سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1995ع

باب: --

صفحو :3

يشونت مهتا           قسط-3                ڪارٽون ڪهاڻي

چون چون چاچو

15- ٽوٽو وري سوال ڪيو ته موٽر ۾ ٻي ته ڪا خرابي ڪانهي. 16- چو چو ٻڌايس فقط ڪنهن مهل بريڪ ڪم نٿي ڪري. 17- ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٻنهي کي خبر ڪانه پيئي رستو لاهي وارو هئو. ٽوٽو رڙ ڪري چيو، چون- چون موٽر کي وراءِ وري بريڪ لڳاءِ، پر چون چون لاءِ ٻنهي مان هڪ به ڳالهه ڪرڻ ناممڪن هئي.

18- ٽوٽو چيس، موٽر کي چڱي طرح پڪڙ نه ته ڪري پونداسين.

19- راڪيٽ تيار هو، اندر سڀئي تياريون ٿي چڪيون هيون، چون چون به موٽر ڊوڙائي اچي راڪيٽ ڀرسان پهتو. 20- موٽر راڪيٽ جي دروازي مان اندر وڃڻ لڳي. (هلندڙ)

الطاف شيخ

ڏاهو کيکڙو

رنگون شهر جي ڀرسان، هڪ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي، هن ڍنڍ ۾ ننڍيون وڏيون هزارين مڇيون رهنديون هيون. جيئن ته اها بادشاهه سلامت جي ڍنڍ هئي، سو سڀ مڇيون، ان ڍنڍ ۾ خوش باش هيون. بادشاهه سلامت سڄي شهر ۾ پڙهو گهمرائي ڇڏيو هو، ته ڪوبه سندس ڍنڍ مان مڇي نه ڦاسائيندو، ان ڪري روزانو شهر جا مهاڻا مڇيون مارڻ لاءِ شهر کان ٻاهر درياءُ تي ويندا هئا. هنن ڪڏهن ڀلجي به بادشاهه جي هن ڍنڍ ڏي رخ نٿي ڪيو. ان ڪري ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون خوش ۽ حفاظت ۾ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيون هيون.

هن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ کيکڙو ۽ ٻگهه پکي پڻ رهندو هو. اهي پاڻ ۾ تمام گهاٽا يار هئا. ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون هنن کي پنهنجو مددگار ۽ دوست ڪري سمجھنديون هيون. ٻگهه پکي ڪڏهن به ان ڍنڍ مان مڇي نه ڦاسائيندو هو. کاڌ خوراڪ لاءِ هو هميشه اڏامي درياءَ تي ويندو هو، يا ڪنهن ڏورانهين ڍنڍ ۽ ڍوري تي، شام جو واپسيءَ تي پنهنجي سڄي ڏينهن جي سفر جا تجربا پنهنجي دوست کيکڙي کي ٻڌائيندو هو، ته هو ڪهڙي ڪهڙي هنڌ ويو، بک لڳڻ تي مڇيون ڪٿان ڪٿان ڦاسائي کاڌائين.

بادشاهه سلامت جي ڍنڍ جي مڇين کي جيتوڻيڪ اها ڄاڻ هئي، ته ٻگهه پکيءَ جو پيٽ گذر مڇيءَ تي آهي پر اها پڪ هين ته هو سندن نالو هرگز نه وٺندو. هنن جو ٻگهه پکيءَ تي پڪو ڀروسو هو. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري ٻگهه پکيءَ سان خبر چار به اچي ڪنديون هيون.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ٻگهه پکي پوڙهو ٿيندو ويو، ۽ هاڻ هو پاڻ کي ايترو سست ۽ ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو هو جو روزانو ڏورانهين ڍنڍن تي اڏامي وڃي، مڇيون ڦاسائڻ هن لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو. پر جيئڻ لاءِ مڇيون ڦاسائي کائڻ پڻ ضروري ڪم هو.

”هن چيو ته بادشاهه سلامت واري ڍنڍ جون مڇيون ڦاسائي ڇو نه کائجن؟“ ٻگهه پکيءَ دل ئي دل ۾ سوچيو، ”هن ڍنڍ جون مڇيون جيتوڻيڪ منهنجون دوست آهن پر سڀ به ته نه آهن.“ ان بعد هن هڪ اٽڪل سوچي.

ٻئي ڏينهن ٻگھ پکي هڪ ٻي ڍنڍ ڏي هليوويو ۽ سڄو ڏينهن اتي ئي گهاري ڇڏيو، جڏهن موٽيو ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي، کيکڙو پنهنجي ٻر ۾ گهڙي ويو هو. ۽ مڇيون سڀ سمهي رهيون هيون.

ٻئي ڏينهن صبح جو سير شڪار تي وڃڻ بدران ٻگھ پکي ڍنڍ جي وچ تي اچي هڪ ٽنگ تي بيهي اکيون بند ڪري سوچڻ لڳو. ٿوري دير بعد، کيکڙو پنهنجي ٻر مان ٻاهر نڪتو. پنهنجي جهوني دوست ٻگھ پکيءَ کي ان حال ۾ ڏسي حيران ٿي ويو.

”خير ته آهي، ڀائو ٻگهه پکي؟“ کيکڙي ٻگھ پکيءَ کان پڇيو.

ٻگھ پکيءَ آهستي آهستي پنهنجيون اکيون پٽيون. مٿي ڪيل ٽنگ کي هيٺ لاٿو. پوءِ غمگين شڪل ٺاهي کيکڙي کي خبر ٻڌائي ته هن مهاڻن جي واتان ٻڌو آهي، ته هڪ ڏينهن هيءَ ڍنڍ سڪڻ واري آهي، نتيجي ۾ هن ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون مري وينديون. هو ڪالهه کان ان ڳڻتيءَ ۾ آهي ته هاڻي مڇين جو ڇا ٿيندو. هن ڍنڍ جون غريب مڇيون جن سان هن جي تمام گهڻي دوستي هئي انهن جو ڇا ٿيندو.

ڪجھ مڇيون، جيڪي ان وقت ٻگهه پکيءَ اڳيان لنگهي رهيون هيون، اهي ٻگھه پکيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويون. پوءِ انهن مان هڪ مڙني جي طرفان ٻگھ پکيءَ کي اچي منٿ ميڙ ڪئي ته هو کين ان اوچتي ايندڙ موت کان بچائي، ٻگھ پکيءَ خوشيءَ سان سندن مدد لاءِ هائوڪار ڪئي.

”هتان تمام ويجهو هڪ ٻي ڍنڍ آهي“ ٻگھ پريشان مڇيءَ کي آٿت ڏيندي ٻڌايو.

”پر اسين سڀ اتي ڪيئن پهچي سگهنديونسين“ مڇيءَ پڇيو.

”ان لاءِ فقط هڪ ئي طريقو آهي.“ ٻگهه پکيءَ کين چيو. ”آئون روزانو ٻه چار مڇيون پنهنجي وڏي چهنب سان جهلي اوڏانهن اڏامي ان ڍنڍ ۾ اڇلي وري ٻين جي مدد لاءِ موٽي سگهان ٿو.“

ان صلاح تي سڀني رضامندي ڏيکاري پوءِ ٻگهه پکيءَ جهٽ پٽ ڪجھ مڇين کي پنهنجي ڊگهي چهنب ۾ گڏ ڪري ٻي ڍنڍ ڏي اڏامڻ لاءِ تياري ڪئي.

شام جو هو ٿڪل مهانڊو کڻي موٽيو. ڄڻ وڏو ڪم سرانجام ڏيئي آيو هجي. ٻئي ڏينهن هن مڇين کي چهنب ۾ جهلي نئين ڍنڍ ڏي روانو ٿيو. ائين ڪيترن ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.

ٻگهه پکي هاڻ پهرين کان متارو تازو توانو نظر اچڻ لڳو. آخرڪار سياڻي کيکڙي هن کي تاڻي ورتو، ”ڪٿي سندس دوست پنهنجو پيٽ قوت هن بادشاهه واري ڍنڍ جي مڇين تي ته نه ڪري رهيو آهي. پر سندس دوست اهڙو ڪريل ڪم ڪڏهن به نه ڪندو.“ ان سوچ، کيکڙي جي پچر نه ڇڏي ۽ هن معلوم ڪرڻ چاهيو، ته روزانو صبح جو ٻگهه پکي مڇين کي ڪيڏانهن کنيو وڃي ٿو.

هڪ ڏينهن کيکڙي ٻگهه پکيءَ کي ان ڍنڍ تي هلڻ لاءِ چيو جتي ٻگهه پکي روزانو مڇين کي کڻي ويو ٿي. ٻگهه پکي ڪجھ دير سوچ ۾ پئجي ويو، ان بعد نيٺ هائوڪار ڪئي. شايد اهو سوچي ته متان انڪار ڪرڻ سان کيکڙو شڪ ۾ پئجي وڃي، ڇو جو ٻگهه پکيءَ تي فرض هو ته پنهنجي دوست کيکڙي جو به ڪم ڪري.

ٻگھ پکي کيکڙي کي چيو ته اڏامڻ مهل هو سندس ڳچيءَ کي سوگهو جهلي، کيکڙي ائين ئي ڪيو ۽ ٻگهه پکي پنهنجا کنڀ ڇڏي اڏامڻ شروع ڪيو. رستي تي هو جبل، ماٿريون، باغ ٻنيون لتاڙيندا هليا. پهريون دفعو هڙا سهڻا نظارا ڏسي کيکڙو ڏاڍو خوش ٿيو. سڄي ڄمار هو فقط گپ ۾ ليٿڙيون پائيندو رهيو هو.

رستي تي کيکڙي کي هڪ ٽڪريءَ پٺيان مڇين جا ڪيترائي ڪنڊا ۽ ڇلر نظر آيا. اهو ڏسي کيکڙو اچرج ۾ پئجي ويو ۽ سندس شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته هي ٻگهه پکي پنهنجي گهر جون ئي مڇيون کائي ٿلهو ٿي رهيو آهي. ڍنڍ سڪڻ جو فقط بهانو آهي.

ڪوبه ائين مرڻ نٿو چاهي. کيکڙي هاڻ ٻگهه پکيءَ جو ڳچيءَ کي وٺي زور سان چيڀاٽيو. ٻگهه پکيءَ جڏهن ان جو سبب پڇيو ته وراڻيائين ته هيڏي بلنديءَ تي اڏامندي ڊپ ٿو لڳيم. ۽ پوءِ آهستي آهستي کيکڙي ٻگهه پکيءَ جي ڳچيءَ اتي ايڏو زور ڏنو جو هن لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو. وڌيڪ اڏامڻ بدران اتي ئي لهي پيو، جتي هو مڇيون کائي ڪنڊا ۽ ڇلر ڇڏيندو هو. پٽ تي لهڻ بعد به ٻگهه پکيءَ جي ڳچيءَ کي نه ڇڏيو ۽ ايڏو زور ڏنو جو آخر ساهه نڪري ويس. ان بعد کيکڙو آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي ويو، جتان آيو هو.

ڍنڍ تي پهچي هن باقي بچيل مڇين کي ان ظالم ٻگهه پکيءَ جي موت جي خبر ٻڌائي. مڇين ٻگهه جي موت جو ٻڌو، پهرين ڏک ٿين، پر پوءِ کيکڙي کين سڄو احوال ٻڌايو ته ڪيئن ٻگهه پکي بهانو ٺاهي روزانو مڇين کي کائي رهيو هو، جن جا ڪنڊا ۽ ڇلر هو پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهي. اهو ٻڌي مڇيون ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ کيکڙي جا ٿورا مڃيائون جنهن سندن جان بچائي.

”مهراڻ“ سنڌي

نظم

گل ڦل ۾ اڄ آئي بهار،

ننڍڙا ٻالڪ ٿيو سجاڳ!

گل ڦل آهي پيارو، پيارو،

چنڊ سان چمڪي جيئن ستارو،

روشن رهندا هي ننڍڙا ٻار،

ننڍڙا ٻالڪ ٿيو سجاڳ!

نصيحت ڀريون هن ۾ ڪهاڻيون،

ننڍڙا ڪن هن سان رهاڻيون،

موتين جو هي آ ڀنڊار،

ننڍڙا ٻالڪ ٿيو سجاڳ!

سنڌي ادبي بورڊ ڪئي هيءَ محنت،

ناهي وسارڻ جي هيءَ الفت،

ڪڍيائين گلن سندو هي هار،

ننڍڙا ٻالڪ ٿيو سجاڳ!

احسان لغاري

جهرڪي

ٽارين جا تون جهولا ٺاهي،

ڏاڍو لڏندي لمندي آن،

گيت خوشين جا ڳائي ڳائي،

ڏاڍو لڏندي لمندي آن.

چر ٻر چر ٻر ٻولي تنهنجي،

ٻولي ڏاڍي اولي تنهنجي،

ٻاتا ٻاتا ٻول سڻائي،

ڏاڍو لڏندي لمندي آن،

تاڙي توکي ٻلي سدائين،

هن کي ڏسين، پري اڏامين،

ٻلي کان تون پاڻ بچائي،

ڏاڍو لڏندي لمندي آن.

پنهنجا ٻچا نپائي ڄاڻين،

کاڌو پنهنجي چهنب ۾ آڻين،

ٻچڙن کي کاڌو کارائي،

ڏاڍو لڏندي لمندي آن.

محمح ملوڪ انڙ

ٻارن جي تربيت

دنيا ۾ ٻارن کي قومي سرمايو سمجھيو ويندو آهي.

ٻار مستقبل جا معمار ۽ آئينده جا ابا آهن، ٻار وڏا ٿي ڪري ملڪ جا سٺا شهري بڻبا ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا. اگر ٻارن تي نظرداريءَ نه ڪئي ويئي ته هيءَ قومي دولت برباد ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ٻارن کي ڪنهن به حالت ۾ نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، ۽ نه ئي انهن جي تربيت کان غافل ٿجي. اهڙي طرح ٻارن جي پرورش ۽ ان جي ذهني تربيت تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو ٻارَ قوم جو مستقبل هوندا آهن. ان لاءِ قومي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ۽ ٻارن کي اسان ڪيترو سٺو شهري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان ٻارن جي نفسيات ۽ ضرورتن کي سامهون رکي ڪري ڪارائتو چارٽ يا نقشو هيٺ ڏيون ٿا.

1.        ٻارن کي صبح سوير اٿارجي ته جيئن سوير اٿڻ جا عادي ٿي وڃن.

2.       ٻارن کي صحت جي اصولن تي عمل ڪرايو، ان سان تندرست رهندا.

3.   جيڪڏهن ٻارن کي ڪو خاص نقصان ٿي پوي ته مارڻ ڪٽڻ سان نقصان ٿيندو، اهڙيءَ صورت ۾ ٻارن کي پيار محبت سان نقصان جو احساس ڏياريو وڃي.

4.       اوهان وٽ اخبار اچي ته ٻارن کي صبح جي وقت مطالعي ڪرڻ جي هير ڏياريو.

5.   شروع سان ئي ٻارن ۾ دين جي سمجھ پيدا ڪريو ۽ هر ڪم ۾ دين جو طريقو ۽ رستو ٻڌايو، اهڙي طرح ديني تعليم ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان گڏ ٻار کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارجي بيڪار ڪتابن کان بچائڻ لاءِ ٻارن کي اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا وڃن.

6.       اگر اوهان خود ٻارن سان مهرباني ۽ محبت جو سلوڪ ڪندا ته اهو سلوڪ هو ٻين سان ڪندا ۽ سٺا شهري بڻبا.

7.   ٻارن سان ڪاوڙ ۽ سخت انداز ۾ نصيحت ڪرڻ جي بجاءِ نفسياتي طريقي سان دلچسپ انداز ۾ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ نصيحت جو طريقو اختيار ڪريو، اهڙي طرح ٻار سٺو اثر قبول ڪندا.

8.       ٻارن جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو وقت مقرر ڪريو ۽ ان تي کين پابند ڪريو.

9.       ٻارن کي غم و فڪر جي محفلن کان پري رکو.

10. ممڪن هُجي ته ٻارن جي پسند جي راندين جو گهر ۾ ئي انتظام ڪريو ۽ وڌ ۾ وڌ انهن کي گهٽين، بازارن ۽ گندن ٻارن کان پري رکو.

11.    سوئي گيس، بجلي ۽ رڌڻي ۾ باهه کان ڪنهن حد تائين ٻار کي پري رکو ۽ ماچيس جي راند ڪرڻ نه ڏيو.

12. هر قسم جون دوائون ٻارن جي پهچ کان مٿي رکو ته جيئن ٻارن جو هٿ نه پهچي سگهي، ڇاڪاڻ جو ٻار مٺيون دوائون کائي ڇڏيندا آهن، جنهن سان ٻار کي نقصان رسي سگهي ٿو.

13. ٻارن جي سامهون والدين کي مثالي نمونو اپنائڻ گهرجي، والدين جي جهيڙي جهٽي ڪري ٻارن ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿيندي آهي.

14. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ زير تعليم ٻارن جي استادن سان والدين رابطو قائم ڪن پاڻ به ٻارن جي تعليم تي نظر رکن.

15.  ٻارن سامهون ڪوڙ ڳالهائڻ يا پنهنجي مطلب لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ جي فرماش ڪرڻ سان ٻارن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت پوندي آهي تنهنڪري ان کان پاڻ کي بچائڻ گهرجي.

سنڌيڪار: مختار گهمرو              نيپالي ڪهاڻي

غلطيءَ جو احساس

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته نيپال جي ڪنهن ڳوٺڙي ۾ هڪڙو چئن ڀاتين جو هڪ غريب ڪٽنب رهندو هو. ٻه زال مڙس، هڪ سندن ڇوڪر ۽ هڪ ان ڇوڪري جو ڏاڏو. ڏاڏي ڪراڙي ويچاري سالن جا سال محنت مزدوري ڪري پنهنجي لاءِ روزي ڪمائي هئي. پر جيئن ته هاڻي هو تمام ڪراڙو ٿي ويو هو، تنهنڪري سندن هڏن چيو نٿي ڪيو، جو محنت مزوري ڪري سگهي، سو ويچاري کي زنده رهڻ لاءِ پنهنجي ننهن ۽ پٽ جي محتاجي ڪڍڻي ٿي پئي. پر هنن ٻنهي وري ڪراڙي کي پاڻ تي بار پئي محسوس ڪيو ۽ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ٿي ويا، تيئن هو ٻئي ڪراڙي کان وڌيڪ بيزار ٿيندا ٿي ويا.

ڪراڙي ويچاري جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي هئي؛ پر ان جو احساس نه سندس پٽ کي هو ۽ نه وري سندن ننهن کي. بس، جيڪو رکو سکو ٽڪر ڳڀو کيس ملندو هو، سو کائي صبر، شڪر سان گذاريندو هو ۽ ڪو لٿو پٿو ڪپڙي جو ٽڪر کيس ملندو هو ته مڙئي تن ڍڪيندو هو. پر گهڻو ڪري ويچار بک ۾ تڙپندي ۽ سردي ۾ ٿڙڪندي گهاريندو هو.

پنهنجي ڏاڏي ڪراڙي جي هيءُ حالت ڏسي، سندس ننڍڙي پوٽي کي رحم ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ کان لڪي ڇپي، هو پنهنجي کاڌي مان ڪجھ آڻي ڏاڏي کي کارائيندو هو. پر جيڪڏهن ڇوڪري جا ماءُ ۽ پيءُ کيس ڏاڏي کي کاڌو ڏيندي ڏسي وٺندا هئا ته ڏاڍو ڇڙٻيندا هئا ۽ چوندا هئس ته ”اڙي ڇورا، انهيءَ پوڙهي کي ڏيئي پنهنجو کاڌو ڇو ٿو زيان ڪرين؟“

پوڙهي غريب کي پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي انهيءَ ورتاءَ تي چڙ ايندي هئي. هو ويچارو ڪجھ ڪڇي ڪونه سگهندو هو، بس پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندو هو، پر هنن ٻنهي تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو هو جو کڻي پوڙهي سان ڪا همدردي ڪن يا سندس آرام جو ڪو خيال ڪن ويتر هو سندس دل آزاري ڪندي چوندا هئا:

”جيئن ڏٻري ڏاند تي مڇر گهڻا، تيئن پوڙهي ماڻهو کي رڳو بڙ بڙ.“

ڪراڙو ويچارو پيو مٿو پٽيندو هو، پر هنن ٻنهي وٽ ته ڄڻ ڪن ئي ڪونه هئا جو کڻي ڪجھ ٻڌن.

حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون. پوڙهي جي چيڙاڪ طبيعت سان گڏوگڏ، پٽس ۽ نهنڻس جي بدسلوڪي به وڌيندي رهي. ايتري تائين جو هاڻي ڄن ته پوڙهي ويچاري جو بار هنن جي سهڻ کان مٿي ٿي ويو؛ تنهنڪري هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هنن پاڻ ۾ صلاح ۽ مشورو ڪري، هي فيصلو ڪيو ته پوڙهي کي کڻي وڃي ڪٿي تمام پري ڇڏي اچجي، ”جتان ڪانءُ سندس هڏي نه آڻي.“

انهيءَ صلاح کان پوءِ، مڙس پنهنجيءَ زال کي چيو ته ”اڄ مان شهر ويندس ۽ بانس مان ٺهيل هڪ وڏو ٽوڪرو خريد ڪري ايندس، ۽ پوءِ انهيءَ ۾ بابي ڪراڙي کي ويهاري، پري، تمام پري، ڇڏي ايندس، جتان هو ڪڏهن به واپس وري نه سگهندو، ها، مان کيس اهڙي هنڌ ڇڏي ايندس، جتان ماڻهن جو عام رستو هجي، ڪنهن رستي جي وٽ سان ڪنهن ڇانوَ واري وڻ هيٺان.... ها، اهڙيءَ صورت ۾ بلڪل ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اتان ڪي رستي ويندڙ، پوڙهي تي ترس کائي، کيس ڪجھ کائڻ لاءِ ڏين، پائڻ لاءِ ڏين. بهرحال، کيس ضرور ڪجھ نه ڪجھ ملي ويندو.“

”ها، پر، پاڙي وارا ڇا چوندا؟“ زال ڪجھ سوچيندي مڙس کان سوال ڪيو، اڄ يا سڀاڻي، دير يا سوير، ماڻهن کي خبر پوندي؟ ڪهڙو جواب ڏينداسين اسين انهن کي؟“

”اڙي چري، تون ڳڻتي نه ڪر، مان پاڻ انهن کي جواب ڏيندس.“ چونداسين ته پوڙهو پاڻ خيشان خوشيءَ تيرٿن جون ياترائون ڪرڻ ويو آهي. ته من پڇاڙيءَ ۾ ڀڳوان جي ياد ۾ ڪي گهڙيون وڃي گذاريان ته من کي سڪون ملي....“

هنن ٻنهي زال مڙس پاڻ ۾ ملي پنهنجي پر ۾ سڀني کان لڪائي منصوبو ته ڪري ورتو، کين ته اها خبر ئي نه رهي ته سندن پٽ لڪي ڇپي سندن سڀ ڳالهيون ٻڌي ورتيون آهن.

بازار مان ٽوڪرو خريد ڪرڻ لاءِ پڻس گهر کان روانو ٿيو ته پٽ پنهنجي ماءُ کان پڇيو:

”امي ڇو ڀلا ڏاڏا ڪراڙي کي ڇو ٿا گهر مان ڪڍو....؟“

”نه پٽ! اسان ڏاڏا کي گهر مان ڪٿي ٿا ڪڍون... پر پٽ! تون اهو ته ڏسي رهيو آهين ته مون کي گهر جو ڪيڏو ڪم آهي... ۽ تنهن جو پيءُ ته ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي... ۽ تون وري ننڍڙو تنهنڪري اهو بهتر آهي ته ڏاڏي کي اهڙي جڳهه تي پهچائي اچون، جتي ڪو ته سندس سنڀال ڪري.“

ڀلا اما! اها جاءِ هتان کان ڪيترو پري آهي.....؟“

ننڍڙي ڏاڍي سٻاجهائي سان ماءُ کان سوال ڪيو. ”پٽ! اها جاءِ پري... تمام پري آهي.... ايترو پري جو توکي ٻڌائيندس ته تون نه سمجھي سگهندين... بس اها جاءِ پري آهي....“

”پر اُتي ڏاڏا ڪراڙي جي خدمت ڪير ڪندو...؟ ڪير ڪندو مهنجي ڏاڏا جي سنڀال.....؟“

ڇوڪر ڪجھ ڪاوڙ مان سوال ڪيو. ”پٽ! بس تون پريشان نه ٿي، اتي ڪو هڪ... ٻه ماڻهو ڪونهن.... ڪيترائي رحمدل انسان آهن، جيڪي هن جي خدمت ڪندا ۽ سهڻي نموني ۾ سنڀال ڪندا“ ماءُ پٽ کي پنهنجي پر ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڍڙي کي پنهنجي ماءُ جي منجهيل ڳالهه سمجھ ۾ نٿي آئي ۽ هو بيزار ٿي هليو ويو.

سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو ته، اهو شخص بانس جي تيلن جو ٺهيل هڪ وڏو ٽوڪرو کڻي اچي گهر پهتو. هاڻي هو رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن اوندهه گهري ٿئي ۽ ڪنهن کي اها خبر نه پئجي سگهي ته، هو پوڙهي کي کاري ۾ وجهي ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي.

جڏهن رات جو انڌيرو چئني پاسن ڇائنجي ويو. تڏهن همراهه اٿيو ۽ پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي ٽوڪري ۾ ويهاريايئن. پوڙهو ويچارو گهٻرائجي ويو، ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيئاين:

”هي سڀ ڇاهي.... مون کي ڪيڏانهن ٿو وٺي هلين......؟“

”بابا سائين!.... توهان کي اها ته خبر آهي ته مان ۽ منهنجي زال جنهن نموني چاهيون ٿا، توهان جي خدمت نٿا ڪري سگهون.... تنهن ڪري اسان ٻنهي فيصلو ڪيو آهي ته توهان کي اهڙي هنڌ پهچايون، جتي هر ماڻهو توهان تي مهربان هجي... ۽ اوهان سان محبت ۽ ٻاجهه ڀريو سلوڪ ڪري، ته جيئن اوهان پنهنجي باقي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذاري سگهو....“

پر پوڙهو ته زماني جو ماڻهو هو..... هو انهن ڳالهين ۾ ريجهڻ وارو ڪاٿي هو، ۽ هو سڀ ڪجھ سمجھي ويو هو ته هي سندس اولاد طرفان ڇا ٿي رهيو آهي.....

”نامراد...! نافرمان.... ڇورا....! ڪراڙي زور سان رڙيون ڪندي چيو:

”مون توکي اڄوڪي ڏينهن لاءِ... پالي تاتي جوان ڪيو هو.... منهجي محبت ۽ احسانن جو بدلو تو وٽ اهو آهي؟“

پوڙهي، پيءُ جا اهي لفظ ٻڌي ان شخص کي ڪو شرم ته ڪونه آيو، بس ويتر سندس ڪاوڙ چڙهي وئي ۽ جهٽڪو ڏئي کڻي ٽوڪرو پٺيءَ تي سٽيائين ۽ تيز تيز قدم کڻندو گهر کان ٻاهر نڪري ويو.

هي سارو لقاءُ ڇوڪرو چپ چاپ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو ڏسي رهيو هو.

سندس والد جڏهن پوڙهي پيءُ کي ٽوڪري ۾ کڻي تيز تيز قدم کڻندو گهر کان ٻاهر نڪري اونداهي ۾ هلڻ لڳو تڏهن ننڍڙو ڇوڪر به پنهنجيون ننڍڙيون وکون کڻندو پيءُ جي پٺيان هلڻ لڳو.

جڏهن ڇوڪر ڏٺو ته سندس پيءُ اونداهيءَ سمنڊ ۾ سندس نظرن کان غائب ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هن وڏو ٻوڪڙ ڪندي چيو:

”او بابا......! متان ڏاڏا ڪراڙي سان گڏ ٽوڪرو به ڦٽي ڪيون اچين.....“

اونداهيءَ جي گهيري ۾ جڏهن ڇوڪر جا چيل اهي الفاظ هوا ۾ اڏامندي، پيءُ جي ڪنن تائين پهتا.... تڏهن سندس گهٻراهٽ وڌي وئي ۽ کيس پٽ جي ڳالهه ڏاڍي عجيب لڳي.

هن مڙئي پوئتي نهاريو، پر کيس اونداهيءَ کان سواءِ ڪجھ به نظر نه آيو، پر کيس پڪ هئي ته سندس پٽ ضرور آواز ٻڌندو.

”ڇو ڇا ڪندين تون ٽوڪرو.....؟

”بابا اهو ٽوڪرو مون لاءِ وڏي ڪم جي شيءِ آهي ضرور آڻجانءِ“ ڇوڪري چيو:

”ڇو.... ڪهڙي ڪم ايندو توکي هي ٽوڪرو......؟“ پيءُ چيو: ”بابا هڪ نه هڪ ڏينهن ڏاڏا ڪراڙي وانگر..... مون کي توهان کي، به ته ڪٿي ڇڏي اچڻو پوندو، ان وقت مان ٽوڪرو ڪٿان آڻيندس.“

ڇوڪر تمام معصوم لفظن ۾ چيو.

ننڍڙي پٽ جي وات مان هيڏي وڏي ڳالهه ٻڌي سندس مغز ڦرڻ لڳو ۽ پير ڌڏڻ لڳا.... هن محسوس ڪيو ته ڄڻ پاڻ ٽوڪري ۾ ويٺو هجي. سندس پير اڳتي هلڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهيا ۽ هو اڳتي وڌڻ بجاءَ گهر موٽي آيو.

محمد عارف ڪلادي

واچوڙو

هوا گرمين جي موسم ۾ لڳندي آهي ۽ برسات پوڻ جا امڪان پيدا ٿيندا آهن.

ان کانسواءِ برسات پوڻ جو ٻيو به هڪ سبب آهي، اهو آهي مٽيءَ جو واچوڙو، ان ۾ هوا نهايت تيزيءَ سان لڳندي آهي ۽ چڪر ڪاٽيندي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هوا جو دٻاءُ طوفاني واچوڙي کان ٻاهرئين حصي تي وڌيڪ پوندو آهي ۽ اندرين حصي ۾ طوفان جي وچ واري مرڪز ڏانهن ڦرندو رهندو آهي ۽ ان هنڌ کان مٿي چڙهڻ شروع ڪندو آهي. مٿي وڃڻ کان پوءِ اها هوا برسات جو ڪارڻ ٿيندي آهي. اهڙا طوفاني چڪر ۽ واچوڙا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن به ويندا آهن. مٽيءَ جا واچوڙا ۽ طوفان پاڪستان ۾ ايراني نار ۽ روسي سمنڊ کان ايندا آهن ۽ هتي اچي برسات جو ڪارڻ ٿيندا آهن. بلوچستان ۽ اولهه وارن پهاڙن ۽ ميداني علائقن ۾ سردين جي موسم ۾ به برساتون اهڙن طوفانن جي ڪري پونديون آهن.

ٽيليوزن تي موسم جو حال ٻڌائڻ وقت، اوهين ضرور ٻڌندا هوندا ته، جن ملڪن ڏانهن هوا جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اتي مينهن وسڻ جو امڪان هوندو آهي. ۽ پوءِ واقعي به اتي برسات پوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com