سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :5

مرحوم سيد ميران محمد شاهه

 

دل جي طلب

 

 

هن دنيا ۾ جا شيءِ انسان کي حياتيءَ جي آخرين مرحلي تائين حرڪت ڏيئي رهي آهي، سا آهي ڪنهن نه ڪنهن شيءَ جي طلب. دنيا جي دروازي اندر داخل ٿيڻ شرط انسان طلب شروع ڪري ٿو. جيئن ته ٻار ڄمڻ شرط ماءُ جي کير لاءِ روئندو رڙندو نظر اچي ٿو. جيئن جيئن وڏو ٿيندو وڃي تيئن تيئن هن جي تمنائن جي لسٽ وڃي ويجهندي: اسڪول ۾ داخل ٿيڻ سان امتحانن پاس ڪرڻ جي خواهش، ته وري امتحانن کان فارغ ٿيڻ بعد نوڪريءَ يا ٻئي ڪنهن ذريعي معاش جي تمنا دامنگير ٿئيس ٿي. جوانيءَ ۾ شاديءَ جي چاهنا، ته تنهن پٺيان اولاد ۽ اطفال جي آرزو پيدا ٿئي ٿي. ٻڍاپڻ ۾ اولاد جي خوشحالي، سرير جي سلامتي ۽ عاقبت جو خير، هن جي طلبن جي فهرست ۾ جاءِ وٺن ٿا. اهڙي طرح سان، انسان هن سرائي فانيءَ مان سفر ڪري، جيستائين حياتِ جاودانيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو، تيستائين هن کي منزل منزل تي مٿين خواهشن مان ڪنهن نه ڪنهن جي پوري ڪرڻ ۾ خيال، عقل ۽ عمل جي اوزارن کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. هڪ دفعي ايڪانت ۾ ويهي، پنهنجي دل کان پڇيم ته "توکي اڄ ڇا گهرجي؟"

سوال ته ٻه - تڪو هو، مگر جواب جنهن جو سلسلو سنڌو نديءَ جي ورن وانگر پيچدار ۽ کير ٿر جبل جي چوٽين جهڙو خمدار هو، سو ڪيئن ٿو جلد مليم. ويچاريءَ دل جواب باصواب ڏيڻ جي طاقت نه ساري، وڪيل وزير ڪرڻ لڳي. پهريائين خيال جي امداد حاصل ڪيائين، جنهن پنهنجي پکيڙ مشرق کان مغرب تائين شروع ڪئي ۽ هيٺينءَ ريت مشورو ڏنائينس. "دلڙي، گهر تي دولت بي پايان، صحت بردوام، عمر بي ڪران، عيش عشرت جو هر سامان مهيا ي ملي، پوءِ بس آهي." پر اهي اسباب ڪيئن مهيا ٿي سگهن، ان جي ترتيب به ٻڌايائينس ته "عمر جي درازيءَ لاءِ ڊاڪٽر وڊروف وٽ جرمنيءَ ۾ وڃي، باندر جي ٻنڌين جي رستي علاج ڪرائجي: جيئن جواني ۽ جوڀن واپس ملن. صحت برقرار رکڻ لاءِ الهه آباد ۾ وڃي انهن پنڊتن ۽ ويدن جو معالجه ڪرائجي، جن ڪايا ڪلپ جي رستي پنڊت مالوي جي صحت سڌاري. دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائمس آف انڊيا جي "ڪراس ورڊ پزل" جي لڳاتار مشق ڪجي ۽ پڻ آئرش ڊربي ۽ ٻين سورتين ۾ بخت آزمائي ڪئي وڃي - ڪٿان نه ڪٿان بخت جي ياوري ۽ قسمت جي بار آواريءَ ڪري چڱو ناڻو پلئه پئجي ويندو. سامان عيش جي متعلق هڪ لنبي چوڙي لسٽ پيش ڪيائين. پهريائين ته سنڌ جي صحرا کي خيرباد چئي، بمبئيءَ جهڙي باغ جنان، فردوس نشان شهر ۾ رهڻ گهرجي. بمبئيءَ جي مغربي ڪناري، سمنڊ جي سمت، ملبار ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هڪ پرفضا دلربا مڪان بنائجي، جو راجائن ۽ فرمانر وائن جي محلن جو مقابلو ڪري سگهي. ان مڪان جي ايوان ۾ گلن گلڪارين جي رونق، اکين کي نُور ۽ سيني کي سرور بخشيندڙ هجي. صفن، ڪمرن ۽ دالانن ۾ ايراني قالينن، فرانسي فرنيچرن، اطالوي تصويرن ۽ اميريڪن اليڪٽرڪ سامانن جي سجاوت ۽ سينگار ميسر هجي. کاڌي جي ڪمري ۾، لنڊن جي هوٽلن جي طرز مطابق هر سامان موجود هئڻ گهرجي. کائڻ لاءِ به هر طعام جو اهتمام هئڻ گهرجي، جو جنهن وقت جيڪي به طلب سو تيار. انهيءَ محل سراءِ جي انتظام لا”، ولايت جي ڪنهن تجربيڪار هائوس ڪيپر کي رکڻ گهرجي. خانسامان سڀ ڦڙت، چالاڪ ۽ بااخلاق هئڻ کپن. ريڊيو، گراموفون، ٽيليفون ۽ سئنيما سڀ موجود هئڻ گهرجن. هڪ درجن موٽر ڪارون هڪ وسيع طبيلي ۾ رکيون وڃن ۽ ڪن ۾ خاص ريڊئي جو انتظام هئڻ گهرجي.

سڀني ڳالهين جي مهندار هڪ حسين مه جبين، بردبار، سليقه شعار، علم جو ڀنڊار ۽ علق جو معيار، رفيق حيات هئڻ گهرجي. هر لمحه هر گهڙيءَ سرود و ساز جي تنوار، دل جا درد دور ۽ من جا مونجهارا وهلور ڪندي رهي - نه ڪنهن جي طلب هجي نه تقاضا، نه ڪاڻ نه ڇڪتاڻ، مرضيءَ جو مختار، علم جو اختيار سدائين سندس حوالي رهي. ڇا ولايت ڇا هندستان، ڇا پهاڙ ڇا ريگستان، ڇا سفر ڇا حضر، مطلب ته هر جا”، هر سمت بي ڌڙڪ ۽ بنا تردد جي هليو وڃجي ۽ دنيا جي خلقڻهار جي خلقيل نعمتن ۽ نوازشن جو پورو پورو فائدو وٺجي.

جڏهن وڪيل خيال پنهنجي تقرير ختم ڪئي، تڏهن دل کي پنهنجي وزير روشن ضمير عقل کان به مشورو وٺڻ ضروري نظر آيو. عقل چيو ته "خيالي دم پخته ته سڀڪنهن ٻڌا هوندا. ميان، خيال به اهي پلاءَ پچائي وڃي پار پيو آهي. پهرين عمر جي درازيءَ جي گهر ڪئي اٿس. اول ته انهيءَ جرمن ڊاڪٽر وٽ پهچڻ مشڪل، ٻيو ته ڊاڪٽر ڪا عمر دوام بخشي نه سگهندو، ڇو ته موت هر ڪنهن تي سوار آهن. پو”، جا شيءِ دائم قائم نه آهي، ان کي حاصل ڪري ڇا ڪبو. ازانسواءِ هو شاهه لطيف جو بيت نه آهي ته:

"متو آهين مَڇ ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئين اَڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا."

تنهن ڪري پهرين ان ڳالهه تي ويچار ڪر ته آخر هن دنيا ۾ انسان جي اچڻ ۽ رهڻ جو مقصد ڇا آهي؟ جنهن دنيا جي هڪ کِن تي به اعتبار ڪونهي، ان جي اسبابن تي موهجي، عقبيٰ کي وسارڻ ڪهڙي دانائي آهي؟

ٻي صحت جي سلامتيءَ لاءِ ڪايا ڪلپ جي صلاح ڏني اٿس. هاڻي پهريائين ته يو. پي. جي پنڊتن جو هٿ اچڻ مشڪل، ٻيو هنن جا شرط شروط اڙانگا، تن تي عمل ڪرڻ دشوار. تنهن کان سواءِ دائمي دوائن درملن سان صحت برقرار رکڻ آهي، ڀاڙي تي مينهن جو کير ڏهڻ. ڇو نه صحت جي عام اصولن پٽاندر تندرستي قائم رکجي - جيئن ته سادو ۽ پورو پنو کائڻ، صاف پاڻي پيئڻ، ورزش ڪرڻ، ڏند صاف رکڻ، وغيره.

ٽي صلاح دولت جي حاصل ڪرڻ جي ڏني اٿس. البت "ڪراس ورڊپزل" ۾ دماغي طاقت به ڪم ڏيئي سگهي ٿي، تاهم اُن تي مدار رکڻ دائمي فائدو پهچائي نه سگهندو. تنهن کان ته قناعت جي زرين اصولن کي مدنظر رکي، "نيم نان صحت جان"، جي مقولي تي عمل پيرا ٿي، ڪنهن اهڙي پيشي کي اختيار ڪجي جو يقيناً ترقي پذير هجي. جهڙيءَ طرح براج اندر نون طريقن موجب کيتي، سوديشي شين جي پيداوريءَ جي ڪوشش ۽ انهن جو واپار، هنري تعليم حاصل ڪري ڪو ڪارخانو کولڻ، يا ڪمائتو علم حاصل ڪري ڪو ممتاز عهدو گورنمينٽ ۾ هٿ ڪرڻ، وغيره. انهن پئسن جي پيدائش کي نڪي لهر نڪو لوڏو. فقط هڪ خيال ۽ اورچائيءَ جي اصول تي عمل ڪجي.

چوٿين صلاح جي ضمن ۾ عيش عشرت جي سامان جو وات پاڻي ڪندڙ وستار ڪيو اٿس: چي سنڌ جي وڻن کي خيرباد چئي، بمبيءَ جي بستان ۾ آکيرو اڏجي. هيءُ ته ٿيو حب الوطنيءَ جي اصول کان ئي انحرافي ڪرڻ - پنهنجي وطن جا وڻ وڍي پرديس ۾ پکا اڏڻ، ڪهڙي نه اڻڄاڻائي چئبي! پوءِ بمبيءَ مان ڪڪ ٿي يورپ، يورپ مان امريڪا جي هوس جاڳندي. تنهنڪري جڳائي ته پنهنجي ئي ديس ۾ بستي بنائي، حياتيءَ جا ڏيهاڙا پنهنجن ماڻهن جي خذمت ۽ صحبت ۾ بسر ڪجن. سچو سک ۽ اندر جو آرام ان مان ئي حاصل ٿيندو. سانگيءَ ڪين چيو آهي:

"لانڍي هجي لوڙهي ۾ رهڻ لاءِ ڪکن جي،

ڏيکارجي دشمن کي مگر لوڏ لکن جي."

عيش جي سامان جي فهرست ۾ ڏيکاريل اسباب اُهي آهن، جن ۾ جيڪڏهن جند جان جذب ٿي ويئي ته دنيا جي ضروري ڪمن کان روڪجي پئبو. آهستي آهستي سستي ۽ ڪاهلي وٺي ويندي، جنهنڪري نه رڳو انهن اسبابن مان کٽو ٿي پئبو، پر خود صحت ۽ عمر درازيءَ تي به ان جو برو پاڇو پوندو. حد اعتدال تائين انهن شين مان فائدو وٺڻ زيانڪار نه آهي، پر انهن کي حياتيءَ جو مقصد سمجهڻ ۽ انهن ۾ غلطان ٿيڻ، سراسر ناداني چئبي.

عيش جي لسٽ ۾ هڪ عالم، فاضل، حسين ۽ شڪيل عورت به داخل آهي. پهرين ته اهڙي عورت ملڻ ئي محال آهي، پر جي ملي به وڃي ته ان جي صحبت لاءِ پاڻ ۾ به ساڳيون وصفون جاچڻ گهرجن. ڇو ته هم جنسگيءَ کان سواءِ ٻن انسانن جو سنٻنڌ ۽ سلوڪ مشڪل آهي. اختلاف طبع ۽ خيال جي ڪري، ٻن دلين جو تاحيات ڳنڍجڻ دشوار آهي. تنهن ڪري سياڻپ انهيءَ ۾ آهي ته جهڙو به ماڻهو پلئه پوي، ان سان طبيعت جو ميل جول وڌائجي ۽ ان جي خوبين مان پاڻ فائدو وٺجي ۽ پنهنجي خيالن جو اثر هن تي وجهڻ جي ڪوشش ڪجي. آهستي آهستي هم جنسگي پيدا ٿي ويندي ۽ حياتيءَ جا ڏينهن خير ۽ خوشيءَ سان گذرندا رهندا. بي گوندرائيءَ ۽ آزادگيءَ جي طلب ڪئي ويئي آهي، پر بي گوندرائي، غرور ۽ بيپرواهيءَ جو دماغ ۾ ٻج پوکڻ واري شيءِ آهي. غرور ۾ انسان نه فقط بني آدم کان لاپرواهي ڏيکاري ٿو، پر خود خالق سان به خوديءَ جو دم ڀري ٿو. دنيا جي تاريخ مان ڪيترائي مثال فرعون وغيره جا ملي سگهندا، جي هن ڳالهه کي ثابت ڪندا. شاهه صاحب ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

"ڏک سکن جي سونهن،

گهوريا سک ڏکن ري،

تنين جي ورونهه،

منهنجو ميڙائو ڪيو."

حد کان زياده آزادي انسان جي اندر ۾ آوارگي ۽ ارڏائي آڻيندي، جنهنڪري نه هو مذهب جي اصولن جي پابندي ڪندو ۽ نه ملڪ جي قانون جي. تنهنڪري نه رڳو هُو جهان هٿان وڃائيندو، پر هِن جهان ۾ به پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري قانوني شڪنجي جو ڪڏهن نه ڪڏهن شڪار ٿي پوندو.

هاڻي منهنجا مثال ۽ خيال جا اقوال ڀيٽي ڏسو، ته ڪير حق ۽ سچ جو مشورو ڏيئي رهيو آهي.

جڏهن دبير عقل پنهنجو بيان ڪري رهيو هو، ته عمل اصيل کي ارشاد ٿيو ته پنهنجي دانش ۽ تجربي کان ڪم وٺي، ڪو مفيد مشورو ڏئي. عمل چيو ته "ٻڌ اي دل، ذرا خيال ڪر ته تون آهين ڇا؟ هڪ گوشت جو ٽڪرو. بس، خبر نه آهي ته قادر ڪهڙي ڪَل تنهنجي ڪنڊ ۾ قائم ڪئي آهي جنهن جي حرڪت ڪري تنهنجي جنبش ۽ جياپو پي رهيو آهي. دبير عقل کي شابس هجي جنهن توکي تنهنجي پيدائش ۽ جياپي جو مقصد ٻڌايو پر شيخ سعديءَ جو به ته مقولو ٻڌ:

 خوردن برائي زيستن و ذڪر ڪردن است،

تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است. *

سمجهه ته ڪو شخص پنهنجو وطن ڇڏي ٻئي ملڪ ۾ حج يا تيرت ڪرڻ وڃي ٿو، پر اتي وڃي هو عيش عشرت ۾ مشغول ٿيو ته چئبو ته هن پنهنجي سفر جو مقصد سمجهو ئي ڪونه: ۽ جيڪڏهن سمجهيائين ته وري بيوقوفي ڪري ابتو رستو هليو، جنهنڪري نه فقط هن دنيا ۾ خوار رهندو، پر عقبيٰ ۾ به رسوا ٿيڻو پوندس. ساڳيءَ طرح اول انسان جو فرض آهي ته هن سراءِ سپنج ۾ اچڻ جو مقصد سمجهي، پوءِ ان ۾ رهڻ لاءِ جي ضروري اصول ۽ اسباب مذهب، صحبت ۽ علم دواران حاصل ٿيا هجنس ته انهن کي ڪم آڻي ته هن کي اها نعمت حاصل ٿيندي، جنهن جي قيمت دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان پري نه سگهندي. انا نعمت آهي "اطمينان". جنهن وقت توکي اَنند سَريو، ان وقت توکي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ڪانه رهندي، پر رڳو خيال جي گهوڙي ۽ عقل جي سوار جي مدد سان توکي اها وٿ هٿ نه ايندي. جيستائين منهنجي ميدان ۾ ڪڏي قدم نه کڻندين، تيستائين منزل مقصود کي نه پهچندين. شاهه صاحب چيو آهي:

"ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،

تو جو ساڙيه ڀانيو، سو مانجهاندي جو ماڳ،

سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه جُڙي."

سو اهو سلطاني سهاڳ يعني "اندر جو آرام" لوچڻ سان لهبو. اهو لوچڻ آهي اپائيندڙ جي عبادت ۽ خلق جي خذمت. عبادت سان قلب جي صفائي، اخلاق، اوچائي، گهرجن جي گهٽتائي وغيره، سڀ حاصل ٿي وينديون ۽ هوس جي هلڪائي، محبت جي مٺائي، اُدم ۽ اَورچائي طبيعت جو جزو ٿي وينديون. انهن اڳيان دنيا جون نعمتون ڪجهه به قيمت نه لهنديون. اي دل، علم جي استادن کان سبق وٺ: فڪر جي فقيرن سان صحبت رک: ۽ سلوڪ جي، سليندڙن جي سنگت ۾ شامل ٿي، ته هو توکي هن دنيا ناهجار جي ڄار مان ڪڍي، معرفت جي ميدان ۾ آڻين. پوءِ تنهنجو رستو صاف آهي: تنهنجي اک شفاف آهي: تنهنجو قدم ثابت ۽ سفر سڻائو آهي - پاڻهي منزل مقصدو تي پهچائي ويندينءَ. هاڻي ٻڌاءِ ته ڪهڙي تمنا اٿيئي ۽ ڪهڙي طلب ڪندينءَ؟

ويچاري دل ٽن تجربه ڪار هستين جون تقريرون ٻڌي، مونجهاري ۾ اچي ويئي. مگر ٿوري ڳڻڳوت بعد فيصلو ڪيائين، ته ڇو نه ٽنهي جي طاقت پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ جي طلب ڪريان، ته پوءِ سڀ شيون حاصل ٿي وينديم. تنهنڪري مون کي آخرين عرض ڪيائين ته "خيال، عقل ۽ عمل ٽنهي ۾ جيڪي طاقتون بحد ڪمال آهن، اهي مون کي حاصل ٿين، جئن آءٌ هن دنيا ۾ پنهنجو رستو پاڻ ڳولي لهان، ۽ ٻئي جي منت ڪشيءَ کان محفوظ رهان." شاهه صاحب پڻ فرمايو آهي.

"وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪن لطيف چي، ٻاروچو ٻي پار:

ٿي سَتي، ٻڌ سندرو پرت پنهونءَ سين پار،

نائي نيڻ نهار، تون ۾ ديرو دوست جو."

دل جو اهو فيصلو ٻڌي، نهايت سرهو ٿيس ۽ ٽنهي حڪمين کي سندس خذمت ۾ رکيو ويو آهي، ته جيئن هن کي "اطمينان ڪلي" جو مال لازوال حاصل ٿي وڃي.

 

* کائڻ، جياپي ۽ خدا جي يادگيريءَ لاءِ آهي، پر تنهنجو اعتقاد آهي ته جياپو کائڻ لاءِ آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com