سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :6

اچو اوهان کي سنڌ گهمايان

سيوهڻ

 

 

سنڌ جي قديم شهرن مان "سيوهڻ" هڪ جهونو يادگار آهي. تواريخ سندس ڌمڪيل چهري تي هڪ عجيب جهلڪ ٿي وجهي. ڇا نه هن شهر جو دٻدٻو ۽ شان هو! اڄ تائين سندس جهونو ۽ ڊٺل قلعو سندس اڳوڻيءَ ڪماليت ۽ اوج جي زنده نشاني آهي هي شهر يونان جي بادشاهه سڪندر اعظم کان وٺي سنڌ جي ٽالپرن جي حڪومت تائين مڙني انقلابن جو مرڪز ٿي رهيو آهي.

ٽاڊ صاحب "سيوهڻ" لفظ، "سيوستان" بلڪ ان جي بنيادي حقيقت "شو آستان" مان ٿ و ڪڍي. ابوالفضل "آئين اڪبريءَ" ۾، سيوهڻ جي تعريف هن ريت ڪئي آهي: "سيوهڻ جي قلعي جي بناوت مان ظاهر آهي ته عربن جي ڪاهه کان گهڻو اڳ بڻايل آهي. سندس بناوت ٺٽي جي ڪلان ڪوٽ وانگيان پيئي پسجي." عام روايت موجب سڪندر بادشاهه، سيوهڻ جي قلعي جي مرمت ڪرائي، پنهنجي لشڪر جي ڇانوڻي ڪئي. ڊاڪٽر ڪينيڊي لکي ٿو: "سيوهڻ جي ڪاريگري، يونان جي ملڪ جهڙي نه آهي، پر ايشيا جي قديم ملڪن سان مشابهت رکي ٿي. ڪمانن ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ ڪاريگرن جي طرز ساڳي اوڀر وارن جهڙي آهي. نيارڪس يوناني سيلاني به اهائي ساک ٿو ڀري.

قلعي جي چئني ڪنڊن تي، وڏن ٺلن جا نشان اڄ ڏينهن تائين ظاهر آهن: جن تي سنتري ڏينهن رات دشمن جي انتظار ۾ رهندا هئا. قلعي جي اندر پڪين سرن جون ديوارون ۽ کوهن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شايد ڪن امير زادن ۽ راڄ ڌڻين جا محلات هجن. مگر جن شهزادن کي حاڪماڻي نشي ۽ محلاتن جو غرور هو، اڄ انهن جي آرام گاهن ۽ عيش وارن هنڌن تي گدڙن جون وڪون عام پيون ٻڌجن، غارن ۽ چُرن مان جهونا سڪا، عمديون، ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٻيون ڪيتريون عجيب ۽ غريب شيون لڀنديون آهن. انهيءَ کان سوا”، قلعي تي لئيءَ ۽ ڪرڙن جا وڻ آهن، جن تي اڄ به روزانو پرڀات مهل بلبليون پنهنجي شيرين آواز سان، سيوهڻ جي اڳوڻي عروج جو ماتم ڪندي سندس، قبر جي چوگرد نهايت ادب سان ڦيرا ڏينديون آهن.

هي ئي قلعو آهي، جنهن جي ڀر ۾ سنڌو ندي ڪن ڏينهن ۾ وهندي هئي، ۽ سندس سوڙهي پيٽ ۾ هاڪاري مغل شهنشاهه، شاهجهان جو وڏو پٽ - جلاوطن ٿيل دارا، پنهنجي جان جگر ڀاءُ اورنگزيب، جي شڪاري ڪتن جي ور ٿي چڙهيو، تڏهن دارا تخت ۽ تاج جو آسرو پلي، هنڌ هنڌ ڀٽڪندو، بکر جي قلعي مان ٻيڙين جي رستي ايران جي صدر تي نڪتو هو. مگر سيوهڻ وٽ سنڌوءَ جي سوڙهي پيٽ ۾ اچي ڦاٿو. نديءَ جي ڏائي، طرف سيوهڻ جي قلعي جون ڳريون توبون، محمد صالح ترخان قلعيدار جي هٿ هيٺ، دشمن کي تباهه ڪرڻ لاءِ موجود هيون، ته ٻئي طرف "صف شڪان خان" (صفون ٽوڙيندڙ) شاهي لشڪر سان تيار بيٺو هو. هوڏانهن موٽن جي مهل به نه هئي، ڇاڪاڻ ته شاهي لشڪر جو ٻيو حصو، شيخ مير جي هٿ هيٺ ڌوڪيندو ٿي آيو. دارا جي ڏکن جو پيالو اڃا پر نه ٿيو هو: ۽ سندس خوش قسمتيءَ جي ڏِيئي جي پوئين جهلڪ ٿي ڏٺي، جا پوءِ اصل لاءِ غائب ٿي ويئي، جنهن ۾ دارا جي ٻيڙين جو سٿو، بنا ڪنهن نقصان رسڻ جي نڪري ويو ۽ سيوهڻ هن اٻوجهه جي ناحق خون کان پاڪدامن رهيو.

قلعي تان نظارو به دلڪش ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سنڌ جو ورح روان سنڌو دريا، اوڀر - اتر کان، ميل کن پنڌ تي گرگاٽ ڪندو پيو وهي، ۽ پريان ائين پيو پسجي ڄڻ ته ڪا چانديءَ جي پليٽ آهي. رات جو چنڊ جي ڪا چانڊوڪيءَ ۾ اهڙو دلفريب نظارو پو ڀاسجي، جو چئو ته چانديءَ جي اڇي ڏوري سيوهڻ جو اڌ شهر کي وڪوڙيل آهي. ڏکڻ کان لڪيءَ جا جبل اوچي ڳاٽ سان بيٺا آهن ۽ وڏاواريءَ جا ميدان پيا ڏسجن. مطلب ته هڪ طرف اَڻ ميو آب ۽ آبادي، ته ٻئي طرف رڻ ۽ رڃ! قدرت ۽ انسان جي ڪارنامن جو پورو پورو نقش چٽيل آهي.

سيوهڻ کي ترهين صديءَ کان وٺي نئون شرف عطا ٿيو آهي، جو سندس آخرين هستيءَ تائين قائم رهندو. شيخ عثمان مروندي، جنهن کي عام طور "قلندر، لال شهباز" ڪري چوندا آهن، سو هڪ ڪامل درويش هو. هو صوفي هو، جنهن وٽ ڌرمي مت ڀيد ڪوئي ڪونه هو. سندس مقبرو شهر جي وچ ۾ آهي. اهو مقبرو فيروز تغلق جي حڪم سان، 1356ع ۾ ٺهرايو ويو هو. مقبري جي اڳيان وڏو دالان ۽ ايوان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو. مقبري جي دروازي تي جيڪي چانديءَ جا پَٽ لڳل آهن، سي وري مير ڪرم علي خان ٽالپر هڻايا هئا. ڊاڪٽر ڪينيڊي لکي ٿو ته "مٿس ڪو خاص ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل نه آهي. پر وقت جي لحاظ ۽ ميرن جي مقبرن کي ڏسندي ائين چئبو ته مٿس ڪو ايڏو ڪم ٿ يل نه آهي. منجهس شاهي "ال بزار" به آهي. هر سال، لال شهباز جي وفات جي ڏينهن، يعني شعبان مهيني جي 17، 18 ۽ 19 - تاريڪن تي وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ عربستان، ايران ۽ مڪران کان گهڻي انداز ۾ ماڻهو ڪَهي وڏي صدق ۽ حب سان زيارت ڪرڻ ايندا آهن. اهي ٽي ڏينهن ته سيوهڻ جو شهر ڏهوڻو ٿي پوندو آهي. درگاهه تي سڄو وقت نوبت پئي وڄندي آهي، ۽ فقير مستيءَ ۾ اچي ڀيرون وڄائيندا ۽ نچندا آهن. اهو مزو ڏسڻ وٽان آهي.

شهر جي ٻاهران اسٽيشن جي لڳ هڪ آستان آهي، جنهن کي يڪ - ٿنڀي ٿو چئجي. جبل ۾ هڪ چُر آهي، جنهن جي ڇت هڪڙو ئي ٿنڀي تي بيٺل آهي. عام روايت آهي ته قلندر لال شهباز شهر ۾ اچڻ کان اڳ پهريائين اتي ڏيرو ڪيو هو. ڊاڪٽر ڪزنس هن هنڌ کي جاچي، پنهنجو رايو ڏنو آهي، ته هيءُ هنڌ پٿر واري زماني جي ڏينهن جو آهي، جڏهن هڪ ڄڻو اڪيلو رهي سگهندو هو. يڪ - ٿنڀيءَ جي مٿان اٺ - پاسائين دڪي ٺهيل آهي. جنهن کي پاسن کان چار ٿنڀا آهن. شايد هي ٿنڀا شامياني جي ٽنگڻ جا هئا، ۽ هن دڪيءَ تي سيوهڻ جا نواب پنهنجو بلغاري حقو ڇڪيندي، اُتانهين تان پنهنجي لشڪر کي اک مان ڪڍندا هئا.

جيتوڻيڪ سيوهڻ هينئر گذريل زماني ۽ حاڪماڻي شان جو هڪ پاڇو آهي، تنهن هوندي به تواريخ هميشه سندس اڳوڻي ڪماليت واري وقت ۽ دٻدٻي کي ياد ڪري، سندس عزت ۽ احترام ڪندي رهندي.

(سنڌ ڪاليج مسلنيءَ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com