الهورايو بوزدار
”سوڀون سگهه گهرن“
”پيڙا پيڙا.... پيڙا.... کير کنڊ جا پيڙا“ اوچتو
بس ۾ ويٺل زاهد حسين جي ڪنن هڪ ڄاتل سڃاتل آواز
ٻڌو، ۽ هن اخبار مان نظرون هٽائي سامهون ڏٺو ته
سامهون سندس ٻالڪپڻ جو سنگتي انور بيٺو هو. هٿ ۾
پيڙن جو ٿالهه هيس ۽ نظرون ماڻهن ۾ کُتل هيس. هنن
ٻنهي هڪٻئي ڏي ڏسي مسڪرايو ۽ ٻي پل ڀاڪر پائي
مليا.
”انور..... ڏي حال ڪٿي پڙهين ٿو؟“ زاهد حسين جي هن
سوال تي انور جي چهري جا رنگ اڏامڻ لڳا ۽ نااميدي
سندس منهن تي پکڙجي ويئي. ”بس يار.... اسان اتي ئي
آهيون، مونکي پڙهائي ڇڏئي سال ٿيا آهن.... نائين
ڪلاس ۾ ناپاس ٿيڻ بعد اسڪول مان ارواح ئي کڄي
ويو.“
”نه يار ائين، وري ڪيئن ٿيندو؟“ زاهد حسين ڏک ۽
ارمان مان پڇيو.
”ها يار... اهو سچ آهي، اوهان ٻڌايو ڪٿي پڙهو
پيا.“ انور، زاهد کان پڇيو... ”مان ڪيڊٽ ڪاليج ۾
پڙهان پيو، توکي خبر نه آهي ته آءٌ ستين ڪلاس مان
ئي سليڪٽ ٿي ويو هيس.“
هنن دوستن پاڻ ۾ اڃا ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پر بس هلڻ
لڳي ۽ انور منهن تي ڦڪي مرڪ آڻي، هيٺ لهي ويو ۽
زاهد حسين خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو. ماضيءَ جا
اهي ڏينهن هن اڳيان ڦري آيا، جڏهن هو ۽ انور گڏ
شهر ۾ مزدوري ڪندا هئا، پيڙا بسڪيٽ، کٽمٺڙا ۽ ٻيون
شيون بسن ۾ چڙهي کپائيندا هئا. پڙهندا به هئا.
موڪل واري ڏينهن سڄو ڏينهن ۽ اسڪول دوران موڪل کان
پوءِ شام تائين مزدوري ڪندا هئا.
ٻئي ڏاڍا گهاٽا دوست ۽ ڪلاس فيلو هئا، پر انور جون
عادتون ۽ عمل، زاهد حسين کان مختلف هئا. زاهد حسين
مزدوريءَ جا پئسا بچائي رکندو هو، ۽ هر هفتي ڪو نه
ڪو نئون ڪتاب ۽ رسالو وٺي ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو
۽ انور هر هفتي فلم ڏسندو هو، سئنيما ۾ فلمون ڏسي
وري وڊيو سينٽر تي به فلمون ڏسندو هو، زاهد کيس
ڏاڍو سمجھائيندو هو ته ”انور ڀاءُ، پاڻ خوشيءَ سان
ته بسن ۾ نٿا رلون آخر ڪي مجبوريون آهن..... نه ته
پاڻ به اسڪول کان پوءِ ٻين ٻارن وانگر آرام ڪيون
ها، راند ڪيون ها... هاڻ جيڪڏهن پنهنجا والدين
غريب آهن ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪيونٿا ته
پوءِ گهٽ ۾ گهٽ پورهئي جو ڦل ائين فضول شوقن ۽
اجاين خرچن ۾ وڃائڻ ته نه گهرجي.“ پر انور جي ذهن
۾ سدائين خيال ۽ تصوراتي ڳالهيون هونديون هيون ۽
هن تي زاهد حسين جي سمجھاڻين جو ڪوبه اثر نه ٿيندو
هو.
اتفاق سان هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ مائٽ جي گهر، ٽي.
ويءَ تي زاهد حسين هڪ فلم ڏٺي؛ اها هڪ اصلاحي فلم
هئي، جنهن ۾ هِن ڏٺو ته هڪ غريب پر محنتي ڇوڪرو
پنهنجي محنت سان سماج ۾ عزت ڀريو نالو ڪمائي ٿو،
جڏهن فضول ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪرو ڏاڍو ڪاهل ڪمزور ۽ سست
ٿي سماج ۾ ڏاڍو خراب ٿئي ٿو.
زاهد جي ذهن تي سٺن عملن جا عڪس ڄمي ويا، هو اڳ ئي
محنتي هو، وري جو سستي ۽ لاپرواهي جو خراب انجام
ڏٺائين ته وڌيڪ پڪي عزم سان پڙهڻ لڳو، هن ڪتابن ۾
به ائين پڙهيو هو ۽ وڏڙن به کيس ائين چيو هو ته هن
دنيا ۾ محنت وارو ئي سوڀ ماڻي ٿو.
ٻئي طرف زاهد کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ته انور
فلمن مان غلط خيال وٺي ٿو، نه ته، هن جڏهن هڪ فلم
ڏٺي، تڏهن ڄڻ ته زندگيءَ جو مقصد ۽ معيار سمجھي
ورتو هئائين، پر ڪيڏي نه بدقسمتي هئي انور جي جو
پئسا ڀري فلمون ڏسندو هو ۽ هر فلم ۾ خراب عملن جو
انتهائي خراب انجام ۽ ڀلن عملن جو عظيم انجام ڏسڻ
جي باوجود ڪڏهن به هن پنهنجي ذاتي ڪردار طرف ڌيان
نه ڏنو هو، سدائين فلمن ۾ ڏيکاريل سرمائيدارن غنڊن
۽ اسمگلرن ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ هميشه ان خيال ۾
ٻڏل رهندو هو ته اوچتو ئي اوچتو هو امير ٿي ويندو.
انهن ڊگهين ۽ فضول خواهشن سبب هو ويو ڪتابن کان
پري ٿيندو. ۽ زاهد حسين هڪ همت واري ذهين شاگرد
جيان پنهنجي مستقبل کي سامهون رکي پڙهندو رهيو، ڪم
ڪندو رهيو ۽ بچت ڪندو رهيو، ۽ ستين ڪلاس ۾ ڪيڊٽ
ڪاليج لاءِ امتحان ڏنائين ۽ ڪامياب ٿي ويو، هن جا
بچايل پئسا هن کي ڪم آيا ۽ ذهانت سبب ٻئي سال کيس
اسڪالرشپ ملي، هن جا والدين مٿس نيڻ نڇاور ڪرڻ لڳا
۽ کيس پڪي اميد هئي ته هو ٻن سالن بعد هڪ باصلاحيت
پائليٽ ٿيڻ وارو هو ۽ ٻئي طرف انور هو جنهن پنهنجو
پاڻ کي خوشفهمين جي دنيا ۾ رکي پنهنجي حقيقي خوشين
کي برباد ڪري ڇڏيو.
”صاحب.... اوهان جو اسٽاپ اچي ويو.“ اوچتو ڪنهن
آواز تي، زاهد خيالن مان حقيقت طرف آيو.
پياسي ڪنڀر
استاد ۽ سندس فرض
صبح جو ٺيڪ اٺين وڳي اسيمبليءَ لاءِ گهنڊ وڳو.
جيئن جيئن گهنڊ وڳو، تيئن تيئن هر ڪلاس جا ٻار
اسيمبلي هال ۾ پنهنجا ڪلاس ڇڏي ڊوڙندا آيا. پوءِ
قطارون جوڙي پرسڪون خاموشي اختيار ڪيائون ۽ گهنڊ
وڳو، پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت لاءِ هڪ ننڍڙو ٻالڪ
آيو. تلاوت پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي روشن مستقبل
لاءِ پنهنجي پالڻهار کان سڀئي ٻارڙا ننڍڙا ننڍڙا
سهڻا، سهڻا ۽ سنهڙا، سنهڙا هٿ کڻي دعا گهرڻ لڳا.
وري گهنڊ وڳو ۽ هنن اڇن اجرن ستارن جي قطارن مان
ٽي چمڪندڙ ننڍڙا ٻارڙا مٿي اسٽيج تي چڙهي آيا.
اسٽيج تي پنهنجي استادن آڏو ادب احترام سان
پاڪستان جو قومي ترانو پنهنجي من موهيندڙ ۽ مڌر
آواز ۾ چيائون! سندن سٻاجهڙو ۽ راحت بخشيندڙ آواز
ٻڌي گهڙي پل لاءِ سوچڻ لڳس ته “جيڪر هي ٻالڪ اهڙي
ئي سندر لهجي ۾ دنيا جي عظيم شاعر ڀٽائي رحه جي
وائي ڳائن ته جيڪر پٿر دل ماڻهو به موم بڻجي پوي.“
تراني بعد اسيمبليءَ جا اصول پورا ٿيا، ۽ وري گهنڊ
وڳو ۽ پوءِ سمورا ننڍرا وڏا ٻارڙا پنهنجي پنهنجي
ڪلاسن ڏانهن قطارن ۾ اڳتي وڌڻ لڳا. اتي بيٺل
استادن ۾ ڪي ڪچهريون ڪرڻ لڳا، ته ڪي پنهنجن پنهنجن
ڪلاسن ڏانهن راهي ٿيا.
”ان ڏينهن مان به پنهنجي ڪلاس ڏانهن تڪڙا تڪڙا قدم
کڻي رهيو هيم، مونکي تڪڙو ايندي ڏسي ٻارڙا خاموش
ٿي ويا. هونءَ سڄي اسڪول ۽ منهنجي ڪلاس ۾ ٻارڙن جو
چؤٻول متل هو. ڄڻ محسوس ائين پيو ٿئي. ڪنهن باغ ۾
ننڍا ننڍا پکي چيون چيون ڪري رهيا هجن. ۽ ڪنهن
بندوق جي خوفائتي ٺڪاءَ ٿيڻ سان ان وڻن، ڏارن ۽
گلڙن تان سارا پکي خوف هراس ڪري هيڏي هوڏي اڏامندا
هجن.“ ڪلاس ۾ گهڙندي ئي پنهنجي ڪرسي سنڀاليم. جيڪا
ننڍڙن ٻالڪن پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌوگابري صفا ڪئي
هئي. جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويٺم ته منهنجي ڪلاس جي هڪ
شاگرد ويجهو اچي، منهنجي چهري تي ڦهليل مايوسيءَ
کي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجي سٻاجهڙي لهجي ۾ مونسان
گفگتو شروع ڪئي.
”سائين؟“
”جي بابلا“
”ڇا توهين اسان سڀني ٻارڙن سان پيار ڪندا آهيو؟ ۽
انهن سان به جيڪي ڪم چور ۽ گوسڙو آهن؟“
سندس ڏاهپ واري انداز ۾ اهڙي قسم جي سوال ڪرڻ تي
ازخود منهنجي چپن تي ”مرڪ جون ڪيئي اڻ کٽ سندر
ريکائون چمڪڻ لڳيون“ ۽ پوءِ سوچ جي گهرائيءَ ۾
غوطا کائڻ لڳس، ۽ سوچڻ لڳس ته ”ننڍڙي عمر ۾ ايڏو
ڊگهو ۽ ڪيتري گهري معنيٰ رکندڙ سوال ڪرڻ وڏي ڳالهه
آهي.“
”جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جي سمورن ٻارن کي امن سان ڀرپور
۽ محنت سان ٽمٽار ماحول ڏجي ته ڪوبه ٻار سستيءَ ۾
ڪاهل، محنت کان غافل ۽ ڪاپيءَ جهڙي موذي مرض ۾
مبتلا هرگز نه ٿئي.“
مان بي خوديءَ مان سندس ڳل تي پيار وچان هلڪي هلڪي
ٿڦڪي هڻندي جواب ڏنومانس ته: هر محنتي ۽ هر سچار
استاد کي پنهنجا شاگرد پنهنجي جان ۽ پنهنجي اولاد
کان به وڌيڪ عزيز ۽ پيارا هوندا آهن.“
”اهو وري ڪيئن سائين؟“ عجب واري انداز ۾ سوال
ڪيائين. ”اولاد، اولاد آهي ۽ ويچارو شاگرد ته
شاگرد آهي.“
”نه بابلا ائين نه آهي.“
”ته سائين ڪيئن ڀلا؟“
”مڃون ٿا ته اها بلڪل چٽي پٽي حقيقت آهي ته اولاد
تمام وڌيڪ عزيز آهي. ۽ اولاد بنا سارو جيون سنسان
آهن. توهان به ته ڪنهن جو اولاد آهيو. توهان پيءُ،
ماءُ کي ڪيترا عزيز آهيو. سا ته والدين کي ئي سڌ
آهي. استاد کي به اوترو ئي اولاد پيارو هوندو آهي.
والدين صرف پالي تاتي جوان ٿو ڪري. مگر استاد ان
جي ڪوري دماغ ۾ ڪيئي رنگ برنگي ۽ سهڻيون سوچون
اوتي ٿو. جڏهن سوچون دماغ جي چرخي ۾ گردش ڪرڻ لڳن
ٿيون، ته ڪيئي سندر خيال گلابن جهڙا جذبا ۽ راحت
ڏيندڙ احساس جنم وٺن ٿا. پوءِ اهي خيال ۽ جذبا ۽
احساس ان ماڻهوءَ کي انقلاب، حق سچ، سونهن سوڀيا،
حقيقت ۽ اصل منزل ڏانهن نيو ٿا وڃن. پوءِ انهن مان
ڪي ڌرتيءَ جي پرچار ۾ ٿا لڳن. جيڪي اونداهي ڌرتي
تي جتي ظلم، ستم، جبر ڏاڍ ۽ ڏاڍي جي هيڻي تي ڪاهه
هجي ۽ مظلوم ماڻهن جا حق پائمال ڪيا وڃن. ان ڌرتي
تي، اهڙي مظلوم عوام جو جيئڻ محال هجي. ان ڪاري
دؤر کان نجات ڏيارين ٿا. انهن کي قوم جو هيرو ۽
انقلابي چيو ويندو آهي.“
”ڪي وري قوم جا استاد سڏبا آهن. سي پنهنجي فن فڪر،
ذهني سوچ ۽ وسيع مشاهدي تي پنهنجي قلم ذريعي،
ڌرتيءَ جي سونهن سوڀيا، ۽ ان هيسيل ماڻهن جي پيڙا
کي جن ظالم جو ڏاڍ سٺو ۽ ڪيتريون تڪليفون ڪٽيون.
انهن سڀني رازن کي پنهنجن لکڻين ۾ مثلاً: ڪهاڻين،
گيتن، غزلن جو روپ اوڍائي حق ۽ سچ جي جوت حقيقتون
چٽي، ستل قوم کي ننڊ مان جاڳائي انقلاب جون واٽون،
گس ۽ پيچرا ڏسين ٿا. جيڪي هن مظلوم ماڻهن جي خون
کي ولوڙي پاڻ سڻڀن ٽڪرن جون لذتون وٺي رهيا آهن ۽
پورهيت ماڻهن جي پگهر مان واسُ وٺي پنهنجي فرحتي
زندگي گذارين ٿا. اهڙن بداخلاق وحشي درندن ۽ خون
پيئندڙ پاپن کي هڪ زنده دل شخص، سچو شاعر، اديب
جنهن جي دل ۾ سڪ محبت ۽ خلوص ۽ امن وارو علم
ڇوليون هڻندو هجي. خود ئي سندن ڪريل ڪردار کي دنيا
اڳيان وائکو ٿو ڪري. اهو سڀ ڪجھ استاد جو ئي ڪمال
آهي. جنهن سادي سودي ماڻهوءَ جي دل ۾ علم جا ڏيئا
روشن ڪري ذهن مان ڪاري جهالت کي ڌڪاريو آهي ۽
شاگرد مان استاد ان کي ڊاڪٽر، اديب، شاعر، انجنيئر
۽ ملڪ جو حاڪم پڻ بنايو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ
معاشري ۾ رهڻي ڪهڻيءَ جا طور طريقا پڻ ٻڌائي ٿو،
پيءُ ماءُ جو ادب ۽ انهن جي اهميت وڏي فراخدليءَ
سان سمجھائيندي چوندو آهي، ته جيئن اوهين اسڪول ۾
استاد جي عزت ڪندا آهيو. تيئن والدين جي عزت ڪرڻ
اولين فرض آهي. شاگرد کي سڌارڻ لاءِ اگر مار به ڏي
ٿو ته اها مار ٻار لئه سنوار بڻجي ٿي. هو ته نيڪ
دلي سان چاهيندو آهي ته منهنجو شاگرد ڪنهن چڱي
منزل تي وڃي رسي ۽ هن قوم، هن ڌرتي ۽ مظلوم ماڻهن
جو ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانو بڻجي پوي. اهڙي ذهين شاگرد
تي استاد فخر ڪندو آهي. بلڪه سوچيندو آ ته منهنجي
محنت راءِ گان ناهي وئي.“
هينئر منهنجا سڀ شاگرد مون ڏانهن ئي متوجهه هيا ۽
منهنجي نرڙ تان پگهر لارون ڪري ڪِري رهيو هو، ۽
هاڻ منهنجي مک تي ساڳي مايوسي نه پر هڪ ٻي عجيب
ڪيفيت طاري هئي. ۽ شاگردن کي چوندو رهيم ته ”جي
اوهان کي پنهنجي لاءِ قوم لاءِ ڪجھ ٿيڻو آهي، ۽ هن
سانگين جهانگين ۽ ڌرتي جي سونهن سڀيتا لاءِ سوچڻو
آهي ته هاڻي کان سوچيو. ڇو جو وقت ڪنهن لاءِ به
ڪونه ٿو بيهي. ”محنت ڪيو- علم پرايو.“ علم اهڙي
روشني آهي. جا ڪڏهن به ڌنڌلي يا جهور نه ٿي ٿي
سگي. ”ڊاڪٽر ٿيو انجنيئر ٿيو. قوم جا رهبر شاعر،
اديب ٿيو. ملڪ جا حاڪمن بڻجي ديس واسين جي سار
لهو.“ ۽ ها! ”منهنجو توهان سڀني سان اٽوٽ پيار
آهي. يعني جيڪو ڪڏهين به نه ٽٽي. جنهن جون پاڙون،
پنهنجي سڪ، قرب، پنهنجائپ، ويجهڙائپ، خلوص ۽ پيار
جي اونهي گهرائيءَ ۾ کتل آهن. مونکي گوسڙو ۽ ڪم
چور شاگردن سان به بيحد پيار آهي. ڇو جو نافرمان
اولاد پيءُ ماءُ کي به عزيز هوندو آهي.
”مان ۽ توهان سڀئي گڏجي سڏجي اها ڪوشش ڪيون ته
انهن گوسڙن دوستن کي چڱي دڳ لائيون، ۽ انهن کي
سمجھايون ته زندگي صرف هڪ دفعو ملندي آهي. ان
زندگيءَ کي ائين فضول گذارڻ کان بهتر آ ته ڪجھ ڪري
ڏيکارجي جيئن قوم ياد ڪري.“
اهي لفظ چئي، مون ڪلاس ڏي نهاريو، سڀ ٻار ڌيان سان
منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا، ۽ مون کين چيو ته
”پيارا ٻارو، توهين منهنجي ڳالهه تي عمل ڪندا يا
نه.“ سڀني هڪ آواز ٿي چيو، ”جي سائين“ اهي لفظ ٻڌي
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ پوءِ شاگردن جي حاضري جو
رجسٽر کولي، سندن حاضري ڀرڻ لڳس.
شاهنواز ”گل“
لالچ بُري بلا
پيارا ٻارو: ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪڙو
سوداگر هو، جنهن کي هڪ پٽ هو، تمام لالچي هوندو
هو، هن جو پيءُ به هن کي انهن حرڪتن کان
روڪيندوهو، پر هو والد صاحب جي ڳالهين تي غور نه
ڪندو هو،ڪجھ عرصي کان پوءِ ان جو والد (يعني)
سوداگر هن فاني دنيا کان موڪلائي ويو، هن جي تمام
گھڻي ملڪيت هئي، جيڪا هن جي فرزند عيش ۾ لٽائي
ڇڏي، جڏهن ملڪيت تمام ٿوري وڃي بچي ته هن انهن مان
ڪجھ اُٺ خريد ڪيا ۽ انهن تي شهر ۾ بار کڻي گُذر
سفر ڪندو هو.
هڪ ڏينهن هُو روزاني جيان پنهنجا اُٺ هڪ جهنگ ۾
چرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنا ۽ پاڻ هڪ وڻ هيٺ آرام ڪرڻ لڳو
۽ اتان هڪ بزرگ جو گذر ٿيو ۽ هو بُزرگ سوداگر جي
پُٽ وٽ آيو ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ
سوداگر جي پُٽ پنهنجي ڪهاڻي ان کي ٻڌائي، تنهن تي
فقير چيو ”آئون توکي خزاني جو ٻڌايان ٿو هڪ شرط تي
ته ان مان اڌ خزانو منهنجو ٿيندو تنهن تي سوداگر
جو پٽ راضي ٿي ويو ۽ پنهنجا سڀ اُٺ کڻي ان خزاني
واري جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو اتي وڃي بُزرگ ڪجهه
پڙهي ڦوڪيو ۽ پوءِ اکين اڳيان هيرا جواهرات ڦرڻ
لڳا سوداگر جو پُٽ جلدي ۾ اُٺن کي ڪاهي آيو ۽ سڀ
خزانو کڻي اُٺن تي رکيو ۽ بُزرگ کي اُتان هڪ سون
جي خوبصورت دٻي ملي، جنهن کي پنهنجي کيسي ۾ رکي
ڇڏيائين، سوداگر جي پُٽ اهو سڀ ڪجھ ڏٺو پر هو ماٺ
ڪري خزانو کڻي ٻاهر نڪتو، جڏهن ٻاهر آيا ته اڌ اُٺ
سوداگر جي پُٽ بزرگ کي ڏنا ۽ ٻئي پنهنجي منزل
ڏانهن وڃڻ لڳا، چوندا آهن ته جيستائين ماڻهو وٽ
دولت نه هوندي آهي ته هير ڪندو آهي. پر جڏهن دولت
ايندي آهي ته لالچ وڌي ويندي آهي، سوداگر جي پُٽ
کي لالچ ورايو ۽ هن بزرگ کي سڏ ڪيو، تنهن تي بزرگ
بيهي رهيو، سوداگر جي پٽ اچي انهيءَ کي چيو ته:
”توهان الله وارا ماڻهو آهيو توهان ايتري خزاني کي
ڇا ڪندا، اهو مون کي ڏيئي ڇڏيو“، تنهن تي هن بزرگ
خزاني جي اڌ جو اڌ سوداگر جي پٽ کي ڏنو وري انهي
جي لالچ وڌي ۽ آهستي آهستي سڀ خزانو بزرگ کان ورتو
۽ پوءِ جڏهن وڃڻ لڳوته سوداگر جي پُٽ کي اها دٻي
ياد اچي ويئي ۽ بزرگ کي دٻي ڏيڻ جو دل ۾ سوچيو ته
جيڪر شرافت ۾ نه ڏنائين ته زوري ماري به ڦري
وٺندس.
گهڻو ضد ڪرڻ تي بزرگ دٻي به ڏيئي ڇڏي ۽ پڇيو ته،
”ان کي ڇا ڪندين؟“ تنهن تي سوداگر جو پٽ اچرج ۾
پئجي ويو ۽ بزرگ ٻڌايس ته، ”هن اندر هڪ اهڙو مرهم
آهي جيڪو کٻي اک تي لڳائبو ته جتي به خزانو هوندو
اهو نظر ايندو“، تنهن تي سوداگر جي پُٽ بزرگ کي
چيو، ”منهنجي اک تي لڳايو“، تنهن تي بزرگ مرهم
لڳايو ۽ ان کي هر طرف خزانو نظر اچڻ لڳو پوءِ هن
چيو ته ٿورو ”ساڄي اک تي به لڳايو“ تڏهن بزرگ چيو:
”نه ساڄي اک تي لڳائڻ سان انڌو ٿي ويندين.“
تڏهن سوداگر جي پُٽ سمجھيو ته بزرگ هن کان ڪجھ
لڪائي پيو ۽ هن جي گهڻي اسرار تي بزرگ مرهم هن جي
ساڄي اک تي هنيو ۽ پوءِ جڏهن سوداگر جي پٽ اکيون
کوليون ته ان کي ڪجھ نظر نه آيو ۽ پوءِ بزرگ جي
پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”مهرباني ڪري منهنجون
اکيون صحيح ڪريو. ان جي عيوض ڀلي سڀ خزانو کڻي وڃو
پر بزرگ هڪ نه ٻڌي ۽ سڀ خزانو کڻي هليو ويو.
پيارا ٻارو ڏسو ته لالچ ڪيڏي نه بُري بلا آهي
تنهنڪري ڪڏهن به لالچ نه ڪجو.
کل ته سهي
هڪ همراهه، سئنيما ۾ فلم ڏسي رهيو هو. جڏهن به
ڏکارو منظر ٿي آيو ته رڙيون ڪري ٿي رُنو، ان جي
ڀرسان هڪ ڊاڪٽر ويٺو هو، ۽ تنگ ٿي رهيو هو، ان
کيسي مان هڪ شئي ڪڍي ان همراهه کي ڏني، ۽ چيائين
”هي چوس ته ٺيڪ ٿي ويندين، مان ڊاڪٽر آهيان.“
همراهه ان کان پوءِ خاموش رهيو. فلم ختم ٿي ته
ڊاڪٽر کي چيائين ”سائين اها گوري ته لکي ڏجو“
ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ”معاف ڪجو اها گوري نه پر
منهنجي قميص جي ٻانهن جو بٽڻ ڇڄي پيو هو اُهو هو.
ڄام علي کوسو، ميهڙ
هڪ همراهه وٽ مهمان آيو ۽ گهر ۾ جيڪا به ماني هئي
سا کائي ويو. ٻار کي بک لڳي ۽ روئڻ لڳو. ماءُ چيس
”ابا صبر ڪر، مهمان وڃي ته گڏجي ٿا روئون.
عبدالحڪيم، کورواهه
هڪ همراهه دوستن جي دعوت ڪئي، ۽ ان دعوت ۾ چاندي
جا چمچا هئا. هڪ همراهه، هڪ چمچو اک ٽيٽ ڪري ڪوٽ
جي کيسي ۾ وڌو. ان کي ٻئي ماڻهو ڏسي ورتو. جڏهن
ماني کائي بس ڪيائون ته ان همراهه دوستن کي چيو:
دوستو، مان جادو سکيل آهيان، ڏسو، هي چمچو، پنهنجي
کيسي ۾ وجهان ٿو، ۽ اهو چمچو ڪڍندس ٻئي جي کيسي
مان: ائين چئي، ان همراهه جي کيسي ۾ هٿ وجهي چمچو
ڪڍيائين.
عارف علي سومرو، دادو
هڪ همراهه دوست کي چيو، ”يار، جڏهن عقل ورهايو پئي
ويو ته تون ڪٿي هئين.“ ان چيو ”يار، مان توکي وٺڻ
ويو هوس.“
عبدالقادر ميمڻ، هالا
پيءُ ”پٽ کان پڇيو“ نوٽ بڪ ڪنهن کي چوندا آهن.
پٽ چيو: بابا جنهن ۾ نوٽ ئي نوٽ هجن.
غلام علي سومرو، باڊهه
هڪ همراهه ٻوڙو ٿي پيو، ۽ هڪ ڏينهن دل ۾ خيال ٿيس
ته وڃي دوست سان ملي اچان، سو هو دوست جي ڳوٺ ويو،
جڏهن، ان جي اوطاق وٽ پهتو ته ڪتو، ڀؤنڪڻ لڳو، ڪتي
جي ڀؤنڪ ٻڌي، سندس دوست اوطاق ۾ آيو، ۽ اچي دوست
سان مليو، حال احوال وٺندي، ٻوڙي دوست چيس ”يار،
تنهنجي ڪتي کي ڇا ٿي ويو آهي، اڳي ته ماڻهو ڏسي
ڀؤنڪندو هو، هاڻ ته ڀؤنڪي ڪونه ٿو.“ ان دوست چيس
”يار، رات ننڊ ڪانه ڪئي اٿس.“
رجب علي ڪنڀر، ڪوٽ غلام محمد
هڪ بس ۾ هڪ پوڙهي عورت به ويٺي هئي، جڏهن هڪ وڏي
بلڊنگ ڏٺائين ته، انگوڙي واري لٺ، اڳئين سيٽ تي
ويٺل همراهه جي ڳچي ۾ وجهي چيائين: ”ابا، اها
نيشنل بئنڪ آهي“ ان همراهه چيو، نه امڙ، اها
منهنجي ڳچي آهي.
غلام مصطفيٰ دل، ڀان
هڪ گهر ۾ چور آيو، مالڪ سجاڳ ٿي پيو، ۽ چور لٺيون
هڻي ڪيرائي وڌائين. پوءِ ان جي مٿان چڙهي ويٺو ته
متان ڀڄي وڃي، ۽ رڙ ڪري زال کي چيائين ”پاڻي ته
پيار رمضان جي ماءُ“ هيٺان چور به رڙ ڪري چيو:
”ڀاڄائي منهنجي لاءِ به گلاس ڀريو اچجان.“
محمد يعقوب سومرو، پنوعاقل
هڪ نفسيات جو پروفيسر يونيورسٽي وڃي رهيو هو. زال
چيس: ”ماني ته کائي وڃو.“ ان ماني کاڌي ۽ وڃڻ لڳو.
زال ڏٺو ته پيرين اگهاڙو وڃي رهيو آهي، سو رڙ ڪري
چيائين ”بوٽ ته پائي وڃو“، پروفيسر جواب ڏنو:
”موٽي اچي کائيندس.
محمود فراز قاضي، هالا نوان
هڪ همراهه جي ڳلي ۾ سور هو، سو ڊاڪٽر وٽ آيو،
ڊاڪٽر ٽارچ ٻاري چيس وات پٽ، همراهه وات پٽيو،
ڊاڪٽر چيو، اڃا وات کول، مريض بيزار ٿي چيو: ڊاڪٽر
ڳلو ڏسندين يا اندر پيٽ ۾ هليو ويندين.
صفي الله رستماڻي، واهي پانڌي
هڪ فقيرياڻي، هڪ گهر ۾ آئي، جلدي ۾ پٽ ماءُ کي
چيو، ”امان، هن کي ماني نه ڏجان.“ ماڻس پڇيو ”ڇو،
ابا؟“ پٽ جواب ڏنو ”گهرندي الله جي نالي آهي
کائيندي پاڻ آهي.“
نذير ڌاريجو
هڪ ٻار، هڪ پوڙهي شخص کي تنگ ڪري رهيو هو ڪاوڙ مان
پوڙهي شخص ٻار کي پڪڙي، کڻي کيس ٻانهن ۾ چڪ هنيو،
چڪ لڳڻ سان ٻار کلڻ لڳو، جڏهن ماڻهن ڇڏايس ته هڪ
همراهه چيس“ هُن، توکي چڪ هنيو ۽ تون کلي رهيو
هئين.“ ٻار کلندي جواب ڏنو: ”ڏاڏي کي ڏند هئا ئي
ڪونه.“
پرويز علي دائوداڻي، وارهه
استاد، هڪ شاگرد کي چيو پٽ تنهنجي پين ۾ ته ڦڪي مس
آهي، ٻئي شاگرد معصوميت سان چيو: سائين، کنڊ کڻي
اچان.
سليم سولنگي، ميهڙ
هڪ ٻار کي، هڪ همراهه چيو: پٽ تنهنجي واچ ٽائيم
ٺيڪ ڏيندي آهي.
ٻار جواب ڏنو ته ڏيندي نه آهي پر ڏسڻو پوندو آهي.
عامر زيب شيخ، شڪارپور
گل ڦل قلمي دوستي
نالو: سترام داس
ڪلاس: چوٿون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 8 سال
ائڊريس: ڏيچند بوٽ هائوس عمرڪوٽ.
نالو: حاجي خان راڄڙ
ڪلاس: ڏهون
وندر: ريڊيو ٻڌڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بس اسٽينڊ لوڻ کاڻ،
وڏهل، تعلقو کپرو.
نالو: علي رضا ملاح
ڪلاس: ستون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول هٿونگو.
نالو: غلام رضا جوڻيجو
ڪلاس: ٻيون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 7 سال
ائڊريس: ڳوٺ حاجي ذڪريا جوڻيجو وايا باڊهه.
نالو: ڀڄڻ داس مارواڙي
ڪلاس: ستون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: معرفت ٻانهورام ناڪي منشي ضلعو گهوٽڪي.
نالو: راجه تيرٿداس ساگر
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: ڀٽائي ڪتاب گهر ڪاليج روڊ عمرڪوٽ.
نالو: زوهيب حسن زرداري
ڪلاس: نائون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: معرفت عبالله سيلون وارو پوسٽ بڇيري ضلع
نواب شاهه.
نالو: سهيل احمد کوکر
ڪلاس: ستون
وندر: انگريزي پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: مندر مسڻ دولت ڪالوني نواب شاهه.
نالو: سندر ڪمار
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: معرفت ميٺامل ماڻڪ رام ڪلاٿ مرچنٽ جروار
تعلقو ميرپور ماٿيلو.
نالو: محمد اسعد حسن ساوند
ڪلاس: ڏهون
وندر: قرآن شريف پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه مفتاع العلوم حماديہ گلشير
محله ڪنڌڪوٽ.
نالو: عابد حسين جتوئي
ڪلاس: ڏهون
وندر: تحقيق ڪرڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: معرفت عبدالستار بڪ سينٽر شاهه آباد محلو
دادو.
نالو: وشنداس پروانو
ڪلاس: اٺون سي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2 عمرڪوٽ.
نالو: نياز علي ارباب
ڪلاس: يارهون
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس غلام محمد ارباب تعلقو کپرو.
نالو: اصغر علي
ڪلاس ڇهون (بي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
نالو: علي گُل
ڪلاس: ڏهون (بي)
وندر: علم سان چاهه
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر ڊهو گهوٽڪي.
نالو: الله داد سيال
ڪلاس: يارهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: بسم الله ڪريانه مرچنٽ پوسٽ آفيس خيرو
ديرو جيڪب آباد.
نالو: عبدالخالق هنڱورجو
ڪلاس: نائون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: معرفت حاجي بچل هنڱورجو ڪريانه مرچنٽ
کوسڪي روڊ بدين.
نالو: محمد عاقل ڪنڀار
ڪلاس: ڏهون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول 2 عمرڪوٽ.
نالو: ڪاشف سليم اعواڻ
ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيڪنڊري اسڪول سيتا
روڊ.
نالو: خان محمد ڀٽو
ڪلاس: ڏهون (ڊي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: نيو قلندري هوٽل ويجهو عيد گاهه روڊ جامع
مسجد نواب شاهه.
نالو: شوڪت علي شورو
ڪلاس: نائون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: معرفت محمد صيفل دڪاندار ريلوي اسٽيشن روڊ
گهوٽڪي.
نالو: فياض علي سومرو
ڪلاس: ڇهون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: محمد هاشم چنا بوٽ هائوس ڦلجي اسٽيشن
دادو.
نالو: جوهر ڪمار
ڪلاس: ڏهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺي.
نالو: محمد الدين جوکيو
ڪلاس: نائون (اي)
وندر: قرآن شريف پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: ڳوٺ محمد يامين جوکيو سپر هاءِ وي کديجي
ڪاٺوڙ.
نالو: فخر الدين سميجو
ڪلاس: انٽر سائنس
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: پوسٽ شاهه پنجو سلطان وايا راڌڻ.
نالو: فهيم ستار خانزادو
ڪلاس: ستون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: ڪيڊٽ ڪاليج آفندي هائوس لاڙڪاڻو.
نالو: سرفراز احمد ڦلپوٽو
ڪلاس: نائون (سي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو.
نالو: احمد خان مري بلوچ
ڪلاس: ڏهون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلهڏيون تعلقو کپرو.
نالو: عرفان الحق مغل
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: عطيه هاءِ اسڪول خيرپور ميرس.
نالو: جمشيد قريشي
ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو.
نالو: احمد علي سومرو
ڪلاس: نائون (سي)
وندر: پڙهڻ سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ (پي) هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ.
نالو: بلاول خان پنهور
ڪلاس: نائون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 15 سال
ائڊريس: شهيد مخدوم بلاول ميڊيڪل اسٽور ڦلجي
اسٽيشن ضلعو دادو.
خط
ادا،
جون وارو گل ڦل هٿن ۾ آهي. پڙهي دل خوش ٿي. مان
پهريون دفعو خط لکي رهيو آهيان. اميد آهي مايوس نه
ڪندا، ۽ مواد به موڪلي رهيو آهيان اميد آهي ته
شايع ڪندا. جون واري پرچي ۾ محرم الحرام تي مضمون،
ڪهاڻي وقت، فيڪس مشين تي مضمون وڻيو.
ان کان سواءِ ”ڪاش اهڙو وقت اچي“ ڪتو ٻلو ۽ ڀولڙو
به سٺيون ڪهاڻيون هيون. اسان جي دعا آهي ته رسالو
اڃا به وڌيڪ مشهور ٿئي.
فقط برهان الدين سومرو ڍورو نارو.
ادل، آئون پهريون دفعو خط لکي رهيو آهيان. اميد ته
مايوس نه ڪندا. آئون ستين ڪلاس جو شاگرد آهيان.
مون کي نه بيت اچي ٿو نه وري ڪهاڻي تنهنڪري مون
ارادو ڪيو ته گل ڦل ۾ شروعات خط سان ڪريان. ”ادا
جون جو رسالو اسان وٽ پهتو تمام گهڻو پسند آيو، هن
رسالي ۾ سڀئي سلسلا بهترين آهن ۽ هن خط کي ردي جي
ٽوڪري ۾ نه اڇلائجو نه ته آءٌ ننڍن ٻارن وانگر
روئي پوندس.“
توهان جو ڀاءُ: فيضان لغاري سانگهڙ.
ادا، آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، مگر خط
پهريون دفعو لکي رهيو آهيان، اميد ته هي خط شامل
ڪري همت افزائي ڪندا، ادا جون وارو رسالو وٺي
پڙهيم ته ڪهاڻيون. ”ڪاش اهڙو وقت اچي“، جادوئي
ڌاڳا، وڊيو گيم، ڪتو، ٻلو ۽ ڀولڙو، موچي ۽ ڄامڙا،
چالاڪ لوهار، سٺيون ڪهاڻيون هيون.
فقط: ڀڄن داس مارواڙي شهر عمر ڊهو.
ادا، توهان جو گل ڦل وٺي پڙهيوسين. تمام گهڻو من
موهيندڙ لڳو، سڀ شيون معياري هيون. رسالي کي ٽائيم
تي ڪڍڻ لاءِ لک لائق. اميد ته آئينده به ائين ئي
ٽائيم تي ڪڍي رسالي کي معياري بنائيندا. ادا ماضي
۾ هلندڙ هڪ سلسلو اچو ته مضمون لکون تمام ڪامياب
سلسلو هو جنهن کي ٻيهر هلايو وڃي ته رسالو تمام
گهڻو ڪامياب ويندو.
عبدالڪريم آريسر ڍورو نارو.
ادا، مان هر دفعي يعني هر مهيني توهان ڏانهن مواد
موڪليندو آهيان، پر اهو ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪيو
ويندو آهي. جون واري پرچي ۾ شاعري ۾ ”ماءُ جي آس“،
چنڊ ۽ ڪهاڻي ۾ ڪاش اهڙو وقت اچي، وقت، ڳجھ، جادوئي
ڌاڳا، ۽ خوشي جا ڳوڙها پڙهڻ وٽان هيون. ادا مان
هاڻ به مواد موڪلي رهيو آهيان.
غلام مصطفيٰ کهاوڙ، گاجي کهاوڙ.
ادا، گهڻي سڪ محبت سان لکجي ٿو ته مان اوهان جو
رسالو گهڻي چاهه سان پڙهندو آهيان، گل ڦل جون
1995ع وارو شمارو اچڻ واري وقت کان ٿورو دير پهتو.
هي واحد رسالو آهي جيڪو هر مهيني ننڍڙن ٻارن جي
امنگن جي ترجماني ڪري ٿو. اوهان جو رسالو مان ۽
منهنجو سؤٽ حفيظ الله ڏاڍي شوق سان پڙهندا آهيون.
پر خط پهريون دفعو لکي رهيا آهيون.
اوهان جو: اسدالله پنهور الله آباد ڦلجي اسٽيشن.
چاچا، ”گل ڦل“ رسالو پهريون دفعو مارڪيٽ ۾ ڏٺم
خريد ڪري پڙهيم ڏاڍو پسند آيو ۽ خط لکڻ تي مجبور
ڪري ڇڏيو. شروعات ۾ توهان جو حال احوال پڙهيم،
پوءِ لطيفي لات، محرم الحرام، ۽ ميهڙ جو سير، ڪتو
ٻلو ۽ ڀولڙو، جادوئي ڌاڳا، ”ڪاش اهڙو وقت اچي“،
بيت، نظم به ڏاڍا وڻيا. صحبت جو اثر، انساني جسم،
کل ته سهي، گل ڦل قلمي دوستي سڀ سلسلا وڻندڙ هئا.
توهان جو ڀائيٽيو: محمد سليم جوکيو، ڳوٺ محمد
يامين جوکيو، کديجي.
ادا، آئون گل ڦل رسالي جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ خط
پهريون دفعو لکي رهيو آهيان، عرض ته ماهوار رسالو
گل ڦل پڙهيم بيحد پسند آيو، جون جي مهيني ۾ ڪتو
ٻلو ۽ ڀولڙو، جادوئي ڌاڳا، ڪاش اهڙو وقت اچي، موچي
۽ ڄامڙا، چالاڪ لوهار، گلاب جو گل، پسو پکيئڙن، کل
ته سهي ۽ شاعري بيحد پسند آيا. مطلب ته رسالو سڄو
لاجواب هو.
دعاگو بشير احمد سومرو، شڪارپور.
ادا، اوهانجو رسالو اسان جي هٿن ۾ آهي پڙهي ڏاڍي
خوشي ٿي، پر جڏهن پنهنجو نالو رسالي مان غائب ڏٺم
ته تمام گهڻو ڏک ٿيو دل کي ائين چئي مطمئن ڪري
ڇڏيم ته شايد اسين گل ڦل جي لکڻ جي لائق نه آهيون،
ادا هڪ دفعو وري اميد رکي خط لکي رهيو آهيان. شايع
ڪندا ته لک ٿورا.
اياز علي ”ڌڻي بخش“ سهتو ڪوٽ غلام محمد.
ادا، مان توهان جو گل ڦل هر مهيني پڙهندو پيو اچان
ڪيترائي خط اڳ به لکيا اٿم پر ڪنهن به گل ڦل ۾
منهنجو خط شايع نه ڪيو ويو آهي آخر مون غريب جي
خطن کي شايع ڪيو ڇو نه ٿا؟ ادا جيڪڏهن هي خط شايع
نه ڪيو ته پوءِ مان به گل ڦل خريد نه ڪندس. ادا
جون 1995ع وارو گل ڦل هٿ ۾ آهي مواد ۾ خاص ڪري
محرم الحرام، ڪتو ٻلو ۽ ڀولڙو، ڪاش اهڙو وقت اچي،
چالاڪ لوهار، وڏن جي نصيحت، ڳجهه وغيره تمام
گهڻيون پسند آيون.
اوهانجو ڀاءُ: محمد يوسف ملاح مهر ڀٽ.
ادا، مان رسالو ”گل ڦل“ ان وقت پڙهيم جڏهن مان
اسپتال ۾ داخل هيس، منهنجي سامهون واري بيڊ تي
منهنجي هم عمر ڇوڪر کي رسالو هٿن ۾ هو. ان ڏينهن
کان وٺي هر مهيني مان به اسپتال ۾ رسالو پڙهندو
هئس. گهر پهچڻ سان خط لکيو اٿم.
توهانجو: طارق احمد چَچَو قمبر.
ادا، مان توهان جو گل ڦل هر مهيني پڙهندو آهيان.
ڀاءُ مون اڳ ۾ ٻه خط موڪليا آهن. افسوس جو هڪ به
شايع نٿا ڪريو. هر ڀيري اسان جا خط ردي جي ٽوڪري
حوالي ڪري ڇڏيو ٿا. آخر منهنجي خطن کي شايع ڪيو ڇو
نٿا؟ ڀاءُ هي آخري خط آهي. شايع نه ڪيو ته پوءِ گل
ڦل خريد نه ڪندس. ادا جون جو گل ڦل دير سان مليو
سڀ سلسا بهترين هئا. خاص ڪري، ڪتو ٻلو ۽ ڀولڙو،
موچي ۽ ڄامڙا، گلاب جو گل، ڪارو سون، ڏکن پٺيان
سک، سهڻا سخن ۽ ڌٻڻ، کل ته سهي، قلمي دوستي وغيره.
شيوڪ رام، هريجن ڏيپلو ٿر.
ادا، آئون ”گل ڦل“، رسالو گهڻي وقت کان پڙهندو پيو
اچان، مگر خط پهريون دفعو لکي رهيو آهيان. هينئر
جون 1995ع وارو پرچو منهنجي هٿن ۾ آهي. پيارا ڀاءُ
اسان جي اها خواهش آهي ته رسالي گل ڦل ۾ سائنس جي
مواد کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ۽ سائنس جي مواد لاءِ
جدا جدا صفحا رکيا وڃن ته جيئن اسان جا ٻار سائنس
جي طرف زياده ڌيان ڏين. ۽ ان کان علاوه رسالي گل
ڦل جا سڀئي سلسلا تمام سٺا هلي رهيا آهن. گل ڦل جي
شاعري مون کي تمام وڻندي آهي، ۽ گل ڦل لاءِ اسان
جي اها دعا آهي ته هميشه ڪاميابي ماڻي ۽ ٻارن جي
رهنمائي ڪندو رهي.
اقرار احمد ڪولاچي ڀٽائي بوڪ اسٽور ميرپور ماٿيلو.
نتيجو رنگ ڀريو 21
هن تصوير ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا. پهريون
نمبر آيو، صفدر ڀٽو معرفت: داتا ڪريانه مرچنٽ ملڪ
محلو ڪنڌڪوٽ.
هن ڀاءُ کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.
نتيجو خال ڀريو 21
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا. جن مان
صرف هڪ ٻار جو جواب صحيح آيو. کيس رسالي جي اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
جواب: (1) قصوى 2- 1898ع 3- مراد خان 4- 1955ع 5-
سينٽ جان پليس
1- شيراز شيخ معرفت: ڊاڪٽر برڪت الله شيخ ٽيلي
گراف ورڪشاپ ڪوٽڙي.
رنگ ڀريو 23
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ جو نالو ۽
ائڊريس...............................................
خال ڀريو 23
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو. جن ٻارن جا
پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا. انهن کي ”گل ڦل“
رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي!
پاڪستان سلامتي ڪائونسل جو ميمبر، نومبر
............... سن ۾ پيدا ٿيو.
پاڪستان ۾ زرعي عجائب گهر ............... شهر ۾
آهي.
فرانس ۾ صوبن کي ............... نالي سان چيو
ويندو آهي.
پاڪستان ۾ معياري وقت ............... سن ۾ قائم
ٿيو.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ............... سن ۾
قائم ٿي.
موڪليندڙ جو پورو نالو ۽
ائڊريس........................................ |