ماءُ جي اکڙين جا نُور،
توتي پنهنجن کي غرور،
پيءُ جي دل جا سُرور،
ڪن پراوا ڀي پيار –
تون اَن محلاتن جو خواب،
هن جهان جو آب و تاب،
جهوپڙن جو تون شباب،
روح کي بخشين قرار –
هن چمن جو شان تون،
ٿيندين سڀاڻي جوان تون،
آهين وطن جو مانُ تون،
اَڄ جا مٺڙا سهڻا ٻار –
تون جڏهن ٿيندين جوان،
بڻجي وطن جو پاسبان
ڪَج ديس کي جنت نشان،
ڪر هي گلشن مشڪبار –
اميد جي گلشن جا گل!
ٿي هوا پورب جي گُهل!
اي آس جا موتي اَمُل!
ڪو سنڌ ۾ آڻج سڪار!
اي وطن جا هونهار!
ڌڻيءَ در دعا
اسان جي حال تي هر دم، سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر!
ڀلارا ڀال پنهنجي سان، اسان جو پاند پالهو ڪر!
ڀليل آهيون ته تون پنهنجي ڪلا سان راهه روشن ڏي!
اسان جو هي قدم ڪچڙو، سنئين رستي تي سائين ڌر!
چڱائيءَ ۽ مندائيءَ جي سچي ساڃاهه صاحب ڏي،
ڀلو ۽ بهتري جنهن ۾، سدا سا شال پاڙيون پر.
پڙهون جيڪي، ڌريون دل تي، عمل ٿئي علم سان شامل،
نئين سر چاهه پيدا ٿئي، فضيلت ۽ ادب خاطر.
ڪچيءَ کان ڪر اثر پيدا، اسان ۾ خير خواهيءَ جو،
دنيا ۾ خلق خدمت کان نه ڀانيون بندگي بهتر.
کپي جيڪي گهرون تون کان، اي ڏاتر، ڏيهه کي ڏسندڙ،
سدا ڀرپور ڀنڊاري، اي داتا، دادگر دارو.
”بيوس“ |