڪرڻ لاءِ ڳرو انعام آڇيو هو. ڪوي پنهنجي
قابليت سان اُهو اَڌ رهيل شعر پورو ڪيو هو. ان
انعام جي لالچ تي سندس پياري موهجي پيئي، ۽
ڪاليداس کي ماري، سندس جوڙيل شعر کڻي ڀڄي ويئي.
ڪوي ڪاليداس راجا جي درٻار جي نون هيرن مان هڪ بي
بها هيرو ڪري ليکيو ويو آهي. انهن نون ڄڻن مان
هرهڪ جدا جدا هنرن ۾ ماهر هوندو هو، جهڙوڪ شعر،
حڪمت، علم هيئت، جوتش وغيره.
مغرب ۾ جڏهن سوچ ويچار تي ڪاري گهٽا ڇانيل هئي،
تڏهن هندستان ۾ ان جي سج تجلا ٿي ڏنا. هومر کان
گهڻو اڳ ويد لکيا ويا هئا. ڪاليداس ۽ سندس همعصر
تڏهن وڌيا ۽ ويجهيا، جڏهن رومَ جي شهر ٻارن وانگر
اڃا بانبڙا ٿي پاتا.
ڪوي ڪاليداس فقط ٽي دفعا پنهنجن ٽن ناٽڪن جي مهاڳن
۾ پنهنجو نالو ڪتب آندو آهي، سو به هٻڪي هٻڪي ڪم
آندل ٿو ڏسجي. انهيءَ مان چئي سگهجي ٿو ته هن پاڻ
لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. سندس زندگيءَ جو
اونهون راز سندس لکيتن مان ظاهر آهي.
ڪوي ڪاليداس جي دست خطن مان ائين به معلوم ٿئي ٿو
ته هن زندگيءَ جو ڳچ عرصو "اُجين" جي شهر ۾ گذاريو
هو. هن، شعر ۾ اجين جي ساراهه گهڻا دفعا ڪئي آهي -
خاص ڪري "ميگهه دوت" ۽ "قاصد ڪڪر" شعر جي پهرئين
اڌ ۾ شهر جي نظارن جو چٽو ۽ دلفريب بيان ڪيو اٿس.
انسان جي فطرتي جمال ۽ قدرت جي ڪماليت جو نقش
نهايت ئي سهڻو چٽيو اٿس.
ڪوي ڪاليداس سڄي هندستان جو سير ڪيو هو. هو
سيلاني، اکيون کولي، هر هڪ حياتيءَ جي ابدي راڳ کي
جاڇي، منجهانئس ڪونه ڪو مطلب ٿو ڪڍي. جيئن اسان جا
شاههَ سائينءَ سنڌ جو سفر ڪري، عجيب و غريب آزمودا
پرايا ۽ انهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ امر ڪيو، تهڙيءَ
طرح ڪاليداس "رگهو ڪل" جي چوٿين ڀاڳ ۾، هندستان جي
سير جو وستار ڪيو آهي. "ميگهه دوت" سندس امنگ ۾،
پر پکيڙي اتانهن جبلن جي چوٽين تي وڃي ٿو ويهي.
همالا جبل ڪويءَ جي خيالن جو اڏو آهي، ۽ ان کي شعر
۾ گهڻو ساراهيو اٿس.
"جنگ جي ديوتا جو جنم" جو شعر، سمورو جبلن ۽ ٽڪرن
جي اڇي اڇي برف جي ذڪر سان پُر آهي. سندس شاعراني
اک کليل هئي. جنهن وسيلي جبلن ۽ گلن ڦلن، درياءَ
جي لهرن جي لچڪ جو شعر ۾ بي نظير آلاپ ڏنو اٿس.
سندس لکيتن مان ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته هن کي گهڻي
علم جي ڄاڻ هئي. سنسڪرت ٻوليءَ جي فقط نحوي بناوت
کي سمجهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سال کپن. ان سموري
علم کي ڪاليداس چڱيءَ ريت ڄاتو هو. هن جي خيال ۾
وڏي بلندي هئي، جنهن ڪري تشبيهن ڪم آڻڻ ۾ ته اصل
حد ڪري گذريو آهي. ناٽڪ نويسيءَ ۽ علم فصاحت تي
عالمن پنهنجي علميت ۽ ماهيت سان جيڪي ڪتاب لکيا
هئا، تن کي هن غور سان پڙهيو هو.
ڪوي ڪاليداس نه صرف لکيل ڪتاب مطالع ڪيا، پر قدرت
جو بي نظير ڪتاب به ڀليءَ ڀت پڙهيو. هن جيڪي ڪي
اکين سان ڏٺو، تنهن کي شاعراني تڪ تور سان، پنهنجي
شعر ۾ ظاهر ڪيو. اسين جيڪي ننڍڙن ٻوٽن ۽ عجب گلن
ڦلن ۽ جيتن ۽ جيتامڙن جي وچ ۾ رهون ٿا، تن کي هن
جا "ڀئونر جهڙا ڪارا وار" ۽ "آسوڪا وڻ، جنهن جو
ڳوڙهن جي منهن ۾ ٻُور ٿو ڇڻي"، ڪهڙا نه دلڪش ٿا
لڳن. هڪ هنڌ لکي ٿو، "نديءَ کي ڪوهيڙي کڻي ڪاريءَ
چادر سان لڪايو آهي. پاڻيءَ تي ڪک ۽ ڪانا گڏ ٿيا
آهن، سي ڄڻ ته نديءَ جا هٿ آهن، جي پاڻ پوشاڪ کي
پکيڙي ان جي سوڀيا کي لڪائين ٿا." صبح جو ڦُٽل گل،
جو سانجهيءَ جو بند ٿئي ٿو، تنهن کي هيئن ٿو ڳائي
"ڪنول گل پنهنجي مرضيءَ خلاف تڪليف سان بند ٿئي
ٿو، ڇاڪاڻ ته هو خوش آمديد جو در پياري ڀئونر لاءِ
بند ڪرڻ نٿو چاهي."
ڪاليداس پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪل ست ڪتاب لکيا، جن مان
ٽي ناٽڪ آهن. ٻه ڪتاب رزمي شعر تي آهن، هڪ ماتمي
شعر ۽ هڪ بياني شعر تي آهي. ناٽڪ "ملويڪا ۽
اگيمترا، "اروشي" ۽ "شڪنتلا" نالي آهن. اهي نثر ۾
لکيل آهن. شعر جا چارئي ڪتاب جدا جدا نموني، مختلف
وزنن تي لکيا ويا آهن، جي سمنڊ جي لهرن وانگر اٿل
پٿل پيدا ڪن ٿا. رزمي شعر جي ڪتابن جا نالا
"رگهوڪل" ۽ "جنگ جي ديوتا جو جنم" آهن. ماتمي شعر
جي ڪتاب جو نالو "قاصد ڪڪر"، ۽ بياني شعر واري جو
نالو "مندن" آهي. اهي سڀ سندس ڦوهه جوانيءَ ۾ لکيل
آهن. ڪاليداس جيتوڻيڪ گهڻو ڪونه لکيو آهي، پر جيڪي
لکيو اٿس سو سڀ "اعليٰ ادب" آهي.
ڪاليداس جي مشهوريءَ جي پرک اهائي آهي، ته گذريل
پندرهن صدين ۾، سنسڪرت جو ٻيو ڪوبه شاعر ايترو نه
پڙهيو ويو آهي، جيترو ڪاليداس. ستينءَ صديءَ جي هڪ
مشهور اديب، سندس ساراهه، ۾ هيئن لکيو: "اهڙي ڪا
دل مون کي ڏيکار، جا ڪاليداس جي پڙهڻ سان لرزش ۾
نٿي اچي! سندس هڪ هڪ سٽ ٽڙيل گلن جو جهڳٽو آهي، يا
ائين چئجي ته ماکيءَ جي لار مثل آهي."
ڪاليداس جي شعر جو گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو
آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا
ويا آهن. سر وليم جونس، 1789ع ۾، انگريزيءَ ۾،
"شڪنتلا" جو ترجمو ڪيو ته اُتي جا ماڻهو ڪاليداس
تي مفتون ٿي پيا.
سچو شاعر فرش تان اڏامي، عرش تي رسي ٿو، ۽ اتان
جيئن "حافظ" شيرازيءَ چيو آهي ته پڪاري ٿو: "مردان
خاڪ هم خبر از آسمان دهند"
ڪاليداس ان سخن جو سچو سالڪ ثابت ٿيو، ان ڪري شعر
۽ سخن جي دنيا ۾ سندس نالو هميشه قائم رهندو.
(سنڌوءَ تان ورتل)
|