نينگر، جنهن ڊپ
سکيو
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن سمي، هڪ شخص کي ٻه پٽ هوندا
هئا. وڏو پٽ ڏاڍو ڦڙت ۽ چالاڪ هوندو هو. هن کي
جيڪو به ڪم سونپيو ويندو هو، سو وڏيءَ سمجهداريءَ
۽ پڙتائيءَ سان ڪندو هو. ۽ ننڍو نينگر البت موڳو ۽
سست هوندو هو، ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪين ايندي
هيس؛ رڳو پيو هيڏانهن هوڏانهن رلندو وتندو هو.
ڪنهن ڪم ڪار جو ته ڏانءُ ئي ڪين ايندو هوس. ماڻهو
کيس ڏسي چوندا هئا ته ”خدا شل ههڙا پٽ ڪنهن به
پيءُ کي نه ڏئي!“
ڪم ڪار جي سڄي مصيبت وڏي پٽ جي سر تي هوندي هئي.
ڪوبه ڪم کيس چوندا هئا ته ڊوڙي ڪري ايندو هو. پر،
هو البت ڊڄڻو هوندو هو. اتفاق سان جيڪڏهن پڻس ڪنهن
ڪم لاءِ، يا ڪا شيءِ وٺڻ اچڻ لاءِ کيس مير
اونداهيءَ شام يا رات جو ڪيڏانهن اماڻيندو هو، ته
چوندو هو، ”بابا، مون کي ته ڀئو ٿو ٿئي!“
شام جو جڏهن ڳوٺ ۾ ڪچهري ٿيندي هئي، ۽ ماڻهو مچ تي
ويهي آکاڻيون ٻڌندا هئا، تڏهن ڪنهن ڀوائتيءَ
آکاڻيءَ کي ماڻهن جا وار ڪانڊارجي ويندا هئا – ڪن
کي ته ڏڪڻي وٺي ويندي هئي؛ ۽ ڪي ته وچ ۾ ائين به
چئي ڏيندا هئا ته ”ٻيلي، اسان کي ته ڀئو ٿو ٿئي!“
ننڊو نينگر به مچ کان ٿورو پرڀرو، هڪڙي ڪنڊ ۾
ويٺو سڀني جون ڳالهيون ٻڌندو هو. هن کي عجب لڳندو
هو ته ”آخر هي چون ڇا ٿا! جنهن کي ڏس، سو پيو چوي
– ’مون کي ڀئو ٿو ٿئي! مون کي ڊپ ٿو لڳي! مون کي
ته ڏڪڻي ٿي ٿئي!‘ آخر اهو ڀئو ۽ ڊپ آهي ڪهڙي بلا؟
مون کي ته ڪڏهن به ڀئو ڪونه ٿيو آهي. متان اهو ڀئو
به ڪو هنر آهي جو اڃا منهنجيءَ سمجهه ۾ ئي نٿو
اچي!“
هڪڙي ڏهاڙي پڻس کيس سڏي چيو، ”ابا، تون انهيءَ ڪنڊ
۾ سڄو ڏينهن نڪمو ٿيو ويٺو آهين. هاڻ ته ڏاڙهي اچي
منهن ۾ ٿي اٿئي، مڙس ماڻهو اچي ٿيو آهين، ڪي
پراءِ ته پنهنجي روزيءَ ڪمائڻ جهرو ٿين. ڀاڻي کي
ڏس، هنر پرائڻ لاءِ ڪيتري نه محنت ۽ جاکوڙ ٿو ڪري.
تون ته اهڙو نٺر آهين، جو نصيحت جو توتي ڪو اثر ئي
ڪونه ٿو ٿئي.“
ننڍي نينگر ورندي ڏني، ”بابا، هاڻ منهنجي دل به
ڪجهه سکڻ تي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو وجهه ملي ته
آءُ ڀئو ڪرڻ سکي پوان. اڄ تائين مون کي بنهه خبر
نه آهي ته ڀئو ڪيئن ٿيندو آهي.“
وڏي ڀاءُ جو اها کل جهڙي ڳالهه ٻڌي، سو ٽهڪ نڪري
ويس – دل ۾ چيائين ته ”مار، منهنجو ڀاءُ ته ڪو وڏو
ڇسو بيوقوف آهي. افسوس، هو سڄي حياتيءَ ۾ ڪوبه چڱو
ڪم ڪري ڪين سگهندو. هاڻ ته مڙس ماڻهو اچي ٿيو آهي.
ڏاهن به چيو آهي ته ڪاٺي جيسين آلي هوندي، تيسين
ان کي موڙي به سگهبو، پر جي سڪي ويئي ته ان کي
موڙڻ محال آهي.“
پڻس به ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو – ٿڌو ساهه کڻي
چيائين، ”ابا، ڀئو ته تون کڻي سکي به وڃين، پر
پنهنجي روزي ڪمائڻ تون هرگز ڪين سکي سگهندين.“
اتفاق سان هڪڙي ڏينهن، مسجد جو مُلو هنن جي گهر
مهمان ٿي آيو. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي،
ويچاري پيءُ، پٽ جا ڏک سور ويهي رنا، ته ’اچيس ڪي
به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن هنر پرائڻ کان به نابري واريو
ويٺو آهي –‘ چيومانس ته ’روزي ڪمائي کائڻ لاءِ ڪي
پراءِ، ته جواب ڏنائين ته آءٌ پهرين ڀئو ڪرڻ
سکندس! اهڙو ڪو مثال ڏٺوَ!“
ملي تنهن تي چيو ته”جيڪڏهن هو فقط ڀئو سکڻ ٿو
گهري، ته مون وٽ ڇڏي ڏسينس، پاڻهي سکي پوندو. مون
وٽ هلي رهي پوءِ آءٌ پاڻهي ٿو سڌاريانس!“
پڻس جون ته اکيون ٿڌيون. ڇوڪرو جي سڌري پويس ته
ٻيو ڇا گهرجيس، سو خوشيءَ سان موڪل ڏنائيس ته ڀلي
مُلو نينگر کي پاڻ سان وٺي وڃي. مُلي، نينگر کي
ٻانگ ڏيڻ جو ڪم سيکاري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن گذريا ته مُلي آڌيءَ رات جو وڃي ڇوڪر
کي ننڊ مان جاڳايو، ۽ چيائينس ته ”مسجد ۾ وڃي
مناري تي چڙهي، ٻانگ ڏيئي اچ.“ دل ۾ چيائين، ’اڄ
آءٌ ٿو هن کي سيکاريان ته ڀئو ڪيئن ٿيندو آهي!‘
جڏهن نينگر ٻانگ ڏيڻ لاءِ مناري تي چڙهيو، ته ڇا
ڏسي ته هڪ سفيد سفيد شڪل ڏاڪڻ وٽ دريءَ جي ويجهو
بيٺي هئي.
هن واڪو ڪري چيو، ”ڪير آهي؟“ پر انهيءَ شڪل نڪو ته
ڪو جواب ڏنو، نڪي وري اتان چُري پُري.
نينگر وري به واڪو ڪري چيو، ”جواب ڇو نٿو ڏين؟ يا
جواب ڏي يا ماٺ ڪري هليو وڃ. رات جي وڳڙي ۾ هت
تنهنجو ڪهڙو ڪم آهيئ“
پر اها شڪل ائين ئي بيٺي رهي. حقيقت ۾ اهو مُلو
هو، جنهن اها شڪل بنائي، نينگر کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو
ته اهو جنّ يا ڀوت آهي. نينگر وري پڇيو، ”آخر توکي
ڇا گهرجي؟ ڪڇين ڇو نٿو – جيڪڏهن ماڻهو آهين ته مون
کي ٻڌاءِ، نه ته آءٌ ٿو هتان چاڙهيءَ تان ڌڪو
ڏيانءِ – ڪڇين ٿو يا نه؟“
مُلي دل ۾ خيال ڪيو ته ڇوڪرو اهي دڙڪا رڳو ڊپ جي
ڪري ٿو ڏئي، ۽ هو مون کي ڏاڪڻ تان ڪيرائيندو بنهه
ڪين؛ سو وري به ماٺ ڪري ويٺو رهيو. نڪو اکر
ڪڇيائين ۽ نڪي ڪا چرپر ڪيائين – ڄڻ ته ڪو پنڊ پهڻ
هو.
نينگر وري ٽيون ڀيرو چتاءُ ڏنس، پر جڏهن ان تي به
چرپر نه ٿي، تڏهن وٺي ڊوڙ پائي انهيءَ ڀوت جهڙي
شڪل کي اهڙو ته ٿيلهو ڏنائين، جو ٿڙندي ٿڙندي ڏهه
ڏاڪا وڃي هيٺ زور مان ڪِري پئي، ۽ بنا حرڪت اتي ئي
ڪنڊ ۾ پئجي رهي. نينگر مٿي چڙهي ٻانگ ڏئي، موٽي
گهر ويو. ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪيائين، ۽ ماٺ ميٺ
۾ وڃي سمهي رهيو. گهڙيءَ ۾ گهري ننڊ وٺي ويس ۽
کونگهرا هڻڻ لڳو.
هوڏانهن مُلي جي زال، مُلي لاءِ ترسيو ويٺي هئي ته
اجهو ٿو اچي. پر جڏهن ڪافي رات گذرڻ تي به مُلو نه
آيو ته ويچاريءَ کي اچي ڊپ ورتو ته الاجي مڙسم کي
ڇا ٿيو؛ متان ڪنهن جيتو جنتر چڪ ته نه پاتس – متان
ڪٿي ڪري ته نه پيو! آخر ڊپ وچان اچي ڇوڪر کي ننڊ
مان جاڳايائين، ۽ چيائينس ته ”ابا، تو ڪو مڙسم کي
ڏٺو؟ تنهنجي وڃڻ کان به اڳ مسجد ڏانهن ويو هو.“
نينگر چيس، ”نه مائي، مون کي ته مڙسهن جي خبر
ڪانهي؛ باقي البت مناري جي ڏاڪڻ تي دريءَ جي
سامهون ڪو ماڻهو پنڊپهڻ ٿيو بيٺو هو. مون گهڻائي
آواز ڏنامانس، پر نڪي جواب ٿي ڏنئين، ۽ نڪي ڪا
چرپر ٿي ڪيائين. اتي جو اتي بيٺو رهيو. مون خيال
ڪيو ته ڪو چور چڪار آهي، سو وٺي ڏاڪڻ تان هيٺ ٿلهو
ڏنومانس. جيڪڏهن اهو مڙسهين هو، ته پوءِ ڏاڍي خراب
ڳالهه ٿي!
مُلي جي زال جو اهو ٻڌو، سا وٺي مسجد ڏي ڀڳي. جان
اچي ڏسي ته مُلو هڪ ڪنڊ ۾ پيو ڪنجهي ۽ ڪُڻڪي، مٿي
مان رت ٺينڍيون ڪري پئي ويهس. زال هٿ لاتس ته
دانهن نڪري ويس – ”گهوڙاڙي، منهنجي ٽنگ ويئي!“
مُلي جو ڌڪو کاڌو هو، سو ان ۾ هڪڙي ٽنگ مرڳو ئي
ڀڄي پيئي هيس. زال وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئي ته ”هاءِ،
ويچارو منهنجو مڙس منڊو ٿي پيو!“ پوءِ ته جيئن
تيئن ڪري مڙس کي گهر پهچايائين - ۽ پوءِ واڪا ڪندي
آئي نينگر جي جي پيءُ وٽ ته ”تنهنجي پٽ ته اسان
لاءِ ٻائيتال مچائي ڏنو آهي. اسين غريب عذاب ۾ اچي
ويا آهيون. رات منهنجي مڙس کي اهڙو ڌڪو ڏنو اٿس،
جو هن جي ٽنگ ڀڃي وڌي اٿس. پنهنجي لاکيڻي پٽ کي
خدا جي واسطي اسان غريبن وٽان ٽاريو ته اوهان جا
لک احسان!“
نينگر جي پيءُ کي ڏندين آڱريون اچي وييون: بيٺي
پير وڃي پٽ کي مُلي جي گهران وٺي آيو. گهر اچي
ڏاڍي ڇنيڀ ڪڍيائينس – چي، ”هيءُ وري ڪهڙو ٻائيتال
مچايو اٿيئي! ڀانئجي ٿو ته تنهنجي مغز ته تنهنجي
مغز ۾ متان ڪو جنّ اچي پيو آهي، جو اهي ڏنگايون
کڻي شروع ڪيون اٿئي.“
نينگر چيو، ”بابا، منهنجو ڏوهه هجي ته پوءِ کڻي
ڏهه پادر هڻينم. پهرين منهنجي ڳالهه ته سربستي ٻڌي
وڃو. آڌيءَ رات جو ڪاريءَ ٻاٽ، ۾ هو ائين بيٺو هو،
ڄڻ ته ڪا من ۾ بڇڙي سٽي هئائين. مون کي ڪهڙي خبر
ته ڪير هو. ٽي ڀيرا سڏ ڪيامانس ته مَن ڳالهائي يا
اتان ٽري، پر هُو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت!“
پيءُ چيو، ”الا، تو مان نڪي وريو نڪي سريو – تو
مان ته مرڳو سورن ۾ اڙجي ويو آهيان. ٽر منهنجي
منهن تان – وري پنهنجي اها صورت مون کي ڏيکاري
اٿئي، ته پاڻ ٿو ڄاڻين.“
نينگر چيو، ”بابا، جيڪي اوهين چئو ٿا، ائين ئي
ٿيندو. پر رڳو صبح ٿيڻ ڏيو، پوءِ آءٌ ڄاڻان منهنجي
قسمت. پاڻيهي وڃي ڀئو ڪرڻ سکي پوندس. مَنَ انهيءَ
هنر مان آءٌ پنهنجي روزي ڪمائي سگهان.“
پيءُ چيس، ”جيڪي وڻيئي، سو وڃي سک، منهنجي مٿي تان
ته بار لهندو. هان، هي پنجاهه رپيا اٿئي، سڄو جهان
پيو اٿئي، جيڏانهن کپئي، تيڏانهن منهن ڪر. پر هڪڙي
ڀلائي ڪج، ته جهان کي اهو نه ٻڌائج ته تون ڪٿي جو
آهين، يا ڪنهن جو پٽ آهين. منهنجي پت رکجانءِ. مون
کي ته توکي پٽ سڏيندي به لڄ ٿي اچي.“
”اوهين دلجاءِ ڪريو. جيئن اوهان چئو ٿا ائين
ٿيندو. اوهان جيڪو شرط وڌو آهي، سو مون کي به قبول
آهي.“ نينگر وراڻي ڏني.
ڏينهن چڙهيو ته نينگر به پئسا ڳنڍ ۾ ٻڌي، شاهي
رستي تي اچي چڙهيو. سڄي واٽ دل ۾ چوندو ويو ته ’شل
ڪو مون کي ڀئو ٿئي! مَنَ ڪو مون کي ڀئو ٿئي!‘
هلندو وڃي، هلندو وڃي – واٽ ويندي هڪڙو ماڻهو
گڏيس؛ تنهن جو ڏٺو ته هيءُ نينگر سڄي واٽ ائين
چوندو پيو وڃي، سو وڌي هڪڙي اهڙي هنڌ وٺي آيس، جتي
ماڻهن کي ڦاهيءَ چاڙهيندا هئا. اتي بيهي ان پرئي
مڙس چيس، ”ابا، اهو وڻ نه جيڪو ڏسين ٿو، ان تي ستن
چورن کي گڏ ڦاهيءَ تي چاڙهيو اٿن. هاڻ تون هيئن
ڪر، جو سڄي رات ان وڻ هيٺان ويهي گذار، پوءِ
پاڻيهي تون ڀئو ڪرڻ سکي ويندين!“
”بس، ڳالهه به ايتري،“ نينگر جواب ڏنو. ”پوءِ ته
اهو ڏاڍو سولو آهي. جيڪڏهن رات وچ ۾ آءٌ سچ پچ ڀئو
ڪرڻ سکي ويس، ته پوءِ منهنجيءَ ڳنڍ جا پنجاهه ئي
رپيا تنهنجي مِلڪَ آهن. تون وري صبح جو اچي خبر
لهج.“
نينگر هلي اچي ڦاهيءَ واري وڻ هيٺان ويهي رهيو.
مٿان اچي شام ٿي، سيءُ به پوڻ لڳو؛ سو سيءَ کان
بچڻ لاءِ باهه ٻاري ويهي رهيو. اڌ رات ٿي ته سيءُ
به زور سان سوٽون هڻڻ لڳو؛ ٿڌيءَ برف جهڙي هوا جا
تيز جهوٽا، بدن کي ڄڻ ته وڍي رهيا هئا. باهه جي مچ
هوندي به هن جو سيءُ ڪونه لٿو. مٿان وڻ ۾ جي ست
لاشا ڦاهين ۾ ٽنگيا پيا هئا، سي هوا تي پئي لڏيا
لميا، ۽ هوا جي زور تي ’زون زون‘ جا آواز پئي آيا.
نينگر سوچيو ته ”مچ جي منهن تي آءٌ ويٺو آهيان،
تڏهن به سيءَ ساڙي رکيو اٿم. هي جي ويچارا مٿي
ٽنگيا پيا آهن، انهن سان ڪهڙو ويل هوندو؟“ دل ڏاڍي
ٻاجهاري هيس، سو چڙهي ويو وڻ تي. آهستي آهستي ڪري
ستن ئي لاشن جون ڦاهيون ڇوڙي، هيٺ لاهي آين. باهه
جي مچ کي تيز ڪري ستن ئي کي مچ جي چوڌاري ليٽائي
ڇڏيائين ته ڀل ڪجهه ڪوسا ٿين. پر هو ته هئا مڙدا،
سي نڪي چريا نڪي يريا. اوچتو هڪ جي ڪپڙن کان اچي
باهه لڳي. نينگر رڙ ڪري چيو ته ”پاڻ سنڀاليو، باهه
۾ سڙو ٿا؛ نه ته آءٌ وري مٿي ٽنگي ايندوسانوءَ.“
پر مڙدا ڪٿي ٿا ٻڌن؛ هو چپ پيا رهيا، ۽ سندن ڪپڙن
کي باهه وڪوڙي ويئي.
هن کي ڏاڍي مٺيان لڳي - ۽ چيائين، ”اوهين جي
پنهنجو پاڻ کي به نٿا بچائي سگهو، ته پوءِ آءٌ ڇا
ڪريان. مون کي پاڻ کي ته ڪين ساڙڻو آهي.“ پوءِ ڇا
ڪيائين، جو ستن ئي لاشن کي واري واري سان وڻ تي
چاڙهي، قطار ۾ ٽنگي ڇڏيائين، ۽ پاڻ وري اچي مچ جي
ڀر ورتائين، ۽ ننڊ کڻي ويس.
صبح ٿيو ته اهو پريو مڙس به اچي سهڙيو، ۽ پنجاهه
رپين جي گُهرَ ڪيائين، ۽ چيائينس ته ”جوان مڙس،
توکي هاڻ ته پتو پيو هوندو ته ڀئو ڇا کي چئبو
آهي؟“ نينگر جواب ڏنس، ”نه – مون کي خبر به ڪيئن
پوي! هي ويچارا جي مٿي پيا لڙڪن، تن ته ٻڙڪ به
ڪانه ٻولي. ايترا ته ڳهيلا آهن جو ڪپڙن کي باهه
وڪوڙي وين ته به پتو ڪين پين.“
پرئي مڙس ڏٺو ته ٻيلي اڄ پنجاهه رپيا ته ڪين کٽي
سگهيس، سو پنهنجي واٽ وٺي رمندو رهيو. پر سڄي واٽ
عجب کائيندو چوندو ويو ته ”ههڙو ماڻهو ته مون سڄي
ڄمار ڪين ڏٺو!“
نينگر به پنهنجي واٽ ورتي، ۽ وري به اڳئين وانگر
ڀڻڪندو ويو ته ”شل آءٌ ڀئو ڪرڻ سکي پوان، شل مون
کي به ڀئو ٿئي!“
پٺيان ڪو گاڏير به هن جا اهي ڀڻڪا ٻڌندو آيو، سو
وڌي پڇيائينس، ”جوان مڙس، تون ڪير آهي؟“
نينگر وراڻيو، ”مون کي خبر ڪانهي.“
گاڏير وري پڇيس، ”اچين ڪٿان پيو؟ آهين ڪٿان جو؟“
”مون کي خبر ڪانهي.“
”پٽ ڪنهن جو آهين؟“
”آءٌ ڪين ٻڌائيندس.“
”ڀلا، اهو چپن ۾ تون ڇا چوندو وتين؟“
نينگر وراڻيو: ”ٻڌ، آءٌ ڀئو ڪرڻ گهران ٿو، پر مون
کي ڪير ئي نٿو سيکاري.“
گاڏير چيس، ”اهي ڳهيلپ جون ڳالهيون ڇڏ. مون سان هل
ته آءٌ توکي ڪٿي رهڻ جي جاءِ وٺي ڏيان.“
نينگر گاڏير سان گڏ هلڻ لڳو. هلندا ويا هلندا ويا،
نيٺ اچي شام پين. ڀرپاسي ۾ هڪ مسافر خانو هو، لڙي
آيا مسافر خاني ۾، ۽ خيال ڪيائون ته رات جا چار
پهر اتي گذاريون. هڪڙيءَ ڪوٺي ۾ گهڙيا ته ڇوڪر وٺي
ڏاڍيان واڪو ڪيو، ”شل، مون کي ڀئو ٿئي! مَنَ مون
کي ڀئو ٿئي!“
مسافرخاني جي مالڪ جو اهو ٻڌو، سو اچي ٽهڪن ۾
ڇُٽو، ۽ چيائينس ته ”ابا، جي توکي ايڏو شوق اهي ته
توکي هت شوق پوري ڪرڻ جو وجهه ملي ويندو.“ هن جي
زال چيس: ”خدا خدا ڪر، ماٺ ڪري ويهه. ڪيترن ويچارن
هتي پنهنجيون حياتيون وڃائيون آهن: ڪيتري نه ارمان
جي ڳالهه ٿيندي جو هن نڍي نيٺي جوان جون اکيون وري
هن جهان کي ڪين ڏسي سگهنديون!“ پر نينگر چيو، ”اهو
ڀل ضرور سکندس. مون هيڏو سارو پنڌ رڳو انهيءَ سکڻ
ڪاڻ ڪيو آهي.“ پوءِ ته مسافر خاني جي مالڪ کي
تيسين ننڊ ڪرڻ ڪين ڏنائين، جيسين هن نه ٻڌايس ته
”اُتي سڏ پنڌ تي هڪ جادوءَ جو قلعو آهي، جتي ماڻهو
جهٽ ڀئو ڪرڻ سکي وڃي؛ بشرطيڪ هو اُتي ٽي راتيون
ساندهه رهي. هن اهو به ٻڌايس ته بادشاهه پنهنجي سج
چنڊ جهڙي سهڻي نينگر، ان ماڻهوءَ کي ڏيڻ لاءِ پڙهو
گهمايو هو، جيڪو اتان جيئرو بچي نڪري. انهيءَ قلعي
۾ اڪيچار خزانا پوريل آهن، جن تي هيبتناڪ ديو پهرو
ڏيندا آهن. جيڪو ماڻهو انهيءَ قلعي جو جادو
ٽوڙيندو، سو جهَٽَ ۾ مالا مال ٿي ويندو. ڪيترا
ويچارا انسان انهيءَ قلعي اندر ويا آهن، پر واپس
اڄ توڻي ڪوبه ڪونه وريو آهي.“
صبح ٿيو ته نينگر وڃي بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر
ٿيو، ۽ بادشاهه کي هٿ ٻڌي چيائين، ”بادشاهه سلامت،
جي مون کي اجازت ملي ته آءٌ ان جادوءَ جي قلعي ۾
ٽي راتيون گذاري هوند سموري خبرچار لهي اچان.“
بادشاهه هن نينگر جي روش ۽ جرات تي ڏاڍو خوش ٿيو،
سو خوشيءَ سان موڪل ڏنائينس. پر، چيائينس ته ”تون
وڃ ته ڀل وڃ؛ پر توکي ٽن شين گهرڻ جي اجازت آهي.
گُهر جيڪي گهڻو هجيئي – پر اهي ساهواريون شيون نه
هجن.“
نينگر چيو ته ”مون کي باهه، واڍڪو سنداڻ، ۽ واڍڪي
جنڊي رنبيءَ سوڌي گهرجن.“
بادشاهه هڪدم حڪم ڏنو ته اهي شيون حاضر ڪيون وڃن.
ڇوڪري کي کي هڪدم اهي شيون رات جو پاڻ سان کڻي وڃڻ
لاءِ ملي ويون. رات ٿي ته نينگر به اهو سامان
کڻائي اچي قلعي ڀيڙو ٿيو. قلعي ۾ داخل ٿي ڇا
ڪيائين، جو هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ باهه جو هڪ وڏو مچ کڻي
ٻاريائين، ۽ ان جي پاسي ۾ واڍڪو سنداڻ ۽ رنبي رکي
ڇڏيائين، ۽ پاڻ جنڊي پاسي ۾ رکي ويهي رهيو. رکي
رکي پئي ڀڻڪيو، ”شل ڪو مون کي ڀئو ٿئي! پر شايد هت
به آءٌ سکي ڪونه سگهندس.“ اڌ رات ٿي ته هو مچ کي
تيز ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڌوڻ سان مچ کي پئي ڌوڻيائين،
ته اوچتو هڪڙيءَ ڪنڊ مان آواز ٻڌائين: ”ميائو،
ميائو – الا سيءُ ته ڪهڙو ٿو پئيئون!“
نينگر چوڻ لڳو ”او ڳهيليون، اوهان ڇا جي ’ميائو
ميائو‘ لڳائي آهي. جي اوهان کي سيءُ ٿو لڳي ته
ويجهو ٿي باهه وٽ ويهو، ۽ پاڻ کي ڪوسو ڪريو.“
هن اڃا ائين چيوئي مس ته به خوفناڪ ڪاريون ٻليون
ٽپ ڏيئي، اچي هن جي اڳيان پيون – هڪڙي هڪ طرف ۽ ٻي
ٻئي طرف ويهي، هن کي پنهنجي هيبتناڪ اکين سان تڪڻ
لڳيون. ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن هنن لڱ ڪوسا ڪري
ورتا، تڏهن هن کي چيائون: ”ساٿي، اسان سان پتن
راند کيڏندين؟“ – ”وڏيءَ خوشيءَ سان،“ ڇوڪر جواب
ڏنو، - ”پر، پهرين پنهنجا چنبا ته ڏيکاريوم.“ ٻنهي
ٻلين پنهنجا چنبا کولي کيس ڏيکاريا – ”ڇي ڇي ڇي،
اوهان جا نَنهن ته ڪيڏا وڏا آهن! پر ترسو آءٌ
اوهان جي ڪاڻ اوهان جا ننهن ويهي ٿو ڪتريان.“
پوءِ ڇا ڪيائين جو ٻنهي کي ڳچيءَ کان جهلي، کڻي
آئي واڍڪيءَ سنداڻ وٽ ويهاريائين، ۽ سندن چنبا
سنداڻ جي پيچن ۾ کڻي قابو ڪيائين.
”اوهان جون آڱريون ڏسي، منهنجي دل نٿي چوي ته
اوهان سان ويهي راند ڪريان.“ ائين چئي، هڪڙي ئي ڌڪ
سان ٻنهي ٻلين کي اُڦٽ ماري، کڻي پاڻيءَ ۾ ڦٽو
ڪيائين.
پر اڃا انهن ٻن ٻلين مان جند ڇڏائي، مَس اچي مچ جي
ڀر ۾ ويٺو، ته جتان ڪٿان ڪنڊن ۽ ٻرڙن مان ڪاريون
ٻليون ۽ ڪارا ڪتا رڙندا ٻاهر آيا. ڳچين ۾ تيز تتل
زنجير پيل هئن، ۽ ماڪوڙين وانگر اچي مڙيا. رڙندا
ريهون ڪندا اچي نينگر جي مچ کي لتاڙي، وسائڻ لڳا.
نينگر ڏٺو ته ٻيلي هي ته ايترا آهن، جو لڪڻ جي به
واهه ڪانهي؛ سو پهرين ته ماٺ ڪري ويٺي رونشو
ڏٺائين. آخر جڏهن اچي تنگ ٿيو، تڏهن رنبي کڻي اچي
پٺيان پين. ڪنهن کي کاٻي ته ڪنهن کي ساڄي، بس مارو
مار لائي ڏنائين – ڪي مئا، ڪي وٺي ڀڳا. مئلن کي
کڻي پاسي واري تلاءَ ۾ ڦٽو ڪيائين.
اتان خير سان موٽي، وري اچي باهه دکايائين، ۽ وڏو
مچ ٻاري، لڱ ڪوسا ڪرڻ ويهي رهيو. ڳچ وقت باهه تي
ويهڻ سان ننڊ اچڻ لڳيس، ۽ سمهڻ جو سهنج ويچارڻ
لڳو. جان کڻي ڏسي، ته ڪنڊ ۾ هڪ نرم نرم عاليشان
بسترو هڪڙي پلنگ تي وڇايو پيو آهي. دل ۾ چيائين
ته”ٻيلي واه! هي ته مَنَ گهريو سهنج ٿي پيو.“
سونڪا ڪيائين هم نڪا تم، چپڙي ڪري بستري تي ٽنگون
ڊگهيڙي ليٽي پيو. پر اڃا مَسَ اک لڳيس، ته پلنگ ۾
ٿوري چرپر پيدا ٿي. اکيون جو پٽيائين ته پلنگ وٺي
اڏاڻو، ۽ قلعي ۾ اندر چوڌاري چڪر هڻڻ لڳو. هو
جيسين پاڻ سنڀالي، تيسين پلنگ به هوا سان ڳالهيون
ڪرڻ لڳو. هن کي لڳي خار، سو بالم ٿي پاٿولي ماري
ويهي رهيو، ۽ چيائين ته ”ڀلي پيو ڦيريون پاءِ؛
جيترو تکو ٿي سگهئي، پيو چڪر هڻ، منهنجي موڪل
اٿئي.“ پلنگ به کڻي ڏس، ته ڄڻ اڳيانئس ڪي ڇهه ڀلا
گهوڙا ٻڌل هئس، جن پئي ڇڪي ڦيرايس: ڪڏهن هيٺ ته
ڪڏهن مٿي؛ دروازن مان، ڏاڪڻ تان ڦرندي ڦرندي اوچتو
ٺڪاءُ ڏيئي، اونڌو اچي ڦهڪو ڪيائين. هي مڙس هيٺان،
پلنگ مٿان، ڄڻ ته ڇپ مٿان اچي ويس. جيئن تيئن ڪري،
پٿراڻيون وهاڻا پاسيرا ڪري، اتان پنهنجي جند
ڇڏايائين. ”اهڙو پلنگ ئي وڃي ٻن پوي!“ ائين چئي،
وري اچي باهه ڀيڙو ٿيو، ۽ اُتي ئي ننڊ کڄي ويس.
صبح جو ساجهر بادشاهه به اچي سهڙيو؛ سو سمجهائين
ته شايد ديون ويچاري کي ماري ڦٽو ڪيو آهي. ساڻ
جيڪي امير وزير هئس، تن کي چيائين، ”افسوس، ههڙو
سٻاجهڙو سهڻو جوان موت جي منهن ۾ اچي ويو!“
نينگر به ڪو اهو ڀڻڪو ٻڌي ورتو، سو ٽپ ڏيئي اٿي
ويٺو، ۽ چيائين، ”اڃا ته بچيا آهيون، بادشاهه
سلامت!“ بادشاهه جو هن کي جيئرو جاڳندو ڏٺو، سو
خوشي به ٿيس، ۽ حيراني پڻ لڳيس ته آخر هي بچيو
ڪيئن؟ خبرون چارون پڇيائينس ته قلعي ۾ رات ڪيئن
گذري.
نينگر جواب ڏنو. ”هڪڙي رات ته خير جي گذري آهي،
ٻيون راتيون به ڌڻي خير ڪندو.“
نينگر جو صحيح سلامت مسافرخاني پهتو ته مسافر خاني
جي مالڪ جا عجب ۾ ماشائي ڦري ويا، ۽ چيائين، ”ابا،
اسان ته سمجهيو هو ته توکي وري جيئرو اکئين ڪونه
ڏسنداسون. پر ٻڌاءِ ته سهي تون ڀئو ڪرڻ سکي وئين،
ڪي اڃا نه؟“
”نڪو، اڃا ته ڪجهه پلئي ڪين پيو آهي. منهنجي ته
تمنا ئي اها آهي ته مون کي ڪو ٺلهو ٻڌائي کڻي ته
اهو آهي ڇا؟“
ٻي رات ٿي، ته هيءُ جون وري به وڃي قلعي ۾ پهتو، ۽
مچ ٻاري ويهي رهيو. اهو ساڳيو راڳ سندس وات تي هو
– ”شل آءٌ ڀئو ڪرن سکي پوان!“
آڌي اڌ رات ٿي ته ڪجهه شور ٻڌڻ ۾ آيس. اول ته اهو
آواز ٿورو پرڀرو هو، پر پوءِ ويجهو ٿيندو ويو.
اوچتو ئي اوچتو وري ماٺ ٿي وئي. گهڙي ڪانه گذري ته
مٿان بخاري مان ماڻهوءَ جي سسي اچي هن جي پيرن ۾
ڪري. هن واڪو ڪري چيو، ”ٻيلي، هيءَ تي رڳو سسي
آهي، هن جو ڌڙ الائجي ڪٿي آهي. هي ته اڌ ماڻهو
چئبو!“
هن اڃا تائين چئي بس ڪيو ته وري گوڙ گهمسان مچي
ويو، ۽ دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. اوچتو مٿان ڌڙ
به اچي پٽ تي پيو.
”ترس ته آءٌ ٿو توکي جوڙي سڄو ڪريان. پر بيهه ته
پهرين باهه کي مچائي وٺان.“
باهه ٻاري جو موٽي ته ڇا ڏسي ته ڌڙ ۽ سسي پاڻ ۾
اڳئي ڳنڍجي هيبت جهڙيءَ شڪل جو هڪ ماڻهو ٿي پيو
هو، ۽ سندس جاءِ تي اچي ويٺو هو. هن واڪو ڪري چيس
ته ”اها ڳالهه ته ڪين ٺهندي: سنداڻ منهنجو، ۽ ويٺو
وري ان تي تون آهين!“ ائين چئي، پاڻ به اچي سنداڻ
جي ڀر ورتائين. اُن ماڻهوءَ کيس گهڻيئي زور لائي
ڌڪا ٿيلها ڏنا، پر نينگر مڇڏو ٿي بيٺس. نيٺ کيس
ٿيلهو ڏيئي، ڪيرائي، بالم ٿي سنداڻ تي ويهي رهيو.
اڃا ويٺو ئي مس ته مٿان ٻيا ماڻهو به ڪِرڻ لڳا.
انهن سمورن وٽ نَوَ وڏا هڏا ۽ ٻه کوپڙيون هيون، سي
قطار ڪري هڏن – چُٽڻي راند کيڏڻ لڳا. نينگر جي دل
به راند ڪرڻ تي سرڪي، سو کين چيائين ”مون کي
کيڏائندوُ!“
هنن چيو، ”بلاشڪ، پر پئسا هجنئي ته پوءِ
کيڏائينداسونءِ.“
نينگر وراڻيو ته ”پئسا ته کوڙ آهن، پر اوهان جا
اهي چُٽڻا (کينها) پورا گول ڪين آهن.“ هنن کان اهي
ٻه ٽي کوپڙيون وٺي، اچي جنڊيءَ تي چاڙهيائين، ۽
ڇِلي گول ڪري کڻي آيو.
”هاڻ هي ڌڪ سُٺو چٽيندا، ۽ راند ۾ به مزو ٿيندو.“
نينگر چيو.
راند ڪرڻ ويٺا، پر ڇوڪرو پئسا هارائڻ لڳو. اوچتو
ٻارهن لڳا ته کن ۾ اُتي جيڪي به هو سو هن جي اکين
اڳيان گُم ٿي ويو. هو به ماٺ ڪري ليٽي پيو، ۽ ننڊ
کڄي ويس.
ٽين رات به هو پنهنجيءَ سنداڻ تي مچ جي ڀَر ويٺي
ويهي رهيو، ۽ افسوس مان پئي ڀڻڪيائين، ”شل ڪو مون
کي ڀئو ٿئي!“
اوچتو ئي اوچتو، هڪڙو ڊگهو ڊگهو لانبٽ ماڻهو اچي
پرگهٽ ٿيو. اُن جهڙو ڊگهو شخص هن ڄمار ڪين ڏٺو هو.
سندس شڪل به نهايت ڀوائتي هئي؛ جهور پير مرد هو، ۽
هٿ جيڏي ڊگهي ڏاڙهي هيس.
ايندي ساڻ واڪو ڪري نينگر کي چيائين، ”اڙي ههڙا
تهڙا، هاڻ ڏسان ته توکي ڪيئن نٿو ڀئو ٿئي. مون اچي
ڪنڌ تي ڪڙڪيو اٿئي.“
جوان مڙس جواب ڏنو، ”پريا مڙس، هروڀرو تڪڙ نه ڪر؛
جيڪڏهن مرڻو اٿم ته بيهه ته آءٌ به دل من پڇي
وٺان!“
هن جنڙي وري به واڪو ڪري چيو، ”آءٌ اجهو ٿو توکي
پورو ڪريان.“
نينگر، چيو – ”پريا مڙس، ٿورو ٿڌو ٿيءُ، هروڀرو
ٻٽاڪ نه هڻ. آءٌ به تو جهڙو سگهو، پاڻ توکان ڪسر
آهيان.“
پرئي مڙس چيو، ”چڱو، جي تون مون کان سگهو ٿي وئين،
ته پوءِ توکي آءٌ جيئدان ڏيندس. هاڻي اچ ته زور
آزمايون.“
هو نينگر کي آڏن ابتن ۽ گهگهه اونداهين گهٽين مان
وٺي اچي هڪ هنڌ تي بيهي رهيو، جتي لوهار جو کورو
کتل هو. پرئي مڙس هڪ ڪهاڙو کڻي، وٺي جو زوم مان ڌڪ
هنيو ته لوهار جي اتي کُتل ٻن سنداڻن مان هڪڙو ته
ماڳهين زمين ۾ پيهي ويو.
جوان مڙس چيو، ”اها وري ڪهڙي اڪابري ڪئي اٿئي. آءٌ
ان کان وڌيڪ ڪرتب ڏيکاريندوسانءِ.“ ائين وڌي اچي
ٻئي سنداڻ جي ڀر ۾ بيٺو. پريو مڙس به هن کي جاچڻ
لاءِ سنداڻ مٿان ٿي بيٺو. سندس اڇي ڏاڙهي پئي
سنداڻ تي لڙڪي. جوان نينگر کڻي ڪهاڙي جو ڌڪ هنيو
ته سنداڻ ئي چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو، ۽ پرئي مڙس جي
ڏاڙهي اُن ۾ سُڪ سوگهي ٿي ويئي.
هن واڪو ڪري چيو، ”هاڻ تون منهنجي چنبي ۾ آهين - ۽
مرڻ جو وارو به تنهنجو آهي.“
پوءِ لوهه جي هڪ لٺ کڻي اچي جو پوڙهي کي ورتائين،
ته هڏ گڏ ڀڃي سوڙها ڪري وڌائينس. پرئي مڙس جي
دانهن پِئي پَئي – گهڻيئي واسطا وڌائينس، پر نينگر
نه ڇڏيس. جڏهن پوڙهي انجام ڪيس ته جي مون کي
جيئدان ڏين ته توکي مال خزانن سان ڍئي ڇڏيندس،
تڏهن مس وڃي نينگر جند ڇڏيس، ۽ ڪهاڙو ڇڪي سندس
ڏاڙهي آزاد ڪيائين.
پريو مڙس وري کيس قلعي ۾ وٺي ويو، ۽ اتي کيس سون
سان سٿيل ٽي ديڳيون ڏيکاريائين - ۽ چيائينس، ”هڪڙي
غريبن ۽ مسڪينن لاءِ، هڪڙي بادشاهه لاءِ، ۽ هڪڙي
تنهنجي لاءِ آهي!“
اوچتو گهڙيال ٻارهن جا ٺڪاءَ هنيا، ته اهو جنڙو گم
ٿي ويو - ۽ جان ڏسي ته آءٌ اڪيلو اوندهه ۾ بيٺو
آهيان. دل ۾ چيائين ”هٿوراڙيون ڏيئي مڙئي ٻاهر
پهچي وڃبو.“ نيٺ اتان هٿوراڙيون ڏيندو اچي ساڳيءَ
ڪوٺيءَ ۾ پهتو، ۽ مچ جي ڀر وٺي سمهي پيو.
صبح ٿيو ته بادشاهه به اچي سهڙيو، ۽ چيائينس،
”ابا، آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ تون ڀؤ سکي ويو
هوندين؟“
جوان جواب ڏنو، ته ”نه سائين، اها ته الائجي اڃا
ڪهڙي بلا آهي؟ رات هڪ پريو مڙس آيو هو، تنهن سون
جون ديڳيون سي ڏيکاريون، باقي ڀئو ڪرڻ ته ان به
ڪين سيکاريم.“
بادشاهه چيو، ”خير جيڪي ٿيو سو ٿيو. هاڻ تو قلعي
جو جادو ٽوڙيو آهي. سو آءٌ وعدي موجب ڌيءٌ تو سان
پرڻائڻ لاءِ تيار آهيان.“
نيگر چيو، ”اها ته اوهان جي عنايت آهي؛ پر افسوس
آءٌ ڀئو اڃا ڪين سکي سگهيس.“
پوءِ قلعي مان بادشاهه جي حڪم سان سون به کڄي آيو،
۽ جوان مڙس جي شادي به خير سان شهزاديءَ سان ٿي
ويئي. جوان پنهنجي زال سان ڏاڍو خوش هو، ٻئي هڪ
ٻئي کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. پر هن کي هميشھ اهو
ارمان رهيو ۽ شوڪارو ڀري چوندو هو، ”شل، ڪو مون کي
ڀئو ٿئي! مَنَ ڪو مون کي ڀئو ٿئي!“ هن جي زال ٻڌي
ٻڌي آخر ڪڪ ٿي پئي، سو پنهنجي خاص ٻانهيءَ کي
گهرائي، سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. اها ٻانهي
ڏاڍي سياڻي هوندي هئي، تنهن ڳچ وقت سوچڻ کان پوءِ
چيو ته ”هن جو علاج آءٌ پاڻيهي ٿي ڳوليان. ڏسج ته
ڪيئن ٿي ڀئو ڪرڻ سيکاريانس.“
ڇا ڪيائين جو باغ مان جيڪا ڪَسي وهندي هئي، ان مان
ڏول پاڻيءَ جو ڀري آئي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون
ڪرڙيون ۽ ڏيڏريون پئي تڙڳيون. پنهنجي مالڪڻ کي
چيائين ته جڏهن سندس مڙس رات جو سمهي، ۽ گهري ننڊ
وٺي وڃيس، تڏهن مٿان چادر لاهي، اهو پاڻي کي مٿان
اوتينس؛ جيئن اهي ڪرڙيون ۽ ڏيڏريون اچي سندس بدن
تي پون.
شهزاديءَ هڪ رات ٻانهيءَ جو ڏسيل ڪم ڪيو، ته جوان
ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، ۽ وٺي رڙيون ڪيائين، ”الا الا،
مون کي ڀئو ٿو ٿئي، مون کي ٿڙڪڻي ٿي ٿئي – هو هو
هو، مو کي الائي ڇو ٿو ڀئو ٿئي. پياري شهزادي مون
توبهه ڪئي، مون کي هاڻ خبر پئي آهي ته ڀئو ڪيئن
ٿيندو آهي!“ |